20
اڄ سڀني کي ملي، ڊيم ڏانھن وڃڻو ھو.ڪم تيزي سان جاري ھو. زندگي ٿڪائيندڙ ۽ حد کان وڌيڪ مصروف ھئي. مزدورن جا مسئلا ھجن يا ڳوٺاڻن جا بدلجندڙ انداز، وقار کي سھپ ۽ برداشت جو مظاھرو ڪرڻو پوندو ھو. وقار کي اميد ھئي تہ ڊيم جي متاثرن لاءِ ڪا بھتر صورتحال نڪري پوندي. موجودہ صورتحال اھا ھئي تہ ماڻهو ٺاپر ۾ ھئا. ھونئن بہ اٻوجهہ ماڻهو صدين کان آسرن ۽ دلاسن تي وقت گذاريندا رھيا آھن.
مکي ڍنڍ جو سير يا مکي ٻيلن ۾ پسار وقار جي وندر ھئي. اڄڪلهہ جوڻيجن جي ماڙي تي لامارا ڏيندڙ باز ھن لاءِ اُتساھ جو ڪارڻ بڻيل آھن.
ھي پکي ڪيترو پري کان ھلي ٿو. ھزارين ميل پري ٿڌن علائقن کان ڪھي اچن ٿا. پوءِ ڪنھن درياھ ڪناري يا نديءَ جي پاسي ۾ ڪنھن بلند جڳھہ تي گهرڙو اڏين ٿا. ان کي ٺاھين ۽ سنوارين ٿا.
پکي جنھن نموني گهر ٺاھين ٿا اُھا بہ ھڪ قدرتي ڏات آھي. پکين جي ويجهو رھي يا سندن زندگيءَ جو مشاھدو ڪري انسان گهڻو ڪجهہ پرائي ٿو.
ھي پکي سنڌ ۾ اڻ لڀ آھي. ھن جي پرگهور لھڻ ضروري آھي. دنيا ۾ ڪيترن ئي پکين جون نسلون انساني ڪوتاھي جو ور چڙھي ويون آھن.
پکي جون ٻوليون نہ ھجڻ تہ ڪائنات ۾ ڪيڏي نہ خاموش ھجي!
وڻ نہ ھجن تہ زندگي جيڪر تتل رڻ سمان ڀاسي.
پکي ۽ وڻ ماحولياتي آلودگي جي ور چڙھيل آھن.
سنڌ جا ٻيلا ڏينھون ڏينھن ختم ٿيندا پيا وڃن.
وقار مزدورن کي ھدايتون ڏيڻ سان گڏ سوچيندو بہ پيو وڃي.
ڪرسي جي مٿان ڇٽي ڇانورو ڪري بيٺي ھئي نہ تہ اُس اڄ تکيرڙي آھي. اڄ لئي، نم ۽ ٻٻر جي خوشبوءَ ساھن ۾ سرھاڻ وکيري پئي. ھڪ وڻندڙ احساس، ان ماحول جي تازگي ۾ تري رھيو آھي. وقار کي اھڙا لمحا احساس جو تحرڪ عطا ڪن ٿا.
ھن مٿي ڏٺو جتي فش ايگل اڏامي رھيا ھئا.
ھو سندن نظرن جي تکائي کان متاثر ھو. ھزار فٽ کان بہ ھو شڪار جي چرپر ڏسي وٺندو ھو. وقار انهن پکين کي مردار جانور بہ کائيندي ڏٺو ھو. اھا ڳالهہ کيس نہ وڻي. ھن فش ايگل کي چئن منٽن ۾ھڪ پائونڊ جي مڇي ڳڙڪائيندي ڏٺو ھو. توڙي جو ھي روز شڪار نہ ٿا ڪن. ڪلائيو کيس ٻڌايو ھو تہ جڏھن ھنن پکين جو پيٽ ڀرجي وڃي ٿو تہ ھو پنھنجي ڳچي ۾ بہ ڪجهہ کاڌو محفوظ رکن ٿا، جيڪو کاڌوھضم ٿيڻ کان الڳ اُتي موجود رھي ٿو. پوءِ ننڊ يا جاڳ ۾ اھو کاڌو ھضم ٿيندورھي ٿو. ان ڪري روز شڪار نہ ٿا ڪن.
عيجب پکي آھي. وقار آسمان ڏانھن ڏٺو، جتي ڪيترا پرديسي پکي اڏامي رھيا آھن.
ڪڏھن وقت مليو تہ ھن پکيءَ تي ناول لکندس.
اھو ناول بہ عجيب ئي ھوندو. وقار سوچڻ لڳو.
اھو ڏينھن بہ اچي پھتو، جڏھن ٻئي ڏينھن انگريز ڪراچي روانا ٿيڻا ھئا. وقار رات جو ريسٽ ھائوس ۾ رات جي ماني رکي ھئي. فارينرز سانگهڙ جي مڇي تمام گهڻي پسند ڪندا ھئا.
پرڏيھين جي اھا ڳالهہ وقار کي پسند ھئي تہ ھو ھميشہ خوش ۽ ھشاش بشاش نظر ايندا آھن. شايد انڪري تہ کين معاشي مسئلن جو ڪو خاص فڪر نہ آھي. اُھي قومون جيڪي پاڻ ڀرائي جي احساس تحت اُسريون آھن. سي اڄ دنيا ۾ ڳاٽ اوچوڪري بيٺيون آھن.
ھنن کي تبديلي پسند آھي. ڊنر کان اڳ ڪچھري جو دؤر ھليو. اڄ جوليا اجرڪ ويڙھي آئي ھئي.
”تون اڄ سنڌياڻي لڳي رھي آھين.“ چارلس، جوليا ڏانھن ڏسي چيو.
سنڌياڻي لفظ تي جوليا گلاب وانگر ٽڙي پئي.
ان وقت ھوءَ واقعي سنڌ جي تھذيب جو حصو لڳي رھي ھئي.
”مان سنڌ کي گهڻو پسند ڪيان ٿي. شايد ان ڪري....“
ھوءَ ٻين کان مختلف ھئي. اڄ اداس پڻ ھئي.
ٻئي ڏينھن سڀ صبح جو روانا ٿيڻا ھئا، البتہ نسل پرست پراجيڪٽ انچارج چارلس اڳئين ھفتي انگلينڊ ويندو.
”سنڌ ۾ فطري سونھن آھي، جنھن مون کي متاثر ڪيو.“ جوليا وقار ڏانھن ڏسي چيو.
”ھا ائين تہ آھي، ھتي جا موسم خوبصورت آھن.“
”ھتي جا موسم معتدل آھن، نہ گهڻا طوفان ۽ نہ ئي بارشون. ان ڪري ھتي مثبت توانائي جو وھڪرو گهڻو آھي.“ جوليا، شين کي مختلف انداز سان پرکي ٿي.
”واقعي معتدل موسمن سان گهڻو فرق پوي ٿو.“ وقار چيو.
”ھتي جا ماڻهو بہ سٻاجها ۽ مخلص آھن، ان ڪري مان ھتان خوبصورت يادون کڻي وڃي رھيا آھيان.“ وقار کي محسوس ٿيو ڄڻ جوليا سنڌ ۾ ڪجهہ وڃائي وڃي رھي ھئي. ھڪ اڌورو احساس سندس اکين ۾ ڇلي رھيو ھو.
البرٽ، ڊيوڊ، اسٽيو، ڪرسٽينا، جوليا ۽ چارلس خوشگوار ماحول ۾ ڳالهيون ڪندا رھيا.
پر جوليا جي خاموش نظرن ۾ ڪا اڻ چيل ڪھاڻي سڏڪي رھي ھئي.
وقار، جوليا کي شاھ جي رسالي جو انگريزي ترجمي وارو ڪتاب ڏنو تہ ھوءَ تمام گهڻي خوش ٿي.
جوليا، وقار جي ڀرسان ويٺي ھئي. ھوءَ گم صم ھئي.
ڄڻ کيس انتظار ھجي تہ ڪڏھن وقت جي مکڙيءَ ۾ لڪل بند راز ٿو کُلي. پر جنھن احساس جي گلاب جي ٽڙڻ لاءِ منتظر ھئي، اُھو ھن جو نصيب نہ ھو.
ھن وقار ڏانھن ائين ڏٺو، ڄڻ سندس نظرون چونديون ھجن.
”مان تو سان محبت ڪيان ٿي.“
وقار بہ ان گهڙي جوليا کي ڏسي ٿو. سندس نظرون ڄڻ چونديون ھجن.
”مان بہ تو سان محبت ڪيان ٿو.“
پر ھو چئي نہ ٿو سگهي، ڇو تہ جوليا، مردن کان خائف آھي. ھن جي زندگيءَ جا تجربا محبت جي حوالي سان تلخ رھيا آھن. انسان جو اعتماد گهايل ھجي تہ يقين جو ٻوٽو بہ ڪومائجي وڃي ٿو. پوءِ ڀلي پيا يقين جو پاڻي ھاريو.
ٽٽل شيون ٻيھر نہ ٿيون جڙي سگهن. انهن جي جوڙڻ جي ڪوشش اجائي آھي، جي جڙي بہ وڃي تہ بہ ساڳيو خوبصورت ڏيک نہ ڏينديون آھن. وقار بہ لفظن جي بي اثر ٿيڻ کان ڊنل ھو.
”احساس سچو ھجي تہ وڇوڙي جي ڏک جي ڪا بہ حيثيت نہ آھي.“ جوليا دل ۾ سوچي ٿي.
”ڪاش مان توکي روڪي سگهان ھا جوليا!“ وقار سوچيو.
”مان توکي تمام گهڻو مس ڪندس وقار. مکي جو ماحول، پکين جون ٻوليون، چانڊوڪي راتين جو سحر گهڻا ايندا.“ جوليا جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا. ھوءَ اڌوري ڳالهہ کي لفظن جو روپ نہ ڏئي سگهي.
ڪڏھن انسان گهڻو ڪجهہ چوڻ جي چاھنا ۾ ڪجهہ بہ نہ چئي سگهندو آھي. سندس سوچ حقيقت جي ڪُن ۾ پئي ڦرندي آھي، جنھن کي وڃڻو آھي، ان کي روڪڻ جي تمنا ڪرڻ اجائي آھي.
ڪٿي پل پل جو ساٿ بہ معنيٰ رکي ٿو تہ ڪٿي سالن جا ساٿ بہ بي اثر ٿيو پون.
اکين جو بي نام تعلق بہ اھميت رکي ٿو. اڻ چيل اڌوري ڳالهہ بہ زندگي بڻجي رڳن ۾ ڊوڙندي رھي ٿي.
ٻنهي جون نظرون مليون. ٻئي مرڪي پيا. لڙڪ ۾ مرڪون ڄڻ اُس ۾ برسات پوندي ھجي!
ٻئي ڏينھن ڪنسلٽنٽ صبح جو موڪلائي ڪراچي ڏانھن روانا ٿي ويا.
جوليا ھن سان موڪلائي ڏکاري ٿي وئي. اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيس. لڙڪ لڪائڻ لڳي.
جوليا وٽ ھڪ پکيءَ جي دل آھي. ھو سوچي ٿو.
”پنھنجو خيال رکجان توھان سڀ گهڻا ياد ايندا.“ جوليا جي ڳلن تي لڙڪ لڙي آيا. ھو بہ اداس ٿي ويو.
سڀني کي خدا حافظ چوندي ھٿ لوڏيندو رھيو. جيستائين گاڏي نظرن کان پري نہ ٿي وئي.
آفيس ۾ بہ وقار جي دل نہ لڳي. ڪم مان فارغ ٿي چارلس کان حيدرآباد لاءِ ٻن ڏينھن جي موڪل گهريائين، جيڪا خلافِ توقع چارلس منظور ڪئي.
شام ڌاري حيدرآباد لاءِ نڪتو. گهر پھتو تہ شام جا ڇھ ٿي رھيا ھئا.
ارم کيس اوچتو ڏسي حيران ٿي ۽ ٻار بہ ڏاڍا خوش ٿيا. ھو بنا اطلاع ڏيڻ جي آيو ھو. اوچتي خوشي انڊلٽ جي رنگن جھڙي ٿئي ٿي. گهر ۾ خاموشي ۽ سڪون ھو. ھڪ ٿڌو ڇانورو کيس دل ۾ لھندي محسوس ٿيو.
ڊيم جو ڪم زور و شور سان جاري ھو.
سارنگ ۽ علي حسن بہ اڪثر مکي ڍنڍ تي وقار سان ملندا ھئا. جهنگلي جيوت تي سندس کوجنائون جاري ھيون.
اڄ بہ مکيءَ تي وقار مزدورن سان ڪم جي باري ۾ ڳالهائي رھيو ھو. ڪالهہ ڪلائيو کيس فون ڪري ٻڌايو ھو تہ مشھور فوٽو گرافر پال براڊس ۽ سندس زال روز لينا، فش ايگل ۽ مکيءَ جي جيوت تي ڊاڪيومينٽري ٺاھڻ لاءِ اچي رھيا آھن، ھو تقريباً ٽي ھفتا سانگهڙ ۾ قيام ڪندا. اھا خبر وقار کي ھوا جي مھڪندڙ جهوٽي جيان لڳي. ھو سڀاڻي ڪراچي ايئرپورٽ تي پھچندا. ھن باز ڪيترن ماڻهن ۾ ٿرٿلو وجهي ڇڏيو آھي، پر ھنن پکين کي پنھنجي اھيمت جو ڪو بہ اندازو ناھي. ھي پنھنجي الڳ دنيا ۾ گم آھن.
ٻئي ڏينھن آفيس ۾ ويٺو ھو تہ چارلس کيس پنھنجي آفيس ۾ سڏيو. آفيس ۾ داخل ٿيو تہ ٻہ نوان چھرا اُتي موجود ھئا. چارلس خوشگوار موڊ ۾ ھو.
”اچ .... اچ .... نوجوان ... تنھنجو انتظار ڪري رھيو ھيس. ھنن سان مل ھي انگلينڊ جو مشھور فوٽو گرافر پال براڊس ۽ سندس زال روز لينا آھي.“
”ھلو.“ وقار کين کيکاريو.
”ھيلو“ پال ۽ روزلينا يڪ زبان ٿي چيو.
پال ھي اسان جي ٽيم جو سڀ کان ڪارائتو ميمبر وقار احمد آھي. انجنيئر ھئڻ سان گڏ ايڊونچرسٽ، آرڪيالوجسٽ ۽ ڪالم نويس پڻ.
”توھان سان ملي تمام گهڻي خوشي ٿي.“ پال ساڻس ملي دلي خوشي جو اظھار ڪيو.
”ھي ٻئي باز ۽ ھتان جي جهنگلي جيوت سان ملڻ لاءِ ڏاڍا اُتاولا آھن ھا.... ھا...“ چارلس ٽھڪ ڏنو.
”پال جڏھن کان باز جو ٻڌو آھي تہ فقط ھن متعلق ڳالهائيندو رھيو آھي.“ روز لينا مرڪي چيو.
پال چالييھن سالن جو دلڪش نوجوان ھو. کلڻو ملڻو زندھ دل انسان لڳو.
سندس زال روز لينا بہ فوٽوگرافر ھئي. ٻئي بي. بي. سي لاءِ ڪم ڪندا ھئا.
”توھان کي اندازو آھي تہ سنڌ ۾ ھر سال ڪيترا پرديسي پکي اچن ٿا.“ پال، وقار کان پڇيو.
”ھون تہ دنيا ۾ پکين جا ھزارين قسم آھن، 30 اھم گروپ ۽ 172 خاندان آھن، پر سنڌ ۾ ھر سال 230 قسمن جا 30 لک پرديسي پکي اچن ٿا، جن مان 40 سيڪڙو شڪار ۽ ٻين سببن ڪري زندگي وڃائن ٿا.“
”منھنجي خيال اھو آھي تہ ھنن جي رھڻ جو بندوبست جوڻيجن جي نئين ماڙيءَ تي ڪرائي ڏي.“ چارلس چيو.
”مان اڄ ئي رکوالن سان ڳالهايان ٿو.“ وقار وراڻيو.
پال، باز بابت ڄاڻڻ لاءِ اُتاولو ھو. ھن ڪيترائي سوال وقار کان ڪيا. روز لينا بہ ان موضوع تي ڳالهائيندي رھي.
”في الحال ھنن جي رھڻ جو انتظام ريسٽ ھائوس ۾ آھي، پر ڊاڪيومينٽري لاءِ ھنن کي جوڻيجن جي ماڙي تي رھڻو پوندو.“ چارلس چيو.
”سڀاڻي ئي وڃي مان سمورو بندوبست ڪري وٺندس.“ وقار چيو.
شام تائين ھو پال ۽ روز لينا سان مصروف رھيو.
ھاسٽل پھچي تازو توانو ٿي، چانھہ پيئڻ لڳو. ذھن ۾ منصوبابندي بہ ڪري رھيو ھو تہ سڀاڻي کيس ڪھڙا ڪم ڪرڻا آھن. جوڻيجن جي اڇي رنگ جي نئين ماڙي، پراڻي ماڙيءَ کان تقريباً سؤ کن قدمن جي فاصلي تي ھوندي. اھي ٻئي ماڙيون ڀرسان ئي الڳ الڳ ٻيٽارين تي شان سان بيٺيون آھن.
جوڻيجن جي ٻي نئين ماڙي اڄ بہ مصروف ترين رھائشگاھ آھي. اڪثر شڪار جا ڪوڏيا سرڪاري آفيسر اُتي اچي رھندا آھن. حڪومت جا خاص ماڻهو، ٻاھريان مھمان ۽ بيورو ڪريٽ اڪثر اھڙي پرسڪون جڳھہ جي ڳولا ۾ ان ويران وستي کي اچي وسائيندا آھن. توڙِ سرڪاري طور تي شڪار تي پابندي آھي، پر عام ماڻهن لاءِ اھا بندش آھي، خاص ماڻهو ھتي ھر قسم جي پابندين کان آجو آھي.
سانگهڙ وارو پاسو بہ سير و سياحت جو سٺو مرڪز ٿي سگهي ٿو، جيڪڏھن سياحت کاتو ان طرف ڌيان ڏئي تہ مقامي ماڻهن لاءِ بہ روزگار جا دوازا کلي سگهن ٿا، پر ملڪ جي حالتن سبب سير و سياحت واري شعبي جو ڪم بہ سست رفتاري سان پيو ھلي. وقار سوچڻ لڳو.
اڄڪلهہ وقار ڪم ۾ ايترو تہ مگن ھو جو ھر وقت سندس ذھن ۾ مکي جو علائقو ھوندو ھو.
مکي ڍنڍ جي پاڻيءَ ۾ عجيب سحر ھو. آسمان جا منظر بہ انتھائي خوبصورت ھئا. زمين کان آسمان تائين مکي سندس من ۾ سمائجي وئي ھئي.
***