22
”ائين جيڪڏھن تيز رفتاريءَ سان ڪم ٿيندو رھي تہ وڌ ۾ وڌ ڪجهہ ھفتا لڳندا.“وقار چيو.
”توھان بلڪل ٺيڪ ٿا چئو. ڪم ايترو نہ آھي، جيتري ڪم پٺيان گھل آھي.“ سارنگ وراڻيو.
اڄ ھڪ خوبصورت ڏينھن ھو. ساوڪ اڳي کان گھري رنگ ۾ ويڙھيل ھئي. ساوڪ جي سونھن جي وچ ۾ ساھ کڻندڙ مکي جون لھرن سرشاري جي احساس ۾ جهومي رھيون ھيون.
مزدورن پٿر ڍوئڻ جو ڪم تيزي سان پئي ڪيو. ڪم ڏکيو ۽ جفاڪشي وارو ھو. پٿر کڻي ايندڙ ٻيڙي ڪناري تي بيھي پئي تہ مزدور ڊوڙندا اچي پٿر لاھڻ شروع ڪري پيا ڏين.
سج جا ڪرڻا مکيءَ جي لھرن تي رم جهم رم جهم ٻري رھيا ھئا.
مکي ماڻھن کي پنھنجي سونھن جي ڄار ۾ اھڙو ٿي ڦاسائي جو ھو واپسي جا رستا وساري ويھن ٿا. خوبصورت منظرن جي اھا ئي تہ خاص ڳالهہ آھي تہ اکين ۾پروئجي ويندا اھن. لھرن تي ڪيترين اکين جو ڇھاءُ بہ ڇلڪي رھيو ھو.
”مان خوش آھيان تہ تاريخ ۽ جهنگلي جيوت تي گهڻا نوجوان ڪم پيا ڪن.“ سارنگ وقار سان گڏ ھلندي چيو.
”ھا واقعي مان بہ محسوس ڪيان پيو تہ ماڻهن پنھنجي شھر جي تاريخ کي سمجهڻ شروع ڪيو آھي.“ وقار چيو.
”سائين تاريخ جي شعور کانسواءِ قوم مڪمل نٿي ٿي سگهي. ان شعور کي ڦھلائڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪرڻي پوي ٿي.“ سارنگ جي ڳالھہ سان متفق ٿيندي وقار چيو. ”نوجوانن ۾ بہ تاريخ سان چاھ وڌيو آھي. ماڻھو جنھن ڌرتي تي رھي ٿو، ان جو ماضي ڪھڙو ھو کيس سوال ڪرڻ کپي. آيا اھو تاريخي ورثو ھيستائين ڪيئن پھتو. اھو ڄاڻڻ ھر ماڻهو لاءِ اھم آھي.“
ٻئي ھلندا اچي ان پاسي نڪتا جتي ھنن مڇيءَ مارڻ لاءِ فشنگ راڊ رکيو ھيو. وقار ڏور پاڻيءَ ۾ اڇلائي. ڪافي دير ويٺا رھيا. ائين تاريخ جي موضوع تي ڳالھائيندا رھيا، پر مڇي نہ ڦاٿي.
”لڳي ٿو اڄ مڇي نہ ڦاسڻ جو پڪو پھ ڪيو آھي.“ وقار مايوس سان چيو.
”سائين مکيءَ ڍنڍ جي مڇي چالاڪ ٿي پئي آھي، ڏور ڏسي سڃاڻي وڃي ٿي. ھوءَ ھت ڪنھن زماني ۾ پنجاھ کان مٿي مڇي جا قسم ھوندا ھئا، جنھن ۾ ڪرڙو، موراکو، ٿيلهي، کڳو، ديو، ڄرڪو، سَرھيو، چٽو، سينگاري، منڊو وغيرہ جام ھوندا ھئا.“ سارنگ ٽھڪ ڏيندي چيو.
روز لينا ۽ پال باز ۽ ٻين پکين جي پٺيان پٺيان ھئا. مختلف زاوين کان تصويرون وٺي رھيا ھئا.
”ھي باز ڪيڏو نہ خوشقسمت آھي.“ سارنگ حسرت مان چيو.
”ھا ھي ڪيترن ماڻهن کي ھتي وٺي آيو آھي.“ وقار جواب ڏنو.
”ھي انگريز وائلڊ لائف کي ڪيتري اھميت ڏين ٿا“ سارنگ چيو.
”جهنگلي جيوت فطري زندگيءَ کي ترجمان آھي. ھي ماڻهو فطري جي ويجهو آھن. فطرت کان تحريڪ حاصل ڪن ٿا. انڪري فطري ماحول کي بچائڻ لاءِ پاڻ پتوڙين ٿا.“
”اسان وٽ تہ سائين ماڻهو کاڌي، اجهي ۽ لٽي جي فڪر ۾ ورتل آھن. سو ھو اھي ڳالهيون ڪٿي ٿا سمجهن.“ سارنگ ٿڌو ساھ ڀري چيو.
”مڇي!“ وقار کي ڏور ڳري محسوس ٿي. سارنگ ھڪدم ڏور ڏانھن ڏٺو.
”مڇي ڦاٿي آھي، معنيٰ....“
”آخر مڇي کي اسان جي حال تي رحم اچي ويو.“ وار ڏور ڇڪيندو ويو.
ھڪ صحتمند مڇي ڏور ۾ ڦٿڪي رھي ھئي.
وقار جي چھري تي فاتحانہ مرڪ ڦھليل آھي. وقار ، احمد کي گھرائي مڇي حوالي ڪئي. احمد پاڻ سان رڌ پچاءُ جو سامان کڻي آيو ھو. اتي ئي مڇي پڪڙي تري کائيندا ھئا. اڄ سارنگ گهران ماني بہ کڻي آيو ھو. احمد بہ گهران سرنھن جو ساڳ ۽ جوئر جي ماني پچرائي کڻي آيو ھو. ھر ماڻهو پنھنجي طور تي ڪجهہ نہ ڪجهہ کڻي ايندو ھو. سارنگ بہ احمد سان اُٿي ويو. وقار اُتي لھرن کي ڏسڻ لڳو. پاڻيءَ جي اندر شاندار خزاني جي باري ۾ سوچڻ لڳو. اڄ صبح جو جوليا جي فون آئي ھئي. چئي پئي سنڌ ياد ٿي اچي. سنڌ خوبصورت آھي. ھو جوليا جي ڳالهہ سان سھمت ھو تہ سنڌ جي سونھن نرالي آھي. ھو بہ سڄي دنيا گهمي آيوھو، پر سنڌ جي موسمن جھڙو مزو ڪٿي ٻئي پاسي نہ ھو. خالص رويا، مخلص ۽ مھمان نواز ماڻهن جو ديس. سنڌ جي ٻھراڙي اڃان بہ پراڻين روايتن تي قائم آھي. البتہ شھر بدلجي ويا آھن.
وقار اتان اُٿي پال ڏانھن وڃڻ لڳو. پال زمين تي چادر وڇائي ليٽيو پيو ھو. اکين تي ٽوپي رکي ڇڏي ھئائين.
ماحول ۾ مڇي جي ترڻ جي خوشبو بک کي بيحال ڪري رھي ھئي.
ٿوري دير ۾ ماني لڳي تہ سڀئي اچي دسترخوان تي ويٺا. پال ۽ روز لينا، ساڳ ۽ جوئر جي ماني شوق سان کائي رھيا ھئا. دنيا جا مختلف کاڌا ھڪ طرف، ساڳ ۽ چانورن جي ماني ٻئي طرف. ان ديسي کاڌي جو ڪو جواب ئي ڪونهي. چانورن جي ماني مکڻ سان خوشبوءَ سان واسيل ھئي.
”ھي تہ مزيدار ڊش آھي، ڪيئن پچندي آھي.“ روز لينا کي ساڳ ۽ چانورن جي ماني تمام گهڻي وڻي.
”ھا واقعي عمدو کاڌو آھي.“ پال بہ تعريف ڪئي.
مڇي بہ ٻنهي زال مڙسن کي تمام گهڻي پسند آئي. ڳُڙ ۽ مکڻ جي بصري جو وارو آيو تہ پال ۽ روز لينا وٽ لفظ نہ ھئا جو تعريف ڪن. احمد جي زال بصري تمام گهڻي مزيدار ٺاھيندي ھئي.
ھي ماڻهو تعريف دل کولي ڪن ٿا. ساراہ بہ سٺي ڪم ڪرڻ تي اُتساھي ٿي. منجهند ماني مان فارغ ٿي روز لينا ۽ پال ٻيھر مووي ٺاھڻ لڳا.
مٿي آسمان تي سپي ۽ ڪوڏ اُڏامي رھيا ھئا. سارنگ ۽ وقار ڪرسين تي ويھي ڪچھري ڪرڻ لڳا.
مکي تي ھڪ ننڍڙي دنيا آباد ھئي.
”ھي پکي مونو گيميس (Monogamous) آھي.“ وقار سارنگ جي معلومات ۾ اضافو ڪندي چيو.
سارنگ مٿي آسمان ڏانھن نھاريو، جتي پرديسي پريمي پکي آزاد مفضائن ۾ اڏامي رھيا ھئا.
”اڇا!“ سارنگ حيرت جو اظھار ڪيو.
”سندس ساٿي مري وڃي تہ پوءِ ھي پکي ڪڏھن بہ ٻئي سان ٻيھر پريت جا پيچ نہ پائيندو آھي، فقط ھڪ ساٿي سان زندگيءَ گذاري ٿو.“
”تعجب آھي.“ سارنگ چيو.
”سمنڊ تي اڏامندڙ پکي الباٽراس (Albatross) بہ فقط ھڪ ساٿيءَ سان سڄي ڄمار نڀائي ٿو.“ وقار چيو.
پسو پکيئڙا ماڻھان ميٺ گهڻو.
سارنگ، شاھ سائين جي بيت جون سٽون ورجايون.
”الباٽراس بہ محبت جي علامت سمجهيو وڃي ٿو.“ وقار آسمان تي اڏامندڙ پکين کي نظرن سان پيار جي ڀيٽا ڏيندي چيو.
”ھي پکي گهڻا سال جيئي ٿو.“ سارنگ پڇيو.
”ٽيھہ کان چاليھن سال تائين ھي پکي جيئي ٿو.“
پاڻ ۾ ٻئي ڄڻا ڳالهائي رھيا ھئا تہ ڏٺائون تہ پري کان موٽر بوٽ اچي رھي ھئي، جنھن ۾ ڪي اھلڪار ويٺا ھئا. ھنن جي ڀرسان کان لنگهي ويا. شايد ڍنڍ تي شڪار جي خيال کان آيا ھئا.
ٽپھري جي سج جا ٿڌا ڪرڻا مکيءَ جي پاڻيءَ تي پئجي جوت جيان جرڪڻ لڳا. ھوا ٿڌي ٿي وئي ھئي. خوشبوءَ ۾ واسيل جيڪا ساھن ۾ سرھاڻ پئي وکيريندي وڃي.
مزدور بہ سڄو ڏينھن ڪم ڪري ٿڪ ۾ ساڻا ٿي پيا ھئا، ٻئي پکي ۽ سندن ٻچا آسمان ۾ اڏامي رھيا ھئا، سندن وسيع پر ھوائڻ ۾ مڌر موسيقي وکيري رھيا ھئا. پکين جا ڪيترائي کنڀ زمين تي وکريل ھئا. اڳي ڀيري جڏھن ارسل ھتي آيو ھو تہ اُھي کنڀ ميڙي کڻي ويو ھو، جيڪي گهر ۾ گلدستي ۾ سھيڙي رکيا ھئائين.
اڪثر چوندو ھو تہ منھنجي دوست فش ايگل جا کنڀ آھن...
دوستن کي بہ فخر سان پَرَ ڏيکاريندي چوندو آھي.
”مکي ڍنڍ تي ھڪ وڏي ماڙيءَ تي آکيري ۾ رھندو آھي، منھنجو دوست فش ايگل، ھي ھن جا پَرَ آھن.“
اھا ڳالهہ ياد ڪري وقار جي چھري تي مرڪ ڦھلجي وئي.
سارنگ اٿي ويو تہ ھڪدم سان خاموشي ڇائنجي وئي.
پاڻيءَ جا مڌر سر ھر طرف وکريل آھن.
وھندڙ پاڻيءَ ۾ ھڪ عجيب قسم جي ڇڪ ٿئي ٿي.
وھندڙ پاڻي جو وھڪرو زندگيءَ جي علامت آھي. پاڻي ۾ فطرت جو بنادي قانون ساھہ کڻي ٿو، جيئن وجود، وڌڻ، ويجهڻ ٻيھر نئون روپ ڌارڻ. ھن بہ پاڻيءَ جي ويجهو رھي گهڻو ڪجهہ سکيو. مضبوط قوت ارادي ۽ ھلچل پاڻيءَ جو محرڪ اھن. پاڻي ذھني تخليق جي آبياري ڪري ٿو.
پاڻيءَ جون خوبيون ساڪن، پوشيدہ ۽ نواڻ آڻن ٿيون. اھي خوبيون وقار ۾ پڻ ھيون. پاڻي روحاني علاج جو ذريعو آھي. وھندڙ پاڻي روح کي روان دوان ۽ تازگي عطا ڪندو آھي. ان ڪري ھو جنھن بہ درياھ تي وڃي ٿو تہ پھريون ان ۾لھي درياہ جي پاڙن مان ڦٽندڙ ھڳاءُ کي ساھ ۾ اوتي ٿو.
اوچتو لھرن ۾ جوليا جو چھرو ظاھر ٿيو. ھوءَ کيس مرڪي ڏسي رھي ھئي. زمان و مڪان ذھني ڪشش جي اڳيان ڪا بہ حيثيت نہ ٿو رکي. ھوءَ بہ شايد انگلينڊ ۾ ڪٿي ممڪن آھي تہ ھن لاءِ سوچيندي ھئي.
جوليا جي ذھانت کيس موھيو ھو. اڄ بہ جوليا جي ڳالهين جي خوشبوءَ پنھنجي ذھن ۾ محسوس ڪندو رھي ٿو. خوبصورت سوچ ۽ لفظن جو ھو سدائين کان شيدائي رھيو آھي.
ھونئن تہ مرد کي عورت جي سونھن متاثر ڪري ٿي. ذھن جو وارو پوءِ اچي ٿو، پر جيئن ارم جي ذھانت کيس موھيو ھو تہ جوليا ٻي ڇوڪري ھئي،جنهن جي ذھن جي خوبصورتيءَ جي طلسم ۾ اڪثر ھن پنھنجي احساس کي وڪوڙيل محسوس ڪيو.
پر ھو ان احساس جو اظھار نہ ڪري سگهيو.
شايد ان وقت چؤڌاري ايترا مسئلا ھئا جو دل جي ڳالهہ زبان تي نہ اچي سگهي.
يا شايد ھن خاموش احساس جي سونھن کي وڌيڪ اھميت ڏني.
ڪڏھن اظھار لاءِ لفظ ناڪافي ٿين ٿا. ڪڏھن اظھار کانسواءِ ماڻهو پنھنجو پاڻ نامڪمل محسوس ڪري ٿو، ارم سان ھو لفظن سان اظھار گهٽ ڪندو آهي، پر جنھن هوءَ پاسي وڃي ٿي، سندس نظرون تعاقب ڪنديون آھن، خاموش اظھار ۾ ھڪ عجيب حسن ٿئي ٿو.
پر جوليا جي ساراھ ڪندي بيھي رھندو ھو تہ متان ھوءَ برو نہ محسوس ڪري.
انگلينڊ وڃڻ کان اڳ ايئن لڳندو ھو ڄڻ ڪنھن احساس پائڻ جي اوسيئڙي ۾ ھجي. اڪثر کائنس پڇندي ھئي تہ اُھا ڇوڪري ڪير ھئي، جنھن تان ارم کائنس ناراض ٿي ھئي.
۽ ھو کلي ڳالهہ ٽاري ويندو ھو. اڄ ھو محسوس ڪري ٿو تہ جوليا پنھنجي مرڪ جي چانڊوڪي ۽ نظرن جو ڇھاءُ مکيءَ جي لھرن تي ڇڏي وئي آھي..
مکيءَ جي ھوائن ۾ سندس وارن جي خوشبوءَ وکريل آھي.
سندس ٽھڪ جيڪي جهنگلي وڻن کي گهيري ننڊ مان جاڳائي ڇڏيندا ھئا، اُھي اڄ بہ ھوائن جي آلاپ ۾ محسوس ٿين ٿا.
اھي خوبصورت يادگيريون، لفظن جي سونھن ۽ ميڙاڪا زندگيءَ کي حسين بڻائين ٿا.
سڀ کان وڏي ڳالهہ اھا تہ ھوءَ مکيءَ جي ھر منظر کي ساراھيندي ھئي.
سارنگ ڀرسان اچي ويٺو تہ ھو سوچن جي جادونگريءَ مان ٻاھر نڪري آيو.
”مان اڄڪلهہ سانگهڙ ۾ موجود گاھن، ٻوٽن ۽ وڻن تي لکي رھيو آھيان، ھن مکي ۾ ٻاويھ قسمن جي گاھن تي لکي چڪو آھيان.“ سارنگ چيو.
”ھا اھو تہ تمام سٺو موضوع آھي، توکي لکڻ گهرجي. ھونئن بہ ماحوليات تي گهٽ ماڻهو ڪم ڪن پيا.“
وقار کيس ھمٿائيندي چيو. ھن جي اھا سٺي ڳالهہ ھئي تہ ھو نوجوانن کي تمام گهڻو ھمٿائيندو ھو. پنھنجون تصويرون ۽ مواد پڻ ڏيندو ھو. چوندو ھو تہ ڪم ٿيڻ گهرجي پوءِ ڪير بہ ڪري.
ائين نوجوان اڄڪلهہ جهنگلي جيوت، ادب ۽ فن تي ڪم ڪري رھيو آھي.
سنڌ جي وائلڊ لائف ھڪ وسيع موضوع آھي. ان ڏانھن گهٽ ڪم ٿيو آھي. وڻ، ٻوٽا، جڙي ٻوٽيون، جانور ۽ پکي اڻ کٽ موضوع آھن. ھتان جون وارياسي ڀٽون، نديون، وستيون ۽ وسنديون ڄاڻ جا خزانا سھيڙي منتظر آھن تہ ماڻهو اڳتي وڌي انهن کي دريافت ڪن.
”مون سوچيو آھي تہ مکي ڍنڍ جي ڀرسان رھندڙ مھاڻن جي زندگين تي بہ ڪم ڪيان.“ سارنگ چيو.
”ھا ان موضوع تي لکڻ بہ گهرجي ۽ ڊاڪيومينٽريز بہ ٺھن، جيئن شھر جا ماڻهو زندگيءَ جي ان رخ جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪري سگهن.“ وقار کيس مرڪي ڏٺو.
فش ايگل فضائن ۾ اڏري رھيا آھن. سندس اڏام ۾ ھڪ سڪون آھي. پنھنجي آکيري لاءِ گھري ڇڪ آھي. ان ڪري بار بار ماڙيءَ تي وڃي ٿا ويھن.
وقار ڪنڌ ورھائي ڏٺو. پال ۽ روز لينا، بازن جي زندگيءَ جو لمحو لمحو ڪيمرا ۾ قيد ڪري رھيا آھن. ھنن سارنگ ۽ وقار جا ويچار بہ رڪارڊ ڪيا ھئا.
”اسان جي ماڻهن کي پنھنجي وسيلن جو قدر ڪونهي، پر ھي يورپين انهن وڻن ۽ جهنگلن کي ڪيتري نہ اھميت ڏين ٿا. فطري زندگيءَ جي بقا لاءِ پڻ پتوڙين ٿا.“ سارنگ چيو.
”ھاڻ اسان وٽ بہ ماڻهو اھڙن موضوعن تي لکي رھيا آھن. آھستي آھستي جهنگلي جيوت لاءِ شعور وڌي رھيو آھي.“ وقار پنھنجا ويچار ونڊيا.
ڀرسان مھاڻا ڄار وڇائي مڇي مارڻ ۾ مصروف ھئا.
پٿرن سان ڀريل ٻيڙي ڪناري سان لڳي، احمد لٿو. پيرسن ھو پر اڃان بہ ڪم ۾ ڀڙ ھو. ڪم جو بہ تڪڙو ھو. جهٽ پٽ ۾ ڪم ختم ٿي ويندو. جلد ئي ٻيڙين مان پٿر لھرائي وٺندو. جيئن ايندو تہ ماٺ وارو ماحول، گوڙ ۽ گهمسان ۾ بدلجي ويندو. آفيسرن جي چھرن تي بہ مرڪ وکري ويندي. وقار بہ کيس مرڪي ڀليڪار ڪئي تہ ڊوڙندو آيو.
”سلام سائين.“
”وعليڪم سلام! ڏي خبر احمد، نئون تازو ڪو احوال....“
”سائين ٻيڙي ٺھرائي ھاڻ پھتو آھيان. اڄ مشڪل سان ٺھي آھي.“
اھي ٻيڙيون پراڻيون ھيون. نئين ٻيڙي مھانگي ٿي ملي، سو مھاڻا پراڻين بيڙين کي مرمت ڪرائي پيا ھلن.
احمد کي ڪنھن سڏيو تہ اوڏانھن ڊوڙندو ويو.
”ھنن ماڻهن جي قسمت الائي تہ ڪڏھن بدلبي. الائي ڪڏھن سنڌ جا پورھيت خوشحال ٿيندا.“ سارنگ ٿڌو ساھ ڀري چيو.
ڪُڙل جي آواز سان سڄو علائقو گونجي اُٿيو.
ٻئي مٿي آسمان ڏانن ڏسڻ لڳا.
”لڳي ٿو شڪار ڏسي ورتو اٿن.“ سارنگ چيو.
”ٿي سگهي ٿو خوشيءَ جو اظھار ڪندا ھجن.“ وقار اندازو لڳائيندي مٿي ڏٺو.
ھن سڄي علائقي جي سونھن ڪڙل جي ميڪ آھي. سائبيريا تان ڪھي آيل ھي پکيءَ مٺڙيون لاتيون ڳائي انسان جي احساس تي بارش جي قطرن جيان وسندا آھن. اتي ھڪ پکي اھڙو بہ ھو، جنھن جي آواز ڊور بيل جھڙي آھي.
اڄ دير تائين وقار پاڻيءَ جي ڪناري تي ويھي پسار ڪئي. اڄ ھن کي سٺو پيو لڳي پاڻيءَ ڏانھن نھارڻ ۽ سوچيندو رھڻ. پاڻيءَ جي ڀرسان ئي ھن کي قلم کڻڻ لاءِ اُتساھيندڙ خيال ايندا آھن.
اڄ سارنگ سان بہ ھن جي چڱي دير تائين ڪچھري ٿيندي رھي. اظھار بہ انسان کي بادلن جيان ھلڪو ڪري ٿو ڇڏي، بشرطيڪہ جنھن سان حال اورجي ان وٽ بہ ساڳي سمجهہ ھجي ....
”پپا ھن دفعي فش ايگل جي ٻچن کي پڃري ۾ بند ڪري اچجو“ ارسل جو آواز دل وٽان ايندي محسوس ڪيائين.
”ٻچن کي پڃري ۾ قيد ڪندس تہ پوءِ سندس پيءُ ماءُ روئيندا.“
”پوءِ اسان کي وٺي ھلو نہ .... اسان فش ايگل جا ٻچا ڏسنداسين.“ ھو وڏين اکين ۾ اوسيئڙو ڀري چوندو آھي.
ٻارن کي پکي وڻندا آھن، ڇو تہ ھو اڏامندا آھن. لغڙ، جھاز، ھيلي ڪاپٽر يا ھر اڏامڻ واري شيءَ کين پسند ايندي آھي.
اڏام لا محدود تصور جو اظھار ڪري ٿي شايد...
ٻار محدود نہ ٿيڻ چاھيندا آھن. پنھنجي خوبصورت دنيا ۾ راند جي رنگن سان کيڏندي سندن دل نہ ٿي ڀرجي. ھو ھر شيءِ سان راند ڪن ٿا. پنھنجي تصور سان بہ.
اُتي ويٺي ويٺي وقار ۽ سارنگ ايندڙ ڏينھن ۾ گهمڻ ڦرڻ جا پروگرام ٺاھي ورتا. سفر، سوچ کي متحرڪ ڪري ٿو. سفر لاءِ اڃان سوچجي ٿو تہ ذھن ۾ تازي ھوا گهلڻ لڳي ٿي. سفر تازگي ۽ سرھاڻ آهي، شايد.
وقار مٿي آسمان ڏانهن ڏسي ٿو ۽ مرڪي چيو ٿو.
”اسان پنھنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيڻ وارا آھيون.“
پر ڪنهن جون نظرون ھن تيز اڏام کان اُتساھ وٺن ٿيون. ان کان بي خبر فش ايگل مکي ڍنڍ جي نيري ڇانوري جي وسعت ۾ بيخود ٿي اڏامندو رھي ٿو.
ھنن وٽ جي انسان وارو ذھن ھجي ھا تہ ھي آسمان جي وشالتا تي الاءِ ڪيترا نظم لکن ٿا.
پکيءَ جي اڏام جو پنھنجو حسن ٿئي ٿو. پَرَن سان اڏام جو منفرد تجربو.
پري کان ھڪ واٽر بوٽ ويجهو اچڻ لڳي، جنھن ۾ ٻہ بندوق باز ويٺا ھئا. اھا بوٽ زوزاٽ ڪندي اُتان لنگهي وئي ۽ ھمراھن جا ٽھڪ ھر طرف وکري ويا.
”اڄڪلهہ مکي ڍنڍ تي گهڻا ماڻهو سير تفريح لاءِ اچڻ لڳا آھن.“ سارنگ چيو.
”ڍنڍ جي سونھن ۽ سادگي کين سڏي ٿي.“ وقار مرڪي چيو.
پاڻي ۾ آسمان ۽ پکي ھڪٻئي کان الڳ نہ آھن. باقي ھر منظر جو عڪس پنھنجي اندر سموئي ٿو ڇڏي.
ٻيھر بوٽ زوزاٽ ڪندي ڀرسان لنگهي تہ پاڻي ۾ ترندڙ آڙين ۽ ٻين پکين ۾ ٿرٿلو پئجي ويو. ھو جان بچائڻ لاءِ پرڙا ھڻڻ لڳا. ٻيڙي ۾ ويٺل آفيسرن تڪڙا فائر ڪري ڪجهہ پکي ڪيرائي وڌا.
”اڙي ... ھي ڇا ٿا ڪن.“ وقار ۽ سارنگ ڇرڪ ڀري اُٿي بيٺا.
پال ۽ روزلينا بہ ڊوڙندا آيا. مھاڻا ۽ مزدور بہ ڪم ڇڏي شڪارين کي ڏسڻ لڳا.
فائر جي آواز تي وڻن تي ويٺل پکين بہ ٽاھہ کاڌو. ھر طرف پکين جا ھيانوَ ڏاريندڙ آواز ھئا. بندوق جي ٺڪائن تي سپي بہ پنھجي آکيري مان ڀڙڪو ڏئي جيئن اُڏري تہ موٽر بوٽ ھن جي ھيٺان اچي پھتي. ٻيڙي مان ھن مٿان بہ گولين جو وسڪارو ٿي ويو. اوچتو ھڪ گولي ٽاھ کاڌل ٻچن جي ماءُ سپي کي بہ لڳي. سپي تيزي سان زمين ڏانھن اچڻ لڳي.
”اڙي ھي ڇا ٿي ويو.“ وقار بي اختيار ڊوڙڻ لڳو. پويان سارنگ بہ ڀڳو.
ڪوڏ ۽ ننڍڙا فش ايگل اڀ ڏاريندڙ ميڪاٽ ڪري رھيا ھئا. سڄي وادي سندن ميڪن سان گونجڻ لڳي.
قيامت جو منظر ھو. سپي قلابازي کائيندي ۽ رت ڳاڙيندي، سڌو اچي مکي ڍنڍ جي لھرن تي ڪري. وقار اکين ۾ لڙڪ سموئي، ڦاٽل اکين سان سپي جو ڦٿڪندڙ جسم ڏسي رھيو ھو، جيڪا پرڙا ھڻي ھڪ دم خاموش ٿي وئي.
مکي جو پاڻي پرديسي پکيءَ جي ريٽي رت ۾ لال ٿي ويو.