7
”توھان چوڪيدار کي کٽ يا ڪرسي ڇو نہ ڏني، توھان کيس زمين تي ويھڻ لاءِ ڇو چيو؟“
ٺيڪيدار جان ڇڏائڻ ۾ پورو ھو. وقار کي لڳو تہ ھتي ڪم ڪارين جا سمورا پئسا ھضم ٿي وڃن ٿا، جيڪر اڌ کائين ۽ اڌ ڪم تي لڳائين تہ بہ ڪا بھتري اچي سگهي ٿي. ٺيڪيدار کي ڪيترن معاملن ۾ مايوسي ٿي ھئي، وقار ھن وانگر نہ ھو. ٺيڪيدار جي ڪيترن آفيسرن سان پنھنجي ڌيتي ليتي ھئي. وقار چاھيندو ھو تہ ڪم پوري ايمانداري سان ٿئي. تعميراتي ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال نہ ٿئي، جيئن اڪثر ٿيندو آھي تہ بند ٽٽي ڀري پوندا آھن. ھن مھيني ۾ ڪم دؤران حادثي ۾ ٻہ ماڻهو مري ويا. چوڪيدار کان سواءِ ٻيو شخص بہ ڪجهہ ڏينھن اڳ ڊمپر مٿان ڪرڻ ڪري فوت ٿيو ھو، ھو ذات جو ڀيل ھو. وقار سندس ڳوٺ بہ ويو ھو. ڪرشن ڀيل جا ٻارڙا ننڍا ھئا، کيس ڏاڍو ڏک ٿيو. انهن مزدورن کي ڪو بہ تحفظ حاصل نہ ھو. نہ ئي اوچتي حادثي جي صورت ۾ سندن خاندان کي ڪا مدد وغيرہ ملي ٿي. ھتي صورتحال اھا ھئي تہ چوٽياري بچايو تنظيم جو صدر ڪريم الڳ ان ظلم خلاف آواز اٿاريندو ھو. وقار ۽ ھو انتظاميا جي اک جو ڪنڊو بڻيل ھئا، چارلس پڻ کائنس ناراض ھو. مزدورن ۾ بي چيني وڌي رھي ھئي، ٻئي طرف ماڻهو پنھنجي زمين کان محروم ٿيڻ تي ڪاوڙيل ھئا، انتظاميا سان چڪريون ھلي رھيون ھيون. فوجي حڪمران ھئڻ ڪري اڪثر علائقي ۾ اھڙي معاملي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ فوج اچي نڪرندي ھئي، ڪافي ماڻهو جيلن جي ھوا کائي رھيا ھئا، انجنيئرن جي گاڏي تي روز پٿراءُ ٿيڻ لڳو. ھڪ عجيب منجهيل صورتحال پيدا ٿي چڪي ھئي. وقار جي بہ روز آفيس ۾ جواب طلبي ٿيڻ لڳي ۽ ھو روز ڪنھن نہ ڪنھن ڳالهہ تي باس سان وڙھي پوندو ھو. ھن جو نقطہ نظر اھو ھو تہ ھڪ عام ماڻهو کي حقن جو تحفظ ڏيڻ گهرجي، ماڻهو ان ڪري احتجاج ڪري رھيا آھن، جو سندن استحصال ٿي رھيو آھي.
وقار پنھنجي خيمي ۾ ويھي ڪم جو جائزو وٺي رھيو ھو تہ ڪريم اندر آيو.
”اسلام عليڪم.“
”وعليڪم اسلام.“ وقار کي محسوس ٿيو تہ ڪريم پريشان ھو.
”ڏي خبر ڪريم! ڇا حال احوال آھي؟“ وقار کائنس پڇيو.
”سائين! ڳوٺاڻن ۾ بيچيني ڦھليل آھي، ماڻهو مرڻ مارڻ لاءِ تيار ٿي ويٺا آھن. ھڪ تہ سندن مسئلا حل نہ ٿيا آھن، مٿان وري اعليٰ اختياري وارن ڊيم تي ماڻهن کي ھيسائڻ لاءِ فوج ۽ پوليس موڪلي آھي.“ ڪريم جذباتي ٿيندي چيو.
”ھون تہ اھا ڳالهہ آھي“ وقار جي چھري تي ڳڻتي جا آثار صاف نظر اچڻ لڳا.
”سائين ھتان جو ماڻهو سادو ۽ سٻاجهو آھي، ھن سان ويساھ گهاتي ڪن پيا، سندن وات جو گرھ کسيو ويو آھي، مٿان نہ ڪو داد نہ ڪو فرياد.“
”تون ٺيڪ ٿو چوين. ڪريم تون پاڻ کي اڪيلو نہ سمجهجانءِ ، اصولن جي ان جنگ ۾ مان تو سان گڏ آھيان، ماڻهن کي دل جاءِ ڏي تہ ان مسئلي جو ڪو حل نڪري ايندو.“
آٿت ملڻ کان پوءِ ڪريم جي چھري جو ھيڊرو رنگ واپس اميد جي رنگ ۾ تبديل ٿيڻ لڳو. نياز چانھ کڻي آيو. نياز سٺي چانھ ٺاھيندو ھو. پيئڻ واري جا ٿڪ ئي لھي ويندا ھئا.
انھن سادن سودن ماڻهن کي ٿوري ھمدردي سڪون ۾ آڻيو ڇڏي. ڪريم جي وڃڻ کان پوءِ وقار سوچ ۾ پئجي ويو. ھڪ پاسي چوٽياري جي ماڻهن ۾ بي چيني وڌي رھي ھئي تہ ٻئي پاسي اتي ڪم ڪندڙ انگريز آفيسر پريشان ھئا. سندس باس چارلس پڻ وقار کان ناراض رھڻ لڳو ھو، ڄڻ ھو ان مسئلي جو ذميوار ھجي. ڳالهہ رڳو ايتري ھئي تہ مکي موومينٽ، چوٽياري دوست تنظيم ۽ متاثرين مکي تنظيمن جا صدر ھن جا دوست ھئا. چارلس جو خيال ھو تہ ھو کين سمجهائي چوٽياري جي ماڻهن مان بيچيني ختم ڪري، جڏھن تہ وقار جون ھمدرديون اتان جي رھواسين سان ھيون. ٻئي پاسي وقار ذميوار آفيسر ھو، ان ڪري ھو ان پروجيڪٽ جي ضرورت ھو. اھي پروجيڪٽ ڪروڙين رپين جا ھئا، جن تي راشي آفيسر وڏيون سفارشون ڪرائي ۽ وڏو مال ڏيئي مقرر ٿيندا ھئا، جڏھن تہ وقار کي ايمانداري ۽ ٻاھران انگلينڊ مان ڊيمز جي تعميراتي ڪم جي سکيا وٺڻ ڪري، انگيز آفيسر ترجيح ڏيندا ھئا، پر وقار جي پنھنجي زندگي عذاب ھئي. ڪم دوران جڏھن ھو ڏسندو ھو تہ ڪامورا فنڊن ۽ شين ۾ گهوٻيون ھڻن ٿا تہ ھو کين روکيندو ھو، جنھن تي اڪثر اعليٰ اختياري وارا کائنس ناراض ٿي پوندا ھئا، ڇو تہ ھتي ننڍن آفيسرن کان مٿي تائين ڀتي خور مافيا آفيسر موجود ھئا. وقار جي ڪري گهڻن راشي آفيسرن جو سڻڀو گرھ بند ٿي ويندو ھو. ھن ملڪ کي ڪرپشن تباھ ڪيو آھي. راشي آفيسر غريب عوام جي حقن جو استحصال ڪن ٿا، مزدور کي سندس ڪم جي مناسب اجرت نہ ٿي ڏني وڃي، نہ ئي کين ڪو تحفظ حاصل آھي. غريب ماڻهو غريب ۽ بدحال ٿيندا وڃن ٿا، رڳو اميرن کي ئي جيئڻ جو حق آھي.
پرڏيھي سيڙپ ڪندڙ ڪمپنيون ۽ ھتان جا صنعتڪار ٽجوڙيون ڀرڻ ۾ لڳا پيا آھن. عام ماڻهوءَ جي معيار زندگي کي بھتر بنائڻ لاءِ ڪير بہ نہ ٿو سوچي. ھتي پورھيت جو ڪو حال ناھي، انسان جو ڪو قدر ناھي، رڳو پئسي کي مان حاصل آھي. اھي ناانصافيون ۽ حق تلفيون ڏسي وقار کي ڏک ٿئي ٿو. جيڪڏھن روينيو کاتو يا راشي آفيسر مکيءَ جي آسپاس زمينن جا پئسا نہ کائين ھا تہ اڄ اھي مسئلا ڪر نہ کڻن ھا. ماڻهو چوٽياري ڊيم ٺھڻ جي خلاف ھئا، ڇو تہ ان ڊيم جي ڪري سندن زمينون کسجي ويون. ائين اڳتي بہ کين ڊيم ٺھڻ کان پوءِ وڌيڪ زمينون سم سبب ختم ٿيڻ جو امڪان نظر اچي رھيو ھو.
پراجيڪٽ انچارج چارلس بہ اوچتو معائني تي اچي پھتو. ھن سان ڊيوڊ ۽ جوليا بہ گڏ ھئا. چارلس جو موڊ خراب ٿي لڳو. ھو ھروڀرو ٺيڪيدار کي ڌڙڪا ڏيڻ لڳو. ھڪ انجنيئر کي الڳ ڇنڊ پٽيائين. ڪم ۾ بہ ھروڀرو نقص ڪڍي رھيو ھو. وقار الڳ ھن کي کتا جواب ڏيئي رھيو ھو. پوءِ چارلس ڏٺو تہ مزدور ميڙ ڪري اچي ھن جي ڀرسان بيٺا آھن ۽ کيس گهوري رھيا آھن تہ پوءِ وڃي ڪجهہ خاموش ٿيو. خيمي ۾ بہ کيس سک نہ ھو. ٻئي طرف جوليا جي چھري تي وحشت جا آثار صاف نظر اچي رھيا ھئا. ڊيوڊ، وقار سان تازي صورتحال تي ڳالهائي رھيو ھو.
”تون ڪيئن بہ ڪري ماڻهن کي خاموش ڪراءِ“ چارلس جو لھجو تيز ھو.
”ماڻهن کي پنھنجا پئسا واپس ملڻ گهرجن.“ وقار خار مان جواب ڏنو.
”اھو اسان جو مسئلو ناھي، ماڻهو قانون سان رجوع ڪن، قائدي طور تي کين ڪا پٺڀرائي حاصل ٿي سگهي ٿي.“
چارلس کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
”ماڻهن وٽ ايترو پئسو ناھي، جو روز روز عدالت ۾ وڃي سگهن. ماڻهو زمين کسجي وڃڻ ڪري معاشي طور ڪمزور ٿي ويا آھن. توھان ان ڳالهہ کي سمجهو نٿا. ماڻهن جو خيال آھي تہ کين متبادل زمينون ڏنيون وڃن. “ وقار جي ڳالهہ ٻڌي ڏيکاءَ طور چارلس مرڪي ڏنو.
”ماڻهن جو خيال مشڪل ئي حقيقت بڻجي، ڇو تہ کين پنھنجي حقن وٺڻ جو طريقو نہ ٿو اچي. ڇو تہ لٺيون کڻي ۽ پٿراءُ ڪري حق نہ وٺبا آھن.“ پوڙھي چارلس ڪٽ کائيندي چيو.
”ماڻهن جي ڳالهہ ٻڌي يا سندن مسئلن جو وقتائتو حل ڳوليو وڃي تہ اھڙي نوبت نہ اچي.“ وقار بہ ساڳي لھجي ۾ وراڻيو.
”ڏوھ ماڻهن جو آھي جو انتظاميا جي فيصلن کان بي خبر رھن ٿا.“
”ھتي ماڻهن کي ڄاڻي واڻي بي خبر رکيو وڃي ٿو، جيئن ھو پنھنجي حقن لاءِ وڙھن پيا تہ ڪامورا ناراض ٿي رھيا آھن.“ باس جي ڳالهہ ٻڌي وقار وراڻيو.
”ٽيبل ٽاڪ ٿيڻ گهرجي.“ چارلس چيو.
”ھتي اسان وٽ ٽيبل ٽاڪ جو دستور ناھي، ھتي انتظاميہ ماڻهن تي پنھنجا فيصلا مڙھي ٿي، پوءِ ماڻهو رڙيون ڪندا ۽ جارحاڻو رويو اختيار ڪندا آھن.“
وقار جي ڳالهہ ٻڌي چارلس ڪجهہ ٿڌو ٿيو.
”يار توھان وٽ سڄو مسئلو ڪرپشن جو آھي، ڪرپشن ختم ٿيڻ گهرجي.“
چارلس مسئلي جو حل ڏيندي چيو.
”چوٽياري ڊيم ٺاھڻ وقت ئي اھو فيصلو ڪرڻو ھو تہ جن ماڻهن جون زمينون متاثر ٿينديون، انهن کي پئسا ڏنا ويندا، پر ائين نہ ٿيو. وچان اسان جا آفيسر، اعليٰ اختياري وارن سان ملي ڪوڙا کاتا ٺاھي، رقم ھضم ڪري ويا ۽ سر!... اھا اڄ جي ڳالهہ ناھي، پر ھميشہ عام ماڻهوءَ سان زيادتي ٿي آھي.“ وقار جذباتي ٿي ويو.
جوليا ۽ ڊيوڊ خيمي ۾ داخل ٿيا، اڄ جوليا خوش ھئي ۽ ڊيوڊ بہ خوشگوار موڊ ۾ ھو. جوليا کي ڏسي وقار جي چھري تي مرڪ ڇائنجي وئي.
”مان ڀرت ڀريل ڪپڙا وٺڻ چاھيان ٿي.“
جوليا وقار کي چيو، پيلي ۽ ڪاري رنگ جو لباس پھريل ھوءَ ڪا پوپٽي لڳي رھي ھئي.
”ھا ضرور، اڄ ئي شام مان توھان کي بازار وٺي ھلندس.“
وقار کيس مرڪي جواب ڏنو.
”ٽينا کي سنڌي رليون بہ وڻنديون آھن.“جوليا چيو
”اھي بقار ڳوٺ مان ملي وينديون، پوءِ ائين ٿا ڪريون تہ سڀاڻي بقار ڳوٺ ٿا ھلون، رلين سان گڏ ڀرت ڀريل ڪپڙا بہ ڏسي وٺجو.“
وقار جون اکيون جوليا جي سونھن جا ڍڪ ڀريندي خاموشي جي زبان ۾ ڳالهائي رھيون ھيون ۽ جوليا اکين جي تپش محسوس ڪري ڳلن جي لالي لڪائڻ کان قاصر ھئي.
جوليا ۽ ڊيوڊ مقامي ماڻهن سان ماحوليات جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ آيا ھئا. جوليا کي ڪجهہ عورتن جا ويچار ٻڌڻا ھئا. نياز جو گهر بقار ڳوٺ ۾ ھو. چارلس سان واپس ھليو ويو، جوليا ۽ ھو ڳوٺ ڏانھن روانا ٿيا.
سج جي روشني ۾ ساوڪ جو رنگ ٽڙي پيو ھو. سياري ۾ پاڻي جي ڀرسان ٿڌي ھوا جا وھڪرا موسم کي تھائين حسين بڻائي ڇڏين ٿا. ھن خطي ۾ ھڪ مخصوص سرھي سار فضائن ۾ ترندي رھي ٿي. سج جا ڪرڻا پاڻي تي ڏياٽين جيان ٻري رھيا ھئا. پريان ھڪ بتيلو ڪنول جي گلن جي ڀرسان لنگهي رھيو ھو، جتي مھاڻا پاڻيءَ مان بھ ڪڍي رھيا ھئا.
”ھو ڪنول جا گل ڪيترا نہ خوبصورت لڳي رھيا آھن. ھي ڪنول جي گلن مان ڇا ڪڍي رھيا آھن؟“ جوليا حيران ٿي پڇيو.
”ھي ڪنول جي پاڙ مان بھ ڪڍي رھيا آھن، جيڪا سبزي طور استعمال ٿئي ٿي.“ وقار وراڻيو.
”اڇا!“ جوليا حيرت مان چيو.
ان کان علاوہ ھڪ ميوو بہ انهن گلن مان ملي ٿو، پٻڻ جي نالي سان.
”پن بڻ“ جوليا نالو اچارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سڀ کلي پيا.
”ان جو ذائقو مٺو آھي يا کٽو؟“ جوليا پڇيو.
”نہ مٺو آھي نہ کٽو آھي.“ وقار جواب ڏنو.
”حيرت آھي، ڇا ھي ميوو ھتان ملي ويندو.“
”ھا ضرور.“ وقار گاڏي روڪي ٿو، اتي ڪم ڪندڙ عورتن کان پٻڻ وٺي جوليا کي ڏئي ٿو.
”اچي تون بہ کاءُ ڊيوڊ.“ جوليا ڊيوڊ ڏانھن پٻڻ وڌائي ٿي.
”ھي ڪيئن کائبو آھي.“ جوليا وقار ڏانھن ڏسي ٿي. وقار جوليا جي ڀرسان ويٺو ھو، کيس ٻڌائڻ لڳو تہ پٻڻ ڪيئن کائبي آھي.
”ھي تہ مزيدار ٻج آھي.“ جوليا مزي سان پٻڻ کائڻ لڳي. بقار ڳوٺ، نياز جي گهر پھچي، جوليا عورتن سان ويچار ونڊيا. ڳوٺ خوبصورت ھو. ھڪ سڪون جو گھرو ڇانورو ڳوٺ جي وڻن مان ڇڻي رھيو ھو. جوليا ڳوٺ جا ماڻهو ۽ رھڻي ڪھڻي ڏسي متاثر ٿي ۽ چوڻ لڳي.
”اسان بہ ساوڪ وارا علائقا پسند ڪندا آھيون، ٻھراڙي واري پاسي ماڻهن جون زمينون ورتل آھن، فارغ وقت ۾ اتي پوک ڪندا آھن.“
”ھا انگلينڊ ۾ رھڻ دوران مون پاڻ بہ اھا ڳالهہ نوٽ ڪئي ھئي تہ اتي ماڻهو ساوڪ سان پيار ڪن ٿا، ڇو تہ ساوڪ ماڻهن کي توازن ۾ آڻي ٿي. سڄو ھفتو ماڻهو ڏينھن رات ڪم ڪن ٿا، رڳو کين موڪل جو ڏينھن ئي ملي ٿو. ان ۾ ٻوٽن ۽ ڀاڄين جي سار سنڀال لھن ٿا.“ وقار جيڪو انگلينڊ ۾ ڪجهہ عرصو پڙھي آيو ھو. ان پنھنجو خيال ظاھر ڪيو.
پر مون ڏٺو آھي تہ ھتي ماڻهو پنھنجي پوک نہ ٿا ڪن، کين باغباني جو ڪو شوق ناھي.“ جوليا جواب ڏنو.
”نہ ائين نہ آھي، کين ٻيا بہ گهڻا ڪم ڪرڻا ھوندا آھن.“ وقار مرڪي چيو.
”مون تہ ڏٺو آھي تہ ھتي ماڻهو پاڻ ڪم گهٽ ڪن ٿا، ھر گهر ۾ نوڪر چاڪر آھن.“
”فرصت بہ تہ ھڪ ڪم آھي نہ.“
”ھا ائين تہ آھي.“ جوليا کلي پئي.
”واپس ھلون.“ وقار جوليا کان پڇيو.
”ھا منھنجي خيال ۾ ھلڻ گهرجي.“
نياز ڳوٺ ۾ رھي پيو، وقار ڊرائيونگ ڪرڻ لڳو، جوليا ڀرسان ويٺي ھئي ۽ گھري سو چ ۾ ھئي.
”ڇا ٿي سوچين!“ وقار پڇيو.
”اھا ڳالهہ سوچيان ٿي تہ سنڌ جو ڪلچر ڪيڏو نہ شاندار آھي.“ اھي لفظ ٻڌي مکيءَ جا منظر اجري پيا.
***