ناول

مَکيءَ کان موڪلاڻي

ھي ناول سانگهڙ جي تاريخ، جنگلي جيوت ۽ فش ايگل پکيءَ جي پس منظر ۾ لکيو ويو آھي. ناول ۾ حر تحريڪ ۽ آثار قديمہ جو ذڪر پڻ شامل آھي. ناول جي ڪھاڻي دلچسپ ۽ تجسس سان ڀرپور آھي، جنھن ۾ نوان موڙ ايندا رھن ٿا.  ماحوليات ۽ جنگلي جيوت جي حوالي سان ھي منفرد ناول آھي، شبنم گل ھن ناول ۾ سانگهڙ جي محنت ڪش مزدورن، مھاڻن، پکائين ۽ ھارين نارين جي مسئلن جي ترجماني بہ ڀرپور انداز ۾ ڪئي آھي. ھن ناول ۾ مکي ڍنڍ جي تباھيءَ سان گڏ اتان جي رھاڪن تي آيل مصيبتن جو احوال پڻ آھي.

  • 4.5/5.0
  • 177
  • 36
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شبنم گل
  • ڇاپو ٻيون
Title Cover of book Makhi Khan Moklani

3

شام سمي، سانگهڙ شھر ڄڻ ٻيھر ماضيءَ سان ملي وڃي ٿو. ريسٽ ھائوس ۾ ھلچل ھئي، اتي رات جو ڊنر جو پروگرام ھو. وقار سموري انتظام جي نگراني ڪري رھيو ھو. ريسٽ ھائوس کان ٻاھر روڊ تي شام جا پاڇا لھي آيا. ھوائون ھوريان ھوريان ساھ کڻڻ لڳيون. ھڪ ٽانگو روڊ تان وڃي رھي آھي. گهوڙي جي سنبن جو آواز خاموش روڊ تي گونجي رھيو آھي.
ٽپ ٽاپ، ٽپ ٽاپ....
اھا ٽاپولي قديم دؤر سان مشابھت ڏيئي رھي ھئي. قدامت خوبصورت آھي. قدامت ۾ فطري پڻو آھي. شيون خالص مزاج سبب پنھنجي الڳ سڃاڻپ رکن ٿيون. دؤر بدلجي وڃي پر انهن شين جي اھميت برقرار رھي ٿي. البت نج پڻي کي برقرار رکڻ ھڪ ڏکيو مرحلو آھي. دنيا تڪڙي تبديل ٿي رھي آھي. قديم کان جديد ڏانھن سفر ڪري ٿي. جديديت ۾ ھڪ گھري ڪشش آھي. ان ڪري نئون نسل جديد شين ڏانھن ڊوڙي ٿو. ائين قديم ۽ جديد روين ۾ تضاد شروع ٿي وڃي ٿو. بلڪل ائين ئي نئين ۽ پراڻي پيڙھيءَ ۾ سوچ جي وٿي آھي. قديم رويا بي لچڪ آھن. ٻئي پاسي جديد رويا انسان جي انفرادي آزادي جي ڳالهہ ڪن ٿا، جڏھن تہ قديم رويا اجتماعي سوچ جو حوالو ڏين ٿا.
ڏوھ اسان جو آھي. اسان پنھنجي نسل کي تاريخ ۽ ثقافتي ورثي کان واقف نہ ڪيو آھي. اسان کين تاريخ جو شعور نہ ٿا ڏيون. تاريخ ھڪ آئينو آھي. اسان جي ھر سٺي ۽ بري عمل جو عڪس جنھن ۾ نظر اچي ٿو. وقار ۽ سندس دوستن سانگهڙ جي ڪجهہ نوجوانن کي ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو آھي، جيڪي تاريخ ۽ جهنگلي جيوت تي ڪم ڪري رھيا آھن.
مھمان اچڻ شروع ٿي ويا آھن. ٿوري دير ۾ ريسٽ ھائوس جو ڊرائنگ روم مھمانن سان ڀرجي ويو. ماحولياتي ٽيم جا ميمبر البرٽ، ڊيوڊ ۽ جوليا اچي چڪا آھن. چارلس، حسب معمول ڊاڙون ھڻڻ ۾ مصروف آھي. چوٽياري ڊيم تي ڪم ڪندڙ ٽيڪنيڪل آفيسر اسٽيو، پنھنجي زال ٽينا ۽ ٻن مھينن جي ڌيءَ اسڪارليٽ جوائي سان گڏ پھچي چڪو آھي. جوليا ۽ ٽينا ھڪ پاسي ويھي ڪچھري ڪرڻ لڳيون. وقار، چارلس جي ڀرسان اچي ويٺو. جتي ڊيوڊ ۽ البرٽ، فش ايگل جي باري ۾ ڳالهائي رھيا ھئا.
ڊيوڊ ان حوالي سان پرجوش ھو.
”اھا ماڙي جتي فش ايگل جو آکيرو آھي. اھا زبون حالت ۾ آھي. ان کي مکي ڍنڍ جي پاڻيءَ کان خطرو آھي، ان کي بچائڻ گهرجي.“
ڊيوڊ جي راءِ جي پراجيڪٽ انچارج چارلس بہ پوئيواري ڪندي چيو:
”ھا بلڪل ڇو تہ اتي فش ايگل جو سالن کان جوڙيل آکيرو آھي. فش ايگل جي ان گهر کي بچائڻ گهرجي.توھان ماپون ڪري مون کي ٻڌايو تہ جوڻيجن جي ماڙي جي چوڌاري پاڻي جي سطح ڪيتري آھي ۽ ماڙي بچائڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟“
”منھنجي خيال ۾ اسان ٽاورز ٺاھيون، جيڪڏھن اھا ماڙي ڊھي پوي تہ پکي ٽاورز تي پناھ وٺي سگهن.“ البرٽ چيو.
”ان باري ۾ سوچي سگهجي ٿو، پر جيڪڏھن پکي انهن تي نہ ويھن تہ اھي ٽاور بي ڪار ويندا.“ اسٽيو چيو.
”منھنجي خيال ۾ حل اھو ئي آھي، جيئن ڊيوڊ صاحب چيو تہ جوڻيجن جي ان قديم ماڙيءَ کي بچائڻ گهرجي، جيئن فش ايگل جو اھو آکيرو اتي برقرار رھي سگهي.“ وقار حل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.
”بلڪل مان بہ اھا ئي تجويز ڏيندس.“ اسٽيو، وقار جي ڳالهہ سان سھمت ٿيندي چيو.
ان سموري بحث مباحثي کان پوءِ، ڊيوڊ ان نتيجي تي پھتو تہ ھو فش ايگل کي بچائڻ لاءِ ھڪ الڳ پراجيڪٽ منظور ڪرائي سگهي ٿو، جنھن لاءِ سمورو تفصيل وقار کي جمع ڪرائڻو پوندو. وقار کي اھو ٻڌي خوشي سان گڏ حيرت بہ ٿي تہ ھي انگريز جهنگلي جيوت ۽ انهن پکين سان ڪيتري نہ محبت ڪن ٿا. ھتي زندگي ڪيتري تہ مختلف آھي. انسان جيڪو اھم ھئڻ گهرجي، اڄ ھتي ڪيترو نہ بي وقعت ٿي چڪو آھي.
”مون کي ھتي خوف محسوس ٿئي ٿو، مون ٻڌو آھي تہ ھن علائقي ۾ اڃان بہ ڌاڙيل موجود آھن.“ جوليا خوفزدہ لڳي.
”ڌاڙيلن جي سرپرستي تہ توھان جو ملڪ بہ ڪري ٿو. انگلينڊ ھڪ بحري قزاق فرينسس ڊريڪ کي سر جو خطاب ڏنو، جنھن جي ڪن ڪٽڻ تي برطانيا ۽ فرانس ۾ ويھ سال جنگ ھلي.“ وقار جذباتي ٿي ويو.
ماحول گنڀير ٿي ويو، چارلس، گلو صاف ڪري ٽوڪ واري انداز ۾ وقار سان مخاطب ٿيو.
”تون پنھنجي تاريخ جي حوالي سان تمام گهڻو جذباتي آھين.“
پوءِ ھڪ کوکلو ٽھڪ ڏئي ٿو ۽ ڳالهہ جو رخ ڦيرئي ويو. ھي انگريز سدائين کان ھوشيار آھن. جتي ڏسن ٿا سندن قوم تي حرف اچي ٿو، اتي خوبصورتي سان نٽائي وڃن ٿا. وقار ڳالهہ کي جاري رکندي چوڻ لڳو:
”ايتريقدر جو انگريز ليکڪن، حر تحريڪ جي متوالن کي ڌاڙيلن جو لقب ڏنو، جڏھن تہ اھي پنھنجي ڌرتي لاءِ وڙھي رھيا ھئا.“
”مون کي تاريخ سان ايتري دلچسپي نہ رھي آھي.“ چارلس وقار جو تيز لھجو محسوس ڪري ڳالهہ نٽائيندي وراڻيو.
”منھنجي خيال ۾ اسان موضوع کان ھٽي ويا آھيون.“ رچرڊ معاملي کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي.
”اسان جو اصل موضوع آھي، ماحوليات. اسان ھتي انڪري آيا آھيون جو ڏسي سگهون تہ چوٽياري ڊيم ٺھڻ سان ھن علائقي جي ماحول تي ڪھڙو اثر پوندو. مون ڏٺو آھي تہ ماڻهن جي ذھنن ۾ جيئن تہ ڊيمن جي حوالي سان ڪيترائي انديشا رھن ٿا. انهن ڊيمن جي ٺھڻ جو مقامي ماڻهن جي وسيلن ۽ روزگار تي نہ صرف اثر پوي ٿو، پر ماحولياتي گدلاڻ پڻ وڌي ٿي. اھو تاثر منھنجي خيال ۾ بلڪل غلط آھي.“
”مان، ڊيوڊ جي ڳالهہ سان سھمت آھيان. ڇو تہ چوٽياري ڊيم ٺھڻ سان پاڻي جي کوٽ پوري ٿي سگهندي، وڌيڪ ٻنيون آباد ٿينديون.“ چارلس سگار جو وڏو سوٽو ھڻندي جملو پورو ڪيو.
”منھنجي خيال ۾ اڄ اھو طئي ڪري وٺون تہ فش ايگل کي بچائڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي!“ ڊيوڊ وري واپس موضوع تي ايندي چيو.
”مان سڀاڻي ٻيھر ماڙي جو جائزو وٺڻ ويندس. تفصيل گڏ ڪرڻ بعد مان پنھنجي رپورٽ پيش ڪندس.“ وقار جواب ڏنو.
”تون سڀاڻي کان ان نئين پراجيڪٽ تي ڪم شروع ڪري ڏي.“ ڊيوڊ وقار کي ھمٿائيندي چيو.
ڳالهين مان فارغ ٿي سڀ ماني کائڻ لڳا، ڊنر ۾ مڇي جو ٻوڙ سڀني کي پسند آيو.
”ھي تمام لذيذ مڇي آھي، مون ان کان اڳ اھڙي مزيدار مڇي نہ کاڌي آھي.“ جوليا، وقار ڏانھن ڏسي چيو.
”سنڌ ۾ مکي جي مڇي جي خاص لذت آھي، ڇو جو اھا ڍنڍ ۾ پيدا ٿيندڙ قدرتي گاھ کائي ٿي. ھي مکي ڍنڍ جي خاص ڪُرڙو مڇي آھي.“ وقار مرڪي وراڻيو.
ٻاھر ماڪ ڀنل رات ھوريان ھوريان پنھنجا وار پکيڙي رھي آھي. سانت ۾ ستارا وڌيڪ نمايان لڳن ٿا. ڪنھن ناريءَ جي مک تي جرڪندڙ چنريءَ جيان.
”مون کي ۽ ٽينا کي ھتي عورتن جو لباس بہ وڻي ٿو، اسان کي شاپنگ ڪرڻي آھي.“ جوليا ڳالهہ مڪمل ڪري وقار ڏانھن نھاريو.
وقار اھو ٻڌي خوشيءَ مان ٽڙي پيو. ھونئن بہ ان وقت جوليا ڪاري ڊگهي اسڪرٽ ۽ چاندي جي زيورن ۾ حسين لڳي رھي ھئي. ڊگهي موتين جي مالا سندس ڳچيءَ جي سونھن وڌائي ڇڏي ھئي. ھوءَ اتي موجود تمام ماڻهن کان منفرد ھئي. ھوءَ محتاط رھندي ھئي ۽ گهٽ ڳالهائيندي ھئي.
”تون اڄ انتھائي خوبصورت لڳي رھي آھين.“
وقار ھوريان جهڪي سندس ڪن جي ڀر سان آھستي چيو ۽ هوءَ کلي پئي. موتين جھڙا ڏند گلابي چپن ۾ قيامت جو منظر پيش ڪرڻ لڳا. ھوءَ ديومالائي ڪھاڻين جو ڪو ڪردار لڳي.
”سڀاڻي مان بہ مکي ڍنڍ تي ھلندس.“ جوليا مرڪي کيس چيو. اھو ٻڌي وقار جي دل ۾ اميد جي مکڙي ٽڙي پئي.
”ھا ھا ڇو نہ... ضرور..“
وقار کي اھو ٻڌي دلي خوشي ٿي پر کيس خبر ھئي تہ جتي جوليا ويندي اتي ڀونري وانگر البرٽ بہ ضرور ويندو. هو اجائي خوشفھمي ۾ مبتلا ھو. وقار ڪنھن بہ خوشفھمي ۾ مبتلا نہ ھو، پر سونھن جو پوڄاري ھو. چاھيندو ھو تہ خوبصورت ۽ حسين چھرن جي قربت ۾ رھي، جڏھن کان جوليا ٽيم ۾ آئي ھئي، ھن کي پنھنجو اندر ھڪ مثبت تبديلي محسوس ٿي ھئي. زندگيءَ جي خوبصورت ھئڻ جو يقين...
اھا ھڪ خوبصورت رات آھي. ٻاھر آسمان تي چنڊ جرڪي رھيو آھي. چنڊ ھاڻي شاخن مان نڪري آسمان تي پوري آب و تاب سان روشني ڦھلائي رھيو آھي. ھوائن ۾ خنڪي وڌڻ ڪري سردي جو احساس ڊرائنگ روم ۾ ڦھلجي ويو. ھوا، باغيچي ۾ لڳل گلاب جي گلن کي ڇھي پنھنجي سرھاڻ ۾ مست ٿي رقص ڪري ٿي. ان پل وڻن جي شاخن ۾ چرپر ھئي. وڻن جون شاخون ھوا جي لئہ تي گيت ڳائڻ لڳيون. سانگهڙ جي فضائن جي پُراسراريت تھائين وڌڻ لڳي. ھتي جي فضا قديم اثر کان پاڻ کي آجو نہ ڪري سگهي آھي. ھر شھر جو پنھنجو مزاج ٿئي ٿو، سنڌ جا ڪيترا شھر تڪڙا تبديل ٿي ويا آھن. پراڻين جاين تي نيون جايون ٺھي ويون آھن. انهن جڳھين جو آرڪيٽيڪٽ جديد آھي. شھرن جا رھواسي بہ مزاج ۽ رھڻي ڪھڻي ۾ جديد دنيا سان مقابلو ڪري رھيا آھن، پر ڪي شھر پنھنجي مزاج ۾ قدامت جي زير اثر آھن. انهن مان سانگهڙ بہ ھڪ آھي. وقار کي سانگهڙ انهن شھرن کان مختلف لڳي ٿو. ھتي جي رنگين ثقافت، جهنگلي جيوت، تھذيب، قدامت، رھڻي ڪھڻي، ٻولي ۽ رسم رواج ساڳيا آھن. ھتي ڍنڍن جو ڄار وڇايل آھي. پاڻيءَ جي ويجهو رھندڙ تھذيبون قديم ۽ خوبصورت آھن.
ٻئي ڏينھن وقار، جوڻيجن جي ماڙي ڏانھن نڪري رھيو ھو تہ ڊيوڊ جي ڪال آئي، ھو جوليا ۽ البرٽ کي ساڻ وٺي وڃي. البت ڊيوڊ انگلينڊ جي ماحولياتي ماھرن سان فون تي اھم معاملي تي گفتگو ڪري رھيو ھو. وقار اڪيلي رھڻ جي موڊ ۾ ھو. ھن ڊيوڊ کي چيو تہ ھو نڪري رھيو آھي.
فون رکي ھو ٻنھي جو انتظار ڪرڻ لڳو. ھن پاڻ سان گڏ ڏاڪڻيون ۽ ڀتين تي چڙھڻ لاءِ رسا ۽ ٻيو ضروري سامان بہ کنيو ھو. سندس خيال ھو تہ ھو فش ايگل جو آکيرو ويجهي کان ڏسي. ماڙيءَ جون ڇتيون وقت جي برسات ميساري ڇڏيون ھيون. عمارت بہ زبون حالت ۾ ھئي، پر جتي فش ايگل (ڪڙل) آکيرو جوڙيو ھو، اھا جاءِ بھتر حالت ۾ ھئي، پر ڪڏھن ڪو نامھربان جيت الرجي ڪري وجهندو ھو انڪري وقار احتياط طور دوا بہ کنئي. ھن وٽ خيمو ھو. ھو اھڙين جڳھين تي ضرورت جو ھر سامان کڻندو ھو. سفر ۽ سياحت جي ڪري، کيس موسمن جي ڏاڍ ۽ اجنبي ماحول جو اندازو ھو. ڪنھن بہ اڻڄاڻ ماڳ تي وڃڻ وقت ھو گهٻرائيندو نہ ھو. اڄ بہ کيس تياري ڪندي ھڪ عجيب خوشي جو احساس ٿي رھيو ھو. ھنن ٻنهي (فش ايگلز جو) جو ڪو نالو ھئڻ گهرجي. اڃا نالو سوچي رھيو ھو تہ البرٽ ۽ جوليا اندر داخل ٿيا. البرٽ ڪاري پينٽ ۽ گلابي شرٽ ۾ ھشاش بشاش ٿي لڳو، جوليا کي نيري شرٽ ۽ ڪاري جينز پاتل ھئي. ھن اٿي ٻنهي جي دل سان آجيان ڪئي.
”ڪافي پيئندو؟“ وقار کائن پڇيو.
”ھا بلڪل“ جوليا مرڪي وراڻيو.ڪافي جو چئي اچي صوفن تي ويٺو.
ٻاھر ھوا نم ۽ سرينھن جي وڻن سان لڪ لڪوٽي کيڏي رھي آھي.
”سڄي رات خواب ۾، مان اھا پراسرار جاءِ ڏسندي رھيس“ جوليا، وقار سان مخاطب ٿي.
”۽ منھنجي خوابن ۾ فش ايگل ھئا.“ وقار وراڻيو.
”جيئن سنتياگو (ھيمنگ وي جي ’اولڊ مين اينڊ سي‘ جو ڪردار) آفريڪا جي ساحل تي شينھن جا خواب ڏسندو ھو.“ البرٽ چيو.
”توھان خواب ۾ ڇا ڏٺو.“ وقار کانئس پڇيو.
”ھڪ خوبصورت دوست جنھن سان چاھڻ جي باوجود بہ اظھار محبت نہ ڪري سگهيو آھيان.“ البرٽ اداس ٿي چيو.
”محبت غير محسوس ھوا جيان آھي، ھوريان گهلندي پنھنجي وجود جو احساس ڏياري ٿي.“ وقار چيو.
”واھہ لڳي ٿو شاعر بہ آھين.“ البرٽ جهومي چيو.
”منھنجي زال جو شعر آھي.“ وقار مرڪي وراڻيو.
”خوبصورت شعر آھي.“ جوليا داد ڏئي ٿي.
ڪافي اچي وئي، ٻئي ڄڻا ڪافي جا سپ ڀريندا رھيا. دريءَ مان سياري جي ڏينھن جو خوشگوار منظر نظر اچي رھيو ھو، پري آسمان بادلن سان ڀريل ھو.
”لڳي ٿو اڄ برسات پوندي.“ جوليا ڪافي جو سپ ڀري دريءَ مان ٻاھر ليئو پائيندي چيو.
”ھلڪا بادل آھن. مشڪل ئي برسات پوي.“ البرٽ آسمان ڏانھن ڏسي چيو.
”بادل کي گھري ٿيڻ ۾ دير ڪھڙي لڳندي؟“جوليا مرڪي پئي.
”ھا ھوا جي رخ تي منحصر آھي تہ ڪھڙا گھرا بادل کڻي اچي ٿي.“ وقار ڪافي جو آخري سپ ڀري ڪپ ٽيبل تي واپس رکندي جواب ڏنو.
”تيز برسات پئجي وئي تہ ڇا ڪنداسين؟“جوليا پريشان ٿي وئي.
”مون وٽ سڄو بندوبست ٿيل آھي.“ وقار اٿيو. ھن سڄو سامان ٻيڙيءَ ۾ رکرايو. ھونئن اھا موٽر بوٽ وقار پاڻ ھلائيندو ھو، ڇو جو ھو ان کان اڳ سنڌو ڊيلٽا ۾ بہ ڪم ڪري چڪو ھو، پر اڄ ھن ملاح احمد کي ساڻ کنيو ھو تہ متان ڪٿي ڪم دوران کيس ڪنھن ماڻهوءَ جي ضرورت پوي. سامان رکڻ کان پوءِ سڀ ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيا ۽ ٻيڙي ھلڻ لڳي. ھوا تيز ھئي، ٿڌي، فرحت بخش ۽ زندگيءَ جو احساس ڏياريندر. پريان گهاٽو جهنگ خوبصورت لڳي رھيو ھو. اھا ساوڪ، وقار کي اکين رستي روح ۾ لھندي محسوس ٿي. سج جي سونھري ڪرڻن ۾ البرٽ ۽ جوليا جا چھرا جرڪڻ لڳا. سج جي ڪرڻن ۾ جوليا جي گھرين ناسي اکين جو رنگ ۽ گھرا ناسي وار، ڪرڻن جي ڇھاءُ تي دلڪش لڳا. ھن جي چھري تي اھو منظر خوبصورت لڳندو ھو. ڄڻ ھوءَ فطرت جي شھزادي لڳي ٿي. وقار جون خاموش نظرون ڳالهائي رھيون ھيون. البرٽ، جوليا جي ڀرسان ويٺو ھو، ايترو ويجهو جو وقار کي وحشت محسوس ٿيڻ لڳي. ھوائون بادلن سان اکٻوٽ کيڏڻ لڳيون. ڪڏھن سج بادلن جي چنري ۾ لڪي ٿي ويو ۽ ڪڏھن اوچتو ھر منظر روشن ٿيڻ لڳو. پکي بادلن کان اتساه حاصل ڪندي، خوشي جو اظھار ڪري رھيا ھئا. ٻيڙي تيزيءَ سان ٻيٽاريءَ ڏانھن وڌڻ لڳي. نيري پاڻيءَ ۾ بادلن جو عڪس وڻندڙ لڳي رھيو ھو. ماڙيءَ وٽ ٻيڙي پھتي تہ سڀئي لٿا. اھو ننڍڙو ٻيٽ اندازاً اٺ سؤ گزن تي مشتمل ھو، جيڪو ڪنارن کان جهنگلي ٻوٽن سان سٿيل ھو، جنھن تي پوپٽ لامارا ڏيئي رھيا ھئا. سامان کڻي احمد بہ سندن پٺيان اچي رھيو ھو. ھڪ طرف احمد پلاسٽڪ جون فولڊنگ ڪرسيون کولي رکيون. وقار دوربين سان فش ايگل جي آکيري کي ڏسڻ لڳو. ھڪ ننڍي ڪمري جيترو آکيرو ھو، جيڪو ڪاٺين سان ڀريو پيو ھو، جيڪڏھن اھي ڪاٺيون ڪڍجن تہ ٽرڪ کن جيتريون ڪاٺيون ٿي وينديون. پکي بہ ڪيڏي پيار، پاٻوھ ۽ مھارت سان پنھنجو گهرڙو جوڙين ٿا، جوليا ويجهو اچي چوڻ لڳي.
”مون کي دوربين ڏي تہ مان بہ ڏسان.“ سندس گھرا ناسي وار وقار جي ڪلهي تي وکري ويا. سندس وجود جي مدھوش ڪندڙ خوشبو ٻيلي جي خوشبوءَکان وڌيڪ اثر انگيز ھئي.
وقار کيس دور بين ڏني.
“Wow!what a wonderful nest!”
(واھ! ڇا تہ شاندار آکيرو آھي!)
حيرت مان جوليا رڙ ڪئي تہ البرٽ ڪنڌ ورائي کيس ڏٺو.
”ھي تہ فطرت جو معجزو ٿو لڳي. ھن پکي ڪيڏي نہ محنت سان ھي آکيرو ٺاھيو ھوندو. ھي آرمدہ لڳي ٿو، ٿڌين ھوائن کان محفوظ ھي گهر ڪيڏو نہ وڻندڙ آھي.“
”اچي البرٽ تون بہ ڏس.“ جوليا، البرٽ کي دوربين ڏئي ٿي.
“So fantastic”(اھو شاندار آھي) البرٽ دوربين واپس جوليا کي ڏيندي چيو.
”ٻئي پکي آکيري ۾ ڪونھن، شڪار تي ويا ھوندا. ڪاش مان ويجهو کان اھو آکيرو ڏسي سگهان!“ جوليا ٿڌو ساھ ڀري وقار کي دوربين واپس ڏني ۽ البرٽ جي ڀرسان وڃي ويٺي.
وقار خيمو کولي زمين تي لڳايو. احمد بہ اچي سندس مدد ڪرڻ لڳو. پوءِ ھڪ ٿيلهي مان اسٽوو. کير ۽ ڪافي، مگ وغيرہ ڪڍي احمد کي ڏيندي، کيس ڪافي ٺاھڻ جي ھدايت ڪئي.
”واھ! ھتي تہ سڄو انتظام آھي.“
جوليا خوشيءَ وچان رڙ ڪئي.
”جيڪڏھن اجازت ھجي تہ مان پنھنجو ڪم ڪري وٺان.“ ھو دروبين ٻيھر اکين تي رکي ڇڏي. آکيري ۾ خاموشي آھي. ھتي ڪٿي ٻچا ھوندا! ھو دوربين گهمائي ٿو، پر ڪاٺين ۾ آکيري جو ھڪ حصو نظر نٿو اچي. ٿوري دير ۾ فش ايگل جي ٻولي ٻڌڻ ۾ آئي. پورو علائقو سندس ميڪڻ سان گونجي اٿيو.
“My fish eagles have arrived, welcome dear birds, welcome bak to home.”
جوليا خوشيءَ جو اظھار ڪرڻ لڳي. وقار دوربين سان پکين کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي. اوچتو ٻئي پکي کيس نظر آيا، جيڪي آکيري جي مٿان اچي ويٺا. انهن ڏينھن ۾ وقار مڇيءَ تي گذارو ڪندڙ باز کي اڪثر اڏامندي ڏسندو ھو. جهنگلي عقاب جا پرننڍڙا ۽ پڇ ڊگهو ٿئي ٿو، جيئن وڻن ۾ اڏڻ جي سھولت ھجي پر کليل علائقن ۾ رھندڙ باز کيس مختلف لڳو. ھن جا پر ڊگها ٿين ٿا، جيڪي کين شڪار حاصل ڪرڻ لاءِ پري پري تان لامارا ڏيڻ ۾ مدد ڏين ٿا. ھن باز جون ٽنگون، بنا کنڀ جي ڇلڙ ڇلڙ ۽ کھريون ٿين، جيڪي لسن ۽ ترڪندڙ جانور ۽ مڇي کي مضبوطي سان پڪڙڻ ۾ مدد ڪن ٿا.
پاڻيءَ جي گھرائي کي ڇھي ايندڙ ھوا مست ھئي. ھر لھر ۾ آسمان سمايل ھو. فاصلا نظر جو فريب آھن. ھر منظر ۾ ھم آھنگي آھي. ھڪ جھڙائي جيڪا مختلف منظرن کي وحدت بخشي ٿي.
احمد ھيٺ چادر وڇائي ڪافي رکي ڇڏي. ان سان گڏ ڪجهہ ريفريشمينٽ بہ ھئي. البرٽ، جوليا ۽ وقار ھيٺ اچي ويٺا. جوليا ڪافي ٺاھي ٻنھي کي مگ ڏنا. پنھنجي پليٽ ۾ سينڊوچ ۽ ڪيڪ پيس رکي کائڻ لڳي. ھڪ پليٽ ۾ شيون رکي وقار، احمد کي ڏنيون. ڪافي ختم ڪري جوليا وري پکين کي ڏسي ٿي، جيڪي ٻچن کي کاڌو کارائڻ آيا ھئا ۽ ھاڻ مٿي آکيري ۾ ويٺا ھئا.
“It is really a royal bird.”(اھو واقعي ھڪ شاھي پکي آھي) ڊيوڊ رڙ ڪئي ۽ دوربين واپس وقار کي ڏيندي چيائين.
”ھي پکي ان لائق آھي تہ کيس ٻچايو وڃي. ھن جي اھا پناھ گاھ محفوظ رھڻ گهرجي، جيڪا سندس نسلن کي تحفظ ڏئي ٿي.“
وقار دوربين مان ڏٺو پئي. پکي آسمان ۾ اڏامي رھيا ھئا. البرٽ ۽ جوليا اٿي وڻن ڏانهن ھليا ويا. البرٽ جهنگلي ٻوٽن بابت جوليا کي ڪجهہ ٻڌائي رھيو ھو. وقار چادر تي ليٽي آسمان ڏانهن ڏسڻ لڳو. ڪپھہ جي پوڻين جھڙي بادلن جي ھيٺان ڪڙل اڏامي رھيا ھئا. ڪڏھن برابر تہ ڪڏھن ھڪ ٻئي پٺيان ڄڻ گوءِ پڄائي رھيا ھجن. مادي ھيٺ لامارو ڏنو پر نر مٿي اڏامندو ويو. ڄڻ اڀ کي ڇھڻ جي ڪوشش ڪندو ھجي. سندس ويڪرا پر خوبصورت لڳي رھيا ھئا. ويڪرا، ڪشادہ ۽ زندگيءَ سان ڀرپور کنڀ، سونھن ۽ آزادي جو استعارو آھن. فطرت جي سونھن جا سچا پچا ترجمان ھي پکي ۽ سندس خوشيون وڻن جي ساوڪ جون محتاج آھن. ”سائين ڪڏھن تہ ھي ايترو گهاٽو ٻيلو ھو، جو نيڻ ڏسي پيا ٺرندا ھئا. وڻ چھچ ساوا، قسمين قسمين جا گل ۽ ٻوٽا مطلب تہ اصل باغ بھاري لڳي پئي ھوندي ھئي.“
احمد ماضيءَ کي ساري ٿڌو ساھ ڀريو. مھاڻو احمد سٺ ورھين جو ھو، ھن خطي جي تاريخ کي ويجهو کان ڏٺو آھي. مٿي ڏسي ٿو، جتي ھن وقت آسمان صاف ٿي چڪو آھي، ڪڪرن کي ھوا پري گهلي وئي آھي. ٻين پرديسي پکين سان گڏ ڪڙل اڏامي رھيا آھن. ھوا ۾ مکي ڍنڍ جي پاڻي ۽ جهنگلي ٻوٽن جي مليل جليل سڳنڌ ھرڻ لڳي. ھي ٻيلو جڏھن گهاٽو ھوندو ھو تہ وڌيڪ خوبصورت ھوندو ھو، رمز ڀريو ۽ پاڻ ڏانهن ڇڪيندڙ. ڪنھن زماني ۾ ھتي ماکي جا مانارا گهڻا ھوندا ھئا، تڏھن ھن کي مکي سڏيو ويو. ان زماني ۾ ھتان جي ماکي جڳ مشھور ۽ ماڻهن لاءِ روزگار جو ذريعو پڻ ھئي. گلن ۽ جڙي ٻوٽين ۾ قدرت جو ڪرشمو رکيل آھي. ان ڪري مکي ڍنڍ کان ملندڙ ماکي تاثير ۾ شفا بخش ۽ ذائقي ۾ لاجواب ھئي. ماڻهو پري پري کان فرمائش ڪري ماکيءَ جا شيشا گهرائيندا ھئا.
مان سڀاڻي چوٽياري جي پاڻي جي ليول جي وڃي پيمائش ڪندس، پوءِ مون کي ھتي جي ڪنارن جي ماپ وٺڻي آھي، جيئن چوٽياري جي پاڻي جي سطح وڌي ٿي تہ ماڙي کي ڪيترو نقصان پھچندو؟ اھو بہ ڏسڻو پوندو تہ ھتي پاڻي جي سطح ڪيتري گهٽائي سگهجي ٿي، جيئن فش ايگل جو اھو آستانو سلامت رھي. ھن پرديسي پکيءَ جا خواب ساڀيان ماڻين ۽ ھي پنھنجي آکيري ۾ اچي سکيا ڏينھن گذاري سگهي. ان ڪم ۾ ڪافي وقت لڳي سگهي ٿو. گھري سوچ ۾ ھن دوربين ڀرسان رکي. ٿڌي ھوا ۾ ھو، پنھنجي خيالن ۾ ڄڻ ٻنھي پکين سان گڏ اڏامي رھيو آھي. ڪڏھن بادلن جي مٿان تہ ڪڏھن ھيٺ ٿي ھوائن سان کيچل ڪندي، اوچتو تيز رڙ ٻڌي ڇرڪي اٿيو. دل تيز ڌڙڪيس ٿي نرڙ تي پگهر جا ڦڙا جرڪي رھيا آھن. پھريون تہ سمجهہ ۾ نہ ٿو اچيس تہ ڪٿي آھي. وڻ، آسمان پاڻي جي خوشبو ڄڻ گول گهمي رھي ھجي. ٻي رڙ تي لڳو ڪا عورت آھي. ھڪدم اٿي ان پاسي ڊوڙڻ لڳو پر ھن جي پھچڻ کان اڳ ئي احمد نانگ کي ڌڪ ھڻي اڌ مئو ڪري ڇڏيو. جوليا جو رنگ ھيڊائو ھو ۽ ھو خوف وچان ڏڪي رھي ھئي. البرٽ کيس جهلي بيٺو ھو.
”سائين نانگ ھو، ڏسي ورتومانس نہ تہ بيگم صاحبہ کي ڏنگي رکي ھئا.“ احمد ھڪ وڏي ڪاٺي سان نانگ جو مٿو چٿيندي چيو.
وقار، جوليا کي چيو تہ ھوءَ خيمي ۾ ھلي آرام ڪري، جوليا خيمي ۾ داخل ٿيندي زپ بند ڪري ڇڏي.
”ھتي ٻيا بہ نانگ ھوندا.“ البرٽ پڇيو.
”گهڻو ڪري ھتي پاڻي جا نانگ ھوندا آھن. اھي گهڻا زھريلا ۽ خطرناڪ نہ ھوندا آھن.“ وقار جواب ڏنو
”۽ ھي نانگ تہ خشڪي جو ٿو لڳي.“ البرٽ چيو
”ھا ھي خشڪي جو نانگ آھي پر ھي پاڻي ۾ تري سگهي ٿو.“ وقار وراڻيو.
ھوائن ۾ مکيءَ جي ساوڪ جي سرھاڻ شامل آھي. ٻپھري سمي مکيءَ جا منظر جرڪي اٿيا.
منجهند جي ماني جو وقت ٿي ويو ھو. احمد ڍنڍ مان مڇي پڪڙيندڙ ملاح کان مڇي خريد ڪري اسٽوو تي تري رھيو ھو. هو پاڻ سان گڏ گهران ماني ٺھرائي آيو ھو. وقار پاڻ سان اڪثر اھو سامان رکندو ھو، جيئن ضرورت وقت ماني يا چانھہ جو پاڻ ئي بندوبست ڪري سگهي. ماني تيار ٿي وئي ۽ احمد ماني لڳائي ڇڏي. جوليا ماني کائڻ کان معذرت ڪري ڇڏي. ساڳ، چانورن جي ماني، تريل پٽاٽا ۽ تريل مڇي جي سرھاڻ سان ماحول واسجي ويو. ماني کانپوءِ البرٽ کاڌي جي واکاڻ ڪرڻ لڳو. وقار واپس ھلڻ جي تياري شروع ڪري ڏني. اڃا ڪم باقي ھو پر جوليا گهڻي پريشان ٿي وئي ھئي. ان ڪري سامان وغيرہ گڏ ڪري ھو ٻيڙي ۾ ويٺا. جوليا خاموش ۽ ننڊاکڙي ھئي. جوليا جي اداس حسن ۾ مکي ٻيلي جي جهنگلي گلن جھڙي ڇڪ ھئي.
آفيس واپس پھچي جوليا ۽ البرٽ تہ گهر واپس ھلياويا، پر وقار ماڙي جي بچاءَ جي طريقن تي نوٽس تيار ڪرڻ لڳو. ٿوري ئي دير ۾ کيس واپس ڊيم تي پھچڻو ھو، پر اڄڪلهہ ھن جي ذھن تي پکين جو موضوع سوار ھو. ھن سدائين زمين جي دنيا کي دريافت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي. سندس وقت جهنگلن، ٻيلن ۽ پھاڙن تي گذرندو ھو، پر پھريون دفعو سندس ڌيان آسمان جي دنيا ڏانھن ويو، جيئن سمنڊ گھرائي، پراسراريت ۽ طاقت جو استعارو آھي. ائين آسمان کيس پاڻ ڏانھن ڇڪڻ لڳو ھو، ڇو تہ ھو اڪثر آسمان ۾ ٻنهي پرديسي پکين کي اڏامندي ڏسندو ھو. ھن ٻنهي جو نالو بہ آرٽسٽڪ رکيو ھو. مادي ڪڙل کي ”سپي“ ۽ نر کي ”ڪوڏ“ جي نالي سان سڏيندو ھو. ٻنھي پکين سان کيس عجيب انسيت ٿي وئي ھئي. ٻئي محبت جي علامت لڳن ٿا، جنھن وقت بہ سندس اکيون پکين جي ڳولا ۾ آسمان ڏانھن نھارين ٿيون. آسمان جا منفرد رنگ ڏسي ٿو. آسمان وٽ ھڪ الڳ دنيا آھي. آسمان وسعت، آزادي ۽ سڪون جو استعارو آھي. آسمان سمورا رنگ ۽ منظر ھڪ گھري خاموشي ۾ ويڙھيل ھوندا آھن. خاموشي ادارڪ آھي. خاموشي پنھنجي ترجماني پاڻ ڪري ٿي.
چوٽياري ڏانھن ويندي، وقار گاڏي ھلائيندي، ماڙي تي رھندڙ پرديسي جوڙي لاءِ سوچي رھيو ھو. ھڪ طريقو اھو آھي تہ ماڙي جي مرمت ڪرائي وڃي پر ھي پکي گوڙ برداشت نہ ڪندو آھي. انڪري ئي ڍنڍ جي ڀرسان ٻيلن ۾ پناھ وٺي ٿو. ھن پکي وٽ بہ مھاڻن واري دل آھي. مھاڻا دريائن، ڍنڍن ۽ سمنڊن سان محبت ڪن ٿا. ھي پکي بہ پاڻي جو پوڄاري آھي. ٻنهي جي بقا جو دارومدار مڇي تي آھي. ڊيم تي پھچي ڪم جو جائزو وٺي ٿو. ايڪسڪيويٽر مکي ڍنڍ جي مٽي کڻي ڀرسان بيٺل ڊمپر ۾ اڇلائي رھيو آھي. ھو مکي جا ڪنارا مٿي ڪري رھيا آھن. پھريان اھا مٽي مٿي اڇلائيندا آھن. ان مٽيءَ مان ڪک پن الڳ ڪيا وڃن ٿا، جيڪڏھن مٽي گهڻي آلي آھي تہ ھڪ ٻہ ڏينھن رکي ڇڏين ٿا. ٻي صورت ۾ مٽيءَ کي صاف ڪري رولر سان ھموار ڪيو وڃي ٿو. مٽيءَ جا اھي تھ ٽيھ فٽ اوچا بند ٻڌندا، جنھن جي اندر اھو پاڻي محفوظ ٿيندو. ڊيم جي اتر پاسي ڀٽون آھن. حرن جي دؤر ۾ جڏھن نارا کي ڪٽ ڏنو ويو ھو تہ اھو پاڻي ننڍن نالن ۽ ڍنڍن ۾ ورھائجي ويو ھو. ھاڻي انهن کي ملائي پنجونجاھ ڪلوميٽر جو گهيري وارو ڊيم ٺاھڻو ھو.
وقار جو تنبو اوچائي تي آھي، جتان پوري چوٽياري ڊيم جو نظارو واضح ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ان ئي خيمي ۾ سندس ڪتاب وغيرہ رکيل آھن. ھن ڪيترائي ڪتاب ان خيمي ۾ ويھي لکيا ھئا. اھا مٽيءَ جي ٺھيل ٽيھ فٽ مٿي نقلي ڀٽ آھي، جيڪا اتي موجود ڪاريگرن، مکيءَ جي مٽيءَ مان ٺاھي آھي. وقار ان کان اڳ ٻين ڊيمز ۽ سم نالن تي بہ ڪم ڪري چڪو ھو. ھو هر جڳھہ تي ائين مٽي وجهرائي اوچائيءَ تي پنھنجو خيمو لڳرائيندو ھو، جيئن خيمي ۾ بہ ھو ڪم تي نظر وجهندو رھي. ھن جو پنھنجي اسٽاف سان سٺو لاڳاپو ھو. ڪيترن مزدورن کي پئسا وقت تي نہ ملندا ھئا تہ ڪوشش ڪري ھن کين پگهاريون ڏياريون. ھن جو خيال ھو تہ جيڪڏھن پورھيت کي سٺو اُجورو نہ ملندو تہ ڪم جو معيار بہ بھتر نہ ٿيندو. هو ڌيان سان ڪم ڪندو هو. انڪري ڊيم تي ٿيندڙ ڪم جو معيار بہ بھترين ھو. ھر ڪم سٺي طريقي سان ٿيندو ھو، ٿوري دير ۾ نياز چانھہ کڻي آيو.
نياز چانھہ جي ٽري ٽيبل تي رکندي سلام ڪيو.
”سلام سائين“
”وعليڪم سلام.“
”سائين عرض ڪيو ھيم، ڪجهہ ڏينھن اڳ“ نياز ھٻڪندي چيو.
”ھا ھا چئہ.“ وقار چانھہ جو ڍڪ ڀرندي نياز کي ڏٺو.
”سوٽ جي نوڪري لاءِ درخواست ڏني ھيم.“ نياز پريشان ھو.
”فڪر نہ ڪر تنھنجو ڪم ٿي ويندو.“ وقار مرڪي وراڻيو.
اھو ٻڌي نياز جي چھري تي سرھائي ڇائنجي وئي. نياز جي وڃڻ کان پوءِ ھو چانھہ پيئندي، مکي ڍنڍ جي لھرن کي ڏسڻ لڳو. مکيءَ جي نيرين لھرن ۾ اڀ جو پاڇو ان وقت انتھائي خوبصورت لڳي رھيو ھو. لھرن کي ڇھي ايندڙ ھوا ۾ لئي ، نم ۽ پپر جو ھڳاءَ ھو . لھرن جي مٿان سج جي ڪرڻن جو تاج وکريل ھو. پريان ڀٽون ڪر کنيو بيٺيون ھيون، جن تي اڇا اجرا پکي پسار ڪري رھيا ھئا. اھي پکي ڍنڍ جي اصل سونھن ھئا. سياري جي موسم ۾ ٿڌن ملڪن کان ڪھي ايندڙ پکين سان ڍنڍ ڀرجي ويندي ھئي. شام جو اھو منظر ڏسڻ وٽان ھوندو ھو. ھونئن بہ وقار کي پاڻي سدائين پاڻ ڏانھن ڇڪيندو ھو. ھن ننڍپڻ ۾ پنھنجي شھر ۾ گهر ڀرسان وھندڙ رائيس ڪينال ۾ ترندي ٽٻيون ھڻندي وقت گذاريو ھئائين. ان ڪري ھو تمام سٺو تارو ھو.
***