ناول

مَکيءَ کان موڪلاڻي

ھي ناول سانگهڙ جي تاريخ، جنگلي جيوت ۽ فش ايگل پکيءَ جي پس منظر ۾ لکيو ويو آھي. ناول ۾ حر تحريڪ ۽ آثار قديمہ جو ذڪر پڻ شامل آھي. ناول جي ڪھاڻي دلچسپ ۽ تجسس سان ڀرپور آھي، جنھن ۾ نوان موڙ ايندا رھن ٿا.  ماحوليات ۽ جنگلي جيوت جي حوالي سان ھي منفرد ناول آھي، شبنم گل ھن ناول ۾ سانگهڙ جي محنت ڪش مزدورن، مھاڻن، پکائين ۽ ھارين نارين جي مسئلن جي ترجماني بہ ڀرپور انداز ۾ ڪئي آھي. ھن ناول ۾ مکي ڍنڍ جي تباھيءَ سان گڏ اتان جي رھاڪن تي آيل مصيبتن جو احوال پڻ آھي.

  • 4.5/5.0
  • 177
  • 36
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شبنم گل
  • ڇاپو ٻيون
Title Cover of book Makhi Khan Moklani

11

سڄي سٿ وقار کي چيو تہ چوڏھين جي رات مکيءَ تي جشن جو انتظام ٿئي، جنھن ۾ راڳ رنگ جي محفل بہ ھجي.
وقار حامي ڀري ورتي. آفيس مان جڏھن موٽي ھاسٽل پئي ويو تہ کيس محسوس ٿيو ڄڻ چوڌاري ھر منظر ھن جي خوشيءَ ۾ شريڪ ھجي. زمين کان آسمان تائين ھر طرف خوشيءَ جي روشني پکڙيل ھئي. ائين محسوس پئي ڪيائين تہ اڄ ھن ڌرتيءَ بہ ميزبانيءَ جو حق ادا ڪري ڇڏيو ھجي. ھڪ پيار ڪندڙ خوبصورت پکين جي جوڙي جو آکيرو ۽ ھتان جا ناياب جانور ئي ھن جي ڪل ڪائنات آھي. گهر ھر انسان جي ضرورت آھي. گهر کان سواءِ ھر انسان اڌورو آھي. ائين جيت، پکي يا جانور ھر ڪنھن جو گهر آھي، پر انهن گهرن جا نالا مختلف آھن.
ھڪ طرف پکي آکيرن ۾ پنھنجي دنيا وسائي ويٺا آھن تہ ٻئي پاسي جانورن جا مختلف گهر آھن، ھر گهر سک ۽ شانتي جو مرڪز آھي. ھڪ گهرو ٿڌو ڇانورو آھي.
احساس جو ھڪ مضبوط ڇانورو.
سائبريا کان اھي پکي سنڌ ڏانھن رخ ڪن ٿا، ڪجهہ عرصي لاءِ ھن ڌرتيءَ کي پنھنجي ڌرتي سمجهن ٿا، پر پکي ڌرتي جي فرق کي نہ ٿا محسوس ڪن. جتي سندن آکيرو آھي، اھا ئي ھنن جي ڌرتي آھي.
ٻيائي تہ ذھن جو خسارو آھي، ڌاريائپ جيڪڏھن احساس ۾ ڌرڻو ھڻي ويھي رھي تہ پوءِ ماڻهو ھر جڳھ پاڻ کي پيو جلاوطن محسوس ڪندو.
ماڻهو تہ ھڪ مسافر آھي، ھي دنيا ئي سندس مڪمل ٺڪاڻو نٿي ٿي سگهي. پوءِ زمين جي ٽڪري حاصل ڪرڻ لاءِ انسان جانين کي داءَ تي لڳائي ٿو ڇڏي.
انسان جوڳيءَ مثل آھي، جتي بہ ڇت ميسر اچي اھو ئي سندس ٺڪاڻو آھي.
سائبان عارضي سھي پر جوڳي ان سان بہ ڪيتري محبت ڪري ٿو، پکيءَ وانگر.
ھاسٽل جي ڪمري ۾ ارم ھن جي انتظار ڪري رھي ھئي. ارم اھا خوشخبري ٻڌي تمام گهڻي خوش ٿي. اھو ھنن لاءِ ڄڻ تہ خوشي جو ڏينھن ھو.
رات جو دير تائين وقار کيس ان علائقي ۾ پلجندڙ جانورن، ڦاڙن ۽ واڳن، لڌڙن جي باري ۾ ٻڌائيندو رھيو. ھن خاص ڪري ان پرديسي پکيءَ جو ھر منظر اکين ۾ قيد ڪري رکيو ھو.
”پکي پيار جو اھڃاڻ آھن.“ ارم ٿڌو ساھ ڀريندي چيو. ”ماڻهن مان تہ محبت موڪلائيندي پئي وڃي.“ ھن جي حيدرآباد واري فليٽ جي دريءَ جي سامهون وڻن جي قطار ھئي، ھيٺ ٻنهي پاسي ٻہ ننڍڙا باغ بہ ھئا، جن ۾ وڻ لڳل ھئا، انهن وڻن ۾ پکين جا آکيرا ھئا. دريءَ ۾ ڳيرا ڳٽرگون پيا ڪندا ھئا. شام جو پکين جون ٻوليون ٻڌي اک کلي پوندي ھيس. اکيون کوليندي بند ڪندي پکين جي لاتين جو آواز روح ۾ تازگي ڀري ڇڏيندو ھيس. ارم کي پکين جا آواز پسند ھئا. صبح جو بہ جهرڪين جي آواز تي اک کلندي ھيس، ان ڪري ھوءَ پکين جي ھر ڳالهہ دلچسپي سان ٻڌندي ھئي.
”وڻ ڌرتيءَ جي سونھن آھن. وڻن سان ئي پکين جي خوشي قائم آھي، انهن وڻن ۾ پکين جي دنيا آباد آھي.“ وقار چيو.
پکي خوبصورت آھن، پکين جي ڪري زندگيءَ جي سونھن قائم آھي. ارم جي تصور ۾ پکين جا نرم کنڀ اچي ويا. ارم جلدي سمھي رھي پر وقار جي اکين آڏو سپي ۽ ڪوڏ ھئا، جيڪي آسمان جي نيري ميرانجهڙي روشنيءَ جي پس منظر ۾ پر ڦھلائي سڪون سان اڏامي رھيا ھئا. ھڪ ڊگهي عرصي کان ھو ماڙي کي بچائڻ واري مھم ۾ رڌل ھو. چوٽياري ڊيم تي ھلندڙ ڪم بہ ڌيان طلب ۽ ڏکيو ھو. موسمن جي سختين کي سمجهندو ھو، پر آرام ڪرڻ بدران دلچسپيءَ سان ڪم ۾ رڌل نظر ايندو ھو، جڏھن کان فش ايگل کي ماڙيءَ تي ڏٺو ھئائين ۽ کيس ماحوليات جي ماھرن اھو ڪم بہ ڏنو ھو تہ ھو ماڙيءَ جي چوڌاري پاڻيءَ جي ليولنگ لاءِ ڏينھن جا ڏينھن اتي وڃي ڪم ۾ مشغول ٿي ويو. ھر تفصيل ماحوليات جي ماھرن کي موڪليندو رھي ٿو، جيئن اھو ڪم جلدي پڄاڻيءَ تي پھچي سگهي. ماڻهن سان ملڻ ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ وڃي، سندس راءِ وٺڻ ھڪ ڏکيو ڪم ھو. ماڻهن جي اڪثريت ڊيم جي اڏاوت ۽ ماڙيءَ جي مرمت تي راضي ھئي. ڪجهہ ماڻهو ھئا، جيڪي اٻوجهہ ماڻهن کي ڀڙڪائي پنھنجا مقصد حاصل ڪري رھيا ھئا. آخر تمام گهڻي جاکوڙ کان پوءِ سندس خواب ساڀيا ماڻڻ وارو ھو. سروي مڪمل ٿي چڪو ھو. مٿين ھفتي ۾ ڪم شروع ٿي ويندو. ان کان پوءِ اھو پکي ھر سال ھتي اچي سگهندو ۽ ڪيترن سالن تائين اھو ھنڌ سندس پناھ گاھ بڻيل ھوندو. سوچيندي ننڊ وٺي ويس پر خواب ۾ بہ ھو ٻنهي پکين کي آسمان ۾ اڏامندي ڏسندو رھيو، جيڪي ھن لاءِ اميد جو استعارو بڻجي چڪا ھئا.
ٻئي ڏينھن ھن سارنگ کي فون ڪري ماڙيءَ تي ڊنر ۽ راڳ جي محفل منعقد ڪرڻ جي ڳالهہ ڪئي. پرينھن چوڏھين جي رات ھئي ۽ وچ ۾ ھڪ ڏينھن ھو. سارنگ اھڙي ترت ڪمن جو ماھر ھو ان ڪري حامي ڀري ورتائين.
شام سان ئي چنڊ آسمان تي ميرانجهڙي اونداھي ۾ جرڪڻ لڳو. سانت واري ماحول ۾ چانڊوڪي رات جو تاثر ڀرپور لڳندو آھي.
چنڊ جي چوڏھين رات، پاڻيءَ جي لھرن ۾ بہ ٿرٿلو مچائي ٿي ڇڏي، اھي ساڳيون لھرون انسانن کي بہ بي چين ڪري وجهن ٿيون. انسان جيڪو سدائين کان سونھن جو ڳولائو رھيو آھي. وقار کي بہ چنڊ ۾ ھڪ عجيب ڇڪ محسوس ٿئي ٿي. ھو بہ چانڊوڪين راتين جو انتظار ڪري ٿو، جڏھن چنڊ، زمين جي ھر منظر سان رومانس ڪري ٿو. وقار جي بہ رڳ رڳ ۾ رومانس سمايل آھي.
مکي ڍنڍ جي وچ ۾ اھو ھڪ خوبصورت پروگرام رٿيل ھو. ماحولياتي ٽيم جا ميمبر، ڪلائيو، چارلس، وقار جا دوست، ارم ۽ ڪجهہ ٻيا مھمان اچي چڪا هئا.
مکي ڍنڍجي جي لھرن تي چنڊ جي ڪرڻن جي روشني انتھائي خوبصورت لڳي رھي آھي. ھوا جي جهوٽي تي ڇولين جي ھلچل مچي وڃي پئي ۽ چانڊوڪي بہ پاڻي تي ڪرڻن جي ورکا ڪرڻ لڳي.
چانڊوڪي رات جي ڪري روشني جو بندوبست نہ ڪيو ويو ھو، انڪري ماحول وڌيڪ خوابناڪ لڳي رھيو آھي. رکي رکي ٿڌي ھوا ٿڌا ساھہ ڀري ٿي تہ لئي، ٻٻر ۽ ڪنڊيءَ جو ھڳاءُ چوپاسي ڦھلجي وڃي ٿو.
”ھتي ان ڪري ايترا وڻ آھن جو ھي علائقو ھزار سالن کان وڏن وھڪرن جو سنگم رھيو آھي. ھاڻ مکيءَ جو گهاٽو جهنگ اڳي وانگر نہ رھيو آھي، پوءِ بہ جنھن ۾ ھر طرف مکي جي مجاھدن جا پيرا اڄ بہ محسوس ٿين ٿا. 1942ع ۾ حر تحريڪ گوريلا جنگ جو مرڪز بڻجي وئي ھئي.“
ھو جوليا سان ان موضوع تي ڳالهائي رھيو ھو، جيڪا وقار جي کاٻي پاسي ويٺي ھئي، ساڄي پاسي ارم، بسنت فقير جو ڪلام ٻڌي رھي آھي.
مون اڳ ڪڏھن اھڙو خوبصورت ھنڌ ناھي ڏٺو، ھي بناوٽي نہ آھي، بلڪہ ھر انداز فطري لڳي ٿو. ان ڪري ھتي ھڪ عجيب قسم جي پراسراريت محسوس ٿي رھي آھي. ارم کي ٻنهي جي ڳالهائڻ سان وحشت محسوس ٿيڻ لڳي. ھونئن بہ وقار جو ڌيان نہ چاھيندي بہ جوليا ڏانھن ھليو وڃي ٿو. اھا ڳالهہ ارم کي نہ ٿي وڻي پر ھوءَ ناپسنديدگي جو اظھار ڪرڻ کان قاصر آھي. الائي تہ ڪيترا افسانا غير محسوس طور تي اکين ۾ سرجين ٿا، جن جو حقيقت سان ڪو بہ واسطو نہ ھوندو آھي. اھڙن معاملن تي اعتراض وارڻ اجايو آھي، سندس دل بيچينيءَ جي ڪن ۾ ٻڏڻ لڳي.
”ڏينھن جو مکي ٻيلي ۾ فوج ۽ پوليس گهمندي نظر ايندي ھئي ۽ رات جو حر ۽ جهنگلي جانور ڦھلجي ويندا ھئا.“ وقار چيو.
”جڏھن ھي ٻيلو گهاٽو ھوندو تہ ڪيترو نہ ڀوائتو لڳندو ھوندو.“ جوليا خوف جي لھر دل ۾ اٿندي محسوس ڪئي.
”ھا ھي ايترو گهاٽو ھو جو عام ماڻهو سونهي کان سواءِ اندر وڃي نہ سگهندو ھو. انگريزن حر تحريڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ مکي ٻيلي کي باھ ڏني ۽ ڪيترائي وڻ وڍي ڇڏيا. ان گهاٽي جهنگ جي ڪري، ھونءَ تہ انگريز سموري ھندوستان تي قبضو ڪري ورتو، پر ھن علائقي تي قابض نہ ٿي سگهيا.“
”تاريخي واقعن سان ڀرپور جڳھين جي پنھنجي انفراديت آھي.“ جوليا مرڪي چيو.
وقار محسوس ڪري ورتو تہ ارم خاموش آھي، ھوءَ سندس حسن پرستيءَ کان خائف آھي، پر کيس اھا حقيقت قبول ڪرڻي آھي، زندگيءَ جي ٻين حقيقتن جيان.
چانڊوڪي ٻوٽن تي پئجي کين پراسرار بڻائي رھي ھئي. فطري ماحول جي پنھنجي سونھن آھي. ھوا جي جهوٽن تي مکي ڍنڍ رقص ڪري ٿي. جهنگلي خوبصورت گل مٿاڇري تي تري رھيا آھن.
وقار اٿي وڃي ڪلائيو جي ڀرسان ويٺو، جيڪو سرور جي ڪيفيت ۾ ويٺو ھو. سمورا فارينر گاني جي ٻولن کي نہ سمجهڻ جي باوجود جهومي رھيا ھئا. ذھنن تي ڪيف ڇانيل ھو.
”ھي علائقو ايترو خوبصورت ھوندو، مون کي اندازو نہ ھو، رات جو ھتي جي سونھن ڏسڻ وٽان آھي.“ ڪلائيو چيو.
مکي ڍنڍ چوڏھين جي چنڊ جي چانڊوڪيءَ ۾ رات جي راڻيءَ جيان مھڪي لڳي.
رات جي راڻي...
وقار جي دل ۽ سوچ ۾ خوبصورتي وکري وئي.
اھا حسين رات آھي. رنگ، راڳ ۽ موسيقي سان ڀرپور. هو جوليا جي موجودگي جي وڻندڙ احساس ۾ گم ھو.
اتي موجود ھر ماڻهو جهومي رھيو ھو. چنڊ مکي ڍنڍ تي مھربان ھو ۽ مکي جون ڇوليون پنھنجي خمار ۾ ٻڏي ويون ھجن.
جوليا کي پيرن وٽان ڪا شيءِ سرندي محسوس ٿي. ھوءَ خوف وچان سري ارم جي ڀرسان ويٺي.
”ڇا ٿيو؟“ ارم کيس پريشان ڏسي پڇيو.
”ھروڀرو ڊڄي ويس. ائين محسوس ٿيو تہ ڄڻ پيرن ڀرسان ڪا شيءِ ھلي رھي، مون کي لڳو ڄڻ نانگ ھجي.“
”نانگ؟“ ارم بہ گهٻرائجي، ھيڏانھن ھوڏانھن خوف وچان نھارڻ لڳي.
”نہ نہ خير آھي منھنجو وھم ھو، اڳي بہ ھتي نانگ ڏٺو ھيم، بس اھو خوف ٻيھر محسوس ٿيڻ لڳو ھو.“ جوليا مرڪي چيو
ارم سندس ڳالهہ ٻڌي ڊپ ۾ وڪوڙجي وئي.
”ٽينا نہ آئي آھي!“ جوليا کان ارم پڇيو.
”سندس ڌيءَ اسڪارليٽ جي طبيعت خراب ھئي، ان ڪري نہ اچي سگهي.“
رات جي ماني بہ مزيدار ھئي. سانگهڙ جي مڇي اھم ڊش ھئي، مکيءَ جا بھ بہ لذيذ ھئا، ماني کان پوءِ چانھ ۽ ڪافي جو دور ھليو. راڳ جي محفل ھلندي رھي ۽ چنڊ بہ آسمان تي ھوريان سفر ڪندو رھيو.
مکي ڍنڍ ۾ چنڊ جو عڪس ڪرڻا ڪرڻا ٿي وکرندو رھيو. وقار جون اکيون بار بار جوليا ڏانھن بي اختيار کڄي وڃن ٿيون.
ارم واپس گهر پھتي تہ ٻار ننڊ پيا ھئا، وقار جلدي سمهي رھيو، پر ھوءَ جاڳندي رھي.
ڪيڏا خيال شعر جي صورت ھن جي ذھن تي سڏ ڏيندا رھيا، جن کي پنن تي اتاريندي رھي.
مکي ڍنڍ سراپا غزل آھي، جيئري جاڳندي شاعري!
ڪيترائي منظر سندس ذھن ورجائيندو رھيو. مکيءَ جي لھرن جو رقص ڏسي الائي ڇو ھن جو من بي چين ٿي ويو ھو، خوبصورتي جي گهڻائي بہ اداس ڪريو ڇڏي.
فطرت خوبصورت آھي، پر انسان جو ذھن بدلجي ويو آھي. سونھن، سونھن جو عڪس آھي، فطرت کي پسڻ لاءِ اکيون ۽ ذھن بہ خوبصورت ھجي، جيئن مکي ڍنڍ جي اتساھ کانئس ڪيترا شعر لکرائي ڇڏيا ھئا.
چانڊوڪي رات خاموشيءَ سان آسمان تي سفر ڪندي رھي. وقت ھوريان ھوريان گذري ٿو. ائين گزندو رھندو، ھي لمحا بہ گذري ويندا. ماضيءَ جو حصو بڻجي ويندا، پر ھن خطي جو ماضي، حال کان وڌيڪ خوبصورت آھي. تاريخ جي سحر ۾ وڪوڙيل پنھنجي ڪشش ڏانھن ڇڪيندو رھي ٿو. حال جا ھي لمحا بہ ھڪ ڏينھن ماضيءَ ۾ بدلجي ويندا.
ماڙيءَ جو ڪم شروع ٿيڻ وارو ھو، جنھن ڪري وقار گهڻو مصروف ٿي ويو. اھو ڪم ھڪ لحاظ کان ڏکيو ھو. سمورو سامان ٻيڙين تي رکي ان ننڍڙي ٻيٽاري تي پھچائڻو ھو. ٻئي طرف چوٽياري ڊيم تي بہ ڪم جي رفتار تيز ٿي وئي ھئي، وقار ڪم جي ٻن مختلف انتظامن ۾ ورھايل ھو. ھن جي ذھن تي فقط ھڪ ئي خيال پيو ڦري تہ جلد از جلد فش ايگل جو اھو منفرد گهر بچي وڃي. ھن بقار ۽ ٻين ڍنڍن جا سروي وغيرہ ڪيا ھئا. ماڙيءَ جي چوڌاري پٿر ڏيڻو ھو، جيئن پاڻي جاءِ جي بنيادن کي ڪمزور نہ ڪري سگهي. ان ڪم لاءِ پٿرن آڻڻ جو ڪم جاري ڪرڻو ھو.
چوٽياري آفيس کان ٿي وقار ٻيٽ تي پھتو ھو. ڪڙل کيس پنھنجي مخصوص آواز ۾ ڀليڪار چيو. ھن مٿي ڏٺو جتي سپي ۽ ڪوڏا اڏامي رھيا ھئا.
”ھي ڏسو توھان لاءِ گهر پيو ٺھي.“ وقار مرڪي مٿي ڏسي چيو.
پر پکي مختلف آھن، کين ڪو قيمتي گهر نہ گهرجي، جنھن تي لکين رپيا خرچ ڪيا وڃن. نہ ئي کين تعريف جو اونو رھي ٿو. پکي جذباتي ڏيتي ليتي کان بہ آجا آھن، جيڪڏھن پيار بہ ڪن ٿا تہ غير مشروط. انسان ھجن ھا تہ مقامي ماڻهو کين زوري اٿارڻ جي ڪوشش ڪن ھا، جيڪو سلسلو اجائي ويڙھ تي وڃي ختم ٿئي ٿا، پر پکي پيار جا پيغامي ٿين ٿا. پکين جي دنيا غلبي جي اثر کان آجي آھي. اھا ننڍڙي يا ڪا محدود دنيا ناھي، جيئن انسان جو وسيع ذھن آھي. ان جي ذھن جي طاقت لامحدود آھي، پر ڪٿي نہ ڪٿي انسان ننڍڙي سوچ جي ڄار ۾ ڦاسي ان لاءِ محدود طاقت کي وڃائي ٿو ويھي.
وقار جي دل چوي ٿي تہ سپي ۽ ڪوڏ کي سڏائي، ساڻن ڪچھري ڪري ۽ سندن لامحدود دنيا جي باري ۾ پڇي تہ مٿان کان کين دنيا ڪيئن ٿي نظر اچي!
سوچن جي دنيا مان نڪري ھو ماڙيءَ تي ٿيندڙ ڪم جو جائزو وٺڻ لڳو آھن. مزدور دل و جان سان ڪم ۾ مصروف ھئا. ھر طرف گھماگھمي لڳي پئي ھئي. ڪجهہ وقت اڳ ھن آکيري ۾ ٻہ کن ھلڪي بادامي رنگ جا ڪارن چٽن وارا آنا ڏنا ھئا. ڏيڍ مھينو تہ ٻچن تي آرو ڪن ٿا. ڪڙل جي ٻچن کي اڏامڻ ۾ اٽڪل پنج مھينا لڳي وڃن ٿا.
گرميءَ ۾ ھي پرديسي پکي پنھنجي ملڪ واپس ھليو ويندو. ھي پکي ڪيترو نہ مستقل مزاج آھي. ماڻهن ٻڌايو ھو تہ ھن پکي جو اھو خاندان پوين پنجويھن سالن کان ھتي اچي رھندو آھي.
وقار پنھنجي دل ۾ پکيءَ لاءِ پيار جو سمنڊ اٿلندي محسوس ڪيو. ڇو تہ ھي پکي سنڌ ڌرتيءَ سان پيار ڪن ٿا. وري وري موٽي ھتي اچن ٿا. ھنن جي تن ۾ مکي ڍنڍ جو پاڻي ڇلڪي رھيو آھي. ھي قديم سنڌ جي ھنج ۾ اچي آرامي ٿين ٿا. ھنن پکين ھتان جي ڍنڍن ۽ دريائن کي سونھن بخشي آھي.
سنڌ سان پيار ڪندڙ بہ تہ سنڌ جي عڪس مثل آھن.
امر آھي اھو پيار، جنھن جي گھرائي ۾ ڪا ٻيائي نہ ھجي، جهنگلي گلن تي ماکي جي مکين ڦيرا پئي ڏنا.
سچائي پيار کي امرتا بخشي ٿي.
ڪريم اچي وقار کي سڄي تفصيل ٻڌائڻ لڳو. ھو بہ ڪم مان مطمئن ٿي ٻيڙي ۾ چڙھي واپس آفيس ڏانھن روانو ٿيو. ھو خوش ھو، تمام گهڻو خوش. ان مرحلي شروع ٿيڻ لاءِ وقار سندس دوستن ڪيتريون ئي ڪوششون ورتيون. ماحوليات جي ٽيم سان ھو انگلينڊ ۾ مسلسل رابطي ۾ ھو. ڪيترا فيڪس ۽ فون تي رابطا ڪيائين. گذريل اٺن مھينن کان مقامي ماڻهن جي احتجاج ۾ شدت پيدا ٿي وئي ھئي. انتظامي معاملن ۾ پڻ بدنظمي واري صورتحال جي ڪري ڊيم جي ڪم ۾ رخنو پئجي رھيو ھو. اھو تمام عرصو ھو پريشان رھيو، پر جڏھن انگلينڊ مان ڪلائيو آيو تہ اھو مونجهاري ۾ پيل ڪم ڏسي پريشان ٿيو. سڄي دنيا ۾ موسم بدلجي رھيا ھئا. برساتن پوڻ ڪري ٻوڏ جو خطرو پڻ وڌي رھيو ھو. اھڙي صورتحال ۾ ماڙي جي بقا کي وڏو خطرو ھو. ان ڪري ان ڪم جو جلد از جلد مڪمل ٿيڻ ضروري ھو. ھونئن بہ ٻاھريان ڪنسلٽنٽ ڪجهہ عرصي ۾ پراجيڪٽ پورو ڪري واپس ھليا ويندا. باقي ڪم ديسي آفيسر ڪرائيندا. ان ڪري بہ وقار کي پريشاني ھئي تہ انگريزن جي وڃڻ کان اڳ ئي اھو ڪم پورو ڪرائي وٺي.
فش ايگل جا ٻہ ٻچا آکيري ۾ ويٺل نظر ايندا ھئا. اھي بہ ٿوري عرصي ۾ اڏامڻ وارا ھئا.
گرميءَ جي موسم شروع ٿيڻ سان ئي اھي پرڏيھي پکي واپس اُسھڻ شروع ڪري ڏيندا.
ٻئي سال سياري جي موسم ۾ سپي ۽ ڪوڏ واپس ايندا تہ کين پنھنجو آکيرو اڃا بہ وڌيڪ مضبوط محسوس ٿيندو. ڪاش توھان اسان انسانن جي ٻولي سمجهي سگهو ھا، پوءِ توھان کي احساس ٿئي ھا تہ توھان جي ذڪرسان شاعري ۽ ڪھاڻيون ڀريون پيون آھن.
توھان جا پر، انسانن جي خوابن کي ڪيترو نہ اتساھين ٿا، ڪاش سمجهي سگهو ھا!.
سياري جا پڇاڙڪا ڏينھن ھئا، ھن ڀيري سيارو چوٽ پڙھيل ھو. ٻئي پکي آسمان تي اڏامي رھيا ھئا. فش ايگل ماحولياتي آلودگي وگهي ختم ٿيندو پيو وڃي. ھنن جا پر آسمان جيان وشال آھن. ھن پکيءَ کي شڪاري پکي (Bird of Prey) بہ چيو وڃي ٿو.
”ھا مون ھن کي شڪار ڪندي ڏٺو آھي، ھن جي ڦڙتي ۽ ھوشياري حيران ڪندڙ آھي.“ وقار چيو.
”فش ايگل چاليھن سالن کان مٿي جيئرا رھي سگهن ٿا.“ ڪلائيو چيو.
ڪڙل (فش ايگل) مٿي آسمان تي اڏامي رھيو آھي ۽ مکي جي سون وانگر جرڪندڙ لھرن ۾ زندگي جي رواني آھي.
نيري اُڀ جي پس منظر ۾ اڏامندڙ اڇا پکي انتھائي خوبصورت لڳن ٿا.
”ھي علائقو ڏسي مان تمام گهڻو متاثر ٿيو آھيان.“ ڪلائيو خيال جو اظھار ڪيو.
”ھا ھتي فطري سونھن وکريل آھي.“ وقار وراڻيو.
ڪلائيو واپس آفيس ھليو ويو. احمد ملاح ٻيڙي ۾ پٿر رکرائي ماڙيءَ ڏانهن وڃڻ لاءِ تيار بيٺو ھو.
وقار کيس ھدايتون ڏيئي رھيو ھو. ھن سان ڪريم بہ گڏ ھو.
وقار واپس آفيس ڏانهن موٽيو تہ احمد ۽ ڪريم ملاحن کي اڳتي وڌڻ لاءِ ھڪل ڪئي. ٻيڙيون ھوريان ھوريان مکيءَ جي لھرن تي ڪنول جيان ترڻ لڳيون. پتڻ وٽ مھاڻا ڏنڊا ۽ پٿر کنيو بيٺا ھئا. احمد ملاح گهٻرائجي ويو.
”تون گهٻراءَ نہ اڳتي وڌندو ھل.“ ڪريم کيس آٿت ڏني.
”خبردار جي اڳتي وڌيا آھيو تہ سٺو نہ ٿيندو.“ ھڪ مھاڻي ھڪل ڏني.
علڻ ارڏو ۽ ويڙھاڪ مڙس ھو. ھن مھاڻن جي اڳواڻي پئي ڪئي. ان سڄي معاملي ۾ ھو سرگرم رڪن ھو.
”رستو ڇڏيو ۽ اسان کي وڃڻ ڏيو.“ ڪريم ٿڌي انداز ۾ چيو.
”پھريان وڃي صاحبن کي ٻڌايو تہ اسان اهو ڪم ٿيڻ نہ ڏينداسين. پھريون اسان جي زمين جو حساب ڪتاب چڪتو ڪيو.“ علڻ ضد ڪري بيھي رھيو.
جڏھن ڪريم محسوس ڪيو تہ معاملو ڏکيو آھي ۽ ھتي دال نہ ڳرندي تہ ھن احمد ملاح کي واپس ھلڻ جو مشورو ڏنو.
ٻيڙيون رخ بدلائي واپسي جي سفر تي اسھيون تہ احمد ملاح بہ ٿڌو ساھہ ڀريو.
”وقار صاحب تہ جيڪر ڏاڍو ڪاوڙبو.“ احمد ڏک مان چيو.
چوٽياري آفيس پھچي سڄو معاملو وقار سان سليائون تہ وقار جو منھن لھي ويو. کيس محسوس ٿيو تہ ڄڻ ھو وري اچي ساڳئي ھنڌ تي بيٺو آھي.
ڪجهہ ڏينھن اڳ ھن جي مقامي مھاڻن سان ڳالهہ ٻولهہ ٿي ھئي، پر جيئن تہ ھڪ غريب ماڻهو ھر طرح جا مسئلا برداشت ڪري ٿو. ان ڪري ھڪ وقت اھڙو اچي ٿو، جو ھو خود رحمي جي طاقت ساڻ ڪري اٿي ٿو بيھي.
خوف بہ تہ اڻ وڻندڙ سمجهوتو آھي. ماڻهو زندگيءَ ۾ ڪيترائي سمجهوتا ڪري ٿو، جيئڻ لاءِ جتن ڪندي کيس جهڪڻو پوي ٿو، پر پوءِ بہ ھڪ درد اھڙو اچي ٿو، جڏھن ھو مصلحت جي ڪن مان ٻاھر نڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي ٿو.
وقار ۽ دوست انهن سادن ۽ اٻوجهہ ماڻهن جو نہ فقط پاسو کڻڻ ٿا، پر جتي بہ ھو کين پڪارين ٿا تہ ھو بنا ڪنھن ھٻڪ جي سندن مدد ڪرڻ پھچي وڃن ٿا، پر اڪثر ڪامورا انهن غريب ماڻهن جي زمين جا پئسا ھڙپ ڪري، ملڪ مان ڀڄي وڃي پرڏيھ ۾ پھتا ھئا. الزام آيل ھڪ ڪامورو روڊ ايڪسڊنٽ ۾ گذاري ويو. اھا ڳالهہ انهن پورھيتن کي سمجهہ ۾ نہ پئي اچي تہ ھاڻي سرڪار ڇو اھي پئسا ڀري ڏيندي. اھو ڪو پھريون دفعو نہ ٿيو آھي، پورھيتن، ھارين ۽ مزدورن جو استحصال صدين کان ٿي رھيو آھي.
اھي سايون سندر ٻنيون کسجي وڃڻ کان پوءِ، مقامي ماڻهن جي احساس محرومي اڃان وڌي آھي. وقار کي خبر ھئي تہ جيئن ئي ڊيم جي باقي حصن ۽ ماڙي جو ڪم شروع ٿيندو تہ اھي مسئلا ٻيھر ڪر کڻي اٿي پوندا. ھو انهن ماڻهن جي ويجهو ھو، جهنگلي جيوت تي تحقيق دوران اھي جهنگن جا جهانگيئڙا ھر ھنڌ ھن سان گڏ ھلندا ھئا.
يقين ۽ بي يقيني جي جنگ شروع ٿيڻ واري ھئي، ھو انهن ڏينھن جي اچڻ کان ڊنل ھو.
ھڪ طرف ناياب ۽ خوبصورت پکي، ٻيا جانور ھئا تہ ٻئي طرف سٻاجها ماڻهو.
اھي ماڻهو اھا ڳالهہ سمجهڻ کان نابري واري ويٺا ھئا تہ آخر انهن جانور ۽ پکين ۾ اھڙي ڪھڙي ڳالهہ آھي، جو سندن بچاءِ ۽ جانورن کي محفوظ ڪرڻ تي لکين رپيا خرچ ڪيا پيا وڃن. ھو اھا ڳالهہ نہ پيا سمجهن تہ سندن زمين جا پئسا کائيندڙ ۽ ماحوليات جا ماھر ٻہ مختلف معاملا آھن. ھو فقط اھو ضد ڪري رھيا ھئا تہ آخر ڊيم جي اڏاوت ايتري اھم ڇو آھي؟ ۽ ھو ايترا غير اھم ڇو آھن؟
ھتي ماڻهو پيا بک مرن، صحت جي بنيادي سھولتن کان بہ محروم آھن، ٻئي طرف ماحوليات جا ماھر جانور ۽ پکين جي پر گهور ۽ سار سنڀار پيا لھن.
وقار کي محسوس ٿي رھيو ھو تہ جيڪڏھن ھي ماڻهو وڌيڪ واويلا مچائيندا تہ پوءِ شايد ڊيم جو ڪم رڪجي وڃي.
ماحوليات جي ماھرن ۾ تجسس ھو تہ جلد از جلد اھو ڪم ختم ٿي وڃي. اوترو ئي وقار کي بہ ان ڪم جي مڪمل ٿيڻ جي اڻ تڻ ھئي.
وقار جي ڪلائيو، چارلس، ڊيوڊ، البرٽ ۽ جوليا سان ميٽنگ ٿي.
”منھنجي خيال ۾ في الحال ڪم کي روڪي ڇڏجي، جيستائين ماڻهن سان ڳالهہ ٻولهہ ڪجي ۽ کين سمجهائجي.“ وقار چيو.
”دراصل ماڻهن سان جيڪا زيادتي ٿي آھي. سندن زمينون کسيون ويون آھن ۽ گهر ڊاٺا ويا آھن. ان ڪري ھو ڪا ڳالهہ ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ناھن.“ وقار چيو.
”منھنجي خيال ۾ ڪم جاري رکڻ گهرجي. ڇو تہ جڏھن بہ ڪو ڪم شروع ڪجي ٿو تہ ان جو رڪجي وڃڻ ان ٽيم جي ناڪامي چئبي، يا تہ ڪم شروع ٿيڻ کان اڳ اھي سمورا مسئلا ڏسي وائسي پوءِ ان ۾ ھٿ وجهڻ گهرجي ھا، پر جڏھن ڪو پراجيڪٽ شروع ٿي وڃي ٿو تہ پوءِ ان کي جاري رکڻ ضروري ٿيو پوي.“ ڊيوڊ خيال ظاھر ڪيو.
”مان سمجهان ٿي تہ ماڻهن کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي. کين سمجهايو وڃي. صورتحال واضح ٿيڻ کان پوءِ ھو ڪم ۾ رڪاوٽون نہ وجهندا.“ جوليا چيو.
ميٽنگ ختم ٿيڻ بعد وقار، ڪريم کي آفيس گهرائي ٿو.
”تون ھيئن ڪر جو ڏينھن ٻن ۾ انهن ڳوٺاڻي سان منھنجي ملاقات ڪراءِ.“
”سائين في الحال ڏاڍي ڪاوڙ ۾ آھن. ٻہ ٽي ڏينھن گذرڻ ڏيو، سندن ڪاوڙ بہ جهڪي ٿي ويندي.“
بھرحال تون ھاڻي جو ھاڻي وڃ، ائين کين منھنجو نياپو ڏي ۽ ڪوشش ڪر تہ سڀاڻي ئي ساڻن گڏجاڻي ڪجي.“
وقار جي ڳالهہ ٻڌي ڪريم بہ سوچ ۾ پئجي ويو، پر کيس ان معاملي جو ڪوحل تہ ڪڍڻو ھو.
***