8
ماڻهو پرجوش نعرا ھڻي رھيا ھئا، کين اھلڪارن جي ڌمڪين، مڪن، لٺين جي ڪا بہ پرواھ نہ ھئي. وقار ڏٺو تہ معاملو خراب ٿيندو پيو وڃي. ھڪ فوجي کيس اندر وڃڻ جو چيو تہ ھو اندرھليو آيو.
اڄ کيس جوڻيجن جي ماڙي لاءِ فائنل رپورٽ ڏيڻي ھئي. ھن سڄو ڪم ڪري ورتو ھو. ھن ڪريم کي فون ڪئي، ڪريم بخار ۾ ورتل گهر ۾ پيو ھو.
”يار ماڻهو بي قابو ٿي رھيا آھن، تون کين سمجهاءِ، ائين مسئلو حل نہ ٿيندو، ڪيستائين پيا اھلڪارن سان وڙھندا رھندا.“
ڪريم خاموشي سان کيس ٻڌندو رھيو.
ھن بہ ڪريم جي خاموشي کي محسوس ڪري ورتو. معاملو ڪريم جي سمجهہ کان ٻاھر ھو. بلڪہ ھن موڙ تي ماڻهن کي سمجهائڻ بہ مشڪل ھو. ماڻهن ۾ بي چيني ۽ بي اطميناني، ھن پھرين ڏينھن کان محسوس ڪئي ھئي. پر ان وقت کين انصاف ملڻ جي اميد ھئي، جيڪا وقت گذرڻ سان گڏ نااميدي ۾ بدلجي وئي. جڏھن ماڻهن جي دانھن نہ ٻڌي وڃي تہ پوءِ ھو جارحيت وارو رستو اختيار ڪن ٿا. اھي ماڻهو ملي ڪو سٺو وڪيل ڪري پنھنجو ڪيس کڻي ڪورٽن ۾ ڇو نہ ٿا وڃن؟ ماڻهو ھميشہ منجهيل ۽ پريشان ڇو ٿا نظر اچن. ڪيترائي سوال وقار جي ذھن ۾ اٿندي، بنان جواب جي اڌورا رھجي ويا. توڙي جو وقار انهن آفيسرن مان ھو، جنھن سدائين ڊيم تي ڪم ڪندڙ ھر ماڻهوءَ کي اھم سمجهيو آھي. ھن سدائين مزدورن جي حقن جي پچار ڪئي ۽ کين اھميت ڏني، ڇو تہ ھن سدائين اھا ڳالهہ محسوس ڪئي ھئي تہ جيڪڏھن ڪم واري ھنڌ تي مزدور مطمئن نہ آھن تہ ڪم جو معيار بہ بھتر نہ ٿو ٿئي. معاشري جي سمورين براين جو سبب ھو دولت جي غير منصفاڻي ورڇ کي سمجهي ٿو. سرمائيدار ٽجوڙيون پيا ڀرين ۽ مزدور طبقو غريب کان غريب ترين ٿيندو پيو وڃي.
***
وقار حيدرآباد مان ٻارن کي گڏ وٺي آيو ھو، جيڪي ريسٽ ھائوس ۾ ترسيل ھئا. آفيس جي ڪم ڪار کان فارغ ٿي ريسٽ ھائوس پھتو، جتي ارسل رانديڪن سان کيڏي رھيو ھو. سندس ننڍڙي ڀيڻ عيني بہ ڀرسان گڏين سان کيڏي رھي ھئي. ارم چانھ تي سندس انتظار ڪري رھي ھئي.
”سڀاڻي ڊنر تي ھلڻو آھي، ڊيوڊ دعوت ڏني آھي.“ چانھ جو ڍڪ ڀريندي وقار ارم ڏانهن ڏسي چيو.
ارسل ۽ عيني وڙھي پيا، ارسل ڊوڙندو اچي سندس ڀرسان بيٺو.
”بابا، عيني منھنجي ڪار ڀڃي ڇڏي.“
”بابا، ارسل منھنجي گڏي ڀڃي ڇڏي.“
عيني روئڻ لڳي.
”نہ تون ڪار ڀڃين ھا ۽ نہ ئي ارسل تنھنجي گڏي جي ٻانھن ڀڃي ھا.“ وقار مرڪي چيو.
”بابا بابا گڏي جي ٻانھن ڏسو ٺھي وئي.“
ارسل ٻانھن گڏي جي ڪلهي ۾ لڳائيندي چيو.
”۽ ھي تنھنجي گاڏي جو ڦيٿو ٻيھر لڳي ويو.“ ارم گاڏي ارسل کي ڏيندي چيو.
ٻئي ٻار ٻيھر دوست بڻجي ويا.
”سڄو ڏينھن وڙھندا ۽ پرچندا رھن ٿا.“ ارم مرڪي چيو.
”ھا اھا ئي ٻارن جي دنيا جي سونھن آھي تہ ھر شيءِ جلد وساري ڇڏيندا آھن.“
”تو کي سانگهڙ ڪيئن لڳو.“ هن ارم کان پڇيو.
”سٺو شھر آھي، قديم ۽ خاموش، مون کي ھتي جي سانت وڻي ٿي.“
”ھتي جي تاريخ بہ دلچسپ آھي.“ وقار جي سوچ تاريخ جي ور وڪڙ رستن تي ڀٽڪڻ لڳي.
ڊنر ۾ وقار جڏھن خاندان سان پھتو تہ سڀ ارم ۽ ٻارن سان ملي خوش ٿيا. ارم جي گج وارو ويس سندر لڳي رھيو ھو. ھوءَ ٽينا ۽ جوليا سان ويھي رھي. ٻئي کانئس حال احوال وٺڻ لڳيون. چارلس اڃان نہ پھتو ھو، ھو شايد نہ اچي، ڇو تہ اڄ ھو وقار سان ھڪ بحث مباحثي کان پوءِ منھن خراب ڪري جلد آفيس مان ھليو ويو. بلڊ پريشر بہ وڌيل ھيس. وقار، ڊيوڊ، اسٽيو ۽ البرٽ سان ويھي رھيو. ھو جهنگلي جيوت تي ڳالهائڻ لڳا.
”ھتي جهنگلي جانور، ٻيلن جي ختم ٿيڻ سان گهٽجي ويا آھن.“ وقار چيو.
”ھتي ڪھڙا جانور اڃان بہ آھن.“ ڊيوڊ پڇيو.
”ڦاڙھو، واڳو وغيرہ ھتي گهڻا ھوندا ھئا، سنڌ ۾ ملندڙ ڦاڙھي جي نسل کي Hog dear (Axis porcinus) چيو وڃي ٿو، جنھن جو تعلق Artiodactyla جي cervidae ڪٽنب سان آھي.“
”ويري انٽريسٽنگ.“ البرٽ چيو.
”سنڌ کان سواءِ پاڪستان جي ٻين علائقن ۾ ڪٿي ڦاڙھو ملي ٿو؟“ ڊيوڊ پڇيو.
”پاڪستان ۾ درياھن جي آسپاس بھاولپور، مظفر ڳڙھ، ڊيرہ غازي خان ۽ تونسا بئراج جي اردگرد ملي ٿو. سنڌ ۾ وري سنڌوءَ درياءَ جي ڪچي جي گهاٽي جهنگ، ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، ڪيٽي ساھو، راڄڙي ٻيلي ۾ ملي ٿو. سمجهو تہ سنڌ جي ڪچي واري علائقي ۾ ڦاڙھي جو نسل ختم ٿي چڪو آھي. باقي سانگهڙ ۽ نارا جي مکيءَ جي آس پاس ڪجهہ ڦاڙھا موجود آھن.“
وقار جي ڳالهہ ٻڌي البرٽ چيو:
شڪار تي پابندي وجهڻ گهربي ھئي.“
”ھونئن تہ بظاھر پابندي آھي پر ڪي شڪاري لڪ ڇپ ۾ اچي انهن اڻ لڀ جانورن جو شڪار ڪريو ڇڏين.“ وقار وراڻيو.
”ھتي واڳو بہ ھوندا.“ البرٽ پڇيو.
”ھتي ٻن کان ڇھ ھزار واڳون رھن ٿا. پر واڳن جو تعداد گهٽجي رھيو آھي. واڳو جي کل قيمتي ھئڻ ڪري شڪاري واڳن کي پيا ڳوليندا آھن.“
وقار جون ڳالهيون سڀ دلچسپي سان ٻڌي رھيا ھئا. ٺيڪ ان مھل چارلس فون ڪري ٻڌايو تہ ھن جي طبيعت خراب آھي، ھو نہ اچي سگهندو.
وقار ڏٺو تہ جوليا، ارم سان ويٺي ھئي، کيس ڏسي جوليا بہ مرڪي پئي، کيس لڳو تہ ارم ۽ جوليا جي دوستي ٿي وئي ھئي.
ٻاھر ھلڪي برسات پئجي رھي ھئي. خاموش ۽ بنا گجگوڙ جي، جنوري جا پڇاڙڪا ڏينھن ھئا، اترين علائقن ۾ گهڻي برفباري ٿي ھئي. اتر واءُ لڳڻ ڪري سنڌ بہ سرد ترين علائقو بڻجي پئي ھئي.
ڳاڙھي رنگ جي شرٽ ۾ جوليا بہ وقت جي ٽاريءَ تي ٽڙندڙ ڳاڙھو گلاب لڳي رھي ھئي. ھوءِ خوبصورت ۽ منفرد ھئي ۽ سڀني جي نظرن جو مرڪز بہ. ارم بہ ٿوري دير ۾ وقار جي نظرن جو ڳجهہ پرکي ورتو، ھوءَ ٿوري دير لاءِ خاموش ٿي وئي. سڀ کلي ڳالهائي رھيا ھئا. سڀ ماني کائڻ لاءِ اٿيا. ماني ۾ چائنيز، اٽالين ۽ ڪجهہ سنڌي کاڌا بہ ھئا.
ارم کي محسوس ٿيو تہ وقار، جوليا سان ھرو ڀرو ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. يا ڪو نہ ڪو ذومعني جملو ضرور چوي ٿو، جنھن سان جوليا جي چھري جو رنگ، گلابي پتين جي سرھائي ۾ بدلجي وڃي ٿو.
وقار انهن ڏينھن ۾ آفيس جي مسئلن ۾ منجهيل رھڻ لڳو. چوٽياري جي شھرين ۾ جيڪا بيچيني جي لھر ڦھليل ھئي، ان جي خاتمي جي ڪا صورت نظر نہ اچي رھي ھئي. ھڪ طرف سندس دوست ھئا تہ ٻئي طرف سندس آفيسر، وقار جي خلاف ٿي پيا ھئا. وقار بہ اصول تي سمجهوتو ڪرڻ وارو نہ ھو، ان ڪري کيس انجام جي ڪا بہ پرواھ نہ ھئي. ٻار ۽ زال گهر ۾ ھن جو انتظار ڪندا ھئا ۽ ھو مسئلن ۾ منجهي پوندو ھو. رات جو جڏھن دير سان واپس آيو تہ ٻار، ھن جو انتظار ڪري سمجهي رھيا ھئا. وقار ماني بہ نہ کاڌي ۽ ٽي وي آڏو ويھي چينل بدلائيندو رھيو.
”ڇا ڳالهہ آھي پريشان ٿا ڏسجو.“ ارم ھونئن تہ ناراض ھئي پر ھن جي خاموشي کي محسوس ڪري ھن جي ڀرسان اچي ويٺي.
”پريشان ڇو آھيو؟“ ارم پريشانيءَ مان ٻيھر پڇيو.
”ڪجهہ نہ بس ٿڪل آھيان.“ وقار بيدليءَ سان وراڻيو.
”پوءِ ھلي آرام ڪريو.“ ارم سندس اندر جو ڳجهہ پرکڻ جي ڪوشش ڪندي چيو.
ائين چئي ارم رڌڻي ۾ ھلي وئي. ڪم ڪار مان فارغ ٿي آئي تہ وقار بستري تي ليٽي چڪو ھو. ارم سڄي ڏينھن جي ٿڪل ھئي. بستري تي ليٽندي ئي سمھي رھي. البتہ وقار جاڳي رھيو ھو. ھن جي سوچ دور جي المين ۾ ڀٽڪڻ لڳي. ھونئن بہ تاريخ جو ڪم ڪرڻ ڪري ھو ماضي ۽ حال جي لمحن ۾ ورھايل ھو. جڏھن کان سانگهڙ آيو ھو تہ دوستن سان اڪثر ڪچھريون ٿينديون ھيس. ھو سانگهڙ جي تاريخ جي موھ ۾ وڃائجي ويندو ھو. ھڪ دؤر جي جدوجھد جو داستان ھتان جي ماڻهن جي ذھن ۽ دل ۾ ڄڻ تہ جذب ٿيل ھو. اڄ بہ علي حسن ڪي واقعا ٻڌايا ھيس، جنھن ۾ ھڪ واقعو تہ وقار جي ذھن ۾ نقش ٿي ويو. حر تحريڪ دوران جڏھن ھڪ عورت پنھنجي مڙس رحيم ھنڱوري کي ڇڏائڻ لاءِ سينٽرل جيل حيدرآباد اچي، پنھنجي ساٿين سان ملي حملو ڪيو ھو. اھا عورت جنھن جو نالو ڀاڳلي ھو. ھوءَ اٺن ۽ گهوڙن تي سوار قافلي جي رھنمائي ڪندي وڃي جيل تي پھتي ھئي. سندس مڙس کي ڦاهيءَ جو حڪم ھو، پر جيل جي ديوار تي چڙھڻ جي ڪوشش ۾ وڃي ھيٺ ڪريو ۽ زخمي ٿي پيو. مٿان پوليس بہ فائرنگ ڪئي. پوليس کيس ٻيھر وڃي کولي ۾ وڌو، سندس وني مايوس ٿي سانگهڙ موٽي. ان قيديءَ کي ڪجهہ ڏينھن ۾ ڦاھيء چاڙھيو ويو. اھو دؤر ۽ واقعو بار بار وقار جي ذھن ۾ ڦري رھيو ھو. سنڌ کي ڌارين جي ڪاھن دوران لٽيو ڦريو ويو. سنڌ جا وسيلا عربن، ارغونن، ترخانن ۽ مغلن لاءِ ڪشش جو سبب ھئا، جن اچي سنڌ جي وسيلن تي قبضا ڪيا. ھتان جو اصلوڪو رھاڪو احساس ڪمتري ۽ احساس محرومي وگهي زندگيءَ گذارڻ شروع ڪئي. ان کانپوءِ انگريزن اچي باقي ڪسر پوري ڪئي. تڏھن تہ سنڌ جي ماڻهن ۾ احساس محروم اڄ بہ موجود آھي. انگريزن جي دؤر ۾ حرن ساڻن مھاڏو اٽڪايو ۽ پنھنجي جانين جو نذرانو ڏنو.
صبح جو آفيس وڃڻ کان اڳ وقار، ارم کي چيو تہ ھو آفيس مان جلدي موٽي ايندو. اڄ ھو منصورہ جا پراڻا آثار ڏسڻ ويندا. وقار جي وڃڻ کان پوءِ ارم جلدي ڪم نبيريا. ٻارن کي تيار ڪري پاڻ بہ جلدي تيار ٿي. وقار جو انتظار ڪرڻ لڳي. ٻارنھين وڳي گاڏي اچي در تي پھتي تہ وقار کي ھوءَ تيار ملي. ٻار بہ تمام گهڻو خوش ھئا. ٻي گاڏي ۾ جوليا، البرٽ ۽ ڊيوڊ ويٺا ھئا. فيبروري جي سج آسمان تي چمڪي رھيو ھو. سانگهڙ جا رستا ساوڪ سان ڍڪيل ھئا. سج جي ڪرڻن جي روشنيءَ ۾ ٻنيون، ٻوٽا ۽ وڻ جرڪي رھيا ھئا. ٿڌي ھوا گهلي رھي ھئي. ھر طرف ٻوٽن ۽ آلي مٽي جي خوشبوءِ وکريل ھئي. وقار ڊرائيور سان ويٺو ھو. ارم پٺيان ٻارن سان ويٺي ھئي. وقار کيس خطي جي تاريخ جي باري ۾ ٻڌائي رھيو ھو. ٻار ٻڪرين، اٺن ۽ مينھن کي ڏسي خوش ٿي رھيا ھئا.
بناوٽ کان وانجهيل اھا فطري زندگي ھئي. ان ماحول ۾ ھوا بہ گدلاڻ کان پاڪ ھئي. ھڪ شفاف ۽ اجرو احساس ھر منظر تي ڇانيل ھو. ھڪ وڻندڙ خاموشي، جيڪا ٻھراڙي جي زندگيءَ جو اھم حصو آھي.
برھمڻ آباد جا قديم کنڊر جيڪي ھو ڏسڻ وڃي رھيا ھئا، سانگهڙ ضلعي جي سنجهوري تعلقي ۾ شھدادپور کان اٺ ميل اوڀر طرف چئن ميلن جي ايراضي ۾ پکڙيل آھن. ”پنجين صدي قبل مسيح ۾ اھو شھر ايران جي بادشاھہ اردشير ٺھرايو ھو.“ وقار، ارم کي تاريخ جي ڄاڻ ڏيندي چيو.
”پھريان ھي شھر سندس نالي پٺيان ’بھمت آباد‘ سڏيو ويو پر پوءِ برھمڻ راڄ ۾ ’برھمڻ آباد‘ مشھور ٿيو.“
منصورہ جي آثارن وٽ پھچي البرٽ، جوليا، ٽينا، اسٽيو ۽ ڊيوڊ بہ وقار ۽ ارم سان اچي مليا. ارسل ۽ عيني بہ جاگرز ۽ ڪيپ ۾ آرڪيالاجسٽ لڳي رھيا ھئا، وقار اڄ سندن گائيڊ ھو. جوليا پيلي رنگ جي شرٽ ۽ ناسي جينز ۾ سورج مکي جو گل لڳي رھي ھئي.
”زبردست کنڊرات آھن.“ ڊيوڊ غور سان چوڌاري ڏسندي چيو.
”ھي شھر تباھ ڪيئن ٿيو؟“ جوليا، وقار جي ڀرسان ھلڻ لڳي.
”يارھين صدي ڌاري، درياھ جي رخ ڦرڻ ڪري اھو شاندار شھر ڦٽي نيست و نابود ٿي ويو. سورھن سؤ سالن جي عظمت جي تاريخ ھن شھر سان وابستہ آھي. چچ جي زماني ۾ ڇھين صديءَ ڌاري ھن شھر جا جيڪي کنڊرات توھان ڏسي رھيا آھيو. لوھاڻي پرڳڻي جي گادي جو ھنڌ ھو، جنھن جي حڪومت ۾ سنڌ جو سڄو ڏاکڻو حصو شامل ھو. سومرن جي دؤر تائين ھي شھر، سنڌ جي علم، واپار ۽ سياست جو مرڪز ۽ سنڌ جي قومي ڪردار جو علمبردار ھو.“
”ھا واقعي کنڊرن مان لڳي پيو تہ ھي شھر ماضيءَ ۾ وڏي حيثيت جو حامل ھوندو.“ البرٽ چيو.
”عربن اچي ھن علائقي کي منصورہ جو نالو ڏنو.“ وقار سندس معلومات ۾ اضافو ڪندي چيو.
برھمڻ آباد جي چؤگرد باقي بچيل قلعي ۾ گهمندي ماضي جي قديم ھڳاءَ کي محسوس ڪرڻ لڳا. سڄو شھر قلعي اندر آباد ھو. ھي قلعو ناقابل تسخير ھو، جنھن تي قبضي ڪرڻ لاءِ چچ، راجا ڏاھر ۽ محمد بن قاسم کي ۽ ان بعد بنو اميہ ۽ بنو عباس جي سمورن گورنرن کي مشڪلاتون ڏسڻيون پيون.
وقار قلعي بابت ڄاڻ ڏيئي رھيو ھو.
ماضيءَ جا پيرا کڻڻ عجيب فن آھي. ھر شيءَ فنا ڏانهن سفر ڪري رھي آھي. وقت سمورا نشان مٽائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پر پوءِ بہ ڪيتريون ئي نشانيون رھجي وينديون آھن. ڪي ڊٺل ڀتيون آھن. مٽيءَ جو فقط ڍير آھي. وقت جي واري نہ ڄاڻ تہ ڪيترين ئي تھذيبن کي لٽي ڇڏيو آھي. وقت سان گڏ شاندار عمارتون ۽ رھڻي ڪھڻي ختم ٿيو وڃي، پر رڳو چند نشان رھجي وڃن ٿا، جن جي رخ تي تاريخ سفر ڪري ٿي. ارم سوچي رھي ھئي. کيس سنڌ جي پراڻن ماڳن ۽ آثار قديمہ سان دلچسپي ھئي. ھوءَ ماضيءَ جي ڇڪ کي پنھنجي اندر ۾ محسوس ڪرڻ لڳي. ھوءَ پنھنجي ماضي ۽ ثقافتي ورثي سان پيار ڪري ٿي. سنڌ ڌرتي جي باري ۾ اڃان وڌيڪ ڄاڻڻ چاھي ٿي. ھڪ پراسر زمين، جنھن جي باري ۾ حال ۾ رھندڙ ماڻهو گهٽ ڄاڻين ٿا.
ماڻهن جي اڻڄاڻائي جو ڏک ساھ ۾ سانڍي ھيءَ ڌرتي ھوريان ھوريان ساھ کڻي رھي آھي.
”برھمڻ آباد جا کنڊر پھريون ڀيرو مسٽر بيلاسس 1854ع ۾ ڳوليا ھئا، چيو وڃي ٿو تہ کوٽائي دوران ڪيترا عاج مان ٺھيل مجسما مليا، جن ۾ ھڪ عورت جو مجسمو ھو، جنھن جي ھٿ ۾ ڪنول جو گل ھو.“ وقار معلومات ۾ اضافو ڪندي چيو.
ٻار بہ ڏاڍا خوش ھئا، کين ننڍڙيون ٺڪريون ھٿ آيون ھيون.
”مان اسڪول ۾ دوستن کي ڏيکاريندس.“ ارسل ٺڪريون سنڀالي کيسي ۾ رکيون.
”ھڪ ٺڪري مون کي ڏي مان بہ پنھنجي سھيلين کي ڏيکارينديس.“ عيني چيو.
”نہ تون پاڻ ڳول ڇو تہ ھي مون ڳوليون آھن.“
ارسل جي انڪار تي ھوءَ روئي پئي.
جوليا ڪجهہ ٺڪريون ۽ پٿر ميڙي اچي عيني کي ڏنا.
”اچي شاباس نہ رو، تون ھي وٺ.“
ننڍا ننڍا پٿر ۽ ٺڪريون عيني پنھنجي کيسي ۾ رکي مرڪي پئي.
”ٻارن جي پنھنجي عجيب دنيا آھي، نہ کين ماضيءَ جو پروڙ آھي ۽ نہ ئي مستقبل جو اُونو.“ جوليا، ارم ڏانھن ڏسي مرڪي چيو.
”ھا ٻار خوبصورت ٿين ٿا.“ ارم جي چھري تي مامتا جي روشني وکري وئي.
برھمڻ آباد جا آثار ميلن ۾ ڦھليل آھن. قافلو انهن کنڊرن جي درميان ڀٽڪندي ٿڪجي پيو ھو. لھندڙ سج جي روشني ۾ برھمڻ آباد ڪنھن پراسرار جادو نگري جيان لڳي رھيو ھو. سڀئي واپس جي سفر ڏانھن اسھيا.ارم ڪجهہ چپ ھئي. واپس ھلندي جوليا کيس چيو.
”ارم توھان جو لباس خوبصورت اھي، ڪٿان ورتو؟“
”ھي ٻانڌڻو، کپري جو آھي.“ ارم وڏي رئي لاءِ چيو، جيڪو کيس پھريل ھو.
”اڇا!“ جوليا جون اکيون حيرت مان ڪشاديون ٿي ويون.
”ھي ڀرت لاڙڪاڻي جو آھي، جڏھن تہ سوٽ مون ھالا مان ورتو ھو.“
”ڏاڍو خوبصورت لباس آھي.“ جوليا چيو.
واپس ويندي جوليا جو جملو سڄي واٽ سندس ذھن ۾ رھيو.
”توھان خوش نصيب ماڻهو آھيو، جو توھان وٽ موھن جي دڙي جھڙو پراڻو تھذيبي ورثو آھي. پنج ھزار سالن جي طاقت جنھن قوم وٽ ھجي، اھا ذھني جسماني ۽ روحاني طور تي ڪيتري نہ سگهاري ھوندي!“
ارم اھو جملو سوچيندي رھي ۽ سنڌ جي المين تي اداس ٿي وئي. سڀ کان وڏو الميو اھو آھي تہ سنڌ جو ماڻهو پنھنجي تھذيبي ورثي جي طاقت کان محروم آھي، ھو پنھنجي اندر پنجن ھزار سالن جي طاقت کي محسوس ڪري نہ سگهيو آھي. سج پنھنجا سونھري ڪرڻا ڌرتي تي ورھائي افق جي ٻئي پار لھي ويو ۽ ھر طرف ننڍاکڙي اونداھي وکري وئي.
***