ناول

مَکيءَ کان موڪلاڻي

ھي ناول سانگهڙ جي تاريخ، جنگلي جيوت ۽ فش ايگل پکيءَ جي پس منظر ۾ لکيو ويو آھي. ناول ۾ حر تحريڪ ۽ آثار قديمہ جو ذڪر پڻ شامل آھي. ناول جي ڪھاڻي دلچسپ ۽ تجسس سان ڀرپور آھي، جنھن ۾ نوان موڙ ايندا رھن ٿا.  ماحوليات ۽ جنگلي جيوت جي حوالي سان ھي منفرد ناول آھي، شبنم گل ھن ناول ۾ سانگهڙ جي محنت ڪش مزدورن، مھاڻن، پکائين ۽ ھارين نارين جي مسئلن جي ترجماني بہ ڀرپور انداز ۾ ڪئي آھي. ھن ناول ۾ مکي ڍنڍ جي تباھيءَ سان گڏ اتان جي رھاڪن تي آيل مصيبتن جو احوال پڻ آھي.

  • 4.5/5.0
  • 177
  • 36
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شبنم گل
  • ڇاپو ٻيون
Title Cover of book Makhi Khan Moklani

15

چوٽياري ڊيم جو ڪم رولڙي ۾ پئجي ويو ھو. باقي ڳوٺاڻا تہ وقار جي ڳالهہ ٻڌي راضي ٿي ويا ھئا، پر سندس ساٿي علڻ بغاوت جي باھ ٻاري ڏني ھئي. ھن جي اُڪسائڻ تي ڪافي ڳوٺاڻا ٻيھر مڇرجي پيا ھئا. سندن روزگار محدود ھو. مھاڻا تہ ان کانسواءِ بھن، پٻڻ، لوڙھ مان بہ ڪمائين ٿا. انهن درياھن جي ڪنارين تي اُسرندڙ پن، سر ۽ ڪانهن بہ سندن جياپي جو ڪارڻ بڻجي ٿي. انهيءَ پن ۽ سرن جا سلا سندن روزگار جو سبب آھن. مکي ڍنڍ جي آسپاس پکاين جا ڪيترائي گهر آباد آھن. انهن سرن جي ڪانن مان پيھون، منھن، ڇنا، لانڍيون، چونئرا، مڏ ۽ ترھا ٺھن ٿا. ڪانن کي ڇلڻ کانپوءِ موڙا، کاريون، ڇڄ، ڪونڊا ۽ پڃرا پڻ ٺاھيا وڃن ٿا. ايتري ھنر جي باوجود بہ کين ملندڙ اجوري مان ڪو لاڀ حاصل نہ ٿو ٿئي. مھاڻن ۽ پکاين جا ميرا گدلا ٻار غربت جي تصوير بڻيل نظر اچن ٿا. اھو سبب آھي تہ جڏھن مھاڻن جا ڳوٺ، جهوپا، منھن چوٽياري ڊيم جي ور چڙھي ويا. ان ڪري انهن مھاڻن ۽ پکاين ۾ احساس محرومي پيدا ٿي آھي. وقار پکاين وٽ بہ وڃي چڪو ھو.ھن سندن ڪم جو طريقو ويجهو کان ڏٺو ھو. اڪثر پن جي پاڙ کين زخمي ڪري ڇڏي ٿي. صحت جا ٻيا ڪيترائي مسئلا کين وڪوڙي چڪا آهن. ان ڪري جڏھن ئي ھنن ڊيم جي ڪمن ۾ رڪاوٽون وجهڻ شروع ڪيون تہ وقار ڪم بند ڪري ڇڏيو. ڇو تہ ماڻهو ھن تي اعتبار ڪندا ھئا. مھاڻن جا مسئلا جائز ھئا. انهن جي زندگي ڍنڍن ۽ درياھ جي ڪناري تي ڏکي گذرندي ھئي. ھو خطرن کي منھن ڏيئي پاڻيءَ ۾ لھندا ھئا. وقار جو خيال ھو تہ ماڻهن کي مڪمل طور تي اعتماد ۾ وٺي ڪم شروع ڪرائي. ھن کي ڪم جي پروگريس جي باري ۾ رپورٽ ٺاھي انگلينڊ موڪلڻي ھئي. ماحوليات جو ماھر ڪلائيو الڳ کيس زور ڀري رھيو ھو تہ ھو ماڙيءَ جو ڪم جلد شروع ڪرائي. جڏھن تہ چارلس جو خيال ھو تہ وڳوڙي ماڻهن کي ٿاڻي جي ھوا کارائجي، جيئن سندن ھوش ٺڪاڻي تي اچي. اھي پرڏيھي آڦيسر مقامي ماڻهن جي مسئلن کان بي خبر ھئا. وقار ان سوچ ۾ ھو تہ ھو انگريز آفيسرن ۽ ماڻهن جي وچ ۾ ڪا وچولي راھ ڪڍي، جيئن معاملو وڌيڪ خراب نہ ٿئي. ھڪ اخبار جي صحافي انهن ماڻهن جا انٽرويوز اخبار ۽ نيوز چينل تي ھلايا ھئا. معاملو وڌندو ٿي ويو. ھن ڪلائيو کان ڪجهہ ڏينھن جي مھلت گهري ھئي، ڇو تہ کيس خبر ھئي تہ آڦيسر سدائين مقامي غريب ماڻهن کي دٻائي ڌمڪيون ڏيئي سندن حقن کي پائمال ڪندا رھيا ھئا.
ڏاڍ ۽ مظلوميت جي وچ ۾ ٽڪراءُ ازل کان جاري آھي. الائي انهن مسڪين ماڙھن جي نصيب ۾ سکيا ڏينھن نہ ڄاڻ تہ ڪڏھن ايندا. الائي ايندا بہ يا مسڪينن جو وقت رڳو خوابن جي سھاري گذرندو. وقار، ڪجهہ وقت اڳي سريلنڪا، انڊونيشيا ۽ انڊيا ويو ھو. ھن اتي ڏٺو تہ انهن ملڪن ۾ ھارين ۽ مزدورن جو معيارِ زندگي ھتان جي پورھيتن جي ڀيٽ ۾ ڪافي بھتر ھو. سٺو اجورو ملي تہ ڪم جو معيار بہ بھتر ٿئي ٿو. جتي بي يقيني آھي اُتي ڪم جي ڪارڪردگي بہ متاثر ٿئي ٿي. ھتي مزدورن کي بيماري يا ڪنھن اوچتي حادثي جي صورت ۾ ڪو تحفظ حاصل نہ ھو. سارنگ سان وقار ماڙيءَ ڏانھن نڪري رھيو ھو ڪم جو جائزو وٺڻ لاءِ. ڪيترا ڏينھن ٿي چڪا ھئا، جڏھن تہ ھو ڪنھن سان نہ مليو ھو.
ماڙي ڏانهن ويندي، جڏھن ھو ٻيڙيءَ ۾ ويٺا تہ ھلڪا ڪڪر آسمان تي نظر آيا. فرحت بخش ھوا لڳي رھي ھئي، جيڪا ھوريان ھوريان سڄي ماحول ۾ پکيڙي رھي ھئي. اھا خوشبو ڌيان ڇڪائيندڙ ھئي. جنھن حواسن ۾ سرور ڀري احساس کي مدھوش ٿي ڪيو. ماڙيءَ تي پھتا تہ ڪجهہ پٿر پيا ھئا، جيڪي چوڌاري بند ٻڌڻ لاءِ رکيل ھئا.
وقار کي افسوس ٿيو تہ ڪم اڌورو رھجي ويو. اڄ ڳوٺاڻن سان ٻي ميٽنگ ھئي. ھتان ئي کيس بقار ڳوٺ وڃڻو ھو. ھو چاھي پيو تہ ڳوٺاڻن کي اعتماد ۾ وٺي پوءِ ڪم شروع ڪرائي. مقامي ماڻهو، ھاري، پورھيت ۽ مزدور پاڻ کي اڪيلو سمجهي رھيا ھئا. توڙي جو وقار ۽ ساٿين جون ھمدرديون شروع کان انهن اٻوجهہ ماڻهن سان ھيون، پر ماڻهو خالي ھمدردين مان بيزار ٿي چڪا ھئا. ٻئي پاسي وسندي وارا ڪامورا خاموش ھئا. ان ڪري انهن مسئلن ۽ معاملن جو ڪو بہ عملي حل ملڻ ممڪن نہ ھو. احمد مھاڻو بہ بيمار پيو ھو. وسندي وارن کيس پنھنجي خرچ تي اسپتال ۾ دخل ڪرايو ھو. ماڻهن جا مسئلا ڏسي ھو پريشان ٿي ويندو ھو تہ آخر انهن پورھيتن جو ڇا مستقبل وڃي بيھندو!
آسمان تي پرديسي پکي اڏامي رھيا ھئا، جن کي نہ مکي واسين جي مسئلن جي خبر ھئي نہ ئي ڪوڙ، بناوٽ يا ڌوڪي جي.
پکين جي دنيا حسين آھي، ان ڪري ھن کي پکي وڻن ٿا ٻارن وانگر. ٻوٽا پاڻي ۽ پکي ھن جي زندگيءَ جي سونھن آھي.
ھن کي ارسل ۽ عيني ياد اچي ويا، جيڪي فون تي ھن کي ھٿ سان ٺاھيل تصويرن جي باري ۾ ٻڌائيندا آھن.
پر ٽن چئن ڏينھن کان ھو ٻارن سان رابطي ۾ ناھي. ارم بہ نہ ڳالهايو آھي. ارم بي يقيني ۽ اڪيلائيء جو عذاب ڀوڳي رھي ھئي.
وڏن جي دنيا مختلف آھي. ان ڪري انهن پکين کي ڏسي ھن کي ٻار ٿا ياد اچن. سموري سنڌ جا ٻار....
انهن ٻارن جو مستقبل غير يقيني آھي اھي ٻالڪپڻي کي محسوس نہ ٿا ڪري سگهن. اھي ٻار عمر کان وڏا ٿي ويا آھن. غربت جي چڪي ۾ پسجي ويا آھن.
ھر روز آفيس ويندي مھاڻن جا اڌ اگهاڙا ٻار ڏسندو آھي اھي ٻار نسل در نسل ائين ئي ھئا. اڄ بہ ساڳي حال ۾ آھن. سڀاڻي بہ شايد سندن نصيب ساڳيو ھوندو.
غريب ماڻهوءَ جو نصيب جلدي نہ ٿو بدلجي.
مکي ڍنڍ جي مٿان پرديسي پکين جا لامارا آھن. ھي ڍنڍ سندن جيوت جو سبب آھي. ھڪ گھرو ڇانورو آھي، جنھن تي ويھي ھو پنھنجو ٿڪ ڀڃن ٿا.
”سنڌ جي ٻيلن جو مستقبل خطري ۾ آھي.“ سارنگ چوي ٿو.
”ھا ائين تہ آھي.“ وقار گھري سوچ مان وراڻيو.
”ٻيلن جي زمين ڪمرشل مقصدن لاءِ استعمال ٿيڻ لڳي آھي. شھر جي ڀر ۾ ٻيلن کي ڪٽيو وڃي ٿو. ڪيترن شھرن جي وچ ۾ باغيچا ڪٽي اتي ڪمرشل پلازہ ٺاھيا ويا آھن.“سارنگ اداسي سان چيو.
وقار جو خيال ھو تہ ماحوليات، جهنگلي جيوت ۽ ٻيلن تي وڌ ۾ وڌ لکيو وڃي. قلم وسيلي جڏھن اھي مسئلا وائکا ٿيندا تہ حڪومتي ادارن جو ڌيان انهن ڏانهن ويندو.
سڄي دنيا ۾ ماحوليات تي ڪم ٿي رھيو آھي. سنڌ بہ ھڪ زرخيز خطو آھي. ان ڪري ٻاھريان ماڻهو سنڌ جي جهنگلي جيوت لاءِ ڪم ڪرڻ چاھين ٿا.
اڄ سارنگ ۽ وقار ان موضوع تي ڳالهائي رھيا ھئا.
”اڄ مھاڻن سان ملاقات ۾ جيڪڏھن ھنن رضامندي ڏيکاري تہ ڪم شروع ڪرائبو.“ وقار چيو.
”۽ جيڪڏھن ھنن انڪار ڪيو تہ ڇا ماڙيءَ جو ڪم ملتوي ٿي ويندو؟“ سارنگ پڇيو.
وقار خاموش ٿي ويو. کيس سمجهہ ۾ نہ ٿي آيو تہ ان سوال جو ڇا جواب ڏي.
کيس ٻڏتر ۾ ڏسي سارنگ سمجهي ويو تہ وقار پاڻ ان حوالي سان مونجهاري جو شڪار آھي.
ڇا اھي معاملا ائين ئي منجهيل رھندا؟ ھو بہ گھري سوچ ۾ ٻڏي ويو.
ھوا جي تيز جهوٽي تي مکي جو جهنگ بي اختيار جهومڻ لڳو. ٻوٽن مٿان فضا ۾ ڀنڀوريون اُڏري رھيون ھيون.
سج جا ڪرڻا لھرن تي جرڪي رھيا ھئا. سج جي روشنيءَ ۾ مکيءَ جون لھرون حسين لڳنديون آھن. ھوا جي تيز وھڪرو لھرن ۾ ڪتڪتائي ڪڍڻ لڳو ۽ لھرون گد گد ٿيندي، ھڪٻئي پٺيان ڊوڙڻ لڳيون. ان ئي سمي وقار ڏٺو تہ لھرن ۾ آسمان جو شفاف عڪس تري رھيو ھو. مکيءَ تي لهندڙ شفق ۽ اونھاري جي آغاز جو ھڪ خوبصورت ڏينھن ھو.
فطري ماحول سان مھڪندڙ ھڪ تازو توانو ڏينھن.
مھاڻا مڇيءَ جي ڳولا ۾ اڳتي وڌي رھيا ھئا.
”سائين ڪالهہ مون ھن فش ايگل تي ھڪ مضمون پڙھيو. ھي تہ ناياب ۽ شاھي پکي آھي، جنھن کي ھنن انگريزن سڃاتو، نہ تہ اسان جي لاءِ اھو ھڪ عام پکي ھو.“
سارنگ فش ايگل کي آسمان تي اڏامندي ڏسي چيو.
وقار بہ ان کان اڳ پکين سان دلچسپي نہ رکندوھو، پر ان پکيءَ سان ملاقات بعد ھو پکين جي باري ۾ پڙھڻ لڳو. ھن اڇڙي ٿر جي ڪيترين ڍنڍن جو سير ڪيو ھو، جيڪي سياري ۾ پرڏيھي پکين جو مرڪز رھن ٿيون.
مھاڻا ۽ پکي انهن درياھن ۽ ڍنڍن کان سواءِ اڌورا آھن.
”اڄ مھاڻن سان ملاقات جي باري ۾ وري بہ توھان جي ڪا راءِ ھوندي.“ سارنگ تجسس ۾ مبتلا ھو.
منھنجي خيال ۾ ھو ضد تان نہ لھندا. انگريزن مان ڪن جو خيال آھي تہ ماڻهن کي ٿڦاٿڦي ڪري يا حوالات جو سير ڪرائجي پر مان سندس ان سوچ سان سھمت نہ آھيان. ان معاملي کي ڍر ڏيڻ سبب اھو ڪو نتيجو حاصل ٿي نہ سگهيو آھي. ڇو تہ ڏاڍ ۽ جبر سان اعليٰ اختياري وارا ۽ ڪامورا سدائين پورھيتن تي حاوي ٿي وڃن ٿا. ڪالهہ سڄو ڏينھن ڪڙمي اھو اعتراض واريو بيٺا ھئا تہ ھتان جا زميندار پاڻيءَ جو رخ پنھنجي زمين ڏانھن ڦيريو ٿا ڇڏين. اھي مسئلا حقيقت ۾ طبقاتي ڪشمڪش وڌائين ٿا.“
”جي توھان ٺيڪ ٿا چئو. اسان جي روز مرہ جي زندگيءَ جا جهيڙا گهڻي ڀاڱي ان پاڻيءَ جي ورڇ سان لاڳاپيل آھن.“ سارنگ وراڻيو.
”ھا منھنجي خيال ۾ انهن مسئلن جو تڪڙو حل ممڪن ناھي. ماڻهو سجاڳ ٿي رھيا آھن، کين خبر پئجي وئي آھي تہ سندن حقن سان ھٿ چراند بند ٿيڻ گهرجي. ماڻهن جا مسئلا انساني بنيادن تي حل ٿيڻ گهرجن. ساڻن ڳالهہ ٻولهہ يا ڪچھرين وسيلي سندن مسئلا معلوم ڪيا وڃن ٿا تہ پوءِ معاملو مارا ماري تي نہ پھچندو.“ وقار چيو.
”ڳالهہ ٻولهہ وسيلي ئي بھتر حل نڪري سگهي ٿو.“ سارنگ وراڻيو.
آمريت جو دؤر ھو. سڄو ملڪ ڪيترن مسئلن ۽ مونجهارن ۾ وڪوڙيل ھو. لساني فساد ۽ مذھبي انتھا پسندي ملڪ کي لوڏي رکيو ھو. اندروني خلفشار ڏينھون ڏينھن وڌي رھيو ھو. آمريت جو عفريت ملڪ جي خوشحالي کي وڪوڙي چڪو ھو. معاشي مسئلا ڏينھون ڏينھن وڌي رھيا ھئا.
”باز جا ٻچا تہ وڏا ٿي ويا آھن، پر اڃان تائين اڏامندي نظر نہ آيا آھن.“ سارنگ پڇي ٿو.
”ھڪ سو ٽيھن ڏينھن بعد گهڻو ڪري ڪڙل جا ٻچا اُڏامڻ لائق ٿين ٿا. ھاڻ اڏامڻ وارا ھوندا. مھيني ڏيڍ ۾ ھي پکي وري واپس سائبريا ھليو ويندو.“
وقار مٿي آسمان ڏانهن ڏٺو، جتي ڪڙل جو جوڙو اڏامي رھيو ھو. آسمان جو نيرو رنگ ھن جي اکين ۾ لھي آيو. ساڳيو رنگ مکي جي لھرن تي ڇلڪي رھيو ھو. آسمان جي مختلف رنگن ۾ مکي ڍنڍ جو حسن لازوال ٿي پوي ٿو.
ھي ناياب پکي شڪارين ۽ ماحولياتي آلودگي جي نظر ٿيو وڃي. ھونئن بہ قدرتي موت ۽ گهٽ پيدائش سبب، بازن جا ڪيترا نسل ڌرتيءَ تي آخري پساھہ کڻي رھيا آھن.
ھن ٻيٽ تي جوڻيجن جي ھڪ ٻي ماڙي اڃان موجود آھي. وزير ۽ وڏيرا شڪار جي شوق جي پورائي لاءِ ھتي اچي ترسن ٿا. تازو ئي ڪتن جو شوقين اڳوڻو وڏو وزير سوئرن جي شڪار لاءِ ھت آيو ھو.
”ڇا چوٽياري ڊيم ڀرجڻ بعد ھي ماڙي بہ ٻڏي ويندي؟“
”ظاھر آھي تہ ائين ٿيندو ڇو تہ ماڙي پراڻي ۽ زبون حالت ۾ آھي. پاڻيءَ جو زور نہ سھي سگهندي. ائين ماڙيءَ تي ٺھيل باز جو آکيرو بہ لڙھي ويندو.“ وقار جواب ڏنو.
”ان جو مطلب تہ ماڙيءَ جو ڪم ھر حالت ۾ ٿيڻ گهرجي.“ اھو چئي سارنگ گھري سوچ ۾ ٻڏي ويو.
”منھنجي خيال ۾ ھن وقت اھو ڪم جاري رکڻ کپي، پر ڏسجي تہ ڇا ٿو ٿئي.“ وقار ٿورو مايوس ھو.
ٻيڙي ۾ ويھي واپس ٿيڻ لڳا تہ پاڻيءَ ۾ رستو ٺاھيندي ٻيڙي ڪناري ڏانھن وڌ لڳي.
رات پنھنجا پاڇا ڌرتيءَ تي پکيڙيا تہ ھر طرف اونداھي ڇائنجي وئي. سانگهڙ ۾ راتيون تمام گهڻيون اونداھيون ۽ پراسرار ٿين ٿيون. ھي سنڌ جو قديم شھر آھي، جيڪو وقت سان گڏ تبديل نہ ٿيو آھي، سنڌ جا شھر اڃان پوئتي پيل آھن، پوک کان وٺي آبپاشي نطام تائين اڃان نوان ۽ جديد طريقا رائج ٿي نہ سگهيا آھن. اڄ ھو پاڻ کي ٿڪل محسوس ڪري ٿو. جسماني طور ماڻهو گهٽ پر ھتي ذھني طور تي وڌيڪ ٿڪجي ٿو. ھن جو ذھن مستقل آفيس جي مسئلن ۾ الجهيل ھو.
ٿوري دير اڳ ارم جو فون آيو. نارمل طريقي سان ڳالهائي رھي ھئي. شايد پنھنجي غلطي جو احساس ٿيو ھوندس يا وري ڪجهہ لڪائڻ جي ڪوشش ڪري پئي.
ٻار بہ خوش ھئا. ھيانءَ تي بار ڪجهہ ھلڪو ٿيندي محسوس ڪيائين. ٻئي ڏينھن ڪلائيو ۽ ٻين کي بقار ڳوٺ ڀرسان ڪلاچ ڍنڍ وٺي وڃڻو ھيس. ھتي آفيس جو ڪم ڪندي رھڻ سان ھو فارينرز جو گائيڊ بہ ھو. وقار سانگهڙ جي آسپاس چپو چپو گهميو ھو. کيس ائين محسوس ٿيندو ھو ڄڻ ھو جنم جنم کان ھن خطي جو رھواسي ھجي. حرن جي تاريخي ويڙھ جو اکين ڏٺو شاھد.....
ھتان جي پراڻن ماڻهن ۾ تاريخ جو ورجاءُ اڄ بہ آھي. سانگهڙ جا سگهڙ ۽ لوڪ ورثي جا وارث ڳالهين ۾ اڄ بہ سورھيہ بادشاھ جي بھادري ۽ ڌرتيءَ لاءِ سر ڏيڻ جي قصن جو ذڪر ڪن ٿا.
ھي ڌرتي ڌاري جي ڏاڍ ۽ ڏھڪاءُ سان ڀري پئي ھئي. وک وک تي انهن واقعن جون يادون وکريل ھيون. اڄ بہ حر پنھنجي ابن ڏاڏن جي قربانين جو ذڪر فخر سان ڪن ٿا. سانگهڙ جي تاريخ حرن جي ريٽي رت سان قربانين جا گلاب پوکيا آھن. ھڪ نسل جي قرباني ٻي نسل جي خواب کي ساڀيان عطا ڪري ٿي. پر شرط اھو آھي تہ ٻيو نسل، ماضيءَ مان سبق پرائي وڌيڪ سمجهو ۽ ڏاھپ ڀريو ھجي.
جدوجھد جو ھڪ ڊگهو تسلسل آھي، جنھن ۾ سنڌ ۽ اڄوڪي اڇڙي ٿر جي تاريخ ڳاٺ اوچو ڪري بيٺي آھي.
اھا تاريخ گهٽ ماڻهن کي خبر آھي. تاريخدان جيڪي ان موضوع تي لکن ٿا يا وري ڪجهہ تعليم يافتہ ماڻهو ھن باري ۾ معلومات رکن ٿا. ھڪ عام ماڻهو سنڌ جي تاريخ کان واقف نہ آھي. تاريخ جي پنھنجي اھميت آھي.
سنڌ جي تاريخ اسان کي پنھنجي ماضيءَ جي غلطين جي باري ۾ ٻڌائي ٿي.
سوچ جي گھرائيءَ ۾ ھو الائي ڪاڏي ھليو ويو. خيالن ۾ ھن پاڻ پاڻ کي بہ ھڪ پکيءَ جيان محسوس ڪيو. ھو مکي ڍنڍ جي ھڪ وڻ تي ويٺا ھئا.
”تون بہ اسان مان آھين.“ سڀني کيس چيو.
”ھا تو وٽ اسان جھڙي دل آھي.“ ڪوڏ پرڙا ڇنڊيندي چيو.
ھن ھڪ بارش وسڻ جو تاثر ٻڌو ۽ ڪوڏ جي پرن مان مکيءَ جو پاڻي ماڪ ڦڙن جيان وسڻ لڳو.
پکيءَ جھڙي دل ھئڻ ھڪ وڏو اعزاز ھو ڄڻ تہ ھو فخر وچان مٿي اڏامڻ لڳو، بادل جي ڀرسان.....
”تون اسان لاءِ سوچين ٿو، اسان جي واھيري کي بچائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رھيو آھين، اسان تنھنجا ٿورائتا آھيون.“ ڪوڏ چيو.
”پر توھان کي ان ڳالهہ جي ڪيئن خبر پئي.“ وقار پڇيو.
”پکين وٽ بہ احساس آھي، انسان وانگر.“ سپي چيو.
”اھو آکيرو اسان جي واحد پناھ گاھ آھي.“ ڪوڏ ڍنڍ جي لھرن کي ڏسندي چيو.
”ھا دنيا ۾ ٻئي ڪنھن ھنڌ اھڙو سڪون ناھي، جيترو ھتي اسان کي سنڌ ۾ مکي ڍنڍ تي اچي ٿو.“ سپي بہ ڇولين ۾ ڏسڻ لڳي، جتي ھڪ ڄرڪو تري رھيو ھو.
ڄرڪو شڪاريءَ جي نظر کان بي خبر پاڻي ۾ مزي سان ترندي ننڍين مڇين کي ڳڙڪائي رھيو ھو.
”مکيءَ جي مڇي مزيدار آھي.“
ڪوڏ جي وات ۾ ڄرڪو ڏسي پاڻي اچي ويو.
”ھتان جو پاڻي بہ مٺو ۽ کاڌو بہ سواد وارو آھي.“
سپي پاڻيءَ جي لھرن کي ڏسندي چيو. ڪوڏ تيزيءَ سان مکيءَ جي لھرن تي واءُ مينھن ڪندو لٿو. ھڪ تيز آواز ٿيو ۽ ٻيا پکي خوف وچان اڏامي ويا. ھڪ مانڌاڻ مچي ويو، ھر طرف پاڻيءَ ۾ بہ ھڪ وڏو آواز ٿيو. ڄرڪو پنھجي مستيءَ مان نڪري پاڻ ڇڏائڻ لڳو پر باز جا چنبا سخت ھئا.
ھر شڪاري، شڪار وقت موج ۾ اچي ويندو آھي.
شڪار کڻي باز مٿي اڏاميو تہ سندس پرن مان ماڪ ڦرا وسي رھيا ھڱئا. سپي بہ وڻ جي ٽار تان اڏامي وئي.
اوچتو فون جي رنگ وڳي تہ ھو ڇرڪ ڀري خيالن جي دنيا مان واپس آيو. ھن فون نہ کنئي.
ھو پاسو ورائي، اکيون بند ڪري وري سوچڻ لڳو.
اھي پکي بہ پنھنجي آکيري ۾ آرامي ھوندا. پوءِ کيس احساس ٿيو تہ ھو پنھنجي آکيري کان پري آھي.
پنھنجي گهر جھڙو سڪون دنيا ۾ ڪٿي بہ ناھي ارسل جو تصور ھن سندس ذھن ۾ تي آيو. عيني جي مرڪ ويساھ بڻجي ھن جي ذھن ۾ ڪرڻا وکيرڻ لڳي.
ارم جي پنھنجائپ ۽ محبت ڀريو احساس کيس بي چين ڪرڻ لڳو.
ھوءَ اڄڪلهہ باز جي ان جوڙي کان ڄڻ ناراض ھجي. ھو بہ پکين جي باري ۾ ڪيڏو نہ سوچي ٿو. کيس بازن جي ان پريمي جوڙي سان محبت ٿي وئي آھي. اھي سنڌ ڌرتيءَ سان ايترو پيار ڪن ٿا. موٽ ۾ کين پيار ملڻ گهرجي. ھو محبت جا حقدار آھن. سندن معصوم دل کي ساراھڻ گهرجي. ھي پريت جي ريت نڀائڻ وارا آھن. پکين جي باري ۾ ڪي پل سوچيندو رھيو. ٻاھر رات جو پلئہ ھوريان ھوريان آسمان جي مک تان کسڪندو رھيو. ھو بہ ننڊ جي وادين ۾ لھي ويو.
***