ڪتاب جو نالو: پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾ (تحقيقي جائزو)
مصنف: گلزار ڪلهوڙو پاٽائي
ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 14 مئي 2019 ع
پڙهيو ويو: 399 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 83 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
صدين تائين زنده رهندڙ گلزار ڪلهوڙي جي هيءَ تصنيف” پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾“ هڪ جامع ۽ ڄاڻ جي کاڻ جو اعليٰ نمونو آهي، جنهن ۾ ليکڪ اسان لاءِ اهڙا املهه موتي گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، جن جي گهرائي ۾ ويندي يا هٿ لائيندي به موجوده دور جا ڏاها محقق ڪترائيندي نظر ايندا ۽ ان ڳالهه کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته ليکڪ جو هي قلمي پورهيو نه فقط موجوده دور جي محققن لاءِ تاريخ ۽ بحث جا نوان در کوليندو پر تحقيقي شعبي سان واڳيل سڄاڻ ڌرين ۽ شاگردن لاءِ به نهايت ڪارائتو ۽ مفيد ثابت ٿيندو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • پنهنجي پاران
  • مهاڳ
  • تاريخ جو پڙاڏو
  • تاثرات

  • مخلص ۽ بي لوث ماڻهو
  • ”اسان جون دعائون اٿس“
  • کاهوڙي ڪردار
  • VILLAGE PATT SHARIF DADU
  • جاکوڙي انسان
  • واکاڻ جوڳو ڪم
  • علمي درسگاهه
  • عملي ڪم
  • اوهان کي جس هجي
  • ساڃاهه وند
  • قابلِ فخر
  • سماجي ۽ ادبي ڪاوشون
  • ڪا نه ڪا جستجو
  • سٺي تحرير
  • اسان جو پرين پيارو ڀاءُ گلزار
  • باصلاحيت ساٿي
  • ليکڪ جو تعارف
  • پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾

  • پاٽ پراڻي
  • پاٽ پراڻيءَ جا تاريخي واقعا ۽ قصا
  • پاٽ پراڻيءَ جا روحاني بزرگ
  • پاٽ شريف
  • پاٽ شريف جا ماڳ مڪان
  • پاٽ شريف جا علماءَ بزرگ
  • پاٽ شريف جي ماڻهن جا هٿ جا هنر ۽ مشهور شيون
  • پاٽ شريف جا پورهيت
  • پاٽ شريف جا پتڻ ۽ ڍنڍون
  • پاٽائي شخصيتون
  • پاٽ شريف جا هندو خاندان
  • اهم عهدن تي فائض رهندڙ پاٽائي
  • پاٽ شريف جا ميلا ملاکڙا، خفت ۽ رانديگر
  • پاٽ شريف جون تنظيمون
  • پاٽ شريف جا شاعر، اديب، سگهڙ ۽ فنڪار
  • مختلف مڪتبه ءِ فڪر جي ماڻهن جي پاٽ شريف آمد
  • پاٽ شريف بابت مشهور چوڻيون ۽ پهاڪا
  • پاٽ شريف بابت ڇا ۾ حوالا موجود آهن
  • سِگا شاخ پاٽ شريف جي ڪارڪردگي تي هڪ نظر
  • پاٽ شريف کي ڀيٽا
  • بئڪ ٽائيٽل تصوير

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾
    موضوع: تحقيقي جائزو
    تحقيقي جائزو: گلزار ڪلهوڙو پاٽائي
    ڇاپو پهريون: مئي 2018ع
    ڪمپوزنگ: ذوالفقار اڪرم
    ٽائيٽل: شاهزيب ميمڻ
    ٽائيٽل تصوير سليڪشن: محمد بچل ڪلهوڙو
    فوٽو گرافي: وقار علي، جنسار علي، غفار علي ۽ اظهار علي ڪلهوڙو
    ڇپائيندڙ: سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن
    شاخ پاٽ شريف ضلعو دادو
    03463653033 / 03443623640
    ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن
    مٺو ٽاور سامهون عبرت پريس ويجهو دُوابا پوليس لائين، گاڏي کاتو حيدرآباد
    03003513966

    مُلهه: 500


    PATT SHARIF TARIKH JE AAENE MAIN
    (Research Review)
    Research By : Gulzar Kalhoro Patai
    Sambara Publication Hyderabad
    03003513966

    ڊجيٽل ايڊيشن :
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. سنڌ جي تاريخي شھر پاٽ شريف جي تاريخ تي لکيل ھن ڪتاب جو ليکڪ ۽ تحقيق ڪندڙ گلزار ڪلھوڙو پاٽائي آھي.
    صدين تائين زنده رهندڙ گلزار ڪلهوڙي جي هيءَ تصنيف” پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾“ هڪ جامع ۽ ڄاڻ جي کاڻ جو اعليٰ نمونو آهي، جنهن ۾ ليکڪ اسان لاءِ اهڙا املهه موتي گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، جن جي گهرائي ۾ ويندي يا هٿ لائيندي به موجوده دور جا ڏاها محقق ڪترائيندي نظر ايندا ۽ ان ڳالهه کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته ليکڪ جو هي قلمي پورهيو نه فقط موجوده دور جي محققن لاءِ تاريخ ۽ بحث جا نوان در کوليندو پر تحقيقي شعبي سان واڳيل سڄاڻ ڌرين ۽ شاگردن لاءِ به نهايت ڪارائتو ۽ مفيد ثابت ٿيندو.
    هي ڪتاب سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن پاٽ شريف شاخ پاران 2018ع ۾ سمبارا پبليڪيشن وٽان ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون پياري ساجد سنڌيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ ٿورا پياري گلزار ڪلھوڙي جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ارپنا

    پاٽ شريف جي عظيم مٽيءَ سان تعلق رکندڙ انهن مهان هستين جي نانءُ جن علمي، ادبي، سماجي ۽ روحاني فڪر جو پيغام عام ڪيو
    ۽
    “سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن” جي نانءُ جيڪا انسانيت جي خدمت ڪندڙ منظم ۽ متحرڪ سماجي تنظيم آهي، جنهن وٽ رنگ، نسل ۽ ذات پات جو ڪوبه فرق نه آهي.


    پنهنجي پاران

    هر ماڻهوءَ کي پنهنجي جنم ڀوميءَ سان پيار رهي ٿو، ائين ئي مون کي به پنهنجي تاريخي ڳوٺ پاٽ شريف سان بي پناهه محبت رهي آهي ۽ پنهنجي ڳوٺ سان ان چاهت جو اظهار اوهان تائين پهتل هي ڪتاب آهي. جيئن جيئن هوش سنڀاليم ته ڪنن تائين اهي آواز گونجندا رهيا ته هي سنڌ جو علمي ادبي ۽ تاريخي ماڳ آهي، ننڍپڻ کان ئي پاٽ شريف جي گهٽي گهٽي ڪري گهميس ۽ راند کيڏيس. ڳوٺ جي ڪچن ۽ پڪن گهرن سميت سمورن پاڙن ۽ محلن جي چڱيءَ طرح ڄاڻ مِليم، اڃا به سمجهه سان ٿيس ته مون پاٽ شريف جي ماڻهن کي بهتر نموني زندگي بسر ڪندي ڏٺو يعني هڪ پورهيت کان ويندي نوڪري پيشه ماڻهن تائين، هڪ خاص تعليم يافته طبقي کان ويندي سلجهيل ۽ ڏاهن ماڻهن تائين آستانه ۽ اوطاقون آباد ڏٺم. مون پنهنجي سانڀر ۾ پاٽ شريف جي شرافت جا اهي منظر به ڏٺا جڏهن ڪا عورت گهٽيءَ مان گذرندي هئي ته مرد پنهنجو منهن ڪنهن ڀِت ڏانهن ڪري بيهي رهندا هئا. مون پاٽ شريف جي عالمن، بزرگن ۽ اوليائن جي درگاهن ۽ حويلين کي آباد ڏٺو. مون هن ڳوٺ جي هنرمند ۽ تعليم يافته عورتن کي بلند حوصلي سان زندگيءَ جو سفر گهاريندي ڏٺو. مون کي شهيد غزالا بتول صديقيءَ جهڙي سورميءَ تي به فخر آهي، جنهن سنڌ تان جان گهوري پنهنجي ڳوٺ پاٽ شريف جو ڳاٽ اوچو ڪيو، مون کي علامه آءِ آءِ قاضي جهڙي عظيم اسڪالر تي به ناز آهي. جنهن جو تعلق به پاٽ شريف سان هو ۽ سندس اهم ڪارنامي ۾ اها سنڌ يونيورسٽي تحفو مليل آهي. جنهن جي علمي مشعل مان سموري سنڌ کي روشني ملي ٿي، پاٽ شريف جون اهڙيون کوڙ هستيون آهن. جن پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ڳوٺ ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪيو، بس ڪو ته جنون ۽ جذبو هو جو پنهنجي ڳوٺ تي لکڻ شروع ڪيم ۽ چند سالن جي محنت ۽ جفاڪشيءَ کانپوءِ هن ڪتاب کي ڪجهه ترتيب ڏئي سگهيس. ان دوران پاٽ شريف جي ڪمال ۽ زوال، وسندڙ ۽ اجڙيل نظارن کي به اکين سان ڏٺم ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهڙي ڪيفيت ٿي ويندي هئي جو سوچيندو هيس ته اهڙن حالاتن ۾ ڪتاب ڇو ۽ ڇا لاءِ لکان، پر من اندر ۾ اٽل ارادو رهيو ته بحيثيت هڪ استاد، ليکڪ ۽ سماجي ڪارڪن جي مون تي اهو فرض ٿو بڻجي ته آئون پاٽ شريف جي ماضيءَ ۽ حال جون تاريخي حقيقتون قلمبند ڪريان، هاڻي اچون ٿا ته پاٽ شريف بابت مواد ۽ معلومات مون ڪيئن حاصل ڪئي. ان لاءِ سڀ کان پهرين مون ڳوٺ جي پيرسن ۽ ساڃاهه وند ماڻهن سان ڪچهريون ڪري کانئن معلومات ورتي. ان کانپوءِ پرنٽ ميڊيا ڏانهن رخ ڪيم ۽ جنهن جنهن اخبار، رسالي ۽ ڪتاب مان پاٽ شريف جو حوالو مليو ته ان کي سانڍيندو رهيس. ان بعد سوشل ميڊيا کان به مدد ملي، يعني انٽرنيٽ تي فيس بڪ ۽ واٽس ايپ ذريعي پاٽ شريف کان ٻاهر رهندڙ ڳوٺائين سان رابطو ٿيو ۽ ڪيترين ۽ نامور شخصيتن جا پروفائيل تصويرن سميت مليا. ڪراچي، حيدرآباد سميت ٻين شهرن ڏانهن لڏي ويل پاٽائي ڀائرن سان روبرو ملاقاتون به ٿيون، جن جيءَ ۾ جايون ڏنيون. هن ڪتاب لاءِ معلومات حاصل ڪرڻ جو هڪ ذريعو منهنجو ذاتي مشاهدو به هو. يعني جيڪا شيءِ مون پنهنجي اکين سان ڏٺي ان تي وڌيڪ يقين ٿيو. هون به تحقيق ڪرڻ تمام وڏو ڪم آهي، ڪو وڏو محقق ئي اهو ڪم ڪري سگهي ٿو، آئون ته هي ڪتاب لکي ڪا وڏي دعويٰ ڪونه ٿو ڪريان. ڇو جو مون ته صرف تحقيقي جائزو پيش ڪيو آهي ۽ يقينن ان ۾ به ڪي ڪميون ۽ ڪوتاهيون به هونديون، جنهن ۾ اوهان منهنجي اصلاح ڪندا.
    ڀلايون ۽ ڀيرا
    هتي آئون پنهنجي زندگيءَ سان سلهاڙيل انهن مهربانن کي ياد ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان، جن سان ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان جيءُ جڙيل رهيو.
    سڀ کان اول ته آئون پنهنجي امڙ مرحومه غلام ظهران ۽ بابا سائين مرحوم پير بخش ڪلهوڙو جي جدائي ڪڏهن به نه وساري سگهندس. جن مون کي ڄڻي ڪائنات جا عجيب رنگ ڏيکاريا ۽ سندن وڇوڙي مهل به مون لاءِ دعائن جا دروازا کليل رهيا، اڄ جو ڪجهه به آهيان، اهو انهن جي بهتر پرورش ۽ تربيت جو نتيجو آهي.
    آئون پنهنجي انهن سمورن استاد صاحبان جو احسان مند آهيان، جن جي محنت جي طفيلي آئون ٻه اکر لکي ۽ پڙهي سگهان ٿو، بيشڪ استاد جو مٿانهون مان آهي، جيڪو فرش کان عرش تائين پهچائي ٿو.
    هنرمنديءَ جي حوالي سان آئون استاد حاجي علي شير برهماڻي ۽ استاد غازي خان جا ٿورا ڳائيندو رهندس جن ٽيلرنگ وارو هنر سيکاريو ۽ وڌ ۾ وڌ خيال رکيو.
    آئون پنهنجي ويجهن عزيزن ۽ مٽن مائٽن واري ڏنل اتساهه واري رويي کي نٿو وساري سگهان، جنهن ۾ حاجي صاحب ڏنو ڪلهوڙو، منهنجا ماما محمد حاجن ۽ محرم الدين ڪلهوڙو، منهنجو ماسات محمد علي عباسي، ماروٽ عبدالرحمان ڪلهوڙو، ادا ڪانڊيرو، استاد نظير، قربان علي ڪلهوڙو، ڊاڪٽر لونگ خان ۽ منهنجا پيارا چاچا مرحوم محمد سليمان ۽ مرحوم محمد صالح ڪلهوڙو ٺٽ ڳوراهي وارو شامل آهن.
    مان پنهنجي وڏي ڀاءُ علي بخش جي ڏنل پيءُ جهڙي شفقت کي ڪٿي ٿو وساري سگهان، جنهن والد صاحب وانگر اسان سڀني جو خيال رکيو، آئون پنهنجي ننڍي ڀاءُ محمد بچل ڪلهوڙو جي اخلاقي رويي تي خوش ٿيندو آهيان ۽ ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو آهي ته اسين ڀائرن جي رشتي کان وڌيڪ هڪ ٻئي جا دوست آهيون، مان پنهنجي فرزندن اظهار علي، جنسار علي، وقار علي ۽ غفار علي ڪلهوڙي مان به پراميد آهيان ته انشاءَالله هي به علم ادب ۾ وِک وڌائيندي سنڌ ڌرتيءَ جي خدمت ڪندا، آئون پنهنجي نياڻين ثمينا، سنيا ۽ سفينا لاءِ به دعاڳو رهندس. جن جي پيدا ٿيڻ کانپوءِ مون کي اهو احساس ٿيو ته ڌيءَ ڪائنات جو ڪيڏو عظيم رشتو آهي، آئون پنهنجي شريڪ حيات ارباب خاتون جي نڀايل ساٿ کي ياد رکندس جنهن منهنجي ڏک کي پنهنجو ڏک ۽ منهنجي خوشيءَ کي پنهنجي خوشي سمجهيو.
    آئون ادبي دنيا جي اهم شخصيتن ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، ڊاڪٽر قربان علي جهتيال، سليم چنا، سائين عبد مگسي، سائين الهنواز رڪڻائي، سائين فدا ڪلرائي جهڙن مهربانن جا هميشه ڳڻ ڳائيندو رهندس. جن جي رهبري سان ادبي حلقي ۾ لکڻ پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ جو ڍنگ سکي ورتم.
    فنونِ لطيفا جي حوالي سان سنڌ جي نامور ايڪٽرن سيد آصف شاهه، ايم اڪرم سومرو، دادا غني سولنگي مرحوم ۽ استاد انور شاد جا ٿورا مڃيندس جن وٽان فن اداڪاريءَ جا ڪجهه گر سکي سگهيس ۽ اسٽيج ڊرامن جي ڏنل ڊائريڪشن دوران سندن دڙڪا اڄ به ياد آهن.
    ادبي ۽ صحافتي سنگت جي پيارن ساٿين مرحوم وزير منگي، غوث علي جهتيال، رضوان منگي، نظام شيخ، آزاد انور ڪانڌڙو، زرار پيرزادو، ڊاڪٽر خير محمد جوڻو، الهورايو کوسو، جبل سنڌي، ظفر احمد لهٻر، مقصود چانڊيو، علي رضا منگي، نصير احمد چنا، امان الله لهٻر، وريام سنڌي، عرس اظهرسولنگي، وزير فرهاد، عاشق دادوي، مشهور ميمڻ، منصور سيتائي، وسيم آڪاش، هارون احسن، همدرد اوڏ، خادم ممتاز، وفا ياسين ۽ درياءَ خان جهتيال جي سٿ کي وساري نه سگهبو.
    آئون پنهنجي ڏک سک جي همدرد ڳوٺائي ساٿين محمد اعظم ميمڻ، سائين علي نواز برهماڻي، محمد زمان سومرو، زاهد حسين سومرو، خليل ميمڻ، سيد جمال شاهه، مخدوم شفيق الرحمان، شاهد حسين ميمڻ، سائين اياز حسين عباسي، شهاب الدين لانگاهه، اسلم پاٽائي، شبيرڻ پاٽائي، حميد ميمڻ، خادم حسين چنا، شاهنواز برهماڻي، حاڪم علي بٺڙ، صدام حسين چنا، احسان چنا، اياز علي ملاح، صلاح الدين صديقي، نصير ميمڻ صاحب، الهبچايو برهماڻي، سڪندر علي سولنگي، فهد حسين جوڻيجو، جاويد اقبال جوڻيجو صاحب، حاجي ڪريم بخش صديقي ۽ مخدوم سڪندر احمد صديقي جو به ٿورائتو آهيان.
    آئون سماجي سجاڳيءَ جي کاهوڙي سرواڻن سگا جي باني ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، رفيق احمد جعفري، علي حسين بروهي، پيرل خان کوسو، منظور حسين اڄڻ، محمد اسماعيل پنهور، تاج محمد وساڻ، جاويد احمد انڙ، پروفيسر خالد حسين چنا، جاويد اڪبر ميمڻ، رفيق احمد سرهيو، شهاب الدين شاهاڻي، نور محمد سيال، حاجي خادم جويو، محمد سليمان وساڻ، آفتاب احمد پنهور، جاويد احمد پنهور، امتياز علي ميمڻ، مرحوم سائين نظير احمد ڀنڊ ۽ محمد ابراهيم ڀنڊ جي سماجي خدمتن کي نٿو وساري سگهان ۽ مون ناچيز لاءِ اهو اعزاز آهي، جو آئون به ان سگا جي فورم جو ادنيٰ ڪارڪن آهيان ۽ هي سمورا ساٿي منهنجي حوصلا افزائي ڪندا رهن ٿا.
    آخر ۾ آئون سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ پاٽ شريف جي انهن سمورن عهديدارن ۽ ميمبرن جو انتهائي شڪرگذار آهيان، خاص ڪري هن برانچ جي پريزيڊنٽ ادا محمد اعظم ميمڻ جو جنهن سڄي سنگت کي اعتماد ۾ وٺي منهنجي ڪتاب ڇپرائڻ لاءِ تمام گهڻي ڪوشش ڪئي، ان لاءِ ٻيا ته لفظ ناهن بس ايترو ضرور چئبو ته:
    تنهنجا مون تي ٿورا ڪي ٿورا ته ناهن
    حياتي جي هوندي ته لاهبا پيا.


    ساٿ سدائين قائم
    گلزارڪلهوڙو پاٽائي
    03443623640


    مهاڳ

    پاٽ شريف جنهن کي قبة الاسلام جي نالي سان به سڏيو ويو ۽ پاتر کان پاٽ جي نالي سان به پڪاريو ويو. هي آغاز کان حال تائين عالمن، فاضلن، اديبن، علم دوست ۽ انسان دوست شخصيتن جو شهر رهيو آهي. علم، ادب جو ڳڙهه رهندڙ پاٽ شريف شهر مان هميشه فيض جاري ٿيندو رهيو آهي ۽ اهو سلسلو ازل کان جاري آهي. منهنجي زير نظر گلزار پاٽائي جو تحقيقي مواد آهي جيڪو ”پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾“ شايع ٿي رهيو آهي. مون کي خوشي آهي جو پاٽ شريف جي هڪ جاکوڙي انسان گلزار ڪلهوڙي پنهنجي جنم ڀوميءَ تي ڪتاب لکي پنهنجي ڳوٺ جو حق ادا ڪيو آهي. چوندا آهن ته مٽيءَ سان محبت ڪرڻ به مڙسن جو وَڙُ هوندو آهي ۽ ڏات وري ڪنهن به ذات جي محتاج ناهي هوندي، گلزار هڪ غريب پورهيت ٽانگي واري جو فرزند آهي، سندس والد صاحب انتهائي شريف ۽ فقير منش انسان هو ۽ ان پنهنجي اولاد جي بهتر پرورش ڪئي. جنهن مان هڪ گلزار پيدا ٿيو، جنهن پاٽ شريف جي علمي، ادبي ۽ سماجي ماحول کي واس ڏئي ڇڏيو. مون گلزار ۾ انيڪ خوبيون ڏٺيون آهن، هي درس و تدريس واري پيشي کي فرض سمجهي اولين ترجيح ڏئي ٿو، گلزار سنڌ جي ڪيترن ئي ننڍن وڏن شهرن جي ادبي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو رهي ٿو. مشاعرن، ادبي ويهڪن، محفلن ۽ ٻين تقريبن ۾ ڪمپيئرنگ به ڪندو رهي ٿو. يعني هر فيلڊ جي هر ميدان ۾ سندس اڻ ڳڻيا ڪم آهن پر سماجي کيتر ۾ به هن پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. مون کيس ٻوڏ، برسات ۽ ڳوٺ جي اهم مسئلن کان علاوه غريب مسڪينن جي سهائتا ۾ بي جگريءَ سان ڪم ڪندي ڏٺو آهي ۽ هي سڀني دوستن کي گڏ کڻي هلڻ وارو ماڻهو آهي. اهو ته ٿيو مصنف جي باري ۾ ليڪن ڪتاب ۾ اندر ڇا آهي، اچو ته ان تي هڪ نظر وجهون، هن ڪتاب ۾ تاريخي ثابتين تي تحقيقي جائزو پيش ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ پاٽ پراڻيءَ کان وٺي موجوده شهر پاٽ شريف جو احوال شامل آهي. هن ۾ تاريخي واقعا ۽ قصا به شامل آهن ته ان سان گڏ هر مڪتبه فڪر جي ماڻهن جي ڪِرت، پيشو ۽ عهدي جو تعارف به شامل آهي. نه فقط ايترو پر هن ڪتاب ۾ پاٽ شريف جي بزرگن، اوليائن، درگاهن، درسگاهن، اوطاقن، آستانن، ڪتبخانن، سرڪاري ۽ خانگي ادارن، ڍنڍن ڍورن، زراعت، آبپاشي نظام، راندين، ميلن ملاکڙن، هٿ جي هنرن ۽ سياسي، سماجي، مذهبي ۽ ثقافتي تنظيمن جو احوال به سربستو پيش ڪيو ويو آهي. دورِ جديد جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا جي به عڪاسي ڪئي وئي آهي، رائيٽر ڪتاب کي وڌيڪ خوبصورت بنائڻ لاءِ پاٽ شريف جي تاريخي ماڳ مڪانن ۽ پاٽائي شخصيتن جون تصويرون به ڪتاب ۾ شامل ڪيون آهن.
    هي ڪتاب پاٽ شريف جي ”انسائيڪلو پيڊيا“ طور سامهون ايندو، جنهن ۾ ليکڪ وڌ ۾ وڌ معلومات ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. شايد گلزار کي پاٽ جي برفيءَ وانگر ڳوٺ مٺو آهي جو مشڪل حالاتن ۾ به اڄ تائين نه لڏيو اٿس نه ئي ڳوٺ کي ڇڏيو اٿس. آخر ۾ آئون سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ پاٽ شريف جي سمورن عهديدارن ۽ ميمبرن کي جس ڏيان ٿو. جو اوهان پنهنجي هڪ جاکوڙي ساٿيءَ کي ڪتاب ڇپرائڻ ۾ همٿايو آهي ۽ مون کي خوشي آهي جو آئون به هن برانچ جو تاحيات ميمبر آهيان، مان سگا مرڪز مان به اميد رکان ٿو ته پاٽ شريف جهڙي ننڍڙي برانچ جي حوصلا افزائي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا، ڌڻيءَ در دعا آهي ته گلزار ڪلهوڙي پاٽائيءَ جو هي ادبي پورهيو اگهامندو، انشاءَالله ڪتاب کي گهڻي کان گهڻي پذيرائي ملندي ۽ پڙهندڙن کي لاڀ حاصل ٿيندو.

    ڊاڪٽر حبيب الله صديقي
    B-27، سنڌ يونيورسٽي
    هائوسنگ سوسائٽي ڄامشورو
    تاريخ 8 آڪٽوبر 2016ع


    تاريخ جو پڙاڏو

    ڪنهن به قلمڪار لاءِ پنهنجي ڌرتي، پنهنجو ديس ۽ پنهنجو شهر پنهنجي تخليقن جيان ججهو عزيز ۽ گهڻو پيارو ان ڪري به لڳندو آهي جو سندس وجودي نس نس ۾ ڦهليل هڳاءُ ڪنهن نه ڪنهن طرح رچنائن جو روپ ڌاري وٺي ٿو، نهايت ماٺيڻي ۽ مڻيادار شخصيت جي مالڪ گلزار ڪلهوڙو پاٽائي جو به پنهنجي شهر پاٽ شريف سان ايتري ئي محبت ۽ انسيت جي اڏام چئجي جو هو نه فقط پنهنجي نانءَ پٺيان پاٽائي لفظ ڳنڍڻ تي فخر محسوس ڪري ٿو پر شهر يا علائقي جي تاريخي جڳهن توڙي شخصيتن سان به اوتروئي لڳاءُ رکي ٿو، بلڪل اهڙيون ئي شخصيتون پاڻ کي تاريخ ۾ ڳڻائي سگهن ٿيون جن کي پنهنجي مٽيءَ ۽ ماڻهن سان اڻٽٽ سٻنڌ هجي.هونئن به پاٽ شريف عظيم هستين جو آستان رهيو آهي ۽ هاڻوڪي دور ۾ جتي ذاتي مفاد هر وجود مٿان حاوي محسوس ٿين ٿا، اتي هڪ باهمت قلمڪار گلزار ڪلهوڙي تاريخ ۽ تحقيق جهڙي جوکم ڪم ۾ هٿ وجهي سچ ته پاڻ ملهايو آهي، هو هڪ اهڙي تصنيف منظرعام تي آڻڻ ۾ سرخرو ٿيو آهي، جنهن کي سهيڙيندي يا قلمبند ڪندي پوري عمر ارپڻي پوي ٿي.
    صدين تائين زنده رهندڙ گلزار ڪلهوڙي جي هيءَ تصنيف” پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾“ هڪ جامع ۽ ڄاڻ جي کاڻ جو اعليٰ نمونو آهي، جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي اکين جو نور نچوڙي ڏينهن رات هڪ ڪري اسان لاءِ اهڙا املهه موتي گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، جن جي گهرائي ۾ ويندي يا هٿ لائيندي به موجوده دور جا ڏاها محقق ڪترائيندي نظر ايندا ۽ ان ڳالهه کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته ليکڪ جو هي قلمي پورهيو نه فقط موجوده دور جي محققن لاءِ تاريخ ۽ بحث جا نوان در کوليندو پر تحقيقي شعبي سان واڳيل سڄاڻ ڌرين ۽ شاگردن لاءِ به نهايت ڪارائتو ۽ مفيد ثابت ٿيندو. پياري گلزار ڪلهوڙو پاٽائي کي اهڙي شاندار تصنيف سرجڻ تي واڌايون پيش ڪيان ٿو، اميد ته سندس قلم ڪڏهن به نه ٿڪجندو ۽ هو سنڌي ادب جي پيٽ ۾ اڃان به وڌيڪ تخيلق جا موتي پوئيندو رهندو.

    ساجد سنڌي
    سمبارا پيليڪيسن حيدرآباد


    تاثرات

    مخلص ۽ بي لوث ماڻهو

    منهنجي لاءِ انتهائي خوشي جهڙي ڳالهه آهي جو آئون پنهنجي همدرد ساٿي سائين گلزار جي ڪتاب لاءِ چند لفظ لکي رهيو آهيان، سچ پڇو ته سائين جي شخصيت تي لکڻ نه منهنجي وس جي ڳالهه آهي، نه ئي مون وٽ سندس تعريف لاءِ ڪي لفظ آهن. بس آئون پنهنجو پاڻ کي خوشنصيب سمجهان ٿو. جو هڪ مخلص ۽ بي لوث ماڻهوءَ سان منهنجي ويجهڙائپ آهي، مون کيس مختلف فيلڊن ۾ نيڪ نيتيءَ ۽ سچائي سان ڪم ڪندي ڏٺو آهي. سگا پاٽ شريف سان سندس وابستگيءَ تي اسين سمورا دوست فخر ڪندا آهيون. کيس سماجي ڪمن ۾ حصو وٺندي ۽ ڪم ڪندي تڪليفون به برداشت ڪرڻيون پيون آهن پر سندس بلند حوصلا ڏسي اسان ۾ به همت پيدا ٿيو پوي. ڪافي سالن جي محنت کانپوءِ سائين گلزار جو ترتيب ڏنل ڪتاب ”پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾“ اوهان جي هٿن تائين پهتو آهي. هي پاٽ واسين لاءِ ڪتابي صورت ۾ هڪ انمول تحفو آهي، جنهن ۾ وڌ ۾ وڌ ڄاڻ ڏنل آهي، اسان لاءِ اهو اعزاز آهي جو سِگا شاخ پاٽ شريف طرفان هي ڪتاب شايع ڪرايو پيو وڃي، جيڪو برانچ جي ڪارڪردگي ۾ اهم قدم شمار ڪيو ويندو.

    محمد اعظم ميمڻ
    صدر، سگا شاخ پاٽ شريف ضلعو دادو
    5 جنوري 2017ع


    ”اسان جون دعائون اٿس“

    پاٽ شريف جي غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ ڀاءُ گلزار ڪلهوڙو وقت جي نزاڪت ۽ ضرورت کي محسوس ڪندي هي ڪتاب ”پاٽ شريف“ تي تڏهن لکيو آهي جڏهن پاٽ شريف جي اصل آبادي وارا 70 سيڪڙو ماڻهو هتان ٻين شهرن ڏانهن شفٽ ٿي ويا آهن پر پاڻ اڃا تائين پنهنجا ڪکاوان گهر نه ڇڏيا اٿئين، ۽ جڏهن به مون سان ملندو آهي ته چوندو آهي ته سائين دعا ڪريو ته شال پاٽائي وري واپس پنهنجي اباڻي ڳوٺ موٽن ۽ پاٽ شريف جون اهي ساڳيون ئي رونقون بحال ٿين، ڀاءُ گلزار جي اسان سان ۽ اسان جي وڏڙن جِي درگاهه مخدوم فضل الاهي وارن بزرگن سان خاص عقيدت آهي ۽ هي اها درگاهه آهي جتان هميشه فيض جاري رهيو آهي. اسان جون دعائون ادا گلزار ڪلهوڙو سان گڏ آهن.

    مخدوم اظهار الحق صديقي
    سجاده نشين، درگاهه فضل الاهي
    پاٽ شريف ضلعو دادو
    تاريخ 11 آگسٽ 2015ع


    کاهوڙي ڪردار

    پاٽ شريف سان تعلق رکندڙ سوشل ميڊيا “سنڌ سلامت فورم” جي سرگرم ساٿي زاهد حسين سومرو سان ڪراچي ۾ جڏهن به ملاقات ٿيندي هئي ته هو هر دفعي پنهنجي تاريخي ڳوٺ پاٽ شريف جو ڪو نه ڪو مواد آڻيندو هو ۽ اهو مواد گلزار ڪلهوڙو پاٽائي جو ترتيب ڏنل هوندو هو. ڀائو زاهد حسين سومرو اڪثر ڪري پنهنجي ڪچهري ۾ ادا گلزار جو ذڪر تمام گهڻو ڪندو هو ۽ مون کي به ان سان ملڻ جي خواهش رهندي هئي. گلزار ڪلهوڙو سان دعا سلام وارو غائبانه تعارف هوندو هو پر 7 مارچ 2014ع تي پاڻ سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ آيو. جتي سگا جي سالياني 35 هين ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪيائين ۽ ان موقعي تي هن سان ٻيا دوست به گڏ هئا، بس پوءِ سنڌ جي هن کاهوڙي دوست گلزار ڪلهوڙو سان روبرو ملاقات ٿي ۽ پوءِ هو جڏهن به ڪراچي ايندو آهي ته ان سان خوب ڪچهري ٿيندي آهي. مون سندس طبيعت ۾ ڏاڍي سادگي ڏٺي ۽ سندس حوصلا بلند نظر آيا، مان سندس مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ اڪثر ڪري پڙهندو آهيان پر فيس بڪ تي سندس سماجي ۽ ادبي خدمتون ڏسي آئون خوش ٿيندو آهيان.


    محمد سليمان وساڻ
    سنڌ سلامت فورم ڪراچي
    تاريخ 21 مارچ 2015ع


    VILLAGE PATT SHARIF DADU

    مون ۽ منهنجي ڀاءُ راشد حسين جوڻيجو سن 2011ع ۾ سوشل ميڊيا تي وليج پاٽ شريف وارو پيج ٺاهي ان کي تصويرن ذريعي پنهنجي ڳوٺ کي دنيا تائين متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. سچ پڇو ته اسان هڪ خواب ڏٺو پر ان جي تعبير وارو عملي ڪم ادا گلزار ڪلهوڙو ڪري ڏيکاريو. هن سوشل ميڊيا ذريعي پاٽ شريف جا تاريخي ماڳ مڪان، تاريخي حقيقتون ۽ اهڙين نامور شخصيتن جون تصويرون ۽ پروفائل متعارف ڪرايا. جن پاٽائين جو صرف نالو ٻڌڻ ۾ ايندو هو، ادا گلزار پاٽ شريف جي هر ننڍي وڏي خبر۽ واقعي کي Up Date ڪندو رهيو آهي، خاص ڪري نئين جنريشن کي پاٽ شريف جي مڪمل ڄاڻ ڏني، سندس پاٽ شريف تي لکيل هي ڪتاب يقينن هڪ تاريخي دستاويز ثابت ٿيندو.

    نيڪ تمنائن سان
    فهد حسين جوڻيجو دبئي
    متحده عرب الامارات
    تاريخ 25 آگسٽ 2015ع


    جاکوڙي انسان

    هڪ سٺي ليکڪ جي هڪ خوبي اها آهي ته اهو وقت جي حالتن ۽ واقعن کي بيان ڪري ٻين تائين آگاهي پهچائي ٿو. تاريخي ڳوٺ پاٽ شريف سان تعلق رکندڙ جاکوڙي انسان گلزار ڪلهوڙو پاٽائي جي قلم ۾ سوچ ۽ فڪر سمايل آهي. اهڙي صلاحيت رکندڙ تخليقڪار ئي وقت جا وڏا ۽ ڪنهن دور جا عظيم ليکڪ ثابت ٿيندا آهن، هونئن به پاٽ شريف جي مٽيءَ مان عظيم انسان پيدا ٿيندا رهيا آهن. ليکڪ پنهنجي اباڻي ڳوٺ پاٽ شريف سان محبت جو اظهار هن ڪتابي صورت ۾ پيش ڪيو آهي. گلزار ڪلهوڙو جو شمار انهن پر عزم نوجوانن ۾ ٿئي ٿو جيڪي علم ۽ ادب لاءِ جاکوڙين ٿا. هن پنهنجي تاريخي ڳوٺ ”پاٽ شريف“ تي هڪ تحقيقي ڪتاب لکي وڏو ڪم ڪيو آهي، پاٽ شريف تي اڳ ۾ لکيل ڪتابن جو به مون مطالعو ڪيو آهي، پر هن ۾ جيڪي ماضي جي تاريخي قصن ۽ حال جي حقيقتن کي بيان ڪيو ويو آهي، مون کي اميد آهي ته مطالعي سان دلچسپي رکندڙ ساٿي هي ڪتاب پڙهي پنهنجي علمي ذوق ۽ اڀياسي شعور ۾ اضافو ڪندا.

    فدا ڪلرائي
    شاعر، اديب ۽ تعليمي ماهر
    2016-01-10


    واکاڻ جوڳو ڪم

    دنيا ۾ اهي ماڻهو ئي ٻين جي نظرن ۾ سٺا ثابت ٿيندا آهن، جيڪي پنهنجي ثقافت ۽ تهذيب کي پنهنجي قلم جي نوڪ ذريعي زندهه رکيو ٿا اچن، ڪتاب قومن، نسلن ۽ ٻولين کي جيارڻ جو هڪ اهم ذريعو آهن. مون کي خوشي آهي جو اسان جي سٿ جي بيسٽ ورڪر گلزار پاٽائي پنهنجي تاريخي ڳوٺ جي تاريخ سهيڙي آهي. گلزار سماجي ڪمن ۾ ته پاڻ پتوڙيندو رهي ٿو، پر سندس ادبي ڪم به واکاڻ جوڳو آهي، ايندڙ وقت ۾ جڏهن ڪو به شاگرد يا رائيٽر پاٽ شريف تي “پي ايڇ ڊي” لاءِ Thesis لکندو ته يقينن اهو هن تاريخي دستاويز مان ضرور فائدو حاصل ڪندو ۽ مون کي خوشي آهي جو هن ڪتاب جي ڇپرائڻ جو سمورو ڪريڊٽ سگا شاخ پاٽ شريف ڏانهن وڃي ٿو. آئون سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مرڪز جي طرفان ڪتاب جي رائيٽر ۽ برانچ جي سمورن دوستن کي اهڙي ڪاوش تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.
    ساٿ سلامت، سنڌ سلامت

    رفيق احمد جعفري
    (چيئرمين، سگا مرڪز)


    علمي درسگاهه

    پاٽ شريف جو شهر ماضيءَ ۾ وڏو علمي درسگاهه رهيو آهي، هن کي عالمن ۽ صوفين جي سرزمين به چيو ويندو آهي، هتي اهم اهم شخصيتون پيدا ٿيون. ماضيءَ جي هن پرامن شهر مان هن وقت جتي امن جو پکي اڏامي ويو هجي ۽ اهڙين حالتن ۾ ڪتاب لکڻ وڏي ڳالهه آهي. گلزار علم، ادب، فن ۽ سماجي ورڪر جي حيثيت ۾ پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. اسان جون دعائون ساڻس گڏ آهن.

    پيرل خان کوسو
    وائيس چيئرمين سگا مرڪز


    عملي ڪم

    آئون سگا شاخ پاٽ شريف جي ننڍڙي برانچ جو وڏو ڪم ڏسي هميشه ٻين تائين اها ڳالهه پهچائيندو آهيان ته اگر سماجي ڪارج ۾ عملي ڪم ڪري ڏيکارڻو آهي ته پوءِ سگا پاٽ شريف وانگر مثال قائم ڪجي. جيڪا برانچ محدود وسيلن ۽ بغير ڪنهن پراجيڪٽ جي وڏو ڪم پئي ڪري، هن برانچ جا سمورا ساٿي جاکوڙي ۽ هڪ ٻئي سان سهمت آهن، مون محمد اعظم ميمڻ ۽ گلزار ڪلهوڙي کي هميشه اڳڀرو ڏٺو آهي. هنن تحقيقي ڪتاب شايع ڪرائڻ تي هن شاخ جي سمورن ساٿين کي واڌايون پيش ڪجن ٿيون، گلزار ڪلهوڙو جس لهڻي جنهن پنهنجي اهم ذميواري نڀائي آهي.

    علي حسين بروهي
    اڳوڻو سيڪريٽري جنرل سگا مرڪز


    اوهان کي جس هجي

    پيارا گلزار سڀ کان اول ته اوهان کي سگا مرڪز طرفان جس ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان جو اوهان ننڍي کنڊ جي هن اهم ۽ سنڌ جي تاريخي اهميت واري شهر پاٽ شريف بابت تاريخ سهيڙي آهي، هي وڏي همت، حوصلي، صبر ۽ جاکوڙ وارو ڪم آهي. جيڪو اوهان ذميواريءَ سان نڀايو آهي. اميد ته هي ڪتاب هر طبقي لاءِ معلوماتي ۽ مددگار ثابت ٿيندو. اسين اوهان جي ڪاميابيءَ لاءِ پراميد آهيون.

    منظور حسين اڄڻ
    سيڪريٽري جنرل سگا مرڪز


    ساڃاهه وند

    پياري گلزار سان منهنجي ڏيٺ ويٺ سگا جي سٿ ۾ ٿي. جيڪا 8 يا 9 سالن کان جاري آهي. انهيءَ عرصي دوران مون کيس هڪ سمجهدار، باصلاحيت ۽ رضاڪار جي صورت ۾ ڏٺو آهي. سگا پاٽ شريف طرفان هر ميدان ۾ سندس خدمتون ناقابل فراموش آهن. سندس ترتيب ڏنل ڪتاب ۾ جهڙيءَ طرح پنهنجي ڌرتيءَ، علمي ادبي ۽ ٻين ڪردارن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اهو ڪم ڪو ساڃاهه وند ئي ڪري سگهي ٿو.

    جاويد احمد انڙ
    سيڪريٽري تعليم سگا مرڪز


    قابلِ فخر

    مون کي ڪافي دفعا اهڙا موقعا مليا آهن جو آئون سگا پاٽ شريف واري برانچ جي ڪيترن ئي ننڍن وڏن پروگرامن ۾ شرڪت ڪري چڪو آهيان، برانچ جي پريزيڊنٽ محمد اعظم ميمڻ ۽ جنرل سيڪريٽري گلزار ڪلهوڙي سميت سمورا ساٿي، انسانيت جي ڀلائي واري ڪم ۾ روان دوان آهن. هي سگا پاٽ شريف برانچ لاءِ قابل فخر ڳالهه آهي جو فلاحي ڪمن سان گڏ سندن ڪتاب ڇپرائڻ وارو ادبي ڪم به ٿي رهيو آهي. جيڪو پاٽ شريف جي تاريخ تي مشتمل آهي، اسان جون نيڪ تمنائون ساڻن گڏ آهن.

    رفيق احمد سرهيو
    سيڪريٽري، هيلٿ سگا مرڪز


    سماجي ۽ ادبي ڪاوشون

    سنڌ جي تاريخي شهر پاٽ شريف جي هڪ جاکوڙي انسان گلزار ڪلهوڙي تي اسان کي فخر آهي، سندس سماجي ۽ ادبي ڪاوشون ساراهه جوڳيون آهن، هن جي محنت سان سگا شاخ پاٽ شريف پنهنجي پيرن تي بيٺل آهي، جيڪا سنڌ جي بهترين ۽ سرگرم برانچن مان هڪ آهي، مان هن برانچ لاءِ هميشه ائين چوندو آهيان ته هيءَ منهنجي برانچ آهي، جنهن جا سمورا ساٿي ايڪٽو آهن، اسان جي ساٿي گلزار ڪلهوڙي پنهنجي تاريخي ماڳ تي ڪتاب لکي انتهائي بهتر ڪم ڪيو آهي، انشاءَالله سندس محنت رائگان نه ٿيندي.

    محمد اسماعيل پنهور
    سيڪريٽري ماليات سگا مرڪز


    ڪا نه ڪا جستجو

    دنيا ۾ ٻين ماڻهن جي دلين ۾ جاءِ جوڙڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. اهڙا چند ماڻهو هوندا آهن جيڪي پنهنجي ڪردار وسيلي سڃاتا ويندا آهن. گلزار پاٽائيءَ جو شمار به اهڙن سٻاجهڙن ۽ کاهوڙي ماڻهن ۾ ٿئي ٿو. جيئن ڀٽائي سائين چيو ته
    کر ڪڻا لاهي سک نه ستا ڪڏهين
    اوسيئڙو آهي کاهوڙين کي پنڌ جو.
    گلزار جي ڪا نه ڪا جستجو جاري رهندي پئي اچي، ”پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾“ لکيل سندس ڪتاب کاهوڙي هئڻ جو چِٽو ثبوت آهي.

    تاج محمد وساڻ
    سيڪريٽري انفارميشن سگا مرڪز


    سٺي تحرير

    هر ڏات ڌڻيءَ جو اهو قومي فرض آهي ته هو پنهنجي قلم وسيلي تاريخي ورثن کي محفوظ بڻائي. اهڙي عمل سان ٻولي به بچي پوندي ۽ تاريخ به جڙي پوندي. سگا پاٽ شريف جي بهترين ڪارڪن گلزار پاٽائي به اهڙي ڪوشش ڪئي آهي. سندس لکيل ڪتاب مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته کيس ڪائنات جي هر شيءِ سان بيپناهه محبت آهي. اميد آهي ته ڪتاب ”پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾“ اهل علم وارن لاءِ سٺي تحرير ثابت ٿيندو.

    شهاب الدين شاهاڻي
    سيڪريٽري، ڪلچر سگا مرڪز


    اسان جو پرين پيارو ڀاءُ گلزار

    رب پاڪ ڪجهه ماڻهن ۾ ايتريون ته صلاحيتون پيدا ڪندو آهي جو انهن جي ڪم کي ڏسي ماڻهو اچرج ۾ پئجي ويندو آهي. علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي شهر سان تعلق رکندڙ اسان جو پرين پيارو ڀاءُ گلزار ڪلهوڙو به انهن مان هڪ آهي، هي سٺو سماج سڌارڪ به آهي ته سٺو ليکڪ به آهي، پاڻ کيرون لهڻي جو هي ڪتاب مرتب ڏنو اٿس. مون کي اميد آهي ته هي ڪتاب ”پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾“ مطالعاتي ذهنن لاءِ بهتر ثابت ٿيندو ۽ سگا پاٽ شريف جي اهڙي قدم جي واکاڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي.
    شال سلامت رهو

    خالد حسين چنا
    اڳوڻو سيڪريٽري تعليم سگا مرڪز


    باصلاحيت ساٿي

    سائين گلزار پاٽائي سان اسان جي هٿ جوڙ ڪيترن ئي سالن کان جاري آهي، طبيعتن هڪ لائق انسان آهي، رب پاڪ کيس ڪيترين ئي خوبين سان نوازيو آهي، هن پنهنجي صلاحيتن کي ضحيح نموني سان ڪتب آڻيندي علمي، ادبي ۽ سماجي ڪمن ۾ پنهنجو پاڻ مڃرايو آهي، پاڻ ڏکئي ۾ ڏکيو ڪم هٿ ۾ کڻي هي ڪتاب ترتيب ڏنو اٿس. انشاءَالله سنڌ لاءِ سندس اهي خدمتون هميشه جاري رهنديون.
    جوت جلندي رهي،
    لاٽ ٻرندي رهي.

    آفتاب احمدپنهور ۽ جاويد احمد پنهور
    سگا ڦلجي اسٽيشن 


    ليکڪ جو تعارف

    سنڌ جي علمي، ادبي ۽ تاريخي ماڳ پاٽ شريف ضلعي دادو ۾ جنم وٺندڙ ليکڪ، آرٽسٽ، سماج سڌارڪ ۽ هڪ بهترين استاد ”گلزار ڪلهوڙو پاٽائي“ 24 آڪٽوبر 1971ع ۾ پير بخش ڪلهوڙو جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس اصل نالو غلام حيدر آهي پر گلزار ڪلهوڙو پاٽائي جي نالي سان مشهور آهي، هن قاضي احمد گورنمينٽ ماڊل پرائمري اسڪول پاٽ شريف مان پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي، علامه آءِ آءِ قاضي گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول پاٽ شريف مان 1988ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين. 1991ع ۾ استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو مان انٽر ڪيائين، 1996ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان بي اي ڪيائين، پيشي جي لحاظ کان پاڻ استاد آهي. محنتي ۽ سٺن استادن ۾ سندس شمار ٿيندو رهيو آهي، سنڌ جي نامور اديبن ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، الهنواز رڪڻائي، فدا ڪلرائي، ڊاڪٽر قربان جهتيال، عبد مگسي، سليم چنا ۽ ٻين سان ويجهڙائپ سبب پاڻ 1994ع کان ادبي دنيا ۾ پير پاتائين ۽ 1998ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ پاٽ شريف جو بنياد وڌائين ۽ ان جو پهريون باني سيڪريٽري ٿيو. سندس نگراني ۾ دوستن جي سهڪار سان سنڌي ادبي سنگت شاخ پاٽ شريف تمام گهڻي فعال رهي، جنهن جي طرفان ڪيترائي ادبي پروگرام ڪرايا ويا، جنهن ۾ مشاعرا، ليڪچر، پروگرام، تنقيدي ويهڪون، هفتيوار گڏجاڻيون، ورسيون، مهورتي تقريبون ۽ رهاڻيون شامل آهن. گلزار ڪلهوڙو پاٽائي فن اداڪاريءَ ۾ به پنهنجو پاڻ کي مڃرايو آهي. 1989ع کان ماروي آرٽ سرڪل ۽ هوشو آرٽ ڪلب پاٽ شريف جو بنيادي ميمبر ٿيو. دادا غني سولنگي، انور شاد، ايم اڪرم سومرو ۽ سيد آصف شاهه جي سرپرستيءَ ۾ اداڪاريءَ جا گُرَ سکي ورتائين ۽ سنڌ جي مختلف ڳوٺن ۽ شهرن ۾ اٽڪل 50 اسٽيج ڊرامن ۾ مختلف ڪردار ادا ڪري پنهنجو پاڻ مڃرائي چڪو آهي، هي هڪ سٺو ڪمپيئر به آهي. کيس ڀٽائي، سچل، دادن فقير، سرڪش سنڌي، شيخ اياز ۽ استاد بخاري سميت ڪيترن ئي شاعرن جي شاعري ياد آهي. گلزار ڪلهوڙو پاٽائي ڪيترين ئي اخبارن ۽ رسالن لاءِ به وقت بوقت لکندو رهي ٿو. جنهن ۾ سندس مضمون، شاعري ۽ مختلف شخصيتن کان ورتل انٽرويو ڇپجندا رهن ٿا، پاڻ سوشل ميڊيا ذريعي به ڄاڻ فراهم ڪندو رهي ٿو. گلزار ڪلهوڙو هڪ سٺو ٽيلر ماسٽر به آهي ۽ پاڻ پاٽ شريف جي ٽيلرز ايسوسيئيشن جو صدر به رهي چڪو آهي. سماجي خدمتن جي حوالي سان گلزار ڪلهوڙو پاٽائي شهري اتحاد يونٽ پاٽ شريف جو خزانچي به رهيو ۽ ان بعد 2009ع ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ پاٽ شريف جو انفارميشن سيڪريٽري ٿيو ۽ 2012ع کان هن برانچ جو ٻيو دفعو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. هن پنهنجي مخلص دوستن محمد اعظم ميمڻ، محمد زمان سومرو، خادم حسين چنا ۽ حاڪم علي بٺڙ سان گڏ ميڊيڪل ڪيمپون، اکين جون ڪيمپون ۽ غريب مسڪين مستحق ماڻهن جي سهائتا سميت ڪيتريون ئي سماجي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ۽ انهن سماجي خدمتن عيوض سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مرڪز پاران 22 مئي 2015ع تي کيس مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي هٿان آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ بيسٽ ورڪر جو ايوارڊ ملي چڪو آهي. ان کان علاوه کيس فني، ادبي ۽ سٺن مضمونن لکڻ تي کيس مختلف ادارن ۽ تنظيمن پاران ڪيترائي مڃتا ايوارڊ، سرٽيفڪيٽ ۽ شيلڊون ملي چڪيون آهن. گلزار ڪلهوڙو پاٽائي 2 مئي 1990ع تي شادي ڪئي ۽ اولاد ۾ کيس 4 پٽ ۽ 3 نياڻيون آهن. گلزار هميشه ٻين جي لاءِ ڀلو سوچڻ وارو انسان آهي، سندس مَنَ ۾ ڪنهن جي لاءِ ٻيائي نظر نٿي اچي، سندس ڪردار کاهوڙيين وارو رهيو آهي ۽ سندس ڪانه ڪا جستجو جاري آهي. گلزار ڪلهوڙو پاٽائي جا پنج اڻڇپيل ڪتاب موجود آهن، جن مان سندس هي پهريون ڪتاب سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيسن شاخ پاٽ شريف جي سهڪار سان اوهان جي هٿن تائين پهتو آهي، جنهن ۾ پاٽ شريف جو تحقيقاتي جائزو پيش ڪيو ويو آهي. اهڙن باصلاحيت نوجوانن تي اسان کي فخر آهي.

    سليم چنا
    20 سيپٽمبر 2015ع حيدرآباد


    پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾

    پاٽ پراڻي

    پاٽ پراڻيءَ جي جاگرافيائي صورتحال

    تاريخي ورقن جي مطالعي مان معلوم ٿيو آهي ته پاٽ پراڻيءَ وارو شهر سن 403 هجري (1012ع) کان وجود ۾ آيو ۽ ٻين نالن سان سڏيو ويو، هي شهر موجوده پاٽ شريف واري شهر کان هڪ ڪلوميٽر اوڀر طرف آهي. پاٽ پراڻيءَ جو شهر هڪ مٿانهين جاءِ تي اڏيل هو. دڙي تي شهر اڏڻ جو اصل سبب اهو به هو ته جاگرافيائي لحاذ کان هي گول دائري نما مٿانهين جاءِ تمام خوبصورت ۽ اهم هئي. جنهن تي پهرين ننڍڙو ڳوٺ اڏيو ويو هو ۽ پوءِ اهو وڏو شهر بڻجي ويو. هي عربن جي حڪومت وارو دور هو ۽ ان وقت ڪيترائي عرب قبيلا به هت اچي آباد ٿيا هئا، پاٽ پراڻيءَ جي اوڀر ۾ ٿورڙي مفاصلي تي سنڌو درياءَ جو وهڪرو آهي ۽ ائين کڻي چئجي ته هي شهر سنڌو درياءَ جي ڪنڌيءَ تي اڏيل آهي. تاريخي اهڃاڻن مان معلوم ٿئي ٿو ته هي شهر 1198هه ۾ ڦٽي ويو. جنهن جا ڪيترائي ڪارڻ هئا. هن شهر جي ايراضي 20x28 اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 48x68 اوڀر ويڪرائي ڦاڪ هئي. پنجويهه ايڪڙن تي مشتمل پاٽ پراڻيءَ وارو هي شهر هن وقت سنڌ جي تاريخي ماڳن مان هڪ اهم ماڳ آهي.

    پاٽ پراڻي جو سرسبز علائقو
    پاٽ پراڻي جي هڪ خوبصورتي اها به هئي ته هن شهر جي چوڌاري تمام گهڻا باغ هوندا هئا ۽ انهن باغن ۾ ڏاڙهون، انگور، نير، انجير، انب ۽ توت جام ٿيندا هئا. هن شهر جي آس پاس ڪابه زمين غير آباد نه هئي ۽ انهن زمينن جي آباديءَ سبب هي علائقو تمام گهڻو سرسبز ۽ خوشحال هوندو هو. اهو ئي سبب هو جو هتان گذرندڙ هر ماڻهو چاهيندو هو ته دل کي سڪون پهچائڻ لاءِ ڪجهه گهڙيون هتي ترسجي.

    پاٽ پراڻي ڪڏهن کان ڪيستائين

    هر ماڻهو جڏهن پاٽ پراڻيءَ وارو تاريخي دڙو گهمڻ ايندو آهي ته سندس ذهن ۾ اول اهو سوال اڀرندو آهي ته هن تاريخي ماڳ جو وجود ڪڏهن کان ڪيستائين رهيو.
    اچو ته معلوم ڪريون. شروع ۾ ذڪر ٿي چڪو آهي ته پاٽ پراڻيءَ وارو قديمي شهر سن 403هجري ۾ قائم ٿيو ۽ 795 سال آباد رهڻ کانپوءِ سن 1198هجري ۾ ڦٽي ويو ۽ ان کانپوءِ هن جي صرف دڙي واري تاريخي حيثيت رهي ۽ هن ڪتاب جي ڇپجڻ تائين معلوم ٿئي ٿو ته هي دڙو هڪ هزار سال کان وڌيڪ قديمي آهي، ڪجهه محققن جو خيال آهي ته هن دڙي جي اوچائي ڪٿي ڪٿي 10 فوٽ، ڪٿي 30 فوٽ، ڪٿي 50 فوٽ ۽ ڪٿي 60 فٽ کان به مٿي هئي. ممڪن آهي ته درياءَ جي رخ مٽائڻ ۽ جنگين فسادن جي اثر سبب هيءُ تاريخي دڙو گهڻو متاثر ٿيو.

    پاٽ جي نالن بابت
    تاريخي حوالن مان پاٽ جي نالي بابت جيڪا معلومات ملي ٿي، اها هيٺ ڏجي ٿي ته هن ڳوٺ يا شهر کي ماضيءَ کان حال تائين ڪهڙن نالن سان پڪاريو ويو.

    پاتر:
    درياءَ جي ڪناري تي آباد هجڻ ۽ ٻيڙين جي اچ وڃ سبب ڪنهن خاص پتڻ جي نالي سان هن شهر کي پاتر سڏيو ويو.
    پاتر لفظ بابت هڪ ٻي معلومات ملي ٿي ته اوائلي دور جي هڪ هندو حڪمران راجا پاتر پنهنجي نالي سان هي شهر آباد ڪرايو پر ڪٿان به راجا پاتر جو احوال ڪونه ٿو ملي. ڊاڪٽر حبيب الله صديقيءَ جي تحقيق مطابق پاتر لفظ جي فارسي زبان ۾ معنيٰ آهي ”تخت“ ۽ ٿي سگهي ٿو ته ماضيءَ ۾ هي شهر ڪو تختگاهه هجي ۽ ڪتابن ۾ ڪٿي ڪٿي اهو ذڪر به ملي ٿو ته هتي ماضيءَ ۾ ڪو وڏو پاتر بندرگاهه به هو شايد ان ڪري هي نالو پئجي ويس.

    پواترا:
    ڪجهه تحقيق مان اهو به معلوم ٿيو آهي ته شروع شروع ۾ هن شهر جو نالو پواترا رکيو ويو هو پر اڪثر ماڻهو پواترا نه بلڪه پاترا لفظ اچاريندا هئا، پواترا اصل ۾ سنسڪرت زبان جو لفظ آهي، جيڪو اڳتي پاترا سڏجڻ لڳو ۽ پوءِ پاتر جي نالي سان مشهور ٿيو. اصل ۾ ”پاتر“ سنڌيءَ جي لفظ پاٽ جي فارسي صورتخطي آهي. ان ڪري ان جو نعم البدل ”تر“ استعمال ڪيو ويو، جيڪو ٽ جو قريب ترين اچار آهي. يعني معلوم ٿيو ته هن شهر جو اصلو نالو پاٽ ئي آهي.

    پاٽ:
    تاريخ جي ورقن ۾ هن شهر جي نالي بابت اها ڄاڻ ملي ٿي ته مختلف نالن کانپوءِ هي شهر ”پاٽ“ جي نالي سان سڏجڻ لڳو، جنهن جو سبب اهو هو ته هن شهر جي نقشي جي بيهڪ ٺڪر جي ٿانو پاٽ وانگر گولائيءَ ۾ هئي.

    پاٽ شريف:
    هن شهر جو نالو پاٽ شريف جڏهن به وٺبو آهي ته اڪثر ماڻهن جي ذهن ۾ اهو سوال اڀري ايندو آهي ته هن کي پاٽِ/شريف ڇو ٿو چيو وڃي. اصل ۾ هي شهر علم ادب جو ڳڙهه رهيو آهي، هتي اوليائن ۽ بزرگن جو فيض عام رهيو آهي.
    هتان جا ماڻهو ڪنهن به انتهاپسنديءَ ۾ ملوث نه رهيا، هن خطي جا ماڻهو پرامن ۽ صوفياڻو مزاج رکندڙ هئا، ماضي ۾ حڪمرانن هن ئي شهر ۾ روحاني سڪون حاصل ڪيو.
    ان کان علاوه عورتن جو ايترو ته احترام ڪيو ويندو هو جو ڪابه عورت گهٽيءَ مان گذرندي هئي ته سامهون ايندڙ ماڻهو ڀت ڏانهن منهن ڪري بيهندو هو ۽ جيستائين ڪا عورت اتان گذري نه ويندي هئي تيستائين اهو مرد پنهنجو ڪنڌ ڦيرائي هيڏانهن هوڏانهن نه ڏسندو هو. هن شهر جو اهڙو احترام ۽ شرافت ڏسي ٻين ڳوٺن ۽ شهرن جا ماڻهو هن شهر کي پاٽ شريف جي لقب سان سڏڻ لڳا.

    پَوِترِ:
    هن شهر جي نالي بابت اهي به شاهديون ملن ٿيون ته هن جو نالو پوتر به رکيو ويو، لفظ پوتر جي معنيٰ آهي پاڪ ۽ ممڪن آهي ته ڪنهن مذهبي عقيدي جي برتري سبب هن شهر جو نالو پوتر رکيو ويو.

    رسول آباد:
    هڪ روايت ۾ اهو به آهي ته هن شهر جي ماڻهن جي رسول پاڪ صليٰ الله عليه وسلم جن سان انتهائي خاص عقيدت هئي ۽ ان بنياد تي هنن رسول آباد جي نالي سان شهر اڏيو.

    قُبة الاسلام:
    مذهب اسلام جي خاص سرگرمين جي عروج سبب هي شهر قبة الاسلام جي نالي سان سڏجڻ لڳو ۽ هن ئي شهر جي ڀرسان قائم دريائي بندر جو نالو به قبة الاسلام بندر رکيو ويو هو، آڳاٽي زماني ۾ هن دريائي بندر ذريعي بمبئي، سورت، سريلنڪا ۽ بنگال سان سامونڊي ٻيڙن ذريعي واپار هلندو هو.

    قِبلَةُ الاسلام:
    ڪيترين ئي روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته مذهبي رواداري ۽ علمي مرڪز هئڻ سبب هن شهر کي قِبلَةُ الاسلام جي نالي سان به سڏيو ويو.

    پاٽ پراڻيءَ تي عالمن جو اچڻ
    چون ٿا ته محمد بن قاسم جڏهن سنڌ فتح ڪئي ته ان کان پوءِ هن خطي ۾ گورنر مقرر ڪيا ويا جن سان گڏ عرب قبيلا به سنڌ ۾ آيا ۽ انهن ۾ وڏا وڏا عالم سڳورا پڻ هن شهر ۾ آيا ۽ هنن جي اچڻ بعد مسجدن ۽ مدرسن ۾ اضافو ٿيو ۽ انهن عالمن اسلام جي واڌاري لاءِ تبليغ شروع ڪئي ۽ اهڙي طرح علم پرائيندڙن ۾ اضافو ٿيندو ويو، هن شهر ۾ سمرقند، بخارا ۽ چين کان به عالم ايندا رهيا، جن پنهنجو علمي ۽ روحاني فيض جاري رکيو.

    پاٽ پراڻي ۽ علمي فيض
    تاريخي ورقن ۾ ڄاڻايل آهي ته سما حڪمرانن جي دور م سنڌ جا هي شهر پاٽ، بوبڪ، ٽلٽي ۽ سيوهڻ علمي فيض ڏيڻ جي حوالي سان مشهور هئا ۽ هتان جو اهو فيض هندستان، خراسان، عراق ۽ ايران تائين مشهور هوندو هو، چيو وڃي ٿو ته پاٽ پراڻي تي ڪيترائي اهڙا غير ملڪي سياح آيا، جن کي هتي روحاني سڪون مليو ۽ ڪيترائي غير مذهب ماڻهو مسلمان ٿي ويا.

    ان وقت جو سڪو ۽ ڳالهائي ويندڙ ٻولي
    قديم زماني جي حڪمرانيءَ واري دور ۾ جيڪو سڪو رائج هو، ان ۾ سونيون اشرفيون، چانديءَ جا رپيا ۽ پتل جا سوراخ وارا پئسا شامل هوندا هئا، پاٽ پراڻيءَ ۾ پڻ اهو ئي سڪو هلندڙ هو، هن دڙي مان اهڙي قسم جا سڪا لڌا ويا، ان وقت ۾ سنڌي ٻوليءَ کانسواءِ فارسي ۽ عربي ٻولي به عام ڳالهائي ويندي هئي.

    پاٽ پراڻي لڳ شاهي دڳ جو احوال
    پاٽ پراڻي جو شهر درياءَ جي پتڻ ۽ شاهي دڳ جي ويجهو هئڻ سبب هي شهر سنڌ جي اهم تجارتي مرڪز هو، ان شاهي دڳ جا نشان ڳوٺ اميناڻي، نورجا، موندر، شيخ گلاب، جان محمد خشڪ، آرائين ۽ مهرائين جي ڳوٺ کان پاٽ پراڻيءَ تائين موجود هئا ۽ هاڻي اهي نشان ختم ٿيندي نظر اچن ٿا پر ڪٿي ڪٿي اڄ به اهي ان شاهي دڳ جا نشان موجود آهن، پاٽ پراڻيءَ جي ڀرسان درگاهه سيد ناصر شاهه لڪياري جي مقام کان اتر طرف سيتا وليج تائين اڄ به اهو شاهي دڳ ماڻهن جي استعمال هيٺ آهي، هن رستي کي شاهي دڳ ان ڪري چيو ويو جو ان دڳ جي ذريعي ئي اهم اهم حڪمران ٺٽي کان ملتان، ڪابل، قنڌار ۽ ايران ڏانهن سفر ڪندا هئا. آڳاٽي زماني ۾ هن دڳ تان گذرندڙ ماڻهن کان ”رائر“ يعني محصول اوڳاڙيو ويندو هو، هاڻي ته اهي سڀ آثار ختم ٿي ويا آهن، پاٽ شريف لڳ سيد ناصر شاهه جي درگاهه ڀرسان دلاه ڍورو هوندو ۽ ڍوري ۾ معروفاڻي، وهندڙي ۽ چڪڻ ڍنڍ ذريعي پاڻي پهچندو هو، ڍوري جي ڀرسان ڏاڙهن جا وڏا باغ هوندا هئا ۽ رستي ۾ پڪين سرن جي موري ٻڌل هوندي هئي، 1300 هه بمطابق 1882ع ۾ اها موري به ختم ٿي وئي.

    پاٽ پراڻيءَ کي پناهه گاهه طور ڇو پسند ڪيو ويو
    ان وقت سنڌ تي عربن جي حڪومت ۾ تمام گهڻيون جنگيون لڳيون، جهيڙا ۽ فساد عام هئا ۽ پوءِ ماڻهن ۾ جڏهن ڀاڄ پوندي هئي ته اهي پنهنجي بچاءُ خاطر محفوظ جايون ڳولڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. پاٽ پراڻيءَ وارو شهر اهڙن ماڻهن لاءِ پناهه گاهه طور تمام گهڻو پسند ڪيو ويو.
    چون ٿا ته هن شهر جي چوڌاري هڪ وڏو ڪوٽ ڏنل هوندو هو، جنهن کي ڪوٽ وترو چوندا هئا، چئني پاسن کان وڏا دروازا هوندا هئا ۽ انهن تي پهريدار مقرر ٿيل هوندا هئا.

    پاٽ پراڻيءَ واري دڙي مان ملندڙ شيون
    تاريخي ماڳ پاٽ پراڻيءَ واري دڙي مان مختلف وقتن تي ڪيتريون ئي شيون ظاهر ٿيون آهن، خاص ڪري جڏهن هتي قائم قبرستان ۾ ڳوٺاڻن ميتن لاءِ قبرن جي کوٽائي ڪئي ته انهن کي کوٽائي دوران آثار مليا آهن، ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته هن دڙي جي مختلف هنڌن تي کوٽائي دوران ٽامي جي ديڳ، پتل جا لوٽا، چانديءَ ۽ پتل جا سڪا، ڪاشيءَ جون سرون، ڪاشيءَ جا ٿانو ۽ گلدستا، قيمتي ۽ خوبصورت پٿر، قيمتي ڪاٺ جا ٽڪرا، وڏي سائيز واريون ڪچيون ۽ پڪيون سرون، ٺڪر جا ٿانو، ٺڪر جا پاٽڙا، ٺڪر جا دلا، ٺڪر جا مٽ، ٺڪر جا لوٽا، ٺڪر ۽ پٿر جا جنڊ ۽ ان کان علاوه ٺڪر جا ڪجهه رانديڪا به مليا آهن، ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته هن دڙي تي ڪيترن ئي ماڻهن علم ذريعي وظيفا ۽ چلا ڪٽيا ته جيئن کين هن دڙي مان سون وغيره يا ڪا ٻي ملڪيت حاصل ٿئي، اهي پنهنجي مقصد ۾ ڪيترا ڪامياب ويا اها خدا پاڪ کي ڄاڻ آهي، هن دڙي مان مٽي به کوٽائي ڪري بيدردي سان کنئي وئي، جنهن سان هن تاريخي ماڳ جي سونهن متاثر ٿي آهي.

    پاٽ پراڻي تي تحقيق
    سن 1961ع ۾ هتي آمريڪا کان آيل سياحن مسٽر ڊنڪن ۽ مسٽر جان هائنگ مئن پاٽ پراڻيءَ تي تحقيقي اڀياس ڪيو، هي ٻئي ڄڻا پاڪستان جي تاريخي ماڳن تي ريسرچ لاءِ آيا هئا ۽ پاٽ جي تعليمي ماهر ۽ محقق ڊاڪٽر حبيب الله صديقيءَ چاليهن ڏينهن تائين سندن رهنمائي ڪئي، ان کان علاوه اڄ ڏينهن تائين پاٽ پراڻيءَ واري دڙي تي ڪيترين ئي اهم شخصيتن هن تاريخي ماڳ کي گهمي ڏٺو،،ڪيترن ئي ميڊيا چينلن پنهنجون ڊاڪيومينٽريز ٺاهيون، اخبارن ۽ رسالن ۾ هن بابت خاص مضمون شايع ڪيا ويا پر افسوس جو آثار قديمه وارن هن تي ڪا خاص يا جامع تحقيق ڪونه ڪئي آهي، جيڪا ٿيڻ گهرجي.

    پاٽ پراڻيءَ جوشهر ڪيئن ختم ٿيو
    تاريخ جا ڪتاب لکن ٿا ته پاٽ جي اڳوڻي شهر پاٽ پراڻي کي جيڪو عروج ۽ ڪمال حاصل هو، ائين ئي هي تاريخي شهر مختلف سببن جي ڪري ڦٽي ختم ٿي ويو، خاص ڪري ان وقت جي حڪمرانن جون هڪ ٻئي سان لڙايون ۽ لشڪرن جون ڪاهون به هن شهر جي خاتمي جو سبب بڻيون، چون ٿا ته وقت به وقت ٿيندڙ حملن جو اثر هن شهر جي ماڻهن تي ايترو ته ٿيو جو هن پرامن ۽ خوبصورت شهر جا رهواسي پوءِ هميشه ڊنل ۽ خوفزده رهندا هئا. آخري ڀيرو جڏهن ميان غلام شاهه جو لشڪر هن شهر ۾ آيو ته هتان جي ڪيترن ئي ماڻهن مختلف هنڌن ڏانهن هجرت ڪرڻ شروع ڪئي، ڪي برهانپور انڊيا ويا ته ڪي حيدرآباد دکن ۽ ڪجهه ٻين شهرن ڏانهن لڏي ويا ۽ انهن جي لڏي وڃڻ جو مقصد اهو هو ته هاڻي اهي پاڻ تي ظلم برپا ٿيندي نه پئي ڏسي سگهيا ۽ ائين ئي هي پاٽ پراڻيءَ جو شهر سن 1198هجري ۾ آهستي آهستي خالي ٿي ويو ۽ وڏيون وڏيون جايون ۽ عمارتون مٽيءَ جو ڍير بنجي ويون ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هي شهر دڙي جي شڪل اختيار ڪري ويو ۽ هتان جي باقي رهيل ماڻهن نئين پاٽ جي اڏڻ جي ڪوشش ڪئي.

    پاٽ پراڻي لڳ لوهم جو دڙو
    پاٽ شريف جي اولهه ۾ 7-6 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي پيارو ڳوٺ اسٽيشن جي اتر ۾ ريلوي لائين کان اٽڪل هڪ فرلانگ اوڀر ۾ هڪ تاريخي لوهم جو دڙو واقع آهي، هي دڙو هن وقت پنهنجي اصل شڪل و صورت ۾ ناهي رهيو، دادو شگر مل جي قائم ٿيڻ کان پهرين 1977ع تائين ته هي صحيح سلامت هو، آباديءَ جي وڌي وڃڻ سبب هاڻي اتي شريف آباد جي نالي سان هڪ ڳوٺ قائم آهي ۽ آرڪيالاجي کاتي جي بي ڌياني سبب هي اهم ماڳ ميسارجي ويو. 1930ع ۾ قديم آثارن جي ماهر ”اين جي مجمدر“ هن دڙي جي کوٽائي ڪندي تحقيق به ڪئي هئي ۽ ان موجب لوهم جي دڙي جا مختلف حصا يا ٻيا دڙا اوڀر کان اولهه طرف ست سئو فوٽ ڊگها ۽ اتر کان ڏکڻ طرف ڇهه سئو فوٽ ويڪرا هئا ۽ هي دڙا ان وقت آس پاس جي زمين کان 23 فوٽ مٿي اوچا هئا، هن تحقيق دوران وڌيڪ معلوم ٿيو ته هن دڙي سان ڪنهن هٿ چراند ڪندي دڙي جي کوٽائي ڪئي، سائنسي فني ڄاڻ نه هئڻ سبب دڙي کي فائدي بجاءِ نقصان رسيو، هڪ ٻئي ماهر مسٽر ڊڪشٽ کي هن لوهم جي دڙي مان سپين جا ذرڙا، پٿر مان گهڙيل کرپيون، چقمق جا ٽڪرا ۽ ٽامي جون ڪجهه شيون هٿ آيون، جنهن مان ثابت ٿيو ته هي دڙو موهن جي تهذيب واري دڙي سان تعلق رکي ٿو، ان کان علاوه هن دڙي مان مٽيءَ جا ٿانو، تصويري خاڪا، خنجر، چاڪو، مهرون، گاڏين جا ننڍڙا ڦيٿا ۽ ڍڳن جا مجسما به مليا آهن. ان کان علاوه سن 1979ع، 1980ع، 1983ع، 1986ع ۾ به ماهرن هي دڙو گهمي ڏٺو ، دادو ضلعي جي مهان اديب ۽ آثار قديم جي ماهر تاج صحرائي هن دڙي جي نالي بابت هڪ هنڌ لکيو آهي ته ممڪن آهي ته هن ماڳ جو نالو اول لوهڻ هو ۽ پوءِ لوهم جي نالي سان مشهور ٿيو، جيڪو دريائي وهڪري سبب ويران ٿي ويو. نامور محقق ڊاڪٽر حبيب الله صديقي وري هن لوهم جي دڙي بابت لکي ٿو ته پاٽ شريف کان 7 ڪلوميٽر اولهه طرف دادو شگر مل پيارو اسٽيشن جي ڀرسان لوهم جو دڙو هوندو هو، جيڪو هن وقت دڙي واري شڪل وڃائي چڪو آهي، ان دڙي بابت معلوم ٿئي ٿو ته هي دڙو به موهن جي دڙي ۽ پاٽ پراڻيءَ واري دڙي وانگر قديمي هو. هي دڙو آريا قوم جي قبضي هيٺ رهيو، اها قوم ڀونچ سمنڊ کان اچي سنڌ ۾ آباد ٿي هئي، دولتمند هئڻ سبب عياشي ۾ هنن پنهنجو پاڻ کي برباد ڪري ڇڏيو. ان وقت ۾ ماڻهو جيڪا ٻولي ڳالهائيندا هئا ان کي سامي زبان چيو ويندو هو. هتي وڏين وڏين ديوين ۽ ديوتائن جا مندر ۽ لوهم جا وڏا وڏا مندر هوندا هئا، ان وقت ۾ درياءَ جو وهڪرو چڪڻ ڍنڍ رستي اولهه طرف هوندو هو ۽ اها چڪڻ ڍنڍ اڄ به ڳوٺ رڪڻ ۽ پلها جي وچ تي موجود آهي ۽ ان مان ڪيترائي پورهيت ڪاري مڇي ماري پيٽ گذر ڪن ٿا ۽ قديمي ماڳ لوهم جي دڙي تي هن وقت پنجابي برادري جو شريف آباد نالي ڳوٺ آباد آهي.

    پاٽ پراڻي لڳ ماڻڪٽاري جو دڙو
    پاٽ پراڻيءَ وارتي دڙي جي ڏکڻ ۾ ڦلجي اسٽيسن ڀرسان هڪ قديمي ماڳ ”ماڻڪٽاري“ وارو دڙو به موجود آهي، هن دڙي جي پکيڙ تقريبن 22 ايڪڙن تي مشتمل آهي ۽ سندس اوچائي ڪٿي 5 فوٽ ۽ ڪٿي 40 فوٽ به آهي، هي دڙو درياءَ جي اولهه ۾ واقع آهي ۽ چيو وڃي ٿو ته ڪنهن زماني ۾ هتي دريائي بندرگاهه هو ۽ ٻيڙن رستي وڏو وڻج واپار هلندو هو. ماڻڪٽارو ڪڏهن کان وجود ۾ آيو ۽ ڪڏهن کان ميسارجڻ لڳو ان بابت قديم آثارن جي ماهر سائين تاج صحرائي به ڪافي تحقيق ڪئي آهي، ان کان علاوه ڪتاب تحفة الڪرام ۽ جنت السنڌ ۾ پڻ هن دڙي بابت حوالا ملن ٿا ته آڳاٽي زماني جي سلطان آرام شاهه جي وقت ۾ بادشاهت چئن حصن ۾ ورهايل هئي. ملتان، اُچ ۽ ساري سنڌ تي ناصرالدين قباچه جا حڪم جاري ٿيندا هئا ۽ ان وقت ۾ سنڌ جون ست رياستون قائم هيون. جن مان ٽين رياست ”ماڻڪٽارو“ تي جيسر ولد ججه ماڇي سولنگي حڪومت ڪندو هو. تاريخن ۾ سولنگين يا ماڇين جي حب الوطني ۽ قومپرستيءَ جو ذڪر ملي ٿو. هن دڙي جي برباديءَ بابت معلوم ٿئي ٿو ته شاهه حسن ارغون، جيسر ولد ججه ماڇي سولنگيءَ تي باغبان جي ڀرسان قائم هن شهر تي حملو ڪيو ۽ سندن ملڪيتون لٽيون ويون. مرد، عورتن، ٻڍن ۽ ٻارن کي قتل ڪيو ويو ۽ ماڻڪٽاري واري شهر کي باهه ڏني وئي، جيڪا مسلسل ساڍا ٽي ڏينهن جاري رهي. تاريخ ۽ تحقيق سان دلچسپي رکندڙ ڦلجي اسٽيشن جي ٻن ڀائرن عارف علي جهتيال ۽ آصف علي جهتيال هن تاريخي ماڳ ۾ خاص دلچسپي وٺندي آرڪيالاجي کاتي کي دڙي جي تباهي بابت نوٽيس وٺڻ جي اپيل به ڪئي، هتي هن دڙي جي ذڪر ڪرڻ مان مراد اها هئي ته پاٽ پراڻي وارو دڙو، لوهم جو دڙو ۽ ماڻڪٽارو ۾ هڪجهڙائي آهي.


    پاٽ پراڻيءَ جا تاريخي واقعا ۽ قصا

    سومرن ۽ سمن جي حڪمرانيءَ واري دور جا پاٽ پراڻيءَ تي پوندڙ اثر
    سن 752هجري ڌاري سومرن جي حڪمراني ختم ٿيڻ کانپوءِ سمن جي شهنشاهيت قائم ٿي، همير سومري کي قتل ڪرڻ کانپوءِ ڄام انڙ پهريون حڪمران مقرر ٿيو. سن 790هجري ۾ فيروز شاهه تغلق جي وفات بعد تمام گهڻيون جنگيون لڳيون. سن 800 هجري ڌاري ڄام فتح خان جي وقت ۾ امير تيمور هندستان تي ڪاهه ڪئي ۽ ڦرن لٽن کان علاوه هن ٻيا به ايترا ته ظلم ڪيا جو ڳوٺ ۽ شهر ويران ٿي ويا ۽ پاٽ پراڻي پڻ اهڙي لپيٽ ۾ اچي وئي.

    شيخ شهاب الدين سهروردي پاران پاٽ پراڻي کي آباد ڪرڻ
    حڪمرانن جي لڳل جنگين ۽ فسادن کانپوءِ پاٽ پراڻي اجڙي وئي، شهنشاهه اورنگزيب جي پرواني ۾ ڄاڻايل آهي ته سما حڪمران ڄام نندي پاٽ جو شهر شيخ شهاب الدين صديقي سهرورديءَ کي جاگير طور ڏنو، ڇا جي ڪري جو سما حڪمران هن شخصيت مان تمام گهڻو مطمئن هئا، شيخ شهاب الدين صديقي صوفي سهروردي طريقي جي تبليغ ڪرڻ ۾ تمام گهڻو ڪامياب ويو ۽ هِنَ 844هجري ۾ پاٽ پراڻيءَ واري شهر جي نئين سر تعمير ڪرائي ۽ اجڙيل رونقن کي بحال ڪيو.

    مرزا عبدالرحيم شاهه بيگ خان ڪابلي جي پاٽ پراڻيءَ مان ڦرلٽ
    سن 998هجري ۾ خان خانه مرزا عبدالرحيم شاهه بيگ ڪابلي سيوهڻ جي قلعي تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ لشڪر سميت جڏهن پاٽ پراڻيءَ واري شاهي دڳ سان هتان گذريو ته پاٽ پراڻي واري شهر مان به ڦرلٽ ڪيائون، هن لشڪر جي هڪ اڳواڻ مرزا سڪندر بيگ هن شهر ۾ جنگين فسادن جهيڙن ۽ ڦرلٽ جي ايتري ته باهه ڀڙڪائي جو هتان جي اهم شخصيتن مجبور ٿي خان خانه مرزا عبدالرحيم شاهه بيگ جي آڻ مڃي.

    مرزا جاني بيگ ۽ نواب محمد صادق جي پاٽ پراڻيءَ ڀرسان ٿيل لڙائي
    پاٽ پراڻيءَ ڀرسان سن 1090هجري ۾ مرزا جاني بيگ ۽ نواب محمد صادق جي وچ ۾ درياءَ جي ڪپ تي لڙائي ٿي ۽ نواب محمد صادق جي لشڪر هٿان مرزا جاني بيگ کي شڪست ملي، ان هارايل لشڪر پاٽ پراڻيءَ سميت ڪيترن ئي ڳوٺن کي لٽيو ۽ ڦريو ويو.

    حڪمران محمد شاهه مغل ۽ پاٽ پراڻيءَ جي معاشي حالت
    سن 1131هجري ۾ جڏهن ڪلهوڙا خاندان جو سنڌ ۾ آهستي آهستي دور شروع ٿيو ته شهنشاهه محمد شاهه مغل واري اقتدار جو خاتمو آيو ته ان وقت ۾ پاٽ پراڻيءَ وارو شهر، بکر، نصرپور، ٺٽو، سيوهڻ ۽ روهڙي، علم هنر ۽ واپار جا وڏا مرڪز هئا، ان وقت جي مغل نوابن ۽ ڪلهوڙا خاندان واري ڇڪتاڻ جو معاشي اثر پاٽ پراڻيءَ سميت ٻين شهرن تي به پيو.

    مرزا شاهه حسن ارغون ۽ مرزا ڪامران جي پاٽ پراڻي ۾ ٿيل ملاقات
    مرزا ڪامران پنهنجي ڀاءُ همايون سان اختلاف رکڻ کانپوءِ ملڪ بدر ٿي نڪتو ۽ هن پاٽ پراڻيءَ ۾ مرزا شاهه حسن ارغون سان ملاقات ڪئي ۽ مرزا ڪامران پنهنجي ڏکين گهڙين ۽ ڀاءُ همايون جي رويي جو ذڪر شاهه حسن ارغون سان ڪيو ته هن جو داستان ٻڌي شاهه حسن ارغون سندس ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو وچن ڪيو، واضح رهي ته مرزا ڪامران ڪابل جو حاڪم هو ۽ سندس ڀاءُ همايون جڏهن ڪابل تي ڪاهه ڪئي ته مرزا ڪامران اتان هزاره رستي اچي سنڌ پهتو هو ۽ سنڌ جي پاٽ پراڻي واري شهر ۾ هنن ٻنهي حڪمرانن مرزا ڪامران ۽ مرزا شاهه حسن ارغون جي پاڻ ۾ ملاقات ٿي.

    همايون بادشاهه پاٽ پراڻي ڪيئن پهتو
    1530ع ۾ بابر جي موت بعد همايون دهليءَ هندستان جي تخت تي ويٺو پر باغي افغان جنرل شير شاهه سوري مغل حڪمران همايون کي شڪست ڏئي دهلي مان لوڌي ڪڍيو، شڪست کاڌل همايون پنهنجو لشڪر ساڻ ڪري آگري کان ٿيندو، اچي لاهور پهتو، ان وقت لاهور ۾ افغانن جو هڪ ماڻهو حڪومت ڪندو هو، ان همايون سان لڙائي لاءِ لشڪر رواني ڪرڻ جي تياري ڪئي ته همايون مقابلي جي سگهه نه ساري سگهيو ۽ پوءِ همايون لاهور کان سنڌ ڏانهن روانو ٿيو. هن جو خيال هو ته هو شير شاهه خلاف سنڌ جي ارغون حڪمرانن جي لشڪر جي مدد حاصل ڪندو يا ارغونن ۽ ترخانن جي حڪومت ختم ڪري پاڻ سنڌ جو حڪمران ٿي ويهندو، اهڙي خبر پوڻ کانپوءِ حڪمران مرزا شاهه حسن ارغون سندس ڪابه مدد نه ڪئي ۽ همايون جي اهڙين ڪوششن کي ناڪام بنائڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جا زور لڳايا، همايون ملتان کان ٿيندو سنڌ جي سيوهڻ شهر ۾ پهتو ۽ اتان ٿيندو پاٽ پراڻيءَ ۾ اچي ساهي پٽيائين ۽ شڪست کاڌل همايون جي پاٽ پراڻي تي هڪ خانداني تقريب ۾ مير علي اڪبر جامي سان ملاقات ٿي ۽ هن ان جي ڌيءَ حميده بانو بيگم کي به پهريون دفعو ڏٺو هو، ائين ئي پوءِ همايون ۽ حميده بانو جي شادي پاٽ ۾ ئي ٿي، هوڏانهن شاهه حسن ارغون، همايونءَ کي سنڌ مان تڙي ڪڍڻ لاءِ ارغوني لشڪر سندس پٺيان لڳائي ڇڏيو، همايون پاٽ مان واپس بکر طرف روانو ٿيڻ کان پوءِ ٻٻرلوءِ وٽ اچي لشڪر سميت رهيو، همايون واپس اچي هندستان جو بادشاهه ٿيڻ واري اميد ۽ ڪوشش ترڪ ڪانه ڪئي هئي ۽ مختلف حڪمرانن طرفان جنگيون ۽ لڙايون به سندس مقدر بڻجي چڪيون هيون.

    شهنشاهه همايون ۽ حميده بانو جي پاٽ پراڻي ۾ ٿيندڙ شادي
    تاريخ لکي ٿي ته شهنشاهه همايون جڏهن حميده بانو جي رشتي جي گهر ڪئي ته حميده بانو طرفان پيغام آڻيندڙن آڏو اهي شرط رکيا ويا ته ڇا شهنشاهه همايون باشريعت آهي يا نه، نماز روزي جو پابند آهي يا نه ۽ ان کان علاوه قرآن پاڪ پڙهيل آهي يا نه ۽ سنت نبوي صه مطابق ڏاڙهي رکيل اٿس يا نه، چون ٿا ته جڏهن همايون کي اهڙن شرطن جي خبر پئي ته هن هڪ پنهنجي لاءِ ديني عالم سڳورو رکيو، جنهن کيس تمام جلد قرآن پاڪ جي پڙهڻ جي سعادت ڏياري ۽ کيس حافظ قرآن به بڻائي ڇڏيو، مطلب ته هن سمورن شرطن کي پورو ڪرڻ بعد حميده بانو جي والدين ڏانهن شادي جو پيغام موڪليو. اهڙيءَ طرح سن 948هجري ۾ همايون بادشاهه ۽ حميده بانو جي شادي ٿي. پاٽ پراڻيءَ ۾ ٿيندڙ هنن ٻنهي جي شادي جو نڪاح مير ابوالبقاءَ پڙهايو هو ۽ نذراني طور کيس ان وقت ٻه لک ادا ڪيا ويا هئا. شهنشاهه همايون شاديءَ کانپوءِ ٽي ڏينهن پاٽ پراڻيءَ ۾ رهيو ۽ پوءِ حميده بانو کي ساڻ ڪري ٻيڙين ذريعي بکر روانو ٿيو ۽ مختلف شهرن جي سير سفر بعد عمرڪوٽ شهر ۾ پهتا.

    حميده بانو بيگم جو پروفائيل
    مڪمل نالو: بلقيس مڪاني حميده بانو بيگم
    جنم جي تاريخ: 1527ع جنم جو هنڌ پاٽ پراڻي، سندس والد صاحب جو نالو شيخ علي اڪبر جامعي، عرف ميان بابا دوست هو، جيڪو وقت جو وڏو عالم ۽ بزرگ هو، سندس والده جو نالو مهناز افروز عرف ماه افروز بيگم هو، حميده بانو جا والدين ايران جي خراسان واري علائقي مان هجرت ڪري پاٽ ۾ اچي رهيا ۽ پوءِ اتي ئي مڪمل رهائش اختيار ڪيائون، سندن اٿڻي ويهڻي ۽ ٻولي به نج سنڌي هئي، شيخ علي اڪبر جامعي ان وقت جي حڪمران مرزا هندال جو به ويجهو عزيز هو، مرزا هندال جي معرفت حميده بانو بيگم جي شادي هندستان جي شهنشاهه همايون سان ٿي، 1541ع بمطابق 948هه ۾ ٿيندڙ شادي وقت حميده بانو جي عمر 14 يا 15 سال هئي ۽ اها شادي پاٽ پراڻي تي ئي ٿي هئي. حميده بانو بيگم شهنشاهه جلال الدين اڪبر جي امڙ هئي، حميده بانو بيگم جي وفات سن 29 آگسٽ 1604ع تي آگره انڊيه ۾ ٿي ۽ سندس آخري آرامگاهه دهلي ۾ آهي. هن نيڪ بهادر ۽ وفادار سنڌياڻي عورت جي شادي بابت تفصيل ۽ تاريخي واقعن بابت سندس اهم ڪردار تي اڳتي پڙهنداسين.

    حميده بانو بيگم هڪ وفادار سنڌياڻي عورت
    چون ٿا ته جڏهن شير شاهه سوري، همايون کان هندستان جو تخت کسي کيس صرف جان بچائڻ تي مجبور ڪيو ته ان موقعي تي هن سنڌياڻي عورت حميده بانو تاريخي ڪردار ادا ڪيو، همايون جان بچائي پنهنجي چند وفادار ساٿين سان جڏهن روپوشي اختيار ڪئي ته بک اڃ ۽ ريگستاني ڏکئي سفر دوران حميده بانو اٺن مهينن جي ڳورهاري هئي ۽ واٽ تي اهو گهوڙو به مري ويو جنهن تي هيءَ سوار هئي، پنهنجي وَرَ همايون سان ساٿ نڀائيندي ۽ ڏکيو سفر ڪاٽيندي هيءَ حميده بانو ۽ ٻيو قافلو جڏهن سنڌ ۾ عمرڪوٽ وٽ پهتو ته اتي هڪ سنڌي سوڍي راجپوت کيس پناهه ڏني ۽ اتي ئي کيس پٽ ڄائو. جنهن جو نالو اڪبر رکيو ويو، اڪبر جي پيدائش بعد ڪجهه عرصي کانپوءِ همايون پنهنجي گهرواري جي صلاح سان ڪابل ۽ قنڌار پهتو جتي همايون جو ڀاءُ حڪمران هو پر ان ڪابه هن جي مدد نه ڪئي. شير شاهه سوريءَ جا ماڻهو همايون جي پٺيان لڳل هئا. حميده پنهنجي مڙس کي ساڻ ڪري ايران پهتي ۽ پنهنجي ناناڻن کان مدد ۾ لشڪر گهريائين ۽ صفوي حڪمران جي مدد سان پوءِ لڙائي دوران شير شاهه سوري جهڙي حڪمران کي شڪست آئي ۽ همايون کي اهو ساڳيو ئي اوج ۽ بادشاهي واپس ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار حميده بانو جو هو ۽ 1556ع تي همايون جي وفات بعد 14 سالن جي ننڍي عمر ۾ اڪبر کي بادشاهي تخت تي ويهارڻ واري به سندس ماءُ حميده بانو هئي. جنهن پنهنجي پٽ اڪبر جي اهڙي ته تربيت ۽ پرورش ڪئي جو هو ننڍپڻ کان ئي عقلمند ۽ باصلاحيت هو، هندستان جي هن شهنشاهه کي اهو اعزاز هو جو هن وڏي عرصي تائين حڪومت ڪئي ۽ کيس اڪبر اعظم ۽ جلال الدين اڪبر جي لقبن سان ياد ڪيو وڃي ٿو ۽ کيس ان منسب تي پهچائڻ واري پاٽ ڄائي سندس امڙ حميده بانو بيگم هئي.
    ڪجهه ڪتابن ۾ تحريرٿيل آهي ته همايون ۽ شير شاهه سوري واري جنگي ڪشمڪش دوران 22 مئي 1545ع تي شير شاهه سوري هڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويو، جنهن کانپوءِ سندس پٽ اسلام الدين کي جانشين مقرر ڪري تخت تي ويهاريو ويو ۽ همايون جي لشڪر ڪاهه ڪري اسلام الدين کي شڪست ڏني ۽ همايون کي تخت واپس مليو.

    اڪبر بادشاهه جي عمرڪوٽ ۾ پيدائش ۽ پاٽ پراڻي سندس ناناڻڪو شهر
    تاريخ لکي ٿي ته شهنشاهه همايون ۽ سندس گهرواري حميده بانو جڏهن مسلسل عمرڪوٽ ۾ رهائش اختيار ڪئي ته ڳورهاري حميده بانو طرفان شهنشاهه همايون آڏو اها خواهش ظاهر ڪئي وئي هئي ته سندس ويم جي سنڀارن وارن ڏينهن جي ويجهو اچڻ تي دائي سندس ڳوٺ مان گهرائي وڃي ۽ پوءِ پاٽ پراڻي مان ئي دائي گهرائي وئي هئي، جنهن ۾ حميده بانو کي 8 مهينن جوپٽ ڄائو، جنهن جو نالو محمد اڪبر رکيو ويو، همايون کي پٽ جي ڄمڻ جي تمام گهڻي خوشي ٿي، محمد اڪبر ننڍپڻ کان ڏاهو ۽ سلڇڻو ٻار هو ۽ اڳتي هلي هن جڏهن بادشاهي سنڀالي ته هو جلال الدين اڪبر جي نالي سان مشهور ٿيو.
    اهڙي طرح پاٽ پراڻي سندس ناناڻڪو شهر ليکيو ويندو آهي، 49 سالن تائين هندستان جي سلطنت هلائيندڙ اڪبر اعظم پنهنجي ناناڻڪي شهر پاٽ بابت چوندو رهندو هو ته مون کي فخر آهي جو پاٽ منهنجو ناناڻڪو شهر آهي، همايون جو انتهائي وفادار جنرل بيرام خان کيس پاٽ بابت اهم آگاهي ڏيندو رهندو هو پر اهو اتفاق ئي چئي سگهجي ٿو جو اڪبر بادشاهه ڪڏهن به پاٽ نه اچي سگهيو.

    پاٽ ۾ حڪمرانن جون ٿيندڙ شاديون
    1523ع/ 930هجري ۾ مرزا شاهه حسن ارغون جي شادي گلبرگ بيگم سان پاٽ پراڻي ۾ ٿي، گلبرگ خليفي حسام الدين ميرڪ جي ڌيءَ هئي، خليفو حسام الدين بابر بادشاهه جو مير منشي هو ۽ مرزا شاهه حسن ارغون سنڌ جو حڪمران هو.
    1541ع/ 948 هجري ۾ شهنشاهه همايون ۽ حميده بانو بيگم جي شادي پاٽ پراڻيءَ ۾ ٿي ، حميده بانو بيگم پاٽ ۾ ئي ڄائي ۽ علي اڪبر جامي جي نياڻي هئي، شهنشاهه همايون جلاوطن ٿيڻ بعد سنڌ ۾ آيو ۽ پوءِ پاٽ پراڻيءَ ۾ پهتو.
    1543ع/ 950 هجري ۾ مرزا ڪامران جي شادي چوچڪ بيگم سان پاٽ پراڻي ۾ ٿي، چوچڪ بيگم، حڪمران شاهه حسن ارغون جي ڌيءَ هئ ۽ مرزا ڪامران شهنشاهه همايون جو ڀاءُ هو. مرزا ڪامران پنهنجي ڀاءُ همايون جو مخالف هو ۽ ان کان پلاند وٺڻ لاءِ سنڌ ۾ پهچي مرزا شاهه حسن ارغون کان مدد طلب ڪئي، مرزا شاهه حسن ارغون سندس مدد به ڪئي ۽ کيس پنهنجي ڌيءُ جو سڱ به ڏنائين.

    مرزا عيسيٰ پاران پاٽ پراڻيءَ کي بچائڻ جي ڪوشش
    همايون شهنشاهه کانپوءِ جڏهن اڪبر بادشاهه جو دور آيو ته ان وقت مرزا حڪمرانن جي پاڻ ۾ ويڙهه شروع ٿي وئي ۽ ان ويڙهه جو فائدو وٺندي پورچوگيزن سمنڊ رستي سنڌ تي ڪاهه ڪئي ۽ ڪيترن ئي وڏن ۽ ننڍن شهرن تي حملا ڪري ماڻهن جي جان مال ملڪيت ۽ گهرن کي نقصان رسايو، اهڙن حملن جو اثر پاٽ پراڻيءَ تي به پيو، مرزا عيسيٰ هن شهر کي ويرانيءَ کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي.

    مرزا باقي ۽ ظلم جي انتها
    مرزا باقي جڏهن مرزا عيسيٰ کان پوءِ جڏهن سنڌ جي گاديءَ تي ويٺو ته هن ظلم جي انتها ڪري ڇڏ، چون ٿا ته هي ايترو ته ظالم ۽ ڪنجوس حڪمران هو جو ڪوبه ملازم جڏهن پگهار جي گهر ڪندو هو ته مرزا باقي ان کي قتل ڪرائي ڇڏيندو هو ۽ ان جو گهر گهاٽ ساڙائي ڇڏيندو هو. ان ظالم حڪمران جي خوف جو اثر پاٽ پراڻيءَ تي به پيو، هتان جي ماڻهن کي لڏڻ تي مجبور ڪيو ويو، هن ظالم حڪمران کي ماڻهو پٽون ۽ پاراتا ڏيڻ لڳا، تاريخ لکي ٿي ته مظلومن جي انهن بددعائن اهڙو ته تڪڙو اثر ڏيکاريو جو ان ظالم حڪمران مرزا باقي سن 993هجري ۾ پاڻ کي خنجر هڻي خودڪشي ڪري ڇڏي ۽ سندس پوئنير چريا ۽ عليل ٿي ويا.

    ڦَتُو فقير ۽ پاٽ پراڻي
    پاٽ پراڻيءَ تي ڦتو فقير نالي هڪ درويش صفت انسان رهندو هو، هي لوڙهائي فقير واري لقب سان به مشهور هو، ميان يار محمد ڪلهوڙي هن سچي ۽ کري انسان کي پاٽ پراڻيءَ جي ماڻهن جي حفاظت لاءِ ڪم سونپيو ته ڪنهن به طريقي سان مغل حاڪمن جي ظلم کان هتان جي ماڻهن کي نجات ڏياري وڃي ۽ ڦتو فقير پنهنجي مريدن ۽ اتان جي رهواسين جي مدد سان پاٽ پراڻيءَ جي حفاظت ڪئي ۽ هن پنهنجي نگراني ۾ هتان جي رهواسين جو هر طرح سان خيال رکيو، عدل انصاف کان وٺي روزگار تائين، غريبن جي مدد کان ويندي عالمن ۽ پرهيزگارن جو خيال رکيو.

    پاٽ پراڻيءَ جي 284 شهيدن جو قصو
    چون ٿا ته پاٽ پراڻيءَ تي مخدوم ميان عبدالرحمان صديقي نالي هڪ وڏو عالم ۽ بزرگ رهندو هو. هن جا هزارين مريد هوندا هئا، ملتان، جيسلمير ۽ سنڌ ۾ سندس طالبن جو وڏو تعداد هوندو هو، چيو وڃي ٿو ته ان وقت ۾ مخدوم ميان عبدالرحمان جي مخالفن، ميان نور محمد ڪلهوڙي کي ڀڙڪايو ته هي بزرگ اوهان تي خداآباد ۾ ڪاهه ڪندو، وقت جي حڪمران وڏو لشڪر تيار ڪري پاٽ پرڳڻي تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو ۽ حڪم ڪيو ته پاٽ جي شهر کي ڪڙو چاڙهي مخدوم عبدالرحمان کي هٿ ڪيو وڃي، اهڙي طرح ان لشڪر جي حملي ۾ تمام گهڻي خونريزي ٿي ۽ مخدوم عبدالرحمان صديقي ان وقت پاٽ پراڻيءَ جي هڪ جامع مسجد ۾ سانجهيءَ جي نماز پڙهائي رهيو هو ۽ سندس پٺيان ڪيترائي مريد، طالب، عالم ۽ حافظ باجماعت نماز پڙهي رهيا هئا ته لشڪر انهن نمازين تي به حملو ڪيو ۽ هن حملي ۾ 284 ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو ۽ پاٽ پراڻي تي ٿيل اهڙي قهري ڪارروائي کانپوءِ انهن شهيدن جي غم ۾ چاليهه ڏينهن گهر گهر ۾ سوڳ جاري رهيو.

    284 شهيدن جي واقعي کانپوءِ گولي فقير جوڻيجي جو ڪردار
    پاٽ پراڻيءَ تي رهندڙ گولو فقير جوڻيجو صوفياڻي رنگ ۾ رنڱيل فقير منش انسان هو، حق ۽ سچ جي واٽ تي هلڻ سان گڏ عاجزي ۽ نياز نوڙت ۾ پڻ بيمثال هو، گولي فقير جوڻيجي جڏهن پاٽ پراڻيءَ ۾ 284 ماڻهن جي شهيد ٿيڻ وارو واقعو ڏٺو ته هن هندو مذهب وارو لباس پائي ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ڪچهري ۾ اچي حاضر ٿيو، گولي فقير کان جڏهن اهڙي لباس بابت پڇيو ويو ته هن جواب ڏيندي چيو ته اوهان پاٽ ۾ ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي ۽ 284 ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ نمازي به شامل هئا، هاڻي ٻڌايو ته ڪهڙي مسلماني بچي آ، گولي فقير ميان نور محمد ڪلهوڙي کي سڄي حقيقت ٻڌائي ته مخدوم عبدالرحمان الله پاڪ جو نيڪ ٻانهو هو، مخالفن ۽ حاسدن جي چوڻ تي اوهان مخدوم عبدالرحمان صديقي کي عالمن، حافظن ۽ مريدن سميت شهيد ڪرائي وڏو ظلم ڪيو آهي، چون ٿا ته جڏهن ميان نور محمد ڪلهوڙو گولي فقير جي بيان ڪيل اصل حقيقت کان واقف ٿيو ته هن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو ۽ ڪافي وقت تائين روئيندي ۽ سوچيندي خاموش ٿي ويو.


    پاٽ پراڻيءَ جا روحاني بزرگ

    روحاني بزرگ حاجي پير اسماعيل
    پاٽ پراڻي تي ڪامل ولي ۽ روحاني بزرگ حاجي پير اسماعيل جي مزار آهي، حاجي پير اسماعيل بابت جيڪا معلومات ملي ٿي ته هي ذات جو جوکياڻي پنهور هو، ننڍپڻ ۾ رڍون چاريندو هو ۽ رب پاڪ کي ريجهائڻ لاءِ ذڪر ڪندو رهندو هو، ان مالڪ جي مهر سان پاڻ صاحب ڪرامت بڻجي ويو، چون ٿا ته پاڻ جڏهن پنڌ حج جي سعادت ماڻي موٽيو ته سندس ڌڻ مان هڪ رڍ چوري ٿي وئي ۽ پوءِ ته انهن چورن جي مال ۾ ۽ انهن جي مٽن مائٽن جي چوپائي مال ۾ اچي بيماري پئي ۽ پوءِ ته اهي چور ڳچيءَ ڳارا ڪري ميڙ وٺي اچي هن بزرگ کان بخشرايائون ۽ هن بزرگ باقي بچيل ڍورن مٿان دعا جو هٿ گهمايو، اهو ئي سبب آهي جو اڄ تائين به پاٽ شريف ۽ آس پاس وارن ڳوٺن جي ماڻهن جي چوپائي مال ۾ ڪا بيماري ٿيندي آهي ته اهي هتي اچي درگاهه آڏو ڪشادي ميدان تي پنهنجو چوپايو مال ٻڌندا آهن، حاجي پير اسماعيل بابت سندس جنم جي ڪا تاريخ معلوم نه ٿي سگهي آهي، البته اهو معلوم ٿيو آهي ته هي بزرگ شيخ بهاءُالدين ذڪريا ملتان واري جو خليفو هو، حاجي پير اسماعيل جي ڀر ۾ اوڀر طرف کان پير ڀرڪيو جي مزار آهي، جيڪو ذات جو لانگاهه هو، هن درگاهه جي اتر ۾ معصوم شاهه جي مزار آهي، هر اسلامي مهيني جي 11 تاريخ تي هتي رات جو يارهين شريف ملهائي ويندي آهي ۽ هر سال 27 رجب تي ساليانو عرس ملهايو ويندو آهي، فقير عبداللطيف ڪلهوڙو، فقير محمد جمن ڪلهوڙو، فقير رجب علي ڪلهوڙو، فقير ياسين، مرحوم بخشڻ فقير، مرحوم گل محمد فقير، استاد محمد بخش عباسي ۽ سندس فرزند استاد اياز حسين عباسي هن درگاهه جا خاص خدمتگار رهيا آهن. هن بزرگ کي پنهور برادريءَ جا ماڻهو ڏاڏو حاجن ڪري پڪاريندا آهن، ڪيترا ئي عقيدتمند روزانو حاضري ڀريندا آهن ۽ سکائون ڏيندا آهن. هن درگاهه جي ڀرسان بزرگ مٽلي فقير جي به مزار آهي، جنهن تي دال مانيءَ جي باس ڏني ويندي آهي.

    پاٽ پراڻيءَ تي قلندر شهباز جي آمد ۽ بزرگ حاجي پير اسماعيل سان سندس ملاقات
    ڪتابن ۾ ڄاڻايل آهي ته قلندر شهباز پنهنجو سير سفر جاري رکندي پاڻ عربي سمنڊ جي مڪران وارو ساحل ڏئي پنجگور، پسني ۽ لاهوت لامڪان کان ٿيندو سنڌ ۾ آيو ۽ جڏهن پاٽ پراڻيءَ پهتو ته اتي 592هجري ۾ ڪامل ولي ۽ روحاني بزرگ حاجي پير اسماعيل سان سندس ملاقات ٿي، تاريخي حوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته قلندر شهباز جو پاٽ پراڻيءَ ڀرسان جڏهن به گذر ٿيندو هو ته پاڻ هن بزرگ حاجي پير اسماعيل سان سندس ڪچهريون ٿينديون هيون.

    ڪالونگو واڻيو پاٽائي
    پاٽ پراڻيءَ تي هڪ وڏو ڪاروباري سيٺ ڪالونگو واڻيو رهندو هو، چون ٿا ته حضرت قلندر لعل شهباز جڏهن پاٽ پراڻي تي آيو ته ڪالونگو واڻيو کاڌي پيتي جو سيڌو سامان پنهنجي طرفان قلندر شهباز جي حوالي ڪندو هو ۽ قلندر شهباز سان گڏ رهندڙ فقير هڪ واڻئي جي ايڏي عقيدت ۽ محبت ڏسي خوش ٿيندا هئا، چيو وڃي ٿو ته جڏهن حضرت قلندر لعل شهباز پاٽ پراڻيءَ کان سيوهڻ وڃڻ جي تياري ڪئي ته ڪالونگي به ان فقرائي ٽولي سان وڃڻ جي تياري ڪئي ۽ قلندر شهباز جڏهن سيوهڻ پهتو ته ڪالونگو به ٻين فقيرن سان گڏجي قلندر لعل شهباز جي خدمت ۾ لڳي ويو ۽ هميشه هميشه جي لاءِ اتي ئي سيوهڻ ۾ رهڻ لڳو، اڄ تائين به سيوهڻ ۾ قلندر شهباز جي ميلي دوران جيڪا لال داس جي ميندي نڪرندي آهي يا اتان جي رهندڙ هندن پاران جيڪي رسمون ادا ڪيون وينديون آهن اهي سڀ هندو ڪالونگي واڻيي جي اولاد مان آهن.

    شيخ رڪن الدين پاٽائي ”خليفو بلاولي تحريڪ“
    شيخ مخدوم رڪن الدين ولد شيخ معروف سن 1470ع مطابق 875هجري ۾ پيدا ٿيو، هي بزرگ بلاولي تحريڪ ۾ مخدوم بلاول جي سهرورديه ڪبريه طريقي جو خليفو هو، پاٽ جي قديم روايتن ۾ آهي ته پاٽ پراڻي ۾ جڏهن شيخ رڪن الدين پاٽائي جي دعوت تي مخدوم بلاول پهتو هو ته پاڻ پاٽ پراڻيءَ واري جامع مسجد ۾ واعظ ڪرڻ کانپوءِ باجماعت نماز ادا ڪيائين، چيو وڃي ٿو ته اهو دور سمن جو اختتامي دور هو، شيخ رڪن الدين پاٽائي گهڻو عرصو ٺٽي ۾ درس و تدريس جي پيشي ۾ پنهنجي ڄمار صرف ڪئي، پاڻ سن 1545ع بمطابق 952هجري ۾ رحلت فرمائي ۽ مڪلي جي ٽڪريءَ ۾ مدفون آهي.

    حضرت احمد ڄام پاٽائي
    سن 441هجري ۾ پاٽ پراڻي تي حضرت احمد ڄام عرف زنده پير اويسي پڻ رهندو هو، هن جو شمار وڏن وڏن عالمن ۾ ٿيندو هو، جيڪي اهل علم، باشريعت ۽ ڪرامتن جا مالڪ هئا، هن بزرگ لاءِ اهو مشهور هو ته هن وٽ حضرت ابوبڪر صديق رضه جو خرقو يعني جبو مبارڪ موجود هو، جيڪو 22 اوليائن جي پائڻ کانپوءِ شيخ ابوطاهر، حضرت احمد ڄام حوالي ڪيو.

    شيخ طاهر محمد پاٽائي
    شيخ طاهر محمد قدس سره جو وڏو عالم ٿي گذريو، هي بزرگ همايون شهنشاهه جي دربدري واري دور ۾ پاٽ پراڻي ۾ رهندو هو، علمي فيض ورهائڻ ۾ تمام وڏو سخي هو، تاريخ جي ورقن ۾ آهي ته شيخ طاهر محمد جو خاندان سن 950هجري ۾ مغل شهنشاهن جي جنگين ۾ مارجي ويو.

    حضرت شيخ ظاهر محمد جي پاٽ مان برهانپور هجرت
    حضرت شيخ ظاهر محمد جي باري ۾ تاريخي ڪتاب لکن ٿا ته هي بزرگ وقت جو وڏو عالم ۽ باعمل انسان هو، کيس ٽي هزار حديثون بر زبان ياد هونديون هيون، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ايندڙ ماڻهو وٽس درس و تدريس حاصل ڪندا هئا ۽ پاڻ بنا ڪنهن فرق جي هر هڪ سان هڪ جهڙو سلوڪ رکندو هو، حضرت شيخ ظاهر محمد کي روحاني طور اهو معلوم ٿيو ته هاڻي پاٽ جون حالتون سازگار نه رهنديون، ان ڪري پاڻ 992هجري ۾ پاٽ مان هجرت ڪري خاندان سميت برهانپور وڃي رهائش پذير ٿيا، هن بزرگ جي پاٽ مان وڃڻ کانپوءِ علم و حديث جي کوٽ محسوس ڪئي وئي، حضرت شيخ ظاهر محمد جي وفات سن 1006هجري ۾ ٿي.

    حضرت شيخ عبدالستار پاٽائي
    پاٽ پراڻيءَ سان تعلق حضرت شيخ عبدالستار ابن حضرت مسيح الاولياءَ جو پهريون فرزند هو، سندس ولادت 983 هجري ۾ ٿي. حديث ۽ تفسير جي تعليم حضرت شيخ طاهر ۽ پنهنجي والد کان حاصل ڪيائين. هن بزرگ لاءِ اهو عام مشهور هو ته هي جنهن کي به پاڻي دم ڪري پياريندو هو ته ان جو مرض ختم ٿي ويندو هو. هن بزرگ جو برهانپور ۾ هر سال 12 جمادالثاني تي ساليانو عرس مبارڪ ملهايو ويندو آهي.

    حضرت شيخ رحيم پاٽائي
    پاٽائي بزرگن سان تعلق رکندڙ حضرت شيخ رحيم جي والد محترم جو نالو بابا فتح محمد محدث هو. تعليم ۽ تربيت به پنهنجي والد صاحب کان ئي حاصل ڪيائين، حضرت شيخ رحيم خاص ڪري درويشن جو دوست هوندو هو، پاڻ قرآن پاڪ جو حافظ ۽ قرات جو مالڪ هو، پاڻ برهانپور جي جامع مسجد جو خطيب به مقرر ٿيو ۽ سندس وصال به اتي ئي ٿيو.

    حضرت شيخ غلام عيسيٰ پاٽائي
    حضرت شيخ غلام عيسيٰ ابن شهاب الدين جو تعلق به پاٽ پراڻيءَ سان هو، سندس علمي خدمتون ملڪان ملڪ مشهور هيون، پاڻ حضرت سليمان عه جي زندگيءَ تي جيتريون به آيتون هيون انهن کي گڏ ڪري فارسي زبان ۾ لکيائين. الصديقي، الجعفري، النقشبندي، ال عيسوي، الفتحي، الشهابي، الپاٽائي ۽ البرهانپوري سميت سندس ڪيترائي لقب هئا.

    حضرت شيخ محمد قاسم پاٽائي
    حضرت شيخ محمد قاسم جو جنم به پاٽ پراڻيءَ ۾ ٿيو، پاڻ علم حاصل ڪرڻ لاءِ پاٽ کان عربستان ويو ۽ علم حديث ۾ ڪمال جو درجو حاصل ڪيائين، ان جي ڪري کيس ”رئيس المحدثين“ جي لقب سان نوازيو ويو، سندس اولاد برهانپور ۾ وڃي آباد ٿيو ۽ سندس وفات عربستان ۾ ٿي.

    شيخ الاسلام يوسف سنڌي پاٽائي
    شيخ الاسلام يوسف سنڌي پاٽائي بابت ڪيترن ئي ڪتابن ۾ ذڪر ملي ٿو ته هي به وقت جو وڏو عالم ۽ بزرگ هو، مخدوم حسن الله پاٽائي جي لکيل فارسي ”انساب مشائخ سيوستان“ جو سنڌي ترجمو ڪندڙ مخدوم علي گوهر صديقي لکي ٿو ته شيخ الاسلام يوسف سنڌي جي هر ڪنهن سان عنايت ۽ شفقت رهندي هئي ۽ هن ويهه حج به ڪيا، پاڻ مسلسل هدايتون ڏيڻ کي به ترجيح ڏيندو هو ته جيئن ڪنهن ٻئي تي اثر ٿئي ۽ ان کي آخرت جو ذخيرو نصيب ٿئي، شيخ يوسف هندستان ۽ عرب ملڪن جا ڪيترائي دورا ڪري چڪو هو ۽ پنهنجي ان سفر دوران علمي ۽ روحاني فيض کي به جاري رکيو. هن بزرگ کي چار فرزند هئا، (1) شيخ طيب محدث، (2) شيخ طاهر محدث، (3) شيخ قاسم محدث، (4) مخدوم عباس پاٽائي ثم هنڱورجائي.

    شيخ طيب محدث سنڌي پاٽائي
    شيخ طيب محدث پاٽائي جو تعلق به پاٽ شريف جي صديقي گهراڻي سان هو. علم، حديث ۽ تصوف جو وڏو عالم هو. پاڻ شيخ شهاب الدين واصل وٽ جڏهن تصوف جا ڪتاب ”منهاج العابدين“ ۽ ٻيا ڪتاب پڙهيائين ته ان کانپوءِ پاٽ مان نڪري سفر ڪندي گجرات، برار ۽ پوءِ برهانپور اچي رهيو. هن بزرگ سن 1543ع بمطابق 950هجري ۾ وفات ڪئي.

    شيخ طاهر محدث پاٽائي:
    عارف، عالم، محدث ۽ صوفي بزرگ شيخ طاهر محدث جو جنم پاٽ شريف ۾ ٿيو، ابتدائي ڪجهه علم پنهنجي والد شيخ يوسف سنڌي پاٽائي کان حاصل ڪيائين ۽ ان کانپوءِ مخدوم ميران ۽ مخدوم جعفر بوبڪائيءَ وٽ پڙهيو. هي بزرگ به پنهنجي والد صاحب ۽ ڀاءُ شيخ طيب سان گڏجي پاٽ کان هجرت ڪري مختلف ماڳن کان ٿيندو ڏکڻ هندستان پهتو ۽ اتي مرشد پير مخدوم شيخ محمد ملتانيءَ جي حلقه ارادت ۾ داخل ٿيو. اتان موٽي اچي ايرج پور ۾ ماڻهن کي درس و تدريس ڏيندو رهيو ۽ کين تصوف جي تلقين به ڪندو هو. ڪجهه وقت کانپوءِ احمد نگر جي حاڪم مرتضيٰ نظام الملڪ ايرج پور تي ڪاهه ڪري اچي قبضو ڪيو ته ملڪ ۾ ڀاڄ پئجي وئي. ان وقت خانديش جي حاڪم شيخ طاهر کي برهانپور اچي برهانپور ۾ رهڻ لاءِ عرض ڪيو ۽ شيخ طاهر هميشه هميشه لاءِ اچي برهانپور رهيو، جتي علي عادل شاهه کيس خانقاهه تيار ڪرائي ڏني، جتي هن بزرگ ديني ۽ روحاني فيض کي جاري رکيو، شيخ طاهر محدث سن 1595ع بمطابق 1004هجري ۾ وفات ڪئي، سندس آخري آرامگاهه سنڌي پوره برهانپور ۾ آهي، شيخ طاهر ڪيترائي ڪتاب تصنيف فرمايا.
    شيخ طاهر محدث پاٽائي جا لکيل ڪتاب
    تفسير مجمع البحار طاهري
    مختصر قوت القلوب
    انتخاب مواهب لدنيه
    ملتقط جمع الجوامع سيوطي
    صحيح بخاري جي شرح قسطلاني جو اختصار 12 جلد
    تفسير مدارڪ
    اسماءَ رجال صحيح بخاري
    رياض الصالحين.

    مخدوم عباس پاٽائي
    مخدوم عباس پاٽائي تفسير، حديث، فقه ۽ ٻين علمن ۾ وڏي اهليت رکندڙ هو، هر هڪ مسئلي تي تمام سهڻي نموني تحقيق ٿيل هيس، رات ڏينهن عبادت ۽ رياضت ۾ گذاريندو هو. زهد ۽ پرهيزگاريءَ ۾ هن جهڙو ڪو ٻيو نه هو، حديث بيان ڪندي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳندا هيس. هزارين شاگردن هن وٽان علمي فيض ۽ سندون حاصل ڪيون ۽ انهن مان ڪيترائي عالم بڻيا، جن مان حڪيم عثمان بوبڪائي ۽ قاضي عبدالسلام برهانپوري سنڌي قابل ذڪر آهن، مخدوم عباس پاٽائي پاٽ مان لڏي هنڱورجن ۾ اچي رهيو ۽ اتي به علمي روشنائي ڦهلائيندو رهيو، ڪيترن ئي جاين تي پاڻ مخدوم عباس پاٽائي ثم هنڱورجائي به سڏرايائين، هن بزرگ سن 1590ع بمطابق 998هجري ۾ وفات ڪئي.

    شيخ قاسم سنڌي پاٽائي
    شيخ قاسم سنڌي پاٽائي جي پيدائش به پاٽ شريف ۾ ٿي، ننڍپڻ کان ئي سندس دل آويز گفتار ۾ صوفياڻا طبيعت ۽ نيڪن واريون علامتون ظاهر هيون، مطلب ته تقويٰ، توڪل، زهد ۽ تصوف واريون سموريون صفتون هن بزرگ ۾ موجود هيون، پنهنجي وڏڙن جي روايت کي قائم رکندي علمي فيض کي عام ڪيائين، هن بزرگ 1560ع بمطابق 968 هجري ڌاري پاٽ شريف ۾ وفات ڪئي، سندس مزار پاٽ پراڻي ۾ هئي، جنهن جا هاڻي آثار مٽجي ويا آهن، هن ئي بزرگ جي نالي سان پاٽ پراڻي جي ڏکڻ ۾ وڏو قبرستان آهي. جنهن کي قاضي قاسماڻيءَ وارو مقام به سڏيندا آهن.

    حضرت مولانا مبارڪ سنڌي پاٽائي
    حضرت مولانا مبارڪ سنڌيءَ جو جنم به پاٽ ۾ ٿيو، ابتدائي تعليم حضرت مخدوم عباس بن شيخ جلالي سنڌي کان حاصل ڪيائين، پاڻ روحاني مجلسن ذريعي علمي ۽ عملي محبت ذريعي ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين، پاڻ هڪ مدرسو به پاٽ ۾ قائم ڪيائين، قاضيءَ جي عهدي تي رهندي پاڻ عدل ۽ انصاف جي سچائيءَ سان پاسداري ڪيائين، پاڻ پاٽ مان هجرت ڪري برهانپور پهتو ۽ سن 978هجري ۾ وفات ڪيائين ۽ سندس آخري آرامگاهه برهانپور ۾ آهي.

    شيخ لاڏ جيئو پاٽائي
    سن 930هجري ۾ جنم وٺندڙ شيخ لاڌ جيئو جو تعلق به پاٽ جي صديقي خاندان سان هو، هي صوفي ازم سان واسطو رکندڙ هو، تمام گهڻيون ڪافيون ڳائيندو هو. سندس آواز سريلو ۽ ميٺان وارو هوندو هو، پنهنجي هٿن سان ٺاهيل يڪتاري ۽ ڇير تي ڳائيندي ڳائيندي وجد ۾ اچي ويندو هو، سندس ڪافين ۾ مجاز کان حقيقت تائين وارو درس شامل هوندو هو، چون ٿا ته جڏهن شيخ لاڏ جيئو مستيءَ ۾ ڳائيندو هو ته ٻڌڻ وارن تي سحر تاري ٿي ويندو هو. ٻڌڻ وارن تي ايترو ته اثر ٿيندو هو جو ڪيترائي بيهوشيءَ جي عالم ۾ ڪري پوندا هئا، ۽ ڪيترائي غير مسلم هوش ۾ اچڻ بعد ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويندا هئا، شيخ لاڏ جيئو 70 سالن جي ڄمار ۾ سن 1007هجري ۾ برهانپور شهر ۾ وفات ڪري ويو، کيس شيخ ابراهيم بن عمر سنڌيءَ جي مقبري ڀرسان دفنايو ويو.

    مسيح الاولياءَ شيخ عيسيٰ جندالله پاٽائي
    شيخ عيسيٰ جندالله ولد شيخ قاسم سنڌي پاٽائي سن 962هجري بمطابق 1555ع تي پاٽ ۾ ڄائو، شيخ عيسيٰ جندالله علم جي حصول لاءِ تمام گهڻو سفر ڪيو، پنهنجي مرشد لشڪر محمد عارف کان خرقو ڍڪي ڪيترن ئي ظاهري ۽ باطني علمن جو فيض حاصل ڪيائين ۽ پاڻ به علمي ۽ روحاني فيض حاصل ڪيائين ۽ پاڻ به علمي ۽ روحاني فيض ڏيڻ ۾ تمام گهڻو سخي هو. ماڻهو کيس مسيح الاولياءَ، مسيح الزمان، مسيح القلوب ۽ حبيب الله جي لقبن سان ياد ڪندا هئا. سندن معتقدن جو تمام گهڻو تعداد هوندو هو. شيخ عيسيٰ جندالله کي اولاد ۾ ٽي پٽ هئا، جنهن ۾ شيخ عبدالستار، شيخ شهرالله رمضان ۽ شيخ فتح محمد شامل آهن ۽ انهن مان شيخ شهرالله رمضان سنڌ ۾ ئي رهيو، جنهن جي اولاد مان پاٽ ۽ سيوهڻ جا صديقي مشهور آهن، شيخ عيسيٰ جندالله سن 1031هجري بمطابق 1621ع تي وفات ڪري ويو، سندس آخري آرامگاهه برهانپور انڊيا ۾ آهي.

    شيخ اسحاق سنڌي قلندري پاٽائي
    شيخ اسحاق سنڌي قلندري پاٽائي به پاٽ پراڻيءَ ۾ ڄائو، هو دنيا جي سير واسطي قلندرانه صورت ۾ نڪري پيو، ڪيترائي ويران علائقا ۽ وسندڙ وسنديون به ڏٺائين. هر هڪ جاءِ تي پهچندي ان ملڪ کي پوري غور سان ڏٺائين ۽ انهن جي اهميت ۽ حقيقت کان واقفيت حاصل ڪيائين. 959هجري ۾ سير سفر ترڪ ڪري برهانپور ڏکڻ هندستان ۾ اچي رهيو ۽ اتي شيخ محمد طاهر جي صحبت ۾ رهي پيو، سندس تصوف وارو طريقو ارادي جي مضبوطيءَ ۽ استقامت تي ٻڌل هو، هن بزرگ سن 1010هجري ۾ وفات ڪئي.

    مفتي عبدالواحد ڪبير پاٽائي
    مفتي عبدالواحد ڪبير پاٽائي ولد مولانا عبدالرحمان قاري به پاٽ ۾ ڄائو، هي بزرگ ڪلهوڙا حڪومت ۾ شرعي مشير، مفتي ۽ قاضي هو. هي تحرير جي فن ۽ فقه ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. هن بزرگ جي جڏهن سلطان اورنگزيب عالمگير سان دهليءَ ۾ ملاقات ٿي هئي ته سلطان اورنگزيب به سندس علمي لياقت کان گهڻو متاثر ٿيو ۽ کيس جاگير جو پروانو عطا ڪيو. ان فرمان جو ڊاڪٽر گربخشاڻي 1915ع ۾ انگريزي ترجمو ڪري ايڊيشن طور سنڌ گزيٽ ۾ شايع ڪيو. سلطان اورنگزيب جي زماني ۾ پاٽ جي وسندڙ علائقي جي قضا ۽ فتويٰ سندس سپرد هئي. مفتي صاحب جي تصنيفات مان ”ڪشف الاسرار“ هڪ يادگار ڪتاب آهي. هن بزرگ سن 1123هجري بمطابق 1711ع ۾ سيوهڻ ۾ وفات ڪئي.

    مخدوم عبدالواحد صغير پاٽائي
    مخدوم عبدالواحد ولد مخدوم دين محمد جو جنم سن 1150 هجري بمطابق 1737ع ڌاري پاٽ ۾ ٿيو، پاڻ هي نه صرف ظاهري علوم جو ماهر هو پر تصوف ۽ فقه حنفي ۾ به مهارت هئس. درس و تدريس سان نهايت دلچسپي هئس، مذهب جا ڪيترائي مسئلا شرعي ۽ قانون تحت حل ڪندو هو. فن تحرير ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي کانپوءِ ماڻهو هن بزرگ سان رجوع ڪندا هئا. ان وقت جا وڏا عالم سندس فيصلن کي مڃيندا هئا، سندس فتويٰ نويسي وسيع پيماني تي جاري ٿيندي هئي. سندس شاگرد مولانا محمد افضل انهن فتوائن کي گڏ ڪندو رهندو هو، مخدوم صاحب جي عربي ۽ فارسيءَ ۾ لکيل ڪتابن کي بياض واحدي ۽ فتويٰ واحدي جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. مخدوم سليم الله صديقي انهن جو سنڌي ترجمو ڪري 39 مجموعه ۽ رسالا ڇپرايا آهن. مخدوم عبدالواحد صغير جي والد صاحب مخدوم دين محمد پاٽائيءَ کي جڏهن سيوهڻ ۾ قاضي مقرر ڪيو ويو ته پاڻ پنهنجي پٽ مخدوم عبدالواحد سميت ٻين گهرڀاتين سان گڏ پاٽ کان سيوهڻ هجرت ڪيائين. مخدوم عبدالواحد صغير کانپوءِ پاڻ کي پاٽائي ۽ سيوستاني به سڏرائيندو هو. سندس وصال سن 1224هجري بمطابق 1809ع ۾ ٿيو. سندس مزار سيوهڻ ۾ ڇٽي عمراڻي ڀرسان آهي، جتي مخدوم عبدالواحد جو والد مخدوم دين محمد ۽ ڏاڏو مخدوم عبدالواحد ڪبير مدفون آهي.

    شيخ معروف پاٽائي
    شيخ معروف پاٽائي هڪ وڏو عالم ۽ صوفي بزرگ ٿي گذريو آهي، پاڻ شيخ عيسيٰ ڪبير پاٽائي جو فرزند هو، شيخ معروف تصوف جو وڏو ڄاڻو هو، هن کان هميشه وحدت الوجود جون ڳالهيون ٻڌيون وينديون هيون، شاعريءَ سان به لڳاءُ هيس، پاڻ ان وقت جي سنڌي ٻوليءَ جي بنيادي شاعر قاضي قادن بکريءَ واري جو همعصر ۽ دوست هو. ماڻهو هن بزرگ جي موجودگيءَ کي پنهنجي غنيمت سمجهندا هئا، هن بزرگ جي نالي سان پاٽ جي علائقي ۾ ”معروفاڻي ڍنڍ به هوندي هئي، ڏهين صديءَ جي هن بزرگ پاٽ هجرت ڪرڻ بعد سيتپور لڳ ملتان ۾ وفات ڪئي.

    شيخ شهرالله رمضان پاٽائي
    شيخ شهرالله رمضان سن 976هجري بمطابق 1568ع ۾ ڄائو، هن بزرگ جي والد صاحب جو نالو شيخ عيسيٰ جندالله هو، پاڻ ننڍپڻ کان جوانيءَ تائين پاٽ ۾ ئي رهيو، چون ٿا ته شيخ عيسيٰ جندالله کي وڏيءَ گهرواريءَ مان هي فرزند ماهِ رمضان ۾ پيدا ٿيو، ان ڪري سندس نالي پٺيان رمضان به سڏيو ويو. پنهنجي ئي وڏڙن جي نقش قدم تي هلندي ديني ۽ دنوي تعليم حاصل ڪيائين ۽ والد صاحب جي وفات بعد سندس جانشين مقرر ٿيو. شيخ شهرالله رمضان ڪجهه وقت لاءِ برهانپور به ويو ۽ ٻيهر پاٽ وسائي خلق خدا جيءَ جا ڪيترائي اهم مسئلا حل ڪندو رهيو. شيخ صاحب جي هڪ فرزند مخدوم حسن قاري پاٽائي به ديني فيض عام ڪيو ۽ اهو به الله جو پهتل ٻانهو هو. شيخ شهرالله سن 1017هجري بمطابق 1608ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس مزار پاٽ شريف جي قاضي قاسماڻي واري قبرستان ۾ آهي.

    شيخ عيسيٰ ثاني پاٽائي
    شيخ عيسيٰ ثاني پاٽائي ولد مخدوم محمد حسن قاري پاٽائي سن 1044هجري بمطابق 1595ع ۾ پاٽ ۾ ڄائو. پاڻ پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ معلم هو. حديث فقه تفسير تي خاص عبور حاصل هئس. پنهنجي وڏن جي سند قائم رکيائين ۽ سندن علمي روايت جو وارث بڻيو.

    حضرت شيخ اسحاق قلندري
    حضرت شيخ اسحاق قلندري سنڌي پاٽائي جي طبيعت سير سفر ڏانهن گهڻي مائل هوندي هئي، هن ڪيترن ئي عالمن، بزرگن، درويشن ۽ مستن سان ملاقاتون ڪيون، پاڻ شيخ طاهر محدث جي صحبت ۾ اچي رنگجي ويو، صوفياڻي طريقي ۾ قلندرانه صفات رکندڙ هن بزرگ به ڪيترن کي فيض ڏنو، پاڻ سن 1010هجري بمطابق 1601ع ۾ وفات ڪيائين.

    حضرت بابا فتح محمد محدث پاٽائي
    حضرت بابا فتح محمد محدث پاٽائي، شيخ عيسيٰ جندالله جو فرزند هو. هي بزرگ علم رياضي ۽ علم عروض ۾ وڏي مهارت رکندڙ هو، علم تصوف ته سندس خانداني ميراث هو، عرفان ۽ وجدان جون سڀئي منزلون طئي ڪيائين ۽ فارسيءَ جي اهم ڪتابن جو درس ڏيندو رهيو. سندس لکيل ڪتاب خاص ڪري سنڌ جي عالمن جي مطالعي بعد تمام گهڻو مقبول ٿيا. هن بزرگ مدينه منوره ۾ سن 1080هجري بمطابق 1689ع ۾ وفات ڪئي، سندس آخري آرام گاهه جنت البقيع ۾ آهي.

    حيدر ڪلوچ پاٽائي
    حيدر ڪلوچ پاٽائي فارسيءَ جو مشهور شاعر هو، سندس اصل جاءِ پيدائش ”ڪلوچ“ نالي ڳوٺ ۾ ٿي، جيڪو طارم جي آسپاس خراسان ۾ آهي، حيدر ڪلوچ پوري طرح لکي پڙهي به نه سگهندو هو پر سندس شاعريءَ کي ٻيا قلمبند ڪندا ويندا هئا، هو شاعريءَ ۾ عروض جي بحرن جو واقف هو ۽ نهايت پڪو ۽ پختو شاعر هو، سندس سموري شاعري فارسي ۾ ٿيل آهي ۽ سندس شعرن جو تعداد ڏهن هزارن کان مٿي آهي. حيدر ڪلوچ پنهنجي شاعريءَ ۾ ”ڪلوچ“ ڪليچه ۽ ڪليچ، تخلص استعمال ڪيو آهي. هو شاهه اسماعيل ۽ شاهه طهماسب صفوي جي زماني جو شاعر هو. حيدر ڪلوچ پنهنجو ڳوٺ ڇڏڻ کانپوءِ هرات شهر ۾ اچي رهيو ۽ اتي رهڻ دوران هن سنڌ جي حاڪم مرزا شاهه حسن بيگ جي هاڪ ٻڌي ۽ پوءِ تمام گهڻي شوق سان سندس دربار ۾ اچي حاضر ٿيو، مگر ڪجهه ئي وقت کانپوءِ درباري آدابن کان تنگ ٿي، آخر پاٽ ۾ اچي رهيو ۽ اتي جيرا پچائي پنهنجو پيٽ گذر ڪندو هو، حيدر ڪلوچ وفات به پاٽ ۾ ئي ڪئي ۽ سندس تدفين به پاٽ پراڻيءَ واري قبرستان ۾ ڪئي وئي، حيدر ڪلوچ جيترو عرصو پاٽ ۾گذاريو پاڻ کي آخري دم تائين حيدر ڪلوچ پاٽائي سڏرائيندو رهيو.

    شيخ سليمان سيفي پاٽائي
    شيخ سليمان سيفي ابن شيخ قاسم سنڌي پاٽائي سندس ولادت سن 966هجري بمطابق 1558ع ۾ ٿي، پاڻ مسيح الاولياءَ شيخ عيسيٰ جندالله جو ننڍو ڀاءُ هو. صوفياڻي ماحول کان تمام گهڻو متاثر هو، رب پاڪ کي ريجهائڻ لاءِ زاروقطار روئيندو هو، عادل شاهه فاروقيءَ جي فوج ۾ شامل رهندڙ شيخ سليمان سيفي جنگي مهارت ۾ به مشهور هو ۽ پاڻ هڪ جنگ ۾ وڙهندي وڙهندي سن 1005هجري بمطابق 1596ع ۾ شهيد ٿي ويو.


    پاٽ شريف

    موجوده پاٽ شريف واري شهر کي ٻي پاٽ يا نئين پاٽ به چيو ويندو آهي. هن پاٽ شريف بابت اڳتي آگاهي ڏنل آهي.

    پاٽ شريف جو موجوده شهر
    پاٽ شريف جو موجوده شهر دادو کان اتر طرف 35 ڪلوميٽر ۽ سنڌو نديءَ جي ڪچي واري علائقي کان پڪي تي اولهه طرف هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي، هي دادو شگرمل پيارو ڳوٺ کان 6 ڪلوميٽر اوڀر طرف ۽ دادو ڪئنال جي کاٻي ڪپ تي واقع آهي. سن 1198هجري ۾ هن کان اڳ ۾ جيڪو شهر ڦٽي ويو، ان کي پاٽ پراڻي چيو وڃي ٿو، چون ٿا ته ان شهر جي ڦٽڻ بعد ٺيڪ چئن سالن کانپوءِ وڏيري محب النبي نئين پاٽ اڏڻ جي شروعات ڪئي ۽ سن 1202هجري کان وٺي هي شهر وجود ۾ آيو. شروعات ۾ وهندڙيءَ جي ڪپر تي ڪجهه گهرآباد ٿيا. هتي رهندڙ اوائلي قومن ۾ جوڻيجا، انصاري، ڀٽي، سيد، پنهور، لانگاهه، سومرا، صديقي، چنا، ڪنڀر، ڪلهوڙا، منگي، ميمڻ ۽ هندو گهراڻا شامل هئا ۽ ائين ئي پوءِ آهستي آهستي آبادي وڌندي وئي ۽ هي هڪ ننڍڙي ڳوٺ مان هزارن جي آباديءَ وارو شهر بڻجي ويو.

    پاٽ شريف بابت اهم معلومات
    هڪ سروي مطابق پاٽ شريف جي ٽوٽل آبادي 10 هزار کان به مٿي آهي ۽ گهرن جو تعداد هڪ هزار کان مٿي آهي. گهٽين جو تعداد 25 کان مٿي آهي ۽ دڪان 300 جي لڳ ڀڳ آهن. هتي 20 سيڪڙو خوشحال ۽ امير ماڻهو رهن ٿا ۽ 80 سيڪڙو غريب، مسڪين ۽ پورهيت ماڻهو رهن ٿا. تعليمي شرح ۾ 70 سيڪڙو تعليم يافته ۽ 30 سيڪڙو گهٽ تعليم حاصل ڪندڙ ماڻهو آهن. ان کان علاوه 35 سيڪڙو سرڪاري ملازم آهن ۽ 15 سيڪڙو خانگي ملازمت ڪندڙ ماڻهو آهن، جڏهن ته 50 سيڪڙو نوجوان بيروزگاريءَ سبب پريشان آهن.

    پاٽ شريف جي نئين بازار
    پراڻي بازار جي اوج ختم ٿيڻ کانپوءِ نئين بازار قائم ڪئي وئي، پاٽ شريف جي هن نئين بازار کي شاهي بازار به چيو ويندو آهي. هن بازار جي دڪانن جي شروعات رئيس نظر محمد برهماڻي جي اوطاق ڀرسان ٺهيل دڪانن کان ٿئي ٿي ۽ اوڀر طرف ڪرڙ چنڙ جي گهر وٽ ختم ٿئي ٿي. هن بازار جو ٻيو حصو چنڙ محلا واري گهٽي جي ڏکڻ طرف آهي ۽ لاهوتي قمرالدين چانڊيو واري امام بارگاهه تائين دڪانن جو سلسلو آهي. دادو ڪئنال واري موري جي اوڀر ۾ ٻاهريون اسٽاپ آهي جنهن کي پيٽرول پمپ وارو چونڪ به چيو وڃي ٿو ۽ اتي به ڪافي دڪان ۽ هوٽل آهن. ان کان علاوه شهر جي مختلف گهٽين ۽ پاڙن ۾ به دڪان آهن، هن بازار جي اهم دڪاندارن ۾ سيٺ الهڏنو ميمڻ، ماستر محمد عرس ميمڻ، سعيد خان برهماڻي، محمد رمضان ڪنڀر، ماستر ارباب علي عباسي، شير محمد ڀٽي، وڏيرو ارباب علي جوڻيجو، محمد جمن عباسي، عبدالرئوف چنا، خادم حسين چنا، مفيد احمد چنا، شعبان احمد عباسي، قمرالدين ملاح، نظير احمد چانڊيو، اياز علي ميمڻ کان علاوه رسولي ميربحر جي ٺهيل پن جون ٻيڙيون، چاچي قمن ميمڻ جا رڌل راهان ۽ چاپون، حاجي ڪنڀر جا بيهي منڱ، صدر ٿهيم جا ڇولا، آئيسڪريم ۽ برف جو ڳنڍو مشهور هو. ان کان علاوه ماستر گل محمد، سيڪريٽري محمد قاسم، سيٺ ڪنڊو خان برهماڻي، ارباب چنا، عباس علي پنهور، ماستر خالقڏنو چنا، رمضان ملاح ۽ چنيسر برهماڻي جا هوٽل مشهور آهن. سيٺ بشير عرف باشو چانڊيو ۽ ماستر پيارو خان چنڙ جا ان جي خريداري وارا مرڪز به هن ئي بازار ۾ آهن، مطلب ته هن بازار ۾ ضرورت جي هر شيءِ جا دڪان موجود آهن.

    پاٽ شريف جي پراڻي بازار
    پاٽ شريف جي پراڻي بازار ميمڻ محلا ۾ آهي، هي بازار مدينا مسجد جي ڏکڻ طرف واري گهٽي ۾ واقع آهي. چيو وڃي ٿو ته پاٽ شريف جي موجوده شهر جي اڏڻ بعد هتي ڪجهه هندو واپارين سان گڏ مسلمانن به پنهنجا دڪان کولي واپار ۽ ڪاروبار شروع ڪيو. هن بازار جي ٻنهي پاسن کان ننڍا ۽ وڏا دڪان هوندا هئا. هندن جي لڏپلاڻ بعد هن بازار جي اها رونق ۽ عروج نه رهيو. تنهن هوندي به ميمڻ برادريءَ سان تعلق رکندڙ ڪجهه ڪاروباري ماڻهن هندن پاران ڇڏيل دڪان سنڀاليا ۽ هي پراڻي بازا ر1960ع تائين تمام گهڻي آباد رهي ۽ پوءِ آهستي آهستي نئين بازار ۾ دڪانن ٺهرائڻ جي شروعات ٿي ۽ پوءِ اتي ماڻهن پنهنجو ڪاروبار شروع ڪيو. پاٽ شريف جي پراڻي بازار مڪمل طور تي ختم نه ٿي آهي پر 1985ع کان 1990ع تائين بدامني ۽ ڌاڙيلن جي ڪاررواين جو اثر ايترو ته شديد رهيو جو هن بازار جا ڌنڌا وغيره بلڪل ٺپ ٿي ويا ۽ امن جي ڪجهه بحالي بعد هن پراڻي بازار ۾ دڪان کوليا ويا.

    پاٽ شريف جا بلاڪ
    1998ع جي گهر شماري يا آدمشماري مطابق هن شهر کي ٽن بلاڪن ۾ ورهايو ويو.
    (1) بلاڪ نمبر 1، شمارياتي ڪوڊ 352020101
    هي بلاڪ برهماڻي محلا جي پرائمري اسڪول کان اتر طرف شروع ٿئي ٿو ۽ روڊ جي اولهه پاسي وارو مڪمل حصو بلاڪ نمبر هڪ ۾ اچي وڃي ٿو. جنهن ۾ علامه آءِ آءِ قاضي بوائز هاءِ اسڪول، سرڪاري اسپتال، ايريگيشن آفيس، مين پرائمري اسڪول، يونين ڪائونسل آفيس کان علاوه پاٽ جي پراڻي بازار جي اولهه طرف وارا پاڙا ميمڻ محلا، انصاري محلا، صديقي محلا، لانگاهه محلا، چانڊيه محلا، ڀٽي محلا، ملاح محلا شامل آهن. دادو ڪئنال جي اوڀر ۾ واقع ڳوٺ ڪارڙا ماڇي به هن ئي بلاڪ ۾ آهن

    پاٽ شريف جا بلاڪ
    بلاڪ نمبر: 2، شمارياتي ڪوڊ نمبر: 352020102.
    هي بلاڪ شاهي بازار جي ڏکڻ طرف کان شروع ٿئي ٿو ۽ جيڪڏهن برهماڻي محلا واري پرائمري اسڪول کان شروعات ڪبي ته روڊ جي اوڀر پاسي وارو مڪمل حصو بلاڪ نمبر 2 ۾ اچي وڃي ٿو ۽ عيدگاهه تائين ويٺل ملاح محلي وٽ ختم ٿئي ٿو، هن بلاڪ ۾ برهماڻي محلا، روڊ وارا چانڊيا، جج امجد علي قاضي جو بنگلو، صدر ٿهيم جا دڪان ۽ هوٽل ٻاهرين چوڪ وارا، جوڳي محلا، سيد محلا، پياراڻي چانڊيا، نوناري محلا، سرائي، خاصخيلي محلا، ڀٽي محلا، جويا محلا، ملاح محلا، ڪلهوڙا محلا، پنهور محلا ۽ ٻيا پاڙا ۽ گهٽيون شامل آهن. سيد حسن شاهه جي درگاهه ۽ سيد نواب علي شاهه ناصراڻي جي شاندار اوطاق کان سواءِ شهر وارو مسڻن وارو قبرستان ۽ قادر بخش پاتڻي پرائمري اسڪول به هن ئي بلاڪ ۾ آهي.

    پاٽ شريف جا بلاڪ
    (3) بلاڪ نمبر 3، شمارياتي ڪوڊ: 352020103
    هي بلاڪ شاهي بازار جي اتر طرف کان شروع ٿئي ٿو ۽ شهر جي مختلف پاڙن ۽ اهم جڳهين کان ٿيندو دٻيءَ واري روڊ وٽ ڳوٺ احمد آباد پلها وٽ ختم ٿئي ٿو، بلاڪ نمبر 3 ۾ صديقي، ميمڻ، انصاري، سيد، چنڙ، عباسي ڪلهوڙا، زرداري، خاصخيلي، چنا، سومرا، ٿهيم، پنهور ۽ چانڊيا محلا شامل آهن. هن بلاڪ ۾ درگاهه مخدوم فضل الاهي جو روضو، وهندڙي، پروفيسر امينه خميساڻي جو گهر، جسٽس زيڊ اي چنا جو بنگلو، سرفراز انصاري جو قديمي گهر، نامور پينٽر سائين عزيز الله سومري جو گهر ۽ سگهڙ فقير غلام نبي سومري جو گهر به هن ئي بلاڪ ۾ آهي.


    پاٽ شريف جي آسپاس وارا ڳوٺ

    ”اولهه طرف“
    پاٽ شريف جي ڀرسان اولهه طرف ڪيترائي ڳوٺ آهن، جن ۾ ڳوٺ مٺي واهڻ، رڪڻ، نئين ڪلري، مولوي تاج محمد چانڊيو، باغ حاضر چانڊيو، خدا بخش مهرائي، محمد قاسم چانڊيو، نوان چانڊيا ڪلر وارا، عبدالرحيم برهماڻي، سوجهرو چانڊيو، پلها، چڪڻ، شاهه آباد، ڇتو فقير چانڊيو، چهواڻ، اسلام پور، ڏاتاڻي، بهرام چانڊيو، آندل خان چانڊيو، حافظ عرض محمد کوسو، محب علي جوڻيجو، علي آباد، شريف آباد، پيارو ڳوٺ ۽ ٻيا به ڪيترائي ڳوٺ شامل آهن.

    پاٽ شريف جي آس پاس وارا ڳوٺ
    ”اوڀر طرف“
    پاٽ شريف جي ڀرسان اوڀر طرف ڪيترائي ڳوٺ آهن، جن ۾ پاٽ پراڻي، حافظ قاسم چانڊيو، دريائي ملاح، سيال، عرس ڀرٽ، مور ڀرٽ، رمضان ڪلهوڙو، گهلو، مرزو خان چانڊيو، گلشير ڀرٽ، ڪمدار حسن ڪلهوڙو، ميراڻي چانڊيا، يار محمد ڪلوئي، حاجي ڪنڀر، احمد ماڇي، غلام رسول ڀرٽ، ميهر ڀرٽ، يعقوب ماڇي، وزير لنڊ، ڀرٽ جي لانڍي، اندريون کاٽ، ڊکڻ ۽ هيٺ ڪچي طرف ٻيا به ڪيترائي ننڍا وڏا ڳوٺ شامل آهن، ڍنڍ جو وهڪرو به هن ئي ڪچي واري علائقي ۾ آهي.

    پاٽ شريف جي آس پاس وارا ڳوٺ
    ”ڏکڻ طرف“

    پاٽ شريف جي ڀرسان ڏکڻ طرف ڪيترائي ڳوٺ آهن، جن ۾ ڳوٺ اولڊ ڪلري، ٻڍاپور، حاجي بچل چانڊيو، حاجي فتح محمد چانڊيو، نور محمد ڀرٽ مورچو، ڪامل خان تيوڻو، محمد اسماعيل تيوڻو، عارب ڪلوئي، مشوري، علي بخش مهرائي، مظهر ماڇي، ٿلهو، کوکر، ڪمدار الهڏنو چانڊيو، علي خان کوسو، محمد ابراهيم کوسو، صادق کوسو، ڪمدار سومر کوسو، اسڪول وارا خاصخيلي، پڪيون لانڍيون، ڪيٽي جتوئي، گولي جو ڳوٺ، الهه آباد ۽ ڦلجي اسٽيسن کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي ننڍا وڏا ڳوٺ شامل آهن.

    پاٽ شريف جي آس پاس وارا ڳوٺ
    ”اتر طرف“

    پاٽ شريف جي ڀرسان اتر طرف ڪيترائي ڳوٺ آهن جن ۾ ڳوٺ امير بخش سولنگي (ڪارڙا ماڇي)، عبدالله خان چانڊيو، احمد آباد پلها، ڪمال خان سولنگي، مخدوم ممتاز آباد، دٻي، پهلوان سيال، الهداد سيال، غازي خان چانڊيو فقير، دلاور چانڊيو، واريءَ جو ڳوٺ، خدا بخش پياراڻي چانڊيو، چڪ احمدي، پير شير، ڌڻي بخش چانڊيو، سعيد خان جوڻيجو، حاجي وزير چانڊيو، مير محمد چانڊيو، مير خان چانڊيو، پير ڪنڊو، ڊٻائي ڪلهوڙا، ڪمال خان چانڊيو، کاٽ ڪولاچي، ڪورائي ڪلهوڙا، حاصل چانڊيو، جعفر خان چانڊيو، خير محمد ڪٻڙا چانڊيا، ڀرٽ، مسو ڪنڍاڻي، امير بخش کوکر، ماڪوڙو ڪنڀر، گلڻ جا ڀاڻ، معروف جا ڀاڻ، ڏنڱر، ڪريمداد چانڊيو، گل محمد ڏوگر، راڄو ديرو، سيتا ننڍي، سيتا وليج، سيتا روڊ ۽ ٻيا به ڪيترائي ڳوٺ آهن.

    دادو تعلقي جي تپن ۾ پاٽ تپو به شامل
    روينيو رڪارڊ مطابق دادو تعلقي ۾ جيڪي تپا شامل آهن، انهن 22 تپن ۾ پاٽ تپو به شامل آهي، هيٺ انهن تپن جا نالا پيش ڪجن ٿا.
    (1) دادو (2) اي دادو (3) مخدوم صاحب
    (4) اي مخدوم صاحب (5) باغبان (6) اي باغبان
    (7) موندر (8) باداڻي (9) بکراڻي
    (10) اي بکراڻي (11) خداآباد (12) اي خداآباد
    (13) نورجا (14) اي نورجا (15) پاٽ
    (16) اي پاٽ (17) پراڻو ديرو (18) اي پراڻو ديرو
    (19) رپ (20)اي رپ (21) جُبيرجي
    (22) اي جُبير جي

    سرڪلون
    1. سرڪل دادو 2. سرڪل باداڻي 3. سرڪل پاٽ

    دادو تعلقي جي ديهن ۾ پاٽ ديهه به شامل
    هتي دادو تعلقي جي 60 ديهن جا نالا پيش ڪجن ٿا، جيڪي روينيو رڪارڊ مطابق نمبر وار ڄاڻايل آهن ۽ انهن ديهن ۾ پاٽ ديهه به شامل آهي.
    1. دادو 2. چوئي 3. ٻيلو چوئي
    4. سيال 5. سنڌ واهه 6.مخدوم صاحب
    7. خاصا چانڊيا 8. مرکپور 9. پيرڳڻيو
    10. باغبان 11. ڪنڊي 12. جُنگُ
    13. موندر 14. شاهاڻي 15. خشڪ
    16. ڏاوڇ 17. باداڻي 18. ڦڪا
    19. بٺي 20. پيرپنجاڻ 21. بکراڻي
    22. وارياسو 23. سونهيون 24. پپري
    25. دواٻو 26. خداآباد 27. خداآباد رعيتي
    28. ڀنڊ 29. بٺ مالهو 30. ڪلهوڙا
    31. ڪورپور 32. نورجا 33. ملڪاڻي
    34.چرڻاٺ جاگير 35. نَوَ لکو 36 . دبي رعيتي جاکير
    37. پاٽ 38. ڍورو ڏمريو 39. پڪو سيتا
    40. ڪچو سيتا 41. پنبي 42. گهلو
    43. پراڻو ديرو 44. پير ترهو 45. رعيتي جاگير
    46. ماروي 47. کارڙو 48. ڪچو کارڙو
    49. پڪو کارڙو 50. رپ 51. سامهين
    52. ڪچو رپ 53. پڪو رپ 54. پلها
    55. ٽڳا 56. جبير جي 57. سچارو
    58. کيڙو 59. ڪينجهر 60 جاکپاري

    دادو تعلقي جون يونين ڪائونسلون جنهن ۾ يونين ڪائونسل پاٽ شريف به شامل آهي
    1. پاٽ شريف 2. پيارو ڳوٺ
    3. الهه آباد 4. موندر
    5. مخدوم بلاول 6. يار محمد ڪلهوڙو
    7. ڦڪا 8. سيال
    9. پپري 10. مرادآباد 11. خدا آباد
    10 جون 2015ع کانپوءِ جوڙيل نيون يونين ڪائونسلون
    12. پير شاهنواز 13. پڪو سيتا
    14. جبيرجي 15. پير ترهو
    16. خاصا چانڊيا 17. نَوَ لکو
    18. يوسي رَپُ

    پاٽ شريف جي آمد رفت جا ذريعا
    پاٽ شريف جا ماڻهو مختلف هنڌن ڏانهن اچ وڃ لاءِ آمدرفت جا مختلف ذريعا استعمال ڪن ٿا. جيئن ته اڳ ۾ ڏورانهين سفر ڪرڻ لاءِ ٽرين يعني ريل گاڏي جو سفر آرامده ۽ سٺو لڳندو هو. پاٽ شريف جا ماڻهو به پنهنجي ڳوٺ کان ٽانگن ۾ چڙهي پراڻي ڪچي دڳ سان پياري ڳوٺ واري اسٽيشن تي پهچندا هئا ۽ پوءِ اتان ئي ٽرين ۾ چڙهي پنهنجي پنهنجي منزل طرف روانا ٿي ويندا هئا ۽ ٽرين مان لهندڙ ماڻهو وري ٽانگن ۾ چڙهي اچي پنهنجي ڳوٺ پهچندا هئا. وقت گذرڻ سان گڏ هر شيءِ تبديل ٿيندي پئي وڃي، خاص ڪري 1990ع کانپوءِ روڊ رستا پڪا ٿيڻ سان ماڻهن پنهنجي سهولت لاءِ موٽرسائيڪلون ورتيون، ان کان علاوه هتي ڊاٽسنون، وينون ۽ بسون به هلڻ شروع ٿي ويون، پاٽ کان دادو تائين هڪ مني بس به هلندي هئي جيڪا اشتياق انصاري جي هئي ۽ ان کانپوءِ استاد اميد علي واري جان جاني بس به ڪيترائي سال هلي، هاڻي ته چنگچي رڪشا نڪري پيا آهن، جن جي اچڻ کانپوءِ ٽانگن وارو دور پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو، وڌيڪ سهولت ته ڪارن جي اچڻ کانپوءِ ٿي آهي. هن وقت پاٽ شريف ۾ به هي ٽيڪسي جي سهولت موجود آهي. هتان جا شهري خاص ڪري ڊرائيورن کي فون ڪري گهرائي وٺندا آهن ۽ ان کان علاوه پيارو اسٽيشن تي به ڪارن جو اڏو آهي، جتان ايمرجنسي ۾ ڪار ڪرائي تي ملي ويندي آهي. هتان جو واپاري، دڪاندار ۽ زميندار طبقو اناج وغيره ۽ ٻيو سامان وعيره شهزور گاڏي، ٽريڪٽر ٽرالي، ٽرڪ، اٺ گاڏي ۽ گڏهه گاڏي ذريعي موڪلي ٿو ۽ گهرائي ٿو. جنهن سان ڪيترن ئي پورهيتن جو روزگار ٿئي ٿو، موجوده دور ۾ ڏاند گاڏي به نه رهي آهي ۽ وقت گذرڻ سان سڀ ڪجهه بدلجي ويو آهي.

    آس پاس وارن ڳوٺن ڏانهن ويندڙ رستا
    پاٽ شريف جي چوڌاري مختلف رستا نڪرن ٿا، جيڪي مختلف ڳوٺن ۽ شهرن ڏانهن وڃن ٿا، پاٽ شريف کان اولهه طرف ڇهه ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي پيارو ڳوٺ آهي، جتي پيارو ڳوٺ ريلوي اسٽيشن ۽ دادو شگر مل آهي، هن وقت لنڪ روڊ آهي پر هتان اڄ کان 30 سال پهرين ڪچو دڳ هوندو هو. پاٽ شريف جي اوڀر ۾ ڪچي دڳ ذريعي هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي رستو آهي، جيڪو ايل ايس بچاءُ بند تائين پهچي ٿو. پاٽ شريف جي اتر ۾ ڳوٺ دُٻيءَ وارو لنڪ روڊ نڪري ٿو جيڪو مختلف ڳوٺن کان ٿيندو سيتا وليج تائين پهچي ٿو ۽ پاٽ شريف کان اتر طرف پاٽ واري موري (پل) کان به هڪ لنڪ روڊ نڪري ٿو جيڪو ڳوٺ ڏاتاڻي، بهرام خان چانڊيو ۽ آندل چانڊيو کان ٿيندو سيتا روڊ وٽ ختم ٿئي ٿو. پاٽ شريف جي ڏکڻ طرف ٽن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اولڊ ڪلري ڳوٺ وارو لنڪ روڊ نڪري ٿو، جيڪو ڳوٺ اولڊ ڪلري جي بچاءُ بند وٽ ختم ٿئي ٿو. جڏهن ته پاٽ واري موري جي ڏکڻ ۾ دادو ڪئنال واري ٽاپ سان به ماڻهن جي اچ وڃ آهي ۽ هن ٽاپ سان ڦلجي اسٽيشن ۽ ٻين ڳوٺن تائين آساني سان اچي وڃي سگهجي ٿو، پاٽ واري موري جي اتر طرف دادو ڪئنال واري ٽاپ سان شاه پنجون ۽ ٻين ڳوٺن تائين اچ وڃ جاري آهي.

    پاٽ شريف ۾ رهندڙ ماڻهن جون ذاتيون
    پاٽ شريف ۾ مختلف قومن ۽ ذاتين وارا ماڻهو آهن ۽ هتي انهن ذاتين جو به ذڪر ڪجي ٿو، جيڪي ماڻهو هاڻي هتان لڏي ويا آهن، پر ماضيءَ ۾ هتان جا رهاڪو هئا، هتي سيد، صديقي، هندو لهاڻا، جوڻيجا، انصاري، سومرا، چنا، ڀٽي، زرداري، پنهور، رند، پلهه، تيوڻا، ميمڻ، عباسي، ڪلهوڙا، مڱڻهار، چنڙ، جويا، پتوجا، لانگاهه، سولنگي، ملاح، ٿهيم، خاصخيلي، منگي، ڪنڀر ”گلال“، انڙ، شاهي، مهرائي، سنڌي بروهي، سنڌي پٺاڻ ”لوهر“، جوڳي، شاهي، چانڊيا، برهماڻي، ڏاهري، سرائي ”شيخ“، ڀرٽ، جانوري، لاهوري ميمڻ، سما، اوڏ، پنجابي، باگڙي، ملاح، پاتڻي ملاح، لاڙڪ ملاح، تيوڻا، نوناري، چاڪي، چارڻ، دايا ۽ ٻيون ذاتيون شامل آهن. هتي گهڻي ڀاڱي سنڌي ۽ سرائيڪي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي.

    پاٽ شريف جي وهندڙيءَ جو ذڪر
    پاٽ شريف جي اتر ۾ وهندڙي آهي، جنهن مان ڍنڍ وانگر پاڻي جو وهڪرو آهي، هي وهندڙي دادو ڪئنال کان شروع ٿئي ٿي ۽ سومرا محلا وٽ ختم ٿئي ٿي، هن وهندڙيءَ بابت معلوم ٿيو آهي ته ماضيءَ ۾ درياءَ جڏهن پنهنجو رخ مٽائي اوڀر کان اولهه طرف وهڻ شروع ڪندو هو ته اهو پاڻي هتان پاٽ شريف جي وهندڙيءَ وٽان ٿيندو چڪڻ ڍنڍ ۾ پوندو هو ۽ چيو وڃي ٿو ته هتي هڪ پتڻ به هو جتان ٻيڙين ذريعي ماڻهن جي اچ وڃ به هوندي هئي، هن وهندڙيءَ ۾ ڪنهن وقت ۾ بيهه، پٻڻ، لوڙهه، ڪوڻيون ۽ قُمَ ٿيندا هئا، جيڪي ماڻهو شوق سان کائيندا هئا ۽ هن ۾ جيڪا پن بيٺل هوندي هئي ان ۾ وري موسم آهر ٻوري ٿيندي هئي ۽ اها ٻُوري وري ڳوٺ دٻي جا ماڻهو پٽي خاص تيار ڪندا هئا. ڇو جو انهن کي ٻُوري ٺاهڻ جو خاص طريقو هوندو هو ۽ اها ٻُوري ڏاڍي ذائقيدار هوندي هئي. هن وهندڙيءَ جي پاڻيءَ ۾ مڇي به مرندي هئي ۽ وهندڙيءَ جي ڪجهه حصي ۾ جڏهن ماڻهن پاران ساريون يا گاهه وغيره پوکيو ويندو هو ته ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻ ڪنهن سائي چادر وڇائي ڇڏي هجي. مطلب ته تفريح جي حوالي سان هي وهندڙي هڪ خوبصورت جاءِ هئي. هن وقت وهندڙيءَ ۾ اهي رونقون ناهن ۽ شهر جي ڊرينيج سسٽم وارو پاڻي هن ۾ پوي ٿو جنهن سان اهو بيهندڙ پاڻي ڪڏهن ڪڏهن پوري شهر واسين واسين لاءِ بدبوءِ پيدا ڪري ٿو. اهڙي پاڻي جي نيڪال لاءِ هتي هڪ اسڪيم به جوڙائي وئي پر اها به ناڪام ٿي وئي.

    پاٽ شهر جا کوهه ۽کوهيون
    پاٽ شريف ۾ پيئڻ جي پاڻي ۽ ٻئي استعمال لاءِ اول هتي ڪجهه پاڙن ۽ محلن ۾ کوهه ۽ کهيون هونديون هيون خاص ڪري هتي ٽي وڏا کوهه مشهور هئا، هڪ چنا پاڙي ۾ هوندو هو، جنهن کي چنن وارو کوهه چوندا هئا، ٻيو درگاهه مخدوم فضل الاهي وارو کوهه هوندو هو، جنهن مان نارَ ذريعي پاڻي ڪڍيو ويندو هو، هن کي درگاهه وارو کوهه چوندا هئا ۽ اهو اڄ تائين به موجود آهي، ان کان علاوه سائين حبيب الله صديقي وارو کوهه ۽ شهر ۾ ميان امداد حسين قاضيءَ جي اوطاق تي به کوهي هوندي هئي. جنهن مان بازار جا ماڻهو ۽ پاڙي وارا پاڻي ڀريندا هئا، هيءُ کوهي لطيفي مسجد جي ڀرسان هوندي هئي ۽ قاضين واري کوهي سڏبي هئي. بازار ۾ هڪ ٻي کوهي به هوندي هئي جيڪا ماستر گل محمد عباسي جي هوٽل جي سامهون هوندي هئي، اهڙي طرح ڪافي پاڙن جي گهرن ۾ به ماڻهن جون کوهيون هونديون هيون، ان کانپوءِ نلڪن جي سهولت ٿي ۽ هاڻي ته بجلي تي هلندڙ پاڻيءَ وارن موٽرن ذريعي به ماڻهن کي آسانيءَ سان پاڻي فراهم ٿئي پيو، وقت گذرڻ سان ڪيتريون ئي شيون تبديل ٿينديون رهن ٿيون، هاڻي ته گهر گهر ۾ ٺڪر جي دلن ۽ مٽن جي جاءِ تي پلاسٽڪ جا ڪولر رکيا وڃن ٿا، هاڻي ته اهي کوهه ۽ کوهيون به لٽجي ويون آهن، جيڪي ماضيءَ جو ورثو هيون.

    آبپاشي نظام ۽ پاٽ سب ڊويزن
    پاٽ شريف جي اولهه ۾ دادو ڪئنال آهي ۽ هن مان ننڍيون ننڍيون شاخون ۽ واهه نڪرن ٿا جن جي ذريعي پاڻيءَ تي زمينون آباد ٿين ٿيون، دادو ڪئنال جي ڪپرن تي وڻ رکيل آهن، جنهن جي ڇانو مان ماڻهن توڙي جانورن کي فائدو پوي ٿو. دادو ڪئنال جي رينج سکر کان ڀانن تائين آهي. پاٽ شريف ۾ به 1930ع کان وٺي ايريگيشن آفيس قائم ڪئي وئي ۽ هن کي اپ گريڊ ڪري 1974ع ۾ سب ڊويزن جو درجو ڏنو ويو. پاٽ سب ڊويزن جي حد شاهه پنجو کان دادو تائين آهي. پاٽ سب ڊويزن جي ايريگيشن آفيس ۾ ايڊمنسٽريشن جي لاءِ آفيسون ٺهيون جنهن ۾ آفيسر ۽ ٻيو مقرر ٿيل اسٽاف سرڪاري طور تي پنهنجو ڪاروهنوار هلائيندا هئا، ان کان علاوه هتي آفيسرن ۽ ٻين مهمانن جي لاءِ هڪ ريسٽ هائوس به ٺهيل آهي، پاٽ سب ڊويزن تي جيڪي آبپاشي کاتي جا ايس ڊي او رهي چڪا آهن انهن مان ڪجهه آفيسرن جا نالا هي آهن: نظير احمد آرائين، خداداد وڌو، نعمت الله جتوئي، عبدالواحد ميمڻ، عبدالمجيد پنهور، عطا محمد جوڻيجو، گلشير ڇڄڙو، عبدالرشيد عباسي ۽ قربان علي کوسو شامل آهن. 1985ع کانپوءِ ڌاڙيلن جي اغوائن ۽ ڦرن جي واقعن کانپوءِ پاٽ شريف جي هي ايريگيشن آفيس به اجڙي وئي ۽ هتي ماضي ۾ آرمي فوج، ايف سي اهلڪارن ۽ حر جماعت جي فورسن پنهنجون ڪيمپون قائم ڪيون هيون، هن ايريگيشن آفيس ۾ هڪ نلڪو لڳل هوندو هو ۽ اونهاري جي موسم ۾ ان جو تمام ٿڌو پاڻي نڪرندو هو، آفيس جي اڱڻ ۽ آس پاس ۾ ڪجهه ٽالهي، پپر، ليار ۽ انبن جا وڻ به هوندا هئا، هاڻي ته هي آفيس ۽ ريسٽ هائوس ڪنهن ڀوت بنگلي جو منظر لڳن ٿا.

    پاٽ شريف جي ماڻهن جا ڌنڌا
    پاٽ شريف جا ماڻهو مختلف ڌنڌا ڪن ٿا، جنهن ۾ دڪانداري، اناج جو واپار، چوپائي مال جو واپار، کير جو واپار، بهه جو واپار، واڻ جو واپار، ڪاٺ جو واپار، سبزي ۽ ميون جو واپار، سِرن جو واپار، مڇي ۽ گوشت جي ڪاروبار وغيره، کان علاوه دڪانداري به عام آهي ۽ چانهه جي هوٽلن کان وٺي ڪڏهن ڪڏهن مانيءَ جا هوٽل به کلندا آهن، هٿ جي هنرن ۾ ڀرت ڀرڻ،، رليون ٺاهڻ، سنڌي ٽوپيون ٺاهڻ، هٿ جا پکا ”ونجڻا“، کجيءَ جون دٻڪيون، ڪڻڪ جي تيلين مان ٺهندڙ دٻڪيون، لئيءَ جا کارا، ڪانن واريون ڪِڙيون، ڪانهن جو واڻ، مڃ جو واڻ ۽ پيش مان واڻ وٽڻ، چوپائي مال لاءِ خوبصورت ڳانيون ٺاهڻ سميت ڪيترائي ماڻهو هارپو ۽ محنت مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪن ٿا.

    پاٽ شريف جي علائقي ۾ ٿيندڙ فصل ۽ ڀاڄيون
    فصل ڀاڄيون
    ڪڻڪ پٽاٽا
    ساريون ٽماٽا
    چڻا مرچ
    مٽر گوبي
    ڪمند پالڪ
    جوئر ڀينڊيون
    ڄانڀو واڱڻ
    سرنهن ڪدو
    وونئڻ ولتور
    ٻاجهري بصر
    تِرَ گوار
    مڱ ڪريلو
    سورج مکي گوگڙو
    موري
    گجر

    پاٽ شريف ۽ آس پاس واري علائقي ۾ پوکيل وڻ ۽ ميوا
    وڻ ميوا گل
    نم انب گلاب جو گل
    ٻٻر ليمان موتئي جوگل
    کٻڙ زيتون سورج مکي جو گل
    ٻير ڇاهيون ڇٻرو وارو گلابي گل
    آسرينهن گدرا
    ٽالهي ڪيلا
    باهڻ ڄمون
    ڪرڙ توت
    کجي نارنگي
    بيدمشڪ
    عملداس
    ليار
    ليسوڙي
    مانجهاندڙي
    گدامڙي

    پاٽ شريف لڳ آيل 2010ع واري ٻوڏ
    2010ع ۾ آيل ٻوڏ کي مها ٻوڏ به چيو ويو، هي ٻوڏ ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ 1942ع ، 1971ع ۽ 1976ع واري آيل ٻوڏ کان تمام وڏي ٻوڏ هئي، جنهن ۾ سڄي سنڌ متاثر ٿي، هتي اسين پاٽ شريف لڳ آيل بچاءُ بند وٽ ٻوڏ جو جائزو پيش ڪري رهيا آهيون، پهرين آگسٽ 2010ع تي هميشه جيان آيل ٻوڏ جو پاڻي معمول موجب ايل ايس بچاءُ بند سان لڳو، واضح رهي ته پاٽ شريف جي اوڀر ۾ هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي جيڪو بچاءُ بند ڏنل آهي، ان کي ايل ايس، يعني لاڙڪاڻو سيوهڻ بند سڏيندا آهن، ٻوڏ جو پاڻي جڏهن وڌڻ لڳو ته ڪچي جي ماڻهن پڪي تي اچڻ جو رخ ڪيو ۽ پنهنجو مال متاع ۽ ٻچڙا وٺي محفوظ هنڌن ڏانهن پهتا، ڪي سرڪاري اسڪولن جي رليف ڪئمپن ۾ ويٺا ته ڪي مٽن مائٽن ڏانهن ويا.

    ڪچي جا ٻڏل ڳوٺ
    ان وقت ۾ پاٽ شريف جي ڀرسان جيڪي ڪچي وارا ڳوٺ ٻڏا انهن ۾ ڳوٺ حافظ قاسم چانڊيو، عثمان چانڊيو، اندريو کاٽ، راڄو ديرو، امير بخش کوکر، وزير لنڊ، يعقوب ماڇي، حاجي ڪنڀر، ڪمدار حسن ڪلهوڙو، گلشير ڀرٽ، مور ڀرٽ، عرس ڀرٽ، سيال، راڄائي ملاح، ناصراڻي، ٻڍاپور، نور محمد ڀرٽ، مورچو، ڪامل تيوڻو، اسماعيل تيوڻو، عارب ڪلوئي، ميهر مشوري، علي نواز مهرائي، مظهر ماڇي، ٿَلهو ماڇي، کوکر، ڪمدار الهڏنو، علي خان کوسو، ابراهيم کوسو، صادق کوسو، ڪمدار سومر کوسو، قاسم پير، اسڪول وارا خاصخيلي، پڪيون لانڍيون، ڪي ٽي جتوئي، عارب مشوري، هوت خان چانڊيو، ڪمدار مقبول ڀرٽ، بهادر چانڊيو، پڪو اسڪول، خميسو چانڊيو، صادق ڪلوئي، ڏاوڇ، گهلي، صادق چانڊيو، لاکير ۽ ٻيا ڳوٺ شامل هئا، هن آيل ٻوڏ دوران ڪيترن ئي ماڻهن جي ٻڏي فوت ٿيڻ جا واقعا پيش آيا، ڪيترن ماڻهن جو چوپايو مال لڙهي ويو، ٻوڏ اچڻ ۽ ان جي تباهين جا ڪيترائي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا، جنهن ۾ موسمياتي تبديليون، وڻن جو ڪٽجڻ، ڪچي جي آبادي وڌڻ، پاڻي کي صحيح رستو نه ملڻ، بندن جو ڪمزور هجڻ، ادارن جي لاپرواهي ۽ ٻوڏ جي اڳڪٿي جو ناقص بندوبست شامل آهن.

    ڪي ٽي جتوئي واري بند کي ڏنل ڪٽ
    6 آگسٽ 2010ع تي پاڻي ۾ تمام گهڻو چاڙهه نظر آيو ۽ پاٽ شريف جي ڳوٺاڻن آبپاشي کاتي جي انجنيئر حبيب الله چانڊيو آڏو احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو ته درياءَ جي چاڙهه سبب بچاءُ بند کي مضبوط ڪيو وڃي، نه ته بند ٽٽڻ سان پاٽ شريف ۽ پڪي جي ٻين ڳوٺن جي ٻڏڻ جو خطرو آهي، 10 آگسٽ 2010ع تي آرمي بچاءُ بند تي پهتي ۽ فوج بند جو ڪنٽرول سنڀاليو، پاٽ شريف جي هڪ رليف ڪيمپ ۾ امام علي چانڊيو کي پٽ ڄائو، 11 آگسٽ 2010ع تي سينيئر صوبائي وزير پير مظهرالحق پاران ٻوڏ متاثرن ۾ امدادي سامان ورهايو ويو، 13 آگسٽ 2010ع تي ڪي ٽي جتوئي واري بند تي آرمي آفيسر جي او سي ميجر شوڪت اقبال پهتو، جنهن ٻوڏ بابت بريفنگ ورتي، ان موقعي تي ڊي سي او دادو اقبال ميمڻ، ڊي پي او دادو غازي صلاح الدين، ايگزيڪيوٽو انجنيئر آبپاشي حبيب الله چانڊيو ۽ ميڊيا سان تعلق رکندڙ صحافي حضرات به موجود هئا، ان موقعي تي ڪي ٽي جتوئي جي زميندارن رئيس عاقب خان جتوئي، رئيس مصدق خان جتوئي، رئيس تعمور حسين جتوئي، رئيس فهد حسين جتوئي ۽ رئيس آصف خان جتوئي شرڪت ڪئي. آرمي آفيسرن، ضلعي انتظاميا ۽ جتوئي زميندارن گڏجي ڪي ٽي جتوئي واري بند جو جائزو ورتو ۽ جتوئي زميندارن چيو ته جيڪڏهن ڪي ٽي جتوئي واري بند کي ڪٽ ڏيڻ سان اسان جي زمينن کي نقصان رسي ٿو ۽ انساني جانيون بچي وڃن ٿيون ته ڀلي هن بند کي ٽوڙي پاڻي جي دٻاءُ کي گهٽايو وڃي، اسان کي زمينن کان وڌيڪ ماڻهن جون حياتيون عزيز آهن، جتوئي زميندارن جي اهڙي فيصلي کي ساراهيو ويو ۽ 14 آگسٽ تي ڪي ٽي جتوئي واري بند کي ڪٽ ڏنو ويو.
    سنڌ ۾ آيل ٻوڏ جي وڏي وهڪري جتي هزارين ڳوٺن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو ۽ ڳوٺن جا ڳوٺ ٻڏي ويا، اهڙي صورتحال ۾ دادو تعلقي جي اڳوڻي ايم پي اي سيد محمد شاهه پنهنجو ڳوٺ سيتا وليج کي بچائي ورتو، پاڻ ڳوٺاڻن کي چيائين ته اوهان مان ڪير به نه لڏي وڃي ۽ مان پنهنجي خاندان سميت اوهان سان گڏ آهيان ۽ پوءِ سيد محمد شاهه جي خرچ تي ڳوٺاڻن ڳوٺ جي چوڌاري رنگ بند ٻڌرائڻ ۾ سهڪار ڪيو ۽ ڳوٺ بچي ويو.

    ۽ جڏهن پاٽ شريف جو شهر خالي ٿي ويو
    15 آگسٽ 2010ع بروز آچر تي شام جو چئين وڳي وارو اهو منظر وسري نه سگهندو، جڏهن اوچتو اها خبر پئي ته ڳوٺ حاجي بچل چانڊيو وٽان بند ٽٽي پيو آهي ۽ پاڻي پاٽ شريف جو رخ ڪيو آهي، بس پوءِ ته هر طرف افراتفري مَچي وئي ۽ گهٽين ۾ روڄ راڙو متل هو ۽ مٿان وري مينهن به وسڻ شروع ٿي ويو. مردن پاڻ کي حوصلو ڏيندي گهرڀاتين کي بچائڻ لاءِ محفوظ هنڌن ڏانهن رخ ڪيو، ٻارن ۽ عورتن ۾ دانهون ۽ ڪوڪون پئجي ويون، ڪجهه ماڻهن جلدي جلدي پاٽ پراڻي واري دڙي جو رخ ڪيو، ڪجهه دادو ڪئنال واري ٽاپ تي نظر آيا ۽ ڪي وري پياري ڳوٺ ۽ سيتاروڊ واري رستي سان ويندي نظر آيا. هرڪو پنهنجي مدد پاڻ تحت نڪري رهيو هو، سرڪار پاران بچاءُ لاءِ ڪي خاص اپاءُ نه ورتا ويا، ڪي ٻڍڙا ۽ ٻڍڙيون جيڪي هلڻ ڦرڻ کان لاچار هئا، انهن کي پنهنجي جوان اولاد ڪلهن تي کنيو. ڪيترن ئي مردن ۽ عورتن کي روئندي رڙندي ڏٺو ويو ۽ ڏسندي ڏسندي پاٽ شريف جا گهر، گهٽيون ۽ ويڙها خالي ٿي ويا ۽ ڪنهن ڪنهن پاڙي ۾ ڪو ڪو ماڻهو گهرن جي حفاظت لاءِ نظر آيو، لڳ ڀڳ سج لٿي ڌاري اها خبر پئي ته بند کي لڳل روڻ بند ڪئي وئي آهي ۽ في الحال ڪوبه خطرو نه آهي، هوڏانهن ماڻهن جو اهو به چوڻ هو ته رب پاڪ پنهنجي مهرباني سان هن اوليائن جي شهر کي محفوظ رکيو، پوءِ ماڻهن گهرن ڏانهن واپسي ڪئي ۽ ڪيترائي ماڻهو ته پوءِ به خوف وچان سامان وغيره گاڏين ۾ کڻائي گهرڀاتين سميت مختلف شهرن ڏانهن روانا ٿي ويا.

    بند کي خطرو ۽ ڳوٺاڻن جي همت
    آبپاشي عملي مطابق رپورٽ ڏني وئي ته آر ڊي 57 سعيد خان چانڊيو جي ڳوٺ کان آر ڊي 62 حاجي بچل چانڊيو جي ڳوٺ تائين بند ڪمزور آهي، برسات پوڻ ۽ هوا لڳڻ سبب تيز ڇوليون بند کي پائي رهيون هيون، اهڙي صورتحال کانپوءِ پاٽ شريف، دٻي، پلها، رڪڻ، مٺي واهڻ، اولڊ ڪلري، سعيد خان چانڊيو، حاجي بچل چانڊيو ۽ حاجي فتح محمد چانڊيو جي سوين ڳوٺاڻن ڏينهن رات همت ڪري آبپاشي عملي سان گڏجي بند جون روڻيون بند ڪيون.

    سيتا روڊ کان پاٽ شريف کي ٻوڙڻ جي ڪوشش
    2010ع واري ٻوڏ جي عجيب صورتحال اها هئي ته هن ٻوڏ ذريعي ڪچي کان به پاڻي ۾ چاڙهه ٿيو ته وري غوث پور وٽ سنڌو درياءَ جي ”ٽوڙي بند“ کي لڳل گهاري وارو پاڻي پڪي جي مختلف علائقن مان وڏي تباهي مچائيندو دادو ضلعي جي حدن ۾ پهتو ۽ جڏهن پاڻي ميهڙ ۽ ڪي اين شاهه کان ٿيندو سيتا روڊ جي جوهي بئراج وٽ پهتو ته سيتاروڊ ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن جي ماڻهن ۾ ڳڻتي ڇانئجي وئي ۽ ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويا، پاڻيءَ جي مسلسل چاڙهه سبب آبپاشي کاتي جي چيف انجنيئر آغا اعجاز طرفان حڪم جاري ڪيو ويو ته سيتاروڊ واري پاڻي کي پاٽ شريف وٽان رستو ڏئي درياءَ ۾ پاڻي نيڪال ڪيو وڃي. چيف انجنيئر جي اهڙي حڪم کي پاٽ شريف جي رهواسين رد ڪري ڇڏيو، 3 سيپٽمبر 2010ع تي پاٽ شريف جي رهواسين ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ رهندڙ پنهنجي ڳوٺائي اعليٰ آفيسرن کي هن صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ پوءِ انهن پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندي هن پلان کي ناڪام بڻايو ۽ شام جو ڪجهه آرمي آفيسر ۽ آبپاشي عملدار پاٽ شريف پهتا ۽ انهن مٿي رپورٽ ڏني ته جيڪڏهن سيتا روڊ کان پاڻي پاٽ شريف ڏانهن روانو ڪيو ويو ته اهو درياءَ تائين نه پهچي سگهندو، ڇاڪاڻ ته درياءَ جي علائقي واري سطح مٿانهين آهي، ان ڪري سيتا واري پاڻي کي اوڏانهن نه پر ڪنهن ٻئي رستي ڏانهن روانو ڪيو وڃي، جيڪڏهن پاٽ شريف ڏانهن پاڻي نيڪال ڪيو ويو ته اهو نيڪال نه ٿي سگهندو ۽ رهندو ڪيترائي ڳوٺ ٻڏي ويندا.

    ڊي سي دادو طرفان الرٽ رهڻ جو حڪم
    7 سيپٽمبر 2010ع تي ڊي سي او دادو اقبال ميمڻ طرفان ميڊيا ذريعي اطلاع پهچايو ويو ته ايف پي بند جي پاسي واري ڳوٺ ميان جي ڪنڊي وٽان گهارو لڳو آهي، جنهن سان دادو تعلقي جون يارنهن يونين ڪائونسلون پاٽ شريف، مخدوم بلاول، پيارو ڳوٺ، الهه آباد، يار محمد ڪلهوڙو، موندر، ڦقا، سيال، پپري، مراد آباد ۽ خداآباد يوسيز جا سمورا ڳوٺ پاڻي جي گهيري ۾ اچي ويندا، ڳوٺاڻن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي اهڙي اطلاع ملڻ کانپوءِ پاٽ شريف جي ماڻهن ۾ هڪ دفعو وري بيچيني پيدا ٿي وئي پر انتظاميا ۽ ڳوٺاڻن ان گهاري کي بند ڪري ڇڏيو.

    ڪنهن ڪنهن ٻوڏ جو جائزو ورتو
    پاٽ شريف لڳ آيل 2010ع واري ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ چونڊيل نمائندن، سياسي شخصيتن، ڪامورن، سماجي اڳواڻن ۽ ميڊيا سان تعلق رکندڙ رپورٽرن بچاءُ بند جو دورو ڪري همدردي ڏيکاري، هن تڪ تان چونڊيل ايم اين اي ۽ مملڪتي وزير رفيق احمد جمالي، سينيئر صوبائي وزير پير مظهرالحق، صوبائي وزير امير نواب، ايم پي اي عمران ظفر لغاري، ايم پي اي فياض ٻٽ، ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو، ايم پي اي رشيده پنهور، اڳوڻو ايم پي اي سيد محمد شاهه، قمبر خان لغاري، اڳوڻو وفاقي وزير لياقت علي خان جتوئي، اڳوڻو صوبائي وزير عاقب خان جتوئي، رئيس بابن خان پنهور، ڊي سي او دادو اقبال احمد ميمڻ، ڊي پي او دادو غازي صلاح الدين، جي او سي حيدرآباد ميجر جنرل شوڪت اقبال، آبپاشي انجنيئر حبيب الله چانڊيو، ايس ڊي او عبدالرشيد عباسي، اي ڊي او هيلٿ رفيق احمد ڪولاچي، پي پي ايڇ آءِ انچارج مولا بخش سولنگي، ڊاڪٽر غلام الله سمون ميڊيڪل آفيسر، ليڊي ڊاڪٽر روبينا طاهر آريجو، فرزانا اسماعيل، الڪريم سٽيزن ڪميونٽي بورڊ جو چيئرمين حاجي ڪريم بخش صديقي ۽ سندس گهرواري آپا فخر ڪريم صديقي، يوسي پاٽ شريف جو اڳوڻو ناظم عبدالغني انصاري، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي اڳواڻن محمد اعظم ميمڻ، علي نواز برهماڻي، حاڪم علي بٺڙ، آفتاب احمد پنهور، جاويد احمد پنهور، پيرل خان کوسو، ناميارو رائيٽر ۽ سوشل ورڪر لطيف جمال، ايم بچل ڪلهوڙو، ڪي ٽي اين رپورٽر دادو نظام شيخ، ڪي ٽي اين اسپيشل اسائنمينٽ انچارج فيض کوسو، ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش سيتاروڊ جو رپورٽر الهورايو کوسو، اصغر کوسو، سيتاروڊ جي ٻين صحافين امتياز علي ٻگهيو، سليمان سومرو، نفيس احمد سولنگي، اظهر علي ميمڻ، علي دمساز لاکير، نصير چنا، پيارو اسٽيشن جي صحافي ماجد علي پنهور، ظفر احمد لهٻر، شاهنواز چانڊيو، منور علي چانڊيو، نظير ڪنڀر ۽ جبل سنڌي کان علاوه دادو جي ٻين صحافين ولي چانڊيو، رضوان منگي، ولي محمد لنڊ، نياز چانڊيو، گلڻ ڀنڊ، سعيد سنڌي، طارق لغاري، فتاح شيخ، ڦلجي اسٽيشن جي رپورٽرن رانا نصرالله، شاهنواز سومرو، خالد عباسي، يعقوب کهڙو، غوث علي جهتيال ۽ ٻين جائزو وٺي هن علائقي جي فل ڪوريج ڪئي ۽ ان کان علاوه ڪيترين ئي اين جي اوز پاران هي علائقو وزٽ ڪيو ويو.

    دادو ضلعو ڪيترو متاثر ٿيو
    20 سيپٽمبر 2010ع تي ڊي سي او دادو اقبال احمد ميمڻ پاران عالمي ادارن کي دادو ضلعي جي ٻوڏ بابت جيڪا بريفنگ ڏني وئي ان مطابق دادو ضلعي جو 5 لک 61 هزار 866 ايڪڙ علائقو ٻڏي ويو، 28 هزار 60 ڳوٺ پاڻيءَ جي اثر هيٺ رهيا. 9 لک 25 هزار ماڻهو متاثر ٿيا، 2 لک 24 هزار ايڪڙ فصل تباهه ٿيو، هڪ لک 68 هزار گهر ڊهي پٽ ٿي ويا، 23 هزار 5 سئو دڪان ڊهي ويا، 37 ماڻهو ٻڏي فوت ٿيا، 223 ماڻهو سخت زخمي ٿيا، 32 هزار ماڻهن کي ڊائريا، 22 هزار ماڻهن کي چمڙي جي بيماري، 9 هزار ماڻهن کي مليريا بخار، 6 هزار ماڻهن جون اکيون خراب، 48 ماڻهن کي نانگ جا ڏنگ لڳا، 10 هزار ماڻهن کي ڪاري ڪامڻ ظاهر ٿي ۽ هنن ماڻهن جو علاج ڪيو ويو ۽ ان کان علاوه هزارين جانور مري ويا ۽ ڪيترن ئي بيمار جانورن کي ويڪسين ڪئي وئي، ان کان علاوه 366 ڪلوميٽر روڊ ختم ٿي ويا، 37 پليون ڊهي ويون، 552 پرائمري اسڪول، 36 سيڪنڊري اسڪول، 5 ڪاليج، 31 صحت مرڪز ۽ 17 زراعت کاتي جا دفتر متاثر ٿيا، هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت پاران امدادي سرگرمين لاءِ 9 ڪروڙ 30 لک رپيا ڏنا ويا. جڏهن ته خرچ 13 ڪروڙ 95 لک رپيا آهي. ڊي سي او جي چوڻ مطابق پاڻي هيٺ آيل علائقن ۾ ڪيترن ئي سالن تائين فصل جي پوکائي به نه ٿي سگهندي.
    ( بهرحال هيءَ هئي 2010ع جي مها ٻوڏ جي رپورٽ جنهن سان سموري سنڌ جا علائقا متاثر ٿيا ۽ ٻوڏ جي تباهڪارين جا منظر ڪيترن ئي سالن تائين نه وسري سگهندا، هڪ سروي مطابق 2010ع واري ٻوڏ تقريبن پوري پاڪستان ۾ تباهي آندي، جنهن جي نتيجي ۾ لڳ ڀڳ 2 ڪروڙ ماڻهو لڏ پلاڻ تي مجبور ٿيا ۽ 1740 کان وڌيڪ انساني جانيون اجل جو شڪار ٿيون، لکين گهر مسمار ٿيا، لکين ايڪڙ فصل تباهه ٿي ويا، اقتصادي حالت پنجاهه ورهيه پوئتي ٿي وئي).

    پاٽ شريف ۾ ڌاڙيلن جون ڪارروايون
    1985ع کان 1990ع واري دور تائين پوري سنڌ ۾ بدامني چوٽ چڙهيل هئي ۽ ڌاڙيلن جي قهري ڪاررواين ماڻهن جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو هو، اهڙين وارداتن کان پاٽ شريف به بچي نه سگهي هئي، چيو وڃي ٿو ته هن تر جي مشهور ڌاڙيل پريل عرف پرو چانڊيو هڪ واردات دوران پاٽ شريف جي تعليمي ماهر ۽ استاد محمد بخش ميمڻ کي پراڻي پاٽ وٽان اغوا ڪري ويو، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ کيس آزاد ڪيو ويو پر ان کان اڳ ۾ پرو چانڊئي ڪڏهن به هن تر ۾ اغوا جي ڪابه واردات نه ڪئي هئي، ان کانپوءِ ڌاڙيلن جي ٻين ٽولن پاٽ شريف ۾ ڦرلٽ ۽ اغوائن جون وارداتون تمام گهڻيون ڪيون، جنهن ۾ رئيس سرفراز انصاري، نورالدين صديقي، منو ر حسين صديقي، رئيس سبزل جوڻيجو، بشير احمد ميمڻ، ماستر عبدالجبار چنا، ماستر فدا حسين خاصخيلي، ظهير الدين عباسي، ماستر پيرل ميمڻ، تاج محمد ميمڻ، محمد عالم ميمڻ ۽ هڪ معصوم نينگر پرويز احمد جوڻيجو سميت ٻين ڪيترن ئي ماڻهن کي اغوا ڪيو ويو. انهن مان گهڻن کان ڀنگ وٺي آزاد ڪيو ويو ۽ گهڻن کي مقامي ماڻهن جي سفارش تي فريءَ ۾ ڇڏيو ويو. هن تر جي مشهور ڌاڙيلن ۾ پريل عرف پرو چانڊيو، علي گوهر چانڊيو، غلام قادر ملاح، وارث کوسو، امام بخش عرف امون کوسو، گل برهماڻي، واحد بخش عرف واحدو چانڊيو، عبدالڪريم عرف عدلو چانڊيو، صالح کوسو، گل حسن چانڊيو، کبڙ عرف کبڙو چانڊيو، مير چانڊيو، لطيف چانڊيو، آڍو ۽ ٽوهو ڌاڙيل سميت ٻيا به ڪيترائي هئا، جيڪي اڳتي هلي پوليس مقابلن دوران مارجي ويا ۽ ڪي ڌاڙيل ذاتي دشمنيءَ دوران مارجي ويا.

    پاٽ شريف تي بدامني جو اثر ۽ ماڻهن جي لڏپلاڻ
    پاٽ شريف ۾ ڌاڙيلن جي ڦرلٽ ۽ اغوائن وارين وارداتن کان پوءِ هتان جي ماڻهن پاڻ کي محفوظ ڪونه سمجهيو ۽ پنهنجون عزتون بچائڻ خاطر هتان کان ٻين شهرن ڏانهن لڏڻ شروع ڪيائون، هتان اصلوڪن ماڻهن جي شفٽ ٿيڻ سان پاٽ شريف جي رونقن ۾ ڄڻ ته گهٽتائي ايندي وئي. هتان جا ماڻهو جڏهن مجبوري وچان پنهنجي اباڻي شهر کي جڏهن ڇڏي رهيا هئا ته هتان جي ڪيترين ئي فيملين کي روئيندي ۽ اوڇنگارون ڏيندي ڏٺو ويو، ڪي پنهنجي گهرن جي ڀتين کي چمندي موڪلائي رهيا هئا ته ڪي پاٽ جي عظيم مٽيءَ کي هٿن ۾ کڻي موڪلائيندا رهيا ۽ پوءِ ڏسندي ڏسندي اهي جايون، اهي گهٽيون، اهي اوطاقون ۽ آستانه ڄڻ ته ويران ٿيندا ويا. نوجوانن جي پڙهڻ واريون سرگرميون، انهن نوجوانن جون رانديون ۽ هڪ ٻئي سان چرچا ڀوڳ ۽ ٽهڪ به خاموش يادگار بڻجي ويا. هتان جي رئيسن ۽ نيڪ مردن جي اوطاقن ۽ بيٺڪن کي به ڄڻ نظر لڳي وئي، جتي ڪيترين ئي ڌرين کي کير کنڊ ڪيو ويندو هو. نوڪري يافته ماڻهن جو صبح صبح سان تيار ٿيڻ ۽ سندن شانائتا لباس پائڻ به ڏسڻ وٽان هوندو هو. نياڻين جون هڪ ٻئي سان رانديون ۽ پڙهائي جون تياريون به ڄڻ ماضي جو قصو بڻجي ويا، ننڍڙن ٻارڙن جون ٻاتائي ڳالهائڻ واريون ٻوليون ۽ امڙين جون لوليون به ماٺار بڻجي ويون، سگهڙ جون ڪچهريون، راڳ رهاڻ ۽ ميلن ملاکڙن ۾ به گهٽتائي اچي وئي، الائي ڇو ڏسندي ڏسندي پاٽ کي ڄڻ ته ڪنهن جي نظر لڳي وئي، ها هي اها ئي پاٽ آهي، جنهن جي گهٽيءَ مان جڏهن ڪا عورت گذر ڪندي هئي ته مرد ماڻهو شرافت وچان ڀت ۾ منهن هڻي بيهندو، ان کان علاوه شهر ۾ ڪو اوپرو ماڻهو ايندو هو ته ان کان پڇا ڪئي ويندي هئي، مطلب ته پاٽ شريف ۾ بدامني سبب ڪيترائي ماڻهو ڪراچي، حيدرآباد، ڄامشورو، دادو ۽ ٻين شهرن ڏانهن لڏي ويا ۽ ڪيترن ماڻهن پنهنجي اباڻي ڪکن کي ناهي ڇڏيو، اميد آهي ته انشاءَالله هڪ ڏينهن پاٽ شريف جو اهو ساڳيو عروج واپس ورندو ۽ پاٽائي پنهنجي جنم ڀومي جي سار لهندا.

    مختلف برادرين جا خوني تڪرار
    سنڌيءَ ۾ عام چوڻي آهي ته شل جهيڙن جا منهن برن ڏي هجن، هلڪا ڦلڪا جهيڙا ته جتي ڪٿي ٿيندا رهن ٿا پر سنڌ جي جنهن به علائقي ۾ جڏهن ڪنهن به ذاتين وارن جا خوني تڪرار شروع ٿين ٿا ته ان علائقي جي زندگي ڏاڍي متاثر ٿئي ٿي، پاٽ شريف ۾ ۽ ان جي آس پاس وارن ڳوٺن ۾ به گذريل ڪيترن ئي سالن کان دشمنين جي باهه ڀڙڪي اٿي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي انساني جانيون ختم ٿي ويون، ڪي اپاهج ٿي ويا، ڪيتريون ئي عورتون بيواهه ٿي ويون، ڪيترين ئي امڙين کان پنهنجا ٻچڙا کسجي ويا، ڪيترن ئي پيئرن جا ڪونڌر پٽ ڪسجي ويا. ڪيترائي ڳوٺ ۽ ننڍا ننڍا شهر اجڙي ويا.


    پاٽ شريف جا ماڳ مڪان

    درگاهه مخدوم فضل الاهي پاٽ شريف

    هي درگاهه ميان صاحبن واري درگاهه به سڏبي آهي، هتان جي ڪامل ولي ميان صاحب مخدوم فضل الله صديقي جي نالي سان قائم هي قديمي درگاهه هنڌ سنڌ ۾ مشهور آهي، پاڪستان جي چئني صوبن کان علاوه ڪجهه ٻاهرين ملڪن ۾ به هن درگاهه جا ڪيترائي عقيدتمند آهن، سنڌ جي ڪيترين ئي مشهور درگاهن جي بزرگن کي هتان ئي روحاني فيض جاري ٿيو، اهو ئي سبب آهي جو انهن درگاهن جا گادي نشين اڄ تائين به جڏهن هن درگاهه جي حاضري ڀرڻ لاءِ ايندا آهن ته نهايت ادب، احترام ۽ عاجزيءَ مان درگاهه ڏانهن وکون کڻندا آهن، درگاهه مبارڪ جو روضو اندران ۽ ٻاهران نهايت دلڪش نظاري جو ڏيک ڏيندو آهي. ڪا شيءِ جي پراڻين سرن ۽ خوبصورت گلڪاري به ڏسڻ وٽان آهي. روضي جي اندر جن بزرگن جون مزارون آهن، انهن ۾ اولهه طرف کان ميان صاحب وڏا سائين مخدوم فضل الله صديقي، ان جي اوڀر ۾ ميان صاحب مخدوم نظام الدين صديقي وچان سائين، ميان صاحب مخدوم محمد صالح صديقي بنگلي ڌڻي، ميان صاحب مخدوم محمود احمد صديقي روضي ڌڻي شامل آهن، ۽ انهن بزرگن جي پيراندي ۾ ميان صاحب مخدوم محمودالحسن جي مزار آهي، روضي ٻاهران اوڀر طرف ميان صاحب مخدوم محمود احمد جي زوجه ۽ ان سان گڏ مخدوم ڊاڪٽر ظفرالحق صديقي، جيجي گاديءَ واري ۽ ان جي همشيره جون مزارون آهن، اتر ۾ ميان صاحب مخدوم فضل الحق، ميان صاحب مخدوم شمس الحق ۽ خاندان جا ٻيا فرد ۽ جوانيءَ ۾ ئي هي فاني دنيا ڇڏيندڙ نوجوان مخدوم نعيم الحق جي به مزار آهي، اتر ۾ ئي هڪ وڏي جامع مسجد به آهي، روضي جي ڏکڻ ۾ ميان صاحب مخدوم ممتاز احمد صديقي، سندس زوجه ۽ انهن جي ڀرسان مخدوم خميسو ۽ هنڌ سنڌ ۾ تحريرن ۽ فتوائن جي حوالي سان مشهور بزرگ مخدوم حسن الله شاهه پاٽائي جي مزار به اتي ئي آهي، درگاهه جي اڱڻ تي قديمي کوهه به آهي، ان کان علاوه وضو خانو ۽ مسافرن جي رهائش لاءِ مسافرخانو به آهي، اوڀر ۾ درگاهه واري حويلي ۽ باغ به آهي، 16 آگسٽ 2016ع تي هٿياربندن هٿان شهيد ٿيندڙ هن درگاهه جي سجاده نشين شهيد مخدوم افتخارالحق عرف پپو سائين جي مزار به اتي ئي آهي .
    درگاهه واري حويلي مبارڪ تمام گهڻي قديمي تعمير ٿيل آهي، هيٺ ۽ مٿي ڪيترائي ڪمرا اٿس ۽ آڏو هڪ ڪشادو ورانڊو به آهي، ان کان علاوه جيجي گاديءَ واري جو اهو ڪاٺ وارو سندل به موجود آهي، جنهن تي هيءَ جيجي ويهي دعا تعويذ ڏيندي هئي ۽ پري پري کان آيل عورتن جي لاءِ ماني ۽ رهائش جو بندوبست ٿيل هوندو هو، حويلي مبارڪ جي درگاهه ۽ مسجد وغيره جو تعميراتي يا مرمتي ڪم به مخدوم خاندان جي ئي سپرد آهي، هر مهيني جي ٻئي ڇنڇر تي روحاني ذڪر جي محفل منعقد ڪئي ويندي آهي، هر سال صفر مهيني جي 4 تاريخ تي هنن مخدوم پاٽائي بزرگن جو ساليانو عرس مبارڪ ملهايو ويندو آهي. جنهن ۾ پري پري جا مريد، خادم ۽ عقيدتمند هن عرس مبارڪ ۾ شرڪت ڪندا آهن ۽ سنڌ جي وڏين وڏين درگاهن جا گادي نشين هن روحاني اجتماع کي خطاب ڪندا آهن.
    هتي مخدوم فضل الاهي جي نالي سان قديمي مدرسو به هلندو رهي ٿو ۽ ڪيترائي معلم سڳورا پنهنجون ديني خدمتون سرانجام ڏئي چڪا آهن.
    تاريخي شاهدين مان ثابت ٿيو آهي ته پاٽ شريف، سيوهڻ ۽ هالا وارن مخدومن جو هڪڙو ئي خاندان آهي، ان کان علاوه هندستان جي شهر برهانپور ۾ رهندڙ صديقي پاٽائي به هن ئي خاندان سان تعلق رکن ٿا ۽ انهن اتي سنڌي پوره جي نالي سان ڳوٺ قائم ڪري ورتو آهي ۽ بقول انهن جي ته انهن اتي هڪ ننڍڙي پاٽ اڏي آهي.

    پاٽائي مخدومن جو سلسله نصب
    مخدوم فضل الله صديقي بن
    مخدوم عبدالواسع بن
    محمد حسن قاري بن
    مخدوم دين محمد بن
    مخدوم عبدالواحد ڪبير بن
    مخدوم عبدالرحمان بن
    شيخ مخدوم محمود سهروردي بن
    شيخ عيسيٰ ثاني پاٽائي بن
    مخدوم محمد حسن قاري بن
    شيخ شهرالله رمضان بن
    مسيح الاولياءَ شيخ عيسيٰ جندالله بن
    شيخ قاسم بن
    شيخ يوسف بن
    شيخ رڪن الدين بن
    شيخ معروف بن
    شيخ شهاب الدين ثاني (باني پاٽ شريف) بن
    شيخ نورالدين بن
    شيخ سراج الدين بن
    شيخ وجيهه الدين بن
    شيخ مسعود بن
    شيخ رضي الدين بن
    شيخ الشيوخ عم شهاب الدين صديقي سهروردي بن
    شيخ محمد بن
    شيخ عبدالله بن
    شيخ محمد بن
    سيدنا شيخ عبدالله عموميه بن
    شيخ سعد بن
    سيدنا الحسين بن
    سيدنا شيخ القاسم بن
    سيدنا شيخ نضر بن
    سيدنا شيخ القاسم بن
    سيدنا شيخ نضر بن
    سيدنا شيخ القاسم بن
    سيدنا شيخ نضر بن
    سيدنا عبدالرحمان بن
    سيدنا شيخ القاسم بن
    سيدنا ابي حفص محمد بن
    سيدنا ابوبڪر صديق رضه

    ڪتاب: ”ڪشف مبهم مشڪلات“ تان ورتل

    پاٽ شريف ۽ آس پاس واريون درگاهون
    پاٽ شريف ۽ ان جي آسپاس ۾ ڪيترن ئي بزرگن جون درگاهون آهن، شهر جي اتر ۾ مخدوم فضل الاهي جي درگاهه آهي ۽ وهندڙي ڀرسان قاضي شفيع محمد واري درگاهه آهي ۽ دادو ڪئنال لڳ مخدوم زين العابدين جي درگاهه آهي، شهر جي ڏکڻ ۾ سيد حسن علي شاهه المعروف سائين پپو جي درگاهه آهي ۽ اتي روضي اندر ٻين ساداتن جون به مزارون آهن، سيد حسن علي شاهه انتهائي نيڪ ۽ سٻاجهڙو انسان هو جيڪو جوانيءَ ۾ ئي الله کي پيارو ٿي ويو. شهر جي اوڀر ۾ پاٽ پراڻي تي مشهور بزرگ حاجي پير اسماعيل جي درگاهه سان گڏ اتر ۾ سيد معصوم شاهه جي به مزار آهي، ان کان علاوه مٽلي فقير جي به درگاهه رستي ۾ آهي، مٽلي فقير بابت چيو وڃي ٿو ته هي مشهور اولياءَ حاجي پير اسماعيل جي درگاهه جو خدمتگار هو ۽ مٽيون ڀريندو هو، پاٽ شريف جي اوڀر ۾ بچاءُ بند هيٺان الله جي ڪامل ولي سيد ناصر شاهه لڪياري جي درگاهه آهي، هن بزرگ بابت معلوم ٿئي ٿو ته سندس تعلق لڪي شاهه صدر جي خاندان سان آهي، سيد ناصر شاهه جي درگاهه ڀرسان ناصراڻي ڳوٺ به تعمير ٿيل هوندو هو، جتي لڪياري سيد ۽ ٻيون ذاتيون به رهنديون هيون، پاٽ شريف جي ڏکڻ ۾ سيد پنهل شاهه جي مزار آهي، جتي سيد خاندان جا ٻيا به ڪيترائي بزرگ هن درگاهه ۾ مدفون آهن، سيد پنهل شاهه جو تعلق نيوڪلري واري ڳوٺ سان هو ۽ پاٽ شريف جي قاضي قاسماڻي واري قبرستان ۾ سندن آخري آرامگاهه ۽ درگاهه آهي، پاٽ شريف لڳ ٻيون به ڪيتريون ئي درگاهون آهن، اولهه ۾ ڌيرڻ پير، ”سيد گلاب شاهه“، ڏکڻ ۾ بچاءُ بند لڳ ”دنبل پير“، اوڀر ۾ ”مسافر پير“، ”جيجي ستي جتي“، اتر ۾ ”پير شير“ ۽ ”پير ڪنڊو“ جون مزارون آهن، ان کان علاوه پاٽ شريف ۾ خليفه محمد جمن خاصخيلي، پاٽ پراڻي ۾ ميهر فقير ۽ قاضي قاسماڻي ۾ هڪ بنگالي ڪاجل فقير جا آستانه به آهن، جتي به ماڻهن جي اچ وڃ آهي.

    پاٽ شريف جون مسجدون
    درگاهه فضل الاهي واري مسجد
    پراڻي بازار واري مدينه مسجد
    قاضي شفيع درگاهه واري مسجد
    سومرا محلا واري مسجد
    چنا محلا واري مسجد
    چانڊيه محلا واري حسيني مسجد
    برهماڻي محلا گل حسن فقير واري مسجد
    پرائمري اسڪول واري مسجد
    رڪشا اسٽاپ واري مسجد
    پيٽرول پمپ اسٽاپ واري مسجد
    جوڻيجا محلا واري مسجد
    چانڊيا محلا روڊ واري مسجد
    ملاح محلا واري مسجد
    بازار واري لطيفي مسجد
    پاٽ پراڻي واري مسجد
    درگاهه پنهل شاهه واري مسجد
    بچاءُ بند حافظ قاسم واري مسجد

    پاٽ شريف جا مدرسا

    پاٽ شريف جي مختلف پاڙن ۾ شروع کان وٺي مدرسن جو بنياد وڌو ويو هو، جتي شاگرد ديني تعليم حاصل ڪندا هئا ۽ پاٽ شريف جي ڪجهه مشهور مدرسن جو هيٺ ذڪر ڪجي ٿو.

    مدرسه فضل الاهي: هي مدرسو درگاهه فضل الاهي جي نالي جي نسبت سان قائم ڪيو ويو، جتي مخدوم پاٽائي بزرگ پنهنجي نگراني ۾ هي قديم مدرسو هلائيندا هئا ۽ ان وقت ۾ پڙهندڙ شاگردن کي ديني ۽ دنوي تعليم جهڙي زيور سان نوازيندا هئا، يعني انهن ٻارڙن کي قرآن پاڪ پڙهائڻ سان گڏ عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ جي مضمونن پڙهائڻ تي عبور حاصل ڪرائيندا هئا، سنڌ جي ڪيترن ئي عالمن، اديبن ۽ بزرگن هن مدرسي مان فيض حاصل ڪيو.

    مدرسه صديقين شُهداءِ: هي مدرسو وهندڙي ڀرسان قائم صديقين شهداءِ مسجد جي نالي جي نسبت سان هلندڙ آهي، جيڪو غني ٽرسٽ جي سرپرستن قاضي عبدالستار، قاضي عبدالجبار، قاضي سليم الله ۽ پروفيسر قاضي عبدالشڪور صديقي طرفان تعمير ڪرايو ويو آهي، هن مدرسي ۾ ماهر استادن جي نگراني ۾ شاگرد ديني تعليم پرائي رهيا آهن.

    مدرسه حسيني: هي مدرسو چانڊيا محلا ۾ قائم آهي ۽ قمبر واري سائين سيد غلام حسين شاهه جي خاص مريد فقير مينهون خان چانڊئي پنهنجي مرشد سان عقيدت طور هي حسيني مدرسو قائم ڪرايو آهي، جنهن ۾ هتان جا ٻارڙا صبح جو سوير روزانو قرآن پاڪ پڙهڻ لاءِ ويندا آهن.

    مدرسه عربيه محمديه فيضان القرآن: هي مدرسو چنا محلا ۾ تعمير ڪرايو ويو آهي، هن کان اڳ ۾ سن 1920ع ۾ هتي مدرسو هوندو هو، جيڪو 1973ع تائين هلندو رهيو، پاٽ شريف جي زميندار امير الدين چنا عرف گلزار چنا سن 2009ع ۾ نئين سر خوبصورت بلڊنگ تعمير ڪرائي پنهنجي وڏڙن جي ايصال ثواب خاطر هي مدرسو تعمير ڪرايو، جتي پاٽ شريف جي مشهور عالم حافظ عبدالرزاق ملاح کي معلم جي حيثيت ۾ مقرر ڪيو ويو، جنهن جي نگراني ۾ ڪيترائي شاگرد قرآن پاڪ پڙهي حافظ بڻجي ويا آهن، ان کان علاوه چنا پاڙي جي هڪ ٻي جاءِ تي نياڻين جي لاءِ به مدرسو تعمير ٿيل آهي.

    پاٽ شريف جا قبرستان

    درگاهه فضل الاهي وارو قبرستان: درگاهه فضل الاهي پاٽ شريف واري قبرستان ۾ مخدوم صديقي خاندان جا بزرگ ۽ خاندان جا ٻيا به ڪيترائي فرد دفنايل آهن.

    مدينا مسجد وارو قبرستان: هي قبرستان پاٽ شريف جي پراڻي بازار لڳ آهي، هتي ڀٽي ذات وارن ماڻهن پنهنجي خاندان جا ماڻهو دفنائڻ شروع ڪيا ته هن قبرستان کي ڀٽين وارو قبرستان به چيو ويندو هو، حاجي محمد قاسم لوهر طرفان مدينه مسجد نالي هڪ خوبصورت مسجد به تعمير ڪرائي وئي، اها به هن ئي قبرستان جي ڀرسان آهي، ان کان علاوه هتي آخوند عبدالله ميمڻ ۽ ٻين جون تربتون آهن.

    لطيفي مسجد وارو قبرستان: پاٽ شريف جي شاهي بازار جي وچ تي لطيفي مسجد جوڙايل آهي ۽ ان جي ڀرسان هڪ ننڍڙو قبرستان آهي، جنهن ۾ هتان جو سينيئر صحافي مرحوم عبدالرحمان صديقي، طبي ماهر ميان امداد حسين صديقي ۽ محمد ڇٽل جون مزارون آهن، هن قبرستان ۽ ان جي ڀرسان قاضين واري اوطاق ۽ لطيفي مسجد جو خدمتگار مرحوم احمد فقير ملاح هو، ان جي وفات بعد سندس پٽ مبين احمد، نديم احمد، نعيم احمد ملاح ۽ ٻيا سار سنڀال ڪن ٿا.

    مسڻن وارو قبرستان: مسڻن واري قبرستان کي شهر وارو قبرستان به چيو ويندو آهي، هي تمام قديمي قبرستان آهي، چيو وڃي ٿو ته ڪنهن دور ۾ هندو پنهنجي لاشن جون آخري رسمون به هن ئي قبرستان جي ڀرسان ادا ڪندا هئا، جنهن جا ڪجهه نشان اڃا تائين به موجود آهن ۽ پاسي ۾ پاڻي واري کڏ به موجود آهي، جنهن ۾ انهن لاشن جي خاڪ وڌي ويندي هئي ۽ مسلمانن جو قبرستان ان جي ڀر ۾ هئڻ ڪري هن کي اڄ تائين به مسڻن وارو قبرستان چيو ويندو آهي.

    پاٽ پراڻي وارو قبرستان: پاٽ پراڻيءَ واري دڙي تي به وڏي ايراضيءَ ۾ قبرستان آهي، هن ئي قبرستان ۾ مشهور اولياءَ حاجي پير اسماعيل جي درگاهه آهي ۽ هن قبرستان کي ڪي ڪي ماڻهو حاجي پير اسماعيل وارو مقام به چوندا آهن، هن قبرستان ۾ تاريخ جون ڪيتريون ئي نامور هستيون دفن ٿيل آهن، هن ئي قبرستان جي اوڀر ۽ اتر واري ڪنڊ تي دري شاهه وارو به مقام آهي.

    ناصراڻي قبرستان: هي قبرستان پاٽ شريف جي اوڀر ۾ بچاءُ بند لڳ ڪچي جي علائقي ۾ آهي، ڪنهن وقت ۾ ناصراڻي ڳوٺ جو وجود هوندو هو ۽ ان ڳوٺ جا ماڻهو پنهنجي ميتن کي هتي دفنائيندا هئا، هن ئي قبرستان ۾ الله جي ڪامل ولي سيد ناصر شاهه لڪياري جي درگاهه آهي ۽ ان جي احاطي ۾ ڪجهه سيدن جون مزارون به آهن، هن قبرستان ۽ درگاهه جي سنڀال گادي نشين سيد سڪندر علي شاهه ڪندو آهي ۽ ارباب علي زرداري به خاص خدمتگار آهي.

    انصاري مسجد وارو قبرستان: پاٽ شريف جي اتر ۾ انصاري محلا واري مسجد لڳ قبرستان آهي، جنهن ۾ جوڻيجا، انصاري، ميمڻ ۽ ٻين ذاتين وارن ماڻهن جا عزيز قريب دفنايل آهن، هن مسجد ۽ قبرستان جي سار سنڀال لهڻ لاءِ مرحوم مزاج حسين جوڻيجو اڪثر ڪري حيدرآباد کان ايندو رهندو هو.

    سيد جان محمد شاهه وارو قبرستان: شهر ۾ سيد جان محمد شاهه واري قبرستان ۾ صرف ساداتن جون ئي مزارون آهن، جنهن ۾ وقت جي هڪ يگاني ڪردار ۽ مهمان نواز سيد جان محمد شاهه، تعليمي ماهر ۽ هڪ بهترين شخصيت سيد نور خان شاهه ۽ سيد حسن علي شاهه کان علاوه ڪجهه جيجين سڳورين جون به مزارون آهن ۽ هاڻي سيد نواب علي شاهه ۽ سيد جمال شاهه جي سرپرستي ۾ هنن مٿان مقبرو جوڙايو ويو آهي.

    قاضي قاسماڻيءَ وارو قبرستان: پاٽ شريف جي شهر ٻاهران ڏکڻ طرف قاضي قاسماڻيءَ وارو قبرستان آهي، قاضي قاسماڻي پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي، هن قبرستان ۾ مشهور اولياءَ سيد پنهل شاهه جي به درگاهه آهي ۽ هتي گهڻي کان گهڻا حافظ سڳورا به دفنايل آهن، ان جي ڪري هن کي حافظن وارو مقام به چوندا آهن، چيو وڃي ٿو ته رات جو ڪيترن ئي ماڻهن هن قبرستان جي تربتن مان تلاوت ڪرڻ جا آواز به ٻڌا آهن، هن قبرستان ۾ سنڌ جي ڀلوڙ يڪتاري ۽ چپڙي جي مشهور فنڪار گلشير تيوڻي جي آخري آرامگاهه به هتي ئي آهي، هي تمام پراڻو ۽ قديمي قبرستان آهي، جنهن جي تمام وڏي ايراضي آهي، هن قبرستان ۾ پاٽ شريف کان علاوه آس پاس جي ٻين ڳوٺن نيو ڪلري، اولڊ ڪلري، مٺي واهڻ، بچل چانڊيو، اسماعيل تيوڻو، ڪامل تيوڻو، ناصراڻي ۽ ٻين ڳوٺن جا ماڻهو دفنايا وڃن ٿا.

    دادو ڪئنال وارو قبرستان: پاٽ شريف جي اولهه ۾ دادو ڪئنال وارو قبرستان آهي، هي قبرستان لانگاهه پاڙي جي ڀرسان آهي، هي به تاريخي قبرستان آهي، جنهن ۾ مشهور اولياءَ مخدوم زين العابدين جي درگاهه آهي.

    قاضي شفيع محمد وارو قبرستان: قاضي شفيع محمد وارو قبرستان شهر جي اتر ۾ وهندڙيءَ ڀرسان آهي، هي قبرستان به تمام گهڻو قديمي آهي، ڪنهن وقت ۾ هن قبرستان جي سار سنڀال مشهور قانوندان عبدالوحيد صديقي ڪندو هو ۽ ان کان پوءِ مخدوم عبدالجبار صديقي، عبدالستار صديقي، سليم الله صديقي ۽ پروفيسر قاضي عبدالشڪور پنهنجي وڏڙن جي قبرستان جي سار سنڀال لهن ٿا ۽ هن وقت هتي خوبصورت مسجد ۽ ان جي ڀر ۾ الله سائين جي نالن وارو هڪ وڏو مينار ۽ مدرسو به تعمير ڪرايو ويو آهي، مشهور بزرگن حاجي علي گوهر صديقي، حاجي شفيع محمد قاضي ۽ ٻين جون مزارون به هن ئي قبرستان ۾ آهن.

    پاٽ شريف جون امام بارگاهون
    امام بارگاهه سيد محلا ”محبان قلندر“
    امام بارگاهه لانگاهه محلا
    امام بارگاهه پنهور محلا ”حيدري امام بارگاهه
    امام بارگاهه فقير رجب ڪلهوڙو
    امام بارگاهه لاهوتي قمرالدين چانڊيو ”سفينا شهباز قلندر“
    امام بارگاهه علي نواز عباسي
    امام بارگاهه شيخ محلا
    امام بارگاهه جوڳي محلا

    عزاداري
    پاٽ شريف ۾ عزاداري ته اصل کان ٿيندي پئي اچي پر اهلبيتن سان خاص عقيدت ۽ محبت رکندڙ هتان جي ڪجهه مومنن سيد پڃل شاهه، سيد نثار علي شاهه، غلام قادر ميمڻ، سيد زين العابدين شاهه، سيد ديدار علي شاهه، سيد ذوالفقار علي شاهه، سيد اظهار علي شاهه، لاهوتي شعبان پنهور، قمرالدين چانڊيو، راجا لانگاهه ۽ سيد فدا حسين شاهه اَهِلتَشِيع جي منظم تنظيم سازي جوڙي عزاداري جي شروعات ڪئي ۽ هتي هر سال محرم پاڪ ۾ ستين کان ڏهين تاريخ تائين مختلف امام بارگاهن تان ماتمي جلوس نڪرندا آهن ۽ انجمن قلندري پاڪستان يونٽ پاٽ شريف طرفان 7 محرم تي پنهور محلا مان ماتمي جلوس نڪرندو آهي ۽ سيد زاهد شاهه جي حويلي مبارڪ تي صرف عورتن لاءِ خاص مجلس ٿيندي، جنهن ۾ ذاڪرياڻيون شان اهلبيت بيان ڪنديون آهن، 8 محرم تي شيخ محلا واري امام بارگاهه تان سرائي علي اڪبر شيخ جي اڳواڻي ۾ ماتمي جلوس نڪرندو آهي ۽ شيخ برادري جا ٻاهريان عزادار بسون ڀري اچي هن جلوس ۾ شرڪت ڪندا آهن ۽ بازار ۾ چاقن ڇرين ۽ زنجيرن سان مومن ماتم ڪندا آهن، 9 محرم تي سيد محلا واري امام بارگاهه تان سيد ذوالفقار علي شاهه جي اڳواڻي ۾ ماتمي جلوس نڪرندو آهي ۽ 10 محرم تي لاهوتي قمرالدين چانڊيو واري امام بارگاهه تان ماتمي جلوس نڪرندو آهي، جيڪو بازار ۽ جوڳي محلا واري امام بارگاهه کان ٿيندو راجا لانگاهه واري امام بارگاهه وٽ نهر ٿيندو آهي، هنن سڀني ماتمي جلوسن ۾ مشهور نوحه خوان محمد يوسف سرهيو، اعجاز علي عباسي، سيد فدا حسين شاهه، سيد ذوالفقار علي شاهه، سيد جبار علي شاهه، عطر جوڳي، سيد الطاف شاهه، پنهل چانڊيو، لاهوتي غلام رسول چانڊيو، لاهوتي انور چانڊيو، سيد اظهار علي شاهه، سيد سجاد علي شاهه، قربان علي ڪلهوڙو ۽ محمد بچل ڪلهوڙو پنهنجي پرسوز آواز ۾ نوحه پڙهندا آهن، ان موقعي تي ميڊيڪل ڪئمپ به لڳائي ويندي آهي ۽ پوليس حفاظتي انتظام سنڀاليندي آهي.

    پاٽ شريف جون اوطاقون
    سنڌ جي ٻين ڳوٺن ۽ شهرن جيان مهمان نوازيءَ جي حوالي سان پاٽ شريف ۾ به ڪيتريون ئي اوطاقون هيون، جتي مقامي ماڻهن جون هڪ ٻئي سان ڪچهريون ٿينديون هيون، حال آهر غريب مسڪين ماڻهن وٽ به پنهنجون پنهنجون بيٺڪون هونديون هيون پر پاٽائي زميندارن ۽ ڪجهه ٻين مهمان نواز ماڻهن جون جيڪي اوطاقون مشهور هيون، انهن ۾ ميان فتح محمد جوڻيجو جي اوطاق، رئيس انورالدين انصاري جي اوطاق، رئيس محمد عمر چنا جي اوطاق، خانصاحب عبدالله چنا جي اوطاق، ماستر خالقڏنو چنا جي اوطاق، رئيس عصمت الله جوڻيجو جي اوطاق، رئيس نظر محمد برهماڻي جي اوطاق، جسٽس زيڊ اي چنا جي اوطاق، ولي صاحب واري اوطاق، عمران انصاري ۽ رئيس عبدالغني انصاري واري اوطاق، عبدالعزيز انصاري واري اوطاق، سيد جان محمد شاهه واري اوطاق، سيد قاسم علي شاهه واري اوطاق، شانو لانگاهه واري اوطاق، شجاع احمد جوڻيجو واري اوطاق، مخدوم سڪندر احمد صديقي واري اوطاق، مخدوم افتخار الحق صديقي واري اوطاق، فهيم احمد ميمڻ جي اوطاق، حاجي ڪريم بخش صديقي واري بيٺڪ ”صديقي هائوس“، مرحوم سيد حسن علي شاهه عرف سائين پپو واري اوطاق سندس والد صاحب سيد جان محمد شاهه واري ساڳي اوطاق آهي ۽ ان ئي اوطاق تي جديد طرز تي سيد نواب علي شاهه خوبصورت ۽ پڪي بلڊنگ تعمير ڪرائي آهي، جتي آئي وئي مهمانن ۽ مسافرن کي ماني ٽڪي کارائي سندن خدمت ڪئي وڃي ٿي، ان کان علاوه هتي سيد رياض علي شاهه جي اوطاق، رئيس الهڏنو خان چانڊيو جي اوطاق، سيٺ ڪنڊو خان برهماڻي جي اوطاق، مرحوم محمد مٺل برهماڻي، لونگ خان برهماڻي جي اوطاق، علي گوهر چانڊيو جي اوطاق، رئيس نثار احمد برهماڻي جي اوطاق، عبدالغني سومرو جي اوطاق، منور حسين صديقي واري اوطاق، ميان امداد حسين صديقي واري اوطاق، سيد نورل شاهه واري اوطاق، سائين عزيز الله سومرو واري اوطاق، ارباب علي چنڙ واري اوطاق، محمد جمن خاصخيلي واري اوطاق، رئيس ذوالفقار چانڊيو واري اوطاق سميت ٻيون اوطاقون شامل آهن، هنن اوطاقن مان ڪيتريون ئي اوطاقون وقت ۽ حالاتن سبب اجڙي ويون آهن ۽ ڪي آباد آهن.

    پاٽ شريف جو پوليس ٿاڻو
    پاٽ شريف ۾ شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ سال 1990ع ۾ پوليس پوسٽ قائم ڪئي وئي، اول هي ٿاڻو شهر ۾ قائم ڪيو ويو ۽ ڪجهه عرصي کانپوءِ سرڪاري اسپتال جي خالي پيل ڪجهه ڪوارٽرن ۾ هن ٿاڻي کي شفٽ ڪيو ويو، جيڪو اڄ تائين قائم آهي، پوليس پوسٽ پاٽ شريف تي جيڪي انچارج اڄ تائين ڊيوٽي سرانجام ڏئي چڪا آهن انهن ۾ پنهل خان سولنگي، غلام نبي سولنگي، اعجاز احمد سمون، محمد ايوب بروهي، اعجاز علي سولنگي، امداد علي پتافي، مظفر مهدي، روشن علي ساهڙ، محمد صديق ملاح، مظهر علي جهتيال، نظام الدين برهماڻي، نبي بخش سولنگي، بخت حسين ٻگهيو، مظهر علي پتافي، احمد خان ملاح، غلام مصطفيٰ ابڙو، طارق علي کهڙو، سيد مرتضيٰ شاهه، لشڪري خان پنهور، لونگ خان سولنگي، رجب علي برهماڻي، عبدالستار چانڊيو، علي نواز برهماڻي، غلام حسين برهماڻي، نياز احمد چانڊيو، اڪبر علي چانڊيو، غلام سرور برهماڻي، روشن علي بروهي، علي گل قريشي، قربان علي چانڊيو، محمد رمضان برهماڻي، نثار احمد برهماڻي ۽ ڪليم الله پنهور شامل آهن، هي پوليس پوسٽ رڪڻ پوليس اسٽيشن جي ماتحت ۽ ان جي حد ۾ آهي.

    يونين ڪائونسل پاٽ شريف جي آفيس

    يونين ڪائونسل پاٽ شريف 1945ع کان قائم آهي ۽ 1962ع ۾ لوڪل گورنمينٽ جي تحويل هيٺ اچڻ کانپوءِ هر يونين ڪائونسل با اختيار ٿي ڪم ڪيو، يونين ڪائونسل پاٽ شريف جو آفيس ڪوڊ نمبر 32 آهي، هن آفيس ۾ انتظامي حوالي سان سرڪاري ملازم به مقرر ڪيل آهن ۽ وقت بوقت ملڪ ۾ ٿيندڙ بلدياتي يا مڪاني اليڪشن ۾ عوامي نمائندا چونڊجي اچڻ کانپوءِ يونين ڪائونسل جا انتظام سنڀاليندا آهن. ڄمڻ جي سرٽيفڪيٽ کان ويندي رهائشي سرٽيفڪيٽ، نڪاح نامو، فوتگي سرٽيفڪيٽ پڻ يوسي آفيس مان جاري ڪيا ويندا آهن ۽ شهر جي صفائي سٿرائي سميت ٻيا ڪيترائي ڪم هن ئي آفيس جي ذمي آهن.
    1970ع کان 2017ع تائين مليل رڪارڊ مطابق يونين ڪائونسل پاٽ شريف جا انتظامي سربراهه

    صحت مرڪز پاٽ شريف

    پاٽ شريف جي ماڻهن کي علاج جي سهولت مهيا ڪرڻ لاءِ هتي 1980ع ۾ سرڪاري پراجيڪٽ تحت صحت مرڪز قائم ڪيو ويو ۽ هن کي عام طرح سرڪاري اسپتال به چوندا آهن، 1985ع ۾ هن کي ”BHU“ بيسڪ هيلٿ يونٽ بنايو ويو ۽ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان هڪ ايڪڙ کان وڌيڪ پلاٽ تي هن اسپتال جي بلڊنگ تعمير ڪرائي وئي، جنهن ۾ 25 ڪمرا شامل آهن ۽ انهن ۾ 14 بيڊن لاءِ الڳ الڳ بلاڪ، ڊاڪٽرن ۽ ٻئي اسٽاف لاءِ رهائشي ڪالوني ۽ ايڊمنسٽريٽر بلاڪ شامل آهن، هن اسپتال ذريعي يونين ڪائونسل پاٽ شريف جي اٽڪل چاليهه ڳوٺن جي ماڻهن کي علاج جي مفت سهولت ملي ٿي پر جيتري هن اسپتال جي وڏي بلڊنگ آهي، افسوس سان چوڻو پئي ٿو ته اعليٰ اختيارين ۽ سياستدانن جي بي ڌياني سبب هن کي اپ گريڊ نه ڪيو ويو آهي، اپ گريڊ ڪرڻ سان هن کي ”RHC“ رورل هيلٿ سينٽر جو درجو ملندو ۽ هي صحت مرڪز چوويهه ڪلاڪ عوام کي صحت جي حوالي سان علاج جي سهولت فراهم ڪندو. جنهن ۾ هر وقت عملو موجود هوندو، ميل ۽ فيميل ڊاڪٽر موجود هوندا، ان کان علاوه ايڪسري پلانٽ ۽ آپريشن ٿيٽر ۾ ايمرجنسي جي صورت ۾ آپريشن ڪيا ويندا، هن وقت تائين اسپتال جي ڪجهه حصي جا ته ڪمرائي ڊهي ويا آهن، بهرحال هن اسپتال تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن اسپتال جي ميڊيڪل آفيسرن ۾ ڊاڪٽر امام بخش چنا، ڊاڪٽر مقصود احمد عباسي، ڊاڪٽر عبدالڪريم ميراڻي، ڊاڪٽر غلام الله سمون، ڊاڪٽر محمد نواز کوکر، ڊاڪٽر صلاح الدين لاکير، ڊاڪٽر شعيب قاضي ۽ ڊاڪٽر يامين ٻٻر شامل آهن، جڏهن ته فيميل ڊاڪٽرس ۾ ڊاڪٽر شبنم ڳورڙ، ڊاڪٽر امينه ٻگهيو، ڊاڪٽر صبيحه خاصخيلي، ڊاڪٽر مينا ڪماري ڊيوٽي سرانجام ڏئي چڪيون آهن، ان کان علاوه 20 ليڊي هيلٿ ورڪر، ليڊي هيلٿ سپروائيزر نسيم ميمڻ ۽ شازيه پنهور جي نگراني ۾گهر گهر وڃي علاج فراهم ڪن ٿيون ۽ ان کان علاوه ميل نرسنگ اسٽاف ۾ امير علي پنهور، افضل ملاح، عنايت الله چنا، پير مٺل مليريا سپروائيزر ۽ مفيد احمد چنا شامل آهن، سنڌ جي ٻين اسپتالن جيان هن صحت مرڪز کي به 2008ع کان وٺي (PPHI) جي ماتحت اسٽاف ۽ دوائون ڏنيون وڃن ٿيون.

    يوسي پاٽ شريف جا پرائمري اسڪول

    بوائز اسڪول گرلس اسڪول
    1. GPS مٺي واهڻ 1. GPS مٺي واهڻ
    2. GPS عبدالرحيم برهماڻي 2. GPS پرائمري گرلس اسڪول چنا محلا پاٽ
    3. GPS قادر بخش پاتڻي پاٽ 3. GPS پرائمري گرلس اسڪول مخدوم محلا پاٽ
    4. GPS برهماڻي محلا پاٽ 4. GPS اولڊ ڪلري گرلس اسڪول
    5. GPS مين پرائمري اسڪول پاٽ 5. GPS سيتا ننڍي
    6. GPS اولڊ ڪلري
    7. GPS اسماعيل تيوڻو
    8. GPS درگاهه حاجي پير اسماعيل
    9. GPS غازي پلهه
    10. GPS دٻي
    11. GPS ساٿي پلهه
    12.GPS آندل خان چانڊيو
    13. GPS بهرام خان چانڊيو
    14. GPS چڪ احمدي
    15. GPS سعيد خان چانڊيو
    16.GPS پهلوان سيال
    17. GPS مير محمد چانڊيو
    18. GPS کاٽ ڪولاچي
    19. GPS جعفر چانڊيو
    20. GPS ماڪوڙو ڪنڀر
    21. GPS مسو ڪنڍاڻي
    22. GPS راڄو ديرو
    23. GPS گلڻ جا ڀاڻ
    24. GPS سيتا ننڍي
    25. GPS سيتا وڏي

    پاٽ شريف جا تعليمي ادارا

    علامه آءِ آءِ قاضي بوائز هاءِ اسڪول 1954ع سرڪاري
    قاضي احمدي گورنمينٽ پرائمري اسڪول 1915ع سرڪاري
    گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول 1989ع سرڪاري
    مخدوم شمس الحق پرائمري اسڪول 1959ع سرڪاري
    چنا محلا پرائمري اسڪول 1991ع سرڪاري
    برهماڻي محلا پرائمري اسڪول 1993ع سرڪاري
    قادر بخش پاتڻي پرائمري اسڪول 1994ع سرڪاري
    حافظ محمد قاسم پرائمري اسڪول پاٽ پراڻي 1985ع سرڪاري
    اسلاميه هاءِ اسڪول 1954ع پرائيويٽ
    مسلم هاءِ اسڪول 1966ع پرائيويٽ
    فخر ڪريم ماڊل هاءِ اسڪول 2003ع پرائيويٽ
    مخدومي پبلڪ اسڪول 2008ع پرائيويٽ
    استاد محمد ذاڪر ٽيچرس انسٽيٽيوٽ 2010ع پرائيوٽ

    قاضي احمدي گورنمينٽ ماڊل مين پرائمري اسڪول پاٽ شريف

    قاضي احمدي گورنمينٽ ماڊل پرائمري اسڪول پاٽ شريف تمام قديمي اسڪول آهي، پاٽ شريف جي آنرري مئجسٽريٽ قاضي ميان احمدي صديقي 1915ع ۾ هي اسڪول تعمير ڪرايو ۽ لڳ ڀڳ هڪ ايڪڙ تائين هن اسڪول لاءِ پلاٽ عطئي طور ڏنائين ته جيئن هتان جا ماڻهو تعليم طرف راغب ٿين، هن اسڪول کان پهرين قاضي صاحب پنهنجي اوطاق واري بنگلي ۾ اسڪول کوليو هو ۽ ان کانپوءِ 1915ع ۾ هي بلڊنگ جوڙائي ۽ هن عظيم عاليشان عمارت جي نقاب ڪشائي ان وقت لاڙڪاڻي ضلعي جي ڊپٽي ڪليڪٽر ”ميڪلن“ ڪئي ۽ ان کان علاوه ان تقريب ۾ سر شاهنواز ڀٽو، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، شمس الدين بلبل، سيد الهندو شاهه ۽ ڪجهه انگريز ڪامورن شرڪت ڪئي، هن اسڪول ۾ نم، ٻٻر، ٽالهي، آسرنهن ۽ انبن جا وڻ هوندا هئا ۽ اسڪول آڏو گول چڪري ۾ خوبصورت گلن جا ٻوٽا پوکيل هوندا هئا، جڏهن ته هتي ميندي به پوکيل هوندي هئي، هن اسڪول جي هيڊ ماسترن ۾ مسٽر جيئومل، احمد بخش ميمڻ، حاجي حسن علي شاهه، غلام مصطفيٰ صديقي، مخدوم شمس الحق صديق، محمد عارب ميمڻ، مولا بخش ملاح، محمد بخش ميمڻ، رجب علي سومرو، منظور علي چانڊيو، نور محمد چانڊيو ۽ سڪندر علي چانڊيو شامل آهن. سال 2006ع ۾ ان وقت جي چيف سيڪريٽري سنڌ متوڪل قاضي صاحب پنهنجي اباڻي شهر جي هن اسڪول واري ڪچي بلڊنگ ڊهرائي ساڳئي ئي نقشي سان پڪي عمارت جوڙائي، هن اسڪول کي مين پرائمري اسڪول به چوندا آهن، هن اسڪول ۾ اڄ تائين به اسڪولي شاگردن جي سراسري سٺي ۽ وڌيڪ آهي. هن اسڪول جي سينيئر استادن ۾ الهه بخش ميمڻ، سيد مظفر علي شاهه، غلام قادر عباسي، سيد انور علي شاهه، محمد صفر سولنگي، پيرل ميمڻ، گلاب ميمڻ، ارباب علي عباسي، منير احمد سومرو، فدا حسين چانڊيو، غلام حسين چنا مرحوم، غلام حسين ملاح، عشرت حسين خاصخيلي، عبدالخالق ميمڻ، غلام شبير ميمڻ، نورالنبي ميمڻ، اياز حسين عباسي، عبدالستار ميمڻ، صدام چنا، جميل احمد چنا، فدا حسين خاصخيلي، راهب خان چانڊيو، شامل آهن. اسڪول جو سيميز ڪوڊ 402010448 آهي ۽ اسڪول مئنيجمينٽ ڪاميٽي به ٺهيل آهي، هن اسڪول ۾ ڪيتريون ئي نامور شخصيتون تعليم پرائي چڪيون آهن، جيستائين هن اسڪول جو وجود آهي، تيستائين هن اسڪول جو بنياد وجهندڙ شخصيت قاضي ميان احمدي ولد مخدوم ميان علي گوهر صديقي کي شاگرد دعائون ڏيندا رهندا.

    گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول پاٽ شريف
    پاٽ شريف ۾ نياڻين جي تعليم لاءِ اول مڊل تائين هڪ اسڪول قائم هوندو هو ۽ اهو اسڪول رئيس انورالدين انصاري جي گهر ڀرسان گهٽيءَ جي اتر ۾ هوندو هو، ان اسڪول کي 1989ع ۾ اپ گريڊ ڪري هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو ۽ ان گرلس هاءِ اسڪول جي بلڊنگ سيد محلا ۾ تعمير ڪرائي وئي، هن اسڪول ۾ پاٽ شريف ۽ ان جي آس پاس وارن ڳوٺن جون نياڻيون تعليم پرائين ٿيون، هن اسڪول ۾ هيڊ مسٽريس طور ڊيوٽي سرانجام ڏيندڙن ۾ آپا شهمير انصاري، آپا منصوره چنا، آپا نزيده عباسي، آپا فرزانه چنا، آپا رشيده چنا، آپا تسليم آرائين، آپا افروز صديقي، آپا ڪريما پنهور، آپا شبينا آرائين، آپا ملڪه ناز سولنگي، آپا رشيده سمون، آپا رضيه سلطانه پنهور ۽ آپا ناهيد سومرو شامل آهن.

    علامه آءِ آءِ قاضي گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول پاٽ شريف
    علامه آءِ آءِ قاضي گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول پاٽ شريف 1954ع ۾ قائم ٿيو، ان کان پهرين هي اسڪول اسلاميه هاءِ اسڪول جي نالي سان مشهور هو ۽ تعليمي ماهر سر ڪريم بخش چنا ان پرائيويٽ اسڪول جو ۽ هاسٽل جو بنياد وڌو ۽ تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هن شاگردن جي رهڻ لاءِ پنهنجي ذاتي رهڻ واري جاءِ ۽ ان جو سمورو سامان هاسٽل کي عطئي طور ڏنو ۽ پري پري جا شاگرد ان پاٽ واري هاسٽل ۾ رهندا هئا، ڪريم بخش چنا صاحب طرفان اسلاميه هاءِ اسڪول جي استادن کي پنهنجي کيسي مان پگهار ادا ڪئي ويندي هئي، سندن لاءِ مشهور آهي ته هڪ دفعي پاڻ گهر جا سونا زيور وڪڻي استادن کي پگهار ڏنائون، چنا صاحب جي ئي ڪوشش سان هي اسڪول 1954ع ۾ گورنمينٽ ۾ ضم ڪيو ويو ۽ ڪريم بخش چنا صاحب جي ئي اسرار تي هن اسڪول جو نالو علامه آءِ آءِ قاضي گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول پاٽ شريف رکيو ويو، هن اسڪول ۾ ڪيترين ئي نالي وارين شخصيتن تعليم حاصل ڪئي، هن اسڪول جي پراڻي بلڊنگ ايريگيشن آفيس جي ڀرسان هوندي هئي، سال 1988ع ۾ سرڪاري اسپتال ڀرسان نئين بلڊنگ تعمير ڪرائي وئي، جيڪا اڄ تائين موجود آهي، هن اسڪول ۾ نصابي سرگرمين سان گڏ غير نصابي سرگرميون به ٿينديون رهن ٿيون، اسڪول آڏو ڪشادو ميدان به آهي، جتي شاگرد رانديون کيڏندا آهن ۽ ان کان علاوه مذهبي ۽ ثقافتي ڏهاڙا به ملهايا ويندا آهن، جڏهن ته دادو ڪئنال ڀرسان هجڻ سبب انبن جي سيزن ۾ پڪنڪ به ملهائي ويندي آهي ۽ استادن طرفان شاگردن کي مختلف شهرن ۽ تاريخي ماڳن جو سير ڪرائڻ لاءِ ٽوئر جا پروگرام به جوڙيا ويندا آهن. اسڪول کي ملندڙ فنڊن ۽ ٻين معاملن تي نظرثاني لاءِ (SMC) اسڪول مئنيجمينٽ ڪاميٽي به جڙيل آهي.

    علامه آءِ آءِ قاضي گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول پاٽ شريف جا هيڊ ماستر صاحبان

    علامه آءِ آءِ قاضي بوائز هاءِ اسڪول پاٽ شريف جو جڏهن به ذڪر ڪبو ته هن اسڪول جو بنياد وجهندڙ نامياري تعليمي ماهر ۽ سماج سڌارڪ ڪريم بخش چنا صاحب جو نالو فائونڊر آف اسڪول طور ورتو ويندو آهي، هتي 1954ع کان وٺي 2017ع تائين ڊيوٽي سرانجام ڏيندڙ انهن هيڊ ماستر صاحبان جا نالا هيٺ پيش ڪجن ٿا.
    عبدالقادر چنا ارباب علي شاهه
    حبيب الله صديقي محمد بخش لاشاري
    شهاب الدين عباسي محمد حسن انصاري
    وقت احمد مرزا شرف الدين سومرو
    امير بخش شيخ محمد اسماعيل پنهور
    نندلال ناراني روشن علي صديقي
    شفيع احمد چنا قمرالدين
    عبدالحئي لوڌي محمد صالح راهوجو
    نجيه الله بشير احمد سمون
    محمد صالح سهتو علي اڪبر جهتيال
    غلام محي الدين شاهه گل شبير پنهور
    علي احمد چانڊيو مير نواز ملاح
    عبدالله لاکير
    غلام حيدر سولنگي
    سبز علي ميمڻ
    (هن اسڪول جي مثالي استادن ۾ عبداللطيف صديقي، شاهه محمد ڪولاچي، محمد حسين سومرو، رحيم بخش جوڻيجو، عبدالرحيم چنا، عزيز الله سومرو، حافظ مير محمد چنا، عبداللطيف چنا، دين محمد سومرو، روشن علي پلهه، محمد اڪرم سومرو، نياز احمد برهماڻي، محمد زمان چنا، غلام مصطفيٰ لهٻر،شاهد حسين پلهه، مسرور حسين عباسي، محمد زمان سومرو، رياض حسين چانڊيو، محمد اسلم چانڊيو، اختر عباسي، آصف علي قمبراڻي، علي اصغر ابڙو، محمد الياس آرائين، شفيق الرحمان شامل آهن).

    فخر ڪريم ماڊل هاءِ اسڪول پاٽ شريف
    فخر ڪريم ماڊل هاءِ اسڪول پاٽ شريف 2003ع ۾ قائم ٿيو، نهايت ئي عاليشان بلڊنگ ۽ ڪشادي ميدان وارو هي اسڪول اول نامياري تعليمي ماهر ڊاڪٽر حبيب الله صديقي جو گهر هو، سندن فيملي شفٽ ٿيڻ کانپوءِ پاڻ هن کي اسڪول ۾ تبديل ڪري ڇڏيائون ۽ حاجي ڪريم بخش صديقي جي گهرواري ميڊم فخر ڪريم صديقيءَ جي نالي سان منسوب هي اسڪول پرائيويٽ طور کوليو ويو ۽ بلڪل معمولي فيس تي ٻارڙن کي تعليم ڏني وڃي ٿي. هن اسڪول جي پرنسپالن ۾ ميڊم شهزادي پنهور، آپا فرزانه ملاح، آپا سعيدان صديقي ۽ سر شهاب الدين لانگاهه شامل آهن. جن اسڪول جي تعليم جو معيار وڌائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکيون، ان کان علاوه هن اسڪول ۾ استاد محمد ذاڪر صديقي انسٽيٽيوٽ به کوليو ويو آهي، جنهن ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد ۽ بيورو آف ڪريڪيولم سنڌ جي ذريعي استادن جا PTC ۽ CT وارا ڪورس ڪرايا وڃن ٿا، هن انسٽيٽيوٽ جو پرنسپال ڊاڪٽر حبيب الله صديقي صاحب پاڻ آهي، هن ئي انسٽيٽيوٽ مان ڪيترائي شاگرد انٽر ۽ گريجوئيشن ڪري چڪا آهن.

    ٽيليفون ايڪسچينج پاٽ شريف
    پاٽ شريف ۾ 1970ع کان ٽيليفون ايڪسچينج آفيس قائم ڪئي وئي ۽ پاٽ شريف جي ڪيترن ئي سرنديءَ وارن ماڻهن پي ٽي سي ايل جا ڪنيڪشن ورتا ۽ کين فون تي ڳالهائڻ واري سهولت گهر ويٺي حاصل ٿي ۽ جن ماڻهن وٽ فون ڪنيڪشن نه هوندو هو اهي ٽيليفون ايڪسچينج جي آفيس ۾ وڃي فون آپريٽر کي فون نمبر ڏيندا هئا ۽ پوءِ اهو کين ايڪسچينج سسٽم ذريعي نمبر ملائي ڏيندو هو، ٽيليفون ايڪسچينج پهرين سائين محمد بخش ميمڻ جي گهر جي اوڀر ۾ انصارين جي پلاٽ تي ٺهيل هڪ ڪمري ۾ هوندي هئي ۽ ان کانپوءِ پلهن جي پاڙي ۾ ۽ بعد ۾ بيسڪ هيلٿ سينٽر پاٽ شريف جي هڪ ڪمري ۾ آفيس قائم ڪئي وئي، هن ٽيليفون ايڪسچينج جي آپريٽرن ۾ غلام عباس پلهه، لياقت علي چنا، غلام سرور چنا، قيصر خان سامٽيو ۽ سڄڻ چنا مقرر ٿيل هوندا هئا، 98-1997ع کان پوءِ هي نظام آهستي آهستي ختم ٿيندو ويو ۽ هن وقت موبائل فون جي سهولت عام بڻجي وئي آهي.

    پوسٽ آفيس پاٽ شريف
    پاٽ شريف ۾ 1895ع کان پوسٽ آفيس جي سهولت ميسر ٿي جنهن ۾ سرڪاري طور تي اسٽاف مقرر ٿيل هوندو هو، ڪجهه ذريعن وٽان معلوم ٿئي ٿو ته پاٽ شريف جي پراڻي بازار ۾ پوسٽ آفيس قائم ڪئي وئي هئي ۽ ڪجهه مخصوص گهٽين ۾ پوسٽ وارا باڪس لڳل هوندا هئا ۽ ماڻهو پنهنجا خط پٽ انهيءَ باڪس ۾ وجهندا هئا ۽ ٽپالي روزانو انهيءَ مان اهي خط ڪڍي ويندو هو، ان کان علاوه مني آرڊرن ۽ ٻين ليٽرن جي موڪلڻ ۽ هتي پهچڻ جي سهولت به پوسٽ آفيس ذريعي هئي، خاص ڪري جڏهن پوسٽ ذريعي ڪنهن نوجوان جي نوڪري جو آرڊر پهچندو هو ته اهو خوشيءَ ۾ ٽپالي کي مٺائي کارائيندو هو. پاٽ شريف جي پوسٽ آفيس جو پوسٽ ڪوڊ نمبر (76230) آهي ۽ ايڊريس ۾ لکيو ويندو هو، پوسٽ آفيس پاٽ شريف وايه پيارو ڳوٺ، تعلقو ۽ ضلعو دادو، هن پوسٽ ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏيندڙ عملي جو 1895ع وارو رڪارڊ يا نالا ته نه ملي سگهيا آهن، باقي 1970ع کان پوءِ مقرر ٿيندڙ پوسٽ ماسٽرن ۾ محمد خان جيهو، محمد رفيق پنجابي، غلام سرور چنا، غلام شبير سولنگي، غلام رسول سولنگي، شڪيل احمدپنجابي ۽ پوسٽ مين حاڪم علي چانڊيو ۽ اڪبر علي چانڊيو شامل آهن، بدامني سبب جتي پاٽ جا ٻيا ادارا آهستي آهستي ختم ٿيندا ويا، انهيءَ اثر سبب پوسٽ آفيس پاٽ شريف جو ڪاروهنوار به ٺپ ٿي ويو ۽ 1995ع کانپوءِ هن آفيس کي پيارو اسٽيشن ڏانهن شفٽ ڪيو ويو ۽ پاٽ شريف جي ٽپال اتي پهچندي آهي ۽ پوءِ خانگي طور تي هڪ رٽائرڊ ملازم اهاٽپال پاٽ شريف جي ماڻهن تائين پهچائيندو آهي.

    پاٽ شريف جي آسپاس وارا باغ

    ولي صاحب وارو باغ: پاٽ شريف جي موجوده شهر جي ڀرسان ڪيترائي باغ هئا جن مان ولي صاحب وارو باغ مشهور آهي، جيڪو تمام وڏي ايراضيءَ ۾ آهي، جنهن ۾ انبن، زيتونن، املداس، ڄمون ۽ ليمن جا وڻ آهن ۽ ان کان علاوه موتئي ۽ گلاب جي گلن جا ٻوٽا به پوکيل آهن، زمين جي باقي ايراضي ۾ ڪڻڪ ۽ سارين کان علاوه گاهه به پوکيا وڃن ٿا.

    رئيس محمد عمر چنا وارو باغ: پاٽ شريف جي دادو ڪئنال واري موري جي اولهه ۾ پاٽائي زميندار رئيس محمد عمر چنا جو باغ هوندو هو، جنهن ۾ انبن، ليمن ۽ زيتونن جي وڻن کان علاوه ٻيا وڻ به پوکيل هوندا هئا.

    محمد پريل ميمڻ وارو باغ: پاٽ شريف جي دادو ڪئنال جي اولهه ۾ زميندار سيٺ محمد پريل ميمڻ جو باغ هوندو هو، جنهن ۾ انبن جي وڻن کان علاوه ڦارون جا وڻ به تمام گهڻا هوندا هئا، هن باغ ۾ ٻيا به ڪيترائي وڻ پوکيل هوندا هئا، جيڪي باغ جي سونهن بڻيل هوندا هئا.

    فيض محمد عرف فيضو نوناري وارو باغ: پاٽ شريف جي دادو ڪئنال جي ڀرسان اولهه ۾ برفيءَ جي مشهور ڪاريگر فيض محمد عرف فيضو نوناريءَ جو به باغ هوندو هو، جنهن ۾ تمام گهڻي تعداد ۾ انبن جا وڻ هوندا هئا ۽ انبن لهڻ واري سيزن دوران ته هن باغ ۾ ماڻهن جي اچ وڃ سبب وڏي رونق هوندي هئي، هاڻي ان جاءِ تي ان باغ جا ڪي به آثار ڪونهن.

    انصارين وارو باغ: پاٽ شريف جي وهندڙي ڀرسان اتر طرف انصارين جو تمام وڏو باغ هوندو هو، هن باغ ۾ کجين جا تمام گهڻا وڻ هوندا هئا ۽ انهن کجين جا ڏوڏا ۽ ٻي پڪل کجور تمام گهڻي مشهور هئي.
    پيسومل وارو باغ: پاٽ شريف لڳ ڳوٺ رڪڻ ڀرسان اتان جي هندو زميندار پيسومل جو به مشهور باغ هوندو هو، جنهن ۾ هر قسم جا وڻ ۽ ميوا ٿيندا هئا، هن وقت ان جاءِ تي باغ جا وڻ وڍرائي زمين تي آبادي ڪرائي وڃي ٿي.

    حاضر چانڊيو وارو باغ: پاٽ شريف ڀرسان ڳوٺ نيوڪلري لڳ زميندار ۽ واپاري سيٺ حاضر خان چانڊيو جو مشهور باغ آهي، هن باغ ۾ انبن جا وڻ تمام گهڻا هوندا هئا ۽ هنن وڻن جون انبڙيون شڪارپور موڪليون وينديون هيون، جنهن مان آچار تيار ڪيو ويندو هو، هن باغ جي نالي سان باغ حاضر چانڊيو جو ڳوٺ به آباد آهي.

    سرائي گلڻ چانڊيو وارو باغ: پاٽ شريف لڳ ڳوٺ رڪڻ جي رهواسي مشهور زميندار سرائي گلڻ چانڊيو جي زمين ۾ به باغ هوندو هو، جنهن ۾ ڪيترائي وڻ پوکيل هوندا هئا ۽ هن باغ ۾ هن وقت وڻن جو تعداد گهٽ آهي.


    پاٽ شريف جي ماڻهن کي ملندڙ سهولتون ڪڏهن کان ميسر ٿيون
    پوسٽ آفيس جي سولت 1895ع
    بجليءَ جي سهولت 1967ع
    ڊرينيج سسٽم 1985ع
    سوئي گئس جي سهولت 2005ع
    واٽر سپلاءِ اسڪيم 1990ع
    پاٽ، پيارو لنڪ روڊ 1986ع
    لوڪل گورنمينٽ ڊسپينسري 1950ع
    سرڪاري اسپتال BHU 1985ع
    جانورن جي اسپتال 1985ع
    ٽيليفون ايڪسچينج 1970ع
    پيٽرول پمپ جي سهولت 2004ع
    دادو ڪئنال واري پراڻي موري تعمير 1937ع ۽ رپيئر 1983ع
    دادو ڪئنال واري نئين موري ڊسمبر 2016ع
    اٽي جي چڪي اوائلي دور ۾ اٽي پيسجڻ لاءِ گهر گهر ۾ جانڊهه هوندي هئي.
    گراهمون فون چينجر 1950ع
    ريڊيو 1955ع
    ٽيليويزن 1970ع
    وي سي آر 1980ع
    سي ڊي 1995ع
    مووي رڪارڊنگ 1998ع
    ڪيبل سسٽم 2004ع کان محمد يونس سمون مهراڻ ڪيبل شروع ڪئي
    ايڪوسائونڊ سسٽم 2012ع مخدومي ايڪو سائونڊ
    موبائيل ٽاور ٽيلينار ڪمپني 14 جنوري 2009ع
    انٽرنيٽ 2009ع
    ڪمپيوٽر 1995ع
    ٿري جي سسٽم 26 مارچ 2016ع
    سولر سسٽم 2010ع
    ڊيڪوريشن 2001ع مهراڻ ڊيڪوريشن


    پاٽ شريف جا علماءَ بزرگ

    مخدوم فضل الله پاٽائي
    مخدوم فضل الله صديقي پاٽائي، سيوهڻ مان لڏي پاٽ شريف پهتو ۽ پاٽ ۾ تدريسي عمل ۾ مشغول رهيو، پاٽ شريف ۾ مڪمل سڪونت اختيار ڪرڻ سبب پاٽائي مشهور ٿيو، مخدوم فضل الله هڪ وڏو عالم، اهل دل بزرگ ۽ فارسيءَ جو وڏو شاعر ٿي گذريو، ابتدائي تعليم مخدوم محمد عارف سيوهاڻي ۽ عبدالواحد سيوهاڻي کان حاصل ڪيائين، طريقت ۽ خلافت جو خرقو مخدوم محمد يوسف کنيارويءَ کان حاصل ڪيائين، هي بزرگ فقه جو به وڏو ڄاڻو هو، سندس تحريرون پڻ مشهور هيون، سندس مختلف تحريرن جا مسودا سنڌ جي مختلف قديم ڪتب خانن ۾ موجود آهن، مخدوم صاحب ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن مان سندس فارسيءَ واري لکيل ڪتاب ”اصلاح المصلح المفتاح“ تمام گهڻي شهرت ماڻي، سنڌي ۾ لکيل ”ترتيب الصلواته“ به سندس مشهور تصنيف هئي، ان کان علاوه مخدوم سليم الله صديقي به هن بزرگ جو هڪ ڪتاب ترتيب ڏنو آهي، جنهن جو نالو آهي ”مخدوم فضل الله جو ڪلام“، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪرايو آهي، مخدوم فضل الله صديقي پاٽائي پاٽ شريف جي بزرگن جو نالو روشن ڪيو ۽ اهڙن بزرگن جي ڏنل فيض سبب پاٽ علم جو شهر سڏجڻ لڳو، هن بزرگ سن 1290هجري بمطابق 1873ع ۾ وفات ڪئي، سندس آخري آرام گاهه پاٽ شريف ۾ آهي ۽ سندس نالي سان ”درگاهه مخدوم فضل الاهي“ پاٽ شريف قائم آهي.

    مخدوم حسن الله شاهه پاٽائي
    مخدوم حسن الله پاٽائي ولد وهب الله صديقي پاٽائي سن 1850ع تي پاٽ شريف ۾ ڄائو، هن ننڍپڻ ۾ پنهنجي چاچي مخدوم فضل الله وٽ تعليم حاصل ڪئي، جيڪو پنهنجي وقت جو عارف بالله بزرگ هو، مخدوم حسن الله جي ابتدائي تربيت اهڙي ماحول ۾ ٿي جو علمي بحث، شريعت جي پابندي، روحاني محفلون ۽ اخلاقيات جا درس سندس زندگيءَ جي معمولات ۾ شامل هئا، مولانا نور محمد ۽ سندس فرزند مولانا گل محمد شهدادڪوٽي ۽ مخدوم محمد شفيع پاٽائي جهڙا وقت جا وڏا عالم سندس استاد ۽ رهنما هئا، هن بزرگ وٽ هميشه عالمن ۽ فاضلن جون مجلسون متل هونديون هيون، مخدوم حسن الله پاٽائي پاٽ شريف کانسواءِ سونو جتوئي، مٽياري، درٻيلي ۽ سيوهڻ وغيره ۾ درس و تدريس ۽ تحقيق جي سلسلي ۾ گهڻو وقت اتي گذاريو، سڄي سنڌ ۾ اهڙا سوين نالا آهن جن مخدوم حسن الله پاٽائي کان فيض حاصل ڪيو، انهن مان ڪجهه نالا هي آهي پير غلام مُجدد سرهندي متعلوي مٽياري، مولانا دين محمد وفائي، مخدوم قاضي بصرالدين سيوهاڻي، مخدوم معين الدين سيوستاني، حافظ محمد صادق، مولوي محمد سليمان ٻنوي، مولانا بوالفيض غلام عمر جتوئي، مولوي شهاب الدين هالائي، مولوي محمد صديق سيتائي، مولوي خير محمد جوڻيجو، مخدوم محمد دائود درٻيلائي، مخدوم غلام احمد ملڪاڻي ۽ مخدوم قاضي نصرالله صديقي پاٽائي وغيره شامل آهن، مخدوم حسن الله پاٽائي مختلف علومن جو وڏو ماهر عالم ۽ فقهي مسائل جو محقق فاضل ۽ ڪامل هو، مخدوم صاحب ڏاڍو تکو لکندو هو ۽ ڪنهن به سوال تي جواب ڏيڻ دوران اهڙا ته شرعي دليل ۽ حوالا پيش ڪندو هو جو سوال پڇڻ وارو مطمئن ٿي ويندو هو، ان وقت جا ڪيترائي حڪمران، عالم ۽ ٻيا ماڻهو کائنس تحريرون ڪڍرائي مختلف مسئلن بابت فتوائون جاري ڪرائيندا هئا ۽ مخدوم صاحب ڪنهن به ڪاغذ تي ڪجهه به تحرير ڪندو هو ته ان جي آخر ۾ پنهنجي خاص مهر لڳائيندو هو، چون ٿا ته ان وقت جو واليءَ سنڌ مير شداد خان ٽالپر مخدوم حسن الله جي علمي قابليت مان ايترو ته متاثر ٿيو جو پاڻ پاٽ شريف ۾ هن ڪامل انسان سان خاص ملاقات ڪرڻ لاءِ آيو. مخدوم صاحب جا ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن، جيڪي علمي ذوق ۽ فقهي ڄاڻ جو ثبوت آهن، سندس علمي تصنيفون اڄ به سنڌ جي قديم ڪتب خانن ۾ موجود آهن، مخدوم حسن الله پاٽائي جا فارسي زبان ۾ لکيل ڪتاب هي آهن (1) انساب مشائخ سيوستان، (2) نورالعينين في اثبات علم الغيب للسيد الثقلين، (3) اسماءَالحسنيٰ، (4) تحفته اوليٰ الالباب في رد علي طاعن الاصحاب، (5) ڪحل البصرته شامل آهن، هنن ڪتابن مان ڪجهه ڪتابن جا سنڌي ۾ ترجما پڻ سندس ڏوهٽي مخدوم علي گوهر صديقي ڪيا آهن ۽ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپرايا ويا آهن، مخدوم حسن الله پاٽائي کي مختلف لقبن سان سڏيو ويندو هو، سرتاج العلماءَ، مفتي اعظم، قاضي القضاته افقه الفقه في سند مخدوم حسن الله شاهه الصديقي الپاٽائي وغيره، درويشانه زندگي گذاريندڙ هر دلعزيز هن بزرگ مخدوم حسن الله پاٽائي 20 ربيع الاول 1339 هجري بمطابق 15 ڊسمبر 1920ع تي هن فاني دنيا مان رحلت فرمائي، سندس آخري آرامگاهه درگاهه مخدوم فضل الاهي پاٽ شريف جي روضي ٻاهران پيرانديءَ ۾ آهي.

    مخدوم دين محمد پاٽائي ڀٽائيءَ رح جو دوست
    مخدوم دين محمد ولد مفتي عبدلواحد ڪبير سن 1113هجري تي پاٽ ۾ ڄائو، هي بزرگ وڏو عالم ۽ فقيه هو، ڪتابن ۾ روايت آهي ته هي بزرگ مخدوم دين محمد پاٽائي، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو دوست هو ۽ اهو به معلوم ٿئي ٿو ته مخدوم دين محمد پاٽائي ۽ ڀٽائي رح سرڪار ٻنهي پنهنجون دستارون هڪ ٻئي کي پارايون هيون ۽ پڳ مٽ يار بنيا هئا، هي ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ هڪٻئي جا دوست ٿيا، مخدوم دين محمد پاٽائي کي جڏهن سيوهڻ جو قاضي مقرر ڪيو ويو ته هن پاٽ مان لڏي سيوهڻ سڪونت اختيار ڪئي ۽ سن 1192هجري ۾ وفات ڪيائين.

    مخدوم حافظ شفيع محمد صديقي پاٽائي
    مولانا مخدوم حافظ شفيع محمد صديقي ولد احمدي صديقي سن 1835ع تي پاٽ شريف ۾ ڄائو، مخدوم حافظ شفيع محمد پاٽائي ابتدائي تعليم مخدوم فضل الله صديقيءَ کان حاصل ڪئي ۽ ان کان پوءِ ٻين مڪتبن ۾ درس حاصل ڪيائين، سورنهن سالن جي ڄمار ۾ قرآن شريف ياد ڪيائين، سندس ذهانت جو اعليٰ ثبوت اهو ئي ڪافي هوندو هو جو کيس تفسير، حديث ۽ فقه وغيره جي وڏن وڏن ڪتابن جا حوالا برزبان ياد هوندا هئا، کيس سنسڪرت زبان تي به عبور حاصل هوندو هو، مخدوم شفيع محمد پاٽائي سنڌ ۾ حق بخشائڻ ۽ قرآن پاڪ سان شادي ڪرائڻ جهڙين غلط ۽ غير اسلامي رسمن جي خلاف هو، جڏهن کيس معلوم ٿيندو هو ته ڪنهن امير ماڻهو يا وڏيري جي گهر ۾ غير شادي شده نياڻيون ويٺيون آهن ته پاڻ مختصر جماعت ساڻ ڪري انهن جي در تي پهچي کين سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو هو ۽ پوءِ نتيجي طور ڪيترائي امير ماڻهو پنهنجي نياڻين کي اٿارڻ جو پڪو واعدو ڪندا هئا، پاڻ پاٽ شريف ۾ مدرسو به قائم ڪيائين ۽ ڪيترن ئي طالب علمن جو خرچ پاڻ برداشت ڪندو هو، سندس تحريرن ۾ تفسيرالم، قصيده برده شريف جو منظوم ترجمو، فارسي ۾ لکيل دربيان اصول طريقه تصوف، تحف الهند جو سنڌي ترجمو ۽ المعاني مولف سعد الدين تفتازاني وغيره شامل آهن. صوفياڻي طبيعت رکندڙ هن باڪمال عالم سن 1898ع ۾ وفات ڪئي، سندس آخري آرامگاهه پاٽ شريف ۾ دادو ڪئنال جي ڀرسان آهي.

    علامه مخدوم محمود صديقي پاٽائي
    علامه مخدوم محمود صديقي پاٽائي ولد ميان مخدوم محمد صالح جي ولادت به پاٽ شريف ۾ ٿي، هي بزرگ به پنهنجي وقت جو وڏو عالم، مفتي ۽ صوفي منش انسان هو، شروعاتي تعليم حاجي حسن الله کان حاصل ڪرڻ بعد اجمير شريف ويو، جتي مولانا معين الدين چشتي وٽ درس حاصل ڪيائين، اتان موٽڻ کانپوءِ پاڻ به درس و تدريس سان وابسته رهيو ۽ حڪمت جو به وڏو ماهر هو، علامه مخدوم محمود صديقي عربي ۽ فارسي جو وڏو اديب هو، عام مسئلن تي سندس ڪتاب به لکيل آهن، هن بزرگ سن 1351هجري بمطابق 1932ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس مزار درگاهه فضل الاهي پاٽ شريف جي روضي مبارڪ جي اندر آهي.

    قاضي احمدي ڪبير پاٽائي
    قاضي احمدي ولد قاضي محمد سعيد ٽالپرن جي حڪمراني واري دور پاٽ شريف ۾ قضا واري منصب تي مقرر هو، قاضي مقرر ٿيڻ بعد هن پاٽ شريف واري علائقي ۾ بهتر نموني ۽ ايمانداري سان پنهنجو منصب سنڀاليو، سندس رحلت سن 1842ع ۾ ٿي، سندس سندس ٻه فرزند حاجي علي گوهر ۽ مخدوم حافظ محمد شفيع پڻ سندس وفات کانپوءِ قضا جي منصب تي مقرر ٿيا.


    پاٽ شريف جي ماڻهن جا هٿ جا هنر ۽ مشهور شيون

    هٿ جا هنر

    سنڌ جي ٻين علائقن جيان پاٽ شريف ۾ ۽ ان جي آس پاس وارن ڳوٺن ۾ پورهيت ماڻهو هٿ جي هنر ذريعي پنهنجو گذر سفر ڪن ٿا، ڪي ڪي سگهڙ عورتون ۽ مرد حضرات هٿ جي هنر يا دستڪاري ۾ وڏي مهارت رکن ٿا ۽ قدرت طرفان مليل ان نعمت جو شڪر ادا ڪندي زندگيءَ جو ڪاروهنوار بهتر نموني هلائين پيا، هٿ جي هنرن بابت هيٺ ڪجهه ذڪر پيش ڪجي ٿو.

    ڀرت: پاٽ شريف جي ڪيترن ئي گهرن ۾ عورتون ڀرت ڀرينديون آهن، عام طرح ڀرت آر يا سئيءَ ذريعي ڀريو ويندو آهي ۽ فريم ۾ ٽاڪو ٽاڪو ڪري مڪمل ڪيو ويندو آهي، ڀرت ڀرڻ لاءِ رنگين ريلين جو ڌاڳو ۽ رنگين ڳوٽا استعمال ڪيا ويندا آهن، هن علائقي ۾ ڀرت جا جيڪي قسم يا نمونا تيار ڪيا ويندا آهن، انهن ۾ ڪينويز، هرمچو، ڪنڍي، ڪچو ٽاڪو، پڪو ٽاڪو، موتي ٽاڪو، بينظير ڀرت، ريوڙي ڀرت، گج ۽ اڀي سئي وغيره شامل آهن، هن ڀرت سان چولا، پهراڻ، پاچا، روا، وهاڻا، چادرون، رومال وغيره ڀريا ويندا آهن.

    سنڌي ٽوپي: سنڌي ٽوپي سنڌ جي ثقافت ۽ سونهن آهي ۽ سنڌي ٽوپي ٺاهڻ جو فن اڃا تائين سنڌ ۾ زنده آهي، پاٽ شريف ۾ به ڪيترائي مرد توڙي عورتون سنڌي ٽوپي ٺاهڻ ۾ ماهر آهن، هر علائقي جي سنڌي ٽوپيءَ جي ڊزائين ۽ بيهڪ پنهنجي پنهنجي آهي، هتي دادو ضلعي ۾ جيڪا ٽوپي پاتي وڃي ٿي، اها ئي ڊزائين هتي به تيار ڪئي وڃي ٿي، ٽوپي ٺاهڻ دوران جيڪي شيون استعمال ٿين ٿيون، انهن ۾ بڪرم، ڪپڙو، ڌاڳو، ڳوٽا، موتي، ستارا، هيرا، ٽڪون ۽ ڪلاباز شامل آهن.

    موڙ ۽ ڳانا: موڙن ۽ ڳانن جو ذڪر خاص ڪري سنڌي سهرن يا لوڪ گيتن ۾ ڪيو ويندو آهي، ڪنهن ننڍڙي گهوٽ جي طهر جي رسم هجي يا ڪنهن نوجوان جي شادي هجي، ان ۾ جڏهن گهوٽن کي نرڙ تي موڙ ۽ ٻانهن ۾ ڳانو ٻڌبو آهي ته سچ پچ اها رسم ان خوشيءَ ۾ چار چنڊ لڳائيندي آهي، پاٽ شريف جي ڪجهه گهرن ۾ اهي موڙ ۽ ڳانا ٺاهيا ويندا اهن، جوڳياڻيون عورتون هن هنر ۾ تمام گهڻيون ماهر آهن.

    سڳيون ۽ اڳٺ: پاٽ شريف جي جوڳي پاڙي جون جوڳياڻيون فقير عورتون سڳين ۽ اڳٺ ٺاهڻ جون به وڏيون ماهر آهن، هو سڳين جا مختلف قسم تيار ڪنديون آهن، جنهن ۾ هڪڙيون سڳيون هلڪيون ۽ ساديون هونديون آهن ۽ ٻيون سڳيون وري سٺي ڪوالٽيءَ واريون هونديون آهن، جنهن ۾ سٺن ڳوٽن جو استعمال ۽ پٽ لڳايو ويندو آهي ۽ ان ۾ شيشا لڳائي رنگين زريءَ سان سجائي تيار ڪيون وينديون آهن، اڳٺ وري هڪ ڪاٺ جي خاص فريم تي ٺاهيا ويندا آهن، جنهن کي ڪارچو چئبو آهي ۽ هي به وڏي محنت سان تيار ٿيندو آهي.

    رِلي: پاٽ شريف جي ڪيترن ئي گهرن ۾ عورتون رليون ٺاهينديون آهن ۽ انهن رلين جا ڪيترائي نمونا يا ڊزائنون هونديون آهن، هنن رلين ۾ ڀلي ۾ ڀلي رلي ٽڪ واري رلي هوندي آهي، جيڪا گهوٽن جي سيج لاءِ خاص ڪري استعمال ڪئي ويندي آهي، ان کان علاوه پڙين واري رلي، ٽاپ واري رلي تيار ڪئي ويندي آهي، ڪي ڪي ماهر عورتون بال، گلاس ، پانو، جهاز وغيره جي ڊزائين واريون رليون به تيار ڪنديون آهن.

    دٻڪيون: پاٽ شريف ۽ ان جي ڪجهه آس پاس وارن ڳوٺن ۾ دٻڪيون به تيار ڪيون وينديون آهن، دٻڪيءَ کي پنڊي به چيو ويندو آهي، هيءَ ڪڻڪ جي تيليءَ مان ۽ کجيءَ جي ڦرهي مان به تيار ڪئي ويندي آهي، خاص ڪري عورتون هن جي ٺاهڻ ۾ وڏي مهارت رکن ٿيون، ڪڻڪ جي تيلين مان ڪي ڪي اهڙيون ته خوبصورت ۽ سينگاريل دٻڪيون تيار ڪيون وينديون آهن، جو ڪيترائي ماڻهو پنهنجي گهرن ۽ ثقافتي ڏهاڙن يا خاص موقعن تي اسٽيج تي به سجائي ڇڏيندا آهن، دسترخوان تي جيڪڏهن ماني کائڻ مهل دٻڪي نه هوندي آهي، اهو دسترخوان اڻپورو هوندو آهي.

    کارا: پاٽ شريف جي ڪچي ۽ پڪي جي علائقي ۾ رهندڙ ڪيترائي پورهيت کارن ٺاهڻ جا به ماهر آهن، هي جڏهن ٻني ٻاري تي يا مال چارڻ جي ارادي سان وڃن ٿا ته پنهنجي قيمتي وقت کي ضايع نٿا ڪن، هي پورهيت لئيءَ مان سنها ۽ ڊگها تلهڙ پٽي انهن مان ويهي کارا ٺاهيندا آهن، ڪي وري ٻهراڙيءَ جون ڪيتريون ئي عورتون گهرن ۾ ويهي ننڍا ۽ وڏا کارا ٺاهينديون آهن ۽ اهي کارا سندن گذر سفر جو به ذريعو آهن.

    پاٽ شريف جي مشهور برفي: پاٽ شريف جي برفي هندن جي وقت کان وٺي مشهور آهي، چون ٿا ته ماضيءَ ۾ پاٽ شريف جي پراڻي بازار ۾ ڪجهه هندن جا گهر به هئا ۽ اتي هڪ پوهو مل واڻيو به رهندو هو ۽ ان پوهومل جي گهر ڀرسان مندر به هو، جتي هندو پنهنجي پوجا پاٺ به ڪندا هئا، ان پوهومل بابت معلوم ٿيو آهي ته هي برفي ٺاهڻ جو وڏو ڪاريگر هو ۽ سندس برفي تمام گهڻي ذائقيدار هوندي هئي ۽ هي برفي پري پري تائين مشهور هئي، پوهومل کانپوءِ هتان جي ٻن ڀائرن خير محمد ۽ فيض محمد نوناري ”چنا“ به سٺي برفي ٺاهڻ سکي ويا ۽ هنن ٻنهي ڀائرن پوهومل کان ئي برفي ٺاهڻ جي سکيا ورتي هئي ۽ پاٽ جا ماڻهو هنن جي ٺاهيل اسپيشل برفي ٻين شهرن ڏانهن سوکڙي ڪري موڪليندا هئا، فيض محمد جا پٽ غلام رسول ۽ نبي بخش به برفي ٺاهڻ جا سٺا ڪاريگر رهيا ۽ هن وقت خير محمد جا ٻه پٽ روشن علي ۽ عاشق علي ۽ روشن علي جا پٽ اسد علي، ارسلان، آصف علي ۽ فهد به تمام سٺي برفي تيار ڪندا آهن، هنن پونئيرن پنهنجي وڏڙن جي برفي ٺاهڻ واري فن کي زنده رکيو آهي، هندن جي دور وارن ڪاريگرن هرو، ڀيرو ۽ پوهو واري برفي اڄ تائين مشهور آهي.

    هٿ واريون سيون: پاٽ شريف جي گهر گهر ۾ هٿ وارين سين ٺاهڻ جو رواج به عام هو، خاص ڪري عيد براد ويجهو ايندي ئي سين جي ٺاهڻ جي تياري ڪئي ويندي هئي، وڏڙيون عورتون پنهنجي گهر جي ٻين عورتن سان گڏجي ويهي اٽو ڳوهينديون هيون ۽ اهو اٽو ڪڻڪ جو خاص سنهو اٽو پيٺل هوندو هو، ان کي ٿالهه ۾ ڳوهي پوءِ سين واري مشين کي کٽ جي ٻانهيءَ سان مضبوط ڪري ٻڌندا هئا ۽ ان سين واري مشين کي کٽ سان ٻڌڻ ۾ مرد حضرات سندن مدد ڪندا هئا، ان مشين جي لوهي حصي جي پٺيان هڪ ڪاٺ جي تختي هوندي هئي، جنهن تي ڪوبه ماڻهو ويهي مشين جي هٿئي کي گول ڦيرائيندو هو ۽ ان دوران گهر جون مايون ان ڳوهيل اٽي مان پيڙا يا چاڻان ٺاهي انهن کي تيل هڻي مشين جي منهن ۾ وجهنديون وينديون هيون ۽ هٿئي گهمائڻ سان مشين جي هيٺان لڳل سنهن سوراخن واري ڇاڻيءَ مان سيون ڌاڳي وانگر نڪرنديون وينديون هيون ۽ انهن سين کي ڄاري مان هٿن تي ڇڏائي کٽ تي رکبو ويندو هو ۽ کٽ ڀرجي ويندي هئي ته وري ٻي کٽ تي اهي سيون رکيون وينديون هيون، کٽ تي رکڻ جو مقصد اهو هوندو هو ته جيئن اهي آليون سيون وائکيون ڪري سڪائجن، سين ٺاهڻ کانپوءِ پاڙي جون عورتون پڇا ڪنديون هيون ته ادي اوهان سين جا ڪيترا هٿ ٺاهيا، پوءِ انهن کي تعداد ٻڌايو ويندو هو، هنن هٿ وارين سين جو خاص ذائقو ۽ سواد هوندو هو، هنن کي اول پاڻي ۾ اوٻاري ۽ وري ڪنهن ۾ ڇاڻي پوءِ سيون ڪنهن ٿالهه ۾ وجهي انهيءَ ۾ مکڻ ۽ مٺائي جنهن کي مُستي به چيو ويندو هو، مِلائي پوءِ گهر جي ڀاتين کي کائڻ لاءِ اهي سيون ڏنيون وينديون هيون ۽ پاڙي اوڙي وارن ڏانهن به موڪلبيون هيون، هاڻي ته ٻهراڙي ۾ ڪٿي ڪٿي اهي هٿ واريون سيون ٺاهيون وڃن ٿيون، نه ته شهرن جيان دڪانن تان سيون ورتيون وڃن ٿيون، شايد اسان پنهنجي اصلي ريتن رسمن کان ڄڻ ته دوري اختيار ڪندا پيا وڃون، يا اسان مان محنت موڪلائي وئي آهي ۽ پڪي پڪائي ڏانهن ڊوڙ آهي.

    پيرون: پاٽ شريف جي اوڀر ۾ پاٽ پراڻي تي ۽ ستين واري درگاهه ڀرسان پلهن ۽ دٻي واري ڪچي دڳ سان کٻڙن جا وڻ هوندا هئا، جن ۾ مند آهر پيرون ٿيندا هئا ۽ اهي پيرون ڏاڍا مٺا هوندا هئا، ڪيترائي ماڻهو لوٽا هٿ ۾ کڻي انهن ۾ ٿورو پاڻي وجهي پيرون پٽي انهن لوٽن ۾ وجهي گهر کڻي ويندا، کٻڙ مان اهي پيرون پٽبا هئا جيڪي رسيل هوندا هئا، هاري ناري ايندي ويندي پيرون پٽي پاٽ جي زميندارن لاءِ سوکڙي طور کڻي ايندا هئا، هاڻي ته کٻڙن جا وڻ وڍجي ويا آهن ۽ ڪٿي ڪٿي کٻڙ نظر اچن ٿا.

    کنڀيون: پاٽ شريف جي بچاءُ بند هيٺان اوڀر طرف ڪچي جو علائقو آهي، هتي جڏهن درياءَ جو چاڙهه ٿيندو آهي ۽ پوءِ وري جڏهن اهو درياءَ جو پاڻي بند سان لڳي وري واپس لهي ويندو آهي ته ڪچي ۾ ڄڻ رونق ايندي آهي، ڪٿي ڪٿي سڪي زمين يا وارياسي زمين تي قدرتي طور تي کنڀيون ڦٽي نڪري اينديون آهن، يا وري برسات پوڻ تي به کنڀيون نڪرنديون آهن ۽ ان اڇي رنگ وارين کنڀين کي ماڻهو پٽي ڪچيون به کائيندا آهن ۽ گهر ۾ پچائي ڀاڄي به تيار ڪئي ويندي آهي، مطلب ته کنڀي به قدرتي نعمتن مان هڪ آهي، جنهن جي کائڻ سان خاص ذائقو محسوس ٿيندو آهي.

    ماکي: پاٽ شريف لڳ ڪچي جي علائقي ۾ ڍنڍ جي اوڀر ۾ ڪيترائي وڻ آهن، خاص ڪري مختلف زميندارن وڏيري نورل ڀرٽ، سيد جان محمد شاهه، سيد نور خان شاهه ۽ ٻين زميندارن جي ٻنين ۾ گهاٽا وڻ آهن ۽ انهن ۾ جڏهن ماکي ويهندي آهي ته مقامي ماڻهو اتان اها ماکي لاهي پنهنجي ڪتب آڻيندا آهن ۽ ڪي ماڻهو ته پڪي جي وڻن ۾ ويٺل ماکي به وڏي مهارت سان لاهيندا آهن، هن ماکي ۾ ڪابه ملاوٽ نه هوندي آهي، هن ماکي کي اصل يا نجي ماکي سڏبو آهي، جيڪا ڪيترين ئي بيمارين ۾ کائڻ سان فائدو ڏئي ٿي.


    پاٽ شريف جا پورهيت

    پاٽ شريف جا مشهور لوهار
    پاٽ شريف جي پراڻي بازار ۾ مشهور لوهر رهندا هئا، جيڪي پنهنجي لوهارڪي ڪم جا وڏا ڪاريگر هئا، پاٽ شريف ۽ ان جي آس پاس وارن ڳوٺن جا ماڻهو سندن گراهڪ هوندا هئا، هنن وٽ پراڻي وقت واري سانڌاڻ اڄ به موجود آهي، جنهن جي ذريعي ڏاٽا، ڪات، ڪهاڙا، ڪهاڙيون، ڇريون، ٽڦڙيون ۽ ٻيو لوهو سامان باهه تي تپائي تيار ڪيو ويندو هو، پاٽ شريف جي مشهور لوهارن جا نالا هيٺ پيش ڪجن ٿا جيڪي ذات جا سنڌي پٺاڻ آهن:
    حاجي محمد قاسم پٺاڻ محمد حسين پٺاڻ
    محمد حسين پٺاڻ محمد حسن پٺاڻ
    حاجي منير احمد پٺاڻ صاحب خان پٺاڻ
    حاجي اڪبر پٺاڻ گل محمد پٺاڻ
    علي محمد پٺاڻ

    پاٽ شريف جا مشهور سونارا:
    نبي بخش جويو خدا بخش جويو محمد هاشم جويو

    ٺڪر جا ٿانو ٺاهيندڙ
    پاٽ شريف ۽ ان جي آسپاس وارن ڳوٺن مٺي واهڻ، سعيد خان چانڊيو ۽ سيتا وليج ۾ ٺڪر جا ٿانو ٺاهيندڙ هيٺيان ڪاريگر هئا، جن کي عام طرح ڪنڀر چيو ويندو آهي.
    محمد صديق ڪنڀر، متيرو خان ڪنڀر، بخشل خان ڪنڀر، ليمون خان ڪنڀر، مصري خان ڪنڀر، ميهر خان ڪنڀر، حاجي خان ڪنڀر، ٻڍل خان ڪنڀر، گلبهار ڪنڀر.

    پاٽ شريف جا مشهور حجم
    پاٽ شريف جي حجمن جو جڏهن به ذڪر ايندو ته انهن ۾ منگي ذات سان واسطو رکندڙ مشهور حجمن کي ضرور ياد ڪيو ويندو، جنهن ۾ محمد مشڪ حجم بهترين بورچي به هو ۽ ان کان علاوه هي ڏاڙهي ۽ وارن ٺاهڻ جو به سٺو ڪاريگر هو، هتي ٿيندڙ شادين مرادين ۾ اهڙن حجمن کي گهرايو ويندو آهي جيڪي ڀت ٻوڙ وغيره رڌڻ جا سٺا بورچي هجن، عام طرح انهن کي استاد استاد چيو ويندو آهي ۽ ائين به ناهي ته حجم رڳو منگي ذات وارا آهن، هاڻي ته ٻين ذاتين وارا به هي ڪم سکي ويا آهن ۽ سٺو روزگار حاصل ڪري چڪا آهن، هتان جي مشهور حجمن ۾ محمد مشڪ منگي، اميرالدين منگي، محمد جمن منگي، فقير غلام حسين ڪلهوڙو، حاجي رجب چانڊيو، منظور علي چانڊيو، بخشل عرف بابو منگي، حاجي بهارالدين سولنگي، وڪيل سولنگي، حاجي اعجاز نوناري، رياض نوناري، انصاف نوناري، نزاڪت علي چنا، طاهر علي چنا، مصري خان ٻاٽ، شمن علي ٻاٽ، احسان علي چانڊيو، علي گل پتوجو، يامين ملاح، غلام قادر ملاح، وزير علي ڪلهوڙو شامل آهن، چون ٿا ته اڄ کان تقريبن ويهه سال پهرين جيڪي حجم هوندا هئا، اهي آهت تي يعني نئين فصل جي لهڻ تائين ماڻهن جون مفت ۾ پيا سيربون ڪندا هئا، سيربون يعني انهن جي ڏاڙهي ۽ وار پيا ٺاهيندا هئا ۽ فصل لهڻ دوران انهن حجمن کي پنهنجي پورهئي عيوض ان جون ٻوريون ڏنيون وينديون هيون، هاڻي ته جديد دور آهي، اڄڪلهه بازار ۾ هيئر ڪٽنگ جا ڪيترائي دڪان آهن، جن کي سيلون چيو وڃي ٿو ۽ هر ڪاريگر جي خواهش آهي ته سندس سيلون سينگاريل هجي ته جيئن گراهڪن جي وڌ ۾ وڌ آمد ٿئي، بهرحال هي حجم يا ڪاريگر اسان جي معاشري جا خاص فرد آهن.

    پاٽ شريف جا مشهور درزي
    پاٽ شريف ۾ ڪيترن ئي مشهور درزين جا دڪان آهن، جتي سلائي، ڪڙهائي ۽ ڀرت جو ڪم ڪيو وڃي ٿو، هيٺ انهن ٽيلر ماسٽرن ۽ ڪاريگرن جا نالا پيش ڪجن ٿا.
    مرحوم غلام صديق سومرو، مرحوم حاجي محمد عرس سومرو، مرحوم عبدالرحمان چنا، حاجي بخشل چانڊيو، غازي خان برهماڻي، قمرالدين لانگاهه، غلام شبير تيوڻو، حاجي علي شير برهماڻي، وزير علي تيوڻو، مرحوم حاجي انور چانڊيو، روشن علي سولنگي، عبدالرزاق پنهور، نياز حسين چانڊيو، ذوالفقار برهماڻي، عبدالجبار چانڊيو، مرحوم حاڪم علي تيوڻو، غلام عباس ملاح، امير علي ملاح، آصف علي ميمڻ، سيف الله چنا، مجاهد علي ميمڻ، محمد نواز مهرائي، محمد ابراهيم پنهور، نديم علي چنڙ، مصري خان چنڙ، گل حسن بٺڙ، غلام نبي سولنگي، گل منير ڪلهوڙو، محمد خان تيوڻو، بدرالدين ڀٽي، محمد زمان سومرو، وحيد علي ملاح، صدام ملاح، علي حسن چانڊيو، آصف ڀٽي، شاهد حسين خاصخيلي، نديم علي ملاح، دلدار ملاح، عامر علي پنهور، قمرالدين پنهور، عبدالوحيد پنهور، محمد ايوب لانگاهه، تنوير ملاح، غلام حسين لانگاهه، محبوب علي چانڊيو، مقبول احمد سولنگي، امين ملاح، مجنون چانڊيو، عبدالستار پنهور ۽ محبوب علي ملاح شامل آهن، انهن کان علاوه فيميل درزياڻين ۾ مرحومه جيجي رحيمان سولنگي، آپا بالڻ عباسي ۽ آپا شهربانو عرف شهرو سومرو جي سلائي به مشهور آهي.

    پاٽ شريف جا ڊرائيور ۽ مڪينڪ
    هتي پاٽ شريف جي انهن پروفيشنل ڊرائيورن ۽ موٽرسائيڪل، سائيڪل ۽ ٻين گاڏين جي مرمت ڪندڙ مڪينڪن جو ذڪر ڪجي ٿو، جيڪي پنهنجي شعبي ۾ مهارت رکندڙ رهيا آهن.
    ڊرائيور: الهورايو چنا، شهبازي زرداري، غلام نبي شاهي، سيد غلام نبي شاهه، اميد علي راجپوت، انور علي راجپوت، امام الدين برهماڻي، محمد جمن برهماڻي، نويد علي برهماڻي، امام الدين عرف امن چانڊيو، عبدالحميد زرداري، غلام سرور ملاح، رفيق احمد ملاح، شعيب احمد چنا، محمد آچر خاصخيلي، محمد قاسم ملاح، محبوب علي چانڊيو، اشفاق احمد برهماڻي، اشتياق انصاري.
    مڪينڪ: نور محمد زرداري، غلام قادر چنا عرف قادن، محبوب علي خاصخيلي، نظير احمد عرف وڪيل عباسي، طفيل احمد چنا، تنوير احمد ميمڻ، حافظ علي شير چانڊيو، حاجي خان ملاح، عبدالرشيد زرداري.
    اليڪٽريشن: اڪبر علي ملاح، سيد عزيز الله شاهه، مسرور حسين عباسي، احسان الله چنا، سيف الله چنا، فهيم احمد چنا، غلام سرور سولنگي، خالد حسين چنا، نديم احمد چنا، اسد علي چنا.

    پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا سان تعلق رکندڙ پاٽائي
    مرحوم قاضي عبدالرحمان صديقي (اخبار)، مرحوم عبدالرشيد عرف روشن علي ميمڻ (اخبار)، مخدوم ضياءَالحق صديقي (اخبار)، نصير سارنگ ”نصير ميمڻ“ اخبارن ۽ ٽي وي تي تجزيه)، ماجد علي صديقي (ٽي وي چينل)، غلام مرتضيٰ ميمڻ (اخبار)، سيد نواب علي شاهه (پروڊيوسر پي ٽي وي)، نذير احمد چنا (پروڊيوسر پي ٽي وي)، خالد حسين منگي (اخبار)، محمد اعظم ميمڻ (اخبار)، نور محمد برهماڻي (اخبار)، خليل ميمڻ (اخبار)، امتياز علي ميمڻ (اخبار)، محمد ياسين جوڻيجو (ايف ايم ريڊيو)، حاڪم علي بٺڙ (اخبار)، ايم بچل ڪلهوڙو (اخبار)، جمشيد احمد چنا (ڪئميرامين ٽي وي چينل)، آپا تنوير جوڻيجو (ريڊيو ڪمپيئر)، علي رضا منگي (اخبار ۽ ٽي وي چينل)، بشارت پتوجو (اخبار)، هنن مان ڪافي ساٿي اهڙا آهن جيڪي انهن اخباري ادارن کي ڇڏي چڪا آهن ۽ ڪي وري هاڻي فاني جهان ڇڏي چڪا آهن، اسين هتي ان پيرسن اخباري هاڪر مرحوم عاقل جو به ضرور ذڪر ڪنداسين جيڪو ڦلجي اسٽيشن کان صبح جو سوير پهچي پاٽ شريف جي ماڻهن تائين اخبار پهچائيندو هو.

    پاٽ شريف جا مشهور پيري
    ڪنهن چور وغيره جو پيرو کڻڻ ۾ ڪيترائي ماڻهو مهارت رکن ٿا ۽ ڪيترا ماڻهو ته چوپائي مال جي پير سڃاڻڻ ۾ به وڏي ڏات رکن ٿا، پاٽ شريف ۽ ان جي آس پاس وارن ڳوٺن ۾ به ڪيترائي پيري مشهور رهيا آهن جن مان ڪجهه نالا هيٺ ڏجن ٿا.
    سرائي فتح محمد ڪولاچي، بخشل عرف بخشو تيوڻو، محمد رمضان سولنگي، امام بخش چانڊيو، امام بخش برهماڻي، نواب علي ڀرٽ.

    شهر جي صفائي لاءِ مقرر عملو
    يونين ڪائونسل پاٽ شريف جي آفيس ۾ شهر جي صفائي سٿرائي لاءِ هي ملازم مقرر رهيا آهن، جنهن ۾ سرائي صديق شيخ، سرائي رسول بخش شيخ، سرائي بخشل شيخ، سرائي انور علي شيخ، سرائي اڪبر علي شيخ، سرائي الاهي بخش شيخ، سرائي ولي محمد شيخ، سرائي غلام شيخ، سرائي قربان علي شيخ، سرائي شاهد علي شيخ، سرائي لياقت علي شيخ ۽ عورتن ۾ مائي عالمان شيخ، مائي عنايتان شيخ، مائي ذليخان شيخ ۽ ٻيا شامل آهن.

    پاٽ شريف جا مشهور رازا
    پاٽ شريف جا ڪيترائي مشهور رازا ٿي گذريا آهن، جيڪي پنهنجي ڪاريگريءَ تي فخر ڪندا هئا، انهن مان هيٺ ڏنل رازن جو ذڪر ڪجي ٿو، جيڪي سينيئر ۽ جونيئر رازا پاٽ شريف ۾ رهندا هئا، ڪي ته هي فاني جهان ڇڏي ويا آهن ۽ ڪي زندهه آهن، عبدالله ملاح، محمد صديق، علي محمد ملاح، عنايت علي سومرو، حاجي محمد صفر سومرو، محمد رمضان چنا، حاجي احمد چنا، ليمون خان سومرو، احمد خان سنڌي پٺاڻ، محمد ملاح، محمد رمضان چنڙ، عبدالڪريم سومرو، عبدالحليم سومرو، عبدالغفار سولنگي، چنيسر سولنگي، اقبال احمد ملاح، جان محمد ملاح، سيد محرم علي شاهه، معشوق علي ملاح، لالو محمد بخش سنڌي پٺاڻ، مظهر چنڙ، احمد خان ملاح، محمد پريل ملاح، بشير احمد ملاح، محمد قاسم ملاح، علي ملاح، قمرالدين ملاح، متو خان ملاح، ثناءُالله چنا، صابن ملاح، شهمير ملاح، غلام حسين ملاح، شفيع محمد ملاح، ٽوهه خان ملاح، محمد هاشم ملاح، بخشل خان ملاح، حاجي بچل ملاح، روشن علي ملاح، سچل ملاح، خدا بخش ملاح، غلام شبير ملاح، غلام سرور ملاح، ولي محمد چنا، محمد حسن چنا، غلام صديق عرف دودل لانگاهه، راجا لانگاهه، محمد اعظم لانگاهه، پپو لانگاهه، محمد حاجن زرداري ۽ محمد مٺل زرداري.

    پاٽ شريف جا مشهور ڊکڻ
    محمد صوف سومرو، عبدالغفور سومرو، شفيع محمد سومرو، غلام شبير سومرو، سيد رجب علي شاهه، علي اڪبر سومرو، احمد خان سومرو، محمد اشرف سومرو، محمد ابراهيم ملاح، علي حيدر ملاح، علي گوهر ملاح، الهداد ملاح ۽ امير بخش شاهي.
    پن جي ٻيڙين جا پاٽائي ڪاريگر
    اسان وٽ سگريٽ کان علاوه پن جي ٻيڙي ڇڪڻ جا ڪيترائي ماڻهو عادي آهن، پاٽ شريف ۾ به انڊيه جي پن واري ٻيڙي مشهور آهي. جنهن ۾ تکيون ۽ مٺيون ٻيڙيون تيار ڪيون وڃن ٿيون. عام طرح هنن ڪاريگرن کي ٻيڙين ٻاڌا به چيو ويندو آهي، رسول بخش ملاح، قمرالدين ملاح، شمس الدين ملاح، رانجهن چانڊيو، اياز علي ملاح، ممتاز علي ملاح، شمن علي ملاح، منظور علي ملاح، نظير علي چانڊيو، فدا حسين ملاح، سڪندر علي ملاح، نظير احمد ملاح، قادر بخش ملاح، روشن علي ملاح، ميرل ملاح، محمد پريل ملاح، نياز احمد ملاح، غلام سرور ملاح، حبيب الله ملاح، گوهر ملاح، محمد عثمان ملاح، بشير احمد سولنگي، نواب علي سولنگي، وحيد علي سولنگي، اشرف علي سولنگي، محمد يوسف ملاح، علي شير ملاح، رستم ملاح، سينگار ملاح، ذوالفقار علي ملاح، مختيار علي ملاح، امام الدين ملاح ۽ جلڻ خان ملاح ۽ محمد اسلم ملاح شامل آهن.

    پاٽ شريف جا مشهور ڌوٻي
    ڌوٻي اسان جي معاشري جو اهو پورهيت آهي جنهن کي هڪ خاص اهميت حاصل آهي، هتي پاٽ شريف جي انهن ڌوٻي پورهيتن جا نالا پيش ڪجن ٿا محمد قاسم سومرو، پيرل خان سومرو، صابر حسين سومرو، حاجي مٺل سولنگي، محمد حسن گلال، محمد ابراهيم گلال، محمد عرس گلال، اسرار احمد گلال، محمد الياس گلال، پرويز احمد سومرو، محمد سليمان سومرو، مبين احمد ملاح، صابر حسين گلال، عبدالرسول سنڌي پٺاڻ ۽ عامر علي گلال.

    ٽانگا هلائيندڙ
    هتي انهن ٽانگا وهائيندڙ پورهيتن جو ذڪر ڪجي ٿو جيڪي 1950ع کان وٺي پاٽ کان پيارو اسٽيشن تائين ڪچي دڳ سان ٽانگا هلائي پنهنجي روزي ڪندا هئا، هاڻي ته انهن پورهيتن مان به ڪيترائي وفات ڪري چڪا آهن ۽ چنگچي رڪشا اچڻ بعد هاڻي ٽانگن وارو دور به نه رهيو آهي، ٽانگي جي سواري هر هڪ ماڻهو کي پسند هوندي هئي، هيٺ انهن ٽانگن هلائيندڙ پورهيتن جا نالا پيش ڪجن ٿا: محمد يونس پتوجو، غلام حيدر پتوجو، چاڪر خان چانڊيو، ڪرم علي ڪلهوڙو، الهورايو ڪلهوڙو، محمد عمرچنڙ، گهرام خان شاهي، محمد نورل ميمڻ، پير بخش ڪلهوڙو عرف پيرل فقير ”ڪتاب جي ليکڪ جو والد صاحب“، سبزل جوڻيجو، نواب علي جوڻيجو، محمد آچر ميمڻ، محمد ملوڪ ڪلهوڙو، انور علي ڪنڀر، احمد خان ملاح، پيرل خان سومرو، محمد رمضان ڪلهوڙو، ممتاز علي پنهور، محمد بچل چانڊيو، جاڙو خان ڪلهوڙو، مرز علي برهماڻي، هدايت الله چنا، ڪالو چانڊيو، محمد مٺل چنڙ، ڪرڙ خان چنڙ، ميهر علي چنڙ، شير خان سولنگي، ميوو خان چنڙ، علي نواز چنڙ، نظر محمد پتوجو، مدد علي ڪلهوڙو، علي حسن شاهاڻي، گلاب خان سولنگي، پانڌي خان سولنگي.

    گڏهن تي مٽي ڍوئيندڙ پاٽائي دايا
    هتي عام طرح مٽي يا ڀنجهو کڻندڙ پورهيتن کي دايا چيو ويندو آهي، جيڪي معاشري جا خاص فرد آهن. اسان وٽ علي خان نوناري، معشوق علي نوناري، انور علي نوناري، الهڏنو نوناري، دين محمد نوناري، غلام رسول ڀٽي، نواب علي ڀٽي، دلدار علي ڀٽي، خدا بخش خاصخيلي، ياسين احمد نوناري، وزير علي چنڙ، ڀورو ڀٽي ۽ ٻيا پورهيت پاٽ شريف ۾ هن پورهئي سان پنهنجو گذر سفر ڪن ٿا ۽ هنن مان ڪيترائي پورهيت هي جهان ڇڏي چڪا آهن.

    پاٽائي موچي پورهيت
    پاٽ شريف ۾ موچڪي ڪم جي حوالي سان هي مشهور ڪاريگر رهيا آهن، جنهن ۾ نور محمد ڀٽي، جيئندو لانگاهه، محمد عرس چانڊيو، خادم حسين لانگاهه، رفيق احمد چانڊيو، صوفي غلام نبي شيخ، الاهي بخش شيخ، ميرل شيخ شامل آهن.

    مشهور ڪاسائي
    پاٽ شريف ۾ ڪو دور هو جو روزانو ڇيلي ۽ پاڏي جو گوشت وڪرو ٿيندو هو، پر هاڻي ڪڏهن ڪڏهن ڪاسائي ڪو ڍور ڪُهي وڪرو ڪن ٿا نه ته مرغي ۽ مڇيءَ جو واهپو عام آهي، هتان جي مشهور ڪاسائين ۾ مرحوم ڪاڪو جمعو دايو، مرحوم احمد خان سومرو، غلام شبير سومرو، صاحب خان لوهر، غلام نبي تيوڻو، نورالدين خاصخيلي، محمد ٻڍل لانگاهه شامل آهن.

    پاٽائي دايون
    سماج جي اهم ڪردار دائي کي خاص عزت سان ڏٺو وڃي ٿو، هت مائي هوتڻي، مائي حاجاڻي، مائي راڄ ٻائي، مائي بختاور عرف بکو، مائي هدايت، مائي نصيبان، مائي حليمان پاٽ شريف جون مشهور دايون ٿي گذريون آهن.


    پاٽ شريف جا پتڻ ۽ ڍنڍون

    پاٽ شريف جي علائقي وارا پتڻ
    پراڻي دور ۾ جڏهن ماڻهن کي روڊن ۽ پڪن رستن جي سهولت ميسر نه هئي ته اهي دريائي ٻيڙن ۽ ننڍين ننڍين ٻيڙين ذريعي سفر ڪندا هئا ۽ واپار لاءِ گهربل سامان وغيره به ان ذريعي پهچائيندا هئا، درياءَ جي ڪنارن تي ٻيڙين جي بيهڻ وارين مخصوص جاين کي پتڻ چيو ويندو هو، پاٽ شريف جي ڀرسان دريائي ڪناري تي چار پتڻ هوندا هئا، جنهن ۾ (1) پراڻي رڪڻ وارو پتڻ، (2) ناصراڻي پتڻ، (3) گهلن وارو پتڻ ۽ (4) تڳرن وارو پتڻ شامل هئا.

    پراڻي رڪڻ وارو پتڻ
    هي پتڻ پاٽ شريف جي ڏکڻ ۾ هوندو هو، جيڪو حافظ عرض محمد کوسي جي ڳوٺ جنهن کي پراڻو رڪڻ به چيو ويندو هو، ان جي سامهون پتڻ هوندو هو، جتي ڪيتريون ئي ٻيڙيون بيٺل هونديون هيون، جيڪي ماڻهن کي درياءَ جي هن ڀر کڻي وينديون هيون.

    ناصراڻي پتڻ
    هي پتڻ پاٽ شريف جي سامهون اوڀر طرف ناصراڻي ڳوٺ جي ڀرسان هو ۽ هن کي ناصراڻين وارو پتڻ چئبو هو، جيڪو قادر بخش پاتڻي يا نائکي حوالي هوندو هو، هن پتڻ تان ٻيڙيون مال متاع، اناج وغيره ۽ ماڻهن کي کڻي درياءَ جي هن طرف پهچائينديون هيون، هن پتڻ تي جمع ملاح، محمد صالح ملاح، محمد بخش ملاح ۽ محمد صفر ملاح ٻيڙين هلائڻ جا ماهرهوندا هئا.

    گهلن وارو پتڻ
    گهلن وارو پتڻ به پاٽ شريف جي اوڀر ۽ اتر واري ڪنڊ تي هوندو هو، گهلن جي ڳوٺ جي ڀرسان هئڻ سبب هن تي گهلن وارو پتڻ نالو پئجي ويو، هي پتڻ نائکي ڄام مير بحر حوالي هوندو هو، واحد بخش، محمد رمضان ۽ محمد عرس ملاح هن پتڻ تي ٻيڙيون هلائيندا هئا ۽ آس پاس جي ڪچي ۽ پڪي جي ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهن کي وڏي سهولت هوندي هئي.

    تڳرن وارو پتڻ
    هي پتڻ سيتا وڏي جي ڀرسان هوندو هو، هن پتڻ جي سار سنڀال غلام حسين تڳرائي ملاح حوالي هوندي هئي، جيڪو هن پتڻ جو نائکو يا پاتڻي هو، هن پتڻ تي هلندڙ ٻيڙين جي سهولت مان نئين ڳوٺ تائين ماڻهو فائدو حاصل ڪندا هئا.

    پتڻن جو نظام
    پاٽ شريف جو هڪ جهونڙو پاڻيءَ جو ماهر چاچو محمد اسماعيل ملاح ٻڌائي ٿو ته درياءَ بادشاهه جي چاڙهه وارن ڏينهن ۾ پتڻن تي وڌيڪ ٻيڙيون گهرايون وينديون هيون، ڇو جو چاڙهه دوران ڪچي جي ماڻهن کي پڪي تي آڻڻ لاءِ وڌيڪ ٻيڙين جي ضرورت پوندي هئي، چاچو اسماعيل جنهن جي سڄي عمر پاڻي ۾ مڇي ماريندي گذري ۽ ان پاڻي ۾ ئي حادثاتي طور سندس ٻنهي اکين جو نور به ضايع ٿي ويو، هي ٻڌائي ٿو ته اڳ ۾ پتڻ سرڪاري طور تي نيلام ٿيندا هئا ۽ اتان مقامي ملاح اهي پتڻ ٺيڪي تي سال لاءِ کڻندا هئا ۽ پوءِ اهي ملاح سکر مان نيون ٻيڙيون خريد ڪري ايندا هئا ۽ پوءِ انهن ٻيڙين ذريعي پنهنجو گذر سفر به ڪندا هئا ۽ مڇي به جام مرندي هئي ۽ ان مان به آمدني ٿيندي هئي، هي ٻڌائي ٿو ته پراڻي وقت ۾ هندو واپاري سکر کان کارو ڇاڻ تائين ٻيڙين ذريعي ڪاروبار ۽ ڏيتي ليتي ڪندا هئا ۽ ٻيڙين جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا، ڪي ته وڏا ٻيڙا هوندا هئا، جنهن ۾ کرارن جا کرار وزن رکيو ويندو هو ۽ انهن ٻيڙن ۾ ماڻهن جي ويهڻ جي به تمام گهڻي گنجائش هوندي هئي، باقي ننڍين ٻيڙين ۾ ڊونڊيون، هڙها، ڪٺارون، ساکرو ۽ لانچون هونديون هيون، جنهن جي ذريعي ماڻهن کي درياءَ جي هڪ ڪنڌيءَ کان ٻي ڪنڌيءَ تائين پهچايو ويندو هو، چاچو اسماعيل ٻڌائي ٿو ته هر هڪ ٻيڙي تي پنج کان ست ماڻهو ڪم ڪندا هئا، جيڪي ويڻي، قلمي، ونجهه، رسن، لڪڙن ۽ سڙهه جي سار سنڀال لاءِ مقرر هوندا هئا، ڏکڻ جي هوا گهلڻ سان ٻيڙيءَ جو سفر آسان ٿيندو هو، درياءَ جي ڪن ۾ ٻيڙي ڦاسڻ سان يا گهڻي مينهن ۽ طوفان اچڻ سان ٻيڙين کي حادثا پيش ايندا هئا ته ملاح چوندا هئا ته ڦلاڻي نائکي جي ٻيڙي مارجي وئي، هي ٻڌائي ٿو ته دادو مورو پل قائم ٿيڻ سان پتڻ بلڪل ختم ٿي ويا.

    ڍنڍون ۽ ڍورا
    پاٽ شريف جي آسپاس ۾ ڪيتريون ئي ڍنڍون ۽ پاڻي جا ڍورا آهن، ڪچي جي علائقي ۾ درياءَ جي چاڙهه بعد اهي ڀرجي وڃن ٿا ۽ پڪي جي علائقي واريون ڍنڍون ۽ ڍورا دادو ڪئنال جي پاڻي سان ۽ ڪي قدرتي طور تي سدائين پاڻي سان ڀريل آهن، جنهن مان ماڻهن توڙي جانورن کي فائدو پهچي ٿو، پاٽ شريف جي آسپاس وارن ڍنڍن ۾ ناصراڻي ڍنڍ، سنهڙي ڍنڍ، ميراڻي ڍنڍ، معروفاڻي ڍنڍ، گهلن واري ڍنڍ، مسڻن واري ڍنڍ، اٺ واري ڍنڍ، چڪڻ ڍنڍ، پرڻ ڍنڍ لڳ ٻڍاپور، بصر واري ڍنڍ، جيئو ڍنڍ، ڍورو واهه، تاڳر واهه، دلاهه ڍورو، منڇر ڍورو لڳ چڪڻ ڍنڍ، نئون واهه، دادن واهه، قاضي احمدي واهه، زيڊ اي چنا وارو واهه، ڊاڪٽر مخدوم ظفرالحق وارو واهه شامل آهن جن جي ذريعي زمينون به آباد ڪيون وڃن ٿيون. ان کان علاوه دادو ڪئنال مان نڪرندڙ ويٽنگ چئنل به هوندو هو ۽ پاٽ شريف شهر جي بچاءَ لاءِ چوڌاري رنگ بند به ڏنل هوندو هو. جيڪو هاڻي اهو نه رهيو آهي. باقي وڏو بچاءَ بند موجود آهي.

    مڇيءَ جي پيداوار
    پاٽ شريف جي مختلف ڍنڍن، تلائن ۽ ماڻهن جي ذاتي فش فارمن ۾ جيڪا مڇي جي پيداوار آهي ۽ جيڪا مڇي ماري وڃي ٿي انهيءَ مڇي جا قسم هيٺ ڏجن ٿا.
    ڪرڙو، موراکو، کڳو، ڄرڪو، ٿيري، سينگاري، ڪاري مڇي، فوجي کڳو، گندڻ يا ٻٽو، گانگٽ يا جهينگو، شاڪر، ڇلڙي، ڦاٻڻ، پوپري، ڏاهي، چٽي، گلفام، پلڙي.


    پاٽائي شخصيتون

    علامه آءِ آءِ قاضي
    عظيم مفڪر، فلاسافر، قانوندان، دانشور ۽ عالم


    09 اپريل 1886ع تي جنم وٺندڙ سنڌ جي هن عظيم مفڪر، دانشور ۽ عالم علامه آءِ آءِ قاضي جو تعلق سنڌ جي تاريخي ڳوٺ پاٽ شريف ضلعي دادو سان هو، علامه آءِ آءِ قاضي جنهن جو سڄو نالو امداد علي ولد امام علي قاضي هو، علامه صاحب جو والد صاحب امام علي انصاري سرڪاري ملازمت سبب پاٽ شريف کان لڏي اچي حيدرآباد ۾ رهيو، جتي حيدرآباد جي هڪ بااثر شخصيت محمد حافظ جي وڏي نياڻيءَ سان شادي ڪيائين، جنهن مان امداد علي امام علي (آءِ آءِ قاضي) ڄائو، سندس والد ڪجهه عرصي لاءِ دادو ۽ نوشهروفيروز جو ميونسپل ڪمشنر ۽ آنرري مئجسٽريٽ پڻ ٿي رهيو، علامه آءِ آءِ قاضي جي ابتدائي تعليم لاءِ آخوند عبدالعزيز کي مقرر ڪيو ويو، آخوند صاحب کيس مفتاح الصلواته به پڙهايو، علامه آءِ آءِ قاضي 18 سالن جي ڄمار ۾ سن 1904ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان خانگي طور تي پاس ڪيو ۽ فارسيءَ ۾ جيڪو ان وقت لازمي سبجيڪٽ هو ان ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪيائين، 1905ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان خانگي طور ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين، ميٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ هو علي ڳڙهه ۾ سر سيد احمد خان جي قائم ڪيل ڪاليج ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويو، هڪ سال کانپوءِ علي ڳڙهه مان موٽي آيو ۽ تعليمي سلسلو منقطع ڪري ڇڏيائين، سن 1907ع ۾ پنهنجي ماروٽ ميان عبدالقادر سان گڏجي اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن روانو ٿيو، جتي هڪ سال خانگي طرح ايڪانامڪس ”اقتصاديات“ جي تعليم ورتائين، 1909ع ۾ لنڊن اسڪول آف ايڪانامڪس ۾ داخل ٿيو ۽ ڊاڪٽر ڪنٽن وٽ پڙهيو، علامه صاحب کي مختلف مضمونن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ ۾ جنون جي حد تائين لڳاءُ هو، ڊاڪٽر برائون کان نفسيات جي تعليم ورتائين، فزڪس ۽ بائلاجي به خانگي طور لنڊن ۾ پڙهيو، ڊاڪٽر آرنولڊ کان فلسفي جي تعليم ورتائين، 1910ع ۾ ”لنڪس ان لنڊن“ ۾ ”بار ايٽ لا“ ۾ داخلا ورتائين، تعليم دوران علامه صاحب جي ملاقات مس ايلسا نالي هڪ جرمن ڇوڪريءَ سان ٿي، جيڪا هڪ بلند پايي جي ليکڪا ۽ شاعرا هئي، طبيعتون هڪ ٻئي سان ملي ويون ۽ ٻنهي جي پاڻ ۾ پريت ٿي وئي ۽ 1910ع ۾ ئي ٻنهي شادي ڪئي،علامه صاحٻ 1911ع ۾ بار ايٽ لا جو امتحان پاس ڪري واپس وريو، واپسيءَ بعد مختلف علمن جو مطالعو جاري رکيائين، ڪجهه عرصي بعد وري انگلينڊ هليو ويو، مطالعو جاري رکيائين ۽ 1919ع ۾ وطن واپس وريو، 1921ع ۾ ڪجهه عرصي لاءِ ٽنڊي جان محمد ۾ مئجسٽريٽ مقرر ٿيو ۽ ان کانپوءِ خيرپور رياست ۾ جج مقرر ٿيو، علامه صاحب 1924ع ۾ هڪ مضمون بعنوان ”مشرقي شاعريءَ ۾ غزل جو مقام“ Place of Ghazal in oriental poetry لکيو، هن ليک کي ڏاڍو ساراهيو ويو ۽ کيس انگلينڊ جي شاعريءَ واري سوسائٽي جو نائب صدر چونڊيو ويو، علامه صاحب پهريون سنڌي هو جيڪو هن سوسائٽي جو نائب صدر چونڊيو ويو ۽ هو 1948ع تائين هن عهدي تي رهيو.
    1926ع ۾ علامه آءِ آءِ قاضي صاحب کي خيرپور رياست جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو هوم ميمبر مقرر ڪيو ويو پر ٿوري اندر ملازمت کان بيزار ٿي آگسٽ 1927ع ۾ استعيفا ڏنائين، 1928ع ۾ قاضي صاحب ٻيهر لنڊن ويو، جتي ڪجهه عرصي لاءِ ”لنڊن اسڪول آف اسٽڊيز“ ۾ بحيثيت استاد ۽ ممتحن خدمتون سرانجام ڏنائين، 1932ع ۾ شيخ گوما، الازهر کان لنڊن اسڪول آف اورينٽل اسٽڊيز ۾ عربيءَ جي تعليم ورتائين، لنڊن ۾ 1933ع ۾ ”جميعت المسلمين“ جو بنياد رکيائين ۽ کيس جميعت جو امام مقرر ڪيو ويو، هن جميعت جو مقصد اسلام جي تبليغ ۽ اتي جي مسلمانن جي بهتري ۽ ڀلائيءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ هو، 1933ع ۾ ئي قاضي صاحب پنهنجي اهليه ايلسا قاضيءَ جي تعاون سان ڪتاب لکيو جنهن جو نالو هو “Adventures of a Brown girl in search of God” يعني ”ڀوري ڇوڪري خدا جي ڳولا ۾“ اهو ڪتاب دراصل جارج برناڊشا جي لکيل ڪتاب “A Black girl in search of God” يعني ”هڪ ڪاري ڇوڪري خدا جي تلاش ۾“ جي جواب ۾ لکيو ويو هو، قيام پاڪستان کان ڪجهه عرصو اڳ علامه انگلينڊ مان موٽي ڪراچي اچي رهيو، ان وقت پاڻ هر جمعي تي جناح هاسٽل جي مسجد ۾ اچي خطبو ڏيندو هو، سندس خطبي ٻڌڻ لاءِ هر طبقي جا ماڻهو پري پري کان ايندا هئا، پاڪستان جي قائم ٿيڻ کانپوءِ 1951ع ۾ سائين جي ايم سيد جي زور ڀرڻ تي علامه صاحب لنڊن کي خيرآباد چئي ڄامشوري ڪئمپس ۾ سنڌ يونيورسٽي جو مضبوط بنياد وڌائين. پاڻ 09 اپريل 1951ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ٿيو ۽ پورا 9 سال هن اداري جي بي لوث خدمت ڪيائين، پر جنهن مهل محسوس ڪيائين ته مارشل لا جي غير جمهوري حڪومت ۾ عالمن ۽ دانشورن جي ڪابه اهميت نه رهي آهي ۽ سنڌي زبان ۾ تعليم ڏيڻ خلاف سرڪاري سازشون شروع ٿيون ته علامه صاحب هڪدم وائيس چانسلريءَ تان استعيفا ڏني ۽ پنهنجو پاڻ کي تحقيق ۽ تصنيف ۾ مشغول رکيو، ان ئي زماني ۾ هن حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح جي ڪلام تي تحقيق ڪئي ۽ نئين انداز ۾ ”شاهه جو رسالو“ ترتيب ڏنو، جيڪو پوءِ سنڌي ادبي بورڊ ڇاپي پڌرو ڪيو، علامه صاحب 20 هين صدي جو عظيم مفڪر هو، هو پنهنجي علم، فڪر، فلسفي ۽ ڪردار ۾ يڪتا هو، علامه صاحب سنڌ جي ماڻهن جي ذهني ۽ فڪري آبياري ڪئي. درحقيقت علامه صاحب جهڙا انسان صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن، علامه صاحب 13 اپريل 1968ع تي وفات ڪئي، سنڌ واسي ورسي واري ڏينهن تي کيس زبردست خراج تحسين پيش ڪندا آهن، سنڌ يونيورسٽيءَ جا ڪيترائي شاگرد ۽ استاد سندس آخري آرامگاهه ڄامشوري ۾ حاضري ڀريندا آهن.
    علامه صاحب جي خاص معتقد محترم اي ڪي بروهي صاحب سن 1971ع بمطابق 1391هجري تي علامه آءِ آءِ قاضي ۽ امڙ ايلسا قاضيءَ جي مزارن مٿان مقبرو جوڙايو.

    علامه آءِ آءِ قاضي فائونڊرس ويڪ بابت
    سال 2001ع ۾ وائيس چانسلر مظهرالحق صديقي واري دور ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڏنل تجويز تي عمل ڪيو ويو ۽ 9 اپريل 2002ع کان علامه آءِ آءِ قاضي صاحب جي ياد ۾ هفتو ملهائڻ جي شروعات ڪئي وئي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هن فائونڊرس ويڪ ملهائڻ جو باقاعده افتتاح ڪيو ۽ يونيورسٽي طرفان ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي.
    ان موقعي تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو چوڻ هو ته علامه آءِ آءِ قاضي فائونڊرس ويڪ ملهائڻ جو مقصد اهو آهي ته 9 اپريل تي علامه صاحب يونيورسٽي جي وائيس چانسلر طور ذميواري سنڀالي هئي ۽ 13 اپريل سندس ورسي جو ڏينهن آهي، اهڙي طرح يونيورسٽي اختيارين لاءِ لازم آهي ته هن فائونڊرس ويڪ ۾ ليڪچر پروگرام، سيمينار، لائبريري ۾ بڪ فيئر کان علاوه مختلف شعبن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ تقريري مقابلا منقعد ڪرايا وڃن، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي علامه صاحب سان عقيدت ۽ محبت هئي ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ علامه آءِ آءِ قاضي فائونڊرس ويڪ قائم ٿيڻ به ان جو هڪ مثالي ثبوت آهي ۽ سنڌ يونيورسٽي اختيارين پاران هر سال اپريل مهيني ۾ هي فائونڊرس ويڪ ملهايو ويندو آهي.

    علامه آءِ آءِ قاضي صاحب جون سانڍڻ جهڙيون ڳالهيون
    دين: دين هڪ ئي رهيو آهي، جنهن مختلف دور طئي ڪيا آهن، دنيا ۾ ”اديان“ ڪونهن جيئن عام ماڻهو سمجهن ٿا، جيئن جيئن انسان ذات ترقي ڪندي وئي تيئن تيئن نين ضرورتن کي منهن ڏيڻ لاءِ قدرت جي طرفان سندس تعليم ۽ تربيت ۾ به تبديلي ايندي وئي، کين شريعتون زندگي بسر ڪرڻ لاءِ قاعدا ۽ قانون مليا ۽ نبي مليا جن رهبري ڪئي.
    علم ۽ ادب: علم ادب اهو علم آهي جو انسان کي ۽ ان جي شخصيت کي گهڙي ٺپي ٺيڪ ڪري ٿو ۽ بهتر انسان بنائي ٿو، علم ادب جي تخليق جو دارومدار انساني دل يا قلب تي آهي، قلب جي جيڪا ڪيفيت هوندي انهيءَ مطابق علم ادب تخليق ٿي سگهندو.
    شاعري: شاعري ٻن قسمن جي ٿيندي آهي، هڪ اها جا پرحڪمت هوندي آهي ۽ اها نبوت جو جزو آهي، ٻي اها جا اخلاق کي بگاڙيندي آهي، اهڙي قسم جي شاعري بگڙيل شخصيت جي پيداوار هوندي آهي.
    زندگي: محض کائڻ پيئڻ ۽ عيش عشرت ڪرڻ زندگي ناهي، اها حيواني زندگي آهي، جنهن جو مقصد ”جنس“ کي قائم ڪرڻ آهي، زندگي جي بنيادي نشاني ”حس“ آهي جو حواسن ذريعي پيدا ٿئي ٿو، ظاهري حواس ڪل پنج آهن، ڏسڻ، ٻڌڻ، چکڻ، سنگهڻ ۽ ڇهڻ، انسان جون حواسي قوتون ترقي ڪري تڪميل تي پهچڻ گهرجن، ان بعد عقل جي ۽ آخر ۾ روحانيت جي تڪميل ٿيڻ گهرجي.
    نوجوانن لاءِ پيغام: توهان نوجوان آهيو ۽ توهان جون صلاحيتون جوان آهن، توهان جا جذبا زنده ۽ عزائم بلند آهن، جن جي ذريعي اوهان سڀ ڪجهه ڪري سگهو ٿا، رپين ۽ پئسن جو ڀوت دماغن مان ڪڍو، اهڙا سمورا وسوسا ۽ خدشا دلين مان خارج ڪرڻ کانپوءِ اوهان سڀ ڪجهه ماڻيندا ۽ ڪاميابي اوهان جا قدم چمندي ۽ اوهان جي به اها فطري خواهش پوري ٿيندي جنهن جي هر انسان کي اها خواهش رهي ٿي، شال خدا پاڪ اسان کي نيڪ ۽ صالح ڪري.

    علامه آءِ آءِ قاضي جا لکيل ڪتاب
    VARIETIES OF RELIGIOUS EXPERIENCES
    ADVENTURES OF THE BROWN GIRL IN HER SEARCH OF GOD
    CASUAL PEEPS AT SOPHIA
    PLACE OF GHAZAL IN ORIENTAL POETRY
    SHAH JO RISALO

    مئجسٽريٽ علامه قاضي ميان احمدي صديقي
    جناب قاضي ميان احمدي اول جو شمار انهن خوشنصيب انسان دوست ماڻهن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي خلق خدا جي خدمت کي عبادت جو درجو ڏين ٿا ۽ ماڻهن جي فلاح بهبود لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏين ٿا.
    علامه قاضي ميان احمدي سن 1854ع تي سنڌ جي تاريخي شهر پاٽ شريف ۾ ڄائو، سندس والد صاحب جو نالو مخدوم علي گوهر قاضي هو، سندس ڏاڏو قاضي احمدي ڪبير ميرن جي دور واري حڪومت ۾ هن پوري علائقي جو قاضي هو.
    پاڻ ابتدائي تعليم پنهنجي چاچي شيخ المشائخ مخدوم شفيع محمد قاضي کان حاصل ڪئي ۽ اتي عربي ۽ فارسي پڙهيو، پاڻ ننڍپڻ کان ئي آزاد طبيعت جو مالڪ ۽ حقيقت پسند هو، پاڻ جڏهن 18 سالن جو ٿيو ته پنهنجي چاچي سان اختلاف ان ڪري شروع ڪيائين ته توهان جا معتقد مرد ۽ عورتون توهان جي پيرن ۾ ڇو ٿا ڪِرن، علامه صاحب اهڙين ريتن ۽ رواجن کي غلط سمجهندو هو، ان وقت ۾ پاٽ جي گهٽين مان ڪا عورت لنگهندي هئي ته ان جي آڏو جيڪو ٻارڙو هوندو هو اهو وڏي واڪي چوندو هو ته ”پري ٿي وڃو، پري ٿي وڃو“ ۽ پوءِ مرد يا ته تڪڙا تڪڙا نڪري ويندا هئا يا ته ڀت ۾ ئي منهن ڪري بيهي رهندا هئا ۽ ايستائين بيٺا هوندا هئا جيستائين اها عورت اتان لنگهي نه ويندي هئي، علامه احمدي قاضي صاحب عورتن جي اهڙي پرديداري يا مردن جي شرافت کي ته ساراهيو پر ان سان گڏو گڏ هن محسوس ڪيو ته عورتن کي به تعليم حاصل ڪرڻ گهرجي، قاضي صاحب 19 هين صدي عيسوي ۾ هڪ عظيم عاليشان پرائمري اسڪول پنهنجي خرچ تي تعمير ڪرايو ۽ مارچ 1907ع ۾ پاٽ شريف ۾ عورتن جي لاءِ ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، هن انسٽيٽيوٽ قائم ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته جيئن اهي گهرن ۾ پنهنجي اولاد جو ۽ ٻين ڀاتين سميت پنهنجو علاج ڪري سگهن، اهڙي اعلان تي عمل ان ڪري نه ٿي سگهيو جو ان وقت جي ڪجهه مذهبي عالمن سڳورن سندس مخالفت ڪئي، 1916ع ۾ علامه احمدي قاضي صاحب هندستان جي شهر پونا ۾ آل انڊيا تعليمي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ويو، ان وقت ۾ هندستان جي مڃيل علمائن مان هي به اهم شخصيت هو، پهرين جنگ عظيم ۾ قاضي صاحب کي پاٽ شهر لاءِ اعزازي مئجسٽريٽ جا اختيار ڏئي مقرر ڪيو ويو، 9 جولاءِ 1912ع ۾ فتح پور جتي هن وقت ڳوٺ فتح محمد چانڊيو لڳ ڪي ٽي جتوئي آهي اتي ٻوڏ سبب بند جي خطرناڪ صورتحال هئي ۽ ان وقت جي اسسٽنٽ ڪليڪٽر صاحب هن سڄي صورتحال کان قاضي صاحب کي آگاهه ڪيو ۽ قاضي صاحب ان وقت هزارين رپيا پنهنجي گهران خرچ ڪري بند مضبوط ڪرايو ۽ امڪاني تباهي کان ماڻهن کي بچايو ۽ ان وقت جي انگريز سرڪار خوش ٿي کيس هڪ تلوار، هڪ رائيفل ۽ ڪراچي ۾ جتي هينئر قائداعظم جي مزارآهي اتي ڀرسان ڪجهه پلاٽ انعام طور ڏنا، هڪ دفعي واپارين جي سازش سبب شهر مان اناج غائب ٿي ويو ۽ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي، قاضي صاحب پنهنجي گدامن مان پنهنجي نگراني ۾ غريبن ۾ مفت اناج تقسيم ڪيو. 1910ع ۾ ترڪن جي امداد لاءِ پاڻ وڏي جدوجهد ڪيائين، پاڻ ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن کان علاوه پنهنجي ذاتي ملڪيت مان به انهن جي مدد ڪيائين ۽ اهو سمورو امدادي سامان ڪراچي جي هلال احمر انجمن حوالي ڪيائين، سياسي حوالي سان علامه صاحب سنڌ جي ڪيترين ئي سياسي جماعتن جي مالي مدد ڪرڻ فرمائي، جنهن ۾ جماعت اسلامي، سنڌ زميندار ايسوسيئيشن، محمدن ايسوسيئيشن وغيره شامل آهن، قاضي صاحب اڪثر ڪري مختلف سياسي جماعتن جي پروگرامن جي صدارت ڪرڻ به فرمائيندا هئا، سنڌ جي اهم شخصيتن حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، سيد الهندو شاهه، سر شاهنواز ڀٽو ۽ رئيس شمس الدين بلبل سان سندس تمام گهڻي ويجهڙائپ هئي، رئيس شمس الدين بلبل قاضي صاحب جي ويجهي مائٽ مخدوم نظام الدين صديقي جو مريد هو، قاضي صاحب لاڙڪاڻي ضلعي جو يعني ان وقت ۾ لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعي جي گڏيل حدن جو ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ ٿيو ۽ اعزازي مئجسٽريٽ هئڻ باوجود سندس زندگي تمام سادگي سان گذري، هو هڪ اعليٰ منتظم، سياستدان، ماهر تعليم ۽ هميشه انصاف جي اصولن تي هلڻ وارو نيڪ انسان هو. علامه قاضي احمدي صاحب 1924ع ۾ وفات ڪئي.  

    آفتاب قاضي ”گورنر اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان“
    آفتاب قاضي صاحب جو مڪمل نالو اي جي اين قاضي يعني آفتاب غلام نبي قاضي هو، پاڻ 6 نومبر 1919ع تي پاٽ شريف ۾ ڄائو ۽ سندس ذات انصاري هئي، سندس والد صاحب خانبهادر غلام نبي قاضي جو شمار اهم شخصيتن ۾ ٿئي ٿو، آفتاب قاضي انگريزن جي دور کان وٺي سول سرونٽ طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيڻ شروع ڪيون ۽ پوءِ پاڪستان جي آزاد ٿيڻ کانپوءِ به ڊگهي عرصي تائين اهم اهم عهدن تي فائض رهيو ۽ هن پاٽائي شخصيت کي اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي گورنر ٿيڻ جو اعزاز حاصل ٿيو، آفتاب قاضي 1944ع ۾ انڊيا جي بهار ۽ اڙيسا جو ڊپٽي ڪمشنر به ٿيو ۽ 1947ع کانپوءِ سيڪريٽري فنانس، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري جو بريف اسسٽنٽ، يونائٽيڊ اسٽيٽ آف آمريڪا جو سفير، چيئرمين واٽر اينڊ پاور ڊولپمينٽ اٿارٽي، سيڪريٽري فار انڊسٽريز اينڊ نيچرل ريسورسز، سيڪريٽري جنرل فنانس اينڊ اڪنامڪس ڪوآرڊينيشن، ايڊوائيزر اڪنامڪ پريزيڊنٽ آف پاڪستان، 1978ع ۾ گورنر اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ٿيو ۽ ان کانپوءِ 1993ع ۾ پرائيويٽائيزيشن ڪميشن جو چيئرمين جي عهدي کانپوءِ 1994ع ۾ چيف ايگزيڪيوٽو آف دي پاڪستان بورڊ به رهيو، آفتاب قاضي کي پاڪستان جي اهم حڪمرانن يحيٰ خان، ذوالفقار علي ڀٽو، ايوب خان، غلام اسحاق خان، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ ٻين جي حڪومتن ۾ ساڻن گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، اسٽيبلشمينٽ جي حوالي سان بهترين ذميواريون سنڀالڻ تي کيس 1966ع ۾ ستاره پاڪستان ۽ 1969ع ۾ کيس اسٽار آف سروس جي ايوارڊن سان نوازيو ويو، آفتاب قاضي صاحب 9 آگسٽ 2016ع تي وفات ڪئي ۽ سندس آخري آرامگاهه اسلام آباد ۾ آهي.

    ڊاڪٽر حبيب الله صديقي پاٽائي/ علمي ادبي شخصيت

    سنڌ جي ناليواري اديب، محقق، دانشور ۽ تعليمي ماهر ڊاڪٽر حبيب الله صديقي ولد ڪريم بخش صديقي پهرين جنوري 1937ع تي پاٽ شريف ۾ ڄائو، پاڻ علمي ادبي ميدان ۾ لازوال خدمتون سرانجام ڏنائين ۽ اعليٰ عهدن تي به رهيو، سندس تعليم ايم اي، ايم ايڊ فرسٽ ڪلاس، فرسٽ پوزيشن ۽ پي ايڇ ڊي گولڊ ميڊلسٽ آهي، هن پنهنجي ڪيريئر جي ابتدا جولاءِ 1953ع ۾ انگريزي استاد جي حيثيت سان ڪئي، ڪجهه وقت لاءِ سپروائيزر ايجوڪيشن به رهيو، 1972ع کان دادو ۾ سب ڊويزنل ايجوڪيشن آفيسر رهيو، 1976ع کان ڊپٽي ڊائريڪٽر سيڪنڊري مقرر ٿيو، 1979ع کان مختلف ضلعن ۾ ڊي اِ او جي پوسٽ تي رهيو، 1988ع کان سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو جو سيڪريٽري ٿيو، 1990ع ۾ بدين ضلعي جو ڊي اِي او مقرر ٿيو، 1991ع ۾ سيڪنڊري ۽ پرائمري ايجوڪيشن حيدرآباد ڊويزن جو پراجيڪٽ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو، جولاءِ 1993ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جو ڊائريڪٽر سيڪنڊري ايجوڪيشن ٿيو، آڪٽوبر 1993ع تي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو جو چيئرمين مقرر ٿيو، 1994ع کان ڊائريڪٽر بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن ونگ ڄامشورو جي عهدي تي رهيو ۽ آگسٽ 1996ع کان ايڊيشنل سيڪريٽري اڪيڊمڪ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ سنڌ ڪراچي به رهيو، 31 ڊسمبر 1996ع تي ان عهدي تان رٽائرڊ ٿيو ۽ رٽائرمينٽ بعد کيس ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ريسرچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ۾ ڊائريڪٽر جون ذميواريون سونپيون ويون، ڊاڪٽر حبيب الله صديقي پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ به هڪ منفرد انسان آهي، پاڻ 1954ع ۾ شادي ڪيائين ۽ اولاد ۾ کيس 4 نياڻيون ۽ 5 پٽ آهن، سندس طبيعت نرم مزاج ۽ چهري تي هميشه هلڪي مرڪ هوندي اٿس، پنهنجي ڳوٺ مان ڄامشوري شفٽ ٿيڻ بعد پنهنجي ڳوٺ واري گهر تي تدريسي عمل جاري رکندي اسڪول تعمير ڪرايائين ۽ ان کان علاوه ”عزت حبيب ٽرسٽ“ جي فلاحي اداري جوڙڻ بعد ڪيترن ئي غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي سهائتا ڪيائين، ڊاڪٽر حبيب الله صديقي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ پاٽ شريف جو تاحيات ميمبر به آهي ۽ ڳوٺ جي ڀلائي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ آهي، ڊاڪٽر حبيب الله صديقي جڏهن 8 يا 9 سالن جي عمر جو هو ته هن ان زماني ۾ هڪ ڪهاڻي لکي هئي ۽ پوءِ لکندي لکندي سنڌ جي صف اول جي ليکڪن ۾ شمار ٿي ويو، ريڊيو ۽ ٽي وي چينلن تي مختلف موضوعن يا خاص اشوز تي سندس تبصرا ۽ تجزيا جاري رهيا آهن، بزم روح رهاڻ، انجمن آفتاب ادب، محمد عثمان ڏيپلائي ٽرسٽ، سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم حيدرآباد، سنڌي ادبي سنگت ۽ سگا شاخ پاٽ شريف پاران ساڻس رهاڻيون رچايون ويون، کيس 1991ع ۾ صدر پاڪستان غلام اسحاق خان طرفان اسڪائوٽ ايوارڊ مليو ۽ ان کان علاوه سگا پاران تعليمي خدمتن تي کيس ٽي گولڊ ميڊل مليا، ايم ايڊ ۾ فرسٽ ڪلاس پوزيشن حاصل ڪرڻ تي چانديءَ جي ٽرافي، ادبي حوالي سان قلندر شهباز ايوارڊ ۽ ٻيا به ڪيترائي ايوارڊ ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ مليل اٿس، پاڻ هن وقت تائين به لکڻ جي سلسلي کي جاري رکيو پيو اچي، سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن.
    ڊاڪٽر حبيب الله صديقي جا لکيل ڪتاب
    درياءَ ۽ سامونڊي ڪناري سان زندگي 1981ع سنڌي
    رچنائون، شعري مجموعو 1983ع سنڌي
    ايجوڪيشن ان سنڌ پاسٽ اينڊ پريزنٽ 1987ع انگلش
    علامه آءِ آءِ قاضي مشنري اسڪالر آف اسلام اينڊ آرڪيٽيڪ آف يونيورسٽي ايجوڪيشن ان سنڌ 1989ع انگلش
    وارداتون، شعري مجموعو 1994ع سنڌي
    تاريخ بابا الاسلام سنڌ 1996ع سنڌي
    پيسز آف شگر ڪئنڊي 1997ع انگلش
    انسان جي تاريخ جلد پهريون 2002ع سنڌي
    انسان جي تاريخ جلد ٻيو 2002ع سنڌي
    ايجوڪيشن ان سنڌ پاسٽ اينڊ پريزنٽ 2007ع انگلش
    هڪ قلم هڪڙو مان 2008ع سنڌي
    آءِ ڊڊ ماءِ جاب ايڪس روٽين
    اي ڊرافٽ ڪوڊ آف ايٿڪز فار دي ٽيچر انگلش
    ائن آئوٽ لائين اسڪيم فار پروائيڊنگ ماڊل پرائمري اسڪولس ان رورل ايريا انگلش
    مغربي قومن جي تهذيب ۽ سياسي تاريخ سنڌي
    ڪامل انسان سنڌي
    سنڌو سڀيتا سنڌي
    ڪيئي ڪهاڻيون سنڌي
    سنڌ ۾ موسيقيءَ جي اوسر سنڌي
    دي ورلڊ آف مين انگلش
    تاريخ باب الاسلام سنڌ حصو ٻيو سنڌي
    قصو مختصر ، شعري مجموعو سنڌي
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڊولپمينٽ ميوزڪ اينڊ سنڌ نگلش
    تازو ڪلام، شعري مجموعو سنڌي
    لائيف آن ريور بينڪس اينڊ سي شورءَ انگلش
    سيرت مصطفيٰ صه لائيف آف هولي پرافيٽ محمد صه پيس بي اپانهم انگلش
    ايجوڪيشن پرابلمز آف پاڪستان وٿ اسپيشل ريفرنس ٽو دي پراونس سنڌ پاڪستان انگلش
    دي سن آف ڊزرٽ، بائيو گرافي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو انگلش
    ائن انٽروڊڪشن ٽو شاهه مقدمه لطيفي انگلش

    عبدالغفار صديقي پاٽائي/ علمي ادبي شخصيت
    عبدالغفار صديقي ولد نجم الدين صديقي تاريخ 7 جون 1939ع تي پاٽ شريف ۾ جنم ورتو، ابتدائي تعليم سان گڏ عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم به پاٽ مان حاصل ڪيائين، ان کانپوءِ نوشهروفيروز جي مدرسه هاءِ اسڪول ۾ ٻه سال انگريزي پڙهيو، بعد ۾ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ داخلا ورتائين ۽ 1957ع ۾ امتيازي حيثيت سان ميٽرڪ پاس ڪيائين ۽ پوءِ استادي پيشي سان منسلڪ ٿي ويو ۽ پنهنجي پڙهائي به جاري رکيائين، گريجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ کيس 1974ع ۾ بيورو آف ڪريڪيولم ۾ سندس مقرري ٿي ۽ سال 1982ع کان سنڌ صوبي جي مسجد اسڪولن جو چيف ڪوآرڊينيٽر مقرر ٿيو ۽ انهيءَ اهم اداري ۾ صديقي صاحب جي سربراهي ۾ هزارين اسڪول کوليا ويا ۽ ڪيترن ئي بيروزگارن کي روزگار حاصل ٿيو، 1989ع ۾ کيس ترقي ڏئي تعليم کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، جتان پوءِ 1991ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ٿيو، 1994ع ۾ انسپيڪٽر ٽيچرس ٽريننگ ڪاليجز مقرر ڪيو ويو، صديقي صاحب دنيا جي 25 ملڪن کان مٿي غير ملڪي دورا ڪري چڪو آهي، علمي ادبي خدمت ڪندي پاڻ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ڪراچي کان علاوه ٽي وي چينلن تان تعليم، تاريخ، مذهب، قرآن پاڪ و حديث ۽ لطيفيات تي ڪيترائي ليڪچر، تجزيا ۽ تبصرا ڪندو رهيو آهي، ڪيترين ئي سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ سندس مضمون ۽ مقالا شايع ٿيندا رهن ٿا، پهرين کان ٻارهين ڪلاس جي ڪورس اسلاميات، سماجي اڀياس، سنڌي ۽ سائنس ۾ سندس تصنيفون شامل آهن، پاڻ پي ٽي سي ڪورس به ترتيب ڏنائين، سندس خدمتن تي کيس سچل، ڀٽائي، شهباز ۽ سگا ايوارڊ مليل آهن، عبدالغفار صديقي صاحب جون علمي ادبي خدمتون اڃا تائين جاري آهن.

    جسٽس عبدالوحيد صديقي پاٽائي/وفاقي شرعي عدالت جو اڳوڻو جج
    عبدالوحيد صديقي ولد شفيع محمد صديقي پاٽائي سن 1939ع ۾ پاٽ شريف ۾ ڄائو، پاڻ ابتدائي تعليم کان وٺي گريجوئيشن تائين مختلف تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪئي، ان کان پوءِ پاڻ اورينٽئل ڪاليج حيدرآباد ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو، ان دوران سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري انڪم ٽيڪس آفيسر ٿيو، ڪجهه عرصي کانپوءِ ملازمت ڇڏي روحانيت جو سفر اختيار ڪيائين ۽ پوءِ سائنسي روحاني تحريڪ شروع ڪندي ڪيترائي ڊمي سائيز وارا ڪتاب ۽ پمفليٽ شايع ڪرايائين، صديقي صاحب سنڌ سان محبت ڪندي انقلابي ساٿين سان گڏجي ون يونٽ خلاف ۽ سنڌ جي ٻين قومي مسئلن تي ”فولاد فقير“ جي نالي لکندو رهيو، ضياءُالحق جي ڏينهن ۾ مجلس شوريٰ جو ڪجهه عرصي لاءِ وفاقي شرعي عدالت ۾ جج به مقرر ٿيو، عبدالوحيد صديقي صاحب جون ڪيتريون ئي تحريرون مذهب، تاريخ ۽ ٻاراڻي ادب بابت منظر عام تي اچي چڪيون آهن.

    جسٽس عبدالوحيد صديقي جا لکيل ڪتاب
    اسان جا ابا ڏاڏا 1960ع
    سچوارين 1960ع
    تاريخ اسلام (5 جلد) 1962ع
    پٿر جي دور جو انسان 1967ع

    خانصاحب عبدالله چنا/ اهم عهدا ماڻيندڙ
    خانصاحب عبدالله چنا ولد حاجي محمد يوسف چنا، 23 مئي 1902ع تي پاٽ شريف ۾ ڄائو، بنيادي تعليم ۽ قرآن پاڪ جي تعليم ڳوٺ ۾ ئي حاصل ڪيائين، انگريزي تعليم نوشهروفيروز مان حاصل ڪيائين ۽ ميٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ 1921ع ۾ علي ڳڙهه يونيورسٽي مان انٽر ڪرڻ بعد ستت ئي نوشهروفيروز جي مدرسي ۾ استاد مقرر ٿيو، جتي رئيس غلام رسول خان جتوئي ”والد صاحب مرحوم غلام مصطفيٰ جتوئي سابقه وزيراعظم“ ۽ ٻيا ڪيترائي شاگرد سندس زير تعليم رهيا، 1923ع ۾ هن علي ڳڙهه يونيورسٽي ۾ بي اي جي داخلا ورتائين ۽ گريجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ ٿوري وقت لاءِ مهاراج جئپور هندستان جو پرنسپل سيڪريٽري رهيو ۽ اتي سر شاهنواز ڀٽو سان سندس ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون، ان کان ايل ايل بي ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ جي درخواست ڏنائين پر انهيءَ دوران کيس 1925ع ۾ روينيو کاتي ۾ نوڪري ملي ويس ۽ 1927ع ۾ مختيارڪار ٿيو ۽ پوءِ لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر به رهيو، 1938ع ۾ روينيو جي وزير پير الاهي بخش کيس پنهنجو پرائيويٽ سيڪريٽري مقرر ڪيو، 1942ع ۾ لاهور سول آفيس ڪاليج ۾ هوائي جهازن جي بچاءُ جو آفيسر اول مقرر ٿيو، 1945ع ۾ کيس ڪورٽ آف وارڊس جو اسسٽنٽ مئنيجر بنايو ويو، 1948ع ۾ سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد تعمير ڪرايائين ۽ قانون پڙهايائين، 1949ع ۾ جڏهن ڊائريڪٽر سروي آف لينڊ رڪارڊ سنڌ جو عهدو مليس ته پاڻ ٿر جي ڳوٺ ڀالوا واري ان جڳهه جي کوٽائي ڪرايائين جتان عمر بادشاهه مارئي کي کڻي ويو هو ۽ کوٽائي دوران ٺڪر جو اهو ٿانو لڌو ويو جنهن ۾ مارئي پنهنجي ٻڪرين کي پاڻي پياريندي هئي. 1955ع ۾ چنا صاحب جيڪب آباد جو ڪليڪٽر مقرر ٿيو بعد ۾ روينيو کاتي جو ڊپٽي سيڪريٽري ۽ تعليم کاتي جو سيڪريٽري به رهيو، ڪجهه عرصي لاءِ لوڪل سيلف گورنمينٽ ۽ صحت کاتي ۾ به رهيو، 1956ع ۾ حيدرآباد جو ڪليڪٽر مقرر ٿيو، 1957ع ۾ رٽائرمينٽ کانپوءِ سنڌ سرڪار کيس 1960ع ۾ حيدرآباد ميوسنپالٽيءَ جو چيئرمين مقرر ڪيو، ان پيرڊ دوران چنا صاحب راڻي باغ تي خاص توجهه ڏني ۽ ان ۾ جانور رکرائڻ جو اعزاز به هن پاٽائي شخصيت ڏانهن وڃي ٿو، جڏهن ته گدوءَ ويجهو هاءِ اسڪول به تعمير ڪرايائين ۽ نياز اسٽيڊيم به جوڙايائين، راڻي باغ ۾ اوپن ايئر ٿيٽر به هن جي ڪوششن سان تعمير ٿيو، 1965ع واري دور ۾ هندستان ۽ پاڪستان جي رڻ ڪڇ واري مسئلي تي ڇڪتاڻ رهي، ان نبيري لاءِ حڪومت عبدالله خان چنا کان قانوني مدد ورتي ۽ هن پنهنجي محنت، قابليت، شاهدين ۽ نقشن جي آڌار تي هڪ رپورٽ تيار ڪري پاڪستاني وڪيل کي ڏني، جيڪا جنيوا جي ٽربيونل اجلاس ۾ پيش ڪئي وئي ۽ ڪيس پاڪستان کٽيو ۽ نتيجي طور رڻ ڪڇ جو 350 ميل سرسبز علائقو پاڪستان کي مليو، خانصاحب عبدالله جتي سرڪاري اهم عهدن تي رهي پنهنجي ڊيوٽي ايمانداريءَ سان سرانجام ڏني، ان سان گڏو گڏ سنڌ لاءِ سندس ادبي ڪردار وساري نٿو سگهجي، هن 1924ع ۾ هڪ ڪتاب ڇپرايو ”تريد ال زامات عالمگير“ ۽ ان کانپوءِ ”گربخشاڻي جون غلطيون“ جي نالي سان هڪ تنقيدي ڪتاب ڇپرايو، جنهن ۾ چنا صاحب انهن بيتن جي نشاندهي ڪئي، جيڪي گربخشاڻي واري شاهه جي رسالي ۾ سر رام ڪلي ۽ سر سارنگ ۾ نه ڏنا ويا هئا، ان کان علاوه سندس تاريخي تحقيقي ۽ اصلاحي مضمون به الوحيد اخبار ۽ ۽ نئين زندگيءَ ۾ ڇپيا خانصاحب عبدالله چنا جي پهرين شادي پنهنجي مائٽياڻي ڪمال خاتون سان پاٽ شريف ۾ 1919ع ۾ ٿي، سندس ٻي شادي سيوهڻ مان ٿي ۽ سندس ان گهرواريءَ جو نالو زينت چنا هو، جيڪا ان وقت ۾ هڪ سنڌي اسڪول جي هيڊ مسٽريش هئي ۽ اها شادي 13 آگسٽ 1944ع تي ٿي هئي، هنن ٻنهي گهروارين مان خانصاحب عبدالله چنا کي پٽن ۽ نياڻين جو اولاد عطا ٿيو، جيڪي صالح ۽ اهم عهدن تي آهن، چنا صاحب جي وفات 22 جنوري 1989ع ۾ ٿي ۽ سندس آخري آرامگاهه حيدرآباد ۾ آهي.

    مخدوم ميان علي گوهر صديقي پاٽائي/علمي ادبي شخصيت
    مخدوم ميان علي گوهر صديقي ولد مخدوم ميان نصرالله سن 1909ع ۾ پاٽ شريف ۾ ڄائو، سندن والده ماجده عالمه فاضلا ۽ متقي پرهيزگار هئي، ڳوٺ ۽ آس پاس جون عورتون هن الله جي نيڪ ٻانهي کان ديني مسئلا پڇنديون هيون، مخدوم علي گوهر جي ابتدائي تربيت پنهنجي وڏڙن ڪئي، سندس گهر ۾ سنڌي ٻولي سان گڏ عربي ۽ فارسي ٻولي اهڙي ته روانيءَ سان ڳالهائي ويندي هئي ڄڻ اهي ٻوليون به سندن مادري زبان هجن، مخدوم صاحب تي به اهڙي ماحول اثر ڪيو ۽ پاڻ مفتي ۽ عالم هئڻ سان گڏ پرهيزگاري ۽ تقويٰ جي زيور سان آراسته ٿيو، پاڻ پنهنجي ناني مخدوم حسن الله پاٽائي جو علمي وارث بڻيو، پري پري کان ايندڙ ماڻهو هن بزرگ کان ديني مسئلن جو حل پڇندا هئا، سندس ڇڏيل تحريرن ۾ کانئس پڇيل فقهي سوالن جا جواب ”انساب مشائخ سيوستان“ جو سنڌي ترجمو ۽ ”نورالعينين في اثبات علم الغيب للسيد الثقلين“ جو سنڌي ترجمو شامل آهي. مخدوم علي گوهر صديقي پاٽائي سن 1972ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس آخري آرامگاهه پاٽ شريف ۾ آهي.

    پروفيسر محمد شفيع صديقي قريشي/ علمي ادبي شخصيت
    پروفيسر محمد شفيع صديقي1902ع ۾ حڪيم محمد احسان صديقي جي گهر ۾ پيدا ٿيو، پاڻ علي ڳڙهه يونيورسٽي مان ايم اي ڪيائين ۽ 1952ع کان 1957ع تائين گورنمينٽ ڊگري ڪاليج حيدرآباد ۾ عربيءَ جو پروفيسر رهيو، سنڌ جي اعليٰ علمي هستين ۾ سندس شمار ٿئي ٿو، پاڻ ڊپٽي انسپيڪٽر اسڪولس جي اهم عهدي تي فائض رهي تعليم جي بهتري لاءِ ڪافي جاکوڙ ڪيائين، پروفيسر محمد شفيع صديقي مولانا اشرف ٿانوي سان گهڻو عرصو گڏ گذاريو، سندس درويشاڻه ڪردار ۽ سادگي هر ڪنهن کي پسند هئي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، ڊاڪٽر دائودپوٽو، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ مولانا دين محمد سندس صحبتي هئا، هن بزرگ کي چار فرزند ٿيا (1) پروفيسر عبدالواحد، (2) پروفيسر عبدالاحد، (3) پروفيسر عبدالوحيد صديقي جسٽس فيڊرل شريعت ڪورٽ اسلام آباد (4) محمد احسان المعروف قاضي آباد، پروفيسر محمد شفيع صديقي سن 1983ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس آخري آرامگاهه پاٽ شريف ۾ آهي.

    جسٽس زيڊ اي چنا/قانوندان
    پاٽ شريف سان تعلق رکندڙ نامور قانوندان جسٽس زيڊ اي چنا جو مڪمل نالو ضياءُالحق چنا هو، هي پاٽ شريف جي مشهور زميندار ۽ ڪليڪٽر خانصاحب علي بخش چنا جو فرزند هو، زيڊ اي چنا 17 مئي 1917ع تي ڄائو، سندس تعليم جو ڪجهه عرصو سيالڪوٽ ۾ گذريو، ميٽرڪ سينٽ پيٽرڪ اسڪول ڪراچي مان ڪيائين، بي اي، ڊي ايس سنڌ ڪاليج ڪراچي مان ۽ ايل ايل بي مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان پاس ڪيائين ۽ سندس شادي ڪراچيءَ جي پهرئين مسلمان ميئر ۽ قانوندان قاضي خدا بخش جي ڌيءَ سان ٿي، جسٽس زيڊ اي چنا پنهنجي ذات ۾ هڪ ادارو هو، هن پنهنجي سڄي حياتي قانون لاءِ وقف ڪئي، هن قانون جي بالادستي لاءِ اهم اهم فيصلا ڪيا، چنا صاحب هڪ اصول پسند انسان هو، هميشه سفارشي ڪلچر جي خلاف رهيو، پاڻ هڪ منصف مزاج ماهر قانوندان هو، هن قانون جي شعبي لاءِ 9 ڪتاب لکيا، جوڊيشنل آفيسرن جي سکيا لاءِ جوڊيشنل اڪيڊمي قائم ڪيائين، هن جيل ريفارمر جي چيئرمين جي حيثيت ۾ سندس ڪيل ڪم سماجي ۽ فلاحي حوالي سان انتهائي ڪارائتا ثابت ٿيا هئا، جسٽس زيڊ اي چنا جي اهليت ۽ قابليت مان ڪيترن ئي فائدو حاصل ڪيو ۽ ڪيترائي وڏا وڏا نالي وارا قانوندان بڻيا.
    جسٽس زيڊ اي چنا صاحب پنهنجي زندگي ۾ جن عهدن تي رهيو انهن جو تفصيل هن ريت آهي
    1945ع کان 1951ع تائين سول جج ميهڙ ضلعو دادو
    1957ع کان 1958ع تائين ڊپٽي لا سيڪريٽري
    1969ع ۾ جوائنٽ سيڪريٽري لا ڊپارٽمينٽ
    1970ع ۾ ميمبر سروسز ٽربيونل گورنمينٽ آف ويسٽ پاڪستان
    1970ع ۾ ون يونٽ ٽٽڻ کانپوءِ لا سيڪريٽري آف سنڌ
    1971ع ۾ جوائنٽ سيڪريٽري منسٽري آف لا ڪاليج
    1972ع کان 1979ع تائين سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج
    1974ع کان 1976ع تائين فيڊرل لا سيڪريٽري جي اضافي چارج
    1979ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ مان رٽائر ٿيو
    1979ع کان 1983ع تائين ليبر اپيلنٽ ٽربيونل جو چيئرمين
    1986ع کان 1990ع تائين چيئرمين اسپيشل ڪورٽ
    1992ع کان ڊائريڪٽر جنرل سنڌ جوڊيشنل اڪيڊمي ۽ جيل رفارمر جو چيئرمين رهيو.
    ملازمت جي مصروفيتن سبب چنا صاحب جو گهڻو عرصو ڪراچي ۾ رهائش دوران گذريو ۽ جيئن ته پاڻ خانداني زميندار هو ۽ پنهنجي ڳوٺ پاٽ شريف ۾ به سندس اچڻ ٿيندو رهندو هو، سندس زمينن جي سار سنڀال لاءِ مرحوم حافظ محبوب چنا اسٽيٽ مئنيجر هو ۽ ان کانپوءِ محمد اسلم چنا سندن زمينن جي سار سنڀال لاءِ مقرر آهي، جسٽس زيڊ اي چنا جي ميڊم امينا خميساڻي ڀيڻ هئي، چنا صاحب 4 مئي 2005ع تي وفات ڪئي ۽ سندس آخري آرامگاهه ميوا شاهه قبرستان ڪراچي ۾ آهي، پونئرن ۾ سندس بيواه صالحه بيگم، پٽ سليم چنا ۽ 3 نياڻيون فوزيه مسز جسٽس رحمت حسين جعفري، ڊاڪٽر فرح مسز ڊاڪٽر عاصم ۽ مرحومه فرزانه مسز اسلم اڪبر قاضي مالڪ ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين گروپ.
    جسٽس زيڊ اي چنا جا لکيل ڪتاب
    MANUAL OF COSTOM LAW (1)
    MANUAL OF COSTOM LAW (2)
    MANUAL OF SALES TAX LAWs
    LAW OF BAIL
    LAW OF SEARCH

    مخدوم عبدالجبار صديقي پاٽائي/علمي ادبي ۽ روحاني شخصيت
    مخدوم عبدالجبار صديقي ولد مخدوم ميان علي گوهر صديقي سن 1939ع تي پاٽ شريف ۾ پيدا ٿيو، 1957ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين، سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد مان اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ فوج ۾ ڀرتي ٿيو، ملازمت دوران ڪمانڊر ان چيف جنرل محمد موسيٰ جي دور ۾ حلف برداري کان اهو چوندي انڪار ڪيائين ته آئون انگريز سرڪار جي نافذ ڪيل غير اسلامي آئين کي نٿو مڃان ۽ ملڪ جي اسلامي آئين تحت حلف کڻندس، اهڙي عمل بعد کيس فوج جي نوڪريءَ تان دستبردار ٿيڻو پيو، پاڻ جلدي سيد صبغت الله شاهه المعروف پير ايرانيءَ جو مريد ٿيو ۽ روحاني استفاده حاصل ڪري خليفه ارشد جي مرتبي تي پهتو ۽ پير ايراني فقير جي پڙ حيدرآباد ۾ مائي خيري جي مسجد سان گڏ رهائش پذير هو ۽ ان مسجد ۾ ئي علمي ۽ روحاني محفلن جو انعقاد ٿيندو هو، جنهن جو روح روان مخدوم صاحب هو، مخدوم عبدالجبار صديقي کي خلق جي خدمت جو جذبو هو، جنهن تحت صدر ايوب جي دور ۾ وحدت ڪالوني حيدرآباد جو بي ڊي ميمبر ٿيو ۽ ان کانپوءِ فقير جي پڙ مان ڪائونسلر چونڊجندو رهيو، دين جي خلاف ڪابه ڳالهه ٻڌندو يا ڏسندو آهي ته پنهنجي نالي سان ڇپايل پمفليٽن ذريعي اصلاح ڪندو رهي ٿو، مخدوم صاحب سلسله مصطفائيه جي باني ۽ مرشد پير ايرانيءَ جي اشاري تي پنهنجي ڳوٺ پاٽ شريف ڇڏي ڪافي عرصو مصطفائي تحريڪ لاءِ حيدرآباد ۾ سرگرم رهيو، مرشد جي فيض ۽ صحبت ۾ رهڻ دوران خواب ۾ مليل پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جي اشاري تي جهرڪ سائيڊ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ مسجد ۽ مدرسي جا انتظام سنڀاليائين.
    مخدوم عبدالجبار صديقي پاٽائي جا لکيل ڪتاب
    قصيده برده شريف جو سنڌي نثر ۾ ٿيل ترجمو
    الله ماسوي الله ۽ انسان
    ڪتاب الحڪمته جو سنڌي ترجمو.
    عوارف المعارف جو سنڌي ترجمو
    مينائي مصطفيٰ
    تشبيهات رومي

    پروفيسر ڊاڪٽر قاضي عبدالشڪور صديقي/ جناح اسپتال ڪراچي جو اڳوڻو ڊائريڪٽر
    پروفيسر ڊاڪٽر عبداشڪور صديقي 1944ع ۾ مخدوم ميان علي گوهر صديقيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو، عربي ۽ فارسيءَ جي ابتدائي تعليم گهرو ماحول مان مليس، 1962ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول دادو مان ميٽرڪ ڪيائين، 1964ع ۾ ڦليلي ڪاليج حيدرآباد مان انٽر پهرين پوزيشن ۾ حاصل ڪيائين، 1969ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو مان ايم بي بي ايس پاس ڪيائين، 1971ع ۾ فوج ۾ ڊاڪٽر ڀرتي ٿيو ۽ حيدرآباد سي ايم ايڇ ۾ اسٽآف سرجن جا فرائض سرانجام ڏنائين، 1974ع ۾ جناح اسپتال ڪراچي ۾ سندس پوسٽنگ ٿي، جتي بريسٽ ۽ ٻارن جي ڪينسر تي تحقيق پڻ ڪيائين، ان سلسلي ۾ اٽلي، جرمني، انگلينڊ، هالينڊ ۽ جاپان ۾ مختلف ڪورس ڪيائين، ان بعد جناح اسپتال ڪراچي جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو ۽ يورپين پيٿالاجي ڪائونسل جو لائف ميمبر پڻ چونڊيو ويو، 2004ع ۾ جناح اسپتال جي ڊائريڪٽر واري عهدي تان رٽائر ٿيو، کيس صدارتي ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو، پروفيسر قاضي عبدالشڪور پاٽائي پنهنجي ڳوٺ واسين لاءِ فلاحي ڪم ڪندي اکين جون ڪئمپون لڳرائي ڪيترن ئي مسڪينن جو سهارو بڻيل آهي، پاڻ ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيا اٿس، جنهن ۾ فزڪس ۽ ڪيمسٽريءَ تي لکيل ڪتاب ”ڇو ۽ ڪيئن“ سندس ٻيو ڪتاب آهي، ”در ڪلف ۽ ڪنجي“ ۽ ٽيون ڪتاب ”احسن القصص“ آهي، جيڪو حضرت يوسف عليه السلام ۽ بيبي ذليخان تي لکيل آهي.

    مخدوم سليم الله صديقي پاٽائي/علمي ادبي شخصيت
    مخدوم سليم الله صديقي پاٽائي پهرين سيپٽمبر 1960ع ۾ مخدوم علي گوهر صديقي جي گهر ۾ پاٽ شريف ۾ پيدا ٿيو، 1988ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چٽا ڀيٽي وارو امتحان پاس ڪيائين ۽ سرڪاري عهدن تي رهندي خدمتون سرانجام ڏنائين ۽ هن وقت به فوڊ کاتي جي کيس اهم ذميواري مليل آهي، علم ۽ ادب ته کيس ورثي ۾ مليو ۽ تنهن کي سانڍي ان جي آبياري ۽ خدمت سمجهي حفاظت ڪندو رهيو آهي، سندس چوڻ آهي ته علم ۽ ادب سهڻي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جو ڏنل سوجهرو آهي، جنهن جي روشنيءَ سان اونداهي ڀڄيو وڃي، مخدوم سليم الله ”اداره پاٽ هائوس“ قائم ڪري ڪتابن جي ڇپائيءَ جي شروعا ت ڪئي ۽ پاڻ پاٽائي بزرگن تي به تحقيقي ڪم ڪندي سندن مواد گڏ ڪيو آهي، پاڻ سيوهڻ، هالا، هنڱورجا ۽ سکر سميت برهانپور انڊيا جي صديقي خاندانن سان رابطا ڪيائين، دنيا جي اهم اهم ملڪن جي وڏين وڏين لائبريرين ۽ ڪتب خانن تائين رسائي حاصل ڪندي پاٽ ۽ پاٽائي بزرگن بابت معلومات هٿ ڪري ان کي سهيڙيائين، اڄ تائين به پنهنجي جنم ڀومي پاٽ شريف سان نهايت محبت ۽ عقيدت اٿس، سندس ڇپايل ڪتابن مان ڪجهه سندس پنهنجون تحريرون آهن ۽ ڪجهه ڪتابن تي سندس مقدما، شرحون ۽ ترجما شامل آهن، سندس لکڻ جو سلسلو اڃا تائين جاري آهي.
    مخدوم سليم الله صديقي جا لکيل ڪتاب
    1. ڊبيٽ جو فن 1977ع
    2. انوارالاسرار تفسير 1998ع
    3. مخدوم بصرالدين جي سوانح 2003ع
    4. عوارف المعارف
    5. شرح قصيده برده شريف 2006ع
    6. بياض واحدي 2007ع
    7. رسائل سيوستاني 2007ع
    8. مخدوم فضل الله جو ڪلام
    9. مفتاح الصلواته 2012ع
    10. خزينته المخطوطات 2005ع
    11. مخزن المخطوطات 2012ع
    12. تفسير عالم
    13. ڪشف الحقائق
    14. انساب مشائخ سيوستان 2005ع
    15. المفيدفي العدد الهندي
    16. برهانپور ڪي سنڌي اولياءَ (اردو) 2006ع
    17. المڪتوب الحبيب 2006ع
    18. گلزار ابرار 2009ع
    19. تشبيهات رومي 2006ع
    20. معيار سالڪان طريقت 2010ع
    21. مقدمو ۽ سوانح اسماءَ الحسنيٰ

    حسين بخش پنهور پاٽائي/ سياسي سماجي شخصيت
    حسين بخش پنهور ولد محمد خان پنهور سن 1920ع تي پاٽ شريف ۾ ڄائو، پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ حاصل ڪيائين، 1933ع ۾ فائنل پاس ڪري 1934ع ۾ تپيدار ٿيو، 1941ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان ڏنائين ۽ 1942ع ۾ تپيداريءَ تان استعيفا ڏئي ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ ڪلارڪ ٿيو، جتان ترقي ڪري اسسٽنٽ مختيار ڪار جي عهدي تي پهتو، 1957ع ۾ پاٽ کان دادو شفٽ ٿيو ۽ مزدور آباد محلي ۾ رهائش اختيار ڪيائين، ان ئي سال طبيعت جي ناسازيءَ سبب نوڪريءَ تان استعيفا ڏنائين ۽ پوءِ سماجي ڪمن ۾ بهرو وٺڻ لڳو، هن پاڙي جي ڪيترن ئي شاگردن کي اسڪالرشپون وٺي ڏنيون، حسين بخش پنهور 1959ع ۾ بي ڊي اليڪشن ۾ ميمبر چونڊيو ويو، عوام جي ڀرپور خدمت ڪيائين ۽ 1974ع واري چونڊ ۾ مزدور آباد محلي مان وڏي اڪثريت سان ڪائونسلر چونڊجي ويو ۽ پنهنجي وارڊ جو چيئرمين به ٿيو، 1965ع واري جنگ دوران شهري دفاع جو رضاڪار ۽ پوسٽ وارڊن ٿي رهيو، سياسي حوالي سان پاڻ پراڻو مسلم ليگي هو ۽ 1968ع ۾ مسلم ليگ تان استعيفا ڏئي پيپلزپارٽيءَ ۾ شامل ٿيو، 1969ع ۾ مزدور آباد محلي دادو ۾ پ پ جي آفيس قائم ڪيائين، جنهن جو افتتاح مير رسول بخش ٽالپر ڪيو، حسين بخش پنهور پاٽائي جي وڇوڙي کي ڪيترائي سال گذري ويا آهن پر سندس سماجي خدمتن کي وساري نٿو سگهجي، سندس آخري آرامگاهه لال هندي قبرستان دادو ۾ آهي.

    جاويد اقبال جوڻيجو/سماج سڌارڪ ۽ حيدرآباد جيم خانه جو صدر
    جاويد جوڻيجو صاحب 4 آڪٽوبر 1950ع تي پاٽ شريف ۾ ڄائو، سندس تعلق پڙهي لکي فيملي سان آهي، پاڻ ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ ئي حاصل ڪيائين ۽ ان کانپوءِ مختلف ادارن مان تعليم حاصل ڪري لوڪل گورنمينٽ ۾ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو، جوڻيجو صاحب جهڙا انسان دوست ڏاڍا گهٽ ماڻهو نظر ايندا آهن، هميشه چهري تي مسڪراهٽ رکندڙ هن شخصيت پنهنجو پاڻ کي ٻين جي جيئڻ لاءِ وقف ڪيو آهي، هن ڪيترين ئي سماجي تنظيمن جي ذريعي مسڪين، نادار ۽ لاچار ماڻهن جي وس آهر مدد ڪئي آهي، پاڻ هن سماج جي ڏتڙيل ماڻهن لاءِ سهارو بڻيل آهي، رب پاڪ کيس خاص نعمتن سان نوازيو آهي ۽ سماج ۾ کيس سٺي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو پاڻ ڪيترائي دفعا حيدرآباد جيم خانه جو صدر به چونڊيو ويو آهي، دولت ۽ شهرت کي هڪ پاسي رکي عزت واري زندگي گهاريندڙ جاويد اقبال جوڻيجي صاحب هميشه ٻين جي ڀلائي لاءِ سوچيو آهي، صوفي ازم سان خاص عقيدت رکندڙ هي شخص انتهاپسندي جي خلاف رهيو آهي ۽ محبت جي پيغام کي عام ڪيو آهي، جوڻيجي صاحب کي پنهنجي ڳوٺ پاٽ شريف سان خاص محبت رهي آهي، هن وقت حيدرآباد جهڙي ٿڌين هوائن واري شهر ۾ رهندي به جڏهن کيس اڪير لڳندي آهي ته پنهنجي ڳوٺ جو چڪر ضرور هڻندو آهي ۽ وهندڙي لڳ انصاري جوڻيجا پاڙي جي انهن گهٽين ۾ گهمندو آهي، جتي سندس بچپن رانديون کيڏندي گذريو هو.

    حاجي غلام محي الدين ميمڻ/ سماجي شخصيت
    غلام محي الدين ولد غلام مجتبيٰ ميمڻ 16 جنوري 1947ع تي پاٽ شريف ۾ ڄائو، ابتدائي تعليم پاٽ شريف جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪيائين ۽ علامه آءِ آءِ قاضي هاءِ اسڪول پاٽ شريف مان ميٽرڪ ڪيائين ۽ پوءِ استاد مقرر ٿيو ۽ ان کانپوءِ خانگي طور تي تعليم جاري رکندي بي اي ۽ ايم اي جا امتحان ڏنائين، ان دوران حج جي سعادت به حاصل ٿيس ۽ پوءِ کيس حاجي غلام محي الدين جي نالي سان پڪاريو ويندو هو، پاڻ ادب سان دلچسپي رکندو هو ۽ کيس سماجي ڪمن ۾ حصو وٺڻ جو جذبو رهندو هو، ڀٽائي ويلفيئر ايسوسيئيشن دادو جو جنرل سيڪريٽري هو ۽ ان کان علاوه سگا شاخ دادو جو سرگرم ڪارڪن هو، ڪيترين ئي سماجي سرگرمين ۾ حصو ورتائين، حاجي غلام محي الدين ميمڻ پهرين نومبر 1994ع تي وفات ڪري ويو.

    آپا تنوير جوڻيجو/ علمي ادبي شخصيت
    آپا تنوير جوڻيجو 6 فيبروري 1952ع تي پاٽ شريف ۾ ڄائي، سندس والد صاحب صدرالدين جوڻيجو قانوندان هو، آپا تنوير ايم اي ڪرڻ کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ ملازمت اختيار ڪئي ۽ ترقي ڪري سنڌ يونيورسٽي ۾ سوشيالاجي ڊپارٽمينٽ جي چيئرپرسن مقرر ٿي ۽ هن وقت رٽائرڊ آهي، آپا تنوير جوڻيجو ادبي حوالي سان به سنڌ جي لازوال خدمت ڪئي آهي، هن ڪيتريون ئي ڪهاڻيون، مقالا، مضمون، سوپ سيريل، سفر ناما ۽ ريڊيو لاءِ اسڪرپٽ لکيا، نامور اديبائن سحر امداد، انيس ميمڻ ۽ نسيم نورانيءَ سان ويجهڙائپ سبب سندس لکڻ جو سلسلو شروع ٿيو، 1974ع ۾ تنوير صاحبه جي ڪهاڻين جو مجموعو شايع ٿيو، ”امرت منجهه ڪڙاڻ“ ان مجموعي پڙهندڙن ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي ۽ادبي حلقي ۾ به سندس سڃاڻپ وڌي وئي، آپا تنوير جوڻيجو سنڌ واسين جي علمي ۽ ادبي خدمت ڪرڻ تي فخر محسوس ڪري ٿي ۽ پاٽ شريف واسين کي وري آپا تنوير تي فخر آهي.

    ڊاڪٽر تبسم جوڻيجو/علمي ادبي شخصيت
    ڊاڪٽر تبسم جوڻيجو پاٽ شريف ۾ پيدا ٿي، پاڻ انٽر سائنس تائين تعليم دادو مان حاصل ڪيائين ۽ ايم بي بي ايس ميڊيڪل ڪاليج نوابشاهه مان ڪيائين، ان کانپوءِ ايل ايم يو ڄامشورو ۾ پيٿالاجي ليبارٽري ۾ پنهنجي ڊيوٽي سرانجام ڏيندي رهي ٿي ۽ شام جو پنهنجي ڪلينڪ هلائي ٿي، ميڊيڪل فيلڊ کان علاوه کيس ادب ڏانهن به لاڙو آهي، لکڻ ۽ مطالعي سان دلچسپي اٿس، پاڻ مختلف موضوعن تي ڪيترائي مضمون لکي چڪي آهي ۽ ڪيترن ئي رسالن ۾ سندس مضمون ڇپجي چڪا آهن.

    آپا عطيه جوڻيجو/علمي ادبي شخصيت
    آپا عطيه جوڻيجو 10 اپريل 1953ع تي پاٽ شريف ۾ جنم ورتو، سندس والد رئيس عصمت الله جوڻيجو پاٽ شريف جو وڏو زميندار هو، عطيه جوڻيجو صاحبه تعليمي ماهر هئڻ سان گڏ سٺي شاعره به هئي، پاڻ ايم اي ۽ ايم ايڊ ڪرڻ کانپوءِ درس و تدريس جي پيشي سان وابسته ٿي وئي، پاڻ گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول ميهڙ جي هيڊ مسٽريس به رهي، ادبي حوالي سان سندس شروعاتي شاعري جيجل ۽ مارئي رسالي ۾ شايع ٿي، ان کانپوءِ ماهوار اديون، نئين زندگي، روزانه عبرت ۽ سنڌ اخبار ۾ سندس شاعري ڇپجندي رهي آهي، آپا عطيه جوڻيجو حب الوطني ۽ اسلامي جذبي تحت گهڻو لکيو آهي، سندس آتم ڪهاڻيءَ جو به ڪتاب ترتيب ڏنل آهي.

    مقبول انجم ميمڻ/انجنيئر ۽ رائيٽر
    مقبول احمد ميمڻ پهرين جون 1958ع تي پاٽ شريف ۾ ڄائو، پاڻ پاٽ شريف جي تعليمي ماهر استاد محمد بخش ميمڻ جو فرزند آهي، پيشي جي لحاظ کان پاڻ ورڪس ۽ سروس ڊپارٽمينٽ ۾ انجنيئر آهي، مقبول احمد ميمڻ کي شاگرديءَ واري وقت کان ئي ادب طرف لاڙو هو ۽ 1973ع کان وٺي لکندو پيو اچي، سندس ڪهاڻيون ۽ مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن، سندس ڪهاڻين جو هڪ مجموعو ”لڙڪ ۽ سڏڪا“ ڇپجي چڪو آهي، جڏهن ته پاڻ پنهنجي ڳوٺائي انجنيئر عبدالغني انصاري سان گڏ ”پاتر عرف پاٽ“ جي نالي سان به ڪتاب ترتيب ڏئي چڪو آهي، ادبي دنيا ۾ کيس مقبول انجم جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.

    حاجي ڪريم بخش صديقي/سنڌ گورنمينٽ جي مختلف ادارن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ شخصيت
    سنڌ جي نامور اديب، دانشور ۽ تعليمي ماهر ڊاڪٽر حبيب الله صديقي جو وڏو فرزند ڪريم بخش عرف رياض احمد صديقي 11 آگسٽ 1955ع تي ڄائو، پاٽ شريف جي صديقي محلا ۾ جنم وٺندڙ ڪريم بخش صديقي پرائمري تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ مان حاصل ڪئي ۽ ميٽرڪ به علامه آءِ آءِ قاضي ميموريل هاءِ اسڪول پاٽ شريف مان ۽ باقي تعليم ٻين شهرن مان حاصل ڪري پوسٽ گريجوئيٽ ڪيائين ۽ ان کانپوءِ آئرلينڊ مان ايم بي جي ڊگري حاصل ڪيائين ۽ کيس مختلف وقتن تي ملازمت دوران اهم اهم عهدن تي رهڻ جو به موقعو مليو آهي، 1978ع ۾ هڪ ٽيڪنيڪل ٽريننگ سينٽر ۾ وائيس پرنسپل ٿيو ۽ ان کانپوءِ انهيءَ ٽريننگ سينٽر ۾ ”پرنسپل“ مقرر ٿيو ۽ ان کانپوءِ سنڌ شگر سيس ڪارپوريشن ۾ سيڪريٽري جو عهدو مليس ۽ پوءِ انٽرنيشنل آرگنائيزيشن ۾ ورلڊ بينڪ جو پروجيڪٽ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو، ان کانپوءِ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي ۾ گورنمينٽ آف سنڌ طرفان ”مئنيجنگ ڊائريڪٽر“ جي پوسٽ تي سندس مقرري ٿي، بعد ۾ مين پاور اينڊ ٽريننگ سنڌ ۾ ”ڊائريڪٽر“ ٿيو ۽ پوءِ پاڻ “BBSYDP” بينظير ڀٽو شهيد يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام جو ”پروجيڪٽ ڊائريڪٽر“ مقرر ٿيو ۽ ان دوران 2009ع ۾ کيس ڄامشورو ضلعي جي اي ڊي او فنانس واري عهدي جي اضافي چارج به ڏني وئي، “BBSYDP” پروگرام کي ڪاميابي سان هلائڻ ۽ بهتر ڪارڪردگي تي سنڌ گورنمينٽ پاران کيس جولاءِ 2009ع کان بينظير ڀٽو شهيد يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام ۾ سنڌ جي پراونشل ڪوآرڊينيٽر جي ذميواري سونپي وئي ۽ بعد ۾ سنڌ حڪومت طرفان کيس ترقي ڏئي “BBSHRRDB” بينظير ڀٽو شهيد هيومن ريسورس ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. حاجي ڪريم بخش صديقي صاحب پنهنجي ملازمت دوران 1982ع کان ڪيترائي غير ملڪي دورا به ڪيا، جنهن ۾ سعودي عرب، دبئي، شارجا، اٽلي، فرانس، يوگو سلاويا، ڪولمبو، سريلنڪا ۽ ٻيا ملڪ شامل آهن، حاجي ڪريم بخش صديقي جي شخصيت انتهائي شفيق ۽ ٻين تي مهربان رهي آهي، پاڻ ڪيترن ئي بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون ڏنائين ۽ سندس سرپرستيءَ ۾ ڪيترن ئي نوجوانن مختلف انسٽيٽيوٽن مان مختلف ڪورس جي سکيا حاصل ڪئي، حاجي ڪريم بخش صديقي پنهنجي ڳوٺ پاٽ شريف ۾ به اسڪل ڊولپمينٽ سينٽر قائم ڪري ڳوٺاڻين عورتن جي لاءِ هنر سکڻ جا موقعا فراهم ڪيا، ان کان علاوه سندس گهرواري جي نالي سان فخر ڪريم ماڊل هاءِ اسڪول پاٽ شريف به قائم ڪيو ويو، جنهن ۾ غريب ۽ مسڪين ماڻهن جو اولاد جديد تعليم حاصل ڪري رهيو آهي، هميشه سنڌ جي تعليمي معيار بابت ۽ نياڻين جي تعليم کي اولين ترجيح ڏيندڙ حاجي ڪريم بخش صديقي سدائين فڪرمند آهي ته ٻهراڙيءَ جي نياڻين جي تعليم لاءِ وڌيڪ موقعا ۽ شعور ڦهلائڻ جي ضرورت آهي، حاجي ڪريم بخش صديقي صاحب پنهنجي مصروفيتن مان ڪجهه وقت انسانيت جي خدمت لاءِ به وقف ڪري ٿو، پاڻ هڪ سماج سڌارڪ به آهي، جڏهن ته پنهنجي ڳوٺ جي ڪيترين ئي سماجي تنظيمن سان به هر وقت سهڪاري آهي، صديقي صاحب 1976ع ۾ شادي ڪئي ۽ کيس اولاد ۾ هڪ نياڻي آهي، فارغ ٽائيم ۾ ڪيترن ئي ڪتابن جو مطالعو ڪندڙ حاجي ڪريم بخش صديقي پاڻ به ڪيترن ئي موضوعن تي ڪتاب لکيا آهن، کيس تاريخ ۽ ٻين موضوعن تي خاص عبور حاصل آهي، ڪيترائي ملڪي ۽ غير ملڪي ادارا صديقي صاحب جي فني، فڪري ۽ اعليٰ ذهانت مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ کانئس ليڪچرن ذريعي مفيد ڳالهيون حاصل ڪن ٿا.

    انجنيئر عبدالغني انصاري/ اڳوڻو ناظم ۽ رائيٽر
    عبدالغني انصاري 31 جولاءِ 1955ع تي پاٽ شريف ۾ رئيس انورالدين انصاري جي گهر ۾ پيدا ٿيو، عبدالغني انصاري 1964ع ۾ پرائمري جا پنج درجا قاضي احمدي گورنمينٽ پرائمري اسڪول پاٽ شريف مان پاس ڪيا، ان کانپوءِ 1969ع ۾ علامه آءِ آءِ قاضي گورنمينٽ هاءِ اسڪول پاٽ شريف مان ميٽرڪ پاس ڪيائين، 1971ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج شڪارپور مان انٽر ڪيائين ۽ 1976ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان بي اِي سول انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪيائين ۽ پوءِ 1978ع ۾ زيل پاڪ سيمينٽ ڪارپوريشن ۾ کيس اسسٽنٽ انجنيئر طور ملازمت ملي ۽ اتي 22 سال نوڪري ڪرڻ کانپوءِ ڊپٽي چيف انجنيئر جي عهدي تي پهچي رٽائر ٿيو، عبدالغني انصاري هڪ سٺو رائيٽر به آهي، پاڻ 1984ع ۾ ”پاتر عرف پاٽ“ جي نالي سان به ڪتاب لکيائين، جنهن ۾ پنهنجي ڳوٺ بابت تاريخي معلومات فراهم ڪئي اٿس ۽ ان ڪتاب ۾ سندس ڳوٺائي ۽ ويجهڙي دوست مقبول انجم ميمڻ به سندس معاونت ڪئي، ان کان علاوه پاڻ ڪيترين اخبارن ۽ مئگزينن ۾ ڪالم ۽ مضمون به لکندو رهيو آهي، عبدالغني انصاري ڌاڙيلن واري دور ۾ بدامني سبب پنهنجي خاندان سميت ڳوٺ کان حيدرآباد شفٽ ٿيو ۽ سندس زمينون وغيره سندس اسٽيٽ مئنيجر قربان علي پنهور سنڀاليندو هو ۽ 2016ع ۾ ان جي شهيد ٿيڻ کانپوءِ سندس پٽ محبوب علي پنهور زمينن جي سنڀال ڪري رهيو آهي، عبدالغني انصاري کي پنهنجي والد صاحب جيان ڳوٺ جي خدمت ڪرڻ جو به جذبو رهيو آهي، پاڻ سياسي حوالي سان شاگرديءَ واري دور کان ئي سرگرم رهيو آهي، پاڻ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو بنيادي ميمبر به رهيو ته ماضي ۾ پ پ يونٽ پاٽ شريف جو جنرل سيڪريٽري به رهي چڪو آهي، عبدالغني انصاري ڳوٺ ۾ امن امان قائم ٿيڻ کانپوءِ دادو اتحاد جي پليٽ فارم تان چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ کانپوءِ سال 2000ع کان 2005ع تائين يونين ڪائونسل پاٽ شريف جو ناظم رهيو، ناظميءَ واري دور ۾ هن پاٽ شريف ۽ ان جي آس پاس وارن ڳوٺن جي ماڻهن جا بنيادي اهم مسئلا حل ڪرايا، جنهن ۾ پاڻ ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ بجليءَ جا نوان ٽرانسفارمر فراهم ڪرايا، مسافر خانن جي تعمير، عيدگاهه جي تعمير، سي سي بلاڪ، ڊرينيج سسٽم سميت ٽيليفون جي بند پيل آفيس جي ٻيهر بحالي سميت ٻيا به ڪيترائي ترقياتي ڪم شامل آهن، عبدالغني انصاري پنهنجي ڳوٺ جي موجوده حالتن تي به فڪرمند آهي، سندس خواهش آهي ته پاٽ شريف جون اهي ماضيءَ واريون رونقون بحال ٿين.
    عبدالغني انصاري صاحب 1979ع ۾ پنهنجي ئي ويجهن عزيزن مان شادي ڪئي ۽ اولاد ۾ کيس ٽي پٽ ۽ ٽي نياڻيون آهن، جن ۾ سندس پٽن جا نالا ثاقب، انور پاشا ۽ اسدالله انصاري شامل آهن، عبدالغني انصاري صاحب جي اولاد جي تعليم ۽ تربيت جي سلسلي ۾ موجوده رهائش ڪراچي ۾ آهي پر سندس پنهنجي اباڻي ڳوٺ پاٽ شريف ۾ گهڻو اچڻ وڃڻ ٿيندو رهي ٿو.

    تعليمي ماهر ۽ طبيبه عاشيت خاتون چنا
    پاٽ شريف سان تعلق رکندڙ جيجي عاشيت خاتون سن 1885ع ۾ حاجي محمد يوسف چنا جي گهر ۾ جنم ورتو، هيءَ ان وقت جي هڪ بهترين استاد هئي، پاڻ گهر ۾ پنهنجي پاڙي ۽ ڳوٺ جي ٻارڙن کي تعليم ڏيندي هئي ۽ اڳتي هلي چنا پاڙي ۾ سن 1920ع ۾ مدرسو به کوليائين، جنهن ۾ خاص ڪري نياڻين کي ديني تعليم سان نوازيندي هئي، هي خاتون نه رڳو تعليمي ماهر هئي پر پنهنجي دور جي هڪ ماهر طبيبه به هئي، ڳوٺ جي بيمار ٻارن جون مائرون خاص ڪري هن وٽ اينديون هيون ۽ هيءَ انهن ٻارڙن جو مفت ۾ علاج ڪندي هئي، جيئن ته جيجي عاشيت چنا جو مڙس خان محمد چنا به استادي پيشي سان تعلق رکندو هو، پاڻ پنهنجي گهرواريءَ جون اهي تعليمي ۽ طبي خدمتون ڏسي خوش ٿيندو هو ۽ چنا فيمليون ۽ ڳوٺ جا سڀ ماڻهو جيجي عاشيت کي عزت جي نگاهه سان ڏسندا هئا، هن کي ڀٽائيءَ جا ڪيترائي بيت بر زبان ياد هوندا هئا، جيجي عاشيت جتي دوائن، ڦڪين، ڪکن ۽ دعائن ذريعي علاج ڪندي هئي ۽ اتي ئي سندس مڪتب ۾ پڙهندڙ ٻارڙن کي کاڌو به کارائيندي هئي، 1973ع تائين سندس اهي خدمتون جاري رهيون ۽ پاٽ شريف جي ماڻهن کي هي مسيحائي ڪردار اڃا تائين نه وسري سگهيون آهن.

    رئيس جمعه خان برهماڻي/نيڪ مرد
    رئيس جمعه خان ولد خدا بخش خان برهماڻي سن 1898ع تي پاٽ شريف ۾ پيدا ٿيو، سندس شمار ڳوٺ جي نيڪ مردن ۾ ٿئي ٿو، رب پاڪ کيس عزت ۽ دولت عطا ڪئي هئي، پاڻ انگريز سرڪار جي وقت ۾ ملازم به هو، چيو وڃي ٿو ته ماضيءَ ۾ پاٽ شريف جا جيڪي به چڱا مٺا هئا اهي جمعه خان کي انتهائي عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏسندا هئا ۽ اگر ڪنهن برادريءَ جو ڪو فيصلو ڪندا هئا ته اهي پاٽائي وڏيرا يا زميندار رئيس جمعه خان کي پنهنجي ڀرسان ويهاري صلاح مشورو وٺندا هئا ۽ اهي پاٽائي کيس سرائي جمعه خان جي لقب سان پڪاريندا هئا، سرائي جمعه خان کي سوين ڏاچين جو وڳ به هو، جنهن لاءِ خاص ماڻهو سنڀال لاءِ رکيل هوندا هئا، سرائي جمعه خان انتهائي شريف ۽ سادگي پسند انسان هو، پنهنجي برادري جو تمام گهڻو خيال رکندو هو، هن مان ڪنهن به پاڙي واري کي يا ڳوٺ واري کي ڪابه تڪليف نه پهتي، رئيس جمعه خان 2 شاديون ڪيون، جنهن مان کيس 4 پٽ ۽ 5 نياڻين جو اولاد آهي، سندس اولاد پڙهيل لکيو آهي ۽ سندس وڏو پٽ نظر محمد برهماڻي ٻيلي کاتي ۾ رينج فاريسٽ آفيسر هو ۽ اهو 14 نومبر 2005ع تي وفات ڪري ويو، انتهائي بهترين انسان هو، ان کان علاوه امير بخش برهماڻي پوليس کاتي ۾ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر آهي ۽ برڪت علي برهماڻي تپيدار ۽ علي اڪبر برهماڻي لا ڊپارٽمينٽ ۾ ڊپٽي اٽارني جنرل آهي، سرائي جمعه خان برهماڻي 16 مارچ 1986ع تي 88 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي ۽ سندس وفات کانپوءِ سندس وڏي فرزند نظر محمد برهماڻي کي برادريءَ جي پڳ ٻڌرائي وئي ۽ ان جي وفات بعد ان جي فرزند رئيس خالد حسين برهماڻي کي خاندان ۽ برادري جي پڳ ٻڌرائي وئي، جيڪو هن وقت تائين راڄ ڀاڳ سنڀاليو پيو اچي.

    سماجي شخصيت محمد ايوب منگي پاٽائي
    اسان جي معاشري ۾ اهڙا ڪي ئي مرد ملن ٿا جيڪي بغير ڪنهن لالچ جي انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ پاڻ پتوڙين ٿا، محمد ايوب منگي ولد بخشل خان منگي به اهڙن ئي ڪردارن جو مالڪ هو، جيڪو هميشه ٻين جي ڀلائيءَ لاءِ سوچيندو هو، 1952ع ۾ منگي محلا پاٽ شريف ۾ جنم وٺندڙ هن عظيم شخصيت ابتدائي تعليم کان ميٽرڪ تائين تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ جي اسڪولن ۾ حاصل ڪئي، ان بعد انٽر ۽ گريجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ کيس 1975ع ۾ تعليم کاتي حيدرآباد ريجن ۾ ڪلارڪي ملي ويس، محنت ۽ فرض شناسي سبب پاڻ مختلف ضلعن جي ايجوڪيشن آفيس ۾ آفيس سپرنٽينڊنٽ طور ترقي ماڻيائين ۽ 8 مارچ 2012ع تي رٽائر ٿيو، محمد ايوب منگي صوفياڻي خيال جو مالڪ هوندو هو، انتهائي بردبار ۽ انسانيت ۾ برابري واري سوچ رکندو هو، هو هميشه ٻين جي ڪم اچڻ وارو شخص هو، هو مذهبن ۽ عقيدن کان وڌيڪ عام ماڻهو سان ڀلائي کي وڏي عبادت سمجهندو هو، سندس فڪري ۽ انقلابي سوچ ۾ سنڌ ڌرتيءَ جو اونو به شامل رهندو هو، محمد ايوب منگي شادي بعد زندگيءَ جا باقي ڏهاڙا درٻيلي شهر ۾ گذاريا، کيس اولاد ۾ 5 نياڻيون ۽ 2 پٽ عطا ٿيا، جيڪي پيءُ وانگر صالح ۽ سٻاجهڙا آهن، سندس وڏو پٽ علي رضا منگي ميڊيا سان وابسته آهي ۽ ننڍو پٽ مير مرتضيٰ اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيو آهي، محمد ايوب منگي پاٽائي 26 اپريل 2013ع تي وفات ڪري ويو.

    اختر علي جي قاضي/اڳوڻو وزيراعليٰ سنڌ
    پاٽ شريف سان تعلق رکندڙ اختر علي جي قاضي 17 سيپٽمبر 1936ع ۾ پاٽ شريف جي علمي ادبي شخصيت غلام مصطفيٰ قاضي جي گهر ۾ جنم ورتو، مرحوم غلام مصطفيٰ قاضي سنڌ سرڪار جي اهم عهدن تي رهيو، جهڙوڪ ڪليڪٽر، ڊپٽي ڪمشنر، سيڪريٽري ۽ آبادڪاري ڪمشنر طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنائين، سندس فرزند اختر علي جي قاضي به اهم عهدن تي رهيو، هن ميٽرڪ اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچي مان پاس ڪئي ۽ گريجوئيشن ايس ايم آرٽس ڪاليج ڪراچي مان ڪئي، قاضي صاحب شاگرد يونين جو جنرل سيڪريٽري به رهيو، قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ ه لاڙڪاڻي ۾ وڪالت جي شروعات ڪئي ۽ لاڙڪاڻي بار ايسوسيئيشن جي ڪيترن ئي اهم عهدن تي رهيو، 1973ع کان 1983ع تائين سنڌ بار ڪائونسل جو سرگرم رڪن ۽ عهديدار رهيو، هي لاڙڪاڻو لا ڪاليج جو باني پرنسپال هو، هن لاڙڪاڻي ۾ آرٽس ۽ ڪامرس ڊگري ڪاليج جو بنياد وڌو، هي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ لا فيڪلٽي جو ڊين به مقرر ٿيو، هن سنڌ مدرسي ڪراچي جي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ مدرسي جي بورڊ جي ميمبر جي حيثيت ۾ به خدمتون سرانجام ڏنيون، پاڻ ڪيترن ئي سماجي ۽ ثقافتي ادارن سان لاڳاپيل رهيو، سنڌ سوشل ويلفيئر ڪائونسل جو 1980ع ۾ ميمبر ٿيو ۽ 1982ع ۾ سنڌ هلال احمر سوسائٽي جي انتظامي ڪاميٽي جو وائيس چيئرمين چونڊيو ويو، قاضي صاحب 1980ع کان 1985ع تائين سنڌ صوبائي ڪائونسل جو ميمبر به رهيو، پاڻ تحريڪ پاڪستان ۾ به حصو ورتائين ۽ ٻه دفعا گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نمائندگي به ڪيائين، 1985ع جي عام چونڊن ۾ وارهه ضلعي لاڙڪاڻي مان سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي ويو ۽ سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر واري عهدي تي بنا مقابلي چونڊجي ويو ۽ هڪ سال تائين ان عهدي تي رهيو، فيبروري 1986ع ۾ کيس سنڌ ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو ۽ کيس تعليم، قانون، پارلياماني معاملا، ناڻو، ٽرانسپورٽ، مڪاني ادارا، ڳوٺاڻي ترقي ۽ راندين جي کاتن واري وزارت سونپي وئي، 10 اپريل 1988ع تي سنڌ اسيمبلي جي ڪوٺايل خاص اجلاس ۾ واضح اڪثريت سان کيس ايوان جو اڳواڻ چونڊيو ويو ۽ 11 اپريل 1988ع تي اختر علي جي قاضي پاٽائي سنڌ جي وڏي وزير جو قسم کنيو ۽ ڊسمبر 1988ع تائين وزيراعليٰ رهيو، اختر علي جي قاضي 2010ع ۾ وفات ڪئي.

    استاد نظر محمد چنا/ قانوندان ۽ ڪلاسيڪل راڳي
    نظر محمد چنا ولد احمد خان چنا سن 1940ع تي پاٽ شريف ۾ ڄائو، پرائمري کان ميٽرڪ تائين تعليم ڳوٺ ۾ ئي حاصل ڪيائين، ان کانوپءِ انٽر ڊگري ڪاليج دادو مان ۽ بي اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پاس ڪيائين، نظر محمد چنا کي قانون پڙهڻ جو شوق هو، ان ڪري پاڻ حيدرآباد مان ايل ايل بي به پاس ڪيائين ۽ پوءِ وڪالت جي پيشي سان لاڳاپيل رهيو، ان دوران پاڻ موسيقي ۾ به دلچسپي وٺندو رهيو ۽ باقاعده سکيا استاد محمد صالح ساند کان ورتائين جيڪو ان وقت جو مشهور ڪلاسيڪل گائڪ هو ۽ نظر محمد چنا به فني موسيقي جي سرن ۾ ايترو ته ماهر ٿي ويو جو سال 1970ع واري دور کان وٺي تمام گهڻيون نجي محفلون اٽينڊ ڪيائين ۽ پوءِ سندس سڃاڻپ هڪ سٺي گويي طور ٿيڻ لڳي ۽ فن موسيقي جي باذوق ماڻهن کيس استاد ۽ خانصاحب جو لقب ڏنو ۽ پوءِ کيس استاد نظر محمد چنا يا خانصاحب نظر محمد چنا جي نالي سان پڪاريو ويندو، پاڻ پنهنجي ڳوٺ پاٽ شريف ۾ به محفلن کي مچائيندو رهندو هو، ايتري تائين جو پنهنجي دوست مرحوم غلام حسين سومرو سان گڏجي پنهنجي بيٺڪ تي ميوزڪ اڪيڊمي به قائم ڪيائين ۽ ڪيترن ئي شاگردن کي موسيقي جي سکيا ڏنائين، پاٽ شريف مان دادو شفٽ ٿيڻ کانپوءِ به سندس وڪالت وارو سلسلو جاري رهيو ۽ موسيقي جي خدمت به ڪيائين، اتي به خادم سخيراڻيءَ جهڙا بهترين ڪلاسيڪل سنگر سندس شاگرد رهيا ۽ مشهور بانسري نواز غلام شبير عمراڻي به وٽائنس بانسري سکيو، استاد نظر محمد چنا هڪ انسان دوست به هو، کيس اولاد ۾ چار پٽ شڪيل احمد، اختر علي مرحوم، عقيل احمد ۽ اڪبر علي چنا کان علاوه چار نياڻيون آهن، استاد نظر محمد چنا تاريخ 14 جولاءِ 2002ع ۾ وفات ڪئي ۽ دادو ۾ مدفون آهي.

    شهيد ايس ايس پي عبدالغني صديقي
    شهيد عبدالغني صديقي 24 ڊسمبر 1950ع تي ميان علي گوهر صديقي جهڙي درويش صفت عالم جي گهر پاٽ شريف ۾ پيدا ٿيو، تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ 1974ع ۾ ڊي ايس پي پوليس ڀرتي ٿيو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو سيڪيورٽي آفيسر مقرر ٿيو، ضياءُالحق جي مارشل لا لڳڻ کانپوءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي قريبي ساٿين کي پڻ عتاب ڏسڻو پيو ۽ انهن ۾ شهيد عبدالغني صديقي به شامل هو، ڀٽو صاحب جي شهادت کانپوءِ بيگم نصرت ڀٽو، شهيد عبدالغني کي 70 ڪلفٽن تي پارٽيءَ جا معاملا سنڀالڻ جون ذميواريون ڏنيون، پاڻ وقفي وقفي سان مسلسل پنج سال جيل ۾ نظربند رهيو، ايم آر ڊي کي آرگنائيز ڪرڻ جون خدمتون سرانجام ڏيڻ جي عيوض کيس سنڌ پيپلزپارٽي جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، 1988ع ۾ جيئن ئي پيپلزپارٽي اقتدار ۾ آئي ته شهيد عبدالغني صديقيءَ کي وزيراعظم پاڪستان محترمه بينظير ڀٽو جو مشير مقرر ڪيو ويو، انهيءَ دوران سندس يارنهن سالن جي سينارٽي بحال ٿي ۽ پوءِ وري کيس ايس ايس پي اينٽي ڪرپشن ڪراچي مقرر ڪيو ويو، 4 جنوري 1993ع تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اوڀر ڪراچي مسٽر بشير احمد تي ڪنهن ماڻهوءَ رشوت وٺڻ جو الزام هڻي درخواست ڪئي ته هن ڪورٽ تي وڃي ڇاپو هنيو، اهو ملڪ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو ۽ پنهنجي نوعيت جو انوکو ۽ عظيم مثال هو، سندس موقف اهو هو ته جج جيڪڏهن انصاف جي ڪرسيءَ تي ويهي ٿو ته هو انصاف کان بالاتر نٿو ٿي وڃي، اهڙي صورتحال کانپوءِ ڪورٽن ۾ بائيڪاٽ ڪيا ويا، صدر غلام اسحاق خان ۽ وڏي وزير لاءِ هڪ نئون مسئلو کڙو ٿيو، پوءِ کيس ڪراچي مان هٽائي ايس ايس پي نوشهروفيروز مقرر ڪيو ويو ۽ اتي به هن بهادر آفيسر ڌاڙيلن خلاف وٺ پڪڙ ڪئي ۽ ڪجهه عرصي کانپوءِ وري کيس سنڌ ريزرو پوليس ڪراچي ۾ اي ڊي آءِ جي واري عهدي تي رکيو ويو، شهيد عبدالغني صديقي وڏن وڏن عهدن تي رهندي به پنهنجي ڳوٺ کي نه وساريو ۽ وقت بوقت پاٽ شريف ۾ سندس اچڻ ٿيندو رهندو هو، پاٽ جي تاريخ ۾ هي واحد آفيسر هو جنهن پنهنجي ڳوٺ جي ڪيترن ئي بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون ۽ دعائون کٽيون، هو ڪيترين ئي بي سهارا بيواهه عورتن جي مالي سهائتا به ڪندو هو، ڳوٺ جي ماڻهن سان سندس محبت جو هڪ ثبوت اهو به هو ته پاڻ جڏهن به ڳوٺ ايندو هو ته هڪ غريب ۽ مسڪين پورهيت غلام محمد لانگاهه وٽ ويندو هو ۽ ان کي پاڻ سان گڏ گاڏيءَ ۾ ويهاري پاٽ ۽ آس پاس جو چڪر هڻندو هو، شهيد عبدالغني صديقي پنهنجي ٻارن سان گڏ ڪوئيٽا ويندي پنهنجي گاڏي ۾ سفر ڪري رهيو هو ته ان دوران 22 جولاءِ 1994ع تي شام جو قلات ڀرسان آئل ٽينڪر سان سندن حادثو پيش آيو، جنهن ۾ سندس گهرواري رفعت غني، 2 نياڻيون شمائلا ۽ نوشين ۽ ٽي پٽ شهريار، بلال ۽ طلال ۽ پاڻ سميت ست گهرڀاتي شهيد ٿي ويا ۽ کين حيدرآباد ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي احاطي ۾ دفنايو ويو ۽ شهيد جي وارثن 1994ع ۾ شهيد عبدالغني جي نالي سان حيدرآباد ۾ مسلم سوسائٽي جي اهم شاهراهه تي سندس ياد ۾ ٽرسٽ اسپتال قائم ڪئي ۽ ان ئي ٽرسٽ جي هڪ برانچ پنهنجي ڳوٺ پاٽ شريف ۾ به کولي وئي، اها ٽرسٽ 22 اپريل 1997ع ۾ رجسٽرڊ ٿي، جنهن جا اعزازي ۽ مستقل ميمبر هي آهن مولانا عبدالجبار صديقي (صدر)، عبدالستار صديقي (جنرل سيڪريٽري)، ڊاڪٽر عبدالشڪور صديقي، سعيده صديقي، ڪليم الله صديقي، سليم الله صديقي، ڊاڪٽر شيراز ۽ علي صديقي ميمبر آهن.

    شهيد غزالا بتول صديقي
    سنڌ جي هن عظيم نياڻيءَ جو مڪمل نالو غزالا بتول هو ۽ گهر ۾ کيس پيار مان ڊاليءَ جي نالي سان به سڏيو ويندو هو، سندس والد صاحب جو نالو قاضي قطب الدين صديقي ۽ امڙ جو نالو حسن بانو هو، غزالا بتول 11 مارچ 1969ع تي پاٽ شريف ۾ ڄائي، غزالا بتول جي امڙ جو تعلق لياري جي بلوچ خاندان سان هو، ان ڪري ناناڻن وٽ سندس ڪراچي گهڻو اچڻ وڃڻ ٿيندو هو، پاڻ ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ بعد حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ پڙهي ۽ ايم اي ڪرڻ کانپوءِ کيس 1996ع ۾ پي آءِ اي جهڙي اهم اداري ۾ ملازمت مليس، جتي آفيسر گريڊ ۾ اسسٽنٽ مئنيجر پي آر او مقرر هئي، ۽ پي آءِ اي جي 21 گريڊ واري سنڌي آفيسر مظهر حسين زرداريءَ سان سندس شادي ٿي، جنهن مان کيس چار پٽ ابوذر، عمار، بلال ۽ محمد ابراهيم آهن، شهيد غزالا بتول جي رهائش ڪراچي جي گلستان جوهر واري علائقي ۾ هئي، 22 مئي 2012ع تي عوامي تحريڪ پاران نڪتل ”محبت سنڌ ريلي“ دوران جڏهن هزارين سنڌين جو قافلو ڪراچي جي چيل چوڪ واري علائقي ۾ پهتو ته ڌرتيءَ سان عشق ڪندڙ هن عظيم ڌيءَ به ان ريلي ۾ شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي 8 مهينن جي معصوم پٽ محمد ابراهيم کي گهر ڇڏي هن سورميءَ ريلي ۾ شرڪت کي لازمي سمجهيو، ڌرتيءَ ماءُ سان نينهن کيس سڀني رشتن کان وڌيڪ عزيز هو، سياسي طرح هن نياڻيءَ جو تعلق سنڌياڻي تحريڪ سان هو، جيئن جيئن مهاجر صوبي ٺاهڻ بابت يا سنڌ جي وحدانيت تي ٿيندڙ وار بابت جڏهن به ڪا ڳالهه ٻڌندي هئي ته سنڌ جي بقا خاطر اٿي کڙي ٿيندي هئي، هوءَ جڏهن به ٻڌندي هئي ته ڪنهن به سنڌي قومپرست جماعت جي ڪا ريلي ڪراچي پهچي رهي آهي ته هوءَ خاموشيءَ سان ان ۾ پنهنجو ڪو نه ڪو ڪردار ادا ڪندي هئي، 22 مئي 2012ع تي به جيئن ئي عوامي تحريڪ جي ريلي لياريءَ کان نڪتي ته هي بغير ڪنهن خوف جي چيل چوڪ وٽ اچي پهتي ۽ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهي هئي، جنهن ۾ سندس اهي لفظ آخري ۽ يادگار بنجي ويا ته ”سنڌجي هر نياڻي پنهنجو سر قربان ڪندي پر سنڌ کي ورهائڻ نه ڏيندي“ هن سورميءَ کي خبر هئي ته ڌرتيءَ سان عشق جو انت ڇا ٿيندو آهي پر کيس ڪنهن به نتيجي جي پرواهه نه هئي، جيئن ئي محبت سنڌ ريلي لياريءَ جي چيل چوڪ کان پان منڊيءَ تائين پهتي ته اڳواٽ ئي لڪيل دهشتگردن ريليءَ تي گولين جو مينهن وسائڻ شروع ڪيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي روڊن تي لاش ڪرندا رهيا ۽ نتيجي ۾ چئن عورتن سميت 13 ماڻهو شهيد ٿيا ۽ انهن سڀني ۾ شهيد غزالا بتول صديقي سڀ کان اول جان جو نذرانو ڏنو، جنهن کي محبت سنڌ ريلي جي پهرين شهيد قرار ڏنو ويو، جيڪا دليريءَ سان مزاحمت به ڪندي رهي ته ٻين عورتن کي بچائڻ جي ڪوشش به ڪندي رهي، هن پنهنجو وچن نڀائيندي سنڌ تان جان گهوري، سنڌ جي هن عظيم نياڻيءَ جي فلاحي ۽ سماجي ڪمن کي به نٿو وساري سگهجي، جڏهن 2010ع واري ٻوڏ آئي ته هن ڪراچي پهتل انهن ڏتڙيل ۽ مارو ماڻهن جي وڏي پئماني تي کاڌ خوراڪ، ڪپڙي لٽي ۽ رهائش سميت ٻين ضروري شين جو بندوبست ڪيو، شهيد غزالا بتول صديقي جي شهادت کانپوءِ سندس ننڍي ڀاءُ صلاح الدين پنهنجي شهيد ڀيڻ جي مشن کي جاري رکندي ”غزالا صديقي ميموريل ويلفيئر ايسوسيئيشن رجسٽرڊ 1362“ جي نالي سان فلاحي تنظيم ٺاهي، ان فورم تان 2013ع کان وٺي غريبن، مسڪينن جي سهائتا، ڏورانهن علائقن ۾ اسڪول قائم ڪرڻ ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن ٿيون، ان کان علاوه شهيد غزالا جا وارث ۽ سنڌ واسي هر سال 22 مئي جي سمورن شهيدن جي ورسي به ملهائيندا آهن، پاٽ شريف واسين لاءِ اها فخر جي ڳالهه آهي جو هن عظيم نياڻيءَ جو تعلق پاٽ شريف سان آهي.

    شهيد منظور احمد چنا
    شهيد منظور احمد چنا هڪ قومي ڪارڪن طور سڃاتو وڃي ٿو، سندس تعلق به پاٽ شريف سان آهي، هي پهرين مئي 1977ع تي غلام قادر چنا جي گهر ۾ پيدا ٿيو، سندس والد صاحب غلام قادر عرف قادن مستري 1988ع ۾ پنهنجي ڳوٺ پاٽ شريف مان شفٽ ٿي نوابشاهه ۾ رهائش اختيار ڪيائين، ان دوران منظور احمد ميٽرڪ پاس ڪئي ۽ اتي ئي ڀنگوار ڪالونيءَ ۾ ڪرياني جو دڪان کوليائين، منظور چنا سياسي حوالي سان نظرياتي نوجوان هو ۽ سندس وابستگي جسقم سان هئي، سنڌ خلاف لفظ به برداشت نه ڪندو هو، تاريخ 21 مارچ 2014ع تي سڪرنڊ روڊ نوابشاهه ۾ قومي ڪارڪنن جي هڪ ريلي نڪتي، جنههن ۾ منطور احمد چنا پاٽائي به اڳواڻي ۾ شامل هو، اچانڪ ريلي تي فائرنگ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جو هي سچو سپوت منظور چنا شهيد ٿي ويو ۽ پوليس پاران جڏهن جاچ ڪئي وئي ته خبر پئي ته انهيءَ فائرنگ ۾ ايم ڪيو ايم وارا ملوث هئا، جن هن ڳڀرو نوجوان کي شهيد ڪري ڇڏيو، سندس ڀاڻج جاويد احمد چنا جو چوڻ آهي ته ماما منظور هميشه چوندو هو ته دعا ڪيو ته آئون سنڌ ڌرتيءَ مٿان جان گهوري شهادت ماڻيان، پاٽ واسين کي شهيد غزالا بتول وانگر هن سپوت شهيد منظور احمد چنا تي به فخر آهي.

    شهيد بخشل خان برهماڻي
    شهيد بخشل خان برهماڻي ولد ڏاتو خان برهماڻي 12 فيبروري 1963ع تي پاٽ شريف ۾ ڄائو، پاٽ شريف ۾ ئي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ 31 جولاءِ 1985ع تي دادو جي ايس ايس پي آفيس ۾ پوليس ڪانسٽيبل طور ڀرتي ٿيو، شهيد بخشل پنهنجي ڊيوٽي ۾ ڪڏهن به غفلت نه ڪئي، هميشه چست ۽ ڦڙت اهلڪارن ۾ سندس شمار ٿيندو هو، هي تمام گهڻو دلير اهلڪار هو ۽ سندس ان بهادري جي ڪري پوليس آفيسر کيس پاڻ سان گڏ کڻندا هئا، اگر ڪٿي به ڪو ڏوهارين خلاف آپريشن يا مقابلو ٿيندو هو ته هميشه اڳيان اڳيان هوندو هو، سندس ان بهتر ڪارڪردگي عيوض کيس جلد پروموشن ڏئي هيڊ ڪانسٽيبل جي رينڪ ڏني وئي، تاريخ 6 مئي 1988ع تي پاڻ پوليس آفيسرن جي ٽيم سان گڏ هو ۽ پوليس ٿاڻي ڳڙهي خيرو ديرو جي حد ۾ سندن مقابلو ڌاڙيلن سان ٿي پيو ۽ هن سان گڏ اکين ڏٺا شاهد اهلڪارن جو چوڻ هو ته هي شهيد بخشل خان برهماڻي ڌاڙيلن کي للڪاريندو اڳتي وڌندو رهيو ۽ پاڻ ڪنهن به قسم ۾ پوئتي نه هٽيو ۽ اچانڪ هڪ ڌاڙيل سڄو برسٽ سندس سيني تي هلايو ۽ هي فرض شناس اهلڪار شهيد ٿي ويو ۽ اها تاريخ 21 رمضان هئي، شهيد بخشل خان برهماڻي جنهن دليريءَ سان پنهنجي شهادت ماڻي، ان تي پوليس ڊپارٽمينٽ ۽ سندس ڳوٺائين کي هن جي بهادري ۽ شهادت تي ناز آهي.

    شهيد مخدوم افتخار الحق صديقي عرف پپو سائين
    شهيد مخدوم افتخار الحق المعروف سائين پپن ولد مخدوم شمس الحق صديقي پهرين آگسٽ 1972ع تي مخدوم محلا پاٽ شريف ۾ ڄائو، پاڻ پرائمري ۽ سيڪنڊري جي تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ پاٽ شريف جي اسڪولن ۾ حاصل ڪيائين، ان بعد ڊگري ڪاليج دادو مان انٽر ۽ خانگي طور گريجوئيشن ڪيائين، پاڻ سياسي، سماجي شخصيت ۽ سماج سڌارڪ هو، هر ڪنهن جي ڪم اچڻ وارو ۽ يار ويس ماڻهو هو، سياسي حوالي سان آخر تائين اڳوڻي ايم پي اي سيد محمد شاهه سيتائيءَ سان سندس ويجهڙائپ رهي، مخدوم افتخار قانوني حوالي سان به مهارت رکندڙ شخصيت هو، پاڻ خانداني زميندار به هو ۽ پنهنجي وڏڙن مشهور پاٽائي بزرگن جو چشم و چراغ هو، سندن روايتن کي برقرار رکڻ لاءِ درگاهه جي سمورن بزرگن جو ساليانو عرس مبارڪ ملهائڻ ۾ سندس اهم ڪردار رهيو، پوري سنڌ جي گادي نشينن جو انتهائي خيال رکڻ وارو انسان ۽ پاڻ درگاهه مخدوم فضل الاهي جو سجاده نشين ۽ جماعت اهلسنت تعلقي دادو جو امير پڻ رهيو کيس 16 آگسٽ 2016ع تي هٿياربندن پاران پاٽ شريف جي وچ بازار ۾ شهيد ڪيو ويو. جيڪو پاٽ جي تاريخ جو وڏو سانحو هو. مخدوم افتخار الهق صديقي جي شهادت بعد به سندس ڀائرن مخدوم انعام الحق، مخدوم ضياءَالحق، مخدوم اظهار الحق، مخدوم منور الحق، مخدوم عرفان الرحمان ۽ مخدوم شفيق الرحمان ڪنهن کي به پنهنجي شهيد ڀاءُ جي ڪمي محسوس ٿيڻ نه ڏني آهي. سندن ديني ۽ دُنوي خدمتون جاري ۽ ساري آهن.
    گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا
    ڪڏهن منجهه ڪوٽن ڪڏهن راهي رڻ جا.

    ڊاڪٽر سڪندر علي پنهور/مختلف کاتن ۾ اهم پوسٽن تي خدمتون سرانجام ڏيندڙ شخصيت
    ڊاڪٽر ڪيپٽن سڪندر علي پنهور ولد غلام علي پنهور 11 جولاءِ 1955ع تي پاٽ شريف ۾ ڄائو، پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ بعد پائلٽ هاءِ اسڪول دادو مان ميٽرڪ پاس ڪيائين، ايم بي بي ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو، ڊي پي ايڇ پنجاب يونيورسٽي ۽ ايل ايل بي ڪراچي يونيورسٽي مان پاس ڪيائين، تعليم مڪمل ڪرڻ بعد 1981ع ۾ پاڪ آرميءَ ۾ بحيثيت ڊاڪٽر ملازمت اختيار ڪيائين ۽ ان کان پوءِ ڪيترن ئي عهدن تي رهيو، جنهن ۾ ڊائريڪٽر هيلٿ ڪراچي، ميونسپل سائوٿ ڪراچي، ايڊمنسٽريٽو ميونسپل لاڙڪاڻو، ڊائريڪٽر جنرل مانيٽرنگ مڪاني حڪومت سنڌ، اسپيشل سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ، اسپيشل سيڪريٽري هيلٿ، ڊائريڪٽر جنرل ڪلچرل، ڊائريڪٽر جنرل پاپوليشن ۽ ڊائريڪٽر جنرل اربن پاليسي اينڊ اسٽيٽيڪل پلاننگ ۽ ٻين کاتن ۾ به رهيو، ڊاڪٽر سڪندر علي پنهور سماجي سرگرمين ۾ به ڀرپور حصو ورتو، شاگردن کي مفت ڊريسون، ڪتاب ۽ فيون ادا ڪندو هو، ڪيترن مريضن جي علاج جو خرچ پاڻ برداشت ڪندو هو، ڪيترن ئي غريب مسڪينن ۽ بيواهه عورتن جي سهائتا ڪندو هو، ان کان علاوه ڊاڪٽر صاحب ادبي سرگرمين ۾ به حصو وٺندو هو ۽ فن موسيقيءَ سان نه رڳو دلچسپي هيس پر پاڻ به گائڪي جي حوالي سان سٺي ڄاڻ رکندو هو، اوطاق تي سندس ساز به رکيل هوندا هئا ۽ آيل مهمان دوستن کي پاڻ به ڳائي محفل مچائيندو هو، ڊاڪٽر ڪيپٽن سڪندر علي پنهور چند سال پهرين اسان کان وڇڙي ويو.

    سائين شفيع احمد چنا/ تعليمي ماهر ۽ سماج سڌارڪ
    پاٽ شريف جي علمي ادبي شخصيت سائين شفيع محمد چنا 15 جولاءِ 1933ع تي پاٽ شريف ۾ حاجي فتح محمد چنا جي گهر ۾ جنم ورتو، پاڻ ڳوٺ ۾ پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ ٽنڊي جان محمد جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ ڪيائين، انٽر سروري اسلاميه ڪاليج هالا مان ۽ گريجوئيشن يونيورسٽي آف سنڌ، بي ايڊ 1971ع ۽ 1972ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪيائين، انگلش، فارسي ۽ سنڌي جي مهارت رکندڙ سائين شفيع احمد چنا کي 25 آگسٽ 1955ع تي اسلاميه هاءِ اسڪول پاٽ شريف ۾ اسسٽنٽ ماسٽر جي پوسٽ تي مقرر ڪيو ويو ۽ پاڻ بحيثيت هڪ استاد جي 42 سال تعليمي خدمتون سرانجام ڏنائين، هڪ فرشتي نما هن استاد پنهنجي ٻاجهه ڀرئي رويي ۽ لهجي سان ڪيترن ئي پٿر مثل انسانن کي علم جي زيور سان تراشي کين هيرن ۽ جواهرن وانگر تيار ڪيو، نسل درنسل تائين تعليمي شعور عام ڪندڙ سائين شفيع احمد چنا عام زندگيءَ ۾ به هر ڪنهن سان ڏاڍو شفقت وارو رهيو، پاڙي اوڙي ۽ ڳوٺ جي ڪنهن به ماڻهو کي نااميد ڪيائين، سائين وٽ پڙهندڙ شاگرد کيس اڄ تائين نه وساري سگهيا آهن، اسڪول جي ايڊمنسٽريشن جي حوالي سان پاڻ ڪيترائي مثالي قدم کنيائين، ساڻس ڊيوٽي سرانجام ڏيندڙ ٻيا استاد کيس استادن جو رول ماڊل ٽيچر قرار ڏيندا هئا، پرسنلٽيءَ جي حوالي سان سائين شفيع احمد چنا جو گهر کان اسڪول تائين پهچڻ کان اول بازار مان گذر ٿيندو هو ۽ سائين سان ڪيترائي شاگرد گڏ هوندا هئا، ڪڏهن پينٽ، شرٽ ۽ ڪڏهن سلوار قميض ۾ سائين جي ڊريسنگ به پرڪشش لڳندي هئي، هميشه سمارٽ نظر ايندڙ سائين جن جي چهري تي هلڪي مسڪراهٽ هوندي هئي ۽ هٿ ۾ ڪو ڪتاب يا ڊائري کڻي هلڻ سائين جن جي عام روٽين هئي، سائين شفيع احمد چنا 5 جولاءِ 1965ع تي پنهنجي ئي عزيزن مان شادي ڪئي، جنهن مان 6 پٽ ۽ 5 نياڻين جو اولاد اٿس، جيڪي ماشاءَالله اعليٰ تعليم يافته ۽ اهم پوسٽن تي سروس ۾ آهن، سائين شفيع احمد چنا ديسي کاڌا کائڻ پسند ڪندو هو ۽ پاڻ به لذيذ کاڌا پچائڻ ڄاڻندو هو، موسيقي ۾ لتا منگيشڪر، مهدي حسن، محمد رفيع، مڪيش ۽ پراڻا سنڌي گيت ٻڌڻ پسند ڪندو هو، هميشه پوري حياتي علم لاءِ وقف ڪندڙ سائين شفيع احمد چنا 1993-4-15 تي رٽائرڊ ٿيو ۽ اولاد جي تعليم خاطر پاٽ شريف کان دادو شفٽ ٿيڻ کانپوءِ سائين شفيع احمد 11 سيپٽمبر 2004ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو ۽ سندس آخري آرامگاهه لعل هنڌي قبرستان دادو ۾ آهي.

    ڪريم بخش چنا صاحب/ تعليمي ماهر ۽ سماج سڌارڪ
    سنڌ جي هن نامور تعليمي ماهر ۽ اديب ڪريم بخش چنا جو جنم 25 جنوري 1916ع تي پاٽ شريف ۾ ٿيو، سندس والد صاحب عبدالعظيم چنا استاد هو، جنهن جو اصل ڳوٺ نيوڪلري هو ۽ پوءِ پاٽ شريف شفٽ ٿيو، ڪريم بخش چنا جي ابتدائي تربيت ۽ تعليم پاٽ شريف ۾ ئي ٿي، ان کانپوءِ بمبئي جي بورڊ مان فرسٽ ڪلاس ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين ۽ پوءِ بمبئي مان ئي بي اي ۽ ايم اي فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. انگريزي، عربي، تاريخ، جاگرافي ۽ سائنس جي مضمونن تي عبور حاصل ڪندڙ هن شخصيت کي 1946ع ۾ سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي ۾ انگريزيءَ جو استاد مقرر ڪيو ويو، جتي 1948ع تائين ڊيوٽي سرانجام ڏنائين، ان کانپوءِ ميرپورخاص جي هاءِ اسڪول ۾ سندس مقرري ٿي، جتي تعليمي سوسائٽي جو بنياد وڌائين، ڪجهه وقت کانپوءِ سندس قابليت ۽ محنت جي آڌار تي کيس ٽنڊي جان محمد جي لوڪل بورڊ جي هاءِ اسڪول ۾ هيڊ ماستر جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو، ان کانپوءِ جيڪب آباد جي اهم شخصيت ميونسپل چيئرمين ميان احمد سومري کيس ڊيپوٽيشن تي جيڪب آباد ميونسپل هاءِ اسڪول جو هيڊ استر مقرر ڪرايو، جتي چنا صاحب پنهنجون صلاحيتون ڪتب آڻيندي اسڪول جي Co-Education ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جو تعداد وڌائي 900 تائين پهچايو، پاڻ دلچسپي وٺي لوڪل بورڊ واري جاءِ تي هاسٽل منظور ڪرايائين، جنهن ۾ پري پري جا شاگرد اچي رهندا هئا، سائين ڪريم بخش چنا صاحب انتظامي حوالي سان انتهائي سخت هو ۽ اسٽاف کي هميشه هدايت ڪندو هو ته ڊيوٽي ايمانداري سان ڪريو، چنا صاحب وري شفيق ايڏو هو جو هر ڪنهن سان بهتر رويو هئس.
    1952ع ۾ ڪريم بخش چنا صاحب کي هالا جي طالب الموليٰ هاءِ اسڪول ۾ مقرر ڪيو ويو، ان کانپوءِ اسلاميه سروري ڪاليج هالا ۾ پرنسپل مقرر ٿيو ۽ اتي ٻن سالن تائين پنهنجون علمي، ادبي ۽ سماجي خدمتون سرانجام ڏنائين ۽ سندس جي ڪوشش سان اتي به شاگردن لاءِ هاسٽل تعمير ڪرائي وئي، هالا جي مخدومن جي اها ڪوشش رهي ته هن علمي ستاري مان وڌ ۾ وڌ فائدو حاصل ڪري وٺجي، اها چنا صاحب جي شخصيت هئي جنهن کي سنڌ جون نامور هستيون ڊمانڊ ڪري گهرائينديون هيون ته اسان جي علائقي جي شاگردن کي به چنا صاحب جو مليل علمي فيض حاصل ٿئي، ڪريم بخش چنا صاحب کي هالا کان پوءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميهڙ جو هيڊ ماستر مقرر ڪيو ويو ۽ اتي سندس مقرري دوران هاسٽل به تعمير ڪرائي وئي ۽ سندس اولين ترجيح هئي ته ڪاڇي جي علائقي جا ماڻهو پنهنجي اولاد کي هتي پڙهائين ۽ پوءِ سندس اها ڪوشش ڪامياب وئي ۽ ڪيترائي شاگرد ڪاڇي مان اچي هن اسڪول ۾ پڙهندا هئا ۽ سندن رهائش لاءِ هاسٽل جو بندوبست ٿيل هو، ميهڙ مان ٽرانسفر ٿيڻ کانپوءِ ڪريم بخش چنا صاحب پائليٽ هاءِ اسڪول دادو جو هيڊ ماستر مقرر ٿيو، جتي هن جي اچڻ سان نصابي ۽ غير نصابي سرگرميون جاري رهيون ۽ هن اسڪول جو تعليمي معيار عروج تي رهيو، چيو وڃي ٿو ته گورنمينٽ گرلس ڪاليج دادو چنا صاحب جي ئي ڪوشش سان منظور ٿيو، اهڙي طرح دادو ۾ استادن جي ٽريننگ لاءِ به ڪاليج تعمير ڪرائڻ لاءِ سندس جاکوڙ جاري رهي ۽ اعليٰ اختيارين سندس مطالبي تي دادو ۾ ايليمينٽري ڪاليج جي منظوري ڏني وئي جتي نون ڀرتي ٿيل استادن کي ڪورس ڪرايا ويندا هئا.
    ڪريم بخش چنا صاحب جون تعليمي حوالي سان لازوال خدمتون آهن، پاڻ علمي حوالي سان سنڌ جي مختلف ادارن ۾ بي لوث جذبي سان پنهنجا فرض نڀايا، هن پنهنجي ڳوٺ کي به نه وساريو، پاڻ 1954ع پاٽ شريف ۾ اسلاميه هاءِ اسڪول جو بنياد وڌائين ۽ ان تعليمي سوسائٽي جو چيئرمين ٿيو ۽ پري پري کان ايندڙ شاگردن لاءِ هاسٽل جو بندوبست ڪيائين، پنهنجي ڳوٺ سان انتها درجي جو مثال قائم ڪندي هن پنهنجو ذاتي گهر شاگردن جي هاسٽل لاءِ عطئي طور ڏئي ڇڏيو ۽ حيرت جي ڳالهه ته سر ڪريم بخش چنا ان اسلاميه هاءِ اسڪول پاٽ شريف جي استادن کي پنهنجي کيسي مان پگهار ڏيندو هو ۽ هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردن جي کاڌ خوراڪ ۽ رهائش به سندس ذمي هوندي هئي، چنا صاحب لاءِ هڪ واقعو مشهور آهي ته ڪجهه وقت لاءِ گهر ۾ کين مالي حالتن سبب استادن جي پگهار لاءِ پريشان ڏٺو ويو ته سندن گهرواريءَ پنهنجو سمورو سون کڻي زندهه دليءَ جو مظاهرو ڪندي چنا صاحب کي اچي ڏنو ۽ چيائين ته هي سون کپائي پگهارون ادا ڪيو ۽ اسڪول ۽ هاسٽل بند نه ٿيڻ گهرجي، ڇو جو اسان جي اصل ملڪيت ته اهي پڙهندڙ شاگردن ۽ ٻچا آهن، ان کانپوءِ چنا صاحب اهي زيور کپائي اسڪول هلايو ۽ هن اسڪول کي گورنمينٽ ۾ ضم ڪرائڻ لاءِ به سندس ڪوشش جاري رهي ۽ پوءِ هي اسڪول گورنمينٽ جي تحويل ۾ ورتو ويو ۽ علامه آءِ آءِ قاضي بوائز هاءِ اسڪول پاٽ شريف جي نالي سان اڄ ڏينهن تائين قائم آهي ۽ اسڪول جي هيڊ ماسترن جي لسٽ وارن بورڊ ۾ مٿان ئي مٿان فائونڊر آف اسڪول ڪريم بخش چنا صاحب جو نالو لکيل آهي.
    چنا صاحب جون ڪيتريون سماجي خدمتون به آهن، پاڻ پنهنجي برادريءَ لاءِ ”چنا اتحادي ڪاميٽي“ ذريعي چنا برادري جا ذاتي مسئلا به حل ڪندو رهيو ۽ ان کان علاوه ڪجهه پاٽ جي سرنديءَ وارن ماڻهن کان مالي سهڪار حاصل ڪري چنا برادري ۽ ٻين ذاتين وارن غريب شاگردن جي لاءِ اسڪالر شپ ۽ اسڪولي فيس جو بندوبست ڪيو ويندو هو، چنا صاحب جا ڪيترائي شاگرد ڊاڪٽر، انجنيئر، جج ۽ بالا آفيسر آهن، مشهور سرجن ڊاڪٽر سڄڻ ميمڻ به ڪريم بخش چنا صاحب جو شاگرد هو، ڪريم بخش چنا صاحب ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽر آف اسڪولس، ڊائريڪٽر نيشنلائيز اسڪول ڪراچي، سبجيڪٽ اسپيشلسٽ انگريزي ۽ ڊائريڪٽر بيورو آف ڪريڪيولم جي عهدي تي به رهيو، چنا صاحب لاءِ مشهور آهي ته پاڻ جڏهن اهم عهدن تي هو ته پنهنجي ڳوٺ جي ڪيترن ئي تعليم يافته نوجوانن کي نوڪريون ڏنائين ۽ پنهنجي هوشيار شاگردن کي خط لکي سنڌ جي مختلف علائقن مان گهرائي کين نوڪرين جا آرڊر ڏنائين، چنا صاحب ذاتي زندگيءَ ۾ هميشه ٻين جو هڏ ڏوکي رهيو، اڪثر فل سوٽ ۾ رهندڙ ۽ ڪلين شيو ڪندڙ هي قدآور انسان ڏسڻ سان ئي وڏي پرسنلٽي محسوس ٿيندو هو، پاڻ پاٽ شريف ۾ اچڻ سان ئي ادبي محفلن ۾ تر جا ۽ ڳوٺ جا سٺا سٺا شاعر ۽ سگهڙ گهرائي ڪجهه ٻڌندو هو ۽ ڪجهه انهن کي پاڻ ٻڌائيندو هو، چنا صاحب جا ڪيترائي ڪتاب به لکيل آهن، ڪريم بخش چنا صاحب 9 نومبر 1985ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي ۽ اتي ئي مدفون آهي، چنا صاحب جي اولاد ۾ 2 ڌيئر پروفيسر عذرا ۽ ڊاڪٽر نائلا شامل آهن ۽ 5 پٽ ڊاڪٽر نديم احمد، انجنيئر فهيم احمد، بينڪ آفيسر نعيم احمد، استاد نسيم احمد ۽ استاد وسيم احمد چنا شامل آهن.

    ڪريم بخش چنا صاحب جا لکيل ڪتاب
    هڪ تاريخ تمدن اسلام
    عربي ٽيڪسٽ بڪ
    تاريخ اسلام
    رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم (ڀاڱو پهريون)
    رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم (ڀاڱو ٻيو)
    حضور صلي الله عليم وسلم جو دور
    بنو عباسي دور
    تمدن جي ماهيت

    پروفيسر امينا خميساڻي/ علمي ادبي شخصيت
    تعليمي ماهر پروفيسر امينا خميساڻي المعروف ”آمنه چنا“ 16 اپريل 1919ع تي پاٽ شريف ۾ ڄائي، سندس والد صاحب خانصاحب علي بخش چنا ڪليڪٽر ۽ پاٽ شريف جو زميندار هو، ميڊم امينا خميساڻي پرائمري ۽ ديني تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ پاٽ شريف مان حاصل ڪئي، ان کانپوءِ سينٽ جوزف اسڪول ڪراچيءَ مان ميٽرڪ ڪئي، 1943ع ۾ پنجاب يونيورسٽي مان بي اي ڪئي ۽ 1955ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم اي انگلش جي ڊگري حاصل ڪيائين ۽ ساڳئي ئي سال ۾ سنڌ يونيورسٽي جي انگريزي شعبي ۾ ليڪچرر مقرر ٿي، امينه عرف آمنه چنا جي شادي جڏهن ڊي ايس پي غلام محمد خميساڻي (سهتو) سان ٿي ته پاڻ پنهنجي نالي پٺيان امينا خميساڻي سڏرائڻ لڳي، سموري حياتي تعليم جي خدمت لاءِ وقف ڪندڙ هن خاتون 1963ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان سترهين صديءَ جي انگريزي ادب جي موضوع تي ڊپلوما ڪئي، 1969ع کان 1974ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگريزي شعبي سان وابسته رهي، هن سبجيڪٽ ايڪسپرٽ طور پشاور يونيورسٽي، بلوچستان يونيورسٽي ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ پڻ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون، 1983ع ڌاري اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ جي 38 هين اجلاس جي نمائندگي ڪيائين، پاڻ عورتن واري رتبي جي پاڪستاني ڪميشن جي ميمبر ۽ ساڳي ڪميشن جي 1984ع واري ڇپيل رپورٽ جي سهڪاري ايڊيٽر پڻ رهي، ميڊم امينا خميساڻي مختلف موضوعن تي ڪيترائي مضمون ۽ ڪتاب لکيا، خاص ڪري انگريزي ادب ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي معاملن تي ڪيترائي ڪتاب لکيا، هوءَ شيڪسپيئر، ورڊس ورٿ ملٽن، جان ڪيٽس، بائرن ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن تي عبور رکندي هئي. پروفيسر امينا خميساڻي جڏهن حيدرآباد اچي رهائش اختيار ڪئي هئي ته کيس شاهه لطيف کي سمجهڻ جو وڌيڪ اتساهه مليو، پاڻ شاهه لطيف جي شاعريءَ تي انگريزيءَ ۾ ڪيترائي مقالا لکيائين ۽ سندس وڏو ڪارنامو شاهه جي رسالي جو نثر ۾ مڪمل انگريزي ترجمو آهي، جيڪو ثقافت کاتي پاران ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو، امينا خميساڻي صاحبه 1985ع ۾ وزيٽنگ پروفيسر جي عهدي تان رٽائر ٿي ۽ 2007ع ۾ وفات ڪري وئي، پروفيسر امينا خميساڻي جو گهروارو غلام محمد خميساڻي جڏهن 1972ع ۾ وفات ڪري ويو ته هن پنهنجي اولاد جي تربيت تي وڌيڪ توجهه ڏني ۽ سندس وڏو پٽ رياض احمد خميساڻي پي آءِ اي ۾ انجنيئر ٿيو ۽ سندس ٻيو پٽ طارق خميساڻي برٽش پيٽروليم ڪمپني اسلام آباد ۾ چيئرمين ٿيو، ميڊم امينا خميساڻي جو پاٽ شريف ۾ وهندڙي لڳ سومرا محلي ۾ الڳ گهر هو جيڪو اڄ به ڳاڙهين سرن واري جاءِ جي نالي سان مشهور ۽ موجود آهي، ميڊم امينا جي ڌيءَ ڊاڪٽر ياسمين آمريڪا ۾ پنهنجي ميڊيڪل واري شعبي جون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي، ميڊم امينا خميساڻي جي شخصيت پاٽ شريف واسين لاءِ اعزاز هئي، سندس علمي ادبي خدمتون وساري نٿيون سگهجن، سندس زير تربيت رهندڙ ڪيترائي شاگرد اعليٰ عهدن تائين پهتا.

    ميڊم امينا خميساڻي جا لکيل ڪتاب
    سترهين صديءَ جو انگريزي ادب سال 1963ع
    ”شاهه جو رسالو“ انگريزي ترجمو ڇاپو پهريون سال 1994ع
    ”شاهه جو رسالو“ انگريزي ترجمو ڇاپو ٻيو سال 1994ع
    DRAMA BETWEEN TWO ENGLISH LITERATURE
    CASUL PEEPS AT ENGLISH LITERATURE
    SINDH S’ CONTRIBUTION TO ENGLISH
    سنڌ جي عورت (مضمون)
    ڪربلا کان اڳ ۽ پوءِ (مضمون)
    اسلام ۾ عورت جو ڪردار (مضمون)

    آپا زينت چنا/علمي ادبي شخصيت
    آپا زينت چنا ڌيءَ محمد صالح چنا جو جنم 4 جنوري 1919ع تي سيوهڻ ۾ ٿيو، پاٽ شريف جي اهم شخصيت خانصاحب عبدالله چنا سان جڏهن سندس شادي ٿي ته هن جو تعلق به پاٽ شريف سان جڙي ويو، آپا زينت چنا سيوهڻ ۾ ئي ابتدائي ۽ قرآن پاڪ جي تعليم حاصل ڪئي، ان کانپوءِ اڳتي تعليم حاصل ڪندي مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙهي ۽ پوءِ درس و تدريس جي شعبي سان وابسته رهي ۽ سيوهڻ جي هڪ گرلس اسڪول ۾ هيڊ مسٽريس هئي، مطالعي سان گهڻي دلچسپي رهيس ۽ علم ادب ڏانهن خاص توجهه هوندو هيس، پاڻ ڪيترائي مضمون لکيائين ۽ اخبارن ۽ رسالن ڏانهن موڪليندي هئي، سندس اهي لکڻيون شبنم جي نالي سان ڇپجنديون هيون، 1944ع ۾ جڏهن سندس شادي عبدالله خان چنا پاٽائي سان ٿي ته پاٽ ۾ اچڻ کانپوءِ کيس گهر ۾ اهڙو ماحول مليو، جو کيس وڌيڪ لکڻ جو موقعو مليو، ان کانپوءِ حيدرآباد ۾ رهڻ دوران خاڪسار تحريڪ ۾ به سرگرم رهي ۽ ان جي سرپرستي ڪئي، ان وقت ۾ پاڻ ليڊيز مسلم ليگ جي اڳواڻ به رهي، سندس مڙس خانصاحب عبدالله چنا ڪليڪٽر جي حيثيت ۾ جڏهن لاڙڪاڻي رهندو هو ته سندس گهرواري زينت چنا اتي رهندي هئي، ۽ عورتن کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ لاءِ لاڙڪاڻي ۾ هنري مرڪز کوليو ۽ لاڙڪاڻي اچڻ وڃڻ دوران ڀٽو خاندان جي بيگمات سان به آپا زينت جي سٺي دعا سلام هئي، ڀٽ شاهه ته سندس روحاني مرڪز هوندو هو ۽ ميلا ڪاميٽي ۾ ميمبر هوندي هئي، عورتن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ ۽ ادب ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ لاءِ مارئي رسالو به ڪڍيائين، پيپلزپارٽيءَ سان به سياسي وابستگي رکيائين، آپا زينت پنهنجي گهريلو ملازمن جو به تمام گهڻو خيال رکندي هئي، غريب ڇوڪرين جي شادي جو خرچ پاڻ برداشت ڪندي هئي. آپا زينت چنا حيدرآباد شهر ۾ مينا بازارون لڳرائي عورتن جا ميڙ گڏ ڪندي هئي، هوءَ ڪنهن سان حسد ڪرڻ کي خدائي ڏوهه سمجهندي هئي، هوءَ سنڌ جي عورت ليکڪائن ۽ اديبائن جي سرواڻ به ٿي رهي ۽ ون يونٽ واري تحريڪ ۾ اديبن سان گڏ جدوجهد ۾ به شامل رهي، آپا زينت چنا سنڌ جي نامور اديب حميد سنڌي کي پنهنجو پٽ ڪيو هو ۽ اڪثر ادبي ميڙاڪن ۾ حميد سنڌي ساڻس گڏ هوندو هو، آپا زينت مارئي رسالي جي ايڊيٽر به هئي ته ان کان علاوه انڊس آرٽس ڪائونسل جي ڊائريڪٽر، پاڪ سوويت ڪلچر سوسائٽي جي ميمبر، ليڊيز نيشنل گارڊ جي ميمبر، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي صلاحڪار ڪاميٽيءَ جي ميمبر، حيدرآباد اپوا جي به اڳواڻ ۽ مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ شاگردن جي ذهني چٽا ڀيٽي ۽ تقريري مقابلن ۾ جج دور خدمتون سرانجام ڏيندي هئي، آپا زينت چنا 1974ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس آخري آرامگاهه حيدرآباد ۾ آهي.

    ڪامريڊ نظير احمد چنا/ علمي ادبي ۽ سياسي شخصيت
    نظير احمد چنا 8 نومبر 1945ع تي جوهيءَ ۾ ڄائو، سندس والد صاحب مختيارڪار عبدالقيوم چنا پاٽائي جي ان وقت ۾ پوسٽنگ جوهيءَ ۾ هئي ۽ اتي ئي رهائش سبب نظير احمد چنا جي پيدائش ٿي، نظير احمد چنا پرائمري تعليم ڪوٽڙي مان حاصل ڪئي ۽ ان کانپوءِ سينٽ ميري اسڪول سکر ۽ روهڙي ۾ به پڙهيو، ملڪ شير دل ميونسپل هاءِ اسڪول ڪوٽڙي مان 1959ع ۾ ميٽرڪ سيڪنڊ ڊويزن ۾ پاس ڪيائين ۽ ان کانپوءِ 1963ع ۾ سنڌ ڪاليج آف ڪامرس مان بي ڪام ۽ سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچي مان 1965ع ۾ ايل ايل بي ڪيائين، ان کانپوءِ کيس ملازمت ملي ۽ 1973ع کان 1981ع تائين پي ٽي وي ڪراچي ۽ پشاور جو پروڊيوسر رهيو ۽ پوءِ استعيفيٰ ڏنائين ۽ ڪجهه وقت لاءِ مراد مير گورنمينٽ ڪاليج ملير ڪراچي ۾ انگريزي جو ايڊهاڪ ليڪچرار به مقرر ٿيو ۽ ان کانپوءِ هاءِ اسڪول صدر ڪراچي ۾ به ٽيچر رهيو، نظير احمد چنا کي عام طور تي ڪامريڊ نظير احمد چنا جي نالي سان به سڏيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته پاڻ 1963ع ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ مشتاق احمد سان گڏجي ون يونٽ خلاف موومينٽ ۾ حصو ورتائين، ان کانپوءِ مولانا ڀاشاني سان گڏ ڪم ڪندي ٽوباٽيڪ سنگهه واري هاري ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائين، محترمه فاطمه جناح واري صدارتي اليڪشن ۾ ايوب خان خلاف ڪم ڪيائين، 1971ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو واري اليڪشن جي هڪ جلسي ۾ تقرير ڪيائين، اتي شيخ عبدالمجيد سنڌي، مير رسول بخش ٽالپر، رئيس غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي ۽ سندس والد صاحب به موجود هئا.
    ڪامريڊ نظير احمد چنا سائين جي ايم سيد سان به ڪجهه عرصي لاءِ گڏ رهيو ۽ عوامي تحريڪ جي بنياد رکڻ ۾ رسول بخش پليجو سان به گڏ شامل رهيو ۽ سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهيو، ادبي حوالي سان پاڻ سٺو ليکڪ به آهي، 1954ع ۾ شاگردي واري دور ۾ انگريزي شاعريءَ کان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ سندس انگريزي شاعري جو هڪ ڪتاب به ڇپيل آهي جنهن جو نالو “ODE TO MOON” ان کان علاوه پروفيسر عذرا ڪنڌ رجي اردو شاعريءَ واري ڪتاب ”نيل گگن تلي“ جو انگريزي ۾ ترجمو ڪيائين، ان کان علاوه منصور حلاج سان خاص عقيدت سبب پاڻ ديوان منصور حلاج جو انگريزي ترجمو به ڪيائين، ان کان علاوه ٻين ڪيترن ئي ڪتابن جا انگريزي ترجما ڪيا اٿس، هن ڪراچي ۾ ”سنڌي اسٽوڊنٽ فيڊريشن سنڌي ڪلچر اڪيڊمي“ جو به بنياد وڌو، ڪامريڊ نظير چنا جا سوين مقالا ۽ مضمون ڪيترين ئي سنڌي، اردو، انگريزي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي چڪا آهن، پاڻ ايران جي دوري دوران ريڊيو زاهدان تان تجزيه ۽ تبصرا به پيش ڪري چڪو آهي. نظير چنا صاحب ڪشمير جي صدر سردار عبدالقيوم وٽ مظفر آباد جي صدارتي محل ۾ سورنهن ڏينهن مهمان ٿي رهيو ۽ ريڊيو آزاد ڪشمير تان تقريرن ۽ تجزين ۾ شامل رهيو، ڪامريڊ نظير چنا اندر ۾ مڪمل صوفياڻو مزاج رکي ٿو، هن وقت ڪوٽڙي ۾ رهائش پذير آهي ۽ پنهنجي فيملي سان بهتر زندگي گذاري رهيو آهي، سندس پٽ غلام عباس چنا ڪلچر ڊپارٽمينٽ ۾ سب انجنيئر آهي، پاڻ پنهنجي اباڻي ڳوٺ پاٽ شريف کي به نه وساري سگهيو آهي، اولياءَ ڪرامن تي حاضري ڀريندڙ ۽ منصور حلاج جي مڪتبه فڪر کي ڦهلائيندڙ ۽ ان جي پيغام کي عام ڪندڙ هن شخصيت جي عملي جدوجهد جاري آهي.

    عبدالقيوم چنا/مئجسٽريٽ
    عبدالقيوم چنا پاٽ شريف لڳ ڳوٺ نيوڪلري ۾ خليفي حافظ محمد قاسم چنا جي گهر ۾ 13 نومبر 1910ع ۾ ڄائو، عبدالقيوم چنا جو والد صاحب ننڍپڻ ۾ ئي وفات ڪري ويو ۽ سندس پرورش وڏي ڀاءُ سعد الله چنا ڪئي، جيڪو انگريز سرڪار جي دور ۾ پوسٽ ماسٽر هو، عبدالقيوم بمبئي يونيورسٽي مان 1928ع ۾ ميٽرڪ ڪئي ۽ پوءِ روينيو کاتي ۾ نوڪري ملي ويس، جتان ترقي ڪندو مختيارڪار جي عهدي تي پهتو، عبدالقيوم چنا پاٽ شريف مان استاد خان محمد چنا جي نياڻي امرالنساءَ سان شادي ڪئي، ان حوالي سان سندس تعلق پاٽ شريف سان جڙيل رهيو، عبدالقيوم چنا صاحب جون علمي ۽ فلاحي خدمتون وساري نٿيون سگهجن، هن محسوس ڪيو ته سنڌ ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي تعليم جو بندوبست ڪونهي، خاص ڪري پاڻ ڪوهستان واري علائقي ۾ اهڙي صورتحال ڏٺائين ۽ اتي ڪجهه سرنديءَ وارن ماڻهن کان مالي مدد وٺي ۽ باقي پنهنجي خرچ تي رضاڪاراڻه طور تي اسڪول کوليائين جتي اتان جي غريب ٻارڙن جي تعليم وارو عمل شروع ٿيو، ڳڙهي خيرو جمالي ۾ 1961ع ۾ قائم ٿيل سندس اڳتي هلي سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين قائم آهي، ٿر جي ننگرپار واري علائقي ۾ اتان جي نيڪ استاد موهن لال پاڪستاني سان گڏجي ڪيترائي اسڪول تعمير ڪرايائين، چنا صاحب اڪثر ڪري ٻاهرين ضلعن ۾ ڊيوٽي ڪئي ۽ موڪلن دوران پنهنجي فيملي سان جڏهن به پا ٽ شريف ايندو هو ته مٽن مائٽن ۽ ڳوٺ وارن سان خوب ڪچهريون ڪندو هو، پاٽ واري بند هيٺان ڪچي واري علائقي م تترن جي شڪار لاءِ به ويندو هو، عبدالقيوم چنا صاحب جي اولاد ۾ هڪ پٽ مشتاق احمد پي آءِ اي ۾ فلائيٽ برسر هو، جيڪي پي آءِ اي جي تاريخ ۾ پهريون سنڌي فلائيٽ برسر هو، جنهن کي ڪجهه ڏوهارين 1974ع ۾ شهيد ڪري ڇڏيو. عبدالقيوم چنا جو وڏو پٽ رشيد احمد چنا مختيارڪار ٿي رٽائر ٿيو، ان کان علاوه سندس هڪ پٽ ڪامريڊ نظير احمد چنا به آهي جنهن ننڍي عمر ۾ ئي تمام گهڻي تعليم حاصل ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو، شاگردي واري دور ۾ شاگرد اڳواڻ به رهيو ته اڳتي هلي اديب، دانشور، وڪيل ۽ پي ٽي وي جو پروڊيوسر به رهيو، عبدالقيوم چنا صاحب جو هڪ ٻيو پٽ مختيار احمد چنا به پي آءِ اي ۾ آفيسر رهيو، جڏهن ته سندس ٻيو پٽ نثار احمد چنا ٽيچر آهي ۽ حامد علي چنا ڪراچي ۾ ڪاروبار ڪري ٿو.
    عبدالقيوم چنا صاحب ڪنڊياري، شڪارپور، سيوهڻ، ننگرپارڪر، سکر، ڏيپلي ۽ ڇاڇري ۾ مختيارڪار رهيو ۽ بٺوري ۾ ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ رهيو، چنا صاحب جي محنت ۽ قابليت تي سنڌ جون اهم شخصيتون سندس مداح رهيون، جنهن ۾ مير بنده علي ٽالپر، رئيس غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي، پير علي محمد شاهه راشدي، قاضي اسماعيل، اي ڪي بروهي، محمد اسماعيل نون، حبيب الله ميمڻ، محمد حسين ترڪ، مير غلام محمد ٽالپر، محمد صديق مسافر، ايڇ ايم خواجا ۽ مير عبدالرسول قاضي شامل هئا، عبدالقيوم چنا صاحب 1966ع ۾ سروس تان رٽائر ٿيو ۽ بلڊ ڪينسر جي بيماري سبب 20 مارچ 1967ع تي وفات ڪيائين، سندس آخري آرامگاهه ڪوٽڙي ۾ آهي.

    ڊاڪٽر باز محمد جوڻيجو/اڳوڻو ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ اينڊ اينيمل هسبنڊري
    ڊاڪٽر باز محمد جوڻيجو 1947ع تي پاٽ شريف ۾ ڄائو، ابتدائي ۽ ثانوي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين ۽ 1970ع ۾ يونيورسٽي آف پنجاب مان بي وي ايس سي ۽ بي ايس سي (A-H) جي ڊگري حاصل ڪيائين، 1975ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم ايس سي ڪيائين، 1970ع کان 1973ع تائين وٽرنري اسسٽنٽ سرجن جي حيثيت سان ڪم ڪندو رهيو، 1977ع تائين ڪيوريٽر، زولاجي گارڊن حيدرآباد جي عهدي تي فائض رهيو، ان کانپوءِ 1983ع تائين اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ 1989ع تائين ڊزيز انويسٽيگيشن آفيسر رهيو، 1993ع تائين ”سينٽرل وٽرنري ڊائگنوسٽڪ“ سينٽر ٽنڊوڄام ۾ ڊائريڪٽر ۽ ان بعد ڊائريڪٽر وٽنري سنڌ رهيو، پوءِ هن سنڌ جي اينيمل هسبنڊري کي تمعارف ڪرائڻ لاءِ سنڌ جي ڪيترن ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ پنهنجون قلمي ڪوششون جاري رکيون، سندس ڪاوشن سان ڊيري فارمر ۽ ان ڪم ۾ دلچسپي رکندڙ ماڻهن لاءِ ”ڊيري گائيڊ“ نالي هڪ ڪتاب ڇپجي چڪو آهي، جيڪو هن ڊاڪٽر عابد ٿهيم ۽ ڊاڪٽر سعيديه سان گڏجي تيار ڪيو، ڊاڪٽر باز محمد جوڻيجو طبيعتن به هڪ لائق انسان آهي، پاڻ سنڌ جي ڪيترن ئي بيروزگار نوجوانن کي روزگار ڏيارڻ جو وسيلو بڻيو، پنهنجي شعبي ۾ مهارت رکندڙ ڊاڪٽر باز محمد جوڻيجو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ به ڪيترن ئي سالن تائين پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون.

    سليم چنا/رٽائرڊ ڪسٽم آفيسر ۽ علمي ادبي شخصيت
    سليم چنا ولد نجم الدين چنا جو بنيادي تعلق پاٽ شريف سان آهي، والد صاحب جي ملازمت سبب سندس جنم 17 سيپٽمبر 1956ع ۾ حيدرآباد ۾ ٿيو ۽ پاٽ شريف ۾ سندن گهر اڄ به موجود آهي، سليم چنا ابتدائي تعليم کان وٺي گريجوئيشن حيدرآباد مان ڪئي، پاڻ 1973ع ۾ ميٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ 1977ع ۾ انٽر ڪيائين ۽ سچل سرمست ڪاليج مان 1979ع ۾ بي اي پاس ڪرڻ کانپوءِ 2003ع ۾ ايم اي سنڌي ڪيائين، سليم چنا پڙهائي دوران مختلف ڪورس به ڪيا، جنهن ۾ ڊسپينسري، ايڪسري ٽيڪنيشن، ليبارٽري اسسٽنٽ، ڊرائنگ، ٽائيپ رائيٽنگ، بيسڪ مارشل آرٽ، ايڪسائيز اينڊ سيلز ٽيڪس ڪورس ۽ PACC سميت ٻيا ڪورس شامل آهن، پاڻ ڪجهه وقت لاءِ اخبارن، رسالن ۽ بڪ اسٽالن تي پرائيويٽ نوڪري ڪيائين ۽ ان کان علاوه اسٽيٽ لائيف ۽ اسپتالن ۾ به خانگي ملازمت ڪيائين، پوءِ کيس 27 مئي 1984ع ۾ ايڪسائيز اينڊ ڪسٽم ڊپارٽمينٽ ۾ انسپيڪٽر واري پوسٽ ملي ۽ اڳتي هلي ڊپٽي سپريڊنٽ تي ترقي حاصل ڪيائين ۽ 16 سيپٽمبر 2016ع تي سپريڊنٽ ڪسٽم جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيو، سليم چنا سياسي حوالي سان ڪيترن ئي وڏن ليڊرن سان گڏ رهيو ۽ پاڻ ”سنڌ نوجوان ترقي پسند تنظيم“ سنتپت جي سرواڻي به ڪيائين، سليم چنا سموري زندگي جستجو ۾ گذاري آهي، هن ڪڏهن به پنهنجو پاڻ کي اتم يا اعليٰ نه سمجهيو، هن ڪسٽم جهڙي اهم اداري ۾ ملازمت دوران به انتها درجي جي سادگي اختيار ڪئي، ادبي دوستن سان گڏ ڪارڪن جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو رهي ٿو، هن لاءِ مشهور آهي ته پاڻ سڄي حيدرآباد ۾ پنڌ گهمندي ڦرندي نظر ايندو آهي، سليم چنا جي مختلف سماجي ۽ فلاحي تنظيمن سان به وابستگي رهي آهي، جنهن ۾ سماجي دنيا فلاحي تنظيم، عوامي ڪلچر سنگت، جوت ساهت سنگت ۽ ٻين جو بنيادي ميمبر ۽ عهديدار به رهيو آهي، پاڻ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ پاٽ شريف جو تاحيات ميمبر به آهي ۽ انهن فلاحي تنظيمن ذريعي سليم صاحب انسانيت جي خدمت ڪري رهيو آهي، پاڻ ماڻهن ۾ سجاڳي ۽ شعور بيدار ڪرڻ لاءِ حيدرآباد جي گهٽين ۾ اسٽريٽ ٿيٽر ذريعي رول به پلي ڪيائين، جنهن ۾ حفيظ ڪنڀر جا لکيل ڊراما نديءَ جو نوحو، صفائي صحت آهي، ڏيو ووٽ مٽايو کوٽ ۾ سليم چنا اهم ڪردار ادا ڪيا، سليم چنا مختلف ادبي تنظيمن سان به وابسته رهيو آهي، جنهن ۾ سنڌي ادبي فورم حيدرآباد، ريڊيو بچايو ڪاميٽي، قليچ سنگت، سنڌي ادبي سنگت شاخ حيدرآباد ۽ ٻيون شامل آهن. سليم چنا س -ا-س حيدرآباد شاخ جو ڪيترا دفعا سيڪريٽري به رهيو آهي سندس وڏي ۾ وڏو ادبي ڪم اهو رهيو آهي ته هن سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ قائم لائبريرين لاءِ ڪتاب گڏ ڪري انهن تائين پهچايا، سندس ئي ڪوشش سان سندس اباڻي ڳوٺ پاٽ شريف ۾ سِگا شاخ پاٽ شريف پاران سندس نالي سان ”سليم چنا لائبريري“ قائم آهي، سليم چنا جو تعلق جيئن ته پڙهي لکي فيملي سان آهي، ان ئي اثر هيٺ هن 1965ع کان پرائمري پڙهڻ دوران ڪچا ڦڪا شعر لکڻ شروع ڪيا ۽ ان وقت ۾ پنهنجا لکيل شعر ۽ ڪهاڻيون شاگردن ۽ استادن کي ٻڌائيندو هو، سليم چنا 1969ع ۾ اردو، 1982ع ۾ انگريزي ۽ 1983ع ۾ پنجابي ۽ سرائڪي ۾ به شاعري ڪئي، سليم چنا هن وقت تائين 500 ڪهاڻيون لکي چڪو آهي، ان کان علاوه هن جا شاعريءَ، جيون ڪٿائن، ڪهاڻين ۽ ناولن سميت ٻين موضوعن تي 28 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. سليم چنا ڪاروڪاري، آپگهات، تعليم جي تباهي جا ڪارڻ، جي عنوان تي خاص سروي ڪئي، پاڻ روزاني سنڌو ۽ عبرت اخبار لاءِ صحافتي خدمتون به سرانجام ڏنائين، ان کان علاوه سندس لکڻيون ڪاوش، عوامي آواز، خبرون، سوڀ، ڪوشش، شام، سنڌ ايڪسپريس ۽ ٻين اخبارن ۾ شايع ٿينديون رهن ٿيون ۽ ان کان علاوه هالار، ادب، سنڌ رنگ، نئين زندگي، مارئي، سنڌ آئي ۽ سنڌ راڻي سميت ڪيترن ئي ٻين اردو ۽ انگريزي رسالن ۾ سندس شاعري، ڪهاڻيون، مضمون ۽ ٻيون لکڻيون ڇپجنديون رهيون آهن، سليم چنا جي ادبي خدمتن تي آل انڊيا ريڊيو حيدرآباد، ڪراچي ۽ ٽي وي چينل پي ٽي وي، ڪي ٽي اين، سنڌ ٽي وي، مهراڻ ۽ آواز ٽي وي جي ڪيترن ئي پروگرامن ۾ شرڪت ڪري چڪو آهي، سليم چنا سان حيدرآباد، ڪراچي، پاٽ شريف ۽ ٻين شهرن ۾ رهاڻيون به رچايون ويون، ان کان علاوه کيس سنڌي ادبي سنگت ايوارڊ، سوز هالائي ايوارڊ، سنڌ راڻي ايوارڊ، وحيد مراد ايوارڊ، علامه آءِ آءِ قاضي ايوارڊ سميت ٻيا به ڪيترائي ايوارڊ ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ مليل اٿس، سليم چنا پنهنجي والد صاحب نجم الدين چنا، پنهنجي امڙ امداد خاتون ۽ پنهنجي نانا گل محمد چنا جي شخصيت مان متاثر ٿيو ۽ انهن جي بهترين پرورش سبب سليم چنا هڪ بهترين انسان بڻيو، سليم چنا پنهنجي وڏي ڀاءُ مرحوم اقبال احمد چنا جي شفقت کي به نه وساري سگهيو آهي، هي پنهنجي ٻين ننڍن ڀائرن اياز احمد، محمد اسلم، محمد اعظم چنا ۽ ڀينرن نسرين اختر ۽ ياسمين اختر چنا لاءِ به ڇپر ڇانو آهي، سليم چنا جي شادي 24 آڪٽوبر 1988ع تي شڪيلا چنا سان ٿي، جيڪا پاٽ شريف جي رٽائرڊ استاد عبدالرحيم چنا جي نياڻي آهي، سنڌ ميوزم حيدرآباد جي پارڪ ۾ ٿيندڙ ان شادي ۾ سليم چنا جي ادبي، صحافتي، سماجي، نوڪري پيشه دوستن ۽ مٽن مائٽن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي هئي، سليم چنا کي اولاد ۾ هڪ پٽ معظم علي ۽ ٽي نياڻيون عائشه، عليزه ۽ لاريب چنا آهن، سليم صاحب جي موجوده رهائش قاسم آباد حيدرآباد ۾ آهي.
    سليم چنا جا لکيل ڪتاب
    (1) سج منهنجي هٿن ۾ (2) آواره آواز
    (3) گم ٿيل ماڻهو (4) سنڌوءَ ڪناري
    (5) شينهن بنا ٻيلو (6) زندگي
    (7) اڌورا خواب (8) کيت خوابن جهڙا
    (9) اسين اڃا سوچيون ويٺا (10) خواب نگر
    (11) روشني (12) سحر
    (13) نيڻ نهار (14) ڏاها منهنجي ڏيهه جا
    (15) ڌرتي، درياءَ ، سمنڊ (16) صحرا جو چنڊ
    (17) برسات (18) قيدي پکي
    (19) آسماني ستارو (20) ڏينهن ڏٺي ڏيئو
    (21) سٽ سٽ ڪهاڻي سليم چنا ٻڌائي ٿو آکاڻي
    (22) هڪ هڪ سٽيون هڪ سئو ڪهاڻيون
    (23) ق-م ۾ زرتشت، مذهب، دارا اول، سائرس تي زوري مڙهيو هو
    (24) اڄ جو آواز
    (25) انمول هيرا (26) سونهان منهنجي سنڌ جا
    (27) گهٽيون گهاوَ ڏين پيون (28) To YoU انگريزي

    استاد عزيز الله سومرو/ نامور پينٽر
    استاد عزيز الله سومرو ولد اڱڻ خان سومرو، 25 مارچ 1936ع تي پاٽ شريف ۾ پيدا ٿيو، سندس سڃاڻپ پاٽ شريف جي اهم شخصيتن ۾ ٿئي ٿي، پاڻ ننڍپڻ کان ئي رنگن سان پيار ڪندڙ هو ۽ سن 1955ع ۾ پاڻ باقاعده طور تي آرٽ جي دنيا ۾ قدم رکيائين ۽ محمد وريل سومري کان ڊرائنگ سکڻ جي تربيت ورتائين، ان کان پوءِ ٺٽي ضلعي ۾ استادي پيشي طور سندس مقرري ٿي ۽ پاڻ مختلف ضلعن ۾ ڊيوٽي دوران اسڪولي شاگردن کي ڊرائنگ به سيکاريندو رهيو، 1967ع ۾ حيدرآباد جي پينٽنگ واري نمائش ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ سائين عزيز الله پنهنجي ثقافت ۽ ڪلچر کي پنهنجي فنپارن ذريعي روشناس ڪرائيندو رهيو، سندس پينٽنگ واري هنر کي خاص پذيرائي مليل هئي، هن 1983ع ۾ علامه آءِ آءِ قاضي هاءِ اسڪول پاٽ شريف مان رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي اوطاق تي هڪ آرٽ گيلري قائم ڪئي، جنهن ۾ پينٽنگ جا سمورا رنگ ۽ عڪس ڏسڻ وٽان هوندا هئا، ڀٽائي سائين جي شاعريءَ تي خوبصورت خطاطي ۽ تصويرون ڌيان جو مرڪز هيون، ان کان علاوه سندس ذاتي تصويرن، فلمي ستارن، پکين، جانورن ۽ دنيا جي اهم ليڊرن جون ٺاهيل تصويرون به هتي موجود رهيون، ڳوٺ ۽ آس پاس جا زميندار ۽ ٻيا ماڻهو به هن کان پنهنجون تصويرون ٺهرائيندا هئا، 1997ع کان سائين عزيز الله دادو شگرمل جي اسڪول ۾ به پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ پاڻ 10 مئي 2013ع تي وفات ڪيائين، سندس ڪيل خدمتن کي هميشه ياد ڪيو ويندو، پاڻ پنهنجي حياتي ۾ ڪيترن ئي شاگردن کي سکيا ڏيندي هي ڊرائنگ وارو فن انهن ڏانهن منتقل ڪيائين، سندس ٻه فرزند حبيب عزيز ۽ نجيب عزيز سومرو پنهنجي والد صاحب جي فن کي زنده رکيون پيا اچن ۽ پنهنجي والد صاحب جي پينٽنگ وارين تصويرن کي ساهه ۾ سانڍيو انهن جي حفاظت ڪندا رهن ٿا، سائين عزيز الله سومري جي ٻين شاگردن ۾ محمد اڪرم سومرو، محمد اعظم سومرو، سليم رضا سومرو، محمد علي لانگاهه، سيد واجد علي شاهه، محمد حسن چنا، غلام رسول چنا، خان چانڊيو ۽ غلام نبي چنا شامل آهن.

    خانصاحب علي بخش چنا ڪليڪٽر
    خانصاحب علي بخش چنا پاٽ شريف لڳ ڳوٺ نيوڪلري ۾ پيدا ٿيو، پاٽائي چنن سان رشتيداري سبب پاٽ شريف ۾ ئي عاليشان بنگلو ٺهرائي رهائش پذير ٿيو، هي انگريز سرڪار جي دور ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر رهيو، پاڻ هڪ رعبدار آفيسر به هو ته خداترس انسان به هو، سڄي عمر ڪنهن سان بي واجبي نه ڪيائين، صوفي خيال جو ماڻهو هو ۽ شاهه لطيف جو معتقد هوندو هو، سندس شمار وڏن زميندارن ۾ ٿيندو هو، ڇو ته کيس ٽي هزار ايڪڙ زمين هوندي هئي، جيڪا پاٽ شريف، ڪي اين شاهه لڳ ڳوٺ کبڙياڙي ۽ ٻورڙيءَ ۾ سڄي زرخيز ۽ آباد هئي، خانصاحب علي بخش پنهنجي زمينن تي به عظيم عاليشان بنگلا ٺهرايا هئا، هو جڏهن به ٻورڙي يا کبڙياڙي واري زمين گهمڻ ويندو هو ته رهائش پنهنجي بنگلن تي ڪندو هو، خانصاحب علي بخش ڪراچي، سکر ۽ ٻين شهرن ۾ پنهنجي ڊيوٽي سرانجام ڏيندي ڪليڪٽر جي عهدي تي به پهتو، مختلف شهرن ۾ پوسٽنگ دوران سندس فلاحي ڪم به جاري رهيا، هو ڪيترن ئي مسڪينن جي مدد پنهنجي کيسي مان ڪندو هو، سندس اولاد ۾ پروفيسر امينا خميساڻي، جسٽس ايڊ اي چنا، صلاح الدين چنا، عبدالحميد چنا، سيف الدين چنا ۽ مظفر چنا شامل آهن ، خانصاحب علي بخش چنا 1945ع ۾ سکر مان ڪليڪٽر جي حيثيت ۾ رٽائرڊ ٿيو ۽ کيس وري ڪجهه وقت لاءِ سکر ميونسپل جو ايڊمنسٽريٽر ڪيو ويو هو، خانصاحب علي بخش چنا جي نامور سياستدان حاجي عبدالله هارون، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ سائين جي ايم سيد سان تمام گهڻي ويجهڙائپ هئي، چنا صاحب 1954ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس آخري آرامگاهه ميوا شاهه قبرستان ڪراچي ۾ آهي.

    سرائي جعفر خان برهماڻي/ نيڪ مرد
    سرائي جعفر خان ولد گلڻ خان برهماڻي جو تعلق به پاٽ شريف سان رهيو، هن جي وڏڙن جو تعلق ڪاڇي سان هو ۽ پاڻ ننڍپڻ کان ئي تمام ادب ۽ اخلاق وارو هو ۽ وڏو ٿي پنهنجي ڪاڇي واري زمين سنڀاليائين ۽ پاٽ شريف ۾ 200 جي لڳ ڀڳ سندس اٺن ۽ ڏاچين جو وڳ هوندو هو، هي انتهائي نيڪ ۽ امن پسند انسان هو، پنهنجي وقت جو زميندار هوندي به هن ۾ ڪابه وڏائي نه هئي، پنهنجي برهماڻي قوم ۽ پاٽ شريف جي زميندارن وٽ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو، سندس وفات کانپوءِ سندس پٽ سرائي وسڻ خان پنهنجي پيءُ جي ملڪيت سنڀالي سندس نالي سان جوهي تعلقي ۾ ”ڪيٽي وسڻ برهماڻي“ آهي، جيڪا زمين 600 ايڪڙ جي لڳ ڀڳ آهي ۽ آباد آهي ۽ ان جي وفات کانپوءِ سندس پٽ سرائي الهڏتو ولد وسڻ خان برهماڻي پنهنجي وڏڙن جي ورثي کي سنڀاليو ۽ پاٽ شريف ۾ رهندي هن پنهنجي اولاد کي تعليم ڏياري، سرائي الهڏتو انتهائي سادگي پسند انسان هو، کيس چئن پٽن جو اولاد آهي، جنهن ۾ سرائي گل محمد، سرائي جعفر خان، سرائي نور محمد ۽ سرائي محمد بخش برهماڻي شامل آهن، هنن ۾ ڪامريڊ نور محمد برهماڻي سياسي ۽ سماجي شخصيت آهي، پاڻ پنهنجي برادري جي ننڍن وڏن مسئلن جي حل لاءِ ڏينهن رات پتوڙي ٿو، پيپلزپارٽيءَ جي پراڻن جيالن ۾ سندس شمار ٿئي ٿو، پاڻ ڪجهه وقت لاءِ صحافت جي پيشي سان وابسته رهيو.

    محمد اسماعيل ميمڻ/هوائي سائيڪل جي ايجاد جو باني
    جڏهن کان ڪائنات وجود ۾ آئي آهي تڏهن کان انسان به پنهنجي ترقي لاءِ پاڻ پتوڙيندي ۽ جدوجهد جو سفر جاري رکندي نظر آيو آهي ۽ پوءِ انسان پنهنجي عقل ۽ ڏات سان ڪيتريون ئي حيرت انگيز شيون ايجاد ڪيون آهن، دور جديد ۾ پاٽ شريف سان تعلق رکندڙ محمد اسماعيل ميمڻ به هوا ۾ اڏامندڙ هوائي سائيڪل جي ايجاد ڪرڻ ۾ رڌل آهي، محمد اسماعيل ميمڻ 6 جون 1956ع تي پاٽ شريف ۾ پرائمري استاد عبدالخالق ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو، هي ننڍپڻ کان ئي تعليم سان گڏ مڪينيڪل لائين ۾ خاص دلچسپي وٺندو هو، تعليم مڪمل ٿيڻ کانپوءِ کيس پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ملي وئي، هوائي سائيڪل جي ايجاد بابت هو ٻڌائي ٿو ته بچپن کان ئي رات جو ننڊ ۾ ڏسندو هيس ته مون وٽ ڪا اهڙي شيءِ آهي جنهن کي هلائي هوا ۾ اڏامندو هئس ۽ پوءِ 1998ع کان حقيقت ۾ ۽ عملي طور تي هوائي سائيڪل ٺاهڻ جو تجربو شروع ڪيم ۽ اول ڪاغذ تي نقشا ۽ خاڪا تيار ڪري ڪجهه مهينن کانپوءِ هڪ ماڊل تيار ڪيم، هن سائنسي تخليق لاءِ آئون هوا ۾ اڏامندڙ پکين کي غور سان مشاهدو ڪندي ڏسندو هئس ۽ تنهائي ۾ غور فڪر، عبادت، رياضت ۽ روحاني مشقن کي به جاري رکندو هئس ۽ پوءِ هوائي سائيڪل جي تجرباتي مرحلن کي جاري رکندي ڪنهن حد تائين ڪاميابي حاصل ٿي، هي ٻڌائي ٿو ته هيءَ هوائي سائيڪل بغير ڪنهن پيٽرول ۽ ڊيزل جي هوا ۾ پرواز ڪندي، هيءَ ڪنهن به شيءِ جو نقل نه آهي، هن کي نئون مڪينزم ان ڪري چئجي ٿو جو هن کي هلائڻ لاءِ ٽنگن جي مدد سان لڳل ليور حرڪت ۾ اچن ٿا، هيءَ سادي ۽ هلڪي سامان مان تيار ٿئي ٿي ۽ هن هوائي سائيڪل جي قيمت به ايتري مهانگي نه هوندي، هوائي سائيڪل ايجاد ڪندڙ محمد اسماعيل ميميڻ جا ڪيترائي انٽرويو ڇپجي چڪا آهن، ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد سميت ڪيترن ئي سنڌي چينلن تي به سندس ايجاد ڪيل هوائي سائيڪل بابت خاص ڊاڪيومينٽريز هلي چڪيون آهن، هي مختلف شهرن ۾ هوائي سائيڪل جي نمائش ڪري چڪو آهي، کيس ڪيترن ئي ايوارڊن سان به نوازيو ويو آهي، محمد اسماعيل ميمڻ پراميد آهي ته انشاءَالله هڪ ڏينهن هن کي ڪاميابي عطا ضرور ٿيندي ۽ هيءَ هوائي سائيڪل عام شهرين لاءِ استعمال ۽ سهولت جو ڪارڻ بڻبي.

    مخدوم سڪندر احمد صديقي قريشي/علمي ادبي شخصيت
    مخدوم سڪندر احمد ولد ممتاز احمد صديقي قريشي تاريخ 13 جون 1960ع تي پاٽ شريف ۾ ڄائو، پرائمري تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ حاصل ڪيائين ۽ علامه آءِ آءِ قاضي هاءِ اسڪول پاٽ شريف مان 1975ع تي ميٽرڪ پاس ڪيائين، 1978ع ۾ انٽر ڪرڻ کانپوءِ بي اي ۽ پوليٽيڪل سائنس ۾ ايم اي ڪيائين، کيس 1985ع ۾ محمد خان جوڻيجوواري دور ۾ رائيس ايڪسپورٽ ڪارپوريشن آف پاڪستان ۾ فوڊ انسپيڪٽر واري نوڪري ملي، مخدوم سڪندر احمد جو تعلق به انهن پاٽائي بزرگن جي خاندان سان آهي، جن جو علمي ۽ روحاني فيض هنڌ سنڌ ۾ مشهور هو، مخدوم سڪندر احمد صديقي جو علم ادب سان به ڪافي لڳاءُ آهي، پاڻ سٺو شاعر به آهي ۽ اڪثر ڪري مختلف صنفن تي لکندو رهي ٿو، سندس گهر ۾ مطالعي لاءِ لائبريري به آهي، پاڻ تاريخ جي سٺي ڄاڻ رکندڙ آهي ۽ سندس پاٽ شريف واري رهائشگاهه ”بابِ غوثيه سهرورديه“ تي اڪثر ڪري عالمن، اديبن ۽ باشعور ماڻهن جون روحاني محفلون ۽ ادبي ڪچهريون ٿينديون رهن ٿيون، مخدوم صاحب جي لاڙڪاڻي ۾ به رهائش آهي ۽ پنهنجي وڏڙن تي حاضري ڀرڻ ۽ ڳوٺ وارن سان ڪچهري ۽ ڏک سور معلوم ڪرڻ لاءِ سندس پاٽ شريف اچڻ ٿيندو رهي ٿو. خانداني زمينن جي سار سنڀال سان گڏ سماجي خدمتن کي ترجيح ڏئي ٿو، کين سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ پاٽ شريف جي بنيادي ميمبر شپ به حاصل آهي.

    نصير ميمڻ/دانشور، تجزيه نگار
    رائيٽر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو ايس پي او

    نصير احمد ميمڻ 5 آگسٽ 1970ع تي پاٽ شريف جي ميمڻ محلا ۾ جنم ورتو، سندس والد صاحب محمد بخش ميمڻ پرائمري اسڪول پاٽ شريف جو هيڊماستر ۽ هڪ مڃيل ۽ قابل استاد هو، نصير ميمڻ پڙهيل لکيل خاندان سان تعلق رکي ٿو، کيس پنهنجي والدين ۽ وڏن ڀائرن عبدالرشيد، بشير احمد، غلام شبير، مقبول احمد، آفتاب احمد ميمڻ ۽ گهر جي ٻين ڀاتين جي بهتر تربيت ۽ پرورش حاصل رهي، پاڻ ابتدائي تعليم مين پرائمري اسڪول پاٽ شريف مان حاصل ڪيائين ۽ علامه آءِ آءِ قاضي هاءِ اسڪول پاٽ شريف مان ميٽرڪ ڪرڻ بعد مسلم ڪاليج حيدرآباد مان انٽرميڊئيٽ جو امتحان پاس ڪري مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ داخلا ورتائين، جتان سول انجينئرنگ ۾ گريجوئيشن ڪيائين ۽ ان کانپوءِ مهراڻ يونيورسٽي ۾ ليڪچرار مقر ٿيو ۽ ڪجهه عرصي بعد کيس پروموشن ڏئي ساڳيءَ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر مقرر ڪيو ويو، ان بعد پاڻ خيرپورميرس ضلعي ۾ هڪ پروجيڪٽ ليڊ پاڪستان ۾ به ڪم ڪيائين، نصير ميمڻ 1987ع کان ادبي ۽ صحافتي سفر جي شروعات ڪئي ۽ ڪيترن ئي سنڌي، اردو، انگريزي رسالن ۽ اخبارن ۾ “نصير سارنگ“ جي نالي سان لکندو رهيو، نصير ميمڻ سياسي ۽ سماجي مسئلن تي تمام گهڻو لکيو آهي، سندس لکيل مضمون، مقالا ۽ ڪالم ماڻهو دلچسپي سان پڙهن ٿا، هن وقت ڪاوش جو ريگيولر لکندڙ آهي، ان کان علاوه ڪيترن ئي ٽي وي چينلن تي سندس تجزيا ۽ تبصرا نشر ٿيندا رهن ٿا، جن ۾ سنڌ جي سياست، معاشي حالت، قدرتي وسيلن ۽ ٻين اشوز کي فوڪس ڪندو رهي ٿو ۽ انهن ئي موضوعن تي سندس ڪيترائي ڪتاب به لکيل آهن، هن وقت پاڻ (SPO)، “STRENGTHENING, PARTICIPATORY, ORGNAIZATION” جو چيف ايگزيڪيوٽو آهي ۽ سندس موجوده رهائش اسلام آباد ۾ آهي، نصير صاحب دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪري چڪو آهي، ملڪي ۽ غير ملڪي ادارن ۾ ليڪچر به ڏيندو رهي ٿو، پاڻ “LUCN” جو ميمبر به آهي.

    نصير ميمڻ جا لکيل ڪتاب
    نئين سنڌ جي ڳولا
    سنڌ جي ترقي، رنڊڪون ۽ رستا
    سنڌ ۽ ايڪيهين صديءَ جون تقاضائون
    سنڌ جو آئيندو، اميدون ۽ انديشا
    نئون دور نئين سنڌ
    سنڌ سوچون ۽ سوال
    پاڪستان ۾ موسمي ڦير گهير ۽ قدرتي آفتون
    ذوالفقار آباد هڪ تڪراري رٿا
    بدلجندڙ دور ۽ سنڌ
    سنڌ جي سياسي ۽ سماجي ترقيءَ جي واٽ
    سنڌ ڪيس
    سنڌ آئيندي جو اتساهه
    سنڌ جي تيل ۽ گيس جي وسيلن جي ڦرلٽ
    ڌاري آبادڪاري ۽ سنڌ جو مستقبل
    سنڌ ڪي ترقي خواب سي حقيقت ڪا سفر
    سنڌ کي پسماندگي حقائق و اسباب
    جنوبي ايشيا ۾ قدرتي آفات
    OIL AND GAS RESOURSES AND RIGHTS OF PAKISTAN
    MALEVOLENT FLOODS OF PAKISTAN
    CLIMATE CHANGE AND NATURAL DISASTERS IN PAKISTAN
    DISCRIMINATORY DEVELOPMENT PARADIGM OF PAKISTAN
    BEYOND ASSISTANCE AN INTERVIEW WITH NASEER MEMON

    محمد اعظم ميمڻ/سماج سڌارڪ
    محمد اعظم ولد محمد حسن ميمڻ تاريخ پهرين اپريل 1977ع تي ميمڻ محلا پاٽ شريف ۾ پيدا ٿيو، قاضي احمدي گورنمينٽ پرائمري اسڪول پاٽ شريف مان ابتدائي تعليم حاصل ڪيائين ۽ ان کانپوءِ علامه آءِ آءِ قاضي هاءِ اسڪول پاٽ شريف مان مڊل تائين تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ دادو ۾ داخلا ورتائين، جتان 1992ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين ۽ هائير سيڪنڊري اسڪول سيتاروڊ مان 1994ع تي انٽر ڪيائين، 1997ع ۾ بي اي ۽ سال 2000ع ۾ ايم اي ۽ 2001ع ۾ بي ايڊ جي ڊگري حاصل ڪيائين، محمد اعظم زندگيءَ جي ڪيترن ئي شعبن سان وابسته رهيو آهي، پنهنجي آئيڊيل شخصيت نصير ميمڻ صاحب کان متاثر ٿي پاڻ علمي، ادبي، صحافتي ۽ سماجي ورڪر جي حيثيت ۾ پنهنجو پاڻ مڃرائي چڪو آهي، پاڻ اٺين ڪلاس ۾ پڙهائي دوران لطيف سنگت ضلعي دادو جو جوائنٽ سيڪريٽري ٿيو ۽ ان وقت 1990ع ۾ لطيف سنگت جي پليٽ فارم تان ڀٽ شاهه ۾ ٻالڪ ميلو لڳايو ويو هو ۽ هن اتي تقريري مقابلي ۾ سنڌ ۾ سيڪنڊ پوزيشن حاصل ڪيائين.
    محمد اعظم ميمڻ ڪرڪيٽ جو به بهترين رانديگر رهيو آهي، پاڻ مرڪ ڪرڪيٽ ڪلب پاٽ شريف جو عهديدار به رهيو آهي، ان ئي فورم تان ڊسٽرڪٽ دادو ليول تي پنهنجي ڳوٺ پاٽ شريف ۾ ”استاد محمد بخش عباسي“ جي نالي سان والي بال ٽورنامينٽ به ڪرائي وئي، سن 1994ع تائين نصير ميمڻ جي تربيت هيٺ رهندي محمد اعظم ادب ڏانهن به لاڙو ڪيو ۽ شاهه لطيف لائبريري پاٽ شريف ۾ ڪتابن جي مطالعي دوران کيس به لکڻ جو شوق جاڳيو ۽ پاڻ شاعري ذريعي ٻاراڻي ادب لاءِ چوسٽا لکيائين ۽ ان کان علاوه ڪجهه ڪهاڻيون ۽ مضمون به لکيائين، جيڪي ان وقت پرڀات ۽ لاٽ رسالي ۾ شايع ٿيا. محمد اعظم مختلف اخبارن ۾ صحافت جي شروعات به ڪئي ۽ 1996ع ۾ کيس دادو شگرمل پيارو ڳوٺ جي ڪين اڪائونٽ برانچ ۾ ڊيلي ويجز تي ڪلارڪي ملي ۽ ان کانپوءِ 2002ع ۾ کيس ورڪرز ماڊل اسڪول حيدرآباد ۾ گورنمينٽ جاب ملي پر اين جي اوز سيڪٽر ۾ دلچسپي سبب 2005ع ۾ ”ليڊ پاڪستان“ ۾ بطور سوشل موبلائيزر جوائن ڪيائين ۽ سندس پوسٽنگ ضلعي خيرپور ميرس ۾ ٿي ۽ ان کانپوءِ ”هينڊس“ ۽ ٻين پراجيڪٽن ۾ ڪم ڪيائين ۽ 2009ع کان هن وقت تائين NCHD ۾ لٽريسي ڪوآرڊينيٽر طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، محمد اعظم ميمڻ 5 مارچ 2000ع ۾ شادي ڪئي ۽ رب تعاليٰ کيس اولاد ۾ 3 پٽ ۽ 2 نياڻين جو اولاد عطا ڪيو آهي، جنهن ۾ سنجها عرف مرڪ، محمد ثاقب عرف سونو، محمد عاقب، محمد معظم ۽ ننڍڙي ماهين شامل آهي، محمد اعظم هميشه پنهنجي دردن کي لڪائي ٻين کي خوش رکڻ وارو انسان آهي، هن پنهنجي زندگي انسانيت جي خدمت ڪرڻ لاءِ ارپي ڇڏي آهي، کيس مڃتا طور 1999ع ۾ سنڌي ادبي سنگت پاٽ شريف پاران علامه آءِ آءِ قاضي ايوارڊ ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مرڪز پاران سال 2014ع ۾ بيسٽ ورڪر جو ايوارڊ ملي چڪو آهي، پاڻ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ پاٽ شريف جي بانيڪارن مان آهي، سندس ئي ڪوششن سان 1999ع کان هي برانچ قائم ٿي، جنهن ۾ ٽن سالن لاءِ پاڻ جنرل سيڪريٽري رهيو ۽ 2012ع کان مسلسل هن برانچ جو صدر چونڊيو ويو، سماجي ڪمن جي حوالي سان هو پنهنجي ويجهي عزيز امتياز علي ميمڻ سيتائي کي پنهنجو محسن سمجهي ٿو، جنهن کيس عام ماڻهن جي ڀلائي ڪرڻ لاءِ سٺيون صلاحون ۽ مشورا ڏنا.

    ارشد لطيف چنا/علمي ادبي شخصيت
    ارشد لطيف چنا 18 ڊسمبر 1976ع تي پاٽ شريف ۾ ڄائو، سندس مڪمل نالو ارشد حسين ولد عبداللطيف چنا آهي، هن پرائمري تعليم قاضي احمدي گورنمينٽ پرائمري اسڪول پاٽ شريف مان ۽ سال 1986ع تي علامه آءِ آءِ قاضي هاءِ اسڪول پاٽ شريف مان ميٽرڪ پاس ڪئي ۽ 1995ع ۾ دادو ڊگري ڪاليج مان انٽر ڪئي ۽ 1995ع ۾ بي اي، ان کانپوءِ حيدرآباد جي هڪ انسٽيٽيوٽ مان سال 2000ع ۾ نرسنگ ڪورس ۾ ڊپلوما ڪيائين ۽ 2004ع کان کيس پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز اسلام آباد جي هاسپيٽل ۾ نوڪري ملي وئي، ارشد لطيف کي مطالعي سان تمام گهڻي دلچسپي آهي ۽ سندس ذاتي لائبريري ۾ 2 هزار جي لڳ ڀڳ ڪتاب موجود آهن، پاڻ ادب سان چاهه رکندي هن وقت تائين ڪيتريون ئي ڪهاڻيون، مضمون، ڪالم، انٽرويوز ۽ مقالا لکي چڪو آهي، سندس اهو مواد ماهوار ادب، نئين زندگي، ويڄ، مهراڻ، عبرت، جنگ ۽ ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندو رهيو آهي، ان کان علاوه پاڻ پنهنجي ڳوٺ پاٽ شريف تي به ڪتاب لکي رهيو آهي، ارشد لطيف کي لکڻ پڙهڻ وارو ماحول سندس گهر ۾ ئي مليو، سندس والد صاحب رٽائرHST استاد آهي، استاد عبداللطيف چنا جو شمار بيسٽ ٽيچرن ۾ ٿئي ٿو، ان جي بهتر تربيت سبب ارشد لطيف هڪ سٺو رائيٽر بنجي چڪو آهي.

    خليل الله ميمڻ/علمي ادبي ۽ سماجي شخصيت
    خليل الله ميمڻ پهرين نومبر 1977ع تي پاٽ شريف ۾ پرائمري استاد الهه بخش ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو، پاڻ علم ادب جي حوالي سان خليل ميمڻ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، ابتدائي تعليم قاضي احمدي گورنمينٽ پرائمري اسڪول پاٽ شريف مان حاصل ڪيائين، سال 1993ع ۾ ميٽرڪ علامه آءِ آءِ قاضي هاءِ اسڪول پاٽ شريف مان، انٽر دادو ڊگري ڪاليج مان 1996ع ۾ پاس ڪيائين ۽ بي اي 1998ع ۾ ۽ ايم اي 2001ع ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين، خليل ميمڻ کي ننڍپڻ کان ئي لکڻ پڙهڻ سان دلچسپي هئي ۽ وڌيڪ نامور ليکڪ نصير ميمڻ جي شخصيت مان گهڻو متاثر ٿي ادبي دنيا ڏانهن وک وڌايائين، سندس شاگرديءَ واري دور ۾ نصير ميمڻ پاٽ شريف ۾ ”لطيف سنگت“ جو بنياد وڌو ۽ شاگردن جي ميمبر شپ ڪري انهن لاءِ هڪ لائبريري به قائم ڪئي، نصير صاحب جي اها ڪوشش هئي ته اسڪولي ٽائيم کانپوءِ ڪوبه ٻار فالتو نه رلي ۽ لائبريريءَ ۾ ويهي ڪتاب پڙهي، اهڙي ئي ماحول ملڻ سان خليل ميمڻ به ڪتابن جو مطالعو ڪندو رهيو ۽ لطيف سنگت جي گڏجاڻين ۽ ٻين سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهيو، خليل ميمڻ ميٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ مخدوم ضياءُالحق صديقي سان گڏجي صحافت جو آغاز ڪيو، جنهن ۾ عوامي آواز، روزاني سنڌ سجاڳ، آفتاب ۽ هفتيوار رفتار اخبار ۾ بحيثيت رپورٽر طور ڪم شروع ڪيو، پاڻ 1998ع ۾ قائم ٿيندڙ سنڌي ادبي سنگت شاخ پاٽ شريف جو پهريون خزانچي به ٿيو، فداڪلرائي ۽ گلزار ڪلهوڙو سان ويجهڙائپ سبب ادبي سنگت ۾ گهڻو سرگرم رهيو، پاڻ شاعريءَ کان علاوه ڪهاڻيون ۽ مضمون به لکيا اٿس، کيس 2001ع ۾ پوليس ڪانسٽيبل طور ريلوي کاتي ۾ ملازمت ملي ۽ ڪافي سال اها نوڪري ڪندو رهيو پر ادبي دنيا سان تعلق رکندڙ خليل پنهنجي محنت جاري رکي ۽ ڪميشن ذريعي سنڌي ليڪچرار مقرر ٿي ويو ۽ هن وقت ڪوٽڙي ڊگري ڪاليج ۾ پنهنجي ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيو آهي ۽ تعليم کي جاري رکندي گل ڦل رسالي جي ڪهاڻين تي ايم فل ڪري رهيو آهي، پاڻ سپلا تنظيم جو سرگرم ڪارڪن به آهي.

    فدا حسين ميمڻ/ سماج سڌارڪ ۽ ايگريڪلچر آفيسر
    فدا حسين ميمڻ ولد محمد رجب ميمڻ 15 آگسٽ 1963ع تي ميمڻ محلا پاٽ شريف ۾ ڄائو، پرائمري کان ميٽرڪ تائين تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين، ان کان پوءِ انٽر ڪرڻ بعد ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ داخلا ورتائين، بي ايس سي ۽ ايم ايس سي ايگريڪلچر آنرز فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪيائين ۽ ان کانپوءِ کيس ايگريڪلچر ڊپارٽمينٽ ۾ ملازمت ملي ۽ هن وقت تائين سينيئر گزيٽيڊ آفيسر آهي، فدا حسين ميمڻ شاگردي واري دور کان ئي سوشل ورڪر رهيو ۽ ڳوٺ جي ڪيترن ئي فلاحي ڪمن ۾ اڳواڻي ڪندي سرگرم رهيو، پاٽ شريف ۾ جڏهن بدامني چوٽ چڙهي وئي ته پاڻ ڳوٺ کان دادو شفٽ ٿيو ۽ اتي به هڪ سماجي تنظيم ”ڀٽائي ويلفيئر ايسوسيئيشن“ پير بخش ڪالوني دادو جو جنرل سيڪريٽري ٿيو ۽ اتان جي مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ اڻٿڪ محنت ڪيائين ۽ انهن سماجي ڪمن ۾ سندس ننڍو ڀاءُ امداد حسين ميمڻ ايڊووڪيٽ به شامل رهيو آهي.

    شبيرڻ پاٽائي/علمي ادبي شخصيت
    شبير احمد ولد الهداد خان چانڊيو 19 مئي 1962ع تي ڳوٺ بهرام خان چانڊيو لڳ پاٽ شريف ۾ ڄائو، پنهنجي ڳوٺ کان شفٽ ٿي پاٽ شريف ۾ رهڻ دوران هن تي به پاٽ شريف جي مٽيءَ جو اثر ٿيو ۽ ادبي ميدان ڏانهن لاڙو ٿيس، پيشي جي لحاظ کان پاڻ پوليس کاتي ۾ هيڊ ڪانسٽيبل آهي، 1984ع کان وٺي لکڻ شروع ڪيائين، ناميارو شاعر شمس الدين شمسي شاعري ۾ سندس استاد هو، جنهن کيس شاعريءَ جي بحر وزن بابت رهنمائي ڪئي، شبير احمد چانڊئي جو شاعريءَ ۾ پهرين تخلص مسڪين پاٽائي هو، ان بعد شبيرڻ پاٽائي جي نالي سان لکندو رهي ٿو، سندس قلم ۾ ڏاڍي پختگي آهي ۽ شاعريءَ پڙهڻ جو انداز به ڏاڍو ڀلو اٿس، شبيرڻ شاعريءَ کان علاوه ڪهاڻيون به لکيون آهن، سندس شاعري مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندي رهي ٿي ۽ مشهور فنڪارن خادم حسين سولنگي، استاد محمد رمضان سولنگي، سڪندر علي ملاح، سيد فدا حسين شاهه، شفيع محمد سرمستاني ۽ علي محمد بلوچ سندس شاعري ڳائي آهي، شبيرڻ پاٽائي سنڌي ادبي سنگت شاخ پاٽ شريف جو بنيادي ميمبر آهي، لاڙڪاڻي، موري ۽ دادو ضلعي جي ڪيترن ئي ادبي سرگرمين ۾ شرڪت ڪري چڪو آهي، ڪيترن ئي ڪتابن جو اڻ ڇپيل مواد به ترتيب ڏنل اٿس.

    ايم بچل ڪلهوڙو/آرٽسٽ، رائيٽر ۽ سماجي ڪارڪن
    محمد بچل ڪلهوڙو ولد پير بخش ڪلهوڙو 7 جنوري 1984ع تي پاٽ شريف ۾ ڄائو، پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪيائين ۽ 1999ع ۾ علامه آءِ آءِ قاضي هاءِ اسڪول پاٽ شريف مان ميٽرڪ ڪيائين، ان کانپوءِ دادو ڊگري ڪاليج مان 2001ع ۾ انٽر ۽ 2006ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي اي ڪيائين، هن نوجوان جي سڃاڻپ هڪ اداڪار، ليکڪ ۽ سماجي ورڪر طور آهي، کيس فني ۽ ادبي ماحول پنهنجي وڏي ڀاءُ گلزار ڪلهوڙي پاٽائي کان مليو، پاڻ 1997ع ۾ پهريون اسٽيج ڊرامو ڪيائين ”وطن يا ڪفن“ جنهن ۾ کيس هيرو جو رول مليو، ڏسندڙن طرفان پذيرائي ملڻ سبب هن ۾ وڌيڪ شوق جاڳيو ۽ سنڌ جي بهترين نامور اسٽيج آرٽسٽن دادا غني سولنگي، استاد انور شاد ۽ سيد آصف شاهه کان اداڪاري جي باقاعده رهنمائي حاصل ڪيائين، ان کانپوءِ هدايتڪار ايم اڪرم سومري کيس پنهنجي ڪيترن ئي اسٽيج ناٽڪن ۾ ڪاسٽ ڪيو، ايم بچل ڪلهوڙو جي ڪيترين ئي آرٽ ڪلبن سان وابستگي رهي ۽ هن پنهنجي سرپرستيءَ ۾ ”ناز اسٽار آرٽ ڪلب“ به قائم ڪئي، جنهن جي طرفان ڪيترائي اسٽيج پلي ۽ ٻه وڊيو ٽيلي فلمون به تيار ڪيون، پاڻ مختلف نوجوانن کي هن فيلڊ ۾ متعارف ڪرائي چڪو آهي ۽ هن خود به ڪيترن ئي اسٽيج ناٽڪن ۾ مختلف رول ڪيا آهن، سندس يادگار ڊرامن ۾ وطن يا ڪفن، زهر زندگي، اٽي تي چٽي، کوڙيءَ کي گهمري، وڇوڙو ۽ ٻيا شامل آهن، ايم بچل ڪلهوڙي ڪيتريون ئي ڪهاڻيون به لکيون آهن ۽ مختلف صنفن تي شاعريءَ ۾ به طبع آزمائي ڪئي اٿس، ڪمپيئرنگ ڪرڻ ۽ مطالعي سان به لڳاءُ اٿس، ان کان علاوه هي سگا پاٽ شريف جو بنيادي ميمبر به آهي، فلاحي ۽ سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهي ٿو، پيشي جي لحاظ کان پاڻ کي هڪ خانگي اداري ۾ نوڪري اٿس، سندس صلاحيتن تي کيس ڪيترائي مڃتا ايوارڊ به مليل آهن.

    اسلم پاٽائي/بهترين شاعر ۽ ساس اڳواڻ
    محمد اسلم ولد محمد اسماعيل ملاح 23 مارچ 1986ع تي پاٽ شريف ۾ پيدا ٿيو، سندس ادبي نالو اسلم پاٽائي آهي، پاڻ مڊل تائين تعليم حاصل ڪري سگهيو، هي هڪ پورهيت ماڻهو آهي، کيس ادب سان به چاهه آهي، پاڻ سنڌ جي مشهور شاعر استاد پيرل پرديسي سيتائيءَ کان شاعري جي سکيا ورتائين ۽ شاعري جي فني مهارتن کان واقف ٿيو، اسلم پاٽائيءَ شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ترتيب ڏنو آهي، سندس تخليقون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجنديون رهن ٿيون، اسلم نه صرف ادب ۾ پاڻ مڃرائي چڪو آهي پر ڳوٺ جي سماجي تنظيمن سان گڏ هٿ ونڊائيندو آهي، پاڻ سنڌي ادبي سنگت شاخ پاٽ شريف جو سيڪريٽري به رهي چڪو آهي.

    رئيس انورالدين انصاري/سماج سڌارڪ
    پاٽ شريف ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو به هئا جيڪي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان پنهنجو ڪردار يادگار بنائي ويا، سماجي ڪمن جي حوالي سان رئيس انورالدين انصاري جو نالو کڻبو ته هو هڪ مڪمل انسانذات جو هڏ ڏوکي ۽ همدرد شخص هو، رب تعاليٰ هن شخص کي جيڏو قد بت ۽ سهڻي سيرت ڏني هئي ۽ اوترو ئي پاڻ شاهوڪار به هو پر سندس طبيعت عام وڏيرن ۽ رئيسن وانگر نه هئي، هو هر وقت ٻين جي ڀلائي لاءِ سوچيندو هو، هو جڏهن پيرسن به ٿي ويو ۽ ڪو غريب ڪنهن ڪم يا مسئلي لاءِ هن وٽ آيو ته پاڻ گرمي سردي کي نه ڏسندو هو ۽ ان پريشان ٿيندڙ ماڻهوءَ سان گڏجي نڪري پوندو هو، اهڙي سخي مرد ۽ سماج سڌارڪ انسان رئيس انورالدين انصاري کي تاريخ ۾ سٺن لفظن سان ياد ڪيو ويندو، مرحوم رئيس انورالدين انصاري سن 1980ع ۾ وفات ڪري ويو.

    فهد حسين جوڻيجو، بينڪر ۽ سماجي شخصيت
    فهد حسين ولد مزاج حسين جوڻيجو 14 اپريل 1983ع تي پاٽ شريف ضلعي دادو ۾ ڄائو، پرائمري تعليم ۽ ميٽرڪ ماڊل اسڪول حيدرآباد پاس ڪيائين، انٽر 2001ع ۾ قاسم آباد ڪاليج مان ڪيائين ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان 2005ع ۾ گريجوئيشن ڪيائين، فهد حسين پڙهائي دوران ”سوشل ورڪ ڊپارٽمينٽ اسٽوڊنٽ فورم“ جوڙيو جنهن جي ذريعي ڪيترائي سماجي ڪم ڪيائين، جنهن ۾ ٻارڙن جي جبري پورهئي خلاف آواز اٿارڻ، زلزلي متاثرن جي سهائتا سميت غريبن ۽ مسڪينن جي مدد شامل آهي، پنهنجي والد صاحب مزاج حسين جوڻيجو کي پنهنجي آئيڊيل شخصيت قرار ڏيندڙ فهد حسين ۾ انسانيت جي خدمت ڪرڻ لاءِ جذبو موجود آهي، گريجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ 2005ع ۾ ئي کيس ايم سي بي ۾ نوڪري ملي وئي پر پنهنجي اهليت ۽ قابليت جي آڌار تي کيس 2008ع ۾ متحده عرب الاماارات جي رياست دبئي جي قومي بينڪ “بينڪ الامارات دبئي حب الوطني” ۾ سروس ملي، جتي هن وقت سينيئر پرسنل بينڪر ايڊوائيزر طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، دبئي ۾ رهڻ دوران هن پنهنجي ڳوٺ کي به نه وساريو ۽ سوشل ميڊيا تي 2011ع کان پنهنجي ڀاءُ راشد حسين جوڻيجو سان گڏجي هڪ گروپ ٺاهيو جنهن جو نالو هو Village Pat Sharif dadu جنهن جي ذريعي پنهنجي ڳوٺ پاٽ شريف جي تاريخي حيثيت دنيا تائين متعارف ڪرايائين، فهد حسين جي اهڙي قدم کانپوءِ پنهنجا ڳوٺائي کيس عزت جي نگاهه سان ڏسندا آهن، فهد حسين جوڻيجي سنڌ ڌرتيءَ جي حلالي پٽ جو ڪردار ادا ڪندي دبئي ۾ پنهنجي ڪجهه دوستن ڊاڪٽر قادر سرڪي، ڊاڪٽر سليم شيخ، سارنگ سنڌي ۽ سيف الله لوهار جي سربراهي ۾ مهراڻ ڪلچرل گروپ قائم ڪيو آهي، جنهن جي ذريعي ڪيترائي ثقافتي پروگرام ڪرائي سنڌي ڀائرن کي گڏ ڪيو آهي ۽ سنڌي فيمليون وڏي انگ ۾ اهڙن پروگرامن ۾ شرڪت ڪن ٿيون.مهراڻ ڪلچرل گروپ دبئي طرفان نه صرف ثقافتي پروگرام ڪرايا وڃن ٿا پر هن ئي گروپ طرفان سماجي خدمتن جو سلسلو به جاري آهي، هن فورم جي سمورن ساٿين طرفان 2010ع ۾ آيل مها ٻوڏ ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ وڏي پئماني تي مدد ڪئي وئي، مطلب ته فهد حسين جوڻيجو ڪيترين ئي عبادتن کان وڌيڪ افضل انسانيت جي خدمت کي سمجهي ٿو، ”اڃا ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرين کي“ ڀٽائي سائين جي انهن سٽن تي عمل پيرا رهندي ۽ طبيعتن صوفياڻو مزاج رکندي فهد حسين ۾ ڪابه هٺ وڏائي نظر نٿي اچي، هو پاڻ کي ان ڪري به خوش نصيب سمجهي ٿو جو درگاهه سرور نوح رح جي سجاده نشين قبلا سائين مخدوم امين فهيم، قبلا سائين مخدوم جميل الزمان ۽ ٻين سان سندس ويجهڙائپ رهي آهي ۽ کيس هالا وارن بزرگن جي خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو، پاٽ شريف سان تعلق رکندڙ ۽ هن جاکوڙي نوجوان تي سنڌ واسين کي فخر ۽ ناز آهي.

    محمد سجاول پنهور/ درويش صفت انسان
    محمد سجاول پنهور جي لاءِ اهو مشهور هو ته پاڻ سڄي رات پاٽ جي هر هڪ گهٽيءَ ۾ گهمندو هو ۽ الله پاڪ جو ذڪر ڪندو رهندو هو ۽ سندس دعا گهرڻ جو تڪيه ڪلام هو ”چئني ڪنڊن جو خير ۽ چئني ڪنڊن تي رحم، اوسي پاسي جو خير ۽ اوسي پاسي تي رحم ۽ اسان سڀني جو خير ۽ اسان سڀني تي رحم“، سچ پچ ته پاٽ ۾ هاڻي اهڙن ماڻهن جي ڪمي محسوس ٿئي پئي، جيڪي محمد سجاول پنهور وانگر ٻين لاءِ دعاڳو هجن.

    مست سڪندر علي شاهه/صاحب ڪرامت
    سيد مست سڪندر علي شاهه جو تعلق سيتا وليج سان هو پر سندس اڪثر ڪري رهائش پاٽ پراڻيءَ تي گهاٽن وڻن ۾ هوندي هئي يا مٽلي فقير جي درگاهه ڀرسان گهاٽن کٻڙن ۾ هوندي هئي، هن درويش جي شخصيت تمام گهڻي فقرائي هئي، جلال ۾ اچڻ بعد سندس آواز گجگوڙ وانگي گونجندو هو، کيس جيڪو نذرانو ملندو هو اهو ٻين فقيرن ۽ غريبن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو، سندس ڪيتريون ئي ڪرامتون به مشهور هيون، هاڻي هي بزرگ هي جهان ڇڏي چڪو آهي ۽ سندس مزار سيتاروڊ کان اوڀر طرف ڪجهه ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي.

    ڊاڪٽر علي حيدر مهرائي/مسيحائي ڪردار
    ڊاڪٽر علي حيدر مهرائي جو تعلق ڳوٺ خدا بخش مهرائيءَ سان هو، پاڻ ايم بي بي ايس ڊاڪٽر ته نه هو پر هيلٿ ڊپارٽمينٽ ۾ وڏن وڏن ڊاڪٽرن سان گڏ ملازمت دوران ڪم ڪيائين ۽ کيس ميڊيڪل جي حوالي سان ڪافي سٺي ڄاڻ هئي، پاٽ شريف ۾ 30 سالن کان به مٿي سندس ڪلينڪ هلندي رهي، رب تعاليٰ سندس هٿ ۾ به وڏي شفا رکي هئي ۽ هن مسيحائي رول ادا ڪندي پاٽ شريف ۽ آس پاس وارن ڳوٺن جي ماڻهن جو علاج ڪيو ۽ ڊاڪٽر علي حيدر جي وڏي ۾ وڏي خوبي اها هئي ته اگر ڪنهن غريب مسڪين مرد يا عورت وٽ علاج جا پئسا نه هوندا هئا ته سندس مفت علاج ڪندو هو يا دادو سول اسپتال ۾ داخل پنهنجي علائقي جي مريضن جي به وڌ ۾ وڌ مدد ڪندو هو، سندس وفات بعد هي ڪلينڪ ڊاڪٽر ايوب سنڀالي پر اهو به فاني دنيا ڇڏي ويو آهي.

    خليل احمد سومرو/درويش صفت انسان
    خليل احمد سومرو درويش خيال جو ماڻهو هو، هي پاٽ شريف جي بازار ۾ ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ تي ويٺل نظر ايندو هو، ڪڏهن ڪڏهن ننڍڙا ٻار توڙي وڏا کيس چيڙائيندي نظر ايندا هئا پر هي کين ڪجهه به نه چوندو هو، وري جڏهن ڪي ڪي سگهڙ کيس ڳجهارتون ڏيندا هئا ته هڪدم کين اها ڳجهارت ڀڃي ٻڌائيندو هو، هڪ دفعي بازار ۾ ڪي ٻاهريان ماڻهو آيا ۽ انهن چيو ته اسين پاٽ جي علم ادب جو نالو ٻڌي هتي گهمڻ آيا آهيون ۽ پوءِ ڪنهن ماڻهو انهن مهمانن کي چيو ته سائين اوهان هن درويش سان ڀلي انگريزي ۾ ڳالهايو ۽ جڏهن انهن هن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ته کين حيرت ٿي ته واقعي پاٽ پاٽ آهي ۽ هتان جا ديوانا به داناءُ آهن، ڇو جو درويش خليل کين انگريزيءَ ۾ ئي جواب پئي ڏنا.

    محمد پناهه عرف پنون/ انوکو راز ڄاڻيندڙ
    محمد پناهه بروهي جيڪو پنوءَ جي نالي سان مشهور آهي، هي ننڍپڻ کان ئي مستانو هو، هن وقت سندس عمر 40 يا 45 سال ٿيندي، اڪثر ڪري هٿ ۾ سوٽي کڻندو آهي ۽ پاٽ کان پيارو اسٽيشن تائين پنڌ ويندي نظر ايندو آهي، هن مستاني نوجوان جي هڪ خاص ڳالهه اها مشهور آهي ته قبرستان ۾ ڪنهن ماڻهو کان سندس مٽ مائٽ جي قبر يا بٺي نه لڀندي آهي ۽ جڏهن پنوءَ کان پڇا ڪبي ته اهو ان قبر کي ڳولي ان ماڻهو کي ٻڌائيندو ته هن قبر ۾ هي ماڻهو دفن ٿيل آهي، پوءِ چاهي اها قبر تازي هجي يا تمام گهڻي پراڻي هجي.

    دادن خان برهماڻي/خوش طبيعت انسان ۽ سامي کوٽڻ جو اعزاز حاصل ڪندڙ
    دادن برهماڻي زميندار هو پر سندس طبيعت سادگيءَ واري هوندي هئي، پنهنجي ٻني ٻاري جي سنڀال سان گڏ پاڻ به پيو هارين وانگر ڪم ڪندو هو، خوش طبيعت ماڻهو هو، بازار مان لنگهندو هو ته ماڻهو کيس ڀوڳن ۾ چاچا دادن سيون ڪري سڏ ڪندا هئا ته هي به انهن سان مذاق ۾ چڙي پوندو هو ۽ گهڙي کن لاءِ ٽهڪڙو مچي ويندو هو، هن ماڻهو جي هڪ وڏي ۾ وڏي خوبي اها هوندي هئي ته ڳوٺ ۾ جڏهن به ڪنهن گهر ۾ فوتگي ٿيندي هئي ته هي ڪوڏر ۽ رنبو کڻي ان ميت جي سامي کوٽيندو هو، پيرسن ٿيڻ بعد به جيستائين سندس جسم ۾ ڪجهه سگهه هئي ته هي سامي کوٽڻ وارو ثواب حاصل ڪندو رهيو، سندس وفات بعد پاٽ شريف جا ماڻهو کيس ياد ڪندا آهن ۽ سندس همدردي جا مثال ڏيندا آهن.

    سيد جان محمد شاهه/هڪ مهمان نواز ۽ يگانو انسان
    سيد جان محمد شاهه جي سڃاڻپ هونءَ ته هڪ زميندار جي آهي پر سندس وڏي ۾ وڏي خوبي اها هوندي هئي جو پاڻ وڏو اوطاقي شخصيت هو، سندس اصل ڳوٺ پاٽ شريف لڳ ناصراڻي هو ۽ پوءِ اتان لڏي پاٽ شريف ۾ اچي رهائش پذير ٿيو، ڳالهائڻ ٻولهائڻ جو يگانو هوندو هو، غريبن ۽ مسڪينن جو هڏ ڏوکي هوندو هو، پاٽ ۾ ميلن ملاکڙن جو بنياد به سائين جان محمد شاهه وڌو ۽ پاٽ ۾ جيڪي ڊراما ٿيٽر ٿيندا هئا، انهن جو ذمو به سائين جان محمد شاهه کڻندو هو، پاڻ ڪيترن ئي ماڻهن جا ٺاهه ڪرائي کين کير کنڊ ڪري ڇڏيندو هو.

    خليفو محمد جمن خاصخيلي/روحاني شخصيت
    پاٽ شريف سان تعلق رکندڙ خليفو محمد جمن خاصخيلي 8 آگسٽ 1942ع تي حاجي الهڏني خاصخيلي جي گهر ۾ جنم ورتو، پاڻ ميٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪيائين، چنڙ قوم مان شادي ڪيائين ۽ اولاد ۾ کيس 6 پٽ ۽ 2 نياڻيون آهن، محمد جمن خاصخيلي جو خاندان هارپي وغيره سان يعني پورهيت طبقي سان تعلق رکندڙ رهيو آهي، جيئن ته پاڻ ميٽرڪ تائين تعليم پرائڻ کان پوءِ نوڪري جي تلاش ڪيائين، اول کيس واپڊا ۾ نوڪري ملي ۽ ڪجهه عرصي کانپوءِ اها ڇڏي ڏنائين ۽ 1982ع تي ايريگيشن کاتي ۾ کيس ملازمت ملي، ان دوران کيس روحاني ڪرنٽ لڳو ۽ پاڻ پاٽ شريف جي بزرگ مرحوم سائين مخدوم محمودالحسن جو طالب ٿيو ۽ پنهنجي مرشد جي ڏنل ذڪر و اذڪار کي جاري رکيائين، ان کانپوءِ روحاني شخصيت فقير عبدالله جوڻيجي سان سندس صحبت رهي ۽ ان جي معرفت سان دادو ۾ حضرت پير نعمت الله قريشيءَ جو طالب ٿيو ۽ اتي قلبي ذڪر سميت پنج لطائف ۽ چار ولايتون ۽ سلوڪ جا سبق حاصل ڪيائين ۽ پوءِ نقشبندي سلسلي ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ کيس خليفو مقرر ڪيو ويو، انتهائي انڪساري ۽ فقرائي طبيعت جي مالڪ فقير محمد جمن خاصخيلي جو پاٽ شريف ۾ پنهنجو آستانو به آهي، جتي سندس ڪيترائي طالب ۽ مريد ذڪر فڪر جون روحاني محفلون مچائيندا آهن، خليفي محمد جمن جي خاص طالبن ۾ نظير احمد برهماڻي، نصير احمد ڪلهوڙو ۽ اياز علي ملاح شامل آهن.

    سيد نور محمد شاهه المعروف سيد نورخان شاهه علمي ماهر ۽ بهترين انسان
    دنيا ۾ ڪامياب هجڻ لاءِ تمام گهڻو پئسو ڪمائڻ، بنگلا ۽ گاڏيون حاصل ڪرڻ ضروري نه آهن پر ڪيترائي باشعور باڪردار ۽ بااخلاقي ماڻهو گلاب جي گل جيان مهڪندي ڪامياب زندگي گذاريندا آهن، پاٽ شريف سان تعلق رکندڙ مرحوم سيد نور محمد شاهه ولد سيد نواب علي شاهه 7 نومبر 1933ع تي پاٽ شريف ۾ جنم ورتو، سندن خاندان جو تعلق مشهور بزرگ سيد ناصر شاهه لڪياري سان آهي، جنهن جي نالي سان پاٽ شريف لڳ ”ناصراڻي“ ڳوٺ قائم آهي، سيد نور محمد شاهه المعروف سيد نور خان شاهه ننڍپڻ کان ئي سلڇڻو، ذهين ۽ صابرين طبيعت جو مالڪ هو، پاڻ ابتدائي تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ پاٽ شريف مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادو، نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان پڙهڻ بعد سنڌ مدرسته الاسلام مان ميٽرڪ پاس ڪيائين ۽ وڌيڪ تعليم لاءِ حيدرآباد جي ڪاري موري واري ڪاليج مان انٽر ڪيائين ۽ گريجوئيشن به حيدرآباد مان ئي ڪيائين، سندن والد صاحب جي وفات کانپوءِ گهر جي سموري ذميواري سندن مٿي تي آئي، 1966ع واري ڏهاڪي ۾ پاٽ شريف ۾ مسلم هاءِ اسڪول قائم ٿيو جتي پاڻ انگريزي استاد طور مقرر ٿيو، اتي ايمانداريءَ سان پڙهائڻ ۽ شاگردن جي بهتر تربيت سبب کين ڳوٺ جي ماڻهن ساراهيو ۽ سائين وٽان تعليم حاصل ڪندڙ ڪيترائي شاگرد اعليٰ عهدن تي پهتا، اهڙا ئي انسان گلاب جي گل ۽ موتئي جي گل جيان خوشبوءِ پکيڙيندا آهن ۽ ڪنهن اونداهيءَ ۾ مشعل راهه هوندا آهن، سيد نور محمد شاهه رٽائرمينٽ بعد پنهنجو سمورو وقت ڳوٺ وارن لاءِ ۽ گهر لاءِ وقف ڪيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ڪچي طرف واري زمين ڏانهن چڪر لڳائڻ ۽ هارين سان ڪچهريون ڪندي سندن وقت پاس ٿيندو هو، ڳوٺ ۾ اوطاق تي ويهندي ڪيترن ئي آيل مسافرن ۽ راهگيرن لاءِ ماني وغيره ۽ رهائش به سندن ترجيح ۾ شامل هئي، پاڻ پنهنجي اولاد ۾ نياڻين ۽ پٽن کي اعليٰ تعليم ڏياري، جيڪي پنهنجي محنت سان اهم عهدن تي فائض آهن، پاٽ شريف جي هن عظيم شخصيت 18 نومبر 2008ع تي وفات ڪئي ۽ سندن آخري آرامگاهه پاٽ شريف ۾ آهي.


    پاٽ شريف جا هندو خاندان

    پاٽ شريف ۾ رهندڙ هندو
    پاٽ شريف ۾ رهندڙ ڪجهه هندو خاندانن جو حوالو پاٽ شريف جي مين پرائمري اسڪول جي رڪارڊ مان ملي ٿو، اسڪول جي پراڻي جنرل رجسٽر مطابق 1948ع تائين داخل شاگردن مان معلوم ٿئي پيو ته ان وقت تائين يا ان کانپوءِ به ڪي هندو خاندان پاٽ شريف ۾ رهندا هئا، هن اسڪول جي رڪارڊ موجب جيڪي ڇوڪرا داخل هئا انهن جا پيءُ سميت نالا هي آهن. هيمن پٽ هوندو مل، رامون پٽ نيڻون مول، گوبند پٽ پمنداس، لڇمڻ پٽ ٻالچند، روپو پٽ پوهو مل، دنيچند پٽ موتيرام، پوهو پٽ ڄيٺومل، شون پٽ نيڻون مل، هيمن پٽ تلوڪ چند، لعل چند پٽ چتون مل، ارجن پٽ ڀاونداس، نارائڻ پٽ خانومل، تولو پٽ موٽومل، موهن پٽ لکومل، ويڙهو پٽ پوهومل، پهلاج پٽ باشارام، لڇمڻ پٽ ذوقيرام ۽ چيلو پٽ آسودو مل شامل آهن، ان کان علاوه شاگردياڻين ۾ جيڪي ڇوڪريون داخل هيون انهن ۾ گنگي ڌيءَ آسودومل، وديا ٻائي ڌيءَ ٻالچند، نانڪي ٻائي ڌيءَ رامچند، ايشوري ٻائي ڌيءَ آسودومل، ڀائنوري ڌيءَ راڄومل، گنگا ڌيءَ گولارام، ڪلان ڌيءَ مينگهراج، دروپدي ڌيءَ رامچند، گرڌاري ڌيءَ ذوقيرام، سيتاٻائي ڌيءَ تلوڪ چند، ديوي ڪمنداس، ڀڳواني ٻائي ڌيءَ ٻالچند، ايشوري ٻائي ڌيءَ موتيرام ۽ سشيلا ٻائي ڌيءَ روپچند شامل آهن.

    پاٽائي هندن جون ريتون رسمون ۽ ڪاروبار
    موجوده پاٽ شريف ۾ جڏهن هندو رهندا هئا ته انهن جي عبادتگاهه لاءِ وڏا وڏا مندر به هوندا هئا، معلوم ٿيو آهي ته ميمڻن جي پاڙي ۾ جتي نونارين جا گهر آهن اتي هڪ مندر هوندو هو جتي هندو پوڄا پاٺ ڪندا هئا، ان کان علاوه هتي رهندڙ هندو پنهنجا مذهبي، سماجي ۽ ثقافتي ڏڻ به وڏي جذبي ۽ پابنديءَ سان ملهئانيدا هئا، جنهن ۾ هولي، ديوالي، راکي ٻنڌڻ، ٿڌڙي، گوگو پوڄا، ٻڙ ۽ ڪانهوڙي وغيره جا تهوار ملهايا ويندا هئا، ان وقت ۾ امن، ڀائيچاري، ادب ۽ اخلاق جا اهڙا ته مثال قائم هوندا هئا جو مسلمان ۽ هندو پنهنجي پنهنجي مذهبي ڏهاڙن ملهائڻ دوران هڪ ٻئي کي دعوتون ڏئي انهن خوشين ۾ شرڪت ڪندا هئا ۽ انهن خاص ڏينهن تي تيار ٿيندڙ طعام ۽ مٺايون به هڪ ٻئي ڏانهن موڪليندا هئا، ڪنهن کي ڪنهن به قسم جي ڪابه نفرت نه هوندي هئي، ڪنهن به ذات پات جو فرق نه هوندو هو، هتي رهندڙ واڻيا ۽ مسلمان هڪ ٻئي جي عورتن ۽ نياڻين جو تمام گهڻو احترام ڪندا هئا ۽ مڪمل انساني هم آهنگي هئي ۽ ان وقت ۾ ڪنهن به قسم جي انتهاپسنديءَ جو ڪوبه تصور نه هو ۽ هي هڪ ٻئي جي غميءَ ۽ خوشيءَ ۾ شريڪ ٿيندا هئا، ان کان علاوه پاٽائي هندن جا ڪاروبار به عروج تي رهيا، ڪيترائي هندو ڪپڙي، اناج، وکر ۽ ٻين شين جا وڏا وڏا واپاري هئا، هتان جو سيٺ ڀيرومل به مکڻ جو وڏو واپاري هو، جنهن جو پري پري تائين مکڻ ۽ سچو گيهه موڪليو ويندو هو، پاڪستان ۽ هندستان جي الڳ ٿيڻ سبب ڪيترائي هندو ڀارت لڏي ويا ۽ ڪيترائي ٻيا هندو واپاري دنيا جي مختلف ملڪن ڏانهن روانا ٿي ويا، جتي سندن خاندان اڄ به بزنس ڪري ٿو.

    ديوان موهن لال
    ديوان موهن لال مينگهراج هاشاڻي 20 سيپٽمبر 1952ع تي دادو ۾ پيدا ٿيو پر سندس وڏڙن جو تعلق پاٽ شريف سان هو، ديوان موهن لال درس و تدريس سان تعلق رکي ٿو، پاڻ پرائمري استاد به رهيو ته شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور جو ليڪچرار به مقرر ٿيو، ڪجهه وقت لاءِ ڪراچي ۾ پلاننگ آفيسر جي عهدي تي به رهيو ۽ تعليم کاتي ۾ وري سپروائيزر به رهيو، پڙهڻ پڙهائڻ ۽ لکڻ سان کيس دلي لڳاءُ آهي، خاص ڪري رياضي ۽ گرامر واري سبجيڪٽ ۾ مهارت رکندڙ سائين موهن لال 19 ڊسمبر 2012ع تي رٽائرڊ ٿيو، ان کانپوءِ هڪ پرائيويٽ هاءِ اسڪول ۾ پرنسپال مقرر آهي، ديوان موهن لال پنهنجي ڳوٺ پاٽ شريف کي نه وساري سگهيو آهي، هو فخر محسوس ڪري ٿو ته منهنجي ابن ڏاڏن جو ڳوٺ پاٽ شريف آهي ۽ اها سِڪ پوري ڪرڻ لاءِ هن جو پاٽ شريف اچڻ ٿيندو رهيو آهي، ديوان موهن لال پنهنجي هندو ڪميونٽيءَ ۾ به سرگرم رهي ٿو، مذهبي حوالي سان ڪي ڏڻ ملهايا ويندا آهن ته هي انهن خاص موقعن تي پنهنجي شاعريءَ ذريعي ۽ ڀڄن ڳائي ڀيٽا پيش ڪندو آهي، هندو پنچائت جي هر ننڍي وڏي مسئلي ۾ به سرگرم نظر اچي ٿو، سندس ڳالهائڻ جو ٿڌو لهجو پراون کي پنهنجو ڪري ٿو.

    ديوان شيوڪ رام
    ديوان شيوڪ رام ڀاونداس ڀمڀاڻي پهرين جون 1946ع تي پاٽ شريف ۾ ڄائو، پرائمري کان ميٽرڪ تائين تعليم پاٽ شريف ۾ حاصل ڪيائين، ان کانپوءِ ايم اي اڪنامڪس، ايم اي سنڌي، ايل ايل بي ۽ بي ايڊ پاس ڪيائين، ديوان شيوڪ جي سڃاڻپ هڪ بزنس مين طور آهي پر هي اعليٰ تعليم يافته انسان طبيعتن صوفي قسم جو ماڻهو آهي، ديوان شيوڪ رام جو خاندان پاٽ شريف مان 1964ع ۾ دادو شفٽ ٿيو ۽ هي پاٽ شريف ۾ رهندڙ هندن جو آخري گهراڻو هو، جيڪي پوءِ لڏي ويا، هن کان پهرين پاٽ شريف ۾ رهندڙ سمورا هندو ڀائر مختلف هنڌن ڏانهن منتقل ٿي چڪا هئا، ديوان شيوڪ رام جو والد صاحب ڊاڪٽر ڀاونداس بابت معلومات ملي ٿي ته هو جڏهن پاٽ شريف ۾ پنهنجي طب خاني تي ماڻهن جو علاج ڪندو هو ۽ روزاني جي ڪمائي مان پنهنجي گهر جو خرچ وغيره ۽ دوائن جو خرچ پکو ڪڍي باقي پئسن مان غريبن جي مدد ۽ روزانو لنگر تقسيم ڪندو هو، ديوان شيوڪ جي امڙ مائي پاري به طبي ماهر هئي، پاٽ شريف ۽ ان جي آسپاس وارن ڳوٺن مان عورتون هن وٽ علاج لاءِ اينديون هيون، پاٽ شريف جي هر غريب توڙي امير ماڻهن جي گهروارين جا ڊليوري ڪيس به اتي ئي حل ٿي ويندا هئا، ديوان شيوڪ رام هن وقت پنهنجي پٽ سنيل ڪمار سان گڏ دادو ۾ ڪپڙي جي دڪان تي ڪاروبار ڪري ٿو، سندس دڪان تي جڏهن ڪوبه پاٽائي ويندو آهي ته هو انهن کان پنهنجي ڳوٺ جا حال احوال وٺندو آهي ۽ ڪچهري دوران ڳوٺ جون ساروڻيون ساريندي لڙڪ به وهائي ويهي ٿو، ديوان شيوڪ رام انتهاپسنديءَ کان بيزار ۽ انسانيت جي عظمت جو قائل آهي، پاڻ هميشه اهو پيغام ڏيندو رهي ٿو ته علم جي هٿيار سان ئي جهالت جي پاڙ پٽي سگهجي ٿي، هن اندر جي اجري انسان جي زندگي بيداغ گذري آهي.


    اهم عهدن تي فائض رهندڙ پاٽائي

    اهم عهدن تي فائض رهندڙ پاٽائي

    علامه آءِ آءِ قاضي وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
    آفتاب قاضي گورنر اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان
    قاضي احمدي صديقي (اول) آنرري مئجسٽريٽ
    خانصاحب علي بخش چنا ڪليڪٽر
    خانبهادر ميان يار محمد جوڻيجو بئريسٽر
    احمد حسين قاضي ڪمشنر انڪم ٽيڪس
    ڊاڪٽر حبيب الله صديقي پي ايڇ ڊي هولڊر ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو سابقه سيڪريٽري
    اختر علي جِي قاضي اڳوڻو وزيراعليٰ سنڌ 1988ع
    غلام مصطفيٰ قاضي اڳوڻو ڪليڪٽر، ڊپٽي ڪمشنر ۽ سيڪريٽري آبادڪاري
    ڊاڪٽر غلام نبي قاضي هيڊ آف “WHO” پاڪستان ٽي بي، ايڇ آءِ وي ۽ ايڊز ڪنٽرول پروگرام
    ڊاڪٽر حليم ڀٽي سابقه چيئرمين ورلڊ سنڌي ڪانگريس
    ڊاڪٽر علي احمد قاضي سابقه ڊائريڪٽر هيلٿ سروسز سنڌ
    ڪريم بخش چنا اڳوڻو ڊي آءِ ايس ۽ ڊائريڪٽر بيورو آف ڪريڪيولم حيدرآباد
    الحاج عبدالحفيظ چنا انگريز دور جو پوسٽ ماسٽر جنرل
    ڊاڪٽر باز محمد جوڻيجو سابقه ڊائريڪٽر ۽ سيڪريٽري اينيمل هسبنڊري اينڊ لائيو اسٽاڪ سنڌ
    پروفيسر ڊاڪٽر عبدالشڪور قاضي پي ايڇ ڊي هولڊر، رٽائرڊ فوجي ڪيپٽن ۽ جناح اسپتال ڪراچي جو اڳوڻو ڊائريڪٽر
    عبدالغفار صديقي سابقه چيف ڪوآرڊينيٽر مسجد اسڪولس ۽ اڳوڻو سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ
    مشتاق احمد صديقي، اوورسيئر انڪمبرڊ اسٽيٽس سنڌ
    عابد حسين جوڻيجو پراجيڪٽ مئنيجر آڪرا انڪم ڪئناڊا
    ڊاڪٽر غلام مجتبيٰ جوڻيجو سابقه جنرل مئنيجر اسٽيل مل ڪراچي
    ڊاڪٽر پروفيسر سمين افضل جوڻيجو چيئرمين آئي ڊپارٽمينٽ لمس
    محمد شفيع جوڻيجو سابقه چيف انجنيئر ايريگيشن ڊپارٽمينٽ
    پروفيسر ڊاڪٽر منير احمد جوڻيجو پرووائيس چانسلر لمس ڄامشورو
    پروفيسر ڊاڪٽر غلام مجتبيٰ جوڻيجو اڳوڻو چيئرمين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن، سيڪريٽري هيلٿ ۽ مئنيجر فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن
    جسٽس امام علي قاضي سابقه چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ
    جسٽس مامون قاضي اڳوڻو چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ
    جسٽس مختيار احمد جوڻيجو سابقه چيف اليڪشن ڪمشنر آف پاڪستان، اڳوڻو ميمبر سينڊيڪيٽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ميمبر لائير ڪاميٽي S.ZABIST
    جسٽس زيڊ اي چنا ڊائريڪٽر جنرل سنڌ جوڊيشنل اڪيڊمي
    جسٽس عبدالوحيد صديقي وفاقي شرعي عدالت جو جج
    جمشيد احمد انصاري ڊپٽي سيڪيورٽي ايڊوائيزر ايڊمنسٽريشن اينڊ سپورٽ يونائيٽيڊ نيشن
    حاجي ڪريم بخش صديقي سيڪريٽري “BBSHRRDB” بينظير ڀٽو شهيد هيومن ريسورس ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ گورنمينٽ آف سنڌ ۽ انچارج ايڊمن اسٽيوٽا
    آپا فَخرِ ڪريم صديقي، اڳوڻي EDO ڪراچي ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري تعليم کاتو سنڌ
    غزالا بتول صديقي، پبلڪ رليشن مئنيجر “PIA” ڪراچي
    پروفيسر ڊاڪٽر مخدوم ظفر الحق صديقي، پرنسپال ۽ وي سي لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو
    آفتاب احمد چنا، سابقه ايم ڊي اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن
    عبدالغني سومرو، پرنسپال هائير سيڪنڊري اسڪول سيتاروڊ
    قائم الدين چنا، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڄامشورو ٿرمل پاور
    آپا تنوير جوڻيجو، سابقه چيئرپرسن سوشالاجي ڊپارٽمينٽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
    عبداللطيف صديقي، پراجيڪٽ ڊائريڪٽر بورڊ آف ڪريڪيوليم
    عبدالخالق ڀٽي، سابقه چيف انجنيئر سوئي سدرن گئس ڪمپني
    قمر شاهد صديقي، ڊائريڪٽر جنرل (PITE) پراونشل انسٽيٽيوٽ فار ٽيچرس ايجوڪيشن سنڌ
    خدا دوست صديقي، سابقه ڊسٽرڪٽ لرننگ مئنيجمينٽ آفيسر
    رفيع الدين جوڻيجو، ڪنٽري هيڊ آف لا ڊپارٽمينٽ حبيب بينڪ
    زاهد حسين جوڻيجو، چيف انجنيئر ايريگيشن ڊپارٽمينٽ سنڌ
    پروفيسر ڊاڪٽر ياسمين قاضي، هيڊ آف ڊپارٽمينٽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل ڪاليج اينڊ لياري جنرل هاسپيٽل ڪراچي
    نصير احمد ميمڻ، چيف ايگزيڪيوٽو S.P.O پاڪستان
    نور حسين جوڻيجو، سابقه اسسٽنٽ وائيس پريزيڊنٽ “HBL”
    شفيق احمد چانڊيو، مئنيجر سنڌ بينڪ
    مخدوم انعام الحق صديقي، سابقه آفيسر اليڪٽرڪ اينڊ گئس اسٽيل مل ڪراچي
    عبدالرشيد چنا، مختيارڪار
    آفتاب احمد چنا، زونل چيف اسٽيٽ لائيف
    جاويد اقبال جوڻيجو، ڊائريڪٽر لڪل گورنمينٽ ۽ صدر جيم خانه حيدرآباد
    پرويز احمد جوڻيجو، ڊي ڊي او روينيو کاتو
    رفيع الدين چنا، وائيس پرنسپل ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو
    دوست محمد ڀٽي، سيڪريٽري سنڌ سائنس سوسائٽي
    مخدوم انورالدين صديقي، ڊائريڪٽر ايڪسائيز
    مخدوم جلال الدين، ڊائريڪٽر ايڪسائيز
    مخدوم جلال الدين، ڊائريڪٽر ايڪسائيز
    منصف علي چنا، او جي ڊي سي ايل اسلام آباد
    لعل محمد جوڻيجو، چيئرمين ايس آر ٽي
    مظفر علي چنا، جيل سپرنٽينڊنٽ
    مخودم عبيدالله صديقي، ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ
    منظور حسين عباسي، ڊپٽي ڊائريڪٽر سنڌ ايرڊ زون ڊولپمينٽ اٿارٽي
    مخدوم عين الحق صديقي، آفيسر ڪراچي اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪارپوريشن
    محمد ابراهيم عباسي، ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽر آف اسڪولس
    خانبهادر غلام نبي قاضي، پرنسپال نوشهروفيروز انگريزي اسڪول 1915ع
    نظير احمد ميمڻ، سينيئر ٽڪيٽ ڪلڪٽر ريلوي
    قطب الدين صديقي، اڳوڻي وزيراعليٰ ايوب کهڙو جو پرسنل سيڪريٽري ۽ (شهيد غزالا بتول صديقي جو والد)
    محمد سليم عباسي، اميگريشن آفيسر پاسپورٽ آفيس
    زاهد حسين سومرو، سب انسپيڪٽر پاڪستان رينجرز
    اياز علي سومرو، ميجر آءِ ايس آءِ
    احسان احمد چنا، آئي ٽي ماهر ۽ ايڊمنسٽريٽر اسپارڪ اسڪول
    نظر محمد برهماڻي، رينج فاريسٽ آفيسر
    اياز حسين انصاري، ڪمشنر
    مخدوم منيرالحق، ڪسٽم آفيسر
    عبدالحفيظ چنا، پوسٽ ماسٽر جنرل انگريزن جو دور
    منصف احمد چنا، جيالاجسٽ
    محمد اعظم چنا، ايگريڪلچر آفيسر
    محمد رمضان سومرو، فيلڊ اسسٽنٽ ايگريڪلچر
    ممتاز علي ملاح، فيلڊ اسسٽنٽ ايگريڪلچر
    نگهت چنا، آفيسر آمريڪن ايئرلائين
    مشتاق احمد چنا، پي آءِ اي آفيسر
    مختيار احمد چنا، پي آءِ اي آفيسر
    احمد نواز ملاح، آفيس سپرنٽينڊنٽ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ
    محمد شفيع جوڻيجو، چيف انجنيئر ايريگيشن
    عنايت الله جوڻيجو، ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ
    جان محمد انصاري، سيڪريٽري روينيو سنڌ
    فتح الدين جوڻيجو، اي سي ايريگيشن
    مقبول احمد چنا، سپريڊنٽ انجنيئر سوئي گئس
    مخدوم معين الحق، انڪم ٽيڪس آفيسر
    محمد حاجن چنا، ڊائريڪٽر علامه اقبال اوپن يونيورسٽي
    اميرالدين چنا، ڊائريڪٽر سوشل سيڪيورٽي
    عبدالرحمان ڪلهوڙو، ريڊر، ڊي ايس پي آفيس
    الهورايو عباسي، فِليِڊ چيف پيٽي آفيسر نيوي پاڪستان
    خيرالدين انصاري، پراجيڪٽ ڊائريڪٽر منسٽري آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي
    سليم الله صديقي، ڊائريڪٽر فوڊ ڊپارٽمينٽ
    محمد ايوب منگي، آفيس سپريڊنٽ ايجوڪيشن
    ڊاڪٽر فضل ڪريم صديقي، پي ايڇ ڊي هولڊر ۽ سابقه پرنسپال پبلڪ ماڊل اسڪول حيدرآباد
    روشن علي صديقي، سابقه هيڊ ماستر علامه آءِ آءِ قاضي بوائز هاءِ اسڪول پاٽ شريف
    فدا حسين ميمڻ، ايگريڪلچر آفيسر
    مخدوم عبدالحفيظ صديقي، ڊائريڪٽر نيب بلوچستان
    سليم احمد چنا، ڊپٽي سپريڊنٽ لينڊ ڪسٽم
    ارشاد احمد جوڻيجو، سابقه ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر
    قاضي جهانگير، آفيسر ايڪسائيز ٽيڪسيشن اينڊ نارڪوٽيڪسز ڊپارٽمينٽ
    معشوق احمد عرف اقبال صديقي، ڊائريڪٽر ايڊميشن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
    اقبال احمد ميمڻ، ڊپٽي ڪليڪٽر ڪسٽم
    ڊاڪٽر مقصود احمد عباسي، ايم ايس هيلٿ سينٽر ڪي اين شاهه
    آپا شفقت صديقي، سابقه پرنسپال O.P.F اسڪول دادو
    محمد الياس سومرو، آفيس سپريڊنٽ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ
    عنايت الله جوڻيجو، سابقه ڊائريڪٽر ڪچي آبادي، حيدرآباد ڊويزن
    رفيق احمد ميمڻ، ريجنل مئنيجر ميزان بينڪ سنڌ
    علي اڪبر برهماڻي، ايڊووڪيٽ ۽ ڊپٽي اٽارني جنرل ڊسٽرڪٽ دادو
    پروفيسر ڊاڪٽر نور عالم انصاري، هيڊ آف “ENT” ڊپارٽمينٽ پيپلز ميڊيڪل هاسپيٽل نوابشاهه
    نور محمد برهماڻي، فيلڊ اسسٽنٽ ايگريڪلچر
    عبدالوهاب ميمڻ، سيريڪٽري يونين ڪائونسل لوڪل گورنمينٽ
    محمد قاسم عباسي، سيڪريٽري يونين ڪائونسل لوڪل گورنمينٽ
    نظر محمد چانڊيو، آفيسر سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن
    عبدالوهاب چانڊيو، پيٽروليم، آئل اينڊ گيس فيلڊ آفيسر
    عبدالرشيد صديقي، مختيارڪار
    امداد حسين صديقي، پي آر او محتسب اعليٰ ڪراچي
    پروفيسر روشن عطا صديقي، پي ايڇ ڊي هولڊر
    مختيار احمد عباسي، رٽائرڊ حيسڪو آفيسر
    اختر علي ميمڻ، حيسڪو آفيسر

    پاٽائي قانوندان (ججز)
    علامه آءِ آءِ قاضي، جسٽس يار محمد جوڻيجو، جسٽس مامون قاضي، جسٽس “AGN” عبدالنبي غلام نبي قاضي، جسٽس “BGN” بشير احمد غلام نبي قاضي، جسٽس “DGN” دين محمد غلام نبي قاضي، جسٽس ايڊ اي چنا ضياءُالدين چنا، جسٽس عطا محمد قاضي، جسٽس اختر علي جي قاضي، جسٽس مختيار احمد جوڻيجو، جسٽس حيات محمد جوڻيجو، جسٽس امام علي قاضي، جسٽس عبدالوحيد قاضي، جسٽس غلام النبي قاضي، امجد علي قاضي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج، شگفته صديقي جج، جسٽس نوشابه قاضي، جسٽس مشتاق احمد قاضي.

    پاٽائي قانوندان (وڪيل)
    ايڊووڪيٽ نظر محمد چنا، ايڊووڪيٽ شمشاد احمد جوڻيجو، ايڊووڪيٽ نياز احمد چنا، ايڊووڪيٽ سيف الدين چنا، ايڊووڪيٽ قاضي نظير احمد، ايڊووڪيٽ شاهد حسين عباسي، ايڊووڪيٽ علي اڪبر برهماڻي، ايڊووڪيٽ الهبچايو برهماڻي، ايڊووڪيٽ شاهد حسين ميمڻ، ايڊووڪيٽ عبدالحميد صديقي، ايڊووڪيٽ لاريب امجد قاضي، ايڊووڪيٽ امداد علي ميمڻ.

    پاٽائي انجنيئر
    انجنيئر عبدالغني انصاري، انجنيئر مير احمد چنا، انجنيئر مقبول احمد ميمڻ، انجنيئر منيرالحق صديقي، انجنيئر محبوب علي چنا، انجنيئر عبدالغني ميمڻ، انجنيئر خيرالدين انصاري، انجنيئر عبدالخالق ڀٽي، انجنيئر محفوظ احمد عباسي، انجنيئر غلام عباس چنا، انجنيئر مرتضيٰ حسين چنا، انجنيئر منظور حسين چنا، انجنيئر ممتاز علي چنا، انجنيئر اشفاق احمد چنا، انجنيئر منور علي چنا، انجنيئر مقبول احمد چنا، انجنيئر بشارت احمد چنا، انجنيئر مهراڻ ميمڻ، انجنيئر زاهد حسين جوڻيجو، انجنيئر سيد عادل شاهه، انجنيئر سيد عابد علي شاهه، انجنيئر عامر امير برهماڻي، انجنيئر فهيم احمد چنا، انجنيئر مخدوم عزيزالحق، انجنيئر اظهار علي ميمڻ.

    پاٽائي بينڪ آفيسر
    آفتاب قاضي گورنر اسٽيٽ بينڪ، محمد عالم انصاري، نور حسين جوڻيجو، لياقت علي ميمڻ، غلام محي الدين صديقي، نصير احمد چنا، سراج الدين انصاري، نصير احمد انصاري، عبدالسميع انصاري، مسعود احمد عباسي، شفيق احمد چانڊيو، رفيق احمد چانڊيو، صاحبڏنو ڪلهوڙو، عزيز احمد جوڻيجو، عقيل احمد جوڻيجو، شڪيل احمد جوڻيجو، فريد احمد جوڻيجو، رفيق احمد ميمڻ، سيد نثار علي شاهه، بهادر علي جوڻيجو، محمد يوسف چنا، ارباب علي چنڙ، سيد خادم حسين شاهه، سيد گل محمد شاهه، سيد حبيب شاهه، سيد ديدار علي شاهه، محمد حاجن چنا، غلام قادر لاشاري، ڪامران ميمڻ، شاهنواز برهماڻي، ارباب علي چنا، غلام ياسين عباسي، مشرف احمد چنا، اظهار احمد جوڻيجو، فياض احمد جوڻيجو، فياض حسين عباسي، رياض احمد ملاح، نعيم احمد چنا، فخر الدين سومرو، سجاد احمد ميمڻ، مخدوم منورالحق صديقي، امداد حسين جوڻيجو، حاجي سليم الدين ڀٽي، غلام مصطفيٰ قاضي، شفيق احمد سومرو، آصف علي برهماڻي ۽ ارشاد احمد پنهور.

    پاٽائي ڊاڪٽر
    ڊاڪٽر مخدوم ظفرالحق صديقي، ڊاڪٽر نظر محمد جوڻيجو، ڊاڪٽر حليم ڀٽي، ڊاڪٽر نور عالم انصاري، ڊاڪٽر امام بخش چنا، ڊاڪٽر مسعود احمد صديقي، ڊاڪٽر مقصود احمد عباسي، ڊاڪٽر محمد رفيع صديقي، ڊاڪٽر شفق چنا، ڊاڪٽر فهيم احمد چنا، ڊاڪٽر سڪندر علي چنا، ڊاڪٽر نديم احمد چنا، ڊاڪٽر افضل صديقي، ڊاڪٽر عبدالغني صديقي، ڊاڪٽر فيصل غني صديقي، ڊاڪٽر عبدالشڪور قاضي، ڊاڪٽر راجا طلعت محمود چنا، ڊاڪٽر خالد حسين صديقي، ڊاڪٽر سعيد احمد صديقي، ڊاڪٽر عزيز الله لانگاه، ڊاڪٽر محبوب عالم ميمڻ، ڊاڪٽر نياز حسين عباسي، ڊاڪٽر نور حسين سومرو، ڊاڪٽر نياز حسين چنا، ڊاڪٽر منير احمد جوڻيجو، ڊاڪٽر اشفاق احمد ميمڻ، ڊاڪٽر باز محمد جوڻيجو، ڊاڪٽر مجتبيٰ جوڻيجو، ڊاڪٽر محموده صديقي، ڊاڪٽر نصرت چنا، ڊاڪٽر سنڌيا جوڻيجو، ڊاڪٽر نائلا چنا، ڊاڪٽر عذرا ڪنڌر، ڊاڪٽر انيلا عباسي، ڊاڪٽر ساجده صديقي، ڊاڪٽر تبسم جوڻيجو، ڊاڪٽر شمشاد جوڻيجو، ڊاڪٽر ياسمين قاضي، ڊاڪٽر نرگس، ڊاڪٽر زنيره نياز عباسي، ڊاڪٽر نسرين جوڻيجو، ڊاڪٽر فهميده جوڻيجو، ڊاڪٽر منصوره صديقي، ڊاڪٽر افروز قاضي.

    پاٽائي طبي ماهر
    مائي پارِي، ميڊم اَنِورِ چنه، حڪيم امداد حسين صديقي، حڪيم ڀاونداس، حڪيم دين محمد سومرو، جيجي عاشيت چنا، جيجي براديءَ ماءُ، جيجي بيگم برهماڻي، علي حيدر مهرائي، غلام نبي جويو، محمد ايوب مهرائي، شهاب الدين لانگاهه، سيد ناصر علي شاهه، محرم علي جهتيال.

    پاٽائي تپيدار
    محمد عمر چنا، محمد حسن چنا، غلام حسين چنا، برڪت علي برهماڻي، ظفر عرف راڻو جوڻيجو، محمد جمن ميمڻ.

    پاٽائي زڪوات چيئرمين
    سيد اشرف علي شاهه، محمد رمضان ملاح، رئيس مزاج حسين جوڻيجو، ارباب علي عباسي، سيد رياض حسين شاهه، ممتاز علي برهماڻي.

    پاٽ شريف جا استاد اڳواڻ
    غلام مرتضيٰ ميمڻ پ ٽ الف اڳواڻ، آفتاب احمد عباسي پ ٽ الف اڳواڻ، مينهون خان برهماڻي پ ٽ الف اڳواڻ، غلام عباس برهماڻي ماٽا اڳواڻ، محمد اڪرم سومرو گسٽا اڳواڻ ۽ سومرا اتحاد جو اڳواڻ، نياز احمد عرف علي نواز برهماڻي گسٽا اڳواڻ، رياض احمد چانڊيو، گسٽا اڳواڻ، محمد زمان چنا گسٽا اڳواڻ، روشن علي پلهه گسٽا اڳواڻ، مير نواز ملاح گسٽا اڳواڻ ۽ ايڇ ايم علامه آءِ آءِ قاضي بوائز هاءِ اسڪول پاٽ شريف، محمد زمان سومرو گسٽا اڳواڻ.

    پوليس آفيسر
    شهيد عبدالغني صديقي ايس ايس پي، عصمت الله جوڻيجو ايس ايس پي، مظفر چنا جيل سپريڊنٽ، ابوبڪر چنا صوبيدار، غلام قادر جوڻيجو صوبيدار، مخدوم فضل الحق صديقي صوبيدار، ابوالصمد جوڻيجو صوبيدار، محمد حسن سومرو صوبيدار، فيض محمد جوڻيجو صوبيدار، مسعود احمد صديقي صوبيدار، امير بخش برهماڻي صوبيدار، علي نواز برهماڻي صوبيدار، شاهد حسين صديقي صوبيدار، شير محمد ملاح صوبيدار، رياض حسين جوڻيجو صوبيدار، محمد رجب برهماڻي صوبيدار، لونگ خان برهماڻي صوبيدار، محمد امين چنا صوبيدار، عبدالغني عباسي صوبيدار، ضياءُالدين صديقي آفيس سپريڊنٽ، امجد جوڻيجو صوبيدار، محمد اسلم چنا صوبيدار، تاج محمد چنا انسپيڪٽر، گل محمد عباسي صوبيدار، عبدالرحمان چنا صوبيدار، محمد بچل چاڪي صوبيدار.

    پاٽ شريف جا نعت خوان
    هتي پاٽ شريف ۽ ان جي آسپاس وارن ڳوٺن سا تعلق رکندڙ مشهور نعت خوانن جا نالا پيش ڪجن ٿا.
    محمد صديق مداحي، محمد رجب مداحي، محمد طالب مداحي، نظير احمد مداحي، امام الدين پلهه، محمد شعبان پلهه، غلام مصطفيٰ پلهه، فقير طارق حسيني، سيد محرم علي شاهه، سيد جڙيل شاهه، سيد صدام حسين شاهه، غلام عمر چانڊيو مرحوم، احمد فقير چانڊيو، محمد سڄڻ چانڊيو، فقير علي اڪبر چانڊيو، سعيد الرحمان ڪلهوڙو مخدومي، جنيد احمد چنه، تعمور علي جوڻيجو، مجيب الرحمان سومرو مخدومي، غلام حسين تيوڻو، غلام عباس ملاح، فقير محمد شعبان چانڊيو، سڪندر علي گلال حسيني، نعيم احمد ملاح، گلزار برهماڻي، عبدالخالق ميمڻ، هادي بخش ميمڻ، محمد زمان سومرو مخدومي.

    پاٽ شريف جا شهيد
    شهيد مشتاق احمد چنا پاٽائي: هي PIA ۾ آفيسر هو، کيس ڪراچي ۾ ڪجهه شرپسندن چاقن ۽ گولين سان شهيد ڪري ڇڏيو.
    شهيد شمس الدين صديقي: هي ايگريڪلچر جو شاگرد هو، جيڪو سڪرنڊ ۾ ڪنهن روڊ حادثي ۾ شهيد ٿي ويو.
    شهيد بخشل خان برهماڻي: هي پوليس کاتي ۾ جمعدار هو جيڪو سيوهڻ لڳ ڌاڙيلن سان مقابلو ڪندي شهيد ٿي ويو.
    شهيد عبدالغني صديقي: هي پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ ايس ايس پي هو جيڪو ڪوئيٽا لڳ ڪنهن روڊ حادثي ۾ خاندان سميت شهيد ٿي ويو.
    شهيد فيروزالدين ميمڻ: هي انتهائي بااخلاق نوجوان هو ۽ گهر ۾ بستري کي باهه لڳڻ دوران سخت زخمي ٿي پيو ۽ پوءِ ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين.
    شهيد اظهار علي برهماڻي: هي اليڪٽريشن سعيد خان برهماڻيءَ جو فرزند هو، هي نوجوان 9 ڊسمبر 2008ع بمطابق 10 ذوالحج تي عيد واري ڏينهن بازار جي هڪ ڇت تي بجلي ٺاهيندي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو.
    شهيد محمد جمن برهماڻي: هي بهترين انسان هو، پاڻ ڊرائيوري جي پيشي سان تعلق رکندڙ هو، هي نوجوان به پاٽ کان حيدرآباد وڃي رهيو هو ته هڪ روڊ حادثي ۾ وڃي مالڪ حقيقيءَ سان مليو.
    شهيد شمن علي ملاح: هي دڪاندار هو ۽ هر ڪنهن سان کلڻو ملڻو هوندو هو، هي نوجوان به گهر ۾ پکو چالو ڪري رهيو هو ته کيس بجليءَ جو ڪرنٽ لڳو ۽ هميشه هميشه لاءِ راهه رباني ورتائين.
    شهيد منظور احمد چنا: هي نوجوان غلام قادر چنا جو فرزند هو ۽ سنڌ جو سچو عاشق ۽ قومي ڪارڪن هو، کيس نوابشاهه ۾ ايم ڪيو ايم جي هٿياربندن سڌا فائر ڪري شهيد ڪيو هو.
    شهيد شبير احمد سومرو (ٻيو): هي ڊکاڻڪو ڪم ڪندو هو، هڪ بهترين انسان هو، پاڻ وهندڙي لڳ سومرن جي پاڙي ۾ بجليءَ مان ڪرنٽ لڳڻ سبب هن دنيا فاني مان لاڏاڻو ڪري ويو.
    شهيد نور حسين چنا: هي نوجوان پرائمري استاد خالق ڏني چني جو فرزند هو ۽ ڦوهه جوانيءَ ۾ بجليءَ جي ڪرنٽ لڳڻ سبب هميشه هميشه لاءِ پنهنجي خاندان کي سوڳوار ڪري ويو.
    شهيد غزالا بتول صديقي: هي سنڌ جي عظيم نياڻي سنڌ سان بي انتها پيار ڪندي هئي، پي آءِ اي ۾ آفيسر هئي، 22 مئي 2012ع تي ڪراچي ۾ نڪتل محبت سنڌ ريلي دوران سنڌ جي حاسدن هٿان فائرنگ دوران شهيد ٿي وئي.
    شهيد قربان علي پنهور: هي يو سي پاٽ شريف جو اڳوڻو چونڊيل ڪائونسلر هو ۽ زميندار رئيس عبدالغني انصاري جو اسٽيٽ مئنيجر هو، هڪ بهترين انسان هو، کيس هٿياربند پنهنجي دڪان وٽ گوليون هڻي شهيد ڪري ويا.
    شهيد مخدوم افتخار الحق عرف سائين پپو: هي نوجوان درگاهه وارن مخدوم سڳورن جي اولاد مان هو، پاڻ هر ڪنهن جي وس آهر مدد ڪندو هو، ڪنهن کي نااميد نه ڪندو هو، کيس 16 آگسٽ 2016ع تي هٿياربند بازار ۾ شهيد ڪري ويا.
    شهيد آصف علي چنا: هي نوجوان پرائمري استاد عبدالحميد چنا جو فرزند هو، اليڪٽريشن جو ڪم ڪندو هو، پاڻ ڪجهه عرصو سعودي عرب ۾ رهڻ کانپوءِ ڳوٺ موٽيو ۽ چند ڏينهن کانپوءِ ڪوٽڙي ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ نديم چنا سان گڏ فٽنگ ڪندي ڪرنٽ لڳڻ سبب وفات ڪري ويو.


    پاٽ شريف جا ميلا ملاکڙا، خفت ۽ رانديگر

    پاٽ شريف ۽ آس پاس ۾ لڳندڙ ميلا

    سيد ناصر شاهه لڪياريءَ وارو ميلو
    پاٽ شريف جي مشهور درگاهه سيد ناصر علي شاهه لڪياري جو هر سال ساليانو ميلو ٿڌي موسم ڊسمبر ۾ لڳرايو ويندو آهي ۽ ٽن ڏينهن تائين لڳندڙ ان ميلي جي سرپرستيء درگاهه جو گادي نشين سيد سڪندر علي شاهه ڪندو آهي، ميلي جي پهرين ڌمال تي مزار تي چادر چاڙهي افتتاح ڪيو ويندو آهي ۽ ان کانپوءِ ميلي ۾ باقاعده دڪاندار وڏيون وڏيون بازارون سينگاريندا آهن ۽ انهن دڪانن تي کائڻ پيئڻ جون شيون ۽ ٻارڙن لاءِ رانديڪا، چوپائي مال لاءِ سينگار جو سامان موجود هوندو آهي، ان کان علاوه تفريح لاءِ ميجڪ شو، جهولا، خوفناڪ جانورن جي نمائش سان گڏ ميوزيڪل پروگرام به ٿيندا آهن، جنهن ۾ هتان جا مقامي فنڪار فن جو مظاهرو ڪندا آهن، ان کان علاوه ٽنهي ڌمالن تي ملاکڙو به ٿيندو آهي، جنهن ۾ اڪبر علي برهماڻي جي سهڪار سان ملاکڙي جو انچارج محمد بخش رستماڻي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ملهه پهلوان گهرائيندو آهي ۽ اهي ملهه پهلوان ملاکڙي جي ميدان ۾ لهڻ کانپوءِ زور آزمائي ڪندا آهن ۽ ماڻهن جو وڏو تعداد ان ملاکڙي ۾ گڏ ٿيندو آهي ۽ کٽيندڙ ملهه پهلوان کي روڪ انعام ڏنو ويندو آهي.

    سيد حافظ علي اڪبر شاهه جيلاني جو ميلو
    پاٽ شريف لڳ ڳوٺ نيوڪلري ۾ هر سال شوال مهيني جي 11، 12 ۽ 13 تاريخ تي صوفي بزرگ سيد حافظ علي اڪبر شاهه جيلاني جو ساليانو عرس مبارڪ ملهايو ويندو آهي، موجوده وقت ۾ درگاهه جو گادي نشين سيد پنهل شاهه آهي ۽ ان کان اول گادي نشين جون ذميواريون سيد سڪندر علي شاهه حوالي هيون، سيد حافظ علي اڪبر شاهه واري ميلي کي ماڻهو سيد پنهل شاهه وارو ميلو به چوندا آهن، سيد پنهل شاهه سيد علي اڪبر شاهه جو فرزند هو، جيئن ته ميلي جي پهرئين ڏينهن تي هن درگاهه جو گادي نشين ۽ سيد خاندان سان تعلق رکندڙ فرد ۽ مريد خادم دهلن شرنائين سان درگاهه جي بزرگن تي چادر چاڙهي افتتاح ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيندا آهن، ياد رهي ته سيد علي اڪبر شاهه جيلاني جي درگاهه پاٽ شريف ڀرسان قاضي قاسماڻي واري قبرستان ۾ آهي پر هي ساليانو عرس مبارڪ يا ميلو سندن ڳوٺ نيوڪلري ۾ ٿيندو آهي، جنهن ۾ پري پري کان خلق گڏ ٿيندي آهي، ميلي ۾ خوبصورت دڪان، جهولا، سرڪس، ملاکڙو ۽ محفل موسيقي به ٿيندي آهي ۽ ان کان علاوه ذڪر فڪر جي روحاني محفل به ٿيندي آهي، هن درگاهه اندر حافظ سيد غلام حيدر شاهه ۽ حافظ سيد ڏنل شاهه جيلاني جي مزار به آهي، جن جا هنڌ سنڌ ۾ مريد هئا.

    سيد دنبل شاهه جو ميلو
    پاٽ شريف لڳ اولڊ ڪلري واري بند جي ڀرسان سيد دنبل شاهه جي درگاهه آهي، جتي اڄ کان ڪيترائي سال اڳ هر سال وڏو ميلو ٿيندو هو، اهو ميلو شير محمد جتوئي جي سرپرستي ۾ لڳرايو ويندو هو، هن درگاهه جو خدمتگار فقير محمد رمضان ڪلهوڙو هوندو هو، ميلي لڳڻ سان هن علائقي جي رونقن ۾ اضافو ٿيندو هو، هن وقت ڪافي سالن کان اتي ميلو ڪونه ٿو لڳي.

    ڌيرڻ پير جو ميلو
    پاٽ شريف جي ڀرسان اولهه طرف درگاهه ڌيرڻ پير جي مزار آهي، هن بزرگ تي هر سال ميلو لڳندو آهي ۽ اهو ميلو درگاهه کان ٻه ڪلوميٽر ڏکڻ طرف رڪڻ جي ڳوٺ ۾ ٿيندو آهي، رڪڻ ۾ ميلي هڻائڻ جو سبب اهو آهي ته درگاهه جي چوڌاري پاڻي آهي ۽ زائرين مخصوص رستي ذريعي اتي پهچندا آهن ۽ ماڻهن جي سهولت خاطر رڪڻ ۾ شاندار ميلو لڳندو آهي، جنهن ۾ سرڪس، جهولا، دڪان، ملاکڙو ۽ صوفياڻو راڳ ٿيندو آهي، سرپرستي لالو ولي ڪندو آهي.

    گهوڙن جون ميلون
    پاٽ شريف ۾ ڀلن گهوڙن ڌارڻ ۽ انهن جون ميلون ڪرائڻ يعني گهوڙن جي ڊوڙ جا مقابلا ڪرائڻ وارا به ڏاڍا يادگار ڏينهن ليکيا ويندا، جنهن ۾ مخدوم فضل الحق، مخدوم شمس الحق، قادر بخش جوڻيجو، ارباب علي جوڻيجو، ماستر ارباب علي عباسي، سيٺ محمد جمن عباسي، سيد جان محمد شاهه، خير محمد پنهور، قادر بخش ملاح، مٺل برهماڻي، علي نواز عرف بهارالدين عباسي، محمد خان پلهه، حاجي محمد قاسم لوهر ۽ منشي ليمون خان سولنگي ڀلن گهوڙن ڌارڻ جا شوقين ۽ مالڪ هوندا هئا ۽ انهن ڀلن گهوڙن جي سار سنڀال لهڻ لاءِ خاص ماڻهو مقرر ٿيل هوندا هئا، جڏهن ٻن گهوڙن جي ميل ٻڌبي هئي ته مهينو کن انهن جي تات، مالش ۽ خاص خوراڪ کارائي ويندي هئي، ميل جي مقرر تاريخ تي صبح جو سوير شوقين ڪچي دڳ تي پيارو اسٽيشن کان نيوڪلري جنهن کي ملن واري ڪلري به چئبو آهي اتي پهچندا هئا، اوستائين ماڻهن جي ٻنهي پاسي کان ڪنڌي ٺهيل هوندي هئي ۽ پوءِ جڏهن ٽَڪَ تان گهوڙا ڀڄڻ شروع ٿيندا ۽ ٻي ٽَڪَ تائين جيڪو به گهوڙو اول پهچندو هو اهو کٽي ويندو هو ۽ پوءِ ماڻهو ان کٽيندڙ گهوڙي واري سوار کي روڪ انعام ڏيندا هئا ڪي کيس هار پارائيندا هئا ۽ ڪي وري سوار کي ڪلهن تي کڻي گهمائيندا هئا، ميوو چنڙ، نظر محمد پتوجو، مدد ڪلهوڙو، سٺي شاهه ۽ علي حسن شاهاڻي پنهنجي وقت جا سٺا گهوڙي سوار هئا، گهوڙن جا مالڪ پنهنجي کٽيندڙ گهوڙي جي خوشي ۾ پيا خوش ٿيندا هئا ۽ ڪيترن ڏينهن تائين پنهنجي اوطاق تي ايندڙ ماڻهن کان مبارڪون وصول ڪندا هئا، اتي ايندڙ ماڻهن جي لاءِ ماني ٽِڪي ۽ چانهه پاڻي جو بندوبست ٿيل هوندو هو.

    ڏاندن جي گوءِ
    سنڌ جي ٻين شهرن جيان پاٽ شريف ۾ به ڪيتري وقت کان ڏاندن جي گوءِ يعني ڏاندن جي ڀڄائڻ وارو مقابلو ٿيندو رهندو آهي، هن کي ڏاندن جي ميل به چوندا آهن، هن وقت امن امان جي صورتحال بهتر نه هجڻ سبب ڏاندن جي گوئين ۾ به ماٺار اچي وئي آهي، ڏاندن جي گوءِ جيڪا تفريح سان گڏ ڏاندن جي سٺي نسل کي متعارف ڪرائي ٿي، ڏاندن ڌارڻ جا شوقين خاص ڪري ڀلي نسل جا گابا وٺي انهن کي پالي وڏو ڪن ٿا ۽ ڪي شوقين وري ڳري قيمت تي سٺا سٺا ڏاند خريد ڪندا آهن ۽ ڀلن ڏاندن جون هي خوبيون هونديون آهن، سڱ ننڍا، پڇ سنهو ۽ ننڍو، اک وڏي، ڄنگهون وچوليون نه تمام وڏيون نه ننڍيون، سنبين چڙهيل، رنگ سائو تمام ڀلو ۽ ڪنهن هڪ رنگ وارو به سٺو ليکيو وڃي ٿو، ڊوڙڻ وارو سٺو ڏاند جڏهن گوءِ ۾ ڀڄڻ ڇڏي ڏيندو آهي ته پوءِ ان کي يا ته هرن ۾ وهايو ويندو آهي يا کيس کپايو ويندو آهي ۽ ڪي ڪي شوقين واري الله پاڪ جي راهه ۾ خيرات به ڪري ڇڏيندا آهن، ڏاندن تي مختلف قسمن جا دلچسپ نالا به رکيا ويندا آهن ۽ ڏاند جتي ڊوڙايا ويندا آهن انهيءَ رستي کي چارو چيو ويندو آهي، جتي مخصوص مفاصلي تي ڏاند ڊوڙايا ويندا آهن، ڏاندن جي ڊڪائڻ لاءِ واٺا، سوار، مٺڙيا ۽ اماني مقرر ڪيا ويندا آهن ۽ حد جي پوليس کي به اطلاع ڪيو ويندو آهي، ڏاندن جي گوءِ ڏسڻ لاءِ سوين ماڻهو گڏ ٿيندا آهن ۽ انهن مان ڪي ته ڀلن ڏاندن تي شرطون به رکندا آهن، ڪي شوقين ته تعويذ ۽ ابجد وارا حساب ڪتاب به ڪرائيندا آهن، ڪڏهن هن ميل تي جهيڙا وغيره به ٿيندا آهن ۽ وڙهندڙ شوقين وري جلدي هڪ ٻئي سان ٺهي ويندا آهن، هتان جي مشهور شوقينن ۾ ماستر علي احمد چانڊيو، محمد مٺل چانڊيو ڪمدار، حسن پنهور، ڊاڪٽر نظير احمد چانڊيو، شمن علي چنا، بهادر علي چنڙ، حاڪم علي چانڊيو ٽپالي، شهبيگ، ڏتل چانڊيو، سڪندر علي بٺڙ، ماستر نور محمد چانڊيو، مولا بخش چانڊيو، ماستر خالق ڏنو چنه، بخشل ڀرٽ، حافظ لعل بخش، رشيد احمد چنڙ، شريف چانڊيو، رمضان چانڊيو، الهورايو ڀٽي، اڪبر ماڇي، حاجي انور چانڊيو، وزير علي چانڊيو، صاحب خان چانڊيو، وڏيرو مظهر علي چانڊيو ۽ ٻيا شامل آهن، جيڪي ڀلا ڀلا ڏاند ڌاريندا رهيا آهن، پاٽ شريف ۾ ٿيندڙ ڏاندن جي گوءِ ۾ ضلعي دادو کان علاوه ٻين شهرن مان به شوقين شريڪ ٿيندا آهن.

    ڪڪڙن جو خفت
    پاٽ شريف جا ماڻهو هونءَ ته گهر ۾ ڪڪڙ ۽ ڪڪڙيون پاليندا يا ڌاريندا آهن ۽ اهي پاليل ڪڪڙ وقت تي ڪهي کائبا به آهن ۽ وڪري لاءِ به ڪم ايندا آهن، ڪڪڙن ۽ ڪڪڙين ۾ به نسل جو فرق ٿئي ٿو، سٺي نسل وارين ڪڪڙين جي ٻچن کي پالي وڏو ڪري انهن ڏانهن خاص توجهه ڏجي ٿو، اگر انهن ٻچن ۾ مادي ٿي ته به ڌاربي آهي ۽ جي انهن ٻچن مان ڪو نر پيدا ٿيندو آهي ته خفتي يعني ڪڪڙ ويڙهائڻ وارا شوقين ان نر ڪڪڙ کي بادام وغيره کارائي تيار ڪندا آهن ۽ جڏهن اهو ڪڪڙ کڙهون ڪڍي تيار ٿيندو ۽ سندس پر ۽ چهنب به تيار ٿيندي ته پوءِ انهن ڪڪڙن کي ويڙهايو ويندو آهي، ڪڪڙن ۾ به مختلف رنگ ٿيندا آهن، جنهن ۾ ڳاڙهو، ڦڪو، ڪارو، اڇو، ڦليو ۽ جائو وغيره، خفتين کي وري اکين ۽ چهنبن ۾ جيڪو ڪڪڙ وڻندو آهي ان لاءِ چوندا آهن ته هي وصفين ڀلو ڪڪڙ آهي، ڪي ڪي خفتي ننڍڙي چوزي کي ڌاري جڏهن وڏو ڪندا آهن ته ان لاءِ چوندا آهن ته هي آني ٻچين پنهنجو آ، ٻين شهرن ۽ ڳوٺن جيان پاٽ شريف ۾ به ڪڪڙن جي ميل ٿيندي آهي، هي ميل خاص ڪري سياري جي مند ۾ ٿيندي آهي، ڪڪڙن جا شوقين يا خفتي ڪنهن اوطاق تي يا هوٽل تي ويهندي ڪچهري ڪچهري ۾ ٻن ڪڪڙن جي ميل ٻڌندا آهن ۽ پوءِ لڳ ڀڳ پندرنهن ڏينهن جي مدي کانپوءِ انهن کي تيار ڪري ويڙهايو ويندو آهي، خفتي وڏي تعداد ۾ مقرر جاءِ تي پهچندا آهن، ڪي ڪي شوقين پنهنجي ڪڪڙن تي ناز ڪندي شرطون به رکندا آهن، ٻنهي ڪڪڙن لاءِ الڳ الڳ پاڻي وارا مقرر ٿيل هوندا آهن ۽ پوءِ جڏهن ڪڪڙن کي ويڙهائڻ لاءِ ميدان تي ڇڏيو ويندو آهي ته اهي هڪ ٻئي کي کڙهون هڻي زخمي ڪندا آهن، ان ويڙهه دوران ڪي ڪي ڪڪڙ پهرين پاڻيءَ ۾ ئي ٻئي ڪڪڙ کي ماري ويندا آهن ۽ کٽيندڙ ڪڪڙ وارو مالڪ ۽ ان جا ساٿي پيا خوش ٿيندا آهن، هتي جيڪي خفتي ڀلي جنس وارا ڪڪڙ ڌاريندا هئا انهن ۾ محمد قاسم عباسي، مومنو ملاح، عبدالڪريم سومرو، جمال الدين جهتيال، محمد نواز برهماڻي، منظور زرداري، منظور برهماڻي، اعجاز ميمڻ، اڪبر چانڊيو، محرم علي ملاح، امام بخش چانڊيو، محمد ايوب برهماڻي، سيد نورل شاهه، سرائي غلام، شاهنواز پنهور، بنو پتوجو، حاجي علي شير برهماڻي، ثناءُالله چنا ۽ ٻيا شامل آهن.

    شڪار
    پاٽ شريف ۽ ان جي آس پاس جي ڳوٺن وارا ماڻهو مختلف قسم جي شڪارن سان دلچسپي رکن ٿا، ڪيترائي ماڻهو جهنگ ۾ تترن ڦاسائڻ ۽ ٻين پکين جو بندوق ۽ ٻين اوزارن ڪوڙڪي وغيره ذريعي شڪار ڪن ٿا، نشاني جي حوالي سان هن تر جا ڪيترائي توبچي مشهور آهن، جنهن ۾ سيد منظور علي شاهه، محمد رجب پنهور، ماستر ظفر علي چانڊيو، ماستر منظور علي چانڊيو ۽ ٻيا شامل آهن.

    پاٽائي مالوند ماڻهو ۽ ڀليون مينهون ڌاريندڙ
    سيد جان محمد شاهه، سيد ڪوڙل شاهه، سيد قاسم شاهه، سيد صالح شاهه، عرض محمد چانڊيو، رئيس جمعه خان برهماڻي، سيد جانل شاهه، رئيس انورالدين، محمد حسن پنهور، محمد حسين پنهور، عبدالرئوف چنا، محمد رمضان چنا، حاجي قادر بخش برهماڻي، محمد مٺل برهماڻي، محمد سليمان چانڊيو، محمد ساجن تيوڻو، ڇٽو تيوڻو، ڄام تيوڻو، جاڙو تيوڻو، الهبچايو تيوڻو، علي گوهر چانڊيو، بهادر چنڙ، مصري چنڙ، پيارو خان چنڙ، شانو لانگاهه، محمد حسن ميمڻ، استاد محمد بخش ميمڻ، قطب الدين صديقي، تڳيو چانڊيو، ڏتل چانڊيو، حافظ محمد قاسم چانڊيو، غلام حسين لانگاهه، عبدالستار ڪلهوڙو، ماستر خالق ڏنو چنا شامل آهن. کين ڀلين مينهُنِ ۽ ٻئي چوپائي مال ڌارڻ ۾ دلچسپي رهي.

    پاٽائي ملهه پهلوان
    محمد قاسم دايو، محمد جمن دايو، محمد جمن زرداري، خميسو خان ڀٽي، مومنو ملاح، محمد جمن سمون، محمد عثمان چانڊيو، نياز ملاح، پٺاڻ خان تيوڻو، شهمير تيوڻو، احمد علي ملاح، محمد مٺل برهماڻي، لعل بخش برهماڻي پنهنجي وقت جا سٺا ملهه پهلوان ٿي گذريا آهن.

    پاٽائي ڪرڪيٽ رانديگر 1980ع کان 2016ع تائين
    فقير محمد جوڻيجو، محبوب علي چنا، مير احمد چنا، عبدالحفيظ ميمڻ، آفتاب احمد ميمڻ، شهاب الدين ميمڻ، نياز احمد لانگاهه، مينهون خان برهماڻي، علي نواز برهماڻي، اظهار احمد ميمڻ، نصير احمد ميمڻ، محمد عالم ميمڻ، محمد اڪرم سومرو، مسرور حسين عباسي، الهبچايو برهماڻي، سراج الدين چنا، غلام مرتضيٰ چنا، مجاهد چنا، شڪيل احمد چنا، رياض احمد عباسي، اختر علي چنا، عبدالحميد عرف پپو پلهه، محمد اعظم ميمڻ، سليم رضا سومرو، منظور احمد برهماڻي، زاهد حسين سومرو، محمد زمان سومرو، شاهد حسين ميمڻ، زاهد حسين برهماڻي، علي مرتضيٰ سولنگي، آصف نواز برهماڻي، نعيم احمد ملاح، صدام حسين ملاح.
    نوٽ: هي رانديگر پنهنجي ڳوٺ ۾ روزانو شوقيه طور کيڏندا هئا.

    ڪوڏي ڪوڏيءَ جا پاٽائي رانديگر
    سيد قاسم علي شاهه، محمد حسين پنهور، محمد رجب ڪلهوڙو، محمد بچل چانڊيو، سعيد خان برهماڻي، ماستر بخشل عباسي، محمد جمن چانڊيو، الهڏنو پنهور، محمد حسين لوهر، بهادر چنڙ، ماستر محمد مٺل چنا، مومنو ملاح، علي شير پنهور، پيرل تيوڻو، محمد رجب گڊو، محرم علي تيوڻو، سيد ڪليم الله شاهه، سيد مختيار شاهه، عباس علي پنهور، امير علي ٻاٽ، علي ملاح پٽيوالو، دلدار علي ڀٽي، مظهر علي پنهور، نورالدين پنهور، رستم علي چانڊيو، امير علي پنهور، معشوق علي نوناري، منٺار علي برهماڻي.
    نوٽ: هي رانديگر پاٽ شريف ۽ آس پاس جي ڳوٺن ۾ شوقيه کيڏندا هئا.

    پاٽائي والي بال رانديگر 1970ع کان 2016ع تائين
    حاجي مظفر علي شاهه، محمد بخش عباسي، الهه بخش ميمڻ، حبيب الله صديقي، خير محمد ميمڻ، لياقت علي ميمڻ، غلام حسين ملاح، نصير احمد چنا، نظير احمد ميمڻ، بشير احمد ميمڻ، رحيم بخش جوڻيجو، انيس احمد ڀٽي، رياض حسين عباسي، مظهر علي پلهه، قمرالدين لانگاهه، محمد يونس ميمڻ، محمد صادق چنا، سرفراز احمد چنا، فريد احمد جوڻيجو، مير احمد چنا، محمد يونس عرف مرچ ميمڻ، فدا حسين ميمڻ، آفتاب احمد ميمڻ، مينهون خان برهماڻي، بشير احمد ميمڻ، عبدالستار ميمڻ، فدا حسين جوڻيجو، شهاب الدين ميمڻ، محفوظ احمد عباسي، شڪيل احمد چنا، سڪندر علي سولنگي، شاهنواز برهماڻي، شاهد حسين ميمڻ، عامر علي پنهور، محمد زمان پنهور.
    نوٽ: هي رانديگر شوقيه طور روزانو پنهنجي ڳوٺ ۾ کيڏندا هئا.

    ٻاراڻيون رانديون
    ننڍپڻ ۾ ٻارڙا رانديون تمام گهڻي شوق سان کيڏن ٿا، ائين ئي پاٽ شريف جا ٻارڙا پڻ مختلف راندين ۾ حصو وٺن ٿا. جيئن ڇوڪرن جي ٻاراڻي راند ۾ سٽ ڪٽ، لاٽون، بلور، ڏيڪي ڏڪر، ملهه، ڪوڏي ڪوڏي، ونجهوٽي، لڪ لڪوٽي، چور پوليس، لغڙ اڏائڻ، والي بال، فٽ بال، هاڪي، ڪرڪيٽ، اسڪوائش، لوڊيو، ڪرم بورڊ، ۽ دور جديد جي ڪمپيوٽر ۽ موبائيل گيم دلچسپ راند آهي، جڏهن ته ننڍڙين ڇوڪرين جي پسنديده راندين ۾ گڏين واري راند، ٺپلي، بال پٿر، ٽاپون، اک ٻُوٽَ، پڪڙ پائي، پينگهه، ڦر ڦر سوٽو ۽ نوڙيءَ واري راند شامل آهي ۽ نياڻيون اڄ به دلچسپي سان اهي رانديون کيڏن ٿيون پر وقت گذرڻ سان گڏ ڪيتريون ئي پراڻيون رانديون ختم ٿينديون پيون وڃن.


    پاٽ شريف جون تنظيمون

    پاٽ شريف ۾ ڪيترين ئي تنظيمن جو بنياد پيل آهي، جنهن ۾ سياسي، سماجي، ادبي، ثقافتي ۽ مذهبي تنظيمون شامل آهن. جيڪي وقت بوقت سرگرم رهيون ۽ ڪجهه تنظيمن ۾ ماٺار ڇانيل رهي. اچو ته معلوم ڪريون ته پاٽ شريف ۾ ڪهڙين ڪهڙين تنظيمن جو وجود رهيو آهي.

    مذهبي تنظيمون
    جماعت نقشبنديه، سهرورديه، مخدوميه پاٽ شريف
    غلامانِ مصطفيٰ صه اهلسنت و الجماعت پاٽ شريف
    انجمن حسيني پاٽ شريف
    انجمن قلندري يونٽ پاٽ شريف
    انجمن غلامان قلندر سنڌ يونٽ پاٽ شريف
    غوثيه جماعت پاٽ شريف
    سخي دم دين پناهه جماعت پاٽ شريف
    حسيني جماعت پاٽ شريف
    عارف باالله صوفي جماعت پاٽ شريف
    جماعت نعمت الله قريشي
    جماعت اشرفي يونٽ پاٽ شريف
    مخدومي جماعت پاٽ شريف
    ڪرمي جماعت پاٽ شريف
    قادري جماعت يونٽ پاٽ شريف
    جميعت العلماءِ اسلام پاٽ شريف
    جميعت المسلمين يونٽ پاٽ شريف

    سياسي تنظيمون
    پاڪستان پيپلزپارٽي، پاڪستان مسلم ليگ، ضياءَ حمايت تحريڪ، پرويز مشرف حمايت تحريڪ، جيئي سنڌ، عوامي تحريڪ، جسقم، پ پ شهيد ڀٽو گروپ، پاڪستان تحريڪ انصاف، پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل، عوامي اتحاد، نوجوان اتحاد، مخدوم آزاد پينل، ايم ڪيو ايم، بلاول لورس آرگنائيزيشن.

    سياسي سرگرميون
    پاٽ شريف شهر پراڻي تڪبندي مطابق پي ايس 60 ۽ اين اي 178 ۾ اچي وڃي ٿو ۽ 2004ع ۾ نيون تڪبنديون ڪيون ويون، جنهن مطابق دادو تعلقي جو صوبائي تڪ پي ايس 74 ۽ قومي اسيمبلي جو تڪ اين اي 232 آهي. پاٽ شريف سياسي شعور رکندڙ هڪ تاريخي ننڍڙو شهر آهي ۽ هن جي آس پاس ڪيترائي ڳوٺ آهن، مختلف سياسي اڳواڻ هن شهر کي پنهنجو سياسي هيڊڪوارٽر بڻائيندا آهن، هتي وقت بوقت ڪيترين ئي سياسي شخصيتن اهم ليڊرن ۽ اڳواڻن پنهنجي سياسي سرگرمين کي جاري رکيو آهي ۽ اليڪشن واري موسم ۾ ڪيترائي پارٽي جهنڊا منظرعام تي اچي ويندا آهن، بلدياتي اليڪشن کان ويندي صوبائي ۽ قومي اليڪشن ٿيندي آهي ته ٻين شهرن جيان هتي به رونقون نظر اينديون آهن ۽ ووٽر پنهنجي پسنديده اميدوار کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندا آهن. سردار محمد بخش جمالي، سيد محمد شاهه، پير مظهرالحق، سردار رفيق احمد جمالي، ڊاڪٽر منظور احمد لغاري، لياقت علي خان جتوئي، رئيس بابن خان پنهور، آپا ڪلثوم چانڊيو، ماروي مظهر، پير مجيب الحق، ڪريم علي جتوئي، نبن خان لنڊ ۽ ٻيا به ڪيترائي سياسي اميدوار پاٽ شريف ۾ ايندا رهيا آهن ۽ پنهنجي ورڪرن سان گڏجي اليڪشن مهم به هلايائون، تازو پ پ ۾ شامل ٿيندڙ هن تر جي اهم سياسي اڳواڻ سيد محمد شاهه سيتائي ۽ پ پ دادو جي اڳواڻ پير مظهرالحق وچ ۾ هميشه اليڪشن دوران هڪ ٻئي سان سخت مقابلا ٿيندا رهيا آهن، 1985ع ۾ سيد محمد شاهه ايم پي اي چونڊجڻ بعد هتان جي ماڻهن جي خدمت ڪئي، روزگار ۽ ترقياتي اسڪيمون ڏنيون، پير مظهرالحق کي 1988ع کان وٺي جڏهن جڏهن به ڪا منسٽري ملي آهي ته هن طرفان ڪيترن ئي ماڻهن کي نوڪريون مختلف اسڪيمون ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون ويون.
    1970ع کان وٺي ۽ اڄ تائين مختلف وقتن تي پاٽ شريف ۾ جيڪي سياسي سرگرميون رهيون انهن ۾ ڪيتريون ئي سياسي پارٽيون به اڀري آيون، جن جا يونٽ هتي به کوليا ويا، ٻڌايو وڃي ٿو ته ماضي ۾ پاٽ شريف جي هڪ اهم شخصيت بئريسٽر يار محمد جوڻيجي هڪ بلدياتي اليڪشن ۾ خانصاحب عبدالحميد خان جتوئي سان مقابلي ۾ حصو ورتو، چوڻ جو مقصد اهو آهي ته پاٽائي جتي ٻين شعبن ۾ پنهنجو پاڻ مڃرائي چڪا آهن اتي هنن سياسي سرگرمين ۾ پنهنجو پاڻ کي پوئتي ناهي رهايو، اهڙن ئي سرگرم سياسي شخصيتن ۽ ورڪرن ۾ قاضي ميان احمدي، سيد اشرف علي شاهه، خيرالدين انصاري، سيٺ محمد پريل ميمڻ، علي حيدر پنهور، عبدالغني انصاري، سيد رياض حسين شاهه، وفا بهادر چانڊيو، ذوالفقار علي چانڊيو، علي انور برهماڻي، علي شير چنڙ، عزيز الله چانڊيو، مير نواز ملاح، حبيب الله چانڊيو، مخدوم افتخار الحق صديقي، منور حسين صديقي، خان محمد انصاري، مظهر علي ميمڻ، محبوب علي جوڻيجو، فهيم احمد ميمڻ، سيد زمان شاهه، شفيع محمد برهماڻي، رئيس خالد حسين برهماڻي، ماستر خالقڏنو چنا، قربان علي پنهور، علي احمد چانڊيو، علي حسن پنهور، سيد فاضل شاهه، شريف احمد چنڙ، شاهد حسين ميمڻ، ڪامريڊ اسلم ملاح، امير علي ملاح، اڪبر علي برهماڻي، منظور علي برهماڻي، ماجد علي خاصخيلي، عبدالرئوف چنا، عبدالسميع ميمڻ، ذاڪر علي چانڊيو، امتياز علي ملاح، معشوق علي چنڙ، حبيب سومرو، مرتضيٰ برهماڻي، اڪبر علي سولنگي، مسرور برهماڻي، نور محمد برهماڻي، حاڪم علي تيوڻو، غلام عباس ملاح ۽ ڪجهه عورت ڪارڪن به شامل آهن.

    سماجي تنظيمون
    الڪريم سٽيزن ڪميونٽي بورڊ پاٽ شريف
    عزت حبيب ٽرسٽ پاٽ شريف
    غني ٽرسٽ يونٽ پاٽ شريف
    سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ پاٽ شريف
    سنڌ شهري اتحاد يونٽ پاٽ شريف
    غزالا بتول صديقي ميموريل ويلفيئر ايسوسيئيشن
    مهراڻ سوشل ويلفيئر يونٽ پاٽ شريف
    پاٽ ويلفيئر آرگنائيزيشن
    آل سادات ويلفيئر سنڌيونٽ پاٽ شريف
    آل سنڌ سومرا اتحاد يونٽ پاٽ شريف
    سجاڳ ويلفيئر آرگنائيزيشن پاٽ شريف
    وليج ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن پاٽ شريف
    پاٽائي منگي يادگار ڪاميٽي
    سنڌ چانڊيه ويلفيئر ايسوسيئيشن پاٽ شريف
    آل پاڪستان چنا ويلفيئر ايسوسيئيشن يونٽ پاٽ شريف
    ميمڻ اتحاد يونٽ پاٽ شريف
    ملاح سوشل ويلفيئر يونٽ پاٽ شريف
    عباسي ڪلهوڙا اتحاد يونٽ پاٽ شريف
    آل زرداري ويلفيئر ايسوسيئيشن يونٽ پاٽ شريف
    پنهور ويلفيئر آرگنائيزيشن يونٽ پاٽ شريف

    ادبي تنظيمون
    بزم شعراءَ پاٽ شريف
    سنڌي ادبي سنگت شاخ پاٽ شريف
    اداره پاٽ هائوس
    پاٽ جي لاٽ

    سنڌي ادبي سنگت شاخ پاٽ شريف
    سنڌي ادبي سنگت شاخ پاٽ شريف 6 نومبر 1998ع تي قائم ڪئي وئي، سينيئر شاعر ۽ اديب فدا ڪلرائي جي نگراني ۾ هڪ باڊي چونڊي وئي، جنهن ۾ هن شاخ جو پهريون باني سيڪريٽري گلزار ڪلهوڙو پاٽائي مقرر ٿيو ۽ ان کان علاوه جوائنٽ سيڪريٽري وفا بهادر چانڊيو، خزانچي خليل ميمڻ، آڊيٽر مخدوم ضياءُالحق صديقي ۽ ڪائونسلر الهبچايو برهماڻي چونڊيا ويا، هن تنظيم جي پليٽ فارم تان وقت بوقت مختلف موضوعن تي پروگرام ٿيندا رهيا آهن، هن شاخ جي سرگرم ساٿين ذاڪر حسين ميمڻ، مولا بخش ملاح، ممتاز پاٽائي، شبيرڻ پاٽائي، محمد زمان سومرو، اسلم ملاح، اياز علي ملاح، ايم بچل ڪلهوڙو، خالد منگي، شاهنواز برهماڻي، عبدالحميد ميمڻ ۽ ٻين جي ڪوششن سان هي شاخ دادو ضلعي جي بهترين شاخن منجهان هڪ شاخ رهي، جنهن ۾ ليڪچر پروگرام، دستوري گڏجاڻيون، تعزيتي ميڙاڪا، سالگراهون، آجياڻي واريون تقريبون، ڪتابن جون مهورتون، عيد ملن پارٽيون، احتجاجي ريليون، مذاڪرا، سگهڙن جون ڪچهريون، تنقيدي ويهڪون، رهاڻيون ۽ سگهڙن جون ڪچهريون، تنقيدي ويهڪون، رهاڻيون ۽ ايوارڊ تقريبون ڪرايون ويون، هن شاخ کي وڌيڪ فعال ڪرڻ ۾ اهم ڪردار مرحوم ڊاڪٽر قربان علي جهتيال ۽ مرحوم سائين الهنواز رڪڻائي ادا ڪيو. سنڌي ادبي سنگت شاخ پاٽ شريف جي مختلف پروگرامن ۾ جن نامور ادبي شخصيتن هن وقت تائين شرڪت ڪئي آهي، انهن ۾ شاعر محسن ڪڪڙائي، احمد خان مدهوش، آزاد انور ڪانڌڙو، انور شاد، عبد مگسي، زاهد سهارڻ، ديدار دانش کوسو، امتياز عادل سومرو، سليم چنا، معصوم بخاري، راشد مورائي، آصف مٺياڻوي، افضل سولنگي، گلبهار باغائي، رجب آزاد، ظفر احمد لهٻر، هارون احسن، همدرد اوڏ، امان الله لهٻر، خادم ممتاز چانڊيو، مشهور ميمڻ ۽ ٻيا شامل آهن، سنڌي ادبي سنگت شاخ پاٽ شريف کي پنهنجي ڪارڪردگي جي بنياد تي ڪيترائي مڃتا سرٽيفڪيٽ ۽ ايوارڊ به مليل آهن، س ا س جي اڳوڻن سيڪريٽري جنرلن تاج جويو، ادل سومرو، اياز گل، مختيار ملڪ ۽ ٻين جا لکيل تعريفي نوٽ پڻ هن شاخ جي رڪارڊ تي موجود آهن.

    لائبريريون ۽ ڪتب خانه
    علم ادب جو گهرو تعلق پڙهائي يا مطالعي سان آهي، پاٽ شريف بابت معلوم ٿئي ٿو ته پاٽ پراڻيءَ تي جيڪي ان دور ۾ حملا ۽ ڪاهون ڪيون ويون، انهن ۾جتي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو اتي کوڙ سارو علمي ذخيرو به ختم ڪيو ويو، ان وقت جي ڪيترن ئي ڪتب خانن کي ساڙيو ويو ۽ ڪيترائي ناياب ڪتاب زوريءَ کنيا ويا، موجوده پاٽ شريف جي وجود ۾ اچڻ بعد علمي لاٽ ٻرندي رهي، هتان جي ماڻهن وٽ گهرن ۾ ڪيتريون ذاتي لائبريريون ۽ ڪتب خانا هئا، جيڪي انهن جو مطالعو ڪندا رهندا هئا، هتان جي مين پرائمري اسڪول ۽ علامه آءِ آءِ قاضي بوائز هاءِ اسڪول ۾ به سرڪاري سطح تي شاگردن، استادن ۽ شهرين جي مطالعي لاءِ به لائبريريون قائم ڪيون ويون، ان کان علاوه هتي ڪجهه ٻين درسگاهن ۽ مدرسن ۾ به لائبريريون هيون، سال 1986ع واري دور ۾ موجوده دور جي نامور ليکڪ ۽ دانشور محترم نصير ميمڻ پنهنجي دوستن اظهار علي ميمڻ، علي نواز برهماڻي ۽ ڪجهه ڳوٺائي نوجوانن روشن علي پلهه، نياز حسين جوڻيجو، محمد اعظم ميمڻ، لطيف جمال ۽ ٻين سان گڏجي “شاهه لطيف” لائبريري کولي ۽ ان کانپوءِ 2004ع ۾ “VDO” وليج ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن جي طرفان به ڪريم بخش چنا لائبريري کولي وئي ۽ ان کانپوءِ سال 2012ع ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ پاٽ شريف پاران ”سليم چنا“ جي نالي سان لائبريري قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ پاٽ شريف جا شاگرد ۽ ٻيا ماڻهو ڪتابن جو مطالعو ڪندا رهن ٿا.

    ثقافتي تنظيمون
    يننگ فرينڊس ڊراميٽڪ سوسائٽي پاٽ شريف
    ماروي آرٽ سرڪل پاٽ شريف
    هوشو آرٽ ڪلب پاٽ شريف
    سنڌ فنڪار تنظيم يونٽ پاٽ شريف
    ناز اسٽار آرٽ ڪلب پاٽ شريف
    سچل آرٽ ڪلب پاٽ شريف
    سنڌ سگهڙ تنظيم پاٽ شريف
    استاد نظر محمد چنا ميوزڪ فورم پاٽ شريف
    الشهباز آرٽ ڪلب پاٽ شريف ۽ اولڊ ڪلري
    مهراڻ آرٽ ڪلب پاٽ شريف

    پاٽ شريف جا ڊراما آرٽسٽ ۽ آرٽ ڪلبون
    پاٽ شريف ۾ ماضيءَ جي ڪيترن ئي ڊراما آرٽسٽن اسٽيج تي پرفارم ڪري پنهنجو پاڻ مڃرايو آهي، چيو وڃي ٿو ته 1976ع واري دور ۾ هتي هڪ اسٽيج ڊرامو ٿيو، جنهن جو نالو هو ”ياد“، جنهن ۾ ان وقت جي اسٽيج اداڪارن سيد خوش محمد شاهه، ڊاڪٽر نياز چنا، الهندو خان ابڙو، خيرالدين انصاري ۽ ٻين پنهنجا اهڙا ته فني جوهر ڏيکاريا جو اهو ڊرامو پورو هفتو هليو ۽ هن ڊرامي جي خاص ڳالهه اها هئي ته ان ۾ استاد بخاري، حسين شاهه بخاري ۽ سيد جان محمد شاهه هن ڊرامي جا سرپرست هئا، قمر سومرو ۽ روبينا حيدري لائيو ڳائيندا هئا ۽ ٻي اهم ڳالهه ته موجوده وقت جي نامور فنڪار منظور سخيراڻيءَ ان اسٽيج ڊرامي ”ياد“ ۾ هيروئن جو رول پلي ڪيو هو، 1989ع کان مارئي آرٽ ڪلب جو بنياد وڌو ويو، جنهن ۾ سيد علي اڪبر شاهه لال لڪياري، ايم اڪرم سومرو ۽ سيد آصف شاهه جي سرپرستي ۾ نون نون آرٽسٽن کي متعارف ڪرايو ويو ۽ 2005ع تائين هتي اسٽيج ڊرامن جو عروج رهيو، هاڻي ذڪر ڪريون ٿا پاٽ شريف جي اسٽيج اداڪارن جو جن وقت بوقت مختلف اسٽيج ڊرامن ۾ حصو ورتو، استاد غني سولنگي، ايم اڪرم سومرو، سيد خوش محمد شاهه، مخدوم زين العابدين، سيد آصف شاهه، سيد ڪليم شاهه، ڊاڪٽر نياز حسين چنا، محمد هاشم ملاح، قاضي مقبول، گلزار ڪلهوڙو، سيد مختيار، عزيز انڙ، حبيب سومرو، نجيب سومرو، شهزاد علي شاهه، منظور زرداري، صدرالدين ٿهيم، سرتاج چنا، محمد اعظم ميمڻ، سر علي نواز برهماڻي، سعيد بلوچ، مخدوم افتخار الحق، محمد اعظم سومرو، محمد بچل ڪلهوڙو، راجا درويش، نديم ڪلهوڙو، الهه بخش ملاح، نظير عباسي، خادم زرداري، نديم ملاح، نعيم ملاح، حاجي خان مهرائي شامل آهن، هتي ماروي آرٽ سرڪل، هوشو آرٽ ڪلب، سنڌ فنڪار تنظيم، سچل آرٽ ڪلب، ناز اسٽار آرٽ ڪلب، مهراڻ آرٽ ڪلب، الشهباز آرٽ ڪلب ۽ ينگ فرينڊس ڊراميٽڪ سوسائٽي جي فورمن تان به ڊراما پيش ڪيا ويا.
    هتي پيش ٿيندڙ يادگار اسٽيج ڊرامن ۾ ياد، ضديرو، زال ڪري ٿي تال، شادي آ تادي، ڀاڳيلو، سنڌ جا پٽ، کوڙيءَ کي گُهمرِي، خطرناڪ، قيدياڻي، اڌوُرا ارمان، محبت زنده آباد ۽ ٻيا ڪيترائي اسٽيج ناٽڪ پلي ٿي چڪا آهن، مقامي آرٽسٽن کان سواءِ جن ٻين مهمان اداڪارن هتي پنهنجا فني جوهر ڏيکاريا انهن ۾ دادا غني سولنگي، استاد انور شاد، منان عباسي، عبدالله ملاح، ممتاز جروار، قمر آرزو، سڪندر علي سومرو، شبير راز، امداد جاني، بشير آڪاش، اشرف عطار، حسن ملاح، سيد عابد شاهه، سليم مغل، پرنس اڪبر، لالا محمد بخش، سرفراز پنهور، نواز انصاري، منور سومرو، امام الدين پنهور، ڍولڻ خان چانڊيو، دستگير ڀٽي، شمس پريمي، منظور سيتائي، سيد نثار شاهه ۽ ٻيا شامل رهيا. جڏهن ته فيميل آرٽسٽ ۾ نجما ثمر، مسرت ناز، زيبا ناز، خوشبوءِ سنڌي، شاهده صنم، نسيم گل، چاندني ڪنول، امبر شاهين، نگهت سلطانه، سپنا سحر، نسرين ڀٽي ۽ ٻين اداڪارائن هتي ٿيندڙ اسٽيج ناٽڪن ۾ بهترين پرفارمنس ڏيکاري.


    پاٽ شريف جا شاعر، اديب، سگهڙ ۽ فنڪار

    پاٽ شريف جا شاعر، اديب ۽ ليکڪ
    ادبي حوالي سان پاٽ شريف جي ڪيترن ئي شاعرن، اديبن ۽ ليکڪن پنهنجو پاڻ مڃرايو آهي، جن مختلف صنفن تي لکيو آهي، مخدوم فضل الله، حاجي حسن الله پاٽائي، مخدوم محمود احمد صديقي پنهنجي وقت جا وڏا شاعر ۽ بزرگ به ٿي رهيا، جن عربي، فارسي ۽ سنڌي ۾ شاعريءَ جا ڪيترائي ڪتاب لکيا، ان کان علاوه مخدوم زين العابدين، مخدوم مشتاق احمد، ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، مخدوم سليم الله، مخدوم سڪندر احمد صديقي، سيد جلالي شاهه، عبدالغفور چنا، مخدوم عبدالجبار صديقي، پروفيسر عبدالشڪور قاضي، ميڊم تنوير جوڻيجو، ميان نور محمد انصاري، نظير حسين انصاري، نصير ميمڻ، سهيل احمد صديقي، خليل الله ميمڻ، ذاڪر حسين ميمڻ، شاهده ميمڻ، خالد منگي، شبيرڻ پاٽائي، ارشد لطيف چنا، سليم چنا، مولا بخش ملاح، محمد زمان سومرو، مير ممتاز پاٽائي، مير شاهنواز برهماڻي، اسلم پاٽائي، ايم بچل ڪلهوڙو، عبدالحميد چنا، پريمي شاهد خاصخيلي، خادم ممتاز پاٽائي، سجاد چنا، مومل چنا، مخدوم ضياءُالحق، الهبچايو برهماڻي، عبدالحميد ميمڻ، عطيه جوڻيجو، شيخ يوسف سنڌي، شيخ مبارڪ، مقبول انجم، عبدالغني انصاري، آپا زينت چنا، پروفيسر آمنه خميساڻي، حيدر ڪلوچ پاٽائي، ڊاڪٽر تبسم جوڻيجو ۽ ٻيا شامل آهن، پاٽ شريف لڳ ڳوٺ اولڊ ڪلري ۾ به ڪيترائي لکيڪ آهن جن ۾ فدا ڪلرائي، صابر حسين، شاهد حسين، رياض حسين ملاح ۽ حاڪم علي بٺڙ سٺو لکن پيا، ان کان علاوه ڳوٺ دٻي سان تعلق رکندڙ لطيف جمال به هن وقت سٺن رائيٽرن ۾ ليکيو وڃي ٿو، ان کان علاوه نوجوان ڪالم نويس محمد عثمان جانوري ۽ نويد علي جوڻيجو به پنهنجي لکڻين ذريعي پنهنجو پاڻ مڃرائي چڪا آهن، پيارو اسٽيشن جا ساٿي هارون احسن ابڙو، همدرد اوڏ، امان الله لهٻر، جبل سنڌي ۽ ظفر احمد لهٻر به ادبي ميدان ۾ سرگرم آهن.

    پاٽ شريف جا مشهور سگهڙ
    هتي پاٽ شريف ۽ ان جي آسپاس وارن ڀلن سگهڙن جا نالا پيش ڪجن ٿا.
    فقير غلام النبي سومرو، ڪمدار امير بخش چانڊيو، امير بخش سولنگي، غلام قادر چانڊيو، مير محمد چانڊيو، محرم علي تيوڻو، ميرل فقير چانڊيو، محمد ٻڍل لانگاهه، محمد يوسف سولنگي، حاجي عبدالقادر پاٽائي، سڪندر علي ملاح، مظهر علي پنهور، گولو خان برهماڻي، مولوي بخشل برهماڻي، نواب علي ڀرٽ، محمد مٺل چانڊيو، محمد سليمان ڀرٽ، شير محمد پنهور، سوڀو چانڊيو، محمد بخش ميربحر، قادر بخش چانڊيو، احمد فقير چانڊيو، غلام علي ميربحر، خميسو ڀٽي، موريو خاصخيلي، بخشل ڪنڀر ۽ محمد مٺل پاتڻي شامل آهن.

    پاٽ شريف جا فنڪار
    پاٽ شريف جي ماڻهن جي سر سنگيت سان اصل کان وٺي دلچسپي رهي آهي، نه صرف ٻڌڻ جي حد تائين پر گائڪي ۾ به ڪيترائي فنڪار پيدا ٿيا، جن فن موسيقيءَ ۾ نالو پيدا ڪيو، اهڙن فنڪارن جا نالا هيٺ پيش ڪجن ٿا، جن جو پاٽ شريف ۽ ان جي ڀر وارن ڳوٺن سان تعلق آهي.
    خانصاحب نظر محمد چنا (پاٽ شريف)، خانصاحب جيئندو خان لانگاهه (پاٽ شريف)، گلاب فقير ملاح (پاٽ شريف)، گلشير تيوڻو ۽ دلشير تيوڻو، (ڪامل تيوڻو)، سيد فدا حسين شاهه (دٻي)، سڪندر علي ملاح (اولڊ ڪلري)، عطر فقير جوڳي (پاٽ شريف)، چيز علي فقير جوڳي (پاٽ شريف)، واجد علي صديقي (پاٽ شريف)، لياقت علي چنا (پاٽ شريف)، غلام رسول ڪنڀر (مٺي واهڻ)، وقار علي ملاح، اڪبر علي ملاح (اولڊ ڪلري)، شاهد حسين چانڊيو (اولڊ ڪلري)، سجاد علي ڪلهوڙو (پاٽ شريف)، راڻو خان تيوڻو (اولڊ ڪلري)، رسول بخش سولنگي (نيو ڪلري)، سيد مختيار علي شاهه (پاٽ شريف)، اڪبر علي گڊو (اولڊ ڪلري)، ساجد علي تيوڻو (اولڊ ڪلري)، رفيق احمد تيوڻو (اولڊ ڪلري)، شهزادو تيوڻو (اولڊ ڪلري)، نظير احمد چانڊيو چڪائي (چڪ احمدي)، بشير احمد چانڊيو (ڀنڊ ماڙي)، وزير علي سولنگي (سيتا وليج)، عبدالرئوف سولنگي (دٻي)، ميهر علي لانگاهه.

    سازندا
    وسايو فقير جوڳي (مرلي وڄائيندڙ)، محمد ايوب سولنگي (الغوري نواز)، حاڪم علي تيوڻو (الغوزي نواز)، بخشل چانڊيو (الغوزي نواز)، ميهر فقير چانڊيو (بينجو نواز)، روشن علي چانڊيو (بينجو نواز)، جڙيل خان چانڊيو (بينجو نواز)، وحيد علي ڪلهوڙو (ڍولڪ نواز)، پيرل خان سولنگي (ڪلارنٽ ماسٽر)، سڪندر علي سولنگي (ڍولڪ نواز)، محمد عمر فقير (شهنائي نواز)، محمد عثمان فقير (دهلاري)، محمد رمضان فقير (دهلاري)، لعل بخش فقير (شهنائي نواز)، ڪانڊيرو فقير (شهنائي نواز)، علڻ فقير (شهنائي نواز)، قربان علي (دهلاري)، خان محمد لانگاهه (ڍولڪنواز).


    مختلف مڪتبه ءِ فڪر جي ماڻهن جي پاٽ شريف آمد

    هتي انهن اهم شخصيتن جا نالا پيش ڪجن ٿا جن جو ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان پاٽ شريف اچڻ ٿيو آهي.

    گادي نشينن جي پاٽ شريف آمد
    هتي انهن گادي نشينن جو حوالو پيش ڪجي ٿو جن جو تعلق مشهور درگاهن سان آهي ۽ پاٽ شريف ۾ پنهنجي مريدن، طالبن ۽ جماعت وٽ سندن اچڻ ٿيندو رهيو آهي ۽ ڪيترن ئي گادي نشينن، سجاده نشينن ۽ درگاهن جي صاحبزادن پاران پاٽائي بزرگن تي حاضري ڀرڻ سبب سندن آمد ٿي آهي، جن ۾ هيٺيون هستيون شامل آهن،
    سيد بخشل شاهه جيلاني پير آف راڻيپور، آغا عليروشن شاهه پير آف راڻيپور، سيد غلام حسين شاهه درگاهه قمبر شريف، پير نعمت الله قريشي درگاهه نعمت الله قريشي دادو، محمد قاسم مشوري درگاهه مشوري شريف، پير ڪرم الله المعروف دلبر سائين درگاهه ماتلي شريف، حافظ امام بخش سومرو درگاهه باقراڻي شريف، حافظ حبيب الرحمان سومرو درگاهه باقراڻي شريف، حاجي خدا بخش سومرو کٽي فقير درگاهه سهڙا شريف مٺياڻي، سيد حاڪم علي شهاه درگاهه موج درياءَ شاهه ڪنڊيارو، مست عبدالرحمان قريشي درگاهه نعمت الله قريشي دادو، منظور احمد مشوري درگاهه مشوري شريف، مفتي خليل احمد جان درگاهه ويهڙ شريف، حافظ عتيق الرحمان درگاهه باقراڻي شريف، محمد علي بلوچ درگاهه بابا احمد علي قريشي، محمد موسيٰ کٽي فقير درگاهه سهڙا شريف، سيد رمضان علي شاهه پير آف راڻيپور، سيد عبدالحڪيم شاهه جيلاني پير آف ملتان، سيد علي اڪبر شاهه پير آف راڻيپور، سيد مور شاهه پير آف پير رکيل ريلائي، سيد علي اڪبر شاهه لال درگاهه پراڻو ديرو، سيد لال ڏنو شاهه درگاهه پنهل شاهه، رفيق الزمان سومرو درگاهه باقراڻي شريف، مخدوم منير اختر درگاهه سخي دم دين پناهه ملتان، صوفي فقير علي نواز خاصخيلي درگاهه ڪريم آباد، سيد وقار حسين شاهه لطيفي گادي درگاهه ڀٽ شاهه، پير غلام مجدد سرهندي درگاهه پير سرهندي مٽياري، سيد سڪندر علي شاهه جيلاني، سيد محمد شاهه آف ميهڙ درگاهه علي اڪبر شاهه بخاري ميهڙ، سيد غلام الدين شاهه بخاري درگاهه مست بخاري لاڙڪاڻو، سيد حسين شاهه بخاري درگاهه ناري شريف، فقير علي اڪبر قادري درگاهه بکر شاهه سجاول ٺٽو، پير عبدالرحيم جان سرهندي درگاهه پير سرهندي بالي شاهه، پير عطاءُالله شاهه لڪياري درگاهه لاڙڪاڻو، پير شفيق احمد اشرفي درگاهه ويهڙ شريف، پير تابن علي شاهه درگاهه نيرهه شريف، پير زاهد حسين شاهه درگاهه سڳيون شريف، پير يار محمد شاهه هاشمي درگاهه نيرهه شريف،سيد مهدي رضا شاهه سبزواري سجاده نشين درگاهه قلندر شهباز، مخدوم نديم احمد هاشمي درگاهه کهڙا شريف، پير بهاءُالدين سرهندي درگاهه سرهندي، پير وسيم جيلاني درگاهه سخي عبدالوهاب جيلاني، پير سيد غلام فرقاني جيلاني درگاهه نورائي شريف.پير علي شير سرهندي درگاهه نبي سر ٿرپارڪر، پير سيد علم الدين شاهه بخاري درگاهه بخاري لاڙڪاڻو، پير سيد امام الدين شاهه جيلاني درگاهه لوءِ صاحبان گهوٽڪي.

    علمائن جي پاٽ شريف آمد
    پاٽ شريف ۾ مذهبي حوالي سان ڪيترائي جلسا منعقد ڪرايا ويا آهن، جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان آيل ڪيترن ئي علمائن واعظن ذريعي ديني پيغام ٻين تائين پهچايا، هتي اسين انهن علمائن جا نالا پيش ڪريون ٿا جن جي خصوصي طور تي پاٽ شريف ۾ آمد ٿي، انهن علمائن ۾ مولانا محمد ادريس ڏاهري، مفتي عبدالرحيم سڪندري، مولانا حافظ علي اڪبر قاسمي، مولانا قاري شاهنواز بروهي، مولانا بشير احمد لاشاري، مولانا محمد عظيم مهيسر، مولانا محمد امين سيال، مولانا حافظ علي شير ملاح، مولانا نور حسين ناريجو، مولانا خادم حسين ڀٽي، مولانا عبدالرحمان ملڪاڻي، مولانا غلام شبير ساند حسيني، مولانا عبدالرشيد ڪرمي، مولانا محمد مراد لانگاهه ڪرمي، مولانا محمد اسماعيل شاهاڻي، مولانا غلام مصطفيٰ جان، مولانا سيد نديم احمد عطاري، مولانا غلام نبي ڪهاڙو، مولانا بدرالدين سرهيو، مولانا تاج محمد شاهه، مولانا محمد اياز چنا، مولانا محمد صادق اشرفي، مولانا حبيب الرحمان ملڪاڻي، مولانا الهه بخش کهاوڙ، مولانا محمد يوسف، مولانا احمد شاهپور چاڪر، مفتي احمد ذهين مگسي، مولانا غلام ياسين، فقير صاحب خان لطيفي، پير احسان، جڏهن ته مشهور نعت خوانن ۾ حاجي غلام النبي مهيسر، فقير ليمون، فقير جانڻ ابڙو، استاد الهڏنو برهماڻي، مکڻو فقير، بيدار بخشل چانڊيو، محمد سلمان خاصخيلي، محمد اسماعيل چانڊيو، فقير عزيز عتيقوي ۽ ٻيا ڪيترائي نعت خوان خاص موقعن تي هتي اچي چڪا آهن.

    مستن ۽ درويشن جي پاٽ شريف آمد
    پاٽ شريف ۾ وقت به وقت ڪيترائي الله پاڪ جا درويش ۽ مست ايندا رهيا آهن ۽ چوندا آهن ته مست ۽ درويش ظاهر جي اهڙي پوشاڪ ۾ هوندا آهن جيئن عام ماڻهو کين گهٽ اهميت ڏين پر الله تعاليٰ جي اهڙن پيارن ٻانهن ۾ ڪا اهڙي روحاني ڪشش هوندي آهي جو ماڻهو ازخود انهن کان فيض وٺڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ سندن دعائن ۽ ڪرامتن جو سلسلو اڄ تائين به جاري آهي، سنڌ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ اهڙا مست ۽ درويش پنهنجو پاڻ کي لڪائي ان پالڻهار جي ڊيوٽي ادا ڪرڻ ۾ مصروف آهن، پاٽ شريف ۾ به سيد مست علي شاهه جي آمد ٿيندي رهندي هئي، ظاهر ۾ سندس پٺي اگهاڙي هوندي هئي ۽ جسم زنجيرن سان ڍڪيل هوندو هو ۽ انهن زنجيرن جو چڱو خاصو وزن هوندو هو، سيد مست علي شاهه صديق شيخ وٽ رهائش اختيار ڪندو هو، ڪيترن ئي ماڻهن جو چوڻ آهي ته سيد مست علي شاهه وٽ هڪ لٺ هوندي هئي ۽ هي ان تي لانگ ورائي چوندو هو ته هل منهنجا گهوڙا ۽ پوءِ غائب ٿي ويندو هو ۽ ڪنهن ٻئي شهر ۾ پهچي ويندو هو، سيد مست علي شاهه جي وفات بعد سندس پونئر سيد مست لال شاهه ساڳئي لباس ۽ انهيءَ رنگ ۾ رڱيل آهي ۽ پاٽ شريف ۾ جڏهن به سندس اچڻ ٿيندو آهي ته ڪيترائي ماڻهو هن درويش کان دعائون گهرائيندا آهن، مست لال شاهه بلڪل آهستي ڳالهائيندي چوندو آهي ته سڀ ڪجهه ڪري اهو رب پاڪ ٿو اسان ته صرف هٿڙا کڻندا آهيون، ان کان علاوه هن شهر ۾ پير رکيل ريلائي ۽ سائين احمد شاهه ڦلائي جي خاندان جا سجاده نشين پنهنجي پنهنجي مريدن وٽ ايندا رهن ٿا.

    سياسي شخصيتن جي پاٽ شريف آمد
    پاٽ شريف ۾ ڪيترين ئي سياسي شخصيتن جي آمد ٿي آهي جيڪي يا ته ڪنهن خاص دعوت تي آيا ۽ ڪجهه سياسي اڳواڻن پنهنجي تڪ جي ووٽرن سان رابطي کي يقيني بڻايو ۽ هتي سندن بار بار اچڻ ٿيندو رهيو، ڪيترن ۽ اهم سياسي رهنمائن به پنهنجي اميدوارن کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ پاٽ شريف جو رخ ڪيو، هن وقت تائين پاٽ شريف ۾ جن سياسي شخصيتن جي آمد ٿي آهي انهن ۾ سر شاهنواز ڀٽو، سيد قائم علي شاهه، اشرف ڊبليو طاباني، بيگم نصرت ڀٽو، فاطمه ڀٽو، عبدالحميد خان جتوئي، الحاج محمد بخش جمالي، نثار احمد کهڙو، پير مظهرالحق، سيد محمد شاهه، لياقت علي خان جتوئي، ڊاڪٽر منظور علي لغاري، سردار خير محمد خان پنهور، نبن خان لنڊ، ظفر علي لغاري، رئيس رفيق احمد جمالي، غلام قادر چانڊيو، فتح محمد ملاح، بشير خان قريشي، شفيع برفت، غلام رسول چانڊيو، نواب سردار احمد خان چانڊيو، سردار غالب خان ڊومڪي، سردار سجاد احمد خان سومرو، رئيس نورل خان ڀرٽ، سيد ظفر علي شاهه، نجيب الله پنهور، رئيس حبيب الله عرف بنو خان پنهور، رئيس بابن خان پنهور، سيد فدا حسين شاهه، علي محمد سومرو، پير معظم، پير مجيب الحق، علي احمد پليپوٽو، سردار اشرف خان سولنگي، اسرار العباد، امير نواب، عمران ظفر لغاري، ڊاڪٽر زاهد حسين جتوئي، سيد نور محمد شاهه، ڪريم علي جتوئي، حسين بخش سولنگي، منير احمد چنا، سيد ظفر علي شاهه، ڊاڪٽر مظهر علي ميمڻ، سيد علي مراد شاهه، عبدالعزيز ٻرڙو، علي نواز خان گهلو، حق نواز خان گهلو، احمد خان لنڊ، غلام شبير ابڙو، سيف الله پنهور، رئيس پرويز خان ڀرٽ، مير شجاع الله پنهور، قاضي امتياز علي قريشي، پير گنبل، چاڪر خان شاهاڻي، حبيب الله هنڱورو، دوست علي جيسر، سيد شهاب الدين شاهه حسيني، ڊاڪٽر سليمان پنهور، الطاف پنهور، ماروي مظهر، آپا ڪلثوم چانڊيو ۽ آپا رشيده پنهور شامل آهن.

    پاٽ شريف پهتل اين جي اوز
    مختلف اين جي اوز مختلف پراجيڪٽن جي سلسلي ۾ پاٽ شريف پهچي پنهنجو فيلڊ ورڪ شروع ڪيو، انهن اين جي اوز ۾ هيٺيان نالا شامل آهن
    گورک پئمان پروجيڪٽ، يو ايس ايڊ، بيسڪ ڊولپمينٽ نيڊس، اين سي ايڇ ڊي، ٿر ديپ، سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن، فخر امداد فائونڊيشن، غني هاسپيٽل ٽرسٽ، مهوش اينڊ جهانگير صديقي فائونڊيشن، بينظير ڀٽو شهيد يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن، هينڊس، ميئرلين، اي سي ايف انٽرنيشنل، Mchip، آئي آر سي، ايس پي او، جپائيڪو.

    مزاحيه آرٽسٽن جي پاٽ شريف آمد
    مزاح، ڪاميڊي، کل ڀوڳ ۽ چرچن ڀوڳن جو انسان سان گهرو تعلق آهي، پاٽ شريف ۾ ماڻهن کي کلائڻ لاءِ ٻاهريان ڪيترائي ناليوارا اسٽيج ۽ ٽي وي جا آرٽسٽ آيا ۽ ان کان علاوه پروفيشنل مسخرن ۽ ڪيترن ئي مشهور چرچائي ڀوڳائي ماڻهن جي پاٽ شريف آمد ٿيندي رهي آهي، مزاح جي فن سان تعلق رکندڙ اهڙين شخصيتن جا نالا هيٺ پيش ڪجن ٿا.
    محمد فقير مسخرو، واحد بخش کوکر عرف واحدو مسخرو، ارمل چانڊيو مشهور چرچائي، لطيف منو سينيئر ٽي وي آرٽسٽ، رشيد چارڻ سينيئر اسٽيج ۽ ٽي وي آرٽسٽ، عبدالمنان عباسي عرف ماما لالو، عبدالله ملاح عرف موالي، نثار عباسي سينيئر اسٽيج آرٽسٽ، ممتاز جروار سينيئر اسٽيج آرٽسٽ، حسن مستانو سينيئر اسٽيج آرٽسٽ، سرفراز علي پنهور سينيئر اسٽيج ٽي وي آرٽسٽ، خادم کوکر عرف خوني ماڻهو، اشرف علي عطار سينيئر اسٽيج ٽي وي آرٽسٽ، استاد قربان علي ملاح سينيئر اسٽيج آرٽسٽ، ماستر نياز حسين ملاح سينيئر اسٽيج آرٽسٽ، بي ڪي کوسو سينيئر اسٽيج آرٽسٽ، ذاڪر حسين کوسو سينيئر اسٽيج آرٽسٽ.

    پاٽ شريف ۾ فن جو مظاهرو ڪندڙ فنڪار
    پاٽ شريف جا رهواسي شادين مرادين ۾ مختلف فنڪارن يعني ڳائڻن کي گهرائيندا هئا ۽ ان کان علاوه ٻين فنڪشنن ۾ به فنڪار ايندا رهيا آهن، هتي ماضي کان وٺي اڄ تائين جن جن مشهور فنڪارن پاٽ شريف ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي انهن جا نالا هيٺ پيش ڪجن ٿا، جن ۾ ڪلاسيڪل، نيم ڪلاسيڪل ۽ صوفي راڳي شامل آهن، جيوڻي ٻائي، سونا خان بلوچ، خانصاحب استاد منظور علي خان، مائي الهوسائي، خانصاحب استاد محمد صالح ساند، قمر سومرو، منظور سخيراڻي، بيگم فقيراڻي، هوا ڀٽڻ، عبدالله ميربحر، غلام حيدر ماڇي، استاد وحيد علي، خانصاحب خورشيد علي خان، عبدالحميد عباسي، امانت گل، استاد خادم حسين سخيراڻي، فيض علي سخيراڻي، جلال چانڊيو، غلام شبير سمون، علي مراد جتوئي، الهداد زرداري، روبينا حيدري، گلشير تيوڻو، دلشير تيوڻو، آصف علي چارڻ، سيد فدا حسين شاهه، خادم حسين سولنگي، محمد رمضان سولنگي، فدا حسين پنهور، ٻالڪ سنڌي، معشوق علي کوکر، ڪوثر ماروي، صائمه منظور، ممتاز علي لاشاري، سلطان فقير دادنا، ساجد علي منگي، مختيار علي سانگي، اختيار علي خشڪ، سڪندر علي سومرو، غلام حسين عرف غلامون ميراثي، مانجهي فقير، وزير علي سولنگي، ماستر غلام قادر کهڙو، غلام حسين عمراڻي، وزير علي عمراڻي، سڪندر علي قمبراڻي، حبدار علي سخيراڻي، شهباز علي زرداري، سڪندر علي ملاح، عنايت علي برهماڻي، نورل ۽ ميرل، نظير چانڊيو، سجاد علي سولنگي، شاهنواز ڀرڳڙي، قادر سنڌي ۽ يوسف پنهور.

    شاعرن ۽ اديبن جي پاٽ شريف آمد
    ادبي مرڪز هئڻ سبب پاٽ شريف ۾ ڪيتريون ئي ادبي شخصيتون پهتيون، جن ۾ حافظ احسن چنا، استاد بخاري، الهنواز رڪڻائي، پيرل پرديسي، محسن ڪڪڙائي، راشد مورائي، ڊاڪٽر قربان علي جهتيال، مسڪين ملاح، احمد خان مدهوش، الهه رکيو ڳورڙ، سرڪش سنڌي، قادر بخش قلندر ميمڻ، عبد مگسي، بشير سيتائي، آزاد انور ڪانڌڙو، وزير منگي، وزير فرهاد سولنگي، سڪندر علي جروار، آصف مٺياڻوي، افضل سولنگي، انور قمبراڻي، عاجز عبدالغفور زرداري، امتياز عادل سومرو، عزيز ڪنگراڻي، مجبور ميمڻ، مشهور ميمڻ، ديدار دانش کوسو، وسيم آڪاش سيتائي، منصور سيتائي، منظور سيتائي، عرس اظهر سولنگي، رجب آزاد، عاشق دادوي، وفا ياسين آرائين، مقصود احمد چانڊيو، ظفر احمد لهٻر، هارون احسن ابڙو، همدرد اوڏ، خادم ممتاز، امان الله لهٻر، محبتي ملاح، نجم سرهيو، رضا لانگاهه، غلام حيدر گهايل، اويس ڪرني، زخمي زاهد سهارڻ، منور علي ملاح، صابر حسين چانڊيو، ساگر جعفري، سيد محمد علي شاهه، مصطفيٰ ڏاهري، شبير سيال، غلام حيدر گجو، ڦوٽو جمالي، آسي بدرالدين چنا، فياض سيتائي، تابش بخاري، معصوم بخاري، نشتر ناٿن شاهي، منظور حسين ڪلوئي، اسير امتياز برهماڻي، ممتاز مصطفيٰ دوست، نواز ڪنڀر، وريام سنڌي، اختر درٻيلائي، بخشل شاهاڻي، عاجز رحمت الله لاشاري ۽ ٻيا.

    يوسي پاٽ شريف تي رهندڙ تعليم کاتي جا سپروائيزر
    باغ علي سهاڳ، ڪمال الدين سولنگي، محمد خان پنهور، عبدالوحيد ميمڻ، غلام محمد ملاح، بشير احمد ميمڻ، محمد عثمان منگي، محمد ايوب لاشاري، غلام قادر پنهور، محمد عرس ابڙو، وزير علي پنهور، اي ڊي الهڏنو چانڊيو، عبدالستار ملاح، محمد عظيم پنهور.

    استاد اڳواڻن جي پاٽ شريف آمد
    هتي مختلف يونين اڳواڻ استادن جا نالا پيش ڪجن ٿا جيڪي وقت به وقت پاٽ شريف ۾ ايندا رهيا آهن.

    گسٽا اڳواڻ
    ميان محمد پيرزدو، منظور احمد پنهور، غلام علي لاشاري، جاويد اڪبر ميمڻ، سلطان احمد هنڱورو، علي نواز عباسي، حافظ غلام محمد چنا، عبدالله ابڙو، اختر علي سولنگي، محمد حنيف پنهور، غلام سرور ساريو، خادم حسين شاهه، ذوالفقار علي کوسو، وزير علي پنهور، بشير احمد گاڏهي، حبيب الله خاصخيلي، اشرف علي چانڊيو، آفتاب شاهه.

    پ ٽ الف اڳواڻ ۽ ماٽا اڳواڻ
    محمد صالح کوکر، غلام رسول چانڊيو، عبدالرحمان پنهور، غلام قادر پنهور، شبير احمد مگسي، منصور احمد ڪلهوڙو، امان الله هنڱورو، غلام الله جتوئي، احمد خان پنهور، غلام مصطفيٰ جوڻيجو، علي حسن شاهاڻي، ممتاز علي سولنگي، شمشاد احمد جتوئي، رفيق احمد زنئور، اعجاز احمد پتافي، معشوق علي دستي، غلام شبير پلهه، نياز حسين دستي، علي مراد شيخ، عبدالحڪيم جمالي، محمد حسن سومرو، محمد ابراهيم شيخ، غلام مصطفيٰ پنهور، جبار احمد ملاح، غلام ياسين چانڊيو، الهڏنو ڀٽي، بدرالدين شينو، سڪندر علي ڇڄڙو، خير محمد ابڙو.

    پاٽ شريف ۾ پهتل پهلوان
    پاٽ شريف جي ميلن ملاکڙن ۾ هن وقت تائين جيڪي مشهور ملهه پهلوان اچي چڪا آهن، انهن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
    محمد بخش رستماڻي، ريشمي عرف الهبخش ملاح، ڪبوتر کوسو، هيرو بروهي، عاشق علي بڙدي، سيفل لاشاري، حاڪم علي برهماڻي، علي نواز برهماڻي، علي گل ڪابورو، روح افزا لانڊر، راجا لانڊر، اسحاق مڱڻيجو، حاجي علي دوست لغاري، عبدالرزاق باهوٽو، محمد حسن ساند، انب شيدي ۽ شير ميربحر مرحوم.


    پاٽ شريف بابت مشهور چوڻيون ۽ پهاڪا

    پاٽ شريف بابت ڪجهه مشهور چوڻيون
    هتي پاٽ شريف بابت انهن پهاڪن يا مشهور چوڻين جو ذڪر ڪجي ٿو، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن دور ۾ عام رهيون.
    آيا مغل ڀڳي پاٽ: مطلب ته ماضي ۾ جيڪي مغل دور ۾ پاٽ تي حملا ۽ ڪاهون ٿيون ته ان جو نقصان تمام گهڻو ٿيو ۽ پوءِ جڏهن اهي دور به گذري ويا پر پاٽ جا ماڻهو انهن قصن کي ياد ڪندا رهيا ۽ پوءِ ته ائين به ٿيو جو جڏهن به پاٽ تي ڪنهن به وار ڪيو ته گهرن ۾ چيو ويندو هو آيا مغل ڀڳي پاٽ، يا وري گهر ۾ ڪي ٻار وڙهندي وڙهندي ڪا شيءِ ڀڃي وجهندا هئا ته عورتون اهو پهاڪو ڏينديون هيون ته آيا مغل ڀڳي پاٽ.

    پاٽ پڙهيو ڏور اڏريو
    مطلب اها ڳالهه بلڪل حقيقت آهي ته پاٽ شريف جي درسگاهن ۾ جنهن جنهن تعليم حاصل ڪئي اهي ماڻهو پنهنجي اهم منصبن ۽ منزلن تائين پهتا.

    پاٽ جو پاڻي واههَ واههَ
    پاٽ شريف جو پاڻي قدرتي طور تي بغير ڪنهن فلٽر پلانٽ جي منرل واٽر کان به وڌيڪ صاف ۽ مٺو آهي، بزرگن جي هن شهر وارو پاڻي ماڻهن لاءِ شفاياب ثابت ٿيل آهي. ان لاءِ عام چوڻي آهي ته “پاٽ جو پاڻي واهه واهه” جنهن پيتو تنهن کان نه وسرندو.

    ٻورڙي ڏٺل نه هيئي ته ماني ڇو کاڌئي
    هن چوڻي کي ماڻهو اڃا تائين ناهن وساري سگهيا، چون ٿا ته پاٽ شريف جو هڪ زميندار پنهنجي هارين سان به ڀوڳ چرچا ڪندو هو ۽ ان زميندار جي خوش طبيعت هئي، هڪ ڏينهن هاري کي گهرائي چيائين ته بابا توکي نيرن پاڻي ڪرايون ٿا، پوءِ ٻورڙيءَ جي ڳوٺ وڃجان ڪو ڪم آهي، زميندار جي حڪم مطابق ان هاري لاءِ نيرن جي ماني آئي، هاري کائي ڍئو ڪيو، پوءِ زميندار چيس ته ابا هاڻي ٻورڙيءَ وڃ، هاري هڪدم وراڻيو ته سائين مون کي ٻورڙي ڏٺل ڪانهي، زميندار ڀوڳ ڪندي لٺ ۾ هٿ وجهي چيو ته توکي ٻورڙي ڏٺل نه هئي ته پوءِ ماني ڇو کاڌئي، هاري چيو ته سائين جي ماني کائڻ کان اول نهڪر ڪيان ها ته شايد ماني ڪونه کارايو ها، ان تي ان زميندار کان ٽهڪ نڪري ويو.

    ڪارڙو ڪنڀارڙو
    پاٽ شريف ۾ جڏهن مينهن يا برسات نه پوندي هئي ته ننڍا ڇوڪرا هڪ دلچسپ راند ڪندي گهٽي گهٽي ۾ گهمندا هئا ۽ هڪ نينگر کي ڳٽن تي ٻه ڪارا ليڪا ڪڍي ان جي پٺيان ڪيترائي ٻار هلندا هئا ۽ ڪجهه ڇوڪرن کي ڪپڙو هٿ ۾ هوندو هو ۽ سڀ ٻار در در چوندا هئا ته ”ڪارڙو ڪنڀارڙو ان ڏيو ته مينهن وسي“ ۽ جڏهن انهن وٽ ڪجهه چانور گڏ ٿيندا هئا ته پوءِ وري بازار مان دڪاندارن آڏو بيهي سُر سان ساڳا ئي ٻول ورجائيندا هئا، پوءِ دڪاندار انهن کي ڳڙ ڏيندا هئا ۽ پوءِ چانورن ۽ ڳڙ مان تانهري ڀت تيار ڪرائي اهي ٻارڙا پاڻ به کائيندا هئا ۽ ٻين معصوم ٻارن کي به کارائيندا هئا، پوءِ گڏجي دعا گهرندا هئا ته مولا مينهن وساءِ ۽ پوءِ قدرت خدا پاڪ جي ڏينهن ٻن ۾ ضرور مينهن وسندو هو ۽ رب پاڪ انهن معصومن جي جلد ٻڌندو هو ۽ مينهن وسڻ کانپوءِ اهي ٻار خوشيءَ ۾ نچندا هئا ۽ وسندڙ مينهن دوران يا پوءِ اهي ٻار سڌو پاٽ پراڻيءَ جي دڙي تي به ويندا هئا ۽ پوءِ اتان ملندڙ سڪا ۽ ٻيون شيون لڀندي خوش ٿيندا هئا.


    پاٽ شريف بابت ڇا ۾ حوالا موجود آهن

    ڪهڙن ڪهڙن ڪتابن ۾ پاٽ شريف جا حوالا شامل آهن
    هتي انهن ڇپيل ڪتابن جا نالا پيش ڪجن ٿا جن ۾ ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان پاٽ شريف جو ذڪر ٿيل آهي
    تاريخ معصومي، تاريخ باب الاسلام سنڌ، تاريخ طاهري، تاريخ مظهر شاهجهان، سنڌي ادب جي مختصر تاريخ، پاٽ پراڻيءَ جي اڳوڻي تاريخ، سنڌ جي تاريخ، وحدت نامه، پاتر عرف پاٽ، ڳوٺ پاٽ شريف جو سماجي ۽ تاريخي جائزو، جنب گذاريم جن سين، لئمبرڪ ائن انٽروڊڪشن، گلزار ابرار، تذڪره مشاهير سنڌ، دربار اڪبري، اصلاح المصلح المفتاح، سنڌ جا مير، رهاڻ هيرن کاڻ، زيور نامو، پاٽ شريف جا عالم ۽ اديب، هڪ قلم هڪڙو مان، احوال اولياءَ، ڪشف مبهم مشڪلات، انسان مشائخ سيوستان، مفتاح الصلوات، سنڌ جا تعليمي ماهر، تشبيهاتءِ رومي، دادو تعلقي جي تاريخ، دادو ضلعو هڪ اڀياس، دادو سنڌ جي دل، ڏاها ڏات ڌڻي، سنڌ ڪي محلاتي داستان، دادو ضلعو ڪالهه ۽ اڄ، لاڙ جي ادبي تاريخ، سنڌوءَ جو سير، برهان پور ڪي سنڌي اولياءَ، در ڪلف ۽ ڪنجي، سج منهنجي هٿن ۾، زندگي، روشني، صحرا جو چنڊ، آواره آواز، اڌورا خواب، سحر، برسات، گم ٿيل ماڻهو، گيت خواب جهڙا، نيڻ نهار، قيدي پکي، سنڌوءَ ڪناري، اسين اڃا سوچيون ويٺا، ڏاها منهنجي ڏيهه جا، مخدوم فضل الله جو ڪلام، عوارف المعارف، سچ جي ڳولا، انمول هيرا، سياست جو صحرا، ديني درسگاهون، انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا، فقهائي هنڌ، همايون نامه، پيغام، نئين زندگي، ماهوار اديون، ماهوار گل ڦل، ٽماهي مهراڻ، ريڊيو پبليڪيشن، عبرت مئگزين، ڪاوش مئگزين، سنڌو ڊائجسٽ، هالار ڊائجسٽ، سنڌ رنگ ڊائجسٽ، سنڌ راڻي مئگزين، ماهوار سنڌ آئي، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن اينيوئل رپورٽ، سنڌي ادبي سنگت اينووئل رپورٽ، اسٽار يار شوبز مئگزين، فلم اسپيشل مئگزين. مشاهير سنڌ، پهاڪا ۽ چوڻيون.

    ڪهڙين ريڊيو اسٽيشنن تان پاٽ شريف جو ذڪر ڪيو ويو
    هتي انهن ريڊيو سروس وارين اسٽيشنن جو ذڪر ڪجي ٿو جن پاٽ شريف کي پنهنجي نشريات ۾ شامل ڪيو، هتي انهن ريڊيو اسٽيشنن جا نالا پيش ڪجن ٿا.
    آل انڊيا ريڊيو، بي بي سي اردو، ريڊيو پاڪستان ڪراچي، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، ريڊيو پاڪستان خيرپورميرس، ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو، ريڊيو ايف ايم 99 دادو، ريڊيو ايف ايم 101 حيدرآباد، ريڊيو ايف ايم نوابشاهه، ريڊيو ايف ايم ڪراچي، ريڊيو ايف ايم مورو.

    ڪهڙن ٽي وي چينلن پاٽ شريف کي ڪوريج ڏني
    هتي انهن ٽي وي چينلن جو ذڪر پيش ڪجي ٿو جن مختلف وقتن تي مختلف پروگرامن ۾ پاٽ شريف کي تمام گهڻي ڪوريج ڏني، جنهن ۾ خاص ڊاڪيومينٽريز، تاريخي اسٽوريون، ٽاڪ شوز ۽ اهم اهم واقعا ۽ خبرون شامل رهيون. اليڪٽرانڪ ميڊيا جي انهن مشهور چينلن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
    پي ٽي وي، پي ٽي وي نيشنل، پي ٽي وي هوم، ڪي ٽي اين، سنڌ ٽي وي، مهراڻ ٽي وي، ڪي ٽي اين نيوز، سنڌ ٽي وي نيوز، آواز ٽي وي، ڪشش ٽي وي، جيو نيوز، اي آر واءِ، سچ ٽي وي ۽ ڌرتي ٽي وي.

    ڪهڙين ڪهڙين اخبارن ۾ پاٽ شريف جا حوالا شامل آهن
    هتي پرنٽ ميڊيا جي شايع ٿيندڙ انهن اخبارن جا حوالا پيش ڪجن ٿا جن ۾ ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان پاٽ شريف جو ذڪر ٿيل آهي.
    ڪاوش، عوامي آواز، هلال پاڪستان، آفتاب، عبرت، جنگ، ڊان، ڪوشش، پاڪ، خبرون، شام، سرواڻ، فرض، مهراڻ، ڪائنات، آس، برسات، فيصلو، سوڀ، تعمير سنڌ، سچ، سنڌ ايڪسپريس، خادم وطن، دي نيوز، خبرين، پيغام، هلچل، نجات، نواءِ وقت، الوحيد، الرحيم، الصادق، سائين، روشني، ڀٽائي چينل، سنڌ ٽاڪس، رفتار، وفاءِ سنڌ، رٿ، ڪوهستان، مادرِ وطن، پريت، دادو ٽائيمز، ارادو، امڪان، نجات، عوامي سوچ ۽ جيجل.

    انٽرنيٽ ذريعي پهتل پاٽ شريف جي معلومات
    هتي سوشل ميڊيا ”انٽرنيٽ“ تي ٺهيل انهن آءِ ڊيز يا پيجن جو ذڪر ڪجي ٿو، جنهن تي فيس بڪ ذريعي پاٽ شريف جي معلومات فراهم ڪئي وئي آهي، ان ۾ وڪي پيڊيا، واٽس ايپ ايوان صحافت، شهيد غزاله بتول ويلفيئر گروپ، واٽس ايپ سيتا روڊ جو آواز، واٽس ايپ گروپ NA-232 ۽ PS-74 واٽس ايپ گروپ، وليج پاٽ شريف گروپ دادو، سنڌ سلامت فورم، پاٽ شريف، درگاهه فضل الاهي، سِگا پاٽ شريف، فهد جوڻيجو، منير احمد سنڌي لوهار، سجاد علي برهماڻي، بشير احمد چنڙ، جنيد احمد زرداري، اسلم ملاح پاٽائي، اظهار علي ڪلهوڙو، قاضي جهانگير، سيد جمال شاهه، زاهد حسين سومرو، حفيظا ڀٽي، ڊاڪٽر سنڌيه جوڻيجو، ياسمين قاضي، علي رضا منگي، صديقي ڪريم، سردار علي چنڙ، امجد علي قاضي عظيمي، غلام نبي قاضي، انيس احمد چنا، عزير علي ميمڻ، اياز علي ملاح، اسرار احمد گلال، علي حاڪم بٺڙ، صفدر گلال، جنسار علي ڪلهوڙو، راجا رميز ميمڻ، محمد اعظم ميمڻ، شاهد حسين ميمڻ، امداد علي ميمڻ، صلاح الدين صديقي، گلزار ڪلهوڙو، سرچ ڪري ڏسندا ته مختلف فائلن ۾ پاٽائي شخصيتون پاٽ جا ماڳ مڪان ۽ ٻين سرگرمين جي اپ ڊيٽ شامل آهي. واٽس ايپ دادو ٽائيمز گروپ واٽس ايپ پيور دادو گروپ تي پڻ تازه ترين خبرن ۾ پاٽ شريف کي به شامل ڪيو ويندو آهي.


    سِگا شاخ پاٽ شريف جي ڪارڪردگي تي هڪ نظر

    سگا شاخ پاٽ شريف جا بنيادي ميمبر
    1. محمد اعظم ميمڻ 2. نياز احمد عرف علي نواز برهماڻي
    3. محمد زمان سومرو 4. شاهد حسين ميمڻ
    5. خادم حسين چنا 6. شاهواز ڪنڊو خان برهماڻي
    7. ذاڪر حسين ميمڻ 8. شهاب الدين لانگاهه
    9. عبدالستار عرف معشوق علي ميمڻ 10. حاڪم علي بٺڙ
    11. حبيب الله ميمڻ 12. محمد صديق عرف اظهار علي گلال
    13. فياض حسين ملاح 14. قمرالدين پنهور
    15. رياض احمد عباسي 16. خيرالدين سولنگي
    17. خالد حسين منگي 18. غلام حيدر عرف گلزار ڪلهوڙو
    19. وسيم احمد ميمڻ 20. محمد حاجن چنا
    21. امتياز علي ميمڻ 22. شاهنواز بٺڙ
    23. غلام سرور چنا 24. انيس احمد چنا
    25. شاهنواز امير بخش برهماڻي 26. توفيق احمد چانڊيو
    27. مسرور حسين عباسي 28. مخدوم سڪندر احمد صديقي
    29. ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، تاحيات ميمبر 30. محمد سليم چنا، تاحيات ميمبر
    31. الهبچايو برهماڻي 32. سيد جمال شاهه
    33. محمد بچل ڪلهوڙو 34. اياز علي ملاح
    35. منصور قمر چانڊيو 36. احسان الله چنا
    37. مختيار علي چنڙ 38. ممتاز علي ملاح
    39. صدام حسين چنا 40. ذوالفقار علي ملاح
    41. علي رضا منگي

    پهرين باڊي
    11 نومبر 2009ع تي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن برانچ پاٽ شريف جي پهرين گڏجاڻي ٿي گذري، جنهن ۾ نئين باڊي لاءِ برانچ جا هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا.
    صدر نياز احمد برهماڻي
    نائب صدر محمد زمان سومرو
    جنرل سيڪريٽري محمد اعظم ميمڻ
    جوائنٽ سيڪريٽري ذاڪر حسين ميمڻ
    ماليات سيڪريٽري خادم حسين چنا
    اطلاعات سيڪريٽري گلزار علي ڪلهوڙو
    بي ايم سي ميمبر شاهد حسين ميمڻ، عبدالستار ميمڻ، حاڪم علي بٺڙ، انيس احمد چنا، حبيب الله ميمڻ، شاهنواز برهماڻي، امتياز علي ميمڻ، خالد منگي، شهاب الدين لانگاهه

    حلف برداري تقريب
    24 جنوري 2010ع تي سگا برانچ پاٽ شريف جي پهرين حلف برداري تقريب ٿي گذري جنهن ۾ سگا مرڪز جي اڳواڻن محمد صديق ابڙو، پيرل خان کوسو، حاجي خادم جويو، پاٽ شريف جي نامور شخصيتن ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، پروفيسر عبدالشڪور قاضي ۽ ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي.

    مفت اکين جي ڪيمپ
    10فيبروري 2010ع تي سگا برانچ پاٽ شريف پاران غني هاسپيٽل ٽرسٽ حيدرآباد جي سهڪار سان مفت اکين جي ڪيمپ لڳائي وئي، هن ڪيمپ جو افتتاح ٽرسٽ جي اڳواڻن پروفيسر عبدالشڪور قاضي ۽ عبدالستار صديقي ڪيو، ان موقعي تي 35 مريضن جي اکين جا آپريشن ڪيا ويا، 90 عورتن ۽ 120 مردن کي چشما ۽ اکين جا ڊرافس ڏنا ويا.

    هيپاٽائيٽس بابت رت جي چڪاس
    28 مارچ 2010ع تي سگا برانچ پاٽ شريف پاران قائدعوام ميڊيڪل يونيورسٽي جي سينيئر ليب ٽيڪنيشن اشفاق احمد سومرو جي سهڪار سان هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جي مريضن جي رت جي چڪاس لاءِ مفت ڪيمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ 600 ماڻهن جي چڪاس ڪئي وئي، جنهن ۾ 46 عورتن ۽ 19 مردن کي پازيٽو ڪيس ظاهر ٿيا، جن کي علاج ڪرائڻ لاءِ مشورو ڏنو ويو، جڏهن ته ٿيلسيميا سينٽر نوابشاهه لاءِ سگا برانچ پاٽ شريف جي 20 نوجوانن رت جو عطيو ڏنو.

    ليکڪ سليم چنه جي مان ۾ آجياڻو
    29 مارچ 2010ع تي سنڌ جي نامياري رائيٽر سليم چنا جي مان ۾ آجياڻي جي تقريب ٿي گذري، جنهن ۾ سگا برانچ پاٽ شريف جي عهديدارن ۽ ميمبرن پاران سليم چنا جي ادبي خدمتن کي ساراهيندي کيس خراج تحسين پيش ڪيو.

    علامه آءِ آءِ قاضي جي ورسي
    13 اپريل 2010ع تي سگا برانچ پاٽ شريف پاران سنڌ جي نامور اسڪالر علامه آءِ آءِ قاضي جي 42 هين ورسي ملهائي وئي ۽ سندس خاندان سان تعلق رکندڙ شخصيت جسٽس امجد علي قاضي صاحب هن تقريب جي صدارت ڪئي.

    هيپاٽائيٽس کان بچاءَ جي ويڪسين
    25 اپريل 2010ع سگا برانچ پاٽ شريف پاران اي ڊي او هيلٿ دادو جي سهڪار سان ڪيمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ سائيءَ کان بچاءُ لاءِ مفت ويڪسين ڪئي وئي، جنهن ۾ 500 عورتن ۽ 300 مردن کي هيپاٽائيٽس کان بچاءُ جي ويڪسين ڪئي وئي.

    ٻارڙن کي بچاءَ لاءِ ويڪسين
    8 مئي 2010ع تي سگا برانچ پاٽ شريف پاران ننڍڙن ٻارڙن ۾ سائي کان بچاءُ لاءِ مفت ڪيمپ لڳائي وئي.

    ٻارڙن کي سائي کان بچاءَ لاءِ ٻي ويڪسين
    27 جون 2010ع تي سگا برانچ پاٽ شريف پاران ننڍڙن ٻارڙن ۾ سائي کان بچاءُ لاءِ ٻئي مرحلي واري ڪيمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ ٻارڙن کي سائي کان بچاءُ جي ويڪسين ڪئي وئي.

    ٻوڏ متاثرن لاءِ کاڌي پيتي جو انتظام
    16 آگسٽ 2010ع سگا برانچ پاٽ شريف پاران الڪريم سٽيزن ڪميونٽي بورڊ پاٽ شريف جي اڳواڻن حاجي ڪريم بخش صديقي ۽ ڊاڪٽر حبيب الله صديقي جي سهڪار سان پاٽ شريف جي ڪچي واري علائقي جي بند تي ويٺل ٻوڏ متاثرن ۾ هڪ هفتي تائين کاڌو پهچايو ويو ۽ ٻوڏ بابت ميڊيا وارن کي گهرائي ڪيمپن جا دورا ڪرايا ويا.

    ايڪتا ڏهاڙو
    5 ڊسمبر 2010ع تي سگا برانچ پاٽ شريف پاران ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش جي ڏنل سڏ تي ايڪتا ڏهاڙو ملهايو ويو، جنهن ۾ شهر جي مختلف سياسي سماجي تنظيمن، استادن ۽ شاگردن شرڪت ڪري ريليون ڪڍيون.

    گهر شماري عملي سان سهڪار
    5 اپريل 2010ع تي گهر شماري شروع ٿيڻ تي سگا برانچ پاٽ شريف پاران گهر شماري واري عملي سان گڏ انهن جي رهنمائي لاءِ هڪ هڪ ميمبر گڏ رهيو ته جيئن يوسي پاٽ شريف جي ڪنهن به بلاڪ مان ڪوبه گهر شمار ڪرڻ کان رهجي نه وڃي.

    بچاءَ بند جي مرمت لاءِ احتجاج
    8 جولاءِ 2011ع تي سگا برانچ پاٽ شريف ۽ شهر جي ٻين سماجي تنظيمن پاران پاٽ شريف واري ايل ايس بچاءُ بند جي نازڪ صورتحال سبب دادو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ چونڊيل نمائندن ۽ ڊي سي او دادو کان مطالبو ڪيو ويو ته ايل ايس بند جو آر ڊي 58 کان آر ڊي 64 ميل وارو حصو انتهائي ڪمزور آهي، ان جي مرمت ڪرائي وڃي، ٻي صورت ۾ پاٽ شريف ۽ ان سان گڏ ٻيا به ڪيترائي ڳوٺ ٻوڏ سبب ٻڏي سگهن ٿا، الله پاڪ جي مهرباني سان اعليٰ اختيارين نوٽيس وٺندي ان بند جي مرمت ڪرائي آهي.

    مفت ميڊيڪل
    30 سيپٽمبر 2011ع تي سگا برانچ پاٽ شريف پاران مهوش اينڊ جهانگير صديقي فائونڊيشن ڪراچي جي سهڪار سان مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ ميل ۽ في ميل ڊاڪٽرن ۽ نرسنگ اسٽاف شرڪت ڪئي، ان موقعي تي 1550 عورتن، مردن ۽ ٻارڙن کي مختلف بيمارين جون دوائون ڏنيون ويون.

    علامه آءِ آءِ قاضي جي ورسي
    13 اپريل 2012ع تي سگا برانچ پاٽ شريف پاران سنڌ جي عظيم فلاسافر علامه آءِ آءِ قاضي جي 44 هين ورسي ملهائي وئي ۽ سندس پاٽ شريف واري جاءِ پيدائش تي گل رکي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

    سال 2012ع کان 2015ع تائين جا عهديدار
    9 سيپٽمبر 2012ع تي سگا برانچ پاٽ شريف جي سال 2015-2012ع جي سمورن دوستن جي متفق راءِ سان باڊي چونڊي وئي، جنهن ۾ هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا.
    صدر محمد اعظم ميمڻ
    نائب صدر نياز احمد برهماڻي
    جنرل سيڪريٽري گلزار علي ڪلهوڙو
    جوائنٽ سيڪريٽري محمد زمان سومرو
    خزانچي خادم حسين چنا
    اطلاعات سيڪريٽري حاڪم علي بٺڙ

    نبي پاڪ جي شان ۾ گستاخي خلاف ريلي
    21 سيپٽمبر 2012ع نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جن جي شان ۾ گستاخي خلاف شهر جي ٻين تنظيمن سان گڏجي پاٽ شريف کان پيارو اسٽيشن تائين ريلي ڪڍي وئي.

    ليڪچر پروگرام
    28 آڪٽوبر 2012ع سگا برانچ پاٽ شريف پاران ”موجوده سماج ۾ نوجوانن جون ذميواريون“ جي موضوع تي ليڪچر پروگرام ٿي گذريو، جنهن تي نامياري ليکڪ سليم چنا تفصيلي ليڪچر ڏنو، هن پروگرام ۾ شهر جي نوجوانن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي سگا پاٽ شريف پاران لائبريري قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.

    حلف برداري تقريب
    18 نومبر 2012ع تي سگا برانچ پاٽ شريف جي سال 2015-2012ع جي چونڊيل باڊي جي حلف برداري تقريب ٿي گذري، هن تقريب جي مهمان خاص اڳوڻي ايم پي اي ۽ فنڪشنل ليگ ضلعي دادو جي اڳواڻ سيد محمد شاهه نون چونڊيل عهديدارن کي حلف کڻايو.

    تعليمي ماهر سائين محمد بخش جي وفات تي سوڳ
    22 نومبر 2012ع سگا برانچ پاٽ شريف پاران سنڌ جي نامياري رائيٽر نصير ميمڻ جي والد صاحب تعليمي ماهر سائين محمد بخش ميمڻ جي وفات تي ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو.

    نوجوانن ۾ BBSYDP جا فارم ورهايا ويا
    10 جنوري 2013ع BBSYDP جي ڪراچي کان آيل ٽيم سان گڏ پاٽ شريف ۽ ان جي آس پاس وارن ڳوٺن جي نوجوانن ۾ مختلف ٽريڊن جي ڪورس وارا درخواست فارم ورهايا ويا.

    لائبريري جو قيام
    پهرين فيبروري 2013ع نامياري ليکڪ سليم چنا جي سهڪار سان لائبريري قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ اٽڪل 2 هزار ڪتاب موجود آهن ۽ نوجوان مطالعو ڪندا رهندا آهن.

    نوجوان کي ويل چيئر ڏني وئي
    2 مئي 2013ع هڪ معذور نينگر صدام حسين برهماڻي کي ويل چيئر ڏني وئي.

    غريبن ۾ عيد جي خرچي ۽ ڪپڙا تقسيم
    28 جولاءِ 2013ع 20 غريب ۽ مسڪين معذور ماڻهن ۾ عيد جي خرچي ۽ ڪپڙن جا جوڙا ورهايا ويا.

    ٻوڏ متاثرن جي سهائتا
    26 کان 31 آگسٽ 2013ع مختلف ڳوٺن ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ ميڊيڪل ڪيمپون لڳايون ويون، انهن جي سهائتا ڪئي وئي.

    بيمار شخص جي مالي مدد
    5 سيپٽمبر 2013ع هڪ انتهائي بيماري ۾ مبتلا شخص بشير احمد سولنگي جي مالي مدد ڪئي وئي.

    ايڪتا ڏهاڙو
    4 ڊسمبر 2013ع ايڪتا ڏهاڙو ملهايو ويو

    پاٽ پراڻيءَ تي سيمينار
    25 ڊسمبر 2013ع تاريخي ماڳ پاٽ پراڻي تي سيمينار ڪرايو ويو، جنهن جو موضوع هو ”پاٽ پراڻيءَ جي تاريخي حيثيت“.

    مفت اکين جي ڪيمپ
    16 ۽ 17 جنوري 2014ع مفت اکين جي ڪيمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ 136 مريضن جا آپريشن ڪيا ويا.

    باهه سڙيل نينگري جي سهائتا
    20 فيبروري 2014ع باهه ۾ سڙيل نينگري پارس جي طبي حوالي سان سهائتا ڪئي وئي.

    صفائي سٿرائي بابت جاڳرتا
    17 مارچ 2014ع اسڪولي شاگردن ۾ ”صفائي سٿرائي“ بابت جاڳرتا پروگرام ڪرايو ويو.

    علامه آءِ آءِ قاضي جي ورسي
    13 اپريل 2014ع علامه آءِ آءِ قاضي جي 46 هين ورسي ملهائي وئي.

    وڌندڙ انتهاپسندي بابت ويهڪ
    20 اپريل 2014ع سنڌ ۾ وڌندڙ مذهبي انتهاپسندي بابت هڪ فِڪري ويهڪ ڪوٺائي وئي.

    شهيد غزاله بتول جي ورسي
    22 مئي 2014ع شهيد غزالا بتول صديقي جي ٻي ورسي ملهائي وئي

    ذهني صحت بابت جاڳرتا
    8 آگسٽ 2014ع ذهني صحت بابت جاڳرتا مهم هلائي وئي.

    6 معذورن ۾ ويل چيئرس تقسيم
    21 سيپٽمبر 2014ع سگا مرڪز جي سهڪار سان 6 معذور مستحق ماڻهن ۾ ويل چيئرس ورهايون ويون.

    گم ٿيل نوجوان کي وارثن تائين پهچايو ويو
    10 آڪٽوبر 2014ع ٺري ميرواهه جي گم ٿيل نوجوان سخاوت علي ٻانڀڻ کي وارثن تائين پهچايو ويو.

    معصوم نينگريءَ کي ويل چيئر ڏني وئي
    24 نومبر 2014ع 8 سالا معذور نينگري نويده ڌيءَ نصير احمد ڪولاچي کي ويل چيئر ڏني وئي.

    پشاور جي شهيدن جي ياد
    17 ڊسمبر 2014ع پشاور سانحي جي شهيد شاگردن لاءِ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو.

    مچ ڪچهري
    3 جنوري 2015ع مچ ڪچهري ڪرائي وئي.

    چمڙيءَ جي بيمارين جي مفت ڪيمپ
    4 جنوري 2015ع WADEP ڪراچي جي سهڪار سان چمڙيءَ جي بيمارين جي مفت ڪيمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ 624 مريضن جي چڪاس ڪري کين دوائون ڏنيون ويون ۽ هن ڪيمپ لاءِ سائين حاڪيم ڪريم بخش صديقي صاحب خصوصي سهڪار ڪيو.

    علامه آءِ آءِ قاضي جي ورسي
    13 اپريل 2015ع عظيم اسڪالر علامه آءِ آءِ قاضي جي 47 هين ورسي ملهائي وئي.

    پورهيتن جو عالمي ڏينهن
    پهرين مئي 2015ع پورهيتن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو.

    مائرن جو عالمي ڏينهن
    10 مئي 2015ع مائرن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو.

    100 مستحقن ۾ عيد جا ڪپڙا تقسيم
    25 جون 2015ع ناصراڻي ويلفيئر فائونڊيشن جي سهڪار سان 100 مستحقين ۾ عيد جا ڪپڙا ورهايا ويا.

    ٻوڏ متاثرن لاءِ رليف ڪيمپ
    24 جولاءِ کان 31 آگسٽ 2015ع تائين ٻوڏ متاثرن جي لاءِ ميڊيڪل ڪيمپون لڳايون ويون ۽ رليف ڪيمپن ۾ ٻوڏ متاثرن جي لاءِ رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪيو ويو.

    سال 2015ع کان 2018ع تائين چونڊيل عهديدار
    2 آگسٽ 2015ع تي سگا شاخ پاٽ شريف جا هيٺيان ساٿي بنا مقابلي ڪامياب ٿيا، جنهن ۾ سال 2015ع کان 2018ع تائين عهديدار چونڊيا ويا.
    صدر محمد اعظم ميمڻ
    نائب صدر محمد زمان سومرو
    جنرل سيڪريٽري گلزار علي ڪلهوڙو
    جوائنٽ سيڪريٽري شهاب الدين لانگاهه
    خزانچي خادم حسين چنا
    اطلاعات سيڪريٽري حاڪم علي بٺڙ
    ۽ BMC تي: نياز احمد برهماڻي، انيس احمد چنا، شاهنواز برهماڻي، شاهد حسين ميمڻ، اياز علي ملاح، محمد بچل ڪلهورو، منصور قمر چانڊيو، صدام حسين چنا، ممتاز علي ملاح چونڊجي آيا.

    ميڊيڪل ڪيمپ
    3 آگسٽ 2015ع گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول پاٽ شريف ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي ئي، جنهن ۾ ڊاڪٽر غلام الله سمون جي نگراني ۾ 80 مريضن جو مفت علاج ڪري کين دوائون ڏنيون ويون.

    شيون تقسيم
    6 آگسٽ 2015ع ناصراڻي ويلفيئر فائونڊيشن جي سهڪار سان ٻوڏ متاثر ٻارڙن ۾ رانديڪا ۽ کائڻ پيئڻ واريون شيون تقسيم ڪيون ويون.

    اسپري
    7 آگسٽ 2015ع تي سگا پاٽ شريف پاران ڊي سي دادو جي سهڪار سان مليريا کان بچاءُ لاءِ مختلف ڳوٺن ۾ مڇر مار اسپري ڪرايو ويو.

    ٻارڙن لاءِ ميڊيڪل ڪيمپ
    8 آگسٽ 2015ع PPHI ۽ BHU پاٽ شريف جي سهڪار سان ڳوٺ اولڊ ڪلري ۾ ٻوڏ متاثر ٻارڙن لاءِ مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ ماهر ڊاڪٽر يامين ٻٻر 150 ٻارڙن جو علاج ڪيو.

    جانورن کي ويڪسين
    13 آگسٽ 2015ع لائيو اسٽاڪ اينڊ اينيمل هسبنڊري کاتي جي سهڪار سان ڊاڪٽر محمد علي آرائين ۽ ڊاڪٽر محمد اعظم چانڊيو جي ٽيم جي نگرانيءَ ۾ بچاءُ بند تي ۽ ٻين ڳوٺن ۾ وڃي 1000 جانورن کي مختلف بيمارين کان بچاءُ جي ويڪسين ڪئي وئي.

    رت جو عطيو
    17 آگسٽ 2015ع سگا شاخ پاٽ شريف جي ٻن ساٿين اياز علي ملاح ۽ ذوالفقار علي ملاح دادو جي هڪ نجي اسپتال ۾ ضرورتمند هڪ بيمار عورت کي رت جو عطيو ڏنو.

    پوليو مهم
    14، 15 ۽ 16 سيپٽمبر 2015ع تيBHU پاٽ شريف جي سهڪار سان مختلف ڳوٺن جي ٻارڙن ۾ پوليو جا ڦڙا پياريا ويا، ٽن ڏينهن واري هن پوليو مهم دوران 1660 ٻارڙن ۾ پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويا.

    ڪتاب جي مهورت
    26 سيپٽمبر 2015ع سگا شاخ پاٽ شريف جي نون چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري تقريب دوران سنڌ جي نامياري اديب ڊاڪٽر حبيب الله صديقي جي شاعري جي ڇپيل ڪتاب ”تازو ڪلام“ جي مهورت ڪئي وئي.

    ميڊيڪل ڪيمپ
    15 نومبر 2015ع الشفا ڪلينڪ پاٽ شريف جي سهڪار سان ماهر ڊاڪٽرن جي سرپرستي ۾ مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ 530 مريضن جي چڪاس ڪري کين مفت دوائون ڏنيون ويون.

    رت جو عطيو
    10 ڊسمبر 2015ع سگا شاخ پاٽ شريف جي ساٿي شاهد حسين ميمڻ دادو سول اسپتال ۾ داخل ٿيلسيميا جي هڪ مريض محمد مٺل برهماڻي کي هڪ رت جي بوتل عطئي طور ڏني.

    ايڪتا ڏهاڙو
    13 ڊسمبر 2015ع سگا پاٽ شريف پاران ايڪتا ڏهاڙو ملهايو ويو.

    رت جو عطيو
    13 جنوري 2016ع سگا شاخ پاٽ شريف جي ساٿي اظهار علي ڪلهوڙي دادو سول اسپتال ۾ داخل ٿيلسيميا جي مريض محمد مٺل برهماڻي کي رت جي هڪ بوتل عطئي طور ڏني.

    مڊوائيف ڪورس
    13 جنوري 2016ع BHU پاٽ شريف ۽ سگا شاخ پاٽ شريف جي سهڪار سان ڳوٺاڻين عورتن ۾ مڊوائيف ڪورس ڪرائڻ لاءِ درخواست فارم ورهايا ويا، سوشل موبلائيزر فيروزالدين ميمڻ ۽ ميڊم سڪينه شرڪت ڪندڙ عورتن کي ان بابت تفصيلي آگاهي ڏني.

    عالمي ٻولي ڪانفرنس ۾ شرڪت
    29، 30 ۽ 31 جنوري 2016ع سگا شاخ پاٽ شريف جي ساٿين محمد اعظم ميمڻ، گلزار ڪلهوڙو، حاڪم علي بٺڙ، محمد بچل ڪلهوڙو، علي رضا منگي ۽ محمد اسلم ملاح ڪراچي ۾ سگا مرڪز طرفان منعقد ٿيل عالمي ٻولي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي 31 جنوري 2015ع تي سگا جي 43 هين سالگرهه ۾ ايوارڊ تقريب دوران سگا پاٽ شريف جي انفارميشن سيڪريٽري حاڪم علي بٺڙ کي بيسٽ ورڪر جو ايوارڊ مليو، سگا پاٽ شريف لاءِ ٽيون ايوارڊ آهي.

    پوليو مهم
    15، 16 ۽ 17 فيبروري 2016ع PPHI ۽ BHU پاٽ شريف جي سهڪار سان ٽن ڏينهن واري پوليو مهم دوران مختلف ڳوٺن جي 1638 ٻارڙن ۾ پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويا، سگا پاٽ شريف جي ساٿين سان فوڪل پرسن سيد لعل شاهه ۽ ايريا انچارج افضل ملاح گڏ هئا.

    مفت اکين جي ڪيمپ
    18 ۽ 19 مارچ 2016ع سگا شاخ پاٽ شريف پاران، سوسائٽي فار پريوينشن اينڊ ڪيور آف بلائينڊنيس پاڪستان جي سهڪار سان ٻن ڏينهن واري مفت اکين جي ڪيپ لڳائي وئي، جنهن ۾ 727 مريض رجسٽرڊ ٿيا، جن مان 110 مريضن جا آپريشن ڪيا ويا، هن ڪيمپ جو افتتاح ڊاڪٽر سنڌيا جوڻيجو صاحبه ڪيو، جڏهن ته آيل مهمانن ۾ اڳوڻو ايم پي اي سيد محمد شاهه ، جاويد اقبال جوڻيجو، ڊاڪٽر نظر محمد جوڻيجو، حاجي ڪريم بخش صديقي، مخدوم سڪندر احمد صديقي، سگا جو مرڪزي اڳواڻ پيرل خان کوسو، منظور حسين اڄڻ، رفيق احمد سرهيو، محمد اسماعيل پنهور ۽ سي اي سي ميمبرن نور محمد سيال، سريش ڪمار واڌواڻي کان علاوه برانچن جي صدرن ۽ جنرل سيڪريٽرين شرڪت ڪئي، ان ڪيمپ ۾ اکين جي ماهر داڪٽرن ڊاڪٽر محمد خان شيخ، ڊاڪٽر عبدالڪريم ميراڻي ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار ٻگهئي مريضن جي چڪاس ڪري آپريشن ڪيا.

    سوئي گئس بحالي لاءِ جدوجهد
    28 مارچ کان 8 اپريل 2016ع تائين سگا شاخ پاٽ شريف پاران پاٽ شريف سميت ٻين ڳوٺن جي سوئي گئس جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪئي وئي، مسلسل جاکوڙ کان پوءِ سوئي گئس انتظاميا سوئي گئس بحال ڪري ڇڏي، شهرين پاران سگا جي اهڙين ڪوششن کي ساراهيو ويو.

    ٽن ڪتابن جي مهورت
    10 اپريل 2016ع سگا شاخ پاٽ شريف پاران سنڌ جي نامياري ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ اديب سليم چنا جي ٽن ڪتابن سونهان منهنجي سنڌ جا، اڄ جو آواز ۽ انمول هيرا جي مهورت ڪرائي وئي.

    علامه آءِ آءِ قاضي جي ورسي
    13 اپريل 2016ع سگا شاخ پاٽ شريف پاران سنڌ جي عظيم اسڪالر علامه آءِ آءِ قاضي جي 48 هين ورسي ملهائي وئي.

    لوڪ فنڪار سان رهاڻ
    24 اپريل 2016ع سگا شاخ پاٽ شريف پاران هتان جي مقامي فنڪار الغوزي نواز محمد ايوب سولنگي سان رهاڻ رچائي وئي.

    مائرن جو عالمي ڏينهن
    8 مئي 2016ع سگا شاخ پاٽ شريف پاران مائرن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو، جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن ماءُ جي عظمت بيان ڪندي کيس ڀيٽا پيش ڪئي.

    شهيد غزالا بتول صديقي جي ورسي
    22 مئي 2016ع سگا شاخ پاٽ شريف پاران سنڌ ڌرتي تان جان گهوريندڙ شهيد غزالا بتول صديقي جي چوٿين ورسي ملهائي وئي.

    سرگرم ساٿي
    نوٽ: واضح رهي ته هن سال جي مختلف سرگرمين ۾ سگا شاخ پاٽ شريف جي ساٿين محمد اعظم، گلزار ڪلهوڙو، شاهد حسين ميمڻ، حاڪم علي بٺڙ، خادم حسين چنا، صدام حسين چنا، انيس احمد چنا، شهاب الدين لانگاهه، شاهنواز برهماڻي، ممتاز علي ملاح، سيد جمال شاهه، محمد بچل ڪلهوڙو، مختيار علي چنڙ، محمد زمان سومرو، اياز علي ملاح، ذوالفقار علي ملاح، الهبچايو برهماڻي، نياز احمد برهماڻي، مخدوم سڪندر احمد صديقي ۽ ٻين هنن سرگرمين ۾ جاکوڙ ڪئي ۽ ڀرپور نموني سان سماجي ڪمن ۾ حصو ورتو.

    سگا جي باني ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ جي سالگرهه
    4 جون 2016ع سگا شاخ پاٽ شريف پاران سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي باني ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ جي 74 هين سالگرهه ملهائي وئي، ان موقعي تي شريڪ ٿيندڙ ساٿين پاران ڊاڪٽر محمد سليمان جي سماجي خدمتن تي روشني وڌي وئي ۽ لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندي کيس خراج تحسين پيش ڪيو ويو.

    مستحقن ۾ راشن ۽ عيد خرچيءَ جي ورهاست
    3 جولاءِ 2016ع تي سگا شاخ پاٽ شريف پاران غريب ۽ مستحق 50 ماڻهن ۾ عيد جو راشن ۽ عيد جي خرچي تقسيم ڪئي وئي، خاص تعاون محترم رفيق احمد سرهيو، سيڪريٽري هيلٿ سگا محترم رفيق احمد ميمڻ ۽ سجادعلي ميمڻ.

    صحافي ۽ سماجي ڪارڪن علي رضا منگي جي مان ۾ آجياڻو
    17 سيپٽمبر 2016ع تي سنڌ جي نامور صحافي آواز ٽي وي جي نيوز اينڪر ۽ سماجي اڳواڻ علي رضا منگي پاٽائي جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو.

    ايڪتا ڏهاڙو
    4 ڊسمبر 2016ع تي سگا شاخ پاٽ شريف پاران ايڪتا ثقافتي ڏهاڙو ملهايو ويو، جنهن ۾ شاگردن، استادن، سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ شهرين شرڪت ڪئي.

    چمڙيءَ ۽ شوگر جي بيمارين جي مفت ڪيمپ
    12 ڊسمبر 2016ع تي سگا شاخ پاٽ شريف پاران WADEP واڊيپ جي سهڪار سان چمڙيءَ ۽ شوگر جي بيمارين جي علاج لاءِ فخر ڪريم اسڪول پاٽ شريف ۾ مفت ڪيمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ چمڙي جي 519 مريضن ۽ شوگر جي 192 مريضن کي چڪاسي مفت دوائون ڏنيون ويون ۽ ٽوٽل 711 مريصن کي فائدو رسيو.

    مستحقن کي راشن
    4 جنوري 2017ع تي سگا شاخ پاٽ شريف پاران اولڊ ڪلريءَ جي هڪ مستحق کي هڪ مهيني جو راشن وٺي پهچايو ويو.

    مستحق عورت کي ويل چيئر
    پهرين فيبروري 2017ع تي سگا شاخ پاٽ شريف پاران هڪ غريب مستحق عورت مسمات جادل کي ويل چيئر ڏني وئي، جيڪا غلام رضا ڪلهوڙي جي سهڪار سان ملي.

    ٻن ڏينهن واري مفت اکين جي ڪيمپ
    5 ۽ 6 فيبروري 2017ع تي فخر امداد فائونڊيشن پاران سگا پاٽ شريف جي سهڪار سان BHU پاٽ ۾ ٻن ڏينهن واري مفت اکين جي ڪيمپ لڳائي وئي، جنهن جو افتتاح ضلع ڪائونسل دادو جي چيئرمين سردار اشرف خان سولنگي ڪيو، جڏهن ته ايم پي اي پير مجيب الحق پڻ ڪيمپ وزٽ ڪئي، سگا جي سيڪريٽري صحت رفيق احمد سرهئي خاص مهمان جي حيثيت ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي پاٽ شريف ۽ آس پاس ڪيترن ئي ڳوٺن جا مريض پهتا ۽ اکين جي ماهر ڊاڪٽرن ڊاڪٽر محمد خان شيخ ۽ ڊاڪٽر ضمير احمد انصاري پاران 615 مريضن کي چڪاسيو ويو، جنهن مان 139 مريضن جا آپريشن ڪيا ويا، اسپيشل ٿنڪس سراج الدين صديقي صاحب انچارج FIF ڪراچي.

    اولڊ ڪلري ۾ ميڊيڪل ڪيمپ
    18 فيبروري 2017ع تي سگا شاخ پاٽ شريف پاران DHO دادو جي سهڪار سان ڳوٺ اولڊ ڪلريءَ ۾ سگا اڳواڻ حاڪم علي بٺڙ جي اوطاق تي مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ ماهر ڊاڪٽرن جي ٽيم 407 مريضن جي چڪاس ڪري کين مفت دوائون ڏنيون.

    آدمشماري جاڳرتا مهم
    12 مارچ 2017ع تي سگا شاخ پاٽ شريف پاران برانچ جي صدر محمد اعظم ميمڻ جي اڳواڻي ۾ آدمشماري جاڳرتا مهم شروع وئي، ان موقعي تي پاٽ شريف ۽ ان جي آس پاس وارن ڳوٺن جي ماڻهن سان ملاقاتون ڪيون ويون، پمفليٽ ورهائي کين آدمشماري بابت آگاهي ڏني وئي.


    پاٽ شريف کي ڀيٽا

    شاعر: حميد ميمڻ

    پاٽ شريف جا ڌَرتيءَ تي هِنِ ڪيئين وڏا احسان ڏسو،
    ڪيئِي پارس پيدا ڪيائين صاحبَ ڪي سُلطان ڏسو.

    ڪي پيِر ڏِنئين ڪي مِير ڏِنئين ڪي وَڻجارن جا وِيرَ ڏِنئين،
    ڪي محبت ڀريا موتِيءَ دانا گُلِشَنَ جا گُلِدانَ ڏِسو.

    سَچُ کنيائون ساڻُ سَفَر ۾ رِندن واري راههَ وڍي،
    سنڌُ ڌَرتيءَ تي اَڄُ ڀِي آهن صوفِي خِدمَتگار ڏسو.

    آ اِيندي خوشبوءِ آبِ زَم زَم پاٽ شريف جي پاڻيءَ مان،
    هِن ڀونءِ ڀلاريءَ جو ڪيو آ مالِڪَ مَٿاهون مان ڏسو.

    پاٽ شريف جِي پنهنجي سُڃاڻپَ ملڪ سڄي ۾ ميمڻ آ،
    هِنڌ سِنڌُ ۾ به چرچا هن جا خاصَنِ خاصُ بيان ڏسو.


    بئڪ ٽائيٽل تصوير


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 822
    ڪتابن جو مشاهدو: 1874801
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 508845
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ