ڪتاب جو نالو: پراڻو قرض
مصنف: ڪرشن چندر / ڀون سنڌي
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2019
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 16 سيپٽمبر 2019 ع
پڙهيو ويو: 826 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 211 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ڪرشن چندر جي 17 ڪهاڻين جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن جو سنڌيڪار ناميارو شاعر، ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار ڀَون سنڌي آهي. مھاڳ ۾ ممتاز بخاري لکي ٿو: ”ڀون سنڌيءَ جا اهي وڙ اڳ ۾ به موجود آهن جو هنن پرڏيهي ادب مان بهترن چونڊ ڪري ترجما ڏنا آهن ۽ اهي ڪتابي صورت ۾ ڇپيا آهن. ترجمو بنيادي طور تي ٻي تخليق جيترو ئي محنت طلب ڪم آهي. ڌاري ٻوليءَ مان پنهنجي ٻوليءَ جو حصو بڻائڻ انتهائي محنت ۽ ڌيان وارو ڪم آهي، اهو تيستائين ممڪن نه ٿي سگهندو آهي جيستائين پنهنجي ٻوليءَ سان پيار نه هجي ۽ ٻي ٻوليءَ جي عزت نه هجي. ڀون سنڌي ”پراڻو قرض“ جون سترنهن جون سترنهن ڪهاڻيون اهڙي پيار ۽ چاهه سان ترجمو ڪيون آهن جو جيڪڏهن مون کي اها خبر نه هجي ته اهي ڌاري ٻوليءَ جون آهن ته مان ڪرشن چندر جون اهي سنڌي ڪهاڻيون ئي سمجهان ها.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • مهاڳ
  • رتي ڪڻا
  • ڪھاڻيون

  • بي رحم رستا
  • پور و ڇوٽي
  • بيوقوفي
  • مقدس
  • پراڻو قرض
  • ٿالهيءَ جو واڱڻ
  • ڏڪار اپايو
  • قومي شاعر
  • آدم خور
  • ڪتا پلاننگ
  • جتي جيون جوت جلي
  • گيت ۽ پٿر
  • نهرو ۽ جناح جي نانءُ هڪ طوائف جو خط
  • سيٺ صاحب
  • مڇيءَ جو ڄار
  • بي داغ فولاد
  • ڪرسيءَ جي آتم ڪهاڻي

  • حق ۽ واسطا

    ڪتاب جو نالو: پراڻو قرض
    موضوع: پرڏيهي ڪهاڻيون
    ليکڪ: ڪرشن چندر
    سنڌيڪار: ڀون سنڌي
    تعداد: هڪ هزار
    ڇاپو پهريون: اپريل 2019
    پاران: نئون نياپو اڪيڊمي
    C-4 سچل ڳوٺ، گلشن اقبال ٽائون، ڪراچي سنڌ
    Ph # 021- 34690389 Cell # 0333-32115821

    مُلهه: 200/=

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ارپنا

    هن ڌرتي جي گولي تي،
    انسانيت جي بقا لاءِ،
    واحد ۽ آخري حل،
    ڀائيچاري،
    سهپ،
    ۽ رواداري
    جي نانءَ.


    - ڀوَن سنڌي


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”پراڻو قرض“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب ڪرشن چندر جي 17 ڪهاڻين جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن جو سنڌيڪار ناميارو شاعر، ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار ڀَون سنڌي آهي.
    مھاڳ ۾ ممتاز بخاري لکي ٿو:
    ”ڀون سنڌيءَ جا اهي وڙ اڳ ۾ به موجود آهن جو هنن پرڏيهي ادب مان بهترن چونڊ ڪري ترجما ڏنا آهن ۽ اهي ڪتابي صورت ۾ ڇپيا آهن. ترجمو بنيادي طور تي ٻي تخليق جيترو ئي محنت طلب ڪم آهي. ڌاري ٻوليءَ مان پنهنجي ٻوليءَ جو حصو بڻائڻ انتهائي محنت ۽ ڌيان وارو ڪم آهي، اهو تيستائين ممڪن نه ٿي سگهندو آهي جيستائين پنهنجي ٻوليءَ سان پيار نه هجي ۽ ٻي ٻوليءَ جي عزت نه هجي. ڀون سنڌي ”پراڻو قرض“ جون سترنهن جون سترنهن ڪهاڻيون اهڙي پيار ۽ چاهه سان ترجمو ڪيون آهن جو جيڪڏهن مون کي اها خبر نه هجي ته اهي ڌاري ٻوليءَ جون آهن ته مان ڪرشن چندر جون اهي سنڌي ڪهاڻيون ئي سمجهان ها.“
    هي ڪتاب نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ ڪراچي پاران 2019ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون ڀون سنڌيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مهاڳ

    سنڌ جي ادبي حلقن توڙي ادب پڙهندڙن ۾، ڪرشن چندر ايئن سڃاتو ويندو آهي جيئن هتان جا ٻيا مقبول ليکڪ. ان جو سبب اهو آهي ته ڪرشن چندر جي ڪهاڻين توڙي ناولن جا موضوع هتان جي سماجي زندگيءَ جا ئي لڳندا آهن. ڪرشن چندر جو جنم 23 نومبر 1914ع ڌاري راجستان جي شهر ڀرتپور ۾ ان وقت ٿيو، جڏهن سندس پيءُ گوري شنڪر چوپڙا اتي ڊاڪٽر طور پوسٽ ٿيو، سندس ڪٽنب برطانوي پنجاب جي شهر وزير آباد جو هو، جيڪو هاڻي پاڪستان ۾ شامل آهي. هن جي پيءُ جو پيشو اهڙو هو جو کيس مختلف هنڌن تي رهڻو پوندو هو ان ڪري هو ٻارڙو ئي هو ته سندس پيءُ ڄمون ڪشمير ۾ پونچ جي مهاراجا وٽ پوسٽ ٿيو. هو لاهور ۾ به رهيو. سندس لکڻين ۾ هن جي زندگيءَ جا عڪس به ملن ٿا.
    ڪاليجي ڏينهن کان هن لکڻ شروع ڪيو، هندي ۽ اردو ۾ لکيائين. سندس پهرين اردو ڪهاڻي “ساڌو” 1932ع ڌاري ڇپي. ان کانپوءِ هن جي لکڻ وارو ڪم هن جي عادت بڻجي ويو. 8 مارچ 1977ع تي ممبيءَ ۾ وفات ٿيڻ تائين هن 20 ناول لکيا ۽ سندس 30 ڪهاڻين جا مجموعا ڇپيا. ريڊيو جا ڊراما به لکيائين، فلمي صنعت سان به سلهاڙيل رهيو. ڪيئي مضمون ۽ خاڪا به سندس ڪريڊٽ تي آهن. پر سڀ کان وڏو ڪريڊٽ اهو اٿس جو سعادت حسين منٽو، راجندر سنگهه بيدي، عصمت چغتائي جهڙن عظيم لکارين جي وچ ۾ ۽ بعد ۾ ايندڙ ٻين بهترين ليکڪن خوشونت سنگهه، احمد نديم قاسمي ۽ ٻين جي موجودگيءَ ۾ هن پنهنجي انفراديت قائم رکي. ان وقت جي ادبي ترقي پسند تحريڪ جي مهندارن ۾ شامل رهيو. ان ڪري هن کي هندستاني ليکڪ بجاءِ ننڍي کنڊ جو عظيم ليکڪ سمجهيو ويندو آهي.
    سندس اڪثر ڪهاڻين يا ناولن جا ڪردار پيڙهيل طبقي سان واسطو رکن ٿا. جڏهن ته ورهاڱو توڙي ڪشمير ۽ سندس لاهور واري زندگي به سندس موضوعن ۾ شامل آهي. هن جي ڪهاڻين ۾ محبت ۽ وڇوڙن، ڏک ۽ پريشانين، قومي آجپي ۽ سماجي برابري جهڙن معامرن کي اپٽاريو آهي. جڏهن ته جديد ادبي ڌارائن سان به سلهاڙيل رهيو آهي. “دو فرلانگ لمبي سڙڪ” stream of consciousness جو بهترين مثال آهي. ڳالهه ٻڌائڻ جو ڏانءُ انوکو اٿس. اردو، هندي ۽ انگريزي ٻولين ۾ سندس لکيل سمورو مواد هڪ ٻئي کان زور لڳي ٿو.
    ڪرشن چندر جو اردو ۾ ڇپيل مواد هڪ پاسي پر هن کي سنڌي ليکڪن به سنڌيءَ ۾ اهڙي نموني ترجمو ڪري پيش ڪيو آهي، جو ڪرشن چندر ڄڻ سنڌي ليکڪ بڻجي ويو هجي، اهڙن ترجمي نگارن ۾ ڀون سنڌي به نمايان آهي، جنهن جا اهي وڙ اڳ ۾ به موجود آهن جو هنن پرڏيهي ادب مان بهترن چونڊ ڪري ترجما ڏنا آهن ۽ اهي ڪتابي صورت ۾ ڇپيا آهن. ترجمو بنيادي طور تي ٻي تخليق جيترو ئي محنت طلب ڪم آهي. ڌاري ٻوليءَ مان پنهنجي ٻوليءَ جو حصو بڻائڻ انتهائي محنت ۽ ڌيان وارو ڪم آهي، اهو تيستائين ممڪن نه ٿي سگهندو آهي جيستائين پنهنجي ٻوليءَ سان پيار نه هجي ۽ ٻي ٻوليءَ جي عزت نه هجي. ڀون سنڌي “پراڻو قرض” جون سترنهن جون سترنهن ڪهاڻيون اهڙي پيار ۽ چاهه سان ترجمو ڪيون آهن جو جيڪڏهن مون کي اها خبر نه هجي ته اهي ڌاري ٻولي جون آهن ته مان ڪرشن چندر جون اهي سنڌي ڪهاڻيون ئي سمجهان ها. ڪجهه مثال هي آهن:
    “هڪ ٿالهه وارو هڪ بابو سان جهڳڙو ڪري رهيو آهي. پر توهان منهنجو ٿالهه اونڌو ڪيو آهي. آئون توهان کي وڃڻ نه ڏيندس. منهنجو ٽن رپين جو نقصان ٿي ويو. آئون غريب ماڻهو آهيان. منهنجو نقصان پورو ڪريو ته گهر وڃڻ ڏيندس.”

    ڪهاڻي: بي رحم رستا
    “ڪرسچن حسينه نڪ تان رومال هٽائي ڇڏيو ڀرسان ويٺل ماڻهو کلڻ لڳا. مهاڻي عورت اڃان زور زور سان ٻيڙي پيئڻ لڳي. کلڻ ۽ ٻيڙي پيئڻ جي درميان کنگهه اچي ويئي. هاڻي هوءِ کلي رهي هئي ۽ ٻيڙي جا دونها هن جي ناسن مان نڪري رهيا هئا. هن جي اکين جي هيٺان ۽ ڪنن جي ويجهو جهريون اڃان به گهريون ٿي ويون هيون ۽ ڪنن ۾ سون جو ڳرو جهمڪو ڪنهن چاندي جهڙي مڇي جيان ائين لٽڪي رهيو هو ڄڻ مڇي ڪنڊي ۾ ڦاسي تڙپي رهي هجي.”

    ڪهاڻي: پور وڇوٽي
    “اڄ کان ٻه سئو سال پهرين انگريزن فيلڊ لفيا جي گهرجا گهر جي عمارت کي نقصان پهچايو هو. اُن لاءِ اوهان ڇهه پائوند اٺ شلنگ ۽ هڪ پينس جو هرجاڻو ادا ڪري، جيڪو قدم کنيو آهي اُن لاءِ آئون توهان جو دلي شڪريو ادا ڪريان ٿو. اڄ کان ڏيڍ سال پهرين اهڙي طرح انگريز فوجن لڙائي ۾ منهنجي ٻن مندرن کي نقصان پهچايو هو. انگريز فوجن جي گولاباري سان اسان جو هڪ مندر ته بلڪل ڀڄي پيو هو ۽ ٻئي جي چئوديواري ڪري پئي هئي. اُن زماني جي تحصيلدار نقصان جو ڪاٿو ٻه لک لڳايو هو. مهرباني ڪري هي رقم جلد کان جلد موڪلڻ جي زحمت ڪندا. نقصان جو تخمينو تحصيلدار بنارس جي تحريري ثبوت سان گڏ اوهان جي خدمت ۾ موڪلي رهيو آهيان.”

    ڪهاڻي: پراڻو قرض
    ايئن پيو لڳي ڄڻ مان سنڌي ڪهاڻيون ئي پڙهي رهيو آهيان. ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته ترجمي ۾ ڪهاڻين سان به ڪا ڇيڙ ڇاڙ نه ڪئي وئي آهي، جيئن عام طور ڏٺو ويندو آهي ته ترجمانگار ڪم ٽپائو وارو طريقو اختيار ڪندي جملن ۽ لفظن جو پنهنجو مطلب ڏئي ڇڏيندا آهن. پر هڪڙي ڳالهه آهي ته عام طور اسان وٽ اردوءَ جا جيڪي لفظ رائج آهن اهي به ترجمي ۾ ڪتب آندا ويا آهن، جن جا سنڌي لفظ موجود آهن. پر ڀون سنڌي جي ترجمي جي اها خصوصيت لڳي پئي ته انهن لفظن کي پنهنجي جاءِ تي استعال صحيح ڪيو اٿائين، پر بهتر اصل سنڌي لفظ ئي لڳندو. هي سترنهن ڪهاڻيون انساني جبلتن جو اظهار به آهن ته انساني قدرن سان ٿيندڙ جٺ ۽ انياءُ جو اڇو چٺو به آهن. ڪرشن چندر جي ڪهاڻين جا هن کان اڳ تاج جويو ۽ زيب سنڌيءَ پاران هڪ گڏيل ڪتاب ۾ به ترجما شامل ڪيا ويا آهن، موهن ڪلپنا، ولي رام ولڀ، بيدل مسرور، ٻين به سندس تخليقي ادب کي سنڌي ادب جي ترجمي واري ڀاڱي جو حصو بڻايو آهي. سو ڀون به سنڌ جو سڃاڻ ليکڪ آهي جنهن کي اها پڪي ڄاڻ آهي ته ترجمي جي اهميت ڪهڙي آهي. ڇو ته بنيادي طور هو هڪ تخليقي ليکڪ آهي جيڪو شاعري به ڪري ٿو ته شاعرن تي لکي به ٿو. جيئن هو سرويچ سجاوليءَ بابت لکي ٿو: “سندس محبت ڀريو مشاهدو ۽ شاعري جي اڏام انهن اُٺ ڪتابن جو پڙهيل عالمن، اڪابرن ۽ ڏاهن کان هزار ڀيرا مٿي هئي، جن سرڪاري آشيرواد ۽ وظيفن تي پڙهي عوام جو وقت ۽ پئسو وڃايو آهي. هن جي آتم ڪٿا جيتوڻيڪ تمام ننڍڙي هئي، پر هن جي شاعري جي ڪٿا هن خطي جو پورو دور هئي، جنهن ۾ هتي جو ماضي دفن ٿيل آهي. اجڙيل حال آهي ۽ روشن مستقبل جو تصور آهي. تڏهن ته مان چوندو آهيان ته هن خطي کي فقط هڪ واري لاءِ فطرت جهڙن حسين شاعرن جي حوالي ڪيو وڃي ته دنيا مان نفرت ختم ٿي وڃي ۽ محبت سنڌو ڌارا جيئن دنيا جي هن ڪنڊ کان هُن ڪنڊ تائين ڦهلجي وڃي. ڪنفيوشس چوي ٿو ته گيت دماغن کي بلندين ڏانهن وٺي ويندا آهن، ۽ موسيقي اها وٿ آهي، جنهن سان ڪا شئي مڪمل ٿيندي آهي.”
    هتي اهو مثال ان ڪري پيو ڏيان ته جيئن پڙهندڙن کي پروڙ ٿئي ته سندس فن ۽ ادب بابت هن جي قدر ڪرڻ واري صلاحيت جي خبر پئي. اهڙا سندس ٻيا به ڪيئي ليک آهن. ڇوته پرڏيهي ادب مان چونڊ به هڪ وڏي صلاحيت وارو عمل آهي جيڪو ڀون سنڌي نڀائيندو پيو اچي. سو سائين ڀونداس لوهاڻو جيڪو ادبي نالي ڀون سنڌي سان مشهور آهي ان جا سنڌي ادب تي ترجمي وارا ڪرم به وسارڻ جهڙا ناهن.


    - ممتاز بخاري
    سکر
    4 جنوري 2017ع


    رتي ڪڻا

    هونءَ ته منهنجا پرڏيهي ادب مان سنڌي ۾ ترجمو ڪيل ڪهاڻين جا چار ڪتاب 1_ گوري، گھاگهر ۽ گوندر 2_ سرارن پويان ڊوڙندڙ شخص 3_ درد بڻيو دلربا ۽ 4_ محبت ماريا ماڻهو اوهان تائين پهچي چڪا آهن، پر ڪرشن چندر جو منهنجو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل ڪهاڻين جي پهرئين مجموعي ”اگھاڙپ جو فلسفو“ کانپوءِ سندس ئي ڪهاڻين جي ڪيل سنڌي ۾ ترجمي جو هي ٻيو مجموعو ”پراڻو قرض“ اوهان جي هٿن ۾ آهي. مون پهرئين مجموعي جي مهاڳ ۾ ڪرشن چندر جو تعارف ۽ سندس قلمي پورهئي بابت تفصيل سان ڄاڻايو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن مجموعي لاءِ ٻه اکر لکڻ مهل مون اهو ضروري نه سمجهيو ته ساڳئي ورجاءُ کان ڪم وٺجي. هونءَ به ڪرشن چندر کي ڪير نٿو سڃاڻي؟ هن ننڍي کنڊ جي علم ۽ ادب جي جيڪا مڃتا ۽ سڃاڻپ آهي اها ڪرشن چندر جي ذڪر کان سواءِ اڻپوري آهي ۽ سدائين رهندي.
    منهنجا جڏهن پرڏيهي ڪهاڻين جا ترجما نئون نياپو پاران ڇپائي جي مرحلي مان گذريا پئي ته انهن ۾ ڪرشن چندر جون ڪهاڻيون به شامل هيون. پر پبلشر (سنڌي انعام) جي راءِ هئي ته ڪرشن چندر جي ڪهاڻين کي انهن مجموعن ۾ آڻڻ بدران ڌار سندس ڪهاڻين تي ٻڌل ڪتاب آڻجي. مونکي به اها تجويز وڻي. بس پوءِ سنڌي انعام ڪرشن چندر جي ڪهاڻين جا ڪتاب به موڪلي ڏنا ۽ هڪ عدد فون به گھمايو ته “سائين! توهان جو ڪرشن چندر جي ڪهاڻين جو ڪيل ترجمي جو تعداد مجموعي آڻڻ لاءِ اڻپورو آهي. اڃا ٻه ٽي ڪهاڻيون ترجمو ڪري ڏيو ته ڪتاب مارڪيٽ ۾ آڻيون.” بس پوءِ ڪتاب جي پيٽ جي کوٽ ڀرڻ لاءِ ڪرشن جي ڪهاڻين جو ترجمو ڪرڻ ويٺس. پر ڪرشن چندر جي لکڻين جو سحر جيڪو مون تي ننڍي هوندي کان طاري آهي سو ڀلا ڪٿي ٿو ختم ٿئي؟. هونءَ ته آئون ترجمي جي معاملي ۾ انتهائي محتاط رهيو آهيان، گھٽ ۾ گھٽ ڏهه پندرهن ڪهاڻيون پڙهندو آهيان ۽ انهن مان ورلي ڪنهن هڪ ئي ڪهاڻي جي ترجمي لاءِ چونڊ ڪندو آهيان. پر ڪرشن چندر جي هر ڪهاڻي کي پڙهڻ کانپوءِ ان کي ترجمو ڪرڻ تي دل چاهيو ۽ نتيجي ۾ مجموعي لاءِ گھربل ٻن ٽن ڪهاڻين جي بدران آئون کوڙ ساريون ڪهاڻيون ترجمو ڪري ويٺس. ۽ ايئن ڪرشن چندر جي ڪهاڻين جا سنڌي ۾ ترجمي جا هڪ بدران ٻه مجموعا اوهان جي هٿن تائين پهچي رهيا آهن.
    مون ٿورو گهڻو جيترو به پرڏيهي ادب کي پڙهيو آهي ته مونکي گھڻو ڪري لڳو آهي ته ڪهاڻيڪار يا ناول نويس (شاعر کي آئون ان ۾ شامل نٿو ڪريان) ڪنهن به ڪهاڻي يا ناول کي سرجڻ لاءِ ان جو پهريان خاڪو (پلاٽ)گھڙيندو آهي. پوءِ ان لاءِ منڍ، ڪلائيميڪس، ٺهڪندڙ ڪردار، منظرنگاري ۽ لفظن ۽ جملن (ڊائلاگ وغيره) جو استعمال اهڙي ريت ڪندو آهي جئين اها لکت پڙهندڙن تي ڀرپور اثر ڪري ۽ ادب ۾ پنهنجو ڌار مقام ماڻي، پر ڪرشن چندر جي لکڻين مان مونکي ايئن نه لڳو آهي. هو ڪهاڻي يا ناول وغيره لکڻ لاءِ ڪا خاص تياري (شعوري ڪوشش) ڪندي نطر نٿو اچي. ۽ نه ڪو هٿراڌو منڊل منڊي ٿو. هن جي ناولن ۽ ڪهاڻين جا ڪردار زندگيءَ ۾ جيئن آهن، ڪهاڻين ۾ به تيئن ئي آهن. بنا ميڪ اپ ۽ ڪاسٽيوم جي هلندڙ گھمندڙ، اوهان جي آسپاس جتي ڪٿي ملندا. ريل جي دٻي ۾، طوائف جي ڪوٺي تي، بازارن ۾ مال کپائيندي، سيٺ جي پيڊي تي، بند حويلين ۾، اسپتال جي سسڪيون ڀريندڙ بسترن تي، اسڪول ۾ وڃايل ڪتابن ۾، بند شوڪيسن جي دڪانن تي، غربت ۽ اميريءَ جي وچ ۾ پاتل ليڪن تي، باغن، برن، ڀٽن ۾ اوسيئڙي ۾ وڇايل اکين ۾، سرڪاري آفيسن ۽ سياسي ايوانن ۾، جھوپڙي ۾ جاڳندڙ دردن ۽ محلن ۾ ماڻجندڙ مستين م، ٻاڪڙا هوٽل ۾ آئيندي جا خواب ڏسندي چانهه جي ڪوپ تي..... ۽ پوءِ جڏهن ڪرشن چندر جا لفظ انهن کي ڪهاڻي يا ناول جي تاڃي پيٽي ۾ آڻين ٿا ته ايئن محسوس ٿئي ٿو ته هي شعوري يا دانسته لکت ٿي ئي نٿي سگھي. هي ته اندر ۾ پيهي نڪرندڙ اکر آهن ۽ ايئن في البديع، جيئن شاعر شعر سرجيندا آهن ۽ امرتا ماڻيندا آهن. ۽ پوءِ.... ماڻهوءَ کي ايئن محسوس ٿيندو ته هي ڪنهن ناول يا ڪهاڻيءَ جا ڪردار نه پر مان پاڻ آهيان. انهن جا درد، انهن جا ڪرب، انهن جو خوشيون ۽ انهن جا ٽهڪ پنهنجا محسوس ٿيندا آهن. انهن جا سپنا پنهنجا سپنا ۽ انهن جو آجپو پنهنجو آجپو ڀائيندو آهي، ۽ سونهن ۽ سوڀيا جا سڀ رنگ ۽ فڪر جون سڀ ڦرهيون هن جي اندر کي روشن ڪري چڪيون آهن.
    ڪرشن چندر جي ڪهاڻين جو پنهنجو ماحول ۽ پنهنجي مخصوص انداز واري ٻولي آهي، جنهن جو ڪينواس هن جي پنهنجي ڌرتي ۽ اُن تي وسندڙ مخلوق آهي. هر ٻولي جي پنهنجي سونهن، خوشبوءِ، مزاج ۽ ماحول آهي. مون پنهنجي طور تي اها ڪوشش ڪئي آهي ته ڪرشن جي ڪهاڻين کي سنڌي ۾ اُٿلو ڪرڻ وقت هن جي پنهنجي ٻولي جي چاشني، بيهڪ ۽ ماحول جي رنگ ۾ ڀنگ نه پوي ۽ سنڌ جو پڙهندڙ ترجمو ڪيل ڪهاڻين کي پڙهڻ مهل به اُهائي خوشبوءِ محسوس ڪري جيڪا هن جي اصل لکڻين ۾ محسوس ٿئي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو اُردو جي لفظن ۽ محاورن جو سنڌي ۾ نعم البدل هئڻ جي باوجود به، مون شعوري طور تي ترجمي ۾ ڪٿي ڪٿي اُردو ٻولي جا ساڳيا لفظ ۽ محاورا برقرار رکيا آهن. (اُهي لفظ ۽ محاورا سنڌي ۾ به عام طور استعمال ٿين ٿا ۽ سٺي نموني سمجهيا وڃن ٿا ۽ اُنهن ۾ اوپرائپ جو احساس نٿو ٿئي) ڇو جو مان ڄاڻان ٿو ته هر ٻولي ۾ ڪي خاص لفظ ۽ محاورا اهڙا هجن ٿا جيڪي ئي فقط اُن ٻولي جي ڌرتي، بيهڪ ۽ ماحول جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿا ۽ خوام خواهه جي ترجمي سان اُهي پنهنجي معنيٰ، مفهوم، پس منظر ۽ اصليت وڃائي ويهن ٿا ۽ ..... به لڳن ٿا. ڪير کڻي منهنجي راءِ سان ڀلي سهمت نه ٿئي ۽ اهو سندس حق به آهي. پر مون اهو بهتر ۽ مناسب سمجهيو ته انهن لفظن ۽ محاورن جي اجائي ڇيڙڇاڙ يا وڍ ڪٽ نه ڪجي ۽ اهڙي طرح ڪرشن چندر ڪهاڻين جي اصل مزاج ۽ روح جي سونهن ۽ سڳنڌ کي قائم رکجي.
    ڪرشن چندر جي لکڻين ۾ جتي جاگيرداري ۽ سرمايه داري سماج ۾ پلجندڙ انسانن جي زندگي، حالتن ۽ ان تي اثرانداز ٿيندڙ ڪيفيتن جو گھرو مشاهدو نظر اچي ٿو. اتي طوفان کان به تيز اٿندڙ اشتراڪي نظام (ڪميونزم) جو انساني سماج ۽ دنيا تي پوندڙ اثر جو اولڙو پڻ پسي سگھجي ٿو.
    ڪرشن چندر جنهن دور ۾ ساهه کنيو ان دور جو سماج، حالتون ۽ رهڻيون ڪهڻيون ٻيون هيون. جاگيرداري کان وٺي سرمائيداري نطام تائين، ڪميونزم کان وٺي گلوبل وليج تائين، دنيا ۾ ڪافي اٿلون پٿلون آيون آهن. ڪالهه وارو سماج اڄ ناهي، ڪالهه واريون حالتون اڄ ناهن ۽ سڀاڻي اڄ واريون حالتون نه رهنديون، پر منهنجي نظر ۾ ڪرشن چندر جي لکڻين جو وڏو ڪمال اهو آهي ته هن جون لکڻيون. جڏهن ڪالهه به مقبول هيون ۽ ماڻهن جن دليون موهينديون رهيون ته اهي اڄ به ماڻهن کي پاڻ ڏي ڇڪين ٿيون. اهو انهي ڪري جو ڪرشن چندر اسان جي لطيف جذبن ۽ احساسن کي بخوبي سمجهي لکيو ۽ انسان جا لطيف جذبا ۽ ڪومل احساس ڪڏهن به ماضي بڻجي نٿا سگھن. سماجي، سياسي، معاشي حالتن ۾ ڀلي ڦير يا تبديلي اچي پر پيار، محبت، درد ڪرب، خوشي، ٽهڪ، خوشبو، فطرتي سونهن ۽ منظر ۽ انساني قدر هر دور ۾ پنهنجي سگهه ۽ جلا سان پاڻ موکيندا ۽ موهيندا رهندا. ڪرشن چندر جي لکڻين ۾ انهن سڀني ڪيفيتن جو پرتئو موجود آهي. هن جي قلم انساني روح جي گھراين ۾ ٽٻيون هڻي اهي موتي آڻي ڏنا آهن جن جي چمڪ کي وقت ڪڏهن به ڪسارو نٿو ڪري سگھي ۽ نه ئي انهن جو نور جھڪو ڪري سگھجي ٿو.
    هن جي لکڻين ۾ اسان جي ازلي پيڙائن ۽ ابدي خوشين جو احساساتي ذڪر آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪرشن چندر ڪالهه به ماڻهن ۾ زياده پڙهيو ويندڙ ليکڪ هو ۽ اڄ به هن جو شمار زياده پڙهيو ويندڙ ليکڪن ۾ ٿئي ٿو. هن کي وقت ڪڏهن به فنا جي عفا ۾ گم نٿو ڪري سگھي.


    ڀُونءِ جو بندو

    ڀوَن سنڌي
    bhawansindhi1@gmail.com


    ڪھاڻيون

    بي رحم رستا

    ڪورٽن کان وٺي لا ڪاليج تائين بس اها ڪا ئي ٻه فرلانگ سڙڪ هوندي. هر روز مون کي هن سڙڪ تان گذرڻو پوندو آهي. سڙڪ جي ٻنهي پاسي ٽالهي جا سڪل اداس وڻ بيٺل آهن. اُنهن ۾ نه حسن آهي نه ئي ڪا ڇانو. سخت، کرکرا، ٿڙن ۽ ٽارين وٽ گڏهن جا ڪٽڪ، سڙڪ صاف سڙي، سڌي ۽ سخت آهي. مسلسل نون سالن کان ان تي هلي رهيو آهيان. نه هن ۾ ڪو کڏو ڏٺو آهي نه ئي ڪو ڏار، سخت پٿرن کي ڪٽي هي سڙڪ تيارڪئي وئي آهي. ۽ هاڻي هن تي ڏامر به وڇايو ويو آهي. جنهن جي عجيب قسم جي بوءِ گرمي ۾ طبيعت کي پريشان ڪري ڇڏيندي آهي.
    سڙڪون ته مون به جام ڏٺيون آهن. ڊگهيون ڊگهيون، ويڪريون ويڪريون سڙڪون، ڏامر سان ڍڪيل سڙڪون، سڙڪون جن تي ڳاڙهي بجري وڇايل هئي، سڙڪون جن جي چوگرد سرو ۽ شمشاد جا وڻ لڳل هئا. سڙڪون...... پر نالو ڳڻائڻ مان ڇا فائدو. انهيءَ طرح ته لاتعداد سڙڪون ڏٺيون هونديون. پر جيترو بهتر آئون هن سڙڪ کي سڃاڻان ٿو ڪنهن گهري دوست کي به اهڙي سٺي نموني نٿو ڄاڻان. لڳاتار نون سالن کان ان کي سڃاڻان ٿو ۽ هر صبح پنهنجي گهر کان دفتر وڃان ٿو. جيڪو ڪورٽن جي ويجهو آهي ۽ لا ڪاليج جي ڀرسان آهي. بس اها ٻه فرلانگ جي سڙڪ، هر صبح هر شام ڪورٽن کان وٺي لا ڪاليج جي آخري دروازي تائين، ڪڏهن سائيڪل تي ته ڪڏهن پيادو.
    هن سڙڪ جو رنگ ڪڏهن به نٿو بدلجي. ان جي هئيت ۾ تبديلي نٿي اچي. هن جي شڪل ۾ هميشه رکائپ هوندي آهي. ڄڻ چئي رهي هجي ته “مون کي ڪنهن جي ڪهڙي پرواهه؟” ۽ اهو آهي به سچ. ڀلا اُن کي ڪنهن جي پرواهه ڇو هجي؟ سوين هزارين انسان، ٽانگا، موٽرون ان تان روز لنگهن ٿيون ۽ پويان اُنهن جو ڪو نالو نشان نٿو رهي. ان جي هلڪي نيري ۽ سانوري سطح اهڙي طرح سخت ۽ پٿريلي آهي جهڙي پهريئين ڏينهن هئي، جڏهن اُن کي هڪ يورپين ٺيڪيدار ٺاهيو هو.
    اها ڇا سوچي ٿي؟ شايد اها سوچي ئي نٿي. منهنجي سامهون نون سالن ۾ هن ڇا ڪيو. ڪئين واقعا ۽ حادثا ڏٺا. هر روز هر وقت ڪهڙا تماشا نٿي ڏسي.؟ پر ڪنهن به اُن کي هن وقت تائين مسڪرائيندي نه ڏٺو ۽ نه ئي رئندي. هن جي پٿريلي ڇاتي ۾ اڃان هڪ ڏار به ناهي پيو.
    “هائي بابو! انڌي محتاج غريب فقير تي رحم ڪر. اڙي بابا! اي بابو! خدا جي نالي هڪ پئسو ڏئي وڃ. اڙي ابا ڪوئي ڀڳوان جو پيارو ناهي صاحب! منهنجا ننڍڙا ٻارڙا بک مرن پيا، ڪو ته ترس کائو انهن يتيمن تي.”
    کوڙ سارا فقيران سڙڪ جي پاسن کان ويٺا هوندا آهن. ڪو انڌو آهي ته ڪوئي منڊو ڪنهن جي ٽنگ تي هڪ خطرناڪ زخم آهي ته ڪا غريب عورت ٻن ٽن ٻارن کي پنهنجي گود ۾ ويهاري حسرت پرين نگاهن سان راهه ويندڙن ڏانهن ڏسندي رهي ٿي. ڪو پيسو ڏيئي وڃي ٿو ۽ ڪو منهن ڦٽائي گذري وڃي ٿو. ڪو گاريون ڏي ٿو. حرامزادا ڪم نٿو ڪرين، خيرات ٿو وٺين.
    ڪم، ڌنڌو، بيروزگار، خيرات
    ٻه ڇوڪرا سائيڪل تي کلندا وڃن پيا. هڪ پوڙهو امير ماڻهو پنهنجي شاندار فٽن ۾ ويهي سڙڪ تي ويٺل فقيرياڻي کي ڏسي رهيو آهي، ۽ پنهنجين آڱرين سان مڇن کي تاءُ ڏئي رهيو آهي. ايتري ۾ هڪ ڪتو فٽن جي ويلن جي هٺيان اچي ويو آهي. هن جون چيلهه جون هڏيون ڀڄي پيون آهن ۽ اُن مان خون وهي رهيو آهي. هن جي اکين ۾ درد، بي وسي هن جون هلڪيون رڙيون ڪنهن کي پنهنجي طرف ڌيان ڇڪائي نٿيون سگهن. پوڙهو ماڻهو هاڻ ڪار جي سيٽ تي جهڪي اُن عورت کي ڏسي رهيو آهي، جنهن کي خوبصورت ڪاري رنگ جي ساڙهي پاتل آهي ۽ پنهنجي نوڪر سان ڳالهيون ڪندي وڃي رهي آهي. هن جي ساڙهي جي پلئه تي ڪيل موتين جي جڙاءُ پوڙهي جي لالچي اکين ۾ چنڊ جي ڪرڻي جيان چمڪي رهيو آهي.
    وري رکي رکي سڙڪ سنسان ٿي وڃي ٿي. صرف هڪ جڳهه ٽالهي جي ڇڊي ڇانو ۾ هڪ ٽانگي وارو گهوڙي کي ڇوڙي ساهي ڏياري رهيو آهي. گڏهه ٽارين تي ويهي هينگو ڏيئي رهيا آهن. پوليس جو سپاهي اچي ٿو. هڪ زور سان سيٽي هڻندي، اوٽانگي وارا! هتي ڇا ڪري رهيو آهين؟ ڇا نالو آهي تنهنجو؟ ڪريان چالان؟
    “حجور، حجور (حضور).”
    “حجور جا پٽ هل ٿاڻي تي.”
    “حجور هي ٿورا وٺو.”
    “ٺيڪ آهي وڃ توکي معاف ڪيو.”
    ٽانگي وارو ٽانگي کي تيز ڀڄائي رهيو آهي. رستي ۾ هڪ گورو اچي رهيو آهي. مٿي تي ٽيڙهي ٽوپي، هٿ ۾ بيد جي لڪڻ چهري تي پگهر، چپن تي ڪنهن گاني جا ٻول.
    “ڪئنٽونمينٽ وٺي هل.”
    “اٺ آنا صاحب.”
    “ٺيڪ آهي ڇهه آنا.”
    “نه صاحب.”
    “ڇا ٿو بڪين تون.....”
    ٽانگي واري کي ماريندي بيد جي لڪڻ ٽٽي پوي ٿي. پوءِ ٽانگي واري جو چمڙي جو هنٽر ڪم اچي ٿو. ماڻهو گڏ ٿين ٿا. پوليس جو سپاهي به پهچي وڃي ٿو. حرام زادا صاحب بهادر کان معافي وٺ. ٽانگي وارو پنهنجي ميري پڳڙي سان لڙڪ اُگهي رهيو آهي. ماڻهو ٽڙي پکڙجي وڃن ٿا.
    هاڻي سڙڪ وري ويران آهي. شام جي ڌنڌ ۾ بجلي جا فانوس روشن ٿي ويا آهن. مون ڏٺو ته ڪورٽن جي ويجهو ڪجهه مزدور وارو کريل، لباس ميرو پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري رهيا آهن.
    “ڀاڻهي ڪم کي لڳي ويو؟.”
    “ها”.
    “پگهار سٺو ملندو هوندو؟.”
    “ها.”
    “هاڻي سٺو گذر ٿيندس پهرين ته سندس زال ڦاٽل ساڙهي ۾ گذارو ڪندي هئي.”
    “ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته جنگ شروع ٿيڻ واري آهي؟”
    “ڪڏهن شروع ٿيندي؟”
    “ڪڏهن؟ ان جي مون کي خبر ناهي. پر غريب ئي ماريا ويندا.”
    “ڪير ڄاڻي ته غريب ماريا ويندا يا امير.”
    “ننڍڙو ڪيئن آهي؟”
    “بخار نٿو ٽٽي. ڇا ڪريون. هيڏانهن کيسي ۾ پئسا ڪونهن، هوڏانهن حڪيم جي دوا....”
    “فوج ۾ ڀرتي ٿي وڃ.”
    “سوچيان پيو.”
    “رام رام.”
    “رام رام.”
    ڦاٽل ڌوتيون، اگهاڙا پير، جهڪيل قد، هي ڪهڙا ماڻهو آهن؟ هي نه ته آزادي چاهين ٿا ۽ نه ئي بغاوت هي ڪهڙيون عجيب ڳالهيون آهن؟ پيٽ، بک، بيماري، پيسا. فانوس جي جهڪي روشني سڙڪ تي پئجي رهي آهي.
    ٻه عورتون- هڪ پوڙهي ۽ هڪ جوان، صوفن جون ٽوڪريون کڻي گڏهن جيان سهڪندي وڃي رهيون آهن. جوان عورت جي چال تيز هلي رهي آهي.
    “ڌي ٿورڙو ترس” آئون ٿڪي پيس... منهنجا الله!”
    “امان اڃان گهر هلي ماني پچائڻي آهي. تون ته صفا سادي آهين.”
    “ٺيڪ آهي ڌي ٺيڪ آهي.”
    پوڙهي عورت جوان عورت جي پويان ڊڪندي پئي وئي. بار جي سبب هنجون ٽنگون ڏڪي رهيون هيون. هن جا پير آٿڙي رهيا هئا.
    هوءِ صدين کان سڙڪ تي هلي رهي آهي. صوفن جو وزن ڪلهن تي کڻندي، ڪير به هن جو بوجهه نٿو گهٽائي ڪو ئي هڪ پل هن کي آرام نٿو ڏي. هوءِ ڊوڙندي رهي ٿي. هن جون ٽنگون ڏڪي رهيون آهن. هن جا پير آٿڙجي رهيا آهن. هن جي پيرن ۾ لفون آهن، پيڙا آهي ۽ بک، ۽ پريشاني ۽ غلامي ۽ صدين جي غلامي.
    تي چار جوان ڇوڪريون، ڀڙڪيليون ساڙهيون پاتل ٻانهن ۾ ٻانهون ملائي وڃي رهيون آهن.
    “ڀيڻ اڄ شملا جو سير ڪريون.”
    “ڀيڻ اڄ لارينس گارڊن هلون.”
    “ڀيڻ اڄ انارڪلي.”
    “ريگل؟”
    “شٽ اپ يوفول.”
    اڄ سڙڪ تي ڳاڙهو حلواڻ وڇايل آهي. جهنڊيون لڳل آهن. جتي ڪٿي پوليس بيٺل آهي. ڪو وڏو ماڻهو اچڻ وارو آهي. تڏهن ته اسڪول جا ننڍا ننڍا ٻارڙا نيريون پڳڙيون ٻڌي سڙڪ جي ٻنهي پاسن کان قطار ۾ بيٺا آهن. اُنهن جي هٿن ۾ ننڍيون ننڍيون جهنڊيون آهن. اُنهن جي چپن تي مٽي ڄمي وئي آهي. انهن جا چهرا اُس ۾ تپي ويا آهن. اهڙي طرح بيهه هو ڏيڍ ڪلاڪ کان وڏي ماڻهو جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن. جڏهن هو شروع شروع ۾ سڙڪ تي بيٺا هئا ته پاڻ ۾ کلي کلي ڳالهيون ڪري رهيا هئا. هاڻي سڀ چپ آهن. ڪجهه ٻارڙا هڪ وڻ جي ڇانو ۾ ويهي رهيا هئا. هاڻي انهن کي اُستاد ڪن کان پڪڙي اُٿاري رهيو آهي. شفيع جي پڳڙي کلي ويئي. اُستاد هن کي گهوري چئي رهيو آهي. پڳڙي ٺيڪ ڪر. پياري لال جي تلوار هن جي پيرن ۾ وچڙي ويئي آهي.
    “توکي ڪيترا دفعا سمجهايو آهي پياري لال.”
    “سائين پاڻي.”
    “پاڻي ڪٿان آڻيان.” هتي به توهان پنهنجو گهر سمجهيو آهي ڇا؟ ٻه ٽي منٽ وڌيڪ انتظار ڪريو موڪل ٿيڻ واري آهي.”
    ٻه منٽ، ٽي منٽ اڌ ڪلاڪ......
    “سائين پاڻي”.
    “سائين گهڻي اُڃ لڳي آهي.”
    پر هاڻي اُستاد ان طرف ڌيان ئي نٿو ڏي. هو هيڏانهن هوڏانهن دوڙندو گهمندو رهيو. ڇوڪرا تيار ٿي وڃو. ڏسو جهنڊيون هن طريقي سان هلائجو. “ڇورا تنهنجي جهنڊي ڪٿي آهي؟ قطار کان ٻاهر نڪر بدمعاش ڪنهن جاءِ جا.... گاڏي اچي رهي آهي.”
    موٽر سائيڪلن جو گوڙ، بينڊن جو شور بي دلي سان لڏندڙ ننڍيون ننڍيون جهنديون. خشڪ ٿي ويل گلن مان نڪرندڙ بي جان نعرا.
    هاڻي وڏو ماڻهو سڙڪ تان گذري چڪو آهي. ٻارڙن جي جان ۾ جان اچي ويئي آهي. هاڻي هو ٺينگ ٽپا ڏيئي جهنڊين کي ٽوڙي رهيا آهن، گوڙ ڪري رهيا آهن.
    هوڪي وارن جون صدائون، ريوڙيون گرم، چڻا گرم، حلوو پوري، نان ڪباب.....
    هڪ ٿالهه وارو هڪ بابو سان جهڳڙو ڪري رهيو آهي.” پر توهان منهنجو ٿالهه اونڌو ڪيو آهي. آئون توهان کي وڃڻ نه ڏيندس. منهنجو ٽن رپين جو نقصان ٿي ويو. آئون غريب ماڻهو آهيان. منهنجو نقصان پورو ڪريو ته گهر وڃڻ ڏيندس.”
    صبح جي هلڪي هلڪي روشني ۾ ڀنگي سڙڪ تي ٻهاري ڏيئي رهيا آهن. اُنهن جي وات ۽ نڪ تي ڪپڙو ٻڌل آهي. جيئن ڍڳن جي منهن تي جڏهن هو گهاڻو هلائيندا آهن. اُها دز بيٺي ئي آهي ۽ هو ٻهاري ڏيئي رهيا آهن. ميونسپالٽي واري گاڏي آهستي آهستي سڙڪ تي ڇڻڪار ڪري رهي آهي. گاڏي ۾ جوٽيل ٻن ڍڳن جي ڳچي ۾ زخم ٿي ويا آهن. پاڻي ڇڻڪڻ وارو سردي ۾ ڪنبندي ڪوئي گيت ڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ڍڳن جون اکيون حيرت مان جانچي رهيون آهن ته هاڻي سڙڪ جو ڪيترو حصو باقي بچيو آهي.
    سڙڪ جي ڪناري هڪ پوڙهو گڏهه مئو پيو آهي. اُن جا ميرا ڏند چپن جي اندر دٻجي ويا آهن. اُن جون کليل بي نور اکيون آسمان جي طرف تڪي رهيون آهن.
    خدا جي لاءِ مون غريب تي رحم کائو بابا.
    ڪير به ڪنهن تي رحم نٿو ڪري. سڙڪ خاموش ۽ سنسان آهي. اها سڀ ڪجهه ڏسي ٿي، ٻڌي ٿي مگر اُن تي ڪو به اثر نٿو ٿئي. انسان جيان بي رحم، بي حس، وحشي.
    انتهائي غصي ۽ غضب جي حالت ۾ اڪثر سوچيان ٿو ته جيڪڏهن ان کي ڊائنامينٽ لڳائي اُڏايو وڃي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ هڪ وڏي ڌماڪي سان اُن جا ٽڪرا فضا ۾ اُڏامندا نظر ايندا. اُن وقت مون کي ڪيڏي خوشي ٿيندي. اُن جو ڪير اندازو به نٿو ڪري سگهي.!؟ ڪڏهن ڪڏهن اُن جي مٿان هلندي هلندي آئون ڄڻ پاڳل ٿي ويندو آهيان ۽ چاهيندو آهيان ته ان مهل ڪپڙا ڦاڙي اُگهاڙو ٿي سڙڪ تي نچڻ شروع ڪريان ۽ زور سان رڙيون ڪري چوان، “آئون انسان ناهيان. آئون پاڳل آهيان. مون کي انسانن کان نفرت آهي. مون کي پاڳل خاني جي غلامي قبول آهي. آئون انهن سڙڪن جي آزادي نٿو چاهيان.“
    سڙڪ خاموش آهي دڙن تي وڻن جي اوٽ ۾ ويٺل گڏهه هينگو ڏيئي رهيا آهن.
    هي ٻه فرلانگ ڊگهي سڙڪ!


    پور و ڇوٽي

    “فرسٽ ڪلاس” جي دٻي ۾ ماڻهو ڪفن جي طرح اُجرو لباس پائي سپرنگ واري سيٽن تي ويهي ريل گاڏي جي جهٽڪي ۾ موم جي بوتن جيان لڏي رهيا هئا، انهن بوتن جي هٿن ۾ اخبارون هيون يا رنگ برنگي آمريڪي ناول، دري جي ڀرسان جيڪا عورت ويٺي هئي اُها به پاڻي جي رنگن جي تصوير جيان ساڪت ۽ جامد نظر آئي ٿي. هتي ڪنهن به ڪنهن سان نٿي ڳالهايو. ڪنهن به ڪنهن ڏانهن نه ٿي ڏٺو . هتي مسلسل خاموشي هئي ۽ گهرو سناٽو، رميش کي لڳو ته ڄڻ هو ڪيترا هزار سال پراڻي مندر ۾ اچي نڪتو هجي ۽ حيرت مان پٿر جي بتن کي ڏسي رهيو هجي.
    “ٿرڊ ڪلاس” جي دٻي ۾ گهڻي رش هئي. هو وڏي مشڪل سان اندر داخل ٿي سگهيو ۽ ڏٻي جي دروازي جي ويجهو ئي بيهه رهيو. ٿورڙي جڳهه هن کي ملي جنهن ۾ هو پنهنجو هڪ پير فرش تي ٽڪائي سگهيو. ٻئي پير رکڻ جي جڳهه ئي ڪو نه هئي. ٻيو پير هن ٿورڙو پويان سرڪايو ته ڪارن وارن واري چمڪيلي سانوري ڪرسچن سندري اُن هن ڏانهن سواليه انداز ۾ ڏٺو. پر رميش به مجبور هو. هاڻي هن جي هڪ ٽنگ مريئي کان وٺي ران تائين ڄڻ ان سانوري ڇوڪري سان چهٽي وئي هئي ۽ هاڻي ٻنهي ٽنگن گاڏي جي لوڏن جي ردم تي اسپرنگ جي طرح حرڪت ڪئي ٿي. هي فقط هڪ اتفاق هو. پر انساني جسم جو ڇا ڪيو وڃي. هي به هڪ مشين آهي. جيستائين هي مشين هلي ٿي، حرڪت ڪري ٿي ته ان مان نتيجا مرتب ٿين ٿا. ڇوڪري جو چهرو ٻهڪي اُٿيو ۽ رميش کي هن جي وارن مان خوشبوءِ به اچڻ لڳي. ۽ ڇوڪري جي چهري تي پگهر جون ننڍڙيون بوندون ڦٽي نڪتيون، جيئن گل جي پنن تي ماڪ ڦهلجي ويندي آهي ۽ شايد هن جي ڪنن ۾ مڪمل پيهي ويندڙ گاڏي جي آواز جي لئه تي، هوءِ نچي رهي هئي. شايد رميش جي دل به ان لئه تي نچي رهي هئي. هن جي دل چاهيو ته هو ان عيسائي سندري کي پنهنجي ڀاڪرن ۾ ڀري وٺي ۽ اُن جي ننڍڙن اڌ کليل چپن تي پنهنجا چپ رکي ڇڏي. اهو ته شڪر هو جو لوڪل ٽرين ايڏي تيز نه ٿي هلي. ريل اڳين اسٽيشن تي بيهه رهي ۽ هتي ڪا في مسافر لهي ويا ۽ ٻين مسافرن جي اندر اچڻ کان اڳ ۾ عيسائي سندري پنهنجي لاءِ سيٽ ڳولي ڪري ورتي ۽ پنهنجي ڦهليل جسم تي چيل کان ڪلهي تائين هٿ ڦيريندي هڪ اڌڙوٽ عمر جي مهاڻي عورت جي ڀرسان ويهي رهي. رميش ۽- وري پوءِ هن عيسائي ڇوڪري هڪ لمحي لاءِ محبوب نگاهن سان هڪ ٻئي کي ڏٺو ۽ پوءِ هڪ ٻئي لاءِ اجنبي ٿي ويا. جيئن ٻه چاهڻ وارا ٿي ويندا آهن. رميش سوچڻ لڳو ته هي انساني جسم به ڪيتري نه عجيب مشين آهي، جڏهن بجلي جو ڪرنٽ ڪٽجي وڃي ٿو ته جذبات ڪم نٿا ڪن ۽ جيستائين بجلي جي لهر جاري ۽ ساري رهندي آهي، ساري ڪائنات ناچ ڪندي معلوم ٿيندي آهي.
    ڏٻي ۾ ٻه سرڪاري پٽيوالا داخل ٿيا ۽ ٽي چار ساڌو ۽ هڪ فقير جيڪو مختلف جانورن جون ٻوليون ٻولي پئسا پني رهيو هو. هي اهو پينو فقير اکين کان انڌو هو ۽ هن جو مٿو ڪوڙيل ۽ چهري تي ماتا جا داغ هئس هن پنهنجو ساڄو هٿ وات تي رکي ۽ ڪڏهن کاٻو هٿ ۽ ڪڏهن کاٻو ساڄو ٻئي هٿ پنهنجي وات تي رکي مختلف آواز ڪڍيا ٿي.
    هي ڪانگ ٻولي ٿو “ڪانءُ ڪانءُ”
    انڌي ڀلا ڪڏهن ڪانگ ڏٺو آهي جڏهن هو پنهنجن ڪارن چمڪيلن کنڀن کي ڦهلائي نيري آسمان ۾ اُڏامندو آهي ۽ شينهن کي ڏسندي ٻارن جيان گوڙ ڪندو آهي.؟
    “ ۽ هي جابلو ڪانگ.......”
    جابلو ڪانگ؟ انڌا! تو ڪڏهن جبل ڏٺا آهن؟ اوچا اوچا جبل جن جي آسمان کي ڇهندڙ چوٽين تي برف هوندي آهي. جن جي سيني مان آبشار وهي نڪرن ٿا ۽ جهنگل جي سبزوادين ۾ نوريئڙا، سها ۽ ننڍا ڀولڙا ۽ خوبصورت پرن وارا تتر پنهنجي زندگي جي خوبصورت تصوير ٺاهين ٿا ۽ وري ڪڏهن ڪڏهن کجي جي ٿڙ ڀرسان ويٺل رڇ چئني طرف نهاريندو آهي ۽ هوا ۾ پنهنجو ڪنڌ مٿي ڪري ماکي جي مانارن جي خوشبوءِ سونگهيندو آهي.
    “هي هوائي جهاز جو آواز......”
    تو ايلمونيم جو اُهو سفيد پکي ڏٺو آهي؟ جيڪو پر گهمائي چئني انجڻن جي گجگوڙ سان فضا ۾ اُڏندو آهي ۽ جنهن جي پيٽ ۾ ماڻهو اهڙي طرح ويٺل آهن جهڙي طرح گاڏي جي ڏٻي ۾ مسافر ويٺل آهن. پر هوائي جهاز ۾ ريل جهڙي رش نٿي هجي ۽ اهڙا خيرات گهرڻ وارا فقير به نٿا هجن. اُتي آرام واريون ڪرسيون لڳل هونديون آهن ۽ خوبصورت پردا هوندا آهن ۽ نازڪ بدن واريون حسين عورتون مسافرن کي رنگ برنگي پنين ۾ ويڙهيل خوشبودار مٺڙا چاڪليٽ کارائينديون آهن.
    مهاڻي عورت جيڪا ٻيڙي پي رهي هئي. اُن انڌي کي هڪ آنو خيرات ڏني ۽ چيو، “وڃ هاڻي دفن ٿي وڃي ڪنهن ٻئي ڏٻي ۾ هي ٻوليون ٻڌائي. گهڻو مغز چٽيو اٿئي.”
    ايترو چئي هو ۽ سيٽ تي خوب ڦهلجي ويهي رهي. عيسائي ڇوڪري سيٽ تي ٿورڙو سرڪي سوڙهي ٿي ويٺي. مهاڻي عورت پنهنجي خالي ٽوڪري جنهن مان مڇين جي بوءِ اچي رهي هئي سوڙهي ڪري سيٽ جي هيٺان رکي ڇڏي ۽ زور زور سان ڦوڪون ڀري ٻيڙي پيئڻ لڳي. ۽ عيسائي ڇوڪري کي چوڻ لڳي، “مڇي ته وڏي شوق سان کائين ٿي ۽ هتي نڪ تي رومال رکين ٿي. تنهنجو هي بٽڻ جهڙو نڪ ڀلا سڙي ته ڪو نه پوندو؟”.
    عيسائي سندري نڪ تان رومال هٽائي ڇڏيو. ڀرسان ويٺل ماڻهو کلڻ لڳا. مهاڻي عورت اڃان به زور زور سان ڦوڪون ڀرڻ لڳي. هن کي کلڻ ۽ ٻيڙي پيئڻ جي دوران کنگهه اچي ويئي. هاڻي هوءِ کلي رهي هئي ۽ ٻيڙي جا دونها هن جي ناسن مان نڪري رهيا هئا. هن جي اکين جي هيٺان ۽ ڪنن جي ويجهو جهريون اڃان به گهريون ٿي ويون هيون ۽ ڪنن ۾ سون جو ڳرو والو ڪنهن چاندي جهڙي مڇي جيان اِئين لڙڪي رهيو هو ڄڻ مڇي ڪنڊي ۾ ڦاسي تڙپي رهي هجي.
    هڪڙو ساڌو ٻئي ساڌو کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو، “ڪلهه نرگس جي نئين “تصوير” ڏٺي، ريبولي سينيما ۾ واهه جو مزو اچي ويو. رام جو قسم ڇا ته ڇوڪري آهي. امرت جو پيالو آهي. تو ريبولي سئنيما ۾ تصوير ڏٺي آهي؟.”
    “نه گرو! مون وٽ ايترا پئسا ڪٿي هوندا آهن.” ٽيون ڏينهن منهنجي گرو کي سيٺ پرسومل کان ڏکڻا ملي هئي، ساڍا اٺ آنا، اُهي گرو مون کي ڏنا. آئون انهن مان سرڪس ڏسي آيس. پر رام ٿو ڄاڻي سرڪس جي ڇوڪرين ۾ اُهو دم ئي ناهي. هاڻي گرو ٻيهر اک کولي. هو سيٽ تي ئي ڀنگ ۽ چرس جي مراقبي ۾ هليو ويو هو. جيئن ئي هن پنهنجن چيلن جي هي گفتگو ٻڌي ته هن هڪ اک کولي ۽ شڪايت ڪرڻ واري چيلي کي چيو، “سڀاڻي توکي ڏهه آنا ڏيندس. رام پان ۾ شوبنا سمرٿ کي ڏسي اچجان. بلڪل سيتا ماتا لڳي ٿي، گنگا جيان پاڪ ۽ ڪومل”.
    ننڍو چيلو ضد ڪرڻ لڳو”. “اسان نرگس جي نئين فلم تصوير ڏسنداسين ٻڌو اٿئون ته ان ۾ هڪ ڊانس ڏاڍي ڪمال جي آهي.”
    گرو چيو، “اڙي وڃ! اُها ڊانس وري ڇا؟، ياد اٿئي!. اسان جي ڳوٺ جي مهتاري چمارڻ. گنگا ميا جو ڀلي قسم وٺو ڀلا اُن کان سٺو ڪير نچندو؟ ڪيئن ڙي ڀورا! ياد اٿئي اُهو ساليانو ميلو؟”
    وڏي چيلي جو وات پاڻي پاڻي ٿي ويو “مهتاري جو ڪو جواب ناهي. گرو آئون چوان ٿو ته سردين ۾ ڳوٺ وڃو ته ان کي گڏ ئي وٺي اچجو. فضول ۾ هتان کان مني آرڊر موڪليو ٿا. هتي هڪ فلم ڪمپني کولي ڇڏينداسين ڪيئن نه چاچا؟”
    چاچا مها گرو جا پير دٻائڻ لڳو “ها گرو ٿي اچو پوءِ....”
    مها گرو مسڪرائي ڏنو. هن ڌوتي ۾ هٿ پائي هڪ چار آني ۽ ٽي ٻه آنيون ڪڍيون ۽ ننڍي چيلي جي هٿ جي تري تي رکي چيو، “وڃ پٽ وڃ! نرگس جي فلم ڏسي اچ، آئون ته موهه مايا سڀ تياڳي چڪو آهيان. خالي رام جو نالو وٺان ٿو.” ايئن چوندي مها گرو پنهنجيون اکيون بند ڪري ڇڏيون ۽ گانجي جي مراقبي ۾ هليو ويو.
    ڪجهه ڪلارڪ آمهون سامهون ٻن سيٽن تي ويٺي زوردار بحث ڪري رهيا هئا. “ريلوي ۾ هڙتال ڪو نه ٿي. سٺو ٿيو، ڪميونسٽن گهڻو گوڙ ڪيو ٿي. حرامين جو دماغ خراب آهي. سٺو ٿيو.”
    “ڪيئن سٺو ٿيو”؟ پارسي ڪلارڪ نڪ مان ڳالهائيندي چيو.
    “اڙي ملڪ کي وڏو خطرو هو. توکي ڪهڙي خبر، جيڪڏهن هڙتال ٿئي ها ته ماڻهو بک مري وڃن ٿا”.
    “هاڻي ڇا گجرات ۾ سڀ ڪم ٿي ويا آهن. مهنگائي ختم ٿي ويئي آهي، بک ختم ٿي ويئي آهي؟” ٽيئن ڪلارڪ چيو.
    ٻئي ڪلارڪ چيو، “ها ان جو جواب ڏي؟”
    پهرين ڪلارڪ چيو، “آهستي آهستي سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو. اڃان ته اسان جي حڪومت کي آئي ٻه سال به پورا نه ٿيا آهن.”
    ٻئي چيو، “ٻن سالن ۾ به ڪهڙو ڪم ٿيو آهي؟ مهانگائي ڪٿي کان ڪٿي پهچي ويئي آهي. سچ مڃين ته آئون ڇهن مهينن کان جوراب به خريد ڪري ناهيان سگهيو. وڏو ڇوڪرو به اسڪول مان ڪڍي ڇڏيم.”
    “اُهو ڇو!؟”
    “في ٻيڻي ٿي ويئي، سرڪار ڪتابن تي ٽيڪس لڳائي ڇڏيو. ڇوڪري کي ڪٿان پڙهايان؟ مون اُن کي خوراڪ جي کاتي ۾ پٽيوالي جي نوڪري ڏياري آهي. ڏسجئين ته هڪ ڏينهن ترقي ڪندو وزيراعظم بڻجي ويندو.”
    سڀ ڪلارڪ کلڻ لڳا. پهريون ڪلارڪ چوڻ لڳو، “پريار، مون کي ته ڪميونسٽن جي هارائڻ تي ڏاڍي خوشي ٿي آهي. هڙتال کان پهرين ڪيترو نه هل هنگامو ڪندا هئا.”
    “تنهنجن سوشلسٽن عين وقت تي دوکو ڪيو.” پارسي چيو.
    “پر ڪو ته اچي ها. ڪٿي ڪجهه ته ٿئي ها. سڀ ڪڪڙ بڻجي ويهي رهيا هڪ مزور به ڪو نه اُٿيو ۽ هي ماڻهو هندستان تي حڪومت ڪرڻ جا خواب ڏسن ٿا. هي ڳنوار مزور ۽ ڄٺ هاري آهن. سچ ٿو چوان ته انهن ماڻهن کي جيترو دٻائي رکجي اوترو ئي بهتر ٿيندو. ٿوري ڊر ڏيو ته مٿي تي چڙهي ويندا. سرڪار بلڪل صحيح ڪيو.”
    هڪ ٻئي ماڻهو ڳالهايو، “نائين مارچ تي ڏٺو ڪو نه هئان، چپي چپي تي پوليس ۽ فوج جو پهرو هو. ريل جي پٽڙين تي، اسٽيشن تي، ڪارخانن تي، ٻڌو هوسين ته ڪير به نڪري نٿي سگهيو. حڪم هو ته ڪير به ذري حرڪت ڪري اُن کي گولي سان اُڏائي ڇڏيو.”
    هڪڙو ماڻهو جنهن جي ڏاڙهي وڌيل هئي ۽ چهري کي ڍڪي ڇڏيو هئائين. ۽ جنهن جي ٺونٺن تي وڏا وڏا داغ هئا ۽ مير چڙهيل هو ۽ جيڪو وڏي بي چيني ۽ پريشاني مان هي سموري گفتگو ٻڌي رهيو هو، هڪدم اُٿي کڙو ٿيو ۽ هن اُن ڪلارڪ کي، جيڪو گولي سان اُڏائڻ جو ذڪر وڏي آڪڙ مان ڪري رهيو هو، زور سان هڪ ٿڦڙ هنئي. ٿڦڙ اهڙي زوردار هئي جو ڪلارڪ جو منهن ٻئي طرف گهمي ويو ۽ هن جي اکين مان لڙڪ نڪري آيا. ايتري ۾ ٻين ماڻهن مزور کي پڪڙي ورتو.
    مزور زور سان پنهنجون ٻانهون ڇڏائي ورتيون ۽ چيو، “هاڻي ڏسجو حرامي.”
    اُهي ماڻهو هن مٿان ڪاهي پيا. هڪ ڪنڊ ۾ چار مارواڙي تاش کيڏي رهيا هئا. اُنهن زور سان رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون: پڪڙيو پڪڙيو هن کي، هي ڪميونسٽ آهي ماريو ماريو، هن کي جان سان ماري ڇڏيوس. هن کي پوليس جي حوالي ڪريو.
    مزور وڙهي رهيو هو پر هو اڪيلو هو ۽ اُهي گهڻا هئا . هن مدد جي لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو. هڪ ڪنڊ مان هڪڙو ماڻهو اُٿيو اُن کي صاف سٿرا ڪپڙا پهريل هئا، هن ڪلرڪ کي مارڻ شروع ڪيو. پوءِ مهاڻي عورت ٻيڙي مان دونهون ڪڍندي اُٿي ۽ هن مڇي واري ٽوڪري سان ماڻهن کي ڪٽڻ شروع ڪيو ۽ رڙيون ۽ دانهون ڪندي ٺونشا هڻن لڳي. هڪ ٺونشو غلطي سان رميش کي به لڳو ۽ هن کي هاڻ خبر پئي ته مڇي مارڻ واري عورت جو ٺونشو ڪيترو نه ڀاري هوندو آهي ۽ پوءِ هڪ عورت آئي. هن کي به ڏاڍا سٺا ۽ چمڪدار ڪپڙا پاتل هئا ۽ هوءِ به ڦاٽل پراڻن ڪپڙن واري مزور جي حمايت ۾ وڙهڻ لڳي. هڪ ساڌن جو ڪرمنڊل هڪڙي مارواڙي جي مٿي تي اونڌو ٿي پيو ۽ اُن ۾ پيل دال چني، چانور، چنبيلي جا گل، واڱڻ جي ڀاڄي ۽ پيٺل مرچ چئني طرفن ڦهلجي ويا ۽ ماڻهو کنگهڻ لڳا ۽ مارواڙي رڙيون ڪرڻ لڳو، ۽ ڪنهن اُن جي تاش کڻي ٻاهر اُڇلي ڇڏي. ڪنهن پڳڙي لاهي ورتي ۽ مارواڙي رئڻ لڳو ۽ رڙيون ڪرڻ لڳو: ڪميونسٽ اچي ويا. ڪميونسٽ اچي ويا. زنجير ڇڪيو. هڙتالي اچي ويا. هڙتالي اچي ويا.
    هڪدم گاڏي بيهه رهي ۽ پوليس اچي ويئي.
    جڏهن ماڻهو ٽڙي پکڙي ويا ته معلوم ٿيو ته ميرن ۽ ڦاٽل ڪپڙن وارو مزور غائب آهي. مهاڻي عورت جو ٽوڪرو ٽٽي پيو آهي ۽ نوجوان عورت جو رنگين چمڪدار لباس چپي چپي کان ڦاٽي پيو آهي ۽ صاف سٿرن ڪپڙن پهريل نوجوان جي چهري تي زخم آيا آهن ۽ هن جي چپن مان رت ٽمي رهيو آهي. پر مهاڻي جو زياده نقصان ٿيو. ها هوءِ اُنهن ماڻهن جا لڇڻ ڏسي کلي رهي هئي، جن مزور کي پڪڙڻ چاهيو ٿي، پوليس اُنهن کي پڪڙي ورتو. مارواڙي هٿ مٿي کڻي گرجڻ لڳو، “اها ئي ته هئي جيڪا هن لاءِ لڙائي ڪري رهي هئي. هي ماڻهو، هي عورت، هي جوان، هي بابو ۽ هو ڪمبخت هڙتال ڪرائڻ وارو ڪميونسٽ هو، اُن کي هن ڀڄائي ڇڏيو.”
    مهاڻي رڙيون ڪرڻ واري مارواڙي ڏانهن پنهنجي ٽوڪري زور سان اُڇلي، جيڪا ٺيڪ مارواڙي جي مٿي ۾ فٽ ٿي ويئي، سڀ ماڻهو کلڻ لڳا. مهاڻي چيو، “تون لڙائي ۾ حصو ڇا وٺندين. تون نه مرد آهين نه عورت، تون دلال آهين دلال! ٻنهي طرفن کان ڪميشن کائين ٿو. تو جهڙو مارواڙي اسان جي ڳوٺ دارسوا ۾ به هو. هو اسان جي مڇين کي پنهنجي ٽرڪ ۾ ڀري شهر کڻي ويندو هو ۽ سڄو پئسو هڙپ ڪري ويندو هو. هاڻي اسان جي ڳوٺ جي سڀني مهاڻن گڏجي پنهنجي ٽرڪ ورتي آهي. پاڻ مڇي سمنڊ مان ڪڍون ٿا ۽ پنهنجي ٽرڪ ۾ وجهي شهر ۾ وڃي وڪڻون ٿا. پهرين منهنجي ڪن ۾ هڪ چاندي جو والو هو ۽ هاڻ هي ڏس سون جو والو. اهڙو تنهنجي سڪل سڙيل زال وٽ به نه هوندو.”
    پوليس وارو هن کان پڇڻ لڳو، “هو ڪير هو؟.”
    هن چيو، “هو منهنجو پٽ هو.”
    ها! هو منهنجو پٽ هو. هو دارسوا ۾ جهاز تي مزوري ڪندو هو. جڏهن جهازي جي مزورن جي هڙتال ٿي ته هو اڪيلي سر پنجن گورن سان وڙهيو. توکي خبر ناهي ۽ اخبارن به اها خبر ڪو نه ڏني. پر هو منهنجو پٽ هو. مون اُن کي پنهنجي اکين سان پنجن گورن سان وڙهندي ڏٺو ۽ اڄ جيڪو ماڻهو هتان ڀڳو، اُهو به منهنجو پٽ هو، ڇو جو هن به ان طرح جي هڙتال چاهي ٿي. جنهن ڪري منهنجي پٽ کي ماريو ويو. ان ڪري مون هن کي بچائي ورتو. هاڻي توکي جيڏانهن جيءُ چاهي وٺي هل.”
    پوليس وارن هن کي گاڏي مان لاهي ڇڏيو. گاڏي هلندي هلندي رميش ڏٺو ته هڪ عورت پوليس واري کان ماچيس گهري رهي آهي. ماچيس وٺي هن پنهنجي ٻيڙي دکائي ۽ ماچيس جي روشني هن جي اکين ۾ چمڪي اُٿي ۽ هن جي اکين جي هيٺان ۽ ڪنن جي چوگرد جهريون گهريون ٿي ويون ۽ سون جو والو هن جي ڪنن ۾ بار بار غصي مان هلڻ لڳو ۽ پوءِ گاڏي اڳيان نڪري ويئي.
    رميش هڪ سيٽ تي ويهي رهيو. ان جي ويجهو ئي اُهو نوجوان جنهن کي سٺا ڪپڙا پاتل هئا. نوجوان عورت جي ويجهو ويٺو هو، جنهن جو رنگين لباس جڳهه جڳهه کان ڦاٽي پيو هو. اُن نوجوان رميش جي طرف ڏسي مسڪرايو ۽ چيو “هو بچي ويو، هاڻي هٿ نه ايندو.”
    هن ڪنڌ لوڏي چيو “آئون سمجهان ٿو، هو به مون جيان ڪو مزور لڳو ٿي.”
    رميش پڇيو “تون مزور آهين؟ پر تنهنجا ڪپڙا ته....”
    هن جواب ڏنو، “اڄ ئي منهنجي شادي ٿي آهي. منهنجي به ۽ هن جي به. ۽ هن پنهنجي زال جي ڪلهي تي هٿ رکي ڇڏيو. وڏي تڪليف سهي هي ڪپڙا سبرايا هئا. خير ڪا ڳالهه ناهي. اسان جو ساٿي ته بچي ويو.”
    هن پنهنجي زال ڏانهن ڏسي مسڪرايو. هن جي زال کيس پيار ڀري نظرن سان ڏٺو ۽ پوءِ پنهنجي هٿ ۾ رکيل زيتون کي ڏندن سان ڪٽي لڄ سان ڀريل دليري سان جوٺي زيتون کي پنهنجي مڙس جي چپن تي رکيو.
    نوجوان مزور زيتون کائڻ لڳو ۽ هن جي مضبوط هٿ پنهنجي زال کي ڪلهي سان لڳائي ورتو.
    رميش آهستي سان اُتان اُٿي ويو. ٻئي طرف ڌٻي ۾ مارواڙي پنهنجيون پڳڙيون ۽ ڌوتيون درست ڪري رهيا هئا.
    هڪ مارواڙي پنهنجي جيب مان تاش ڪڍندي چيو، ڇا ٿيو مهاڻي تاش ٻاهر اُڇلي ڇڏي. اسان وٽ ٻي تاش پئي آهي.”
    رميش مارواڙي جي مٿان جهڪي چيو، “تو وٽ فقط هڪ تاش آهي پر مهاڻي وٽ پورو سمنڊ آهي ۽ اُن جون سڀ مڇيون آهن. تون اُن کان کٽي نٿو سگهين......
    ماڻهو ڪفن جي طرح اُجرو لباس پائي اسپرنگ وارين سيٽن تي ويهي گاڏي جي هلڻ جي لوڏي تي ميڻ جي بوتن وانگر لڏي رهيا هئا. انهن بوتن جي هٿن ۾ اخبارون هيون يا چمڪيلا آمريڪي ناول، دري جي ڀرسان جيڪا عورت ويٺي هئي اُها هڪ بي جان پاڻي جي رنگن جي تصوير جيان ساڪن ۽ جامد نطر آئي ٿي. هتي ڪنهن به ڪنهن سان نٿي ڳالهايو. ڪنهن به ڪنهن ڏانهن نه ٿي ڏٺو. هتي خاموشي هئي ۽ گهرو سناٽو. رميش کي لڳو ته ڄڻ هو ڪيترا هزار سال پراڻي مندر ۾ اچي نڪتو هجي ۽ حيرت مان پٿر جي بتن کي ڏسي رهيو هجي.


    بيوقوفي

    هڪ دفعي جو ذڪر آهي آءٌ ۽ منهنجو دوست امام الدين هڪ جهنگل مان لنگهي رهيا هئاسين. اُن وقت منجهند جو ٽائيم هو. جهنگل بلڪل خاموش هو. هر ڏس پرين جي خواب جهڙو منظر هو. ڌرتي تي چيل جا پن، نرم ۽ گداز غاليچن جيان وڇايل هئا. پکي ٽارين تي ٻولي رهيا هئا. جهنگ ۾ ڪجهه رڍون چري رهيون هيون ۽ ڪجهه هڪ وڏي وڻ جي ڇانوَ ۾ آرام ڪري رهيون هيون. هن گهري سانت ۾ چشمي جوپاڻي به ستل معلوم ٿي رهيو هو.
    ان چشمي جي ڀرسان هڪ ريڍارڻ پنهنجو هڪ هٿ مٿي جي هيٺان ڏيئي ستي پيئي هئي. اسان جا خاموش قدم اسان کي اُن سندري ڏانهن ڇڪي ويا، هي جهنگل هڪ خاموش قلعو هو. هڪ پرين جي قلعي جيان، جنهن ۾ هي خوبصورت ريڍارڻ، جهنگل جي شهزادي هئي. جيڪا شايد سئو سالن کان اتي ستل هئي.
    هوءَ ايئن ساهه کڻي رهي هئي، ڄڻ ڪا ندي وهندي وهندي سمهي رهي هئي ۽ هاڻ اُن ننڊ ۾ سمائجي وهي رهي هجي.
    خاموشي ۽ جهنگل ۾ هڪ اڪيلي ڇوڪري! اسان ٻنهي هڪ ٻئي ڏانهن، معنيٰ خيز نظرن سان نهاريو. شايد هڪ ئي خيال، هڪ ئي وقت اسان ٻنهي جي دلين ۾ پيدا ٿيو! ۽ اسين هڪ ئي وقت اڳتي وڌياسين.
    هڪ رڍ زور سان ٻاڪاريو.
    ڇوڪريءَ جون اکيون کلي پيون. ڌارين ماڻهن کي پنهنجي ويجهو ڏسي، هوءَ تڙ تڪڙ ۾ اٿي ويٺي ۽ پنهنجا وکريل وار ٺيڪ ڪرڻ لڳي ۽ پوءِ کلندي چوڻ لڳي،”چشمي مان پاڻي پيئڻ چاهيو ٿا؟”
    “ها ارادو ته ......” امام الدين چيو.
    “ٺيڪ آهي پي وٺو.” ڇوڪريءَ جلدي مان چيو،” “منهنجي ته ايئن ئي اک لڳي ويئي هئي. شايد چشمي جي ڪناري ٿڌ هئڻ ڪري.”
    جيتوڻيڪ اسان کي اُڃ نه هئي ته به پاڻي پيئڻو پئجي ويو. ۽ جڏهن اسان پاڻي پي ورتو ته ڇوڪريءَ پڇيو، “توهين ڪٿان کان آيا آهيو؟”
    “اسين پرديسي آهيون.” امام الدين معنيٰ خيز نظرن سان ڇوڪريءَ ڏانهن ڏسندي چيو، “۽ ديسين کي پرديسين جو خيال ضرور ڪرڻ گهرجي.”
    ڇوڪريءَ ٻاراڻي مان وراڻيو، “هتي سڀ پرديسي مسافر آهن.”
    “اوهه......” امام الدين چيو، “هي ته معرفت جون ڳالهيون پيئي ڪري. ماٺڙي ڪري هل. هتي دال ڪونه ڳرندي.”
    ڇوڪري اهو جملو ڪنهن ڪتاب ۾ ڪونه پڙهيو هو. هن بنا سوچڻ سمجهڻ جي انتهائي بيوقوفي جي عالم ۾ ايئن ئي چئي ڏنو هو. هوءَ جيڪڏهن ذهين يا پڙهيل لکيل، يا سمجهدار ڇوڪري هجي ها، ته هن وهي ۾ جهنگل ۾ بلڪل اڪيلي رڍون، ٻڪريون قطعي ڪونه چاري ها. پر هوءَ ته هڪ بيوقوف، بلڪل ڄٽ ڳوٺاڻي ڇوڪري هئي ۽ هن وٽ پنهنجي حفاظت لاءِ سواءِ بيوقوفي جي ٻيو ڪجهه به ڪو نه هو. ۽ آخر ۾ انهي بيوقوفي ئي هن جي حفاظت ڪئي ۽ اها بيوقوفي ئي هئي، جيڪا هن جي اڄ تائين حفاظت ڪندي آئي هئي. اڄ به جهنگل ۾ ٻه اجنبي آيا هئا ۽ انهي بيوقوفي ئي سندس حفاظت ڪئي هئي ۽ بي وقوفي جي ڪري ئي هن جي ذهن ۾ ڪڏهن به اهو خيال پيدا ڪو نه ٿي ٿيو، ته ڪو اجنبي جهنگل ۾ هن ڏانهن ڪڏهن بري نيت سان ڏسي به سگهيو ٿي.
    هوءَ ويچاري ته بيوقوف هئي نه ...... جيڪڏهن عقلمند هجي ها ته پوءِ جيڪو وهي واپري ها، اُن جو پتو توهانکي اخبارن مان پئجي وڃي ها.
    هي هڪ بيوقوفي جو ننڍڙو مثال آهي. ان مان بيوقوفي جون خاصيتون اسان تي ظاهر ٿي وڃن ٿيون. ماڻهو هن گڻ کي مختلف نالن سان پڪاريندا آهن. معصوميت، جهالت، نالائقي. پر آءٌ ته انهن مڙني کي بيوقوفي ئي ڪوٺيندس. بيوقوفي کي ماڻهو تمام برو سمجهندا آهن. برو چوندا آهن ۽ اُن کان نفرت ڪندا آهن ۽ اُن تي کلندا آهن. اُن جي مقابلي ۾ اڄ ڪلهه وري عقل جي پوڄا ڪئي وڃي ٿي. عقل وڏي ڳالهه آهي. عقل جو دنيا تي راڄ آهي، هن دنيا ۾ به ۽ هُن دنيا ۾ به، ماڻهن کي چوندي ٻڌندا آهيون ته “فلاڻو بيوقوف آهي، نالائق آهي، جاهل آهي. کيس ڪو به مان نه ڏيڻ گهرجي.”
    “فلاڻو ماڻهو عقلمند آهي، هوشيار آهي، دانشور آهي، اُن کي بادشاهت ڏيئي ڇڏيو.”
    عقلمندي ۽ بيوقوفي ۾ ڪجهه انهي قسم جي وڇوٽي قائم ڪئي ويئي آهي، جنهن ڪري هر ڪو ماڻهو عقلمندي جو سهارو وٺڻ پسند ڪري ٿو.
    سياستدان عقلمند هوندو آهي، شاعر بيوقوف هوندو آهي. سماج جي ترتيب کي قبول ڪرڻ وارو عقلمند هوندو آهي، عاشق بيوقوف هوندو آهي. پنهنجي دماغ جي هوڏ تي ڪارخانو هلائيندڙ سرمائيدار عقلمند هوندو آهي. پنهنجي هٿن ۽ پيرن سان ڪم ڪرڻ وارو مزور بيوقوف هوندو آهي.
    ناچ گهر ۾ ميڪ اپ ڪيل نچندڙ ڇوڪري عقلمند هوندي آهي. رڍون ۽ ٻڪريون چاريندڙ ڇوڪري بيوقوف هوندي آهي.
    عقلمند ۽ بيوقوف!
    دنيا ۾ بيوقوفي نه هجي ته سهڻا ۽ حسين ماڻهو ڪنهن تي کلندا؟ ظاهر آهي ته هو ايترا ته بيوقوف ناهن، جو پاڻ تي کلي ڏين. ڇاڪاڻ جو پنهنجو پاڻ تي کلڻ لاءِ به، بيوقوفي جي عنصر جو موجود هئڻ ضروري آهي، جيڪو عقلمندن ۾ ناياب آهي. چارلي چپلن جي عظمت جو راز به اُن جي بيوقوفي جي حرڪتن ۾ سمايل آهي. هو خود ڪونه ٿو کلي، پر پنهنجي بيوقوفي سان، ساري سنسار کي کلڻ جي ڪوٺ ڏئي ٿو ۽ جيڪڏهن دنيا ۾ کل ۽ ٽهڪ نه هجن، يا ٻين لفظن ۾ ايئن ئي کڻي چئجي ته بيوقوف ماڻهو نه هجن، ته پوءِ هي دنيا شادي جي گيتن جي بجاءِ موت جي نوحن ۾ تبديل ٿي وڃي.
    دنيا جي خوشي لاءِ، مسرت لاءِ، کلڻ لاءِ، بيوقوفي جو هئڻ لازمي آهي.
    کل ۽ خوشي کان علاوه خوبصورتي جو دارومدار به بيوقوفي تي آهي. عورت جيتري به خوبصورت هوندي آهي، اوتري ئي بيوقوف. عقلمند سدائين بيوقوف تي کلندو آهي. سياستدان شاعر تي، سماج پرست عاشق تي، سرمائيدار مزور تي ۽ پڙهيل ريڍارڻ تي.
    عقلمند ۽ بيوقوف!
    پر منهنجي سمجهه ۾ نٿو اچي ته بيوقوف کي برو ڇو ٿو تصور ڪيو وڃي؟ دنيا ۾ مٺڙين مرڪن ۽ بي حساب ٽهڪن جو ڪارڻ، بيوقوفي ئي هوندو هو. آهي. حسن ۽ عقل جو پاڻ ۾ وير رهيو آهي ۽ خوبصورت ڪڏهن به عقلمند ناهي هوندو. حسين عورت، چانڊوڪي، ٽڙندڙ گلاب، .....ڪڏهن ڪنهن انهن کي عقلمند پاتو آهي؟ پر پوءِ به الائي ڇو ماڻهو عقلمندي تي فدا آهن؟
    حسن، کل، خوشي، سچائي، مطلب ته دنيا جي ڪنهن به سٺي شيءِ ۾، عقل هوندو ئي ناهي. پوءِ به هي ماڻهو عقل جي پويان ديوانا آهن. احمق ڪنهن جاءِ جا. منهنجو مطلب آهي ته عقلمند ڪنهن جاءِ جا.
    اهو سوال توهان به ٻڌو هوندو ته عقل وڏو يا مينهن؟ آءٌ ته مينهن کي ئي عقل کان وڏو سمجهان ٿو. مينهن کير ڏئي ٿي، هن جي کير مان مکڻ ۽ ڏڌ ٺهي ٿو. هن جي هڏن مان ڀاڻ ۽ سڱن مان چاقو جا ڳن تيار ٿين ٿا. هن جي کل مان جوتا ٺهن ٿا، مينهن زندهه يا مرده ٻنهي حالتن ۾ عقل کان وڏي آهي. هن جو سنڌ سنڌ انسان کي فائدو پهچائي ٿو ۽ عقل.....؟
    عقل اڄ تائين انسان لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ ڳالهاءِ اي ناچ گهر ۾ نچندڙ ڇوڪري! ٿورو جهنگل ۾ رڍون ۽ ٻڪريون چاريندڙ ريڍارڻ سان پنهنجي سونهن جو مقابلو ته ڪري ڏيکار!. پنهنجي منجهيل ۽ پريشان ذهن جو، ريڍارڻ جي ذهني تازگي، چلولائي ۽ بيوقوفي سان ڪٿ ڪري ڏس! پوءِ توکي پتو پوندو ته عقل وڏو يا مينهن.
    سرمائيدار سدائين مزدورن تي کلندو آهي. بيوقوف جاهل، مون کي ڏس! آءٌ پنهنجي عقل سان اُنهن لکين مزورن جو حاڪم آهيان. هي ڪارخانو هلايان ٿو. منهنجي آمدني لکن ۾ آهي ۽ هن مزور کي چند ٽڪا ملن ٿا، ڇو جو هو بيوقوف آهي. جيڪڏهن مون وانگر عقل مند هجي ها ته هن جي اها حالت نه هجي ها.
    سماج پرست عاشق تي کلي ٿو. منهنجي زال آهي، ٻار آهن، پنهنجو گهر آهي، مٽ مائٽ، يار دوست آهن، دنيا ۾ عزت ۽ مان آهي، مرڻ کانپوءِ جنت آهي ۽ تون.....تون باغي، منحرف، جهنگلن ۽ بيابانن جي مٽي ڇاڻين ٿو. فرهاد هٿوڙو کڻي پهاڙ ٽڪي ٿو. ڪچي گهڙي تي سهڻي درياهه ٽپي ٿي. بيوقوف جاهل عاشق! نه تنهنجي ننڊ پنهنجي آهي ۽ نه راتيون. نه توکي هن دنيا ۾ آرام حاصل آهي ۽ نه آخرت جو فڪر. هي به ڪا زندگي آهي؟ بيوقوف!
    سياستدان شاعر تي کلندو آهي. آءٌ ڪم ڪريان ٿو. شاعر شعر لکي ٿو. آءُ دنيا جو نظام هلايان ٿو، هي خواب ڏسي ٿو. آءٌ اوچيون عمارتون ٺاهيان ٿو، هي وڻ جي ڇانوَ ۾ سمهي ٿو. آءٌ قوم جي تقدير بدلايان ٿو، هي ڪتاب جو ورق اُٿلائي ٿو.
    جاهل، بيوقوف، بي فائديمند!
    عقلمند جي عقلمندي جو جواب ڀلا بيوقوف وٽ ڪهڙو هوندو؟ هو ته هر حالت ۾ بيوقوف آهي. هو ته فقط اهو ڄاڻي ٿو ته، انسان سوين سالن کان پنهنجي قسمت، عقل مند ماڻهن جي حوالي ڪئي آهي، پر اُنهن عقلمند ماڻهن، اڄ تائين دنيا ۾ خوشي، مسرت ۽ حسن جي هڪ رتي جو سدائين لاءِ ته ڇا، پر گهڙي پل لاءِ به اضافو ناهي ڪيو. جيئن جيئن عقلمندي وڌي ٿي، سماج جو دائرو تيئن تيئن تنگ ٿيڻ لڳي ٿو. ۽ ناچ گهر جو دائرو وسيع ٿيڻ لڳي ٿو. ڪرپشن ڦهلجي ٿي، عشق مري ٿو. قومن ۾ جنگيون ٿين ٿيون. ڪارخانن ۾ هڙتالون ٿين ٿيون. ڇو جو عقلمند سرمائيدار چاهي ٿو ته هن جو ڪارخانو هر سال کان زياده نفعو ڪڍي. انهي انفرادي فعل ۾ مزورن جي حالت خراب ۽ ابتر ٿيندي وڃي ٿي. ايتريقدر جو عقل مندي، اُنهن جاهل مزورن کي انقلاب جو رستو ڏيکاري ٿي. اهڙي طرح هر عقلمند سياستدان، هي چاهي ٿو ته هُن جي قوم ترقي ڪري ۽ دنيا جي سڀني قومن کان بازي کڻي وڃي.زمين هڪ آهي، پر هڪ زمين کي عقلمندي سان جاگرافيائي حدن ۾ ورهايو وڃي ٿو، ۽ اها عقلمندي ئي قومن کي نفرت ۽ جنگ جو نقشو ڏيکاري ٿي ۽ هر پنجويهه سالن کان پوءِ نوجوان نسل خاڪ ۽ خون جي بستري تي ليٽندي نظر ايندا آهن. ڇو جو دنيا ۾ عقلمند سياستدان جو راڄ آهي. ناچ گهر ۾ نچندڙ ڇوڪرين جو اثر آهي نه ڪه ريڍارڻ جو. ڪارخاني ۾ سرمائيدار جو حڪم هلي ٿو، نه ڪي مزور جو.
    سوين سال انسانيت، انهن عقلمند سياستدانن، جاگيردارن، سرمائيدارن، سماج جي ٺيڪيدارن ۽ ڪوٺن جي رقاصائن کي آزمايو آهي، پرکيو آهي ۽ هاڻي جيڪڏهن چند ڏينهن لاءِ احمق شاعرن، عاشقن، مزورن ۽ ريڍارن جي بيوقوفي کي به آزمايو وڃي ته ڪهڙو هرج آهي؟ سوين سالن کان اسين ماڻهو عقلمندن جي عقل ۽ ڏسيل رستن تي هلندا آيا آهيون ۽ هاڻ جيڪڏهن ٻه گهڙيون بيوقوفي جي دنيا ۾ ساهه کڻون ته ڪهڙو هرج آهي؟
    احمق ڪنهن جاءِ جو، بيوقوف!
    هي سچ آهي ته منهنجي تجويز بيوقوفي تي ٻڌل آهي، پر سچ پچ ڪڏهن ڪڏهن ته دل چاهيندي آهي ته جيڪر ان عقلمندي جو گلو ئي گُهٽي ڇڏجي، پر پوءِ ڊپ کان ماٺ ڪري ويهي رهندو آهيان، ڇو جو دنيا ۾ وڏن وڏن عقلمندن جو راڄ آهي ۽ ........
    ڪاش! دنيا جا سڀ ماڻهو بيوقوف هجن ها.


    مقدس

    هو بي حد شريف، ڳالهير ۽ معصوم هو. هو اُنهن محدود ۽ چند خوشقسمت ماڻهن مان هو جن کي پنهنجين زالن سان والهانه محبت هوندي آهي. جيڪي پر ائين عورتن کي تعريفي نگاهن سان ڏسي وٺندا آهن. پر ڪو به برو ارادو دل ۾ نه رکندا آهن. ڪجهه نفسيات جي ماهرن جو خيال آهي ته اهو ناممڪن آهي، بلڪل بڪواس ٿا ڪن شريف ڪنهن جاءِ جا!.
    هن جي خوش قسمتي جو دليل اهو به اهي ته هن جي زال شادي جي ٻئي مهيني پيٽ سان ٿي ويئي ۽ جڏهن سڪيلڌي پٽ يعني هر وقت رئڻ واري ننڍڙي ٻارڙي جنم ورتو ته، هن جي بدلي ڪنهن ٻئي شهر ۾ ٿي ويئي. هي شهر هن جي وطن کان پنج سئو ميل جي مفاصلي تي هو. لاچار هن کي زال ۽ پٽ کي ڇڏي وڃڻو پيو. ان ڳالهه جو هن سان گهرو تعلق هو ۽ اڪثر سنگت جي محفل ۾ چوٿين پيگ کان پوءِ هو پنهجي حد کان خوبصورت زال ۽ خوبصورت پٽ جو ذڪر ڪري روئي ڏيندو هو.
    هي شهر نئون هو. يعني هن لاءِ نئون هو. نوڪري به نئين هئي. يعني هن جي لاءِ نئين هئي. پگهار گهٽ هو يعني..... بس سڀني جي گذاري لاءِ گهٽ هئي. هر وقت نوڪري جي وڃڻ جو خطرو لاحق رهندو هو. انهي لاءِ هو پنهنجي زال کي گهرائڻ مناسب ڪو نه سمجهندو هو. ڪجهه مهينن کان پوءِ...... البته.... هو هر چند مهينن کان پوءِ اهڙي طرح سان سوچيندو هو. ان دوران هن جي محبت اڃان به وڌندي ۽ گهري ٿيندي وئي هن جي سڪ ۽ اُڃ وڌنڌي ويئي.
    آه! آئون توکي ڪيئن ٻڌايان. مون کي زال سان ڪيتري محبت آهي. منهنجي زال ته هڪ ديوي آهي، ان قدر پوتر، مقدس، معصوم، حسين، جيئن ڪنول جو گل..... هن شهر ۾ ته ان جهڙي عورت موجود ئي ناهي!
    هو هر روز پنهنجي زال کي خط لکندو هو. هر روز هن جي زال هن کي خط موڪليندي هئي. هر روز ٽپال آفيس ۾ اُنهن جي ارمانن جو چرچو هوندو هو.
    هونئن ته هو ڏاڍو خوش مزاج هو. حسين ۽ مختلف قسم جي عورتن جي خوبصورتي ۽ اُنهن جي جسم جي حصن کي هڪ ماهر جوهري جيان پرکي سگهيو ٿي. هن جون ٽنگون سهڻيون آهن، لسيون آهن. هن جي اڇي رنگ ۾ نئين ريشم جو جلوو آهي. نڪ خنجر جي ڌار آهي. هن جي جسم ۾ پچي ويل صوف جي خوشبوءِ آهي. هن جي چال ۾ غرور آهي، حيا به آهي، جيوميٽري جي اعتبار سان هي دنيا ڀر ۾ سڀ کان موزون چيل آهي... پر منهنجي زال.....!
    هڪ سال گذري ويو
    جنگ شروع ٿي وئي.
    شيون مهانگيون ٿيڻ لڳيون. هن جي پگهار ۾ ڪجهه اضافو ضرور ٿيندو هو. پر قيمتن ۾ اُن کان ٻيڻون بلڪه اڪثر حالتن ۾ چئوڻو اضافو ٿيندو هو. هن جي پنهنجي شهر ۾ به ايتريقدر شيون مهانگيون نه ٿينديون هيون ۽ وري گهر هن جو به پنهنجو هو. مسواڙ ڏيئڻي ڪو نه پوندي هئي. پر هن نئين شهر ۾ ته هتي هو، پنهنجي هڪ دوست وٽ رهندو هو. مصلحت، جنگ، فراق.....
    هن پنهنجي زال کي چار سئو ڀيرا لکيو. مون کي توسان بي انداز محبت آهي.
    هن جي زال هن کي چار سئو هڪ ڀيرو لکيو، پيارا اسين ٻيئي چنڊ ۽ چڪور جيان آهيون.
    هن پنهنجي زال جو خط پڙهي سوچيو. اهو ٺيڪ آهي چنڊ ۽ چڪور، ڪڏهن چنڊ هوندو آهي ته چڪور ڪو نه هوندو آهي. چڪور هوندو آهي ته چنڊ نه هوندو آهي. ٻيئي هجن ته ڪجهه ٻي مصيبت اچي ويندي آهي. بادل اچي ويندا آهن. بارش ٿيڻ لڳندي آهي. جنگ شروع ٿي ويندي آهي. بدلي ٿي ويندي آهي.
    هن پنهنجي زال کي خط لکيو پنهنجي نئئن تصوير موڪل.
    تصوير آئي، دوستن ڪنول جي گل کي ڏٺو ۽ گليڪسو بسڪٽ يعني ٻارڙي کي به، دوست ساڙو بڻجي ويا. اُلٽيون سليٽون خبرون ڪرڻ هو ڏاڍو خوش ٿيو.
    هر روز رات جو سمهڻ کان اڳ هو انهن ٻنهي تصويرن کي وهاڻي هيٺان ڪڍي ڏسندو هو، دل سان لڳائيندو هو. پوءِ اُنهن کي چمندو هو ۽ پوءِ، بجلي جي بتي گل ڪري سمهي رهندو هو ۽ خيال خيال ۾ رات جو دير تائين پنهنجي زال سان ڳالهيون ڪندو رهندو هو. آهه منهنجي جان! مون کي توسان ابدي محبت آهي، لازوال، ڪڏهن نه مرڻ واري.!
    ٻه سال گذري ويا پر موڪل نه ملي.
    زندگي ڦڪي ٿيندي وئي. يادون ڌنڌليون ٿينديون ويون..... هر شام، هو پنهنجن دوستن سان مان اسٽريٽ ۾ چڪر لڳائيندو هو.
    اڙي ڏس يار.... هو سنهڙي ڇوڪري.... اڙي هو غالب جو شعر آهي نه!......
    ڪجهه ڏينهن کان روزانو هڪ پارسڻ بدهو جي پل تان گذري مان اسٽريٽ ۾ داخل ٿيندي هئي ۽ ڏاکڻي چوڪ تائين لڏندي ڪڏندي وري پل جي طرف موٽي ايندي هئي.... هي هرڻي جهڙيون اکيون، ڄڻ لڙڪن سان ڌوتيون ويون هجن..... هي ماڪ بني مسڪراهٽ ..... چيل جي هي ظالم نخريلي لوڏ......
    هو ڪجهه ڏينهن هن کي ڏسندو رهيو ۽ هن ۾ مقدس ۽ پوتر تخيل جا بلبلا اُڀرڻ لڳا.
    ڪڏهن هوءِ داڻن جي رنگت جهڙي ساڙهي ۾ سجيل ته ڪڏهن نيري سائي رنگ جي ساڙهي ۾، ڪڏهن نيم عريان چولي ۾..... هر بار هن جي سنورجڻ جو هڪ انوکو انداز هوندو هو.... ۽ اها ماڪ بني مسڪراهٽ.
    هو تيز گهوريندو، هڪ چتو ٿي هن جي پويان پويان هلندو هو، جيئن بنا پئٽرول موٽر رسي سان ٻڌل ڪنهن تيز رفتار گاڏي جي پويان ڀڄندي آهي.
    چئن پنجن ڏينهن کان پوءِ هوءِ وري نظر نه آئي. جڏهن دوستن پڇيو ته چوڻ لڳو” منهنجي زال سان هن جي شڪل ملي ٿي، تو غور ڪو نه ڪيو؟...... آه مون کي پنهنجي زال سان ڏاڍي محبت آهي.... دراصل تمام گهٽ اهڙيون عورتون آهن منهنجو ذوق نالائق، حسن جي پرک جو ڪمبخت معيار حسن ايترو بلند ٿي ويو آهي جو هاڻي وچين طبقي جي حسين عورت وڏي مشڪل سان ئي وڻندي آهي.”
    دوست اُن وقت مان اسٽريٽ مان گذري رهيا هئا. هڪڙي پڇيو، “هن ڇوڪري متعلق تنهنجو ڇا خيال آهي؟ ”
    ٻانهون سٺيون اٿس پر چال ۾ اُها مستي ناهي.
    “۽ هوءِ ڄمون رنگ واري؟”
    حسين آهي پر ٿوري ڀاري...... ٿوري عمر زياده..... ذرا..... آ! “منهنجي زال!”
    دوست کلڻ لڳا.
    هڪ سال ٻيو به گذري ويو.
    هاڻ هو اڪثر اڪيلو گهمڻ ويندو هو. ڇو جو هنجو جو معيار حسن گهڻو اعليٰ ٿي ويو هو ۽ گهڻا دوست ان ۾ تخليق پسندي جا قائل نه هئا.
    اُنهن جي زندگي تجرباتي هئي. اُهي غلطين جا قائل هئا. انهن جو فلسفو ناپيد نه هو. اُنهن کي فقط پنهنجين زالن سان محبت نه هئي، ڇو جو اُهي ڏينهن رات اُنهن سان ڄورن جيان چهٽل هيون. اُنهن لاءِ هر عورت جيڪا اُنهن جي زال نه هئي حسين هئي.
    هاڻي هو اڪيلو رهجي ويو هو. مان اسٽريٽ ۾ لوسي جون ٽنگون هن کي خطرناڪ حد تائين پسند اچڻ لڳيون ۽ هن جي دماغ جي ڌنڌ لائين ۾ بار بار نچڻ لڳيون. هن جي من چاهيو ته هو اُنهن کي فقط هڪ ڀيري ايئن.... ڇهي ڏسي.... لارا جي پيشاني جا ور هن کي تمام سٺا لڳا ۽ ڪيٽ جو پنهنجن وارن کي گهمائي غرور مان ڪنڌ کڻي هن کي ڏسڻ ۽ جمشيد جي لانڊري واري پارسي جي نوجوان زال جو ڪلهن کي چڪي جي پٿرن وانگر گهمائي هلڻ.... عجيب نشو آهي هنن ۾ . ڪهڙيون نه ڌوتل پوتل اُجريون ڇوڪريون آهن!.
    ۽ وري سينيما هال ۾ آمريڪي سپاهي سان گڏ جنهن نخريلي ۽ چلولي ڇوڪري کي ڏٺو. فقط چهرو ئي- پر ايمان سان ڇا ته چهرو هو!.... جيئن تازي صوف جو نرم روح......
    جي ها! هن کي پنهنجي زال سان محبت هئي. هن کي لارا سان ڪيتري سچي پاڪ، مقدس، بي لوث محبت هئي. جڏهن هن کي پنهنجي پوتر محبت جو خيال آيو ٿي هن جي گلي ۾ هڏڪيون تڙپڻ لڳيون ٿي ۽ اکين ۾ لڙڪ. آه هن جي دل ۾ ڪيتري قدر نه محبت هئي.
    هڪ سال ٻيو به گذريو ويو.
    ڪرسمس جي رات هئي. مان اسٽريٽ جون ڇوڪريون دڪانن جي طرح سينگاريل ۽ سجيل هيون. بجلي جي پوتر روشني چهري تي ٿڙڪي رهي هئي ۽ نچي رهي هئي. چڪا چڪا بوم چڪ، چڪا چڪا بوم چڪ!.
    ڪرسمس جي رات هئي ۽ هو چئن سالن کان هڪ ڪنواري جي طرح معصوم هو. ڇو ته هن کي پنهنجي زال سان محبت هئي.
    دوستن چيو، “اڄ ڪرسمس جي رات آهي، سڀاڻي وري نئون سال آهي. اچ تون به زندگي جي باهه ۾ ٽپو ڏي.”
    هن ڏاهپ جي انداز ۾ چيو “توهان کي ڪهڙي خبر ته محبت ڇا ٿيندي آهي؟....... ۽ وري هر شخص جو پنهنجو معيار ٿيندو آهي.“
    هوٽواٽي تي پنهنجي گهر جي طرف مڙي ويو.
    رستا، گليون، ڪوٺيون، بازارون ڪنهن پراڻي ريلوي اسٽيشن جي لائينن جيان نطرن جي حد تائين ڦهليون پيون هيون. هو هلندو هو ۽ هن جي دماغ جي ڌنڌلائپ ۾ ناچ گهر جو شور ۽ خوشبوءِ ۽ پيشاني جا ور ۽ ٽنگون ۽ سرسر ڪندڙ ساڙهيون.... هو تيز قدمن سان هلندو ويو. آخر هن کي محسوس ٿيو ته هن جو گهر اچي ويو آهي. هو بيهه رهيو، گهر جي انڌيري چائنٺ تي هڪ عورت بيٺل هئي.
    هن جي زال!
    هن مسڪرايو
    هڪ عرصي بعد جڏهن هن کي ٿورو هوش آيو ته هن کي محسوس ٿيو ته هي سندس جو گهر ناهي. هن ڏٺو ته هو هڪ ننڍي قد ۽ ٿلهن ڏندن واري عورت جي گود ۾ شراب پي رهيو آهي ۽ هن کي بار بار چئي رهيو آهي: “منهنجي جان، پياري مون کي توسان بي انداز محبت آهي. مقدس.... بي لوث....!”
    رنڊي ڦڪي، بي جان لهجي ۾ چيو، “ها! آءُ چنڊ...... تون چڪور..... ڀلا هي ريڊيو ته کول.....”


    پراڻو قرض

    اڄ کان ٻه سئو سال پهرين، انگريزي فوجن آمريڪا جي آزادي جي لڙائي جي ڏينهن ۾، فليڊ لفيا جي هڪ گر جا گهر جي عمارت کي نقصان پهچايو هو.
    ان سلسلي ۾ ڪجهه مهينا گذريا جو اُن گرجا گهر جي پادري جوزف ڪوسي انگلينڊ کان اُن نقصان جي عيوض ڏنڊ جي رقم جي گهر ڪئي. ٻن سالن کان پوءِ انگلينڊ جي چانسلر آف ايڪس چيڪر اُن گرجا گهر جي پادري کي هڪ تمام سٺو خط لکيو ۽ ڏنڊ جي طور ڇهه پائونڊ اٺ شلنگ ۽ هڪ پينس رقم ڀري ڏني.
    اهو خط سڄي دنيا جي اخبارن ۾ ڇپجي چڪو آهي ۽ دنيا جي چئني ڪنڊن ۾ انگريزن جي سچائي ۽ حق جي فيصلي جي ڌوم مچي ويئي آهي. ماڻهو چون ٿا ته، جڏهن ته دنيا ۾ ڀاءُ ڀاءُ جو قرض ادا نٿو ڪري، اڄ به اهڙي قوم آهي جيڪا پنهنجو قرض پائي پائي ڪري چڪائي ڇڏي ٿي. ۽ اُها آهي انگريز قوم. ٻه سئو سال پراڻو قرض چڪائي انگريز چانسلر انگريزي ايمانداري ۽ شرافت جو هڪ اهڙو مثال قائم ڪيو آهي جنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي.
    هندستان ۾ انگريز چانسلر آف ايڪس چيڪر جي خط جو تمام گهڻو اثر ٿيو آهي ۽ سڀ کان زياده اثر مون تي ٿيو آهي.
    جڏهن مون اخبارن ۾ هي خط پڙهيو ته انگريز حڪومت جي انساني محبت ۽ شريفاڻين عادتن ڏاڍو متاثر ڪيو. منهنجي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا ۽ ٻن ڪلاڪن تائين لڳاتار رئندو رهيس.
    پوءِ آئون پنهنجا لڙڪ اُگهي پنهنجي گندي ڪمري کان ٻاهر نڪري آيس ۽ اخبار جي اها خبر ڪٽي ڪجهه ماڻهن سان ملڻ لاءِ نڪري پيس.
    انهن ملاقاتن جو هن وقت تائين نتيجو اهو نڪتو آهي ته، صرف اسان جي ملڪ هندستان مان سوين ماڻهن انگريز چانسلر کي مبارڪباد جا خط لکيا آهن. اهي خط دنيا جي ڪنهن به اخبار ۾ نه ڇپيا آهن.
    هي خط پهريون ڀيرو اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيو آهيان. جاءِ جي کوٽ جي سبب سڀ خط ته ڇاپي نٿا سگهجن. نموني جي طور صرف ڪجهه خط پيش ڪريان ٿو.

    پهريون خط
    پانڊي شڀ وچن شرما جي طرفان چانسلر آف ايڪس چيڪر جي نانءُ!
    جئي رام جي!
    اڄ کان ٻه سئو سال پهرين انگريزن فيلڊ لفيا جي گهرجا گهر جي عمارت کي نقصان پهچايو هو. اُن لاءِ اوهان ڇهه پائوند اٺ شلنگ ۽ هڪ پينس جو هرجاڻو ادا ڪري، جيڪو قدم کنيو آهي اُن لاءِ آئون توهان جو دلي شڪريو ادا ڪريان ٿو. اڄ کان ڏيڍ سال پهرين اهڙي طرح انگريز فوجن لڙائي ۾ منهنجي ٻن مندرن کي نقصان پهچايو هو. انگريز فوجن جي گولاباري سان اسان جو هڪ مندر ته بلڪل ڀڄي پيو هو ۽ ٻئي جي چئوديواري ڪري پئي هئي. اُن زماني جي تحصيلدار نقصان جو ڪاٿو ٻه لک لڳايو هو. مهرباني ڪري هي رقم جلد کان جلد موڪلڻ جي تڪليف ڪندا. ٿيل نقصان جي تخميني بابت تحصيلدار بنارس جي لکيل دستاويز کي ثبوت طور گڏ اوهان جي خدمت ۾ خط سان گڏ موڪلي رهيو آهيان.

    ٻيون خط
    مولانا صلاح الدين جي طرفان لارڊ بشپ آف ڪينٽربري جي نانءُ !
    اسلام وعليڪم!
    توهان کي معلوم هوندو ته شري رنگ پٽم جي مقابلي ۾ ٽيپو سلطان جي خلاف وڙهندي انگريزن ٽن مسجدن کي شهيد ڪيو هو. جاني ۽ روحاني نقصان جي علاوه صرف مالي نقصان جو اندازو ڏهه لک رپين جو آهي. جيڪو انگريز تاريخ لکندڙن جي تاريخي رڪارڊ مان به ثابت ڪري سگهجي ٿو. جنهن جو هڪ نقل خط سان شامل ڪري رهيو آهيان. مون کي پورو ڀروسو آهي ته فيلڊ لفيا جي گرجا گهر جي مثال کي سامهون رکندي، اسان کي به ڏهه لک جو هرجاڻو ضرور ادا ڪيو ويندو. مسجد ۽ گرجا گهر ٻئي خدا جا گهر هوندا آهن ۽ سمجهيا ويندا آهن.
    انهي ڪري گرجا گهر جي هرجاڻي کي نظر ۾ رکندي هن خاڪسار کي مسجد جو هرجاڻو ڏياريو وڃي.
    هي عمل منهنجي لاءِ ۽ اسلام جي حامين لاءِ انتهائي شڪر ۽ اطمينان جو باعث بڻبو.
    مخلص: الحاج مولانا صلاح الدين چشتي
    امام مسجد، شري رنگ پٽم

    ٽيون خط
    ماسٽر تارا سنگهه جي طرفان لارڊ هوم جي نانءُ!
    ست سري اڪال!
    توهان ڄاڻو ٿا ۽ سڄي دنيا ڄاڻي ٿي ته، مهاراجه رنجيت سنگهه جي رشتي دارن تي انگريزن فوجي دٻاءُ وجهي انهن کان ڪوهنور هيرو ڦري ورتو هو. ان زيادتي ۽ بي ايماني جي خلاف اُن وقت به اواز اُٿاريو ويو هو ۽ انگريز حڪومت جي سموري عرصي دوران به هندستانين طرفان بار بار احتجاج ڪيو ويو هو. هاڻي جڏهن ته انگريز حڪومت پراڻا قرض چڪائي پئي. انصاف جي تقاضا اها آهي ته ڪوهنور هيرو اسان کي واپس ڪيو وڃي. جوهرين جي اندازي موجب ڪوهنور هيري جي قيمت اَٺ ڪروڙ رپيه ٿئي ٿي. اسان کي ڪوهنور هيرو جلد کان جلد ملڻ گهرجي.

    چوٿون خط
    بيگم رفعت محل آف لکنوي جي طرفان انگريز چانسلر جي نانءُ!
    آداب عرض!
    اوڌ جي بيگمن جي قصي کان ته توهان واقف هوندا.
    جڏهن ڪمپني بهادر کي پنهنجي فوجن کي پگهار ڏيڻ جي سلسلي ۾ پئسن جي سلسلي ۾ سخت ضرورت پئي ته، اُن وقت جي جناب لاٽ صاحب وارن هينگو مرحوم، (خدا اُن کي جنت نصيب ڪري) بيگمات ۽ اوڌ جو سڄو خزانو ضبط ڪيو هو.
    مهرباني فرمائي اُها لٽيل رقم جلد موڪليو.
    هنن ڏينهن ۾ لکنو ۾ سيلاب به اچي رهيو آهي. انهي لاءِ هن بندي کي جي ڪڏهن جلدي رقم ملندي ته توهان جي جان ۽ مال جي دعاگو رهندي. اُميد آهي ته هن ننڍڙي رقم لاءِ مون کي ياد ڏيارڻ جو موقعو نه ڏيندا.

    پنجون خط
    ميئر آف ڪلڪته جي طرفان ميئر آف لنڊن جي نانءُ!
    هي آءُ ڇا پيو ٻڌان؟ انگريز چانسلر اڄ کان ٻه سئو سال اڳ هڪ آمريڪي گرجا گهر جو نقصان ٿيڻ تي ڇهه پائونڊ، اٺ شلنگ ۽ هڪ پينس جي تمام وڏي رقم ادا ڪئي آهي. ڇا رقم ادا ڪرڻ وقت هو بليڪ هول آف ڪلڪته وارو واقعو ڀلجي ويا؟ جيڪو لارڊ ڪلائبو جي بدمعاشي ۽ بري عادت جي ڪري ٿيو هو ۽ جنهن ۾ کوڙ سارن بنگالين جون جانيون هليون ويون هيون. يقينن هڪ انسان جي زندگي گرجا گهر جي ديوار کان زياده قيمتي آهي. مرڻ وارن جي وارثن جو تعداد هن وقت ٻه لک کان مٿي آهي. هر ماڻهو کي فقط هڪ سئو رپيه به ادا ڪرڻ سان هي هرجاڻو ٻه ڪروڙ پنجاهه لک اٺهتر هزار نو سئو ست رپيه ست آنا ۽ ٽي پئسا ٿيندو. جيڪڏهن توهان هي هرجاڻو ادا نه ڪيو ته، اسين اوهان جي ڇهه پائونڊ اٺ شلنگ ۽ هڪ پينس جي چيڪ کي محض هڪ ڏيکاءُ سمجهڻ تي مجبور ٿينداسين.

    ڇهون خط
    هندستان جي وزيراعظم طرفان برطانوي وزيراعظم جي نانءُ!
    يورايڪسيلينسي!
    اهو چوڻ مشڪل آهي ته برطانوي چانسلر ٻه سئو سال پهرين گرجا گهر جي نقصان جو هرجاڻو ڀري صحيح قدم کنيو يا غلط. جيتوڻيڪ آئون مذهبي ماڻهو ناهيان. پر ان جو ٻيو پهلو اِهو به آهي ته جيڪڏهن هڪ هرجاڻو ادا ڪري سگهجي ٿو ته ٻيو ڇو نٿو ڪري سگهجي؟ پر ن ڳالهه جو به آساني سان فيصلو نٿو ڪري سگهجي.
    جيئن ته دنيا ڪافي معاملن ۾ منجهيل سٽ جيان آهي. اُن ۾ هڪ ئي وقت ايتريون طاقتون، ايترا رجحان ۽ ايترا جذبات ڪم ڪن ٿا، جو ڪنهن هڪ نتيجي تي پهچڻ مشڪل آهي. بهرحال هن دنيا ۾ حقيقتن سان اک ملائڻي ئي پوي ٿي. چاهي اُهو ايٽم بم هجي يا.... هي هڪ تاريخي سچائي آهي ته انگريز حڪومت جي زماني ۾ جڏهن هندستاني قوم غلام ۽ پٺتي پيل هئي، سڄي ملڪ ۾ ارڙهن وڏا ڏڪار پيا هئا (آئون ڪامنويلٿ جو خيال ڪندي ننڍن ننڍن ڏڪارن جو ذڪر نه ڪندس) جنهن ۾ جان ۽ مال جي سڌي ذميواري انگريز حڪومت جي هئي ۽ آهي. انهن ڏڪارن ۾ اڙيسا جي ٽيون حصو ۽ بهار جي چوٿون حصو آبادي ختم ٿي ويئي هئي. گذريل مهاڀاري لڙائي جي ڏينهن ۾ بينگال جي ڏڪار ۾ پنجٽيهه لک بينگالي موت جو شڪار ٿيا.
    ڀارت سرڪار هن نقصان جو اندازو پنجويهه ملين کرب پونڊ لڳايو آهي. آئون ڀارت سرڪار ۽ برطانيه سرڪار جي دوستي ۽ بين القوامي بهبودي کي نظر ۾ رکندي اُميد ٿو ڪريان ته توهان جلد کان جلد حڪم ڏيندا ته پنجويهه ملين کرب پائونڊ جي رقم چيڪ جي ذريعي هندستاني خزاني ۾ موڪلي وڃي.
    *
    ٻڌڻ ۾ آيو ته انهن ته انهن خطن جي پهچڻ کان پوءِ برٽش وزيرن جي خاص گڏجاڻي سڏائي ويئي. ڪارروائي جي دوران معلوم ٿيو ته نه صرف ڀارت پر سري لنڪا کان، پاڪستان کان، برما کان، سنگاپور کان، بورنيو کان چين کان، مصر کان، عراق کان، آفريڪا، کان ويسٽ انڊيز کان ۽ ٻين اُنهن تمام جڳهين کان جتي جتي برطانيه جي حڪومت رهي چڪي هئي، هزارين خط ان سلسلي ۾ مليا آهن. اُنهن ۾ هر خط ان قسم جي قرض جي باري ۾ آهي. پر جڏهن انهن رقمن کي جوڙ ڪيو ويو ته معلوم ٿيو ته، جيڪڏهن هرجاڻي جي ڪل رقم ادا ڪئي وڃي ته، مالي اعتبار سان انگلينڊ بلڪل انهي جڳهه تي پهچي ويندو جتي هو اڄ کان ٺيڪ ٻه سئو سال پهرين هو.


    ٿالهيءَ جو واڱڻ

    ته جناب ميرم پور ۾ منهنجو ڌنڌو نه هليو. لانگهن مٿي لانگها ٿيڻ لڳا. ۽ جڏهن کيسي ۾ آخري اٺ آنا بچيا ته مون پنهنجي زال کان پڇيو، “گهر ۾ٿورو اٽو به ناهي ڇا؟”
    هن نيڪ بخت چيو “چئن مانين جيترو ٿيندو.”
    مون کيسي مان آخري اٺ آنا ڪڍي هن کي ڏيندي چيو، “وڃ بازار مان واڱڻ وٺي اچ. اڄ ماني سان گڏ واڱڻن جي ڀاڄي کائي وٺنداسين.
    هن نيڪ بخت فڪرمند ٿيندي چيو، “هن وقت ته کائي لائينداسين. پر رات جي ماني جو ڇا ٿيندو؟.”
    “تون فڪر نه ڪر، هو مٿي وارو ڏيندو.” مون چيو ۽ پوءِ منهنجي نظر شيشي جي ان باڪس تي پئي جنهن ۾ هڪ ننڍڙو تاج محل رکيل هو. هي تاج محل مون پنهنجي زال لاءِ شادي جي شروعاتي ڏينهن ۾، آگري مان خريد ڪيو هو ۽ تاج محل کي ڏسڻ کان پوءِ ئي خريد ڪيو هو. محبت به ڇا شئي آهي. هن ويهن رپين جي تحفي کي ڏسي منهنجي زال جو چنڊ جهڙو چهرو گلابي ٿي ويو هو.
    مون شيشي جي تاج محل تي نظرون ٽڪائيندي چيو، “جي ڪجهه نه ٿيو ته هن رانديڪي کي وڪڻي ڇڏينداسين.” ته محترم! هن جو چهرو ايئن هيڊو ٿي ويو، ڄڻ ڪنهن هن جي چهري جو سڄو خون چوسي ورتو هجي. هن غصي، خوف، مجبوري ۽ نا اُميدي جي مليل جليل جذبات مان ڏڪندڙ آواز ۾ چيو “نه آئون ان کي وڪڻڻ ڪو نه ڏينديس. هي ته..... هي ته منهنجي سهاڳ جي نشاني آهي.”
    مون هن جي ڪاوڙ کي ٿڌو ڪندي نهايت نرم لهجي ۾ چيو. “ٺيڪ آهي ڪو نه وڪڻنداسين. ٻيو ڪجهه وڪڻنداسين. ٿي سگهي ٿو ته مٿي وارو ڪو رستو ڪڍي ڏي. تون هن وقت وڃي واڱڻ ته وٺي اچ. بک بي حال ڪري ڇڏيو آهي.”
    هوءِ بازار مان واڱڻ وٺي آئي. رڌڻي ۾ ويهي صندلي تي رکي اڃان هن پهريون واڳڻ ڪٽيوئي مس جو اُن کي اندران ڏسي حيران ٿي ويئي. “اڙي!” هن جي وات مان بي اختيار آواز نڪتو.
    “ڇا آهي؟” آئون بورچيخاني ۾ اندر ويس. هن مون کي ڪٽيل واڱڻ ڏيکاريو. “ڏس ته هن جي اندر ڇا لکيل آهي؟.”
    مون غور سان واڱڻ کي ڏٺو. واڱڻ جي اندر واڱڻ جا ٻج ڪجهه اهڙي طرح پاڻ ۾ جڙي ويا هئا جو لفظ الله چٽو ڏسڻ ۾ اچي رهيو هو.
    “هي ڀڳوان!”
    مون پنهنجي پيشاني تي هٿ رکي چيو، “هي ته مسلمانن جو الله آهي.”
    محلو پوربيان جتي آئون رهندو هوس، اُتي مليل جليل آبادي رهي ٿي. يعني اڌ هندن جي ۽ اڌ مسلمانن جي. ماڻهو وڏي تعداد ۾ واڱڻ کي ڏسڻ لاءِ اچڻ لڳا. هندن ۽ عيسائين کي هن واڳڻ تي يقين نه آيو. پر حاجي ميان اڇن اُن تي ايمان آڻي ورتو. پهريون نذر ۽ نياز اُن ئي ڏنو. مون اُن ڪٽيل واڱڻ کي شيشي جي باڪس ۾ رکي ڇڏيو. جنهن ۾ تاج محل رکيل هو. ٿوري دير ۾ هڪڙي مسلمان اُن جي هيٺان سائو ڪپڙو وڇائي ڇڏيو. ۽ پن ٻيڙي جو ڌنڌو ڪندڙ منن ميان قرآن خواني شروع ڪري ڏني. بس پوءِ ڇا ٿيو. شهر جي سڀني مسلمانن ۾ واڱڻ جو ذڪر شروع ٿي ويو. جناب! سمتي پوره کان ميمڻ پوره تائين ۽ بڄواڙي کان ڪماني ڳڙهه تائين ۽ هيڏانهن وري ٽيلي ميان جي چوڪ کان وٺي محلي ڪوٺياران تائين ماڻهو اسان جي گهر واڱڻ کي ڏسڻ لاءِ اچڻ لڳا. ماڻهن چيو، هڪ ڪافر جي گهر ۾ ايمان پنهنجو جلوو ڏيکاري ڇڏيو. نذر ۽ نياز وڌنڌو ويو. پهريئن پندرهن ڏينهن ۾ ست هزار ملي ويا. جنهن مان ٽي سئو رپيا ڪرم شاهه کي ڏنا، جيڪو چرس جو دم لڳائي واڱڻ جي هر وقت نگراني ڪندو هو.
    پندرهن ويهن ڏينهن کان پوءِ ماڻهن جو جوش ايماني ٿڌو پوڻ لڳو، ته هڪ رات جڏهن سائين ڪرم شاهه چرس جو دم لڳائي بي سڌ ستو پيو هو. مون آهستي پنهنجي زال کي جاڳايو ۽ وڍيل واڱڻ تان شيشي جو باڪس هٽائي چيو، “ڏس ڇا ٿو ڏسڻ ۾ اچيئي؟ هن چيو “الله.”
    مون وڍيل واڳڻ کي ڪنڊ کان ٿورڙو گهمائي پڇيو “هاڻي ڇا ٿو ڏسڻ ۾ اچيئي؟”.
    “اوم!” “اڙي هي ته اوم آهي.” منهنجي زال پنهنجو هٿ مٿي تي رکي ڇڏيو. هن جي پوري چهري تي حيرت نمايان هئي.
    راتو رات مون پندت رام ديال جو دروازو کڙڪايو ۽ هن کي سڏي وڍيل واڱڻ جي بدليل شڪل ڏيکاري. رام ديال رڙ ڪري چيو. “اڙي هي ته اوم آهي. ايترا ڏينهن مسلمان اسان کي دوکو ڏيندا رهيا.”
    هن جي رڙ ٻڌي سائين ڪرم شاهه جاڳي پيو. هن کي ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو. “هي ڇا ٿي رهيو آهي؟” هو ڦاٽل ڦاٽل ڳاڙهين اکين سان اسان ڏي ڏسي رهيو هو. پنڊت رام ديال هن کي لت هڻي چيو، “نڪر هتان، اسان جو ڌرم ناس ٿو ڪرين اوم کي الله ٿو چوين.”
    بس پوءِ ڇا ٿيو؟ سڄي شهر ۾ هي خبر باهه وانگر ڦهلجي ويئي ته وڍيل واڱڻ جي اندر دراصل “اوم” جو نالو لکيل آهي. پنڊت رام ديال سائين ڪرم شاهه جي جڳهه سنڀالي ورتي. رات ڏينهن آرتي ٿيڻ لڳي. ڀڄن ڳائجڻ لڳا. ڦل ڦول چڙهڻ لڳا. مون رام ديال جو حصو به رکي ڇڏيو هو. جيڪو محنت ڪري، اُن کي به اُن جو ڦل ضرور ملڻ گهرجي. پر واڱڻ تي وارثي منهنجي ئي رهي. هاڻي شهر جا وڏا وڏا مست جوڳي ۽ شڌ مهاتما ۽ سوامي، اُن واڱڻ کي ڏسڻ لاءِ اچڻ ڳا، جنهن الله مان اوم بڻجي هن واڱڻ ۾ گويا مسلمانن کي شڪست ڏني هئي ۽ پاڻي پٽ جي ٽنهي لڙاين جو بدلو وٺي ڇڏيو هو. شهر ۾ هر جڳهه بحث مباحثا ٿي رهيا هئا. هندو ڌرم جي فضليت تي دونهان دار ليڪچر ڏنا پي ويا. شهر ۾ بي چيني جي ڪيفيت پيدا ٿي چڪي هئي. هندن چيو ٿي هي اوم آهي، مسلمانن چيو ٿي هي “الله” آهي.
    هري اوم تت ست، الله اڪبر. گذريل پنجويهه ڏينهن ۾ تقريبن پندرهن هزارن جو ڦل فروٽ ۽ کاڌي پيتي جو سامان ماڻهن ڀيٽا طور چاڙهيو ۽ اُن کان علاوه سون جون منڊيون ۽ هڪ ڪنگڻ به ملي ويو. پر شهر ۾ آهستي آهستي ماڻهن جو نشو ٽٽڻ لڳو. پوءِ مون سوچيو ته هاڻي ڪا ٻي اٽڪل ڪرڻ گهرجي. سوچي سوچي جڏهن پنڊت رام ديال ڀنگ جي نشي ۾ ڌت فرش تي ستو پيو هو، مون پنهنجي زال کي جاڳائي چيو، “نيڪ بخت ڏس! هن شيشي جي باڪس جي اندر واڱڻ جي اندر توکي ڇا ٿو ڏسڻ ۾ اچي ٿو؟.”
    “هي ته صاف صاف “اوم” ئي آهي.”
    مون اوم جي پاسي کان واڱڻ کي ٿورو چوريو ۽ پڇيو، “هاڻي توکي ڇا ٿو ڏسڻ ۾ اچي؟” هن گهٻرائي وات ۾ آڱريون پائيندي چيو، “هي رام! هي ته ڪراس آهي، عيسائين جو صليب.”
    “شش”. مون پنهنجي چپن تي آڱر رکندي چيو، “بس ڪنهن کي ڪجهه نه. بڌائجان. صبح تائين چپ رهڻو پوندو. صبحاڻي آچر آهي. صبح جو پادري ڊيورنڊ سان ملندس.”
    وڍيل واڱڻ ۾ مسيحي صليب کي ڏسڻ لاءِ پادري ڊيورنڊ مون سان گڏ هليو. پوءِ هو عيسائين کي وٺي آيو ۽ واڱڻ تي صليب جي نشان کي ڏسي پنهنجي ڇاتي تي ڪراس بنائڻ لڳو ۽ عيسائي ڀڄن ڳائڻ لڳا. ۽ مٿي ته اڌ چادر اوڍيل خوبصورت فراڪ پاتل عورتون هن معجزي کي ڏسي خوشي مان نٿي سمايون.
    شهر ۾ بي چيني اڃان به وڌي ويئي. هندن چيو ٿي، هن واڱڻ تي “اوم” لکيل آهي. مسلمانن چيو ٿي “الله” آهي. عيسائين چيو ٿي “صليب” آهي. معاملو وڌندو ويو. هو هڪ ٻئي تي پٿراءُ ڪرڻ لڳا. ٿوريون گهڻيون ڇرين هڻڻ جون وارداتون به ٿيڻ لڳيون. سمتي پوره ۾ ٻه هندو ماريا ويا. ۽ مستري محلي ۾ ٽي مسلمان. هڪ عيسائي شهر جي وڏي چوراهي تي قتل ڪيو ويو. شهر ۾ قلم 134 لاڳو ڪيو ويو.
    جنهن ڏينهن منهنجي گرفتاري عمل ۾ اچڻ واري هئي، اُن کان اڳيئين ڏينهن واري رات، مون واڱڻ کي نهر ۾ اُڇلائي ڇڏيو. گهر جو سمورو سامان ٻڌي ورتو ۽ زال کي چيو، “ڪنهن ٻئي شهر ۾ هلي ڪو ٻيو ڌنڌو ڪنداسين.”
    ته جناب! ان ڏينهن کان آئون بمبئي ۾ آهيان. ميرم پور جي انهن ٻن مهينن ۾ جيڪا رقم مون ڪمائي هئي،اُن مان هڪ ٽيڪسي خريد ڪري ورتي آهي. هاڻي چئن سالن کان ٽيڪسي هلايان ٿو ۽ ايمانداري جي روزي ڪمايان ٿو. ايترو چئي مون ٽيڪسين جي اڏي تي ميز تان پنهنجو گلاس کنيو ۽ آخري ڍڪ ڀري اُن کي خالي ڪيو.
    هڪدم منهنجي نگاهه اُن طرف ڇڪجي وئي جتي منهنجي گلاس جي تري هڪ آلو نشان ٺاهي ڇڏيو هو. مون پنهنجي ٻئي ساٿي ٽيڪسي ڊرائيور محمد ڀائي کي چيو.
    “محمد ڀائي! ڏس ته هن گلاس جي تري هيٺان جيڪو آلو نشان ٺهيو آهي “اوم آهي يا الله آهي؟”
    محمد ڀائي غور سان نشان کي ڏٺو. پوءِ مون کي ڏٺو ۽ پوءِ منهنجي پٺي تي تي زور سان هٿ هڻندي چيو، “اڙي نالائق! هي بمبئي آهي، هتي نه اوم آهي نه الله ۽ نه صليب..... جيڪو ڪجهه آهي پئسو آهي بس پئسو.”
    ايترو چئي محمد ڀائي ميز تي هٿ گهمائي پاڻي جي نشان کي مٽائي ڇڏيو ايئن جيئن غلط اکرن کي مٽائبو آهي.


    ڏڪار اپايو

    خوراڪ جو مسئلو منهنجي اڳيان آهي. هر ماڻهو ڄاڻي ٿو ته هندستان کي خوراڪ جو تمام وڏو مسئلو درپيش آهي. اسين اُن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪئين طريقا آزمائي چڪا آهيون. سڀ کان پهرين ته اسان، ٽائمز اف انڊيا ۽ هندستان ٽائمز جي ڪالمن ۾ اناج اُپايو مهم شروع ڪئي. پر هي مهم ناڪام وئي ڇو جو هاري، ٽائمز اخبار ڪو نه ٿا پڙهي سگهن ۽ جيڪڏهن هو پڙهي سگهيا ٿي اُن جي عيوض ته به اُن تي هر هلائي نٿي سگهيا.
    ان ڪم لاءِ ضرورت هئي ٽريڪٽر ۽ زمين جي ٽڪرن جي. پر ان جي عيوض اسان ڇپائي جي مشين استعمال ڪئي. بيشڪ ڇپائي جي مشين نهايت ئي ڪارائتي شئي آهي. اُها لفظن جو انبار ته لڳائي سگهي ٿي پر اناج جو هڪ داڻو به پيدا نٿي ڪري سگهي. معمول جيان اسان غلط طريقا استعمال ڪندا رهياسين ۽ ناڪام ٿيندا رهياسين.
    اسان وزيرن جون تقريرون پيدا ڪيون. اشتهار پيدا ڪيا. ۽ آفيسرن جي فوج پيدا ڪئي. جن ڪاغز ۽ قلم جي مدد سان پنهنجين ميزن تي اَناج اُپائڻ جي ڪوشش ڪئي. قلم ۽ ڪاغذ زندگي جون سٺيون ۽ فائديمند شيون آهن. پر اُهي زمين جي پيداوار ۾ خود زمين ناهن.
    ان پوکڻ لاءِ اسان کي زمين جي ضرورت آهي ۽ زمين ڳوٺن ۾ هوندي آهي نه ڪه سول سيڪريٽرين جي ڇتن تي، انهي لاءِ ئي اسان جا کنيل سڀ اُپاءُ ناڪام ٿيا.
    هي آزادي جي پهريئن سال جو قصو آهي.
    آزادي جي ٻئي سال اسان کي نئون خيال سجهيو. اڄوڪي هندستان کي نون خيالن جي ضرورت آهي ۽ اهڙن نون نون ماڻهن جي ضرورت آهي، جيڪي نوان نوان خيال سوچي سگهن. گذريل ٽن سالن کان اسان ان قسم جي نون نون خيالن تي گذارو ڪري رهيا آهيون.
    جيئن ته اناج جي کوٽ جو مسئلو حل نه ٿي سگهيو. انهي ڪري هڪ نئون ماڻهو هڪ خيال کڻي آيو. “هڪ ٽاڻو لنگهڻ ڪاٽيو” جي مهم شروع ٿي، جنهن کي اُٿندي ئي ڪانگريسي وزيرن ۽ قانون ساز اداري جي ميمبرن جي آشيرواد به ملي ويئي.
    جيئن ته آئون غريب هئس. انهي لاءِ بنا سوچ سمجهه جي هي مهم بمبئي ۾ اٺ سال پهرين شروع ڪري چڪو هوس. هر روز هڪ وقت جي ماني کائيندو هوس. پر مون کي اِهو معلوم نه هو ته ان ڪم ۾ مون کي وڏن وڏن ناليوارن ليڊرن ۽ پارليامينٽ جي ميمبرن جي آشيرواد به حاصل آهي.
    هاڻي جڏهن مون کي ان مهم جي نيڪ مقصد جي خبر پئي ته مون هڪدم فيصلو ڪري ورتو ته هن اسڪيم کي ڳوٺن ۾ پهچائي ئي ساهه کڻندس. ڇو ته منهنجي وطن جي گهڻائي ڳوٺن ۾ رهي ٿي. انهي ڪري ان اسڪيم جي ڪاميابي ۽ ناڪامي جو دارومدار به انهن تي آهي. اُتي مون کي هڪ عجيب غريب تجربو ٿيو...
    بمبئي شهر کان اٽڪل ٽيهه ميل پري هڪ ڳوٺ ۾، اُتي جي ماڻهن مون کي هڪ وڻ سان ٻڌي ورتو ۽ چوڻ لڳا، “ڏس ڇوڪرا! اسين تنهنجي حب الوطني جو قدر ڪريون ٿا. پر هڪ ويلو بکيو رهڻ جي عادت تي ته اسين گذريل ٻن سالن کان عمل ڪري رهيا آهيون ۽ ڪيترا ڀيرا ته اسان فقط هڪ ويلو لنگهڻ ناهي ڪاٽيو پر ٻه ويلا به بک تي رهيا آهيون. انهي ڪري شهرين واري اٽڪل هتي نه هلندي. هن ڀيري ته اسان فقط توکي وڻ سان ٻڌو آهي. پر هتي جي وري آئين ته، توکي وڻ سان ٻڌي باهه ڏيئي ڇڏينداسين.”
    منهنجو خيال آهي ته مون جهڙن ڪيترن ئي نوجوانن کي ڳوٺن ۾ اهڙن تجربن سان منهن ڏيڻو پيو هوندو. اهو ئي سبب آهي جو ان تحريڪ جو هاڻي ڪو به ذڪر ٻڌڻ م نٿو اچي. ان کان سواءِ جيئن ته هاڻي آزادي جو ٻيو سال به گذري چڪو هو تنهنڪري اسان کي ڪو ٻيو نئون خيال به سوچڻو هو. نه ته اسان جو عوام بي چيني محسوس ڪرڻ لڳندو. توهان کي خبر هئڻ گهرجي ته اسين هندستاني نهايت حساس آهيون ۽ جلد ئي پراڻن خيالن مان بيزار ٿي پوندا آهيون.
    آزادي جي ٽيئن سال هن مسئلي نهايت نازڪ ۽ گنڀير صورتحال اختيار ڪري ورتي. تنهن ڪري اسان کي ڪجهه سخت قدم کڻڻا پيا. مثلن اسان پنهنجو وزير خوراڪ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ شري ڪي. ايم منشي کي ڪرسي تي ويهاري ڇڏيو. ڪجهه جاهل ماڻهن مون کان سوال ڪيو : “ان جو ڇا فائدو؟ وزير خوراڪ بدلائڻ سان خوراڪ جو مسئلو ته حل نه ٿيندو؟” پر اُنهن ماڻهن کي اها ڪل ئي نه ٿي پئي ته هيلتائين سان اِهو ئي ڪجهه ته پئي ڪيو آهي. اسان نه صرف وزير ئي تبديل نه ڪيو پر اسان مسئلا ئي تبديل ڪري ڇڏيا آهن.
    ۽ هاڻي اسان کي خوراڪ جي مسئلي جي باري ۾ ڪا به ڳڻتي نه آهي ڇو جو هاڻي اسان جي سامهون وڻن جو مسئلو اچي ويو آهي. مج حل ٿيندڙ مسئلن جي پيداوار به اسان جي آزادي جي راهه جي نشاني آهي ۽ ڪيترا ڀيرا ته نون مسئلن جي پيداوار جو نون وزيرن ۽ اُنهن کاتن جي پيداوار سان سڌو رابطو ٿي وڃي ٿو. مثال جي طور تي پهرين هو خوراڪ جو وزير هو. اُن کان پوءِ جيئن ئي اسان جا مسئلا وڌيا، هو اسان جو وڻڪاري جو وزير به ٿي ويو. ۽ جيڪڏهن بناسپتي گيهه جي پيداوار کي بند ڪرڻ جي تحريڪ زور پڪڙي ورتو ته هو اسان جو بناسپتي گيهه جو وزير به ٿي ويندو.
    سڄي عمل جو ئي نالو آهي. ترقي جو نالو ترقي ۽ جيڪڏهن ڪنهن شخص کي اها نطر نٿي اچي ته اُهو پڪ ڪميونسٽ آهي يا غير ملڪي ايجنٽ. اُن کي بنارک رکاءُ جيل ۾ وجهڻ گهرجي.
    شري ڪي ايم منشي جي وڻ اُڳايو مهم بيشڪ هڪ نهايت اعليٰ ۽ عمدو خيال آهي. ان کي هيئن بيان ڪري سگهجي ٿو ته، “گهڻن وڻن جو مقصد آهي گهڻو رس، گهڻي برسات جو مقصد آهي گهڻو فصل، گهڻي فصل جو مطلب آهي گهڻو اناج.“
    ڏٺو توهان؟ اسان جو خوراڪ جو مسئلو ڪيئن نه آساني سان حل ٿيو وڃي. ڪنهن مون کي ٻڌايو ته هي شري منشي جو پنهنجو خيال ناهي. بلڪه هڪ روسي جو خيال آهي. مون کي اهو به ٻڌايو ويو ته آبو هوا جي تبديلي لاءِ جبلن جي لاهين تي سوين ميل علائقي ۾ روسي ماڻهو وڻ لڳائي رهيا آهن. پر تيز ۽ تز نقاد اها ڳالهه وساري ويهن ٿا ته، روسي ماڻهو اهو ڪم آزادي جي ٽيهن سالن کان پوءِ شروع ڪري رهيا آهن ۽ اسين ان کي آزادي جي ٽيئن سال کان ئي شروع ڪري رهيا آهيون ۽ اُهو به بنان ڪنهن گڏيل رٿابندي جي.
    روسي ماڻهن کي پهرين هڪ سوشلسٽ انقلاب آڻڻو پئجي ويو. اُن ان پوءِ اُنهن وڏن وڏن زميندارن جون زمينون ضبط ڪري هارين ۾ تقسيم ڪيون. اُن کان پوءِ اُنهن گڏيل پوک شروع ڪئي ۽ ٽيهن سالن جي ڀرپور تجربي کان پوءِ هو ناهموار ميدانن ۽ بنجر زمين کي تبديل ڪرڻ تي ڪم ڪري رهيا آهن. پر هندستان ۾ اسان انهن جي پهريئن مرحلي کي ليکي ۾ ئي ڪو نه آندو آهي. هتي ڪو به سوشلسٽ انقلاب ڪونهي آيو ۽ نه ئي عوامي جمهوري انقلاب به آيو آهي. ڇو ته اهڙا انقلاب اسان جي اهنسائي (عدم تشدد) ڌرم جي خلاف آهن. اسان هتي وڏن وڏن زميندارن ۽ جاگيردارن جون زمينون ضبط ناهن ڪيون. ڇو ته اسان انفراديت ۾ يقين رکون ٿا. تنهن ڪري اسان سڌو وڻ اڳايو مهم شروع ڪري ڇڏي، جيڪا اسان کي ڪنهن به انقلاب جي مسئلي ۾ نٿي منجهائي. جيڪا وڏن وڏن زميندارن جي وڏين وڏين زمينن جي ضبطي جي ضرورت محسوس نٿي ڪرائي. ۽ سڀ کان زياده اهو ته اُها اسان کي گڏيل پوک ڪرڻ تي مجبور نٿي ڪري. اها هڪ سنئين سڌي سادي ۽ اعليٰ اسڪيم آهي، جيڪا موجوده حالتن ۾ تبديلي جي تقاضا نٿي ڪري.
    انهي لاءِ اسان جي وزير صاحب تي نقل بازي جو الزام لڳائڻ وارا سڀ ڪوڙا آهن. ان کان سواءِ سويت يونين جي منصوبي ۽ اسان جي منصوبي ۾ هڪ ٻيو وڏو فرق به آهي. جنهن کي ماڻهو اڪثر وساري ڇڏين ٿا. ۽ اهو، ته سويت منصوبو ٻين سويت منصوبن جي طرح ڪامياب ٿي ويندو. پر اسان جو منصوبو ته پهرين ئي ناڪام ٿي چڪو آهي. هاڻي آزادي جي چوٿين سال تي اچان ٿو.
    آزادي جي چوٿين سال تي اسان کي سڀ کان انوکو ۽ نئون خيال سجهيو آهي. اسان اناج پوکيو مهم کي پاسيرو ڪري ڇڏيو آهي ۽ پنهنجي طاقت کي ڏڪار پوکيو جي مهم ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اسان اها مهم پهرين بهار صوبي کان شروع ڪئي آهي. پر مون کي يقين آهي ته اها جلد ئي ٻين صوبن ۾ به ڦهلجي ويندي. ۽ جيئن ماضي ۾ اسين هميشه ناڪام ٿيندا رهيا آهيون، هن ڀيري ضرور ڪامياب ٿينداسين.
    دراصل اسان جي وڻ اُپايو مهم انهي لاءِ ناڪام ٿي ڇو جو اُن جي بنيادي رٿابندي ۾ خاميون هيون. جيئن آئون پهرين ٻڌائي چڪو آهيان. هي منصوبه بندي هن طرح.... زياده وڻن جو مطلب آهي گهڻي بارش، گهڻي بارش جو مطلب آهي زياده فصل وغيره وغيره... پر گهڻي برسات ته بادلن مان به حاصل ڪري سگهجي ٿي. انهي لاءِ گهڻا بادل مهم ڇو نه شروع ڪئي وڃي؟ پر انهي لاءِ اسان کي بارش ديوتا سان ٽڪر کائڻو ٿي پيو ۽ اسان جي حڪومت سيڪيولر هئي. ۽ ٻيو ته پاڪستان سان به اُلجهيل هئي. انهي ڪري اُها ٻن محاذن تي ڪيئن وڙهي سگهي ٿي؟ انهي لاءِ ان اسڪيم کي ختم ڪرڻو پئجي ويو.
    موجوده اسڪيم اسان هاڻي هاڻي تيار ڪئي آهي. مالٿس جو نظريو آبادي جي اڪثريت جي اصول تي مبني آهي. هندستان کي ڏڪار جي ضرورت آهي. ضرورت انهي لاءِ ناهي ته ملڪ ۾ اناج جي کوٽ آهي. بلڪه هندستان جي آبادي زياده آهي. توهان ڄاڻو ٿا ته اورنگ زيب جي زماني ۾ اسين فقط ڏهه ڪروڙ هئاسين. اُن کان پوءِ ايست انڊيا ڪمپني آئي، جنگيون لڳيون، ڏڪار آيا، بيماريون ڦهليون ۽ ڏيڍ سئو سالن تائين نو آبادياتي نظام جو وسيع نظام هلندو رهيو. پر انهن مصيبتن جي باوجود به اسان جي آبادي وڌندي رهي. ۽ 1947ع ۾ اسان چاليهه ڪروڙ ٿي وياسين. هڪ وڏي پر ڪيترن ئي سببن جي ڪري نيڪ ۽ مهربان سامراجين سان گڏجي، اسان اهڙو انتظام ڪيو، جو پنهنجي ملڪ جو هڪ حصو الڳ ڪري ڏهه ڪروڙ جي تعداد کان جان ڇڏائي ورتي ۽ اسان جي سياستدانن جي اهڙي ذهانت سان ڏهه ڪروڙ عوام جو بوجهه هلڪو ٿيو. جيڪڏهن هندستان جو ورهاڱو نه ٿئي ها، ته اهي ڏهه ڪروڙ هن وقت به خوراڪ، لٽي اجهي ۽ روزگار جي معاملي ۾ اسان کي پريشان ڪندا وتن ها. پاڪستان جي تز نقادن کي اها ڳالهه ڪڏهن به وسارڻ نه گهرجي.
    آزادي جي چوٿين سال اسان جا سڀئي عام طريقا ختم ٿي چڪا آهن. هڪ پراڻي مثال جي مطابق ڪنهن شئي کي هاصل ڪرڻ جا ٽي طريقا آهن. گهرو، اوڌر وٺو يا چوري ڪريو. اسان عوام کان گهر ڪئي ته زياده اناج اُپايو پر ڪاميابي نه ٿي. اسان ڪوشش ڪئي ته آمريڪا کان ڪڻڪ اوڌر تي ملي وڃي، پر پوءِ به ڪاميابي نه ٿي ۽ عوام جي چوري ته اسان ايتري ڪري چڪا آهيون، جو چوري ۾ هاڻ اسان کي ڪجهه ملڻ جي لاءِ هنن وٽ ڪجهه بچيو ئي ناهي.
    پر ڇا ڪيو وڃي؟ هاڻي ته فقط هڪ ئي طريقو بچيو آهي، ته جيڪڏهن اسان اناج آبادي جي مطابق پيدا نٿا ڪري سگهون ته اسان کي پنهنجي آبادي اناج جي مقدار جي مطابق گهٽ ڪرڻ گهرجي يعني عام مردم ڪشي، هي رستو مالٿس جو آهي. هڪ ٻيو فلاسافر ٿي گذريو آهي، جنهن جو چوڻ هو ته “زمين هارين کي ڏيو” ۽ “ڪم ڪريو.”
    “پيدا ڪريو ۽ حاصل ڪريو”. ها پر- اُن جو نالو مالٿس ڪو نه پر مارڪس هو ۽ اُهو ڪميونسٽ هو ۽ ڪميونسٽن سان اسان ڪو به واسطو رکڻ لاءِ تيار ناهيون. اسان پنهنجي زندگي جي راهه منتخب ڪري ورتي آهي ۽ اها راهه مارڪسزم جي راهه ناهي. بلڪه گانڌي ازم ۽ مالٿس ازم جي راهه آهي.
    “ڏڪار پوکيو”، اسان کان اڳ هڪ دانا شخص تجويز پيش ڪئي هئي ته ڏڪار پوکيو جهڙو انتهائي قدم کڻن کان پهرين ٻيا طريقا ڳولڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. مثال جي طور تي اناج جي پيداوار وڌائڻ لاءِ هندستان ۾ کيتي ٻاڙي لاءِ ايراضي وڌائڻ گهرجي. ان جي تجويز هئي ته اسان کي ٽوپين تي اناج پوکڻ گهرجي.
    ان جو دليل اهو هو ته هڪ وچولي سائز جي ٽوپي تي ڇٽيهه اسڪوائر انچ جي ايراضي بغير پوک جي پيل هوندي آهي. جيڪڏهن اسان اُن تي ڪجهه مٽي وجهي پاڻي ڇڻڪاريون ته اها ايراضي فصل اُپائڻ جي ڪم اچي سگهي ٿي ۽ جيڪڏهن اُن کي اسان جوڙ ڪريون ته اها ايراضي ڪا گهٽ ناهي.
    ٿورڙو ٽيهه ڪروڙ هندستانين کي تصور ۾ آڻيو. هر هڪ جي مٿي تي ڇٽيهه اسڪوائر انچ جو کيت هوندو. اها ايراضي برطانيه جي ايراضي جي برابر ٿيندي. اُن تي اسان ڪڻڪ، داليون، ڪمند، چانور وغيره پوکي سگهون ٿا. اسان اُن تي ننڍا ننڍا سبزين جا ٻارا به لڳائي سگهون ٿا. جنهن ۾ گوگڙو، واڱڻ، گوبي ۽ ڀينڊي لڳائي سگهجي ٿي ۽ اهو سڀ ڪجهه اسان جي مٿي تي اُڦٽندو، ڪارمين ميرانڊ جي طرح.
    منهنجي ان دانا دوست ٻڌايو “دراصل مون هي خيال ڪارمين ميرانڊ کان حاصل ڪيو آهي. ڪارمين ميرانڊ هالي ووڊ جي مشهور اداڪاره آهي.” مون وراڻيو، “اهو ٺيڪ آهي اسان کي آمريڪي ڪڻڪ نٿي ملي ته ٺيڪ پر. اسان آمريڪي خيال ته حاصل ڪري سگهون ٿا. اُن ۾ ڪهڙي برائي آهي؟.”
    اچو پهرين اسان وزيرن جي آشيرواد وٺون. ڇو ته پنهنجي مقدس آزادي ۽ پبلڪ سيفٽي ايڪٽ نافذ هئڻ سبب هندستان ۾ ڪا به مهم تيستائين ڪامياب نٿي ٿي سگهي، جيستائين اُنهن کي وزيرن جي آشيرواد حاصل نٿي هجي. پر مايوسي مان ڪنڌ لوڏي منهنجي دوست چيو ته پر “ان ۾ هڪ مسئلو آهي. منهنجي خيال ۾ وزير ان تجويز سان متفق نه ٿيندا. ڇا تون سوچي سگهين ٿو ته ڪو وزير پنهنجي ٽوپي تي ٽماٽا، بصر، سڻي يا ڪپهه اُپائڻ پسند ڪندو؟”.
    آئون ته ائين سوچي نٿو سگهان” مون جواب ڏنو ۽ اسان اسڪيم رد ڪري ڇڏي.
    جيڪڏهن اسين زميندارن، جاگيردارن، بليڪ مارڪيٽنگ ڪرڻ وارن ۽ سامراجين کي ختم ڪري نٿا سگهون ته اچو! اسين ڏڪار جي ذريعي عوام کي ختم ڪري ڇڏيون. اهڙن ڏڪارن جي ذريعي جيڪي بنگال ۾ آيا هئا.
    بنگال جي اڳئين ڏڪار ۾ فقط پنجٽيهه لک انسان مئا هئا. اهو ته ڪجهه به ناهي، ان سان اسان جو مسئلو حل نه ٿيندو. انهي ڪري هن ڀيري اهڙو خطرناڪ ۽ هانو ڏاريندڙ ڏڪار آڻڻ گهرجي، جنهن ۾ ڪروڙين ماڻهو مري وڃن. اسان کي ته گانڌي ازم جي اهنسا جي روح سان سرشار ايٽم بم جي ضرورت آهي. اُن سان ڌرتي جو بوجهه هلڪو ٿي ويندو ۽ اسان جا نيڪ ۽ محب وطن جاگيردار نهايت شان شوڪت سان رهي سگهندا. ۽ جيڪڏهن ان ڏڪار سان به ماڻهن جو گهربل تعداد نٿو مري ته اسان هيٺيان طريقا استعمال ڪري سگهون ٿا.
    مثال جي طور
    1: هاري تحريڪن کي تباهه ۽ برباد ڪريو.
    2: شاگرد تحريڪن کي چيڀاٽيو.
    3: سڀني مخالف درجي تحريڪن کي ناس ڪريو.
    مون کي يقين آهي ته جيڪڏهن اسان اِهي طريقا هڪ ئي وقت استعمال ڪنداسين ته 1951ع تائين، بلڪه اُن کان پهرين ئي خود ڪفيل بڻجي وينداسين. پر اُن جو تمام دارومدار موتن جي تعداد تي آهي.
    پر ٻڌون ٿا ته چين ۾ انهن سڀني طريقن جو استعمال ڪيو ويو هو. پر اُهي ناڪام ويا. ان تشدد ۽ جنگ جي باوجود عوام اڳتي وڌندو ويو. ڪو منتانگ، آمريڪي مداخلت، بک، ڏڪار ۽ ڦهلجندڙ بيمارين جي باوجود چيني عوام زور وٺندو ويو ۽ ٻڌو آهي ته عوام هندستان ۾ به زور پڪڙيندو، عوام لافاني آهي.


    قومي شاعر

    رات جو زور سان طوفان آيو. سيڪريٽريٽ جي لان ۾ لڳل ڄمون جو وڻ ڪري پيو. صبح جو جڏهن مالي ڏٺو ته اُن کي وڻ جي هيٺان هڪ شخص دٻيل نظر آيو.
    مالهي ڊوڙندو ڊوڙندو پٽيوالي ڏانهن ويو. پٽيوالو ڊوڙندو ڊوڙندو ڪلارڪ وٽ آيو. ڪلارڪ ڊوڙندو ڊوڙندو سپرنٽنڊنٽ ڏانهن ويو. سپرنٽنڊنٽ ڊوڙندو ڊوڙندو لان ۾ آيو. ڪجهه منٽن ۾ وڻ جي هيٺان دٻيل شخص جي چوگرد ماڻهن جو وڏو انگ گڏ ٿي ويو.
    “ويچارو ڄمون جو وڻ، ڇا ته ڦلدار هو”. هڪ ڪلارڪ ڳالهايو.
    “۽ هن جا ڄمون ڪيڏا نه رس ڀريل هوندا آهن.” ٻئي ڪلارڪ ياد ڪندي چيو.
    “آءُ ميون جي موسم ۾ جهولي ڀري ويندو هئس. منهنجا ٻاران جا ڄمون ڪيڏو نه مزي سان کائيندا هئا.” ٽئين ڪلارڪ ذري گهٽ لڙڪ ڳاڙيندي چيو.
    “پر هي شخص؟”
    سڀني جون اکيون ڀرجي آيون.
    مالهي وڻ هيٺان دٻيل شخص ڏانهن اشارو ڪيو.
    “ها هي شخص!” سپرنٽنڊنٽ سوچ ۾ پئجي ويو.
    “خبر ناهي ته زندهه به آهي يا مري ويو؟” هڪ پٽيوالي لڙڪ لاڙيندي پڇيو.
    “مري ويو هوندو!. ايترو ڳرو وڻ جي ڪنهن مٿان ڪري ته اُهو ڪيئن بچي سگهي ٿو؟” ٻئي پٽيوالي چيو.
    “نه آئون زندهه آهيان.” دٻيل شخص تڪليف مان رڙ ڪندي چيو.
    “وڻ کي هٽائي هن شخص کي ڪڍڻ گهرجي.” مالهي مشورو ڏنو.
    “پر مشڪل ٿو لڳي.” هڪ ٽوٽي ۽ ٿلهي پٽيوالي چيو، “وڻ جو ٿڙ ٿلهو ۽ ڪافي وزني آهي.”
    “ڪجهه به مشڪل ناهي.” مالهي چيو، “جيڪڏهن سپرنٽنڊنٽ صاحب حڪم ڏي ته هاڻي ئي پندرهن ويهه مالهي، پٽيوالا ۽ ڪلارڪ زور لڳائي وڻ جي هيٺان دٻيل شخص کي آجو ڪري سگهن ٿا”.
    “مالهي صحيح ٿو چوي.” سڀني ڪلارڪن هڪ ئي وقت گڏجي چيو، “زور لڳايو، اسين سڀ تيار آهيون.”
    هڪدم ڪافي ماڻهو وڻ کي هٽائڻ لاءِ تيار ٿي ويا.
    “ترسو.” سپرنٽنڊنٽ ڳالهايو، “آئون انڊر سيڪريٽري سان مشورو ڪري وٺان.”
    سپرنٽنڊنٽ انڊر سيڪريٽري وٽ ويو. انڊر سيڪريٽري ڊپٽي سيڪريٽري وٽ ويو. ڊپٽي سيڪريٽري جوائنٽ سيڪريٽري وٽ ويو. جوائنٽ سيڪريٽري چيف سيڪريٽري ڏانهن ويو. چيف سيڪريٽري وزير وٽ ويو. وزير چيف سيڪريٽري کي ڪجهه چيو. چيف سيڪريٽري جوائنٽ سيڪريٽري کي ڪجهه چيو. جوائنٽ سيڪريٽري ڊپٽي سيڪريٽري کي ڪجهه چيو. ڊپٽي سيڪريٽري انڊر سيڪريٽر کي ڪجهه چيو. ايئن فائل گهندو رهيو. پورو اڌ ڏينهن گذري ويو.
    ٻنپهرن جي ماني جي وقفي وقت وڻ هيٺان دٻيل ماڻهو جي چوگرد ڪافي رش ٿي ويئي. ماڻهو طرح طرح جون ڳالهيون ڪري رهيا هئا. ڪجهه مٿي ڦريل ڪلارڪن معاملي کي پنهنجي هٿن ۾ کڻڻ چاهيو ٿي. هنن حڪومت جي فيصلي کان سواءِ ئي وڻ کي خود هٽائڻ جو فيصلو ڪرڻ چاهيو ٿي. ايتري ۾ سپرنٽنڊنٽ فائل هٿ ۾ کڻي ڊوڙندو ڊوڙندو آيو ۽ چيو:
    “اسين هن وڻ کي هتان هٽائي نٿا سگهون. اسين تجارت جي کاتي سان تعلق رکون ٿا ۽ هي وڻ جو معاملو زراعت جي کاتي سان تعلق رکي ٿو. انهي لاءِ آئون هن فائل کي ارجنٽ مارڪ ڪري زراعت جي کاتي ڏانهن موڪلي رهيو آهيان. اتان جواب ايندي ئي وڻ کي هٽايو ويندو”.
    ٻئي ڏينهن زراعت کاتي مان جواب آيو ته “وڻ تجارت کاتي جي لان ۾ ڪريو آهي، انهي لاءِ وڻ هٽائڻ يا نه هٽائڻ جي ذميواري تجارت کاتي تي ئي لاڳو ٿئي ٿي”. جواب پڙهي تجارت کاتي سخت برهمي جو اظهار ڪيو ۽ فورن اُن جو جواب موڪليو ته “وڻ کي هٽائڻ يا نه هٽائڻ جي ذميواري زراعت کاتي تي لاڳو ٿئي ٿي. تجارت کاتي سان اُن جو ڪو تعلق ناهي”.
    ٻئي ڏينهن به فائل گهمندو رهيو. شام جو اُن جو جواب اچي ويو. “اسين هن معاملي کي هارٽي ڪلچر کاتي جي حوالي ڪري رهيا آهيون. ڇو ته هي هڪ ڦل دار وڻ جو معاملو آهي ۽ زراعت کاتو فقط اناج ۽ کيتي ٻاڙي جي معاملن ۾ فيصلا ڪرڻ جو مجاز آهي، ڄمون جو وڻ هڪ ڦلدار وڻ آهي، انهي ڪري هي وڻ هارٽي ڪلچر کاتي جي دائره اختيار ۾ اچي ٿو.”
    رات جو مالهي وڻ هيٺان دٻيل شخص کي دال چانور کارايا. جيتوڻيڪ لان جي چئني طرفن پوليس جو پهرو لڳل هو، ته جيئن ماڻهو قانون هٿ ۾ کڻي وڻ کي هٽائڻ جي ڪوشش نه ڪن. پر هڪ پوليس واري کي رحم اچي ويو ۽ هن مالهي کي وڻ جي هيٺان دٻيل شخص کي کاڌو کارائڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي.
    مالهي وڻ جي هيٺان دٻيل شخص کي چيو، “تنهنجو فائل حرڪت ۾ آهي. اُميد آهي ته سڀاڻي تائين فيصلو ٿي ويندو.”
    وڻ هيٺان دٻيل شخص ڪجهه به نه ڳالهايو.
    مالهي وري ڳالهيو، “تنهنجو هتي ڪو وارث آهي ته اُن جو ڏس ٻڌائي. آئون اُن کي خبر ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس.”
    “آئون لاوارث آهيان” دٻيل شخص انتهائي تڪليف مان چيو.
    مالهي افسوس جو اظهار ڪري اُتان هليو ويو.
    ٽيئن ڏينهن هارٽي ڪلچر کاتي کان جواب اچي ويو. ڏاڍو سخت ۽ طنز سان ڀريل. هارٽي ڪلچر کاتي جو سيڪريٽري ادبي مزاج جو ماڻهو لڳو ٿي. هن لکيو.
    “حيرت آهي! هن وقت جڏهن اسان وڏي پيماني تي وڻ لڳايو مهم هلائي رهيا آهيون. تڏهن اسان جي ملڪ ۾ اهڙا سرڪاري آفيسر به موجود آهن جيڪي وڻن کي ڪاٽڻ جو مشورو ڏين ٿا ۽ اهو به هڪ ڦلدار وڻ کي ۽ اُهو به ڄمون جي وڻ کي، جنهن کي عوام وڏي شوق سان کائي ٿو. اسان جو کاتو ڪنهن به صورت ۾ هڪ ڦلدار وڻ کي ڪٽڻ جي اجازت نٿو ڏيئي سگهي”.
    “هاڻي ڇا ڪجي؟”
    جيڪڏهن وڻ کي وڍي نٿو سگهجي ته هن شخص کي وڍي ٻاهر ڪڍيو وڃي.”
    “هي ڏسو.”
    هن اشاري سان ٻڌايو. جيڪڏهن هن شخص کي بلڪل وچان، يعني ڌڙ جي جاءِ تان وڍيو وڃي ته اڌ هِن پاسي ۽ اڌ هُن پاسي نڪري ايندو ۽ وڻ اُتي ئي پنهنجي جاءِ تي رهندو.”
    “پر ان طريقي سان آئون ته مري ويندس.” وڻ هيٺان دٻيل شخص احتجاج ڪيو.
    “هي به صحيح چوي ٿو.” هڪ ڪلارڪ چيو ۽ ماڻهو کي ڪٽڻ واري تجويز تي سخت احتجاج ڪيو.
    “توهان کي خبر ناهي. اڄ ڪلهه پلاسٽڪ سرجري ڪيتري ترقي ڪري چڪي آهي. آئون ته سمجهان ٿو. جيڪڏهن هن ماڻهو کي وچ مان ڪاٽي ڪڍيو وڃي ته پلاسٽڪ سرجري جي ذريعي ڌڙ جي جڳهه تي هن کي ٻيهر ڳنڍي سگهجي ٿو.”
    “پر! پر اِهو ڪيئن.....؟”
    هاڻي فائل کي صحت کاتي ڏانهن موڪليو ويو. صحت کاتي فورن اُن تي ائڪشن ورتو ۽ فائل جنهن ڏينهن اُن کاتي ۾ پهتو. اُن جي ٻئي ڏينهن تي ئي پنهنجي کاتي جي انتهائي ماهر پلاسٽڪ سرجن کي تپاس لاءِ موڪلي ڏنو. سرجن وڻ هيٺان دٻيل شخص جو سٺي نموني سان معائنو ڪري، اُن جي خون جي دٻاءُ، ساهه جي رفتار، دل جي ڌڙڪن ۽ فڦڙن جي جانچ ڪري رپورٽ موڪلي ڏني، ته هن شخص جي پلاسٽڪ سرجري ٿي سگهي ٿي ۽ آپريشن به ڪامياب ويندو پر ماڻهو مري ويندو.
    تنهن ڪري هي تجويز به رد ڪئي ويئي.
    رات جو مالهي وڻ هيٺان دٻيل شخص جي منهن ۾ کچڻي جو گراهه وجهندي اُن کي ٻڌايو ته، هاڻي معاملو مٿي هليو ويو آهي. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته سڀاڻي سيڪريٽريٽ جي سڀني سيڪريٽرين جي ميٽنگ ٿيندي، اُن ۾ تنهنجو ڪيس رکيو ويندو. اُميد آهي ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو.
    وڻ هيٺان دٻيل شخص هڪ آهه ڀري ۽ آهستي چيو،
    هم ني مانا که تغافل نه کروڪي ليڪن،
    خاک هوجائينگي هم تم کو خبر هوني تک.
    مالهي وات ۾ آڱر وجهندي حيرت مان پڇيو،
    “ڇا تون شاعر آهين؟”
    وڻ هيٺان دٻيل شخص آهستي آهستي هائو ڪارمان ڪنڌ لوڏيو. ٻئي ڏينهن مالهي پٽيوالي کي ٻڌايو. پٽيوالي ڪلرڪ کي، ڪلارڪ هيڊ ڪلرڪ، کي.... ٿورڙي ئي وقت ۾ سيڪريٽ ۾ اها خبر ڦهلجي ويئي ته وڻ هيٺان دٻيل شخص شاعر آهي. بس پوءِ ڇا ٿيو؟ رکي رکي هڪ ٻئي جي پويان ماڻهو شاعر کي ڏسڻ لاءِ اچڻ لڳا. اها خبر شهر ۾ باهه وانگر پکڙجي ويئي ۽ شام تائين محلي جا شاعر گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويا. سيڪريٽريٽ جي لان قسمين قسمين شاعرن سان ڀرجي ويئي ۽ وڻ هيٺان دٻيل شخص جي چوگرد هڪ مشاعري جي محفل لڳي ويئي. سيڪريٽريٽ جا ڪيئي ڪلارڪ ۽ انڊر سيڪريٽري تائين جن کي ادب ۽ شاعري سان لڳاءُ هو اچي گڏ ٿيا. ڪجهه شاعر وڻ هيٺان دٻيل شخص کي پنهنجيون غزلون ۽ نظمون ٻڌائڻ لڳا. ڪي ڪلارڪ هن کان پنهنجين غزلن جي اصلاح لاءِ ضد ڪرڻ لڳا. جڏهن خبر پئي ته وڻ هيٺان دٻيل شخص شاعر آهي ته سيڪريٽريٽ جي سب ڪميٽي فيصلو ڪيو ته، جيئن ته وڻ هيٺان دٻيل شخص هڪ شاعر آهي، تنهن ڪري هن جي فائل جو تعلق، نه ته زراعت کاتي سان آهي ۽ نه ئي هارٽي ڪلچر کاتي سان. پر فقط ثقافتي کاتي سان آهي. تنهن ڪري ثقافتي کاتي کي گذارش ڪئي وئي ته جلد کان جلد هن معاملي جو فيصلو ڪري، بدنصيب شاعر کي هن ڦل دار وڻ کان آجو ڪرائي.
    فائل ثقافت کاتي جي مختلف کاتن مان گذري ادبي اڪيڊمي جي سيڪريٽري وٽ پهتو. ويچارو سيڪريٽري اُن وقت پنهنجي گاڏي ۾ سوار ٿي. سيڪريٽريٽ پهتو ۽ وڻ هيٺان دٻيل شخص کان انٽرويو وٺڻ لڳو،
    “تون شاعر آهين؟ واقعي تون شاعر آهين!؟”
    “جي ها، بيشڪ.” وڻ هيٺا دٻيل شخص جواب ڏنو.
    “ڪهڙو تخلص استعمال ڪندو آهيان؟”
    “اوس”
    “اوس؟” سيڪريٽري زور سان رڙ ڪئي “ ڇا تون اُهو اوس آهين جنهن جو شاعري جو مجموعو “اوس جا گل” ويجهڙائي ۾ شايع ٿيو آهي؟”
    وڻ هيٺان دٻيل شخص هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.
    “ڇا تون اسان جي اڪيڊمي جو ميمبر آهين؟”.
    “نه”
    “حيرت آهي!” سيڪريٽري زور سان رڙ ڪئي. هيڏو وڏو شاعر “اوس جا گل” جو مصنف ۽ اسان جي اڪيڊمي جو ميمبر ناهي.
    اوه! هي اسان کان ڪيڏي وڏي غلطي ٿي ويئي. هيڏو وڏو شاعر ڪيئن گمنامي جي ڪنڊ ۾ دٻيو پيو آهي”.
    “گمنامي ۾ نه پر هڪ وڻ جي هيٺان دٻيو پيو آهيان. مهرباني ڪري مون کي وڻ کان آجو ڪرايو.”
    “هاڻي ئي بندوبست ڪريان ٿو.” سيڪريٽري بر وقت جواب ڏنو ۽ بر وقت پنهنجي کاتي ۾ وڃي رپورٽ ڪئي.
    ٻئي ڏينهن سيڪريٽري ڊوڙندو ڊوڙندو شاعر وٽ آيو ۽ چيو، “مبارڪ هجني، مٺائي کارائي اسان جي اڪيڊمي توکي پنهنجي مرڪزي ڪميٽي جو ميمبر چونڊي ورتو آهي. هي وٺ اُن جو آرڊر.”
    “پر مون کي هن وڻ هيٺان کان ته ٻاهر ڪڍو”. وڻ هيٺان دٻيل سخص دانهون ڪندي چيو.
    هن جو ساهه مشڪل سان کڄي رهيو هو ۽ هن جي اکين مان لڳو پي ته هو انتهائي ڪرب ۽ درد ۾ مبتلا آهي.
    “اهو اسين نٿا ڪري سگهون.” سيڪريٽري چيو، جيڪو ڪم اسين ڪري سگهياسين ٿي، اُهو اسان ڪري ڇڏيو آهي. ها پر اسين ته ايترو ڪري سگهون ٿا ته جيڪڏهن تون مري وڃين ته تنهنجي زال کي وظيفو به ڏياري سگهون ٿا.”
    “آئون ته اڃان زندهه آهيان.” شاعر جهلي جهلي ڳالهايو.
    “مون کي زندهه رکو.”
    “مصيبت اِها آهي ته.....” اڪيڊمي جي سيڪريٽري هٿ ملائيندي چيو، “اسان جو کاتو صرف ثقافت سان لاڳاپيل آهي. وڻ وڍڻ جو معاملو، قلم يا مس سا نه، پر ڪارائي يا ڪهاڙي سان تعلق رکي ٿو. انهي لاءِ اسان ٻيلي کاتي وارن کي لکي ڇڏيو آهي ۽ ارجنٽ جو نوٽ به هنيو آهي.”
    شام جو مالهي اچي وڻ جي هيٺان دٻيل شخص کي ٻڌايو، “صبحاڻي ٻيلي کاتي جا ماڻهو اچي هن وڻ کي ڪٽي ڇڏيندا ۽ تنهنجي جان بچي ويندي.”
    مالهي ڏاڍو خوش هو. وڻ هيٺان دٻيل شخص جي صحت جواب ڏيئي رهي هئي. پر هو ڪنهن نه ڪنهن طرح پنهنجي زندگي لاءِوڙهي رهيو هو. سڀاڻي تائين..... ڪهڙي به حالت ۾ هن کي زندهه رهڻو آهي.
    ٻئي ڏينهن جڏهن ٻيلي کاتي جا ماڻهو ڪارائي ۽ ڪهاڙي کڻي پهتا ته اُنهن کي وڻن ڪٽڻ کان روڪييو ويو. معلوم ٿيو ته پرڏيهي کاتي کان حڪم آيل هو ته هن وڻ کي نه ڪٽيو وڃي. سبب اِهو هو ته هن وڻ کي ڏهه سال اڳ پي ٽونيا حڪومت جي وزيراعظم سيڪريٽريٽ جي لان ۾ لڳايو هو. هاڻي جيڪڏهن اهو وڻ ڪٽيو ويو ته انديشو آهي ته پي ٽونيا حڪومت سان اسان جا تعلقات خراب ٿي ويندا.
    “پر هتي هڪ ماڻهو جي حياتي جو سوال آهي.” هڪ ڪلارڪ غصي مان رڙ ڪئي.
    “ٻئي طرف ٻن حڪومتن جي تعلقات جو سوال آهي.” ٻئي ڪلارڪ پهريئن ڪلارڪ کي سمجهايو. “۽ اهو به سوچ ته پي ٽونيا حڪومت اسان جي حڪومت کي ڪيتري امداد ڏيندي آهي. ڇا اسين ان دوستي جي خاطر هڪ ماڻهو جي جان جي به قرباني ڏيئي نٿا سگهون؟.”
    “ته ڇا شاعر کي مرڻ گهرجي؟.”
    “بيشڪ.”
    پر نه
    انڊر سيڪريٽري سپرنٽنڊنٽ کي ٻڌايو ته اڄ صبح جو وزيراعظم دوري کان واپس اچي ويو آهي. اڄ چئين بجي پرڏيهي کاتو ان فائل کي وزيراعظم جي اڳيان رکندو. هو جيڪو فيصلو ڪندو اُن تي عمل ڪرڻو پوندو.
    شام جو پنجين بجي سپرنٽنڊنٽ خود دفائل کڻي هن وٽ آيو. “ٻڌين ٿو؟” اچڻ سان ئي هن خوشي مان فائل لوڏي ڏاڍيان رڙ ڪئي، “وزيراعظم هن وڻ کي ڪٽڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ هن معاملي جي سموري ذميواري پاڻ تي کنئي آهي. سڀاڻي هي وڻ ڪٽيو ويندو ۽ تون هن مصيبت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺندين.”
    “ٻڌين پيو؟”
    “اڄ تنهنجو فائل مڪمل ٿي ويو.”
    سپرنٽنڊنٽ شاعر جي ٻانهن کي لوڏيندي چيو. پر شاعر جو هٿ ٿڌو محسوس ٿي رهيو هو. هن جي اکين جو ماڻڪيون کليل ۽ بي جان هيون. ماڪوڙين جي ڊگهي قطار هن جي کليل وات ۾ اندر وڃي رهي هئي.... هن جي زندگي جو فائل به مڪمل ٿي چڪو هو.
    جڏهن شاعر مري ويو ته هي خبر سڄي شهر ۾ ڦهلجي ويئي ۽ ماتم مچي ويو. قومي شاعر گذاري ويو- يعني شاعر جو فائل هميشه لاءِ بند ٿي ويو.


    آدم خور

    پٽورڌن ممتاز جي لاش کي گهيلي، دادر ۽ پريل جي وچيئين چوڪ وٽ واقع مين هول جي ڪناري تي رکيو ۽ پوءِ هو اُن کي غور سان ڏسڻ لڳو. جنهن وقت، هو ممتاز جو لاش مين هول ڏانهن گهيلي رهيو هو، ته ٿورا گهڻا راهگير جيڪي انُ وقت سڙڪ تان گذري رهيا هئا. ڊڄي هيڏانهن هوڏانهن گهٽين ۾ گم ٿي ويا.
    ايراني هوٽل واري پنهنجي هوٽل اندران بند ڪري ڇڏي. پان وارا پنهنجيون کليل مانڊڻيون ڇڏي ڀڄي ويا. ٿوري دير ۾، سڙڪ تي سناٽو ڇائنجي ويو. سامهون ميونسپالٽي جي ڀنگين جون جهڳيون هيون، جن جي ٻاهران اڪثر اگهاڙا ٻارڙا راند ڪندا نظر ايندا هئا. پر هن وقت اُنهن جو، معصوم آواز به ٻڌڻ ۾ ڪو نه ٿي آيو. چوطرف سانت ئي سانت هئي. ايئن معلوم ٿي ٿيو ته، ان علائقي جو روح ڊپ ۽ هراس وچان، پنهنجي منهن تي هٿ رکي ڦاٽل اکين سان، خاموش مين هول جي ڪناري وٽ بيٺل هو.
    پٽورڌن، ممتاز جا گهنڊيدار وار زور سان پٽيا ۽ جهٽڪو ڏيئي سندس چهري کي پنهنجي سامهون آندو. ممتاز جي چهري تي، ڪو به ڏک يا درد جو نشان ڪو نه هو. ايئن ٿي لڳو ته، ڄڻ هو گهري ننڊ ۾ ستل هجي. هن جو ڳورو بدن، خوبصورت ته نه، پر مضبوط ضرور هو. هن جي چهري تي ڏيا سان گڏ، هڪ قسم جو اڊمبر ۽ رعب ڇانيل هو.
    پٽورڌن کي هن جي چهري تي موت کان پوءِ به طنز نظر آئي. هن کي لڳو ته، ممتاز مرڻ کان پوءِ به هن کي چيڙائي رهيو هجي. هن ممتاز کي وارن کان جهلي، زور سان سخت فرش تي هنيو. جڏهن ايئن ڪرڻ سان به هن کي سڪون نه آيو ته هو پيٽرول پمپ اندر هليو ويو ۽ خوف ۾ ورتل واڻيئي کان، هڪ جيڪ کڻي آيو. هن ٻه چار ڀيرا لوهه جو جيڪ ممتاز جي چهري تي، اهڙي زور سان هنيو جو سندس ڄاڙيون ڀڄي پيون ۽ ڏند ٻاهر نڪري آيا. پٽورڌن کي اڃان به محسوس ٿيو ته، ممتاز مٿس کلي رهيو هو ۽ ٽهڪ ڏيئي رهيو هو. هن کيس جسم جي مختلف حصن تي، جيڪ مارڻ شروع ڪيا ۽ نيٺ لاش کي ڳترا ڳترا ڪرڻ لاءِ، ور مان خنجر ڪڍيو.
    ممتاز ۽ پٽورڌن ٻئي دادرجي مين روڊ جا مشهور غنڊا هئا، پر جيستائين ممتاز زندهه رهيو، پٽورڌن ٻئي نمبر جو بدمعاش ليکبو هو. سيٺ سورج مل، جنهن جون دادر مين روڊ ۽ اُن جي آسپاس ڪافي جايون هيون، ۽ سيٺ ترويري لال جنهنجا دادر۾ ڪافي فلم اسٽوڊيو هئا، ٻئي ممتاز جي گهڻي عزت ڪندا هئا.
    سيٺ ترويري لال پنهنجي فلمن ۾ ايڪسٽرا اداڪارن جي ڀرتي جو ٺيڪو ممتاز کي ڏيئي رکيو هو ۽ ننڍين ڪمپنين وارا، ڪڏهن ڪڏهن سو به مشڪل سان ئي پٽورڌن کي ڪو ڪم ڏيندا هئا. دادرجي مسجد کان وٺي پريل جي ناڪي تائين، ممتاز جو راڄ هو ۽ مسجد کان پي آءِ اسٽيشن تائين پٽو رڌن جو راڄ هو. پر ٻئي بدمعاش اڪثر هڪ ٻئي جي علائقي ۾ گهڙي به ڦرلٽ ڪندا رهندا هئا. پٽورڌن گهٽ ۽ ممتاز زياده دليري سان ڇاپا هڻندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته پٽورڌن جي غنڊن کي سندن ئي علائقي ۾ سرعام مارڪٽ به ڪري ايندو هو. ممتاز جو قد ڇهن ڦٽن کان به مٿي هو. سڊول جسم، ڳورو رنگ، جهلم جو رهڻ وارو، وڏو هٿ ڦاڙ ۽ بي حساب گاريون ڪڍندڙ. اُن جي مقابلي ۾ پٽورڌن کنڊو هو، قد جو بندرو، رنگ ڪارو ۽ اکيون نيريون. هن جي ڪاري چهري، نيرين اکين کي وڌيڪ وحشتناڪ بنائي ڇڏيو هو ۽ جڏهن انهن وحشتناڪ اکين سان، ڪنهن ڏانهن گهوريندو هو، ۽ دٻيل آواز ۾ ڪنهن کي ڌمڪي ڏيندو هو، ته اُنتي بروقت اثر ٿيندو هو. پر ممتاز جي سامهون پٽورڌن جي همت هارجي ويندي هئي. ڪيترائي ڀيرا ممتاز ۽ پٽورڌن جي غنڊن جي وچ ۾ جهيڙو ٿيو، ڪئين غنڊا ماريا ويا، جيل به ويا، پر ممتاز ۽ پٽورڌن جي دوبدو لڙائي اڃان ڪڏهن ڪو نه ٿي هئي. ڪيترا ڀيرا ممتاز ڪاوڙ ۽ غصي ۾ اچي، پٽورڌن کي للڪاريو ۽ هڪ ڏينهن ته هن پٽورڌن کي گلي مان جهلي، سندس ٻانهن کي ايئن مروڙيو جو پٽو رڌن جو چاقو، جيڪو ٻي پل ۾ ممتاز جا آنڊا چيري ڇڏي ها، زمين تي ڪري پيو ۽ پٽورڌن بلڪل ساڻو ۽ مجبور ٿي، ممتاز جي هٿن ۾ ڀيد جيان ڏڪڻ لڳو.
    انهي وقت جو خيال ايندي ئي پٽورڌن تي ڄڻ تيز بخار واري ڪيفيت طاري ٿي ويئي. هن پنهنجي خنجر کي هوا ۾ لهرايو ۽ هڪ ٻئي مٿان وار ڪري، هن جي سسي کي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيو ۽ ڌڙ جو هيٺيون حصو ڪپي مين هول ۾ اُڇليو. اُنوقت آسمان تي هڪ سرڻ نهايت بي صبري مان لامارا ڏيڻ شروع ڪيا، بجلي جي تارن سان اُلجهيل هڪ خالي ٽرام، ناڪي وٽان گذري ۽ پوءِ چئني طرفن وري سانت ڇانئجي ويئي.
    پٽو رڌن جي نظر ممتاز جي کٻي هٿ تي پيئي هٿ تي انگريزي ۾ هڪ نالو کوٽائي ڪرائي لکايل هو. “مايا.”
    مايا، فلمن ۾ اضافي پارٽ ادا ڪندڙ ڇوڪرين ۾ حسين ترين ليکي ويندي هئي. هن کي نچڻ جو ڏاڍو شوق هو. هوءَ گهڻو ڪري سائي ساڙهي ۾ نظر ايندي هئي. ماڻهو هنکي اڪثر ڊيل ڪري ڪوٺيندا هئا. پٽورڌن کي اُنجي سينڌ ڏاڍي وڻندي هئي. جڏهن هوءَ مرڪندي هئي، ته سندس پيشاني تي اُڀرندڙ ريکائون هن کي پاڳل بنائي ڇڏينديون هيون. مايا هڪ ڳوٺاڻي ڇوڪري هئي. انهي ڪري فلمن م ڪم ڪرڻ جي باوجود به، هن جي مزاج ۾ ڳوٺاڻي چلولائي ۽ الڙپن رچيل هو. هن جي شخصيت ۾ بيباڪي ۽ صاف گوئي شامل هئي. هوءَ پٽو رڌن جي ٽولي ۾ شامل هئي. سهڻي ڇوڪري هئڻ سبب، سڀ کان پهرين، اُنجو پٽو رڌن جي گينگ ۾ شامل ٿيڻ، ڪا حيرت جي ڳالهه ڪونه هئي. پر حيرت جي ڳالهه اِها هئي ته، هو ڪڏهن به اُنجي ور ڪونه چڙهي هئي. پٽورڌن مايا کي پنهنجي قابو ۾ آڻڻ جي، هر ممڪن ڪوشش ڪئي. ڪنهن به غنڊي لاءِ، اُن کان مٿي بي عزتي جي ڀلا ٻي ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي، ته هو ڪنهن عورت جي لاءِ، ڪجهه ڏينهن لاءِ شريف ٿي وڃي. پر پٽورڌن مايا کي حاصل ڪرڻ لاءِ، اها بي عزتي به قبول ڪئي. هن مايا کي آفتاب اسٽوڊيو جي پويان، هڪ صاف سٿري جڳهه وٺي ڏني. فرنيچر آڻي ڏنو ۽ جيڪي به پئسا هن ڪمايا ٿي، اُهي سڀ جا سڀ مايا جي اڳيان آڻي ٿي رکيائين. مايا پئسا وٺي، هن ڏانهن شرير نگاهن سان ڏٺو ٿي. ڊيل جيان هنجي چوگرد نخرن مان نچندي، سندس ڪلهن کي پنهنجي حساس آڱرين سان ڇهيو ٿي، ته پٽو رڌن جي اکين ۾ نشو چڙهڻ لڳو ٿي ۽ هن کي چپ چاپ ۽ بي وس ٿي، اُتان ٻاهر نڪرڻو پيو ٿي.
    اڄ تائين ڪنهن به عورت، هنکي شڪست نه ڏني هئي. ايئن ڪونه هو ته، ڪو هن کي مايا سان محبت هئي. پٽورڌن کي جڏهن کان هن هوش سنڀاليو هو، ڪنهن سان به محبت ڪونه هئي. هن کي مايا سان به محبت ڪونه هئي. بس هن فقط ان کي جيتڻ چاهيو ٿي. جيئن ماڻهو شطرنج ۾ هڪ بازي کٽيندو آهي، يا ريس ۾ گهوڙو جيتڻ لاءِ، هو پنهنجو سڄو زور اُن تي لڳائي ڇڏيندو آهي. اهائي حالت پٽورڌن جي هئي.
    انهي ڪري اُن ڏينهن پٽورڌن کي ڏاڍو غصو آيو، جڏهن هن ممتاز کي علي بخش، جي دڪان تي پنهنجي ٻانهن تي، مايا جو نالو ۽ اُن جي مٿان پنهنجو نالو کوٽائيندي ڏٺو.
    هن اُلر ڪري ممتاز مٿان چاقو جو وار ڪرڻ چاهيو، پر ممتاز جي غنڊن، ڦڙتائي ڏيکاري حملي کي روڪي ورتو ۽ چاقو هوا ۾ ئي رهجي ويو. ٻنهي طرفن جي غنڊن ۾ لڙائي شروع ٿي ويئي. سوڍا واري جون بوتلون ٽٽيون، انبن جا گاڏا اونڌا ٿيا ۽ پراڻن جوتن جي دڪان واري جا جوتا نالي ۾ وهي هليا.
    ٿوري ئي دير ۾ پوليس پهچي ويئي ۽ ڪجهه غنڊن کي گرفتار ڪري وٺي ويئي. ممتاز ڏاڍي سڪون سان، مسڪرائيندي علي بخش جي دڪان تي ٻانهن مٿي مايا جو نالو کوٽائيندو رهيو.
    ۽ انهي ئي رات- ممتاز مايا کي سندس کولي مان ڀڄائي کڻي ويو. مايا گهڻيون ئي رڙيون ڪيون، پر جيئن ته آسپاس جي بلڊنگن وارا سڀ ماڻهو ممتاز کان واقف هئا. تنهنڪري ڪير به ويجهو نه آيو.
    ممتاز سڀني جي سامهون، مايا کي پنهنجي طاقتور ٻانهن م کڻي ويو ۽ ڪنهن جي به همٿ نه ٿي، جو هنجي رستي ۾ اچي. ۽ جڏهن پٽورڌن کي خبر پيئي، ته اُنوقت ممتاز مايا کي پنهنجي علائقي ۾ پهچائي چڪو هو. ممتاز مايا کي سيٺ سورج مل جي بلڊنگ نمبر ستين ۾ رکيو، جتي هن پهرين کان ئي ڪئين غنڊا پالي رکيا هئا.
    پٽورڌن ڏند ڪرٽيندو رهجي ويو. پر هن آس نه لاٿي. هن علائقي ۾ هندو مسلم فساد کڙو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر علائقي جا سڀ وڏا وڏا سيٺ ممتاز جي پاسي هئا. انهي ڪري ڪنهن به ان مسئلي کي، هندو مسلم سوال بڻجڻ نه ڏنو. ممتاز سيٺين کي مسواڙين کان سٺي مسواڙ. اُڳاڙي ڏيندو هو. هو فلمن ۾ اضافي رول ادا ڪندڙن کي دٻائي، اُنهن کان گهٽ معاوضي تي ڪم ڪرائيندو هو. انهي ڪري سيٺيون هن مان ڏاڍا خوش هئا.
    اُن کان علاوه مختلف موقعن تي، ممتاز سيٺين کي وياج خور پٺاڻن کان، فلم ڪمپنين لاءِ قرض پڻ ڏياريندو هو. سيٺ ماڻهو اهڙي ڪارائتي ماڻهو کي، جيل ڏيارڻ لاءِ قطعي تيار ڪو نه هئا. اهوئي سبب هو، جو پٽو رڌن ۽ اُنجي ساٿي غنڊن ۽ ڪجهه مهاسڀائي دڪاندارن جي شرارت جي باوجود به، مايا جو اغوا هندو مسلم سوال جي شڪل اختيار ڪري نه سگهيو.
    دادرجي مسجد ۾ چند ڪٽر نمازين، ڪجهه ڏينهن تائين وڏي خوشي مان، ان ڪار خير جو ذڪر ڪيو. پر اها ڪا اهڙي مٺائي نه هئي، جيڪا سڀني ۾ ورهائي ويئي هجي. اِهوئي سبب هو جو، ڪجهه ڏينهن جي خوشي سرد مهري ۾ تبديل ٿي ويئي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ته، هن واقعي کي ماڻهن صفا وساري ڇڏيو.
    پر اِهو واقعو پٽورڌن کان ڪٿي ٿي وسريو. هڪ رات، هن ستين نمبر بلڊنگ تي جوابي حملو ڪيو. حملو غير متوقع ۽ اوچتو هو. پٽورڌن پنهنجي ساٿين کي وٺي، بلڊنگ جي اندر گهڙي سڌو مايا جي ڪوٺي ۾ داخل ٿيو. اُن وقت ممتاز هڪ ريشمي گوڏ پهري، کٽ تي ليٽيو پيو هو. ۽ مايا هن کي زور ڏيئي رهي هئي.
    مايا کي ممتاز جا پير دٻائيندو ڏسي پٽورڌن جي اکين ۾ خون ڊوڙي آيو. پر هن پنهنجو پاڻ کي جلد ئي سنڀالي چيو،
    “ممتاز! تنهنجي بلڊنگ کي منهنجن ماڻهن چوگرد گهيرو ڪري ورتو آهي. تو وٽ ڏهه ماڻهو هوندا ته مون وٽ پنجاهه.”
    “ته پوءِ؟” ممتاز کٽ تان ئي لاپرواهي مان جواب ڏنو.
    “آءٌ مايا کي وٺڻ آيو آهيان ۽ اُنکي هر حال ۾ وٺي ويندس.”
    “جيڪڏهن هوءَ توسان هلڻ چاهي ٿي، ته ڀلي وٺي وڃ” ممتاز نرمائي مان چيو، “مونکي ڪو به اعتراض ڪونهي. آءٌ عورت تان ڪونه وڙهندو آهيان.”
    “توکي ڪوئي اعتراض ڪونهي؟” پٽورڌن حيراني مان چيو.
    “خدا رسول جو قسم، مونکي ڪو به اعتراض ڪونهي.”
    “ته هل مايا.” پٽورڌن مايا کي چيو.
    مايا، چپ چاپ ممتاز جا پير دٻائيندي رهي.
    “ڇا تون مسلمان ٿي ويئي آهين؟” پٽورڌن غصي مان پڇيو.
    “نه آءٌ هندو ئي آهيان.” مايا جواب ڏنو.
    “ته پوءِ اُٿ نه، ڇا سوچي رهي آهين؟ آءٌ توکي آزاد ڪرائڻ آيو آهيان.”
    مايا چپ چاپ ممتاز جا پير دٻائيندي رهي.
    “توکي خبر آهي ته تون ڪنهن سان محبت ڪري رهي آهين؟”
    “هڪ مسلمان سان.” مايا جواب ڏنو.
    پٽورڌن کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. “هن وٽ ست عورتون اڳي ئي وهاريل اهن، روپا، رضيه، ڪنول، سلميٰ، گوپي.....آءُ سڀني کي سڃاڻان ٿو. تون مون سان هل. هڪ هڪ کان تصديق ڪرائي ٿو ڏيان. ههڙي بدمعاش سان رهي ڪري، تنهنجي زندگي به برباد ٿي ويندي. مونکي تنهنجي لاءِ عزت آهي. توکي گهر وٺي ڏيندس. توسان شادي ڪندس. مايا چئو، مايا چئو تنهنجو ڪهڙو جواب آهي؟”
    مايا آهستي آهستي زمين تان اُٿي، دٻيل پيرن سان ڪنڌ هيٺ ڪندي، پٽورڌن جي سامهون آئي. سامهون ٿي هن آهستي آهستي پنهنجو ڪنڌ مٿي کنيو ۽ پٽورڌن جي منهن تي ٿڪي ڏنو.
    پٽورڌن پنهنجو خنجر ڪڍيو. ممتاز بجلي جيان ٽپو ڏيئي وچ ۾ آيو. خنجر جي نوڪ ممتاز جي ڪلهي ۾ هلي ويئي. هن جهٽڪو ڏيئي خنجر پنهنجي ڪلهي مان ڪڍيو ۽ ڏند ڪرٽيندي چيو “خدا ۽ رسول جو قسم کائي ويٺو آهيان ته مايا جي ڪري، توسان نه وڙهندس. خيريت انهي ۾ اٿئي ته هتان هليو وڃ.”
    پٽورڌن وڃڻ نٿي چاهيو، پر هن هيٺ دري مان سيٺ سورج مل کي، پوليس سان گڏ ايندي ڏٺو، ان ڪري هن ڀڄڻ ۾ ئي پنهنجي ڀلائي سمجهي.
    انهي ڪري مايا جو نالو ممتاز جي ٻانهن تي اُڪريل ڏسي هن جو خون ٽهڪڻ لڳو. پٽو رڌن خنجر ڪڍيو، ۽ نالي واري ٻانهن کي، اُن جي جسم کان ڪپي الڳ ڪيو. ٻانهن مان اُن گوشت جي حصي کي ڪپي، ڌارڪيو جتي ممتاز ۽ مايا جو نالو لکيل هو. ۽ پوءِ اُن گوشت جي ٽڪري کي، وڌيڪ ڳترا ڳترا ڪري مين هول ۾ اُڇلائي ڇڏيو. جهٽ پٽ هن ممتاز جي لاش کي وري ٿڏو هنيو ۽ وحشي پڻي مان گجندي چيو،”هاڻي ڳالهائي حرامي جا اولاد، هاڻي ڳالهائي.”
    ممتاز جو خاموش چهرو ڏسي، هن کي رات وارو واقعو ياد اچي ويو. ملڪ ورهائجي ٿي چڪو هو. شهر ۾ هندو مسلم فساد ٿي رهيا هئا. بمبئي ۾ سنڌ کان هزارين سنڌي اچي رهيا هئا. مسلمان علائقن مان هندو ڀڄي رهيا هئا ۽ هندو علائقن مان مسلمان.
    دادر ۽ پريل جو علائقو جيتوڻيڪ هندن جو هو، پر ممتاز اُتي جو اڃان به دادا هو. هن جا ڪافي غنڊا ساٿي ڀڄي ويا هئا، پر اڃان به مسلمانن جي ڪافي آبادي ممتاز جي ڏڍ تي رهي پئي هئي. اُنهن ۾ سڀ ماڻهو غنڊا ڪونه هئا. ڪافي شريف ماڻهو به هئا. محنتي مزور هئا، ڪلرڪ هئا، ننڍا ننڍا دڪاندار هئا ته شيون وڪڻڻ وارا گهورڙيا به هئا. فلمن ۾ اضافي ڀرتي ٿيندڙ ماڻهو به هئا. اديب به هئا ته بيڪار به هئا. اُتي هر نموني جا ماڻهو آباد هئا. اُهي سڀ ماڻهو، اهو به ڄاڻندا هئا ته ممتاز غنڊو هو، بدمعاش هو. ڪئين خون ڪري چڪو هو. ڪئين عورتون اغوا ڪري چڪو هو. پوءِ به هنن جو اُن تي ڀروسو هو. هڪ عجيب بي وس ۽ معصوم ڀروسو، جنهن کي ڏسي ممتاز کي اُنهن ماڻهن تي رحم اچڻ لڳو هو. هنجي دل ۾ ڪو نامعلوم جذبو جاڳڻ لڳو هو. اِهو جذبو شايد هن ڪڏهن پنهنجي ماءُ جي گود ۾ محسوس ڪيو هو. پنهنجي پڦي جي ننڍي ڇوڪري سان، ڪڏندي محسوس ڪيو هو. جهلم جي ڪناري واري جا گهر بنائيندي محسوس ڪيو هو. اهو نا معلوم ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ جذبو، شرم ٻوٽي وانگر سندس دل ۾ ڦٽڻ لڳو هو. ۽ هو خود حيران هو ته انهن ماڻهن جو حيرتناڪ ۽ بي انتها ڀروسو کيس ڪيڏانهن وٺي وڃي رهيو هو. اُن علائقي جا سڀ غنڊا ۽ بدمعاش هندو مسلم فسادن ۾ لڳل هئا، ۽ پنهنجي هٿن سان پنهنجا هٿ رڱي رهيا هئا. خون سان به پئسن سان به.
    پر هو ڏينهون ڏينهن فسادن کان پري هٽندو ويو. پنهنجي علائقي ۾ هن فساد ڪرائڻ وارن کي روڪي ڇڏيو. هاڻ هو ڏينهن رات چوڪيداري ڪندو هو. ۽ پنهنجي علائقي جي هندن ۽ مسلمانن ٻنهي کي لڙائي جهڳڙي کان باز رهڻ جي تلقين ڪندو هو. ڪافي مسلمان غنڊن به هنجو ساٿ ڇڏي ڏنو هو، ۽ ڀينڊي بازار هليا ويا هئا. ڪافي هندو غنڊن هن تي بزدلي جو الزام هنيو. پر ممتاز بدستور پنهنجي علائقي جي رکوالي ۾ رڌل رهيو ۽ هر روز سيٺ سورج مل ۽ ترويري لال جي گهر حاضري ڏيندو هو. ۽ کين فخر مان اوچو ڳاٽ ڪري پنهنجا ڪارناما ٻڌائيندو هو ته، هن ڪيئن نه هندو مسلم فسادن کي روڪي رکيو هو.
    سيٺ مٿين دل سان خوش ٿي هنجي تعريف ڪندا هئا ۽ هو ڏاڍو خوش ۽ مطمئن ٿي واپس موٽندو هو ۽ سمجهڻ لڳندو هو ته ڄڻ، هو ڪو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏيئي رهيو هو.
    پر اصل ۾ سيٺيون هاڻ ممتاز مان قطعي خوش ڪونه هئا، انهي لاءِ نه ته ڪو ممتاز مسلمان هو. اول ته پئسي جو ڪو به مذهب ناهي هوندو. ڪو به رنگ، مزاج ڪونهي ٿيندو ۽ نه ئي اُنجي ڪا قوميت يا ملڪ هوندو آهي. پئسي جو نڪو رشتو هوندو آهي ۽ نه ئي ڪنهن سان محبت. پئسي جي ابتدا ۽ انتها پئسو ئي هوندو آهي. انهي ڪري هاڻ سيٺيون ممتاز کان کٽا ۽ بيزار ٿي چڪا هئا، ڇو جو هنن پنهنجي علائقن مان مسلمانن جي لڏپلاڻ چاهي ٿي. انهي لاءِ نه ته هنن جو، ڪو مسلمانن سان وير هو يا کائن ڪا مذهبي نفرت هئي. هي مسلمان ته صدين کان انهن بلڊنگن ۾ رهندا آيا هئا، ۽ سالن کان ممتاز انهن کان، سيٺين لاءِ مسواڙ وصول ڪندو آيو ٿي. پر اصل ڳالهه هي هئي ته سنڌي مهاجر لکن جي تعداد ۾ پنهنجي دولت ساڻ کڻي، بمبئي پهچي رهيا هئا. اُنهن کي گهرن جي ضرورت هئي ۽ هو اُن لاءِ پڳڙي به ڏيڻ لاءِ تيار هئا ۽ مسواڙ به زياده آڇي رهيا هئا. هڪ جڳهه جي مسواڙ اڍائي سو مان ڦري هزار روپيه ٿي ويئي هئي. پر هڪ بيوقوف ممتاز هو، جو علائقي ۾ هندو مسلمان فساد ٿيڻ نه ڏيئي رهيو هو. جي فساد نه ٿيندا ته مسلمان ڊڄي ڇو ڀڄندا، گهر ڇو خالي ٿيندا، پڳڙيون ڇا لاءِ ملنديون ٽجوڙيون ڪيئن ڀربيون؟
    اهائي سوچ ۽ اِهوئي مقصد هو، جنهن سيٺين کي هڪ ٻئي جي ويجهو آندو ۽ سڀ ڪجهه طئه ڪرڻ کانپوءِ هنن پٽورڌن کي سڏايو.
    پٽو رڌن خنجر جي آخري وار سان، ممتاز جو سر جدا ڪري ڇڏيو. پهرين هن گردن جو هيٺيون حصو مين هول ۾ اُڇلايو ۽ پوءِ هن ممتاز جي لاش کي وارن کان پڪڙي ناريل وانگي هيڏانهن هوڏانهن گهليو. ۽ جڏهن هن کي سڙڪ جي ٻنهي طرفن ڪو به داد ڏيندي نظر نه آيو ته هن ممتاز جي سسي کي، مين هول م اُڇلي ڇڏيو ۽ گوشت جي پکڙيل ٽڪرن کي ميڙي سيڙي مين هول ۾ ڦٽي ڪيو.
    اُن کانپوءِ هو اُٿي، سامهون ميونسپالٽي جي نلڪي ڏانهن ويو. نلڪو کولي هن هٿ منهن ڌوتو. هن ڀنگين جي مندر مان سامهون نظر ايندڙ گڻيش جي مورتي کي، وڏي ادب مان هٿ ٻڌا.
    هاڻ هن کي بک ستائڻ لڳي هئي. هو ٽرام جي پٽڙي تان هلندو، هڪ هوٽل ۾ داخل ٿيو. جيڪا نئين کليل ٿي معلوم ٿي. آرسيون، ڪرسيون، سنگ مرمر جو ڪائونٽر، سارو فرنيچر نئون لڳو ٿي.
    پٽو رڌن ٿڙندو ٿاٻڙندو، هوٽل جي ڪائونٽر تي آيو ۽ زوردار مڪ هڻندي چيو،
    “مونکي سخت بک لڳي آهي. ماني جلدي ڏي.”
    هوٽل جو مالڪ سنڌي لڳو ٿي، هن ڇوڪري کي تڙتڪڙ ۾ سنڌي ۾ ڪجهه چيو.
    ڇوڪرو ڊوڙندو بورچي خاني ۾ ويو ۽ جلد ئي هن هڪ گوشت جي پليٽ ۽ تندوري نان آڻي پٽورڌن جي اڳيان رکيو.
    پٽورڌن غصي مان بڙ بڙ ڪندي اُٿيو ۽ گجندي چيو، “توکي خبرناهي ته آءٌ برهمڻ آهيان ۽ گوشت ڪونه کائيندو آهيان؟”
    ايئن چوندي هن گوشت جي پليٽ کڻي مالڪ جي منهن تي هنئي ۽ ڪاوڙ مان بڪ بڪ ڪندو هوٽل مان ٻاهر نڪري ويو.


    ڪتا پلاننگ

    سڀ کان پهرين نائب وزير فيملي پلاننگ جي وزير کي چيو،
    “توهان اڄ جي اخبار ڏٺي آهي؟”
    فيملي پلاننگ جي وزير هڪ ڊگهي اوٻاسي ڏيئي پڇيو: “اڄ ڪهڙي تاريخ آهي؟”
    “24 جنوري.”
    “اوڳاڊ! ڪيئن ڏينهن گذريو وڃن ٿا، ڪا خبر ئي ڪو نه ٿي پوي.” فيملي پلاننگ جي وزير هڪ ڊگهو سگار چپن تي آڻيندي چيو. “اڃان ڪلهه ڪلهوڻي ئي ته نئون سال شروع ٿيو هو. ڪيڏي نه شاندار پارٽي هئي. توهان کي ياد هوندو. مسز من سکاني ڪيڏي نه خوبصورت ساڙهي پائي آئي هئي.”
    “اڄ جي “ٽائمز” ۾ ستين صفحي تي هڪ اهم خبر آهي.” نائب وزير وري يا ڏياريو.
    “آئون صرف اُها اخبار پڙهندو آهيان جنهن ۾ منهنجو فوٽو ڇپبو آهي ۽ گذريل ٻن ڏينهن کان مون ڪا تقرير ناهي ڪئي. تنهن ڪري ٻي ڪا اهم خبر ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟” وزير سگار جو هڪ وڏو ڪش هڻندي چيو.
    نائب وزير خبر پڙهي ٻڌائي.
    “علي آباد ۾ جيڪو ڄام نگر کان نون ميلن جي مفاصلي تي آهي، هڪ اهڙو تجربو ڪيو پيو وڃي جنهن سان ڪتن جي فيملي پلاننگ ٿي سگهندي. هن پراجيڪٽ کي شروع ڪرڻ وارا چون ٿا ته جيئن ڪتن جي وڌندڙ آبادي کي روڪي سگهجي. ڇو ته هن علائقي جا ماڻهو ڪتن کي جان کان مارڻ جي حق ۾ ناهن.” صحت کاتو ميونسپل کاتي جي مدد سان هي پراجيڪٽ شروع ڪندو. جنهن جي ذريعي هڪ محدود علائقي جي ڪتن جي آپريشن جي ذريعي فيملي پلاننگ ڪئي ويندي.”
    “بيوقوف!” فيملي پلاننگ جي وزير خبر ٻڌي چيو، “انسانن ۾ ته فيملي پلاننگ ٺيڪ طرح سان ٿي نه رهي آهي ته وري ڪتن ۾ ڪيئن ٿيندي؟ بيڪار ۾ عوام جو پيسو ضايع ٿي ويندو.”
    نائب وزير ها ۾ ها ملائيندي چيو، “خود مون به ايئن چيو هو. پر پوءِ خيال آيو ته جيئن ته اسان وٽ به فيملي پلاننگ ڪامياب نه رهي آهي ۽ جڏهن ته نئين بجيٽ جي موقعي تي ڪا نئين ڪار گذاري ڏيکارڻ جي به ضرورت محسوس ٿيندي، انهي لاءِ مون هن خبر کي ان قدر اهم سمجهيو آهي.” نائب وزير ايئن چوندي خاموش ٿي ويو.
    “هون!” فيملي پلاننگ جو وزير هڪ گهري سوچ ۾ هليو ويو. ڪافي غور ويچار کان پوءِ چيائين، “خيال ته برو ڪونهي. آخر صوبي ۾ ڪتا ته هوندا ئي؟.”
    “ضرور هوندا” نائب وزير چيو، “جيتوڻيڪ مون اڄ تائين ڪنهن ڪتي کي انٽرويو ناهي ڏنو، انسانن کان ئي واندڪائي نٿي ملي... پر هوندا ضرور، ڇا خيال آهي؟ چيف سيڪريٽري سان مشورو ڪيو وڃي هن معاملي ۾؟”
    جواب ۾ فيملي پلاننگ جي وزير چيف سيڪريٽري کي فون ڪري آفيس ۾ سڏائي ورتو. چيف سيڪريٽري خبر پڙهي ۽ تجويز ٻڌي خاموش ٿي ويو. ڪنهن مسئلي تي راءِ ڏيڻ کان پهرين هو خاموش رهڻ پسند ڪندو آهي. چاهي وزيرن جو عقل هجي يا ڪتن جو مستقبل هجي. هڪ ڊگهي خاموشي کان پوءِ هن چيو.
    “ڪتن سان منهنجي ملاقات ايتري گهڻي ڪونهي، ڇو ته مون کي شروع کان ئي طوطن پالڻ جو شوق رهيو آهي. آئون سمجهان ٿو ته ان سلسلي ۾ جيڪڏهن جوائنٽ سيڪريٽري سان مشورو ڪيو وڃي ته بهتر ٿيندو. هن جي گهر ۾ پنج ڪتا آهن.”
    جڏهن جوائنٽ سيڪريٽري جي اڳيان اها تجويز رکي ويئي ته هن جا ڪن کڙا ٿي ويا ۽ چوڻ لڳو، “صاحب، جن ڪتن کي آئون سڃاڻان ٿو اُهي شاهي نسل جا ڪتا آهن. منهنجو انهن جي سنڀال لاءِ هڪ نوڪر رکيل آهي. منهنجا ڪتا مقرر وقت تي سمهندا آهن ۽ مقرر وقت تي اُٿندا آهن. مقرر وقت تي وهنجندا آهن ۽ مقرر وقت تي کاڌو کائيندا آهن. مقرر وقت تي گهمڻ ويندا آهن. پنهنجي سمجهه ٻوجهه ۾ تقريبن انسان آهن. اهڙن اعليٰ نسل جي ڪتن جي فيملي پلاننگ تي تمام گهڻو خرچ ايندو.”
    “اڙي بابلا!” نائب وزير چيو، “اسين بنگلن جي ڪتن جي ڳالهه نٿا ڪريون. اُنهن کي ڪنهن فيملي پلاننگ جي ضرورت نه آهي، چاهي اُهي انسان هجن يا ڪتا؟ اُهي جيڪي بنگلن ۾ رهن ٿا، فيملي پلاننگ جي دائري ۾ نٿا اچن. هتي ذڪر بازاري ڪتن جو ٿي رهيو آهي. منهنجو مطلب ڪتن جي عام عوام سان آهي.”
    “منهنجو خيال آهي”، جوائنٽ سيڪريٽري ڳالهايو، “منهنجي خيال ۾ انڊر سيڪريٽري کي گهرائڻ گهرجي. آئون سول لائن ۾ رهان ٿو ۽ هو شهر ۾ رهي ٿو. بازاري ڪتن جي باري ۾ اُن کي ڄاڻ زياده هوندي”.
    انڊر سيڪريٽري جڏهن هن ميٽنگ ۾ شريڪ ٿيو ته تجويز ٻڌندي ئي ٽپ ڏيئي اُٿي بيهه رهيو. ڇو ته هو پنهنجي زندگي ۾ ڪيترا ڀيرا بري طرح ڪتن کان چڪ کائي چڪو هو ۽ هڪ دفعو حلوائي جي ڪتي هن کي اهڙي زور سان ڇتو چڪ پاتو جو هن وقت تائين به گوڏن جي ڀرسان اُن جو نشان موجود هو.
    “منهنجو اندازو آهي ته هن شهر ۾ ٻه لک ڪتا آهن ۽ ايتريون ئي ڪتيون هونديون.”
    هاڻي جيڪڏهن هڪ ڪتي سال ۾ پنج گلر به ڏي ۽ اُن مان جيڪڏهن ٽي به زندهه رهن ته سمجهو ته هر سال ڪتن جو تعداد ۾ ٻيڻو ٿي ويندو.”
    “او صاحب! آئون سمجهان ٿو ته شهر ۾ جيڪڏهن ڪتا ان رفتار سان وڌندا رهيا ته ڪتن جي آبادي انسانن جي آبادي کان گهڻي ٿي ويندي.”
    “اسان کي ان سلسلي ۾ تڪڙو قدم کڻڻ گهرجي. ٿورو سوچيو ته انهن رولاڪ ڪتن تي ڪيترو اناج ضايع ٿئي ٿو. ڪيتريون بيماريون ڦهلجن ٿيون. ڪيتريون گهٽيون گنديون ٿين ٿيون. ڪيترا انسان هائڊرو فوبيا ۾ مريو وڃن ٿا. ڪتو انسان جو بدترين دشمن آهي. حضور! منهنجو خيال آهي ته جي ڪتن جي فيملي پلاننگ ڪئي وڃي ته انسان جي فيملي پلاننگ جي ضرورت ئي ڪو نه پوندي”.
    “واه واه! واه واه!! وزير تاڙيون وڄائيندي چيو، “آئون بلڪل اهو ئي سوچي رهيو هوس ۽ اهو سوچي ئي مون توهان کي ميٽنگ ۾ گهرايو هو. آئون سمجهان ٿو ته ڳالهه بلڪل واضح ۽ صاف ٿي چڪي آهي ۽ جيڪو مون شروع ۾ سوچيو هو ته جيڪڏهن ڪتن جي فيملي پلاننگ ڪامياب ٿي ويئي ته اسان کي انسانن جي فيملي پلاننگ جي ضرورت نه رهندي. توهان ان خيال کي نظر ۾ رکندي اها مهم شروع ڪريو ۽ سڀ کان پهرين ان جي باري ۾ هڪ پمفليٽ ڇپايو جنهن جي هڪ پاسي تي منهنجي تصوير هجي ۽ ٻئي پاسي تي ڪتي جي.”
    نائب وزير غور مان چتائي وزير ڏي نهاريو.
    “اون هون! ٻيو ڪنهن جي به نه، بس منهنجي ئي تصوير ڪافي آهي.”
    “پر هڪڙي پمفليٽ شايع ڪرڻ سان ڪم نه هلندو چيف سيڪريٽري غور ڪندي وراڻيو. اُن جي لاءِ اسان کي بجيٽ منظور ڪرڻي پوندي ۽ نئون اسٽاف رکڻو پوندو. اُهي ماڻهو جيڪي انسانن جي فيملي پلاننگ ڪن ٿا، ڪتن جي فيملي پلاننگ جو ڪم نٿا ڪري سگهن. انسانن ۽ ڪتن جي عادتن ۾ زمين آسمان جو فرق آهي.”
    “اُنهن ۾ ايترو به گهڻو فرق ناهي.” نائب وزير چيو.
    “نه نه، چيف سيڪريٽري صحيح چوي ٿو.” وزير چيو ،”اسان کي ان لاءِ بلڪل نئين بجيٽ ۽ نئون اسٽاف رکڻو پوندو. سڀ کان زياده ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته ان مهم جو انچارج هڪ اهڙوماڻهو هئڻ گهرجي جيڪو ڪتن جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ رکندو هجي.”
    انڊر سيڪريٽري چيو، “منهنجو هڪ ڀائيٽو آهي.”
    جوائنٽ سيڪريٽري چيو، “منهنجو هڪ ڀاءُ آهي.”
    چيف سيڪريٽري چيو، “منهنجو هڪ ڏوهٽو آهي.”
    وزير چيو، “منهنجو هڪ ناٺي آهي.”
    وزير صاحب کان پوءِ ٻئي ڪنهن به نه ڳالهايو. وزير نيٺ سچائي ظاهر ڪري ئي ڇڏي ۽ سچ جي هميشه جيت ٿيندي آهي. تنهن ڪري مون کي ٻئي ڏينهن ئي نوڪري تي رکيو ويو.
    ....................
    اُهي ماڻهو بڪواس ڪن ٿا جيڪي چون ٿا ته مون کي انهي لاءِ نوڪري ملي ويئي جو آئون وزير جو ناٺي آهيان، آئون دراصل هن ڪم لاءِ نهايت موزون ماڻهو آهيان. هڪ ته آئون جانورن جو وٽنري آهيان. يعني ڊاڪٽر آهيان.
    جانورن جي نفسيات جي باري ۾ جيترو علم مون کي آهي ٻئي ڪنهن کي نه هوندو. بهتر نموني جانورن جي ٻولي سمجهان ٿو ۽ هن زماني ۾ جڏهن پٽ پيءَ جي ٻولي نٿو سمجهي توهان سمجهي سگهو ٿا ته اهو ڪيترو مشڪل ڪم آهي.
    بن ڪلارڪن ٻن پٽيوالن، ٻن ڪمپائونڊرن ۽ هڪ هلندڙ ڦرندڙ آپريشن جي سامان سان ڀريل گاڏي سان مون هڪ ڪتي جو گهٽي ۾ گهيرو تنگ ڪيو، جيڪو هڪ ڪتي جي پويان ڀڄي رهيو هو.
    ڪتي اسان سڀني جي طرف غور سان ڏٺو ۽ آخر هو سمجهي ويو ته انهن سڀني ۾ فقط آئون ئي آهيان، جيڪو هن سان ڳالهائڻ جي لاءِ موزون آهيان. تنهن ڪري هو مون سان مخاطب ٿيو.
    “تون ڇا ٿو چاهين؟” هن پڇيو.
    “آئون تنهنجو آپريشن ڪرڻ چاهيان ٿو.” مون جواب ڏنو.
    “ڇو؟”
    “جيئن تون وڌيڪ ٻچا پيدا ڪري نه سگهين.”
    “اسان جي ٻچن کان توهان کي ڪهڙي پريشاني آهي؟”
    “انهن جي لاءِ اسان کاڌو ڪٿان آڻينداسين؟” مون ڪتي کي سمجهائيندي چيو، “هن شهر ۾ ٻه لک ڪتا آهن. ايندڙ پنجن سالن ۾ ڏهه لک ٿي ويندا. اسان انهن ڏهه لک ڪتن لاءِ کاڌو ڪٿان آڻينداسين؟.”
    ڪتي چيو، “آئون ڪڏهن منع ڪريان ٿو. جيڪڏهن اسان جي نسل ڪشي سان انسان جو نسل محفوظ رهي سگهي ٿو ته ڪتا انسان جي خاطر اها به قرباني ڏيئي سگهن ٿا. پر جيڪڏهن غور سان منهنجي ڳالهه ٻڌين ۽ سمجهين، ته توکي معلوم ٿيندو ته هي بيڪار جو رينگهٽ کڻي شروع ڪيو اٿو. ڪتن کي ختم ڪرڻ سان توهان کي ڪو به فائدو نه ٿيندو.
    ڪتن کي ختم ڪرڻ سان ٻلين جو تعداد وڌي ويندو ۽ توهان کي خبر آهي ته ٻليون ڪيترو جلدي جلدي ٻچا ڏين ٿيون ۽ اسين ته پوءِ به توهان جي جوٺ تي گذارو ڪري وڃون ٿا پر ٻليون ته سڌو توهان جي بورچيخاني ۾ زبردستي گهڙي کير پي وڃن ٿيون. توهان کي ڪجهه معلوم به آهي؟”
    ڪتي ڳالهه عقل واري ڪئي هئي.
    تنهن ڪري مون هي صورتحال پنهنجي کاتي جي اعليٰ آفيسرن جي اڳيان رکي اُنهن پاڻ ۾ مشور ڪري طئي ڪيو ته في الحال ڪتن جي فيملي پلاننگ ملتوي ڪري ٻلين تي حملو ڪيو وڃي.
    هاڻ مون کي نوان حڪم ڏنا ويا، نئون عملو ڏنو ويو. نئين بجيٽ منظور ڪئي وئي. جنهن ۾ نئون پمفليٽ شايع ڪيو ويو. عنوان هو “ٻلين جي فيملي پلاننگ.”
    اٺن ڏهن ڏينهن جي ڪوشش کانپوءِ اسين هڪ موٽي ٻلي کي پڪڙڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين. هو پهرين ڪافي دير تائين اسان کي ڏسي واڇون اُڀيون ڪري اسان تي آڪڙيو ۽ آخر ۾ تمام گهڻي ڪاوڙ مان مون کي گهوري چيائين.
    “ميان اسان کي سڃاڻو ڪو نه ٿا. منهنجي جيڪا زال آهي، اُها وزير تعليم جي پالتو ٻلي آهي. پنهنجي نوڪري چاهين ٿو ته هڪدم مون کي ڇڏي ڏي. نه ته شڪايت ڪندوسئين.”
    مون کي به ڪاوڙ اچي ويئي. مون چيو “ميان ٻلا! تون پاڻ کي سمجهين ڇا ٿو؟ جيڪڏهن تنهنجي زال هڪ وزير جي ٻلي آهي ته آئون به هڪ وزير جو ناٺي آهيان. آئون تنهنجي وزير جو غلام ناهيان جو توکان ڊڄي ويندس.”
    اُنتي مغرور ٻلو ڪجهه ٿڌو ٿيو ۽ پڇڻ لڳو. “آخر تون چاهين ڇا ٿو؟”
    اُن کي مون پنهنجي اسڪيم سمجهائي. اسڪيم ٻڌي چيائين، “ته توهان انسانن جي فيملي پلاننگ کي ڪتن جي فيملي پلاننگ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هاڻي ڪتن جي فيملي پلاننگ کي ٻلين جي فيملي پلاننگ ۾ بدلڻ چاهيو ٿا، ته جيئن هن دنيا مان ٻليون توهان جي ٻارن جي غذا نه هڙپ ڪري وڃن.”
    “تون بلڪل ٺيڪ ٿو چوين. اسان جو اهو خيال آهي” مون ان ٻلي کي نرمي سان سمجهائيندي چيو، “اسين توهان جي جان وٺڻ نٿا چاهيون. اسين عدم تشدد تي يقين رکون ٿا ۽ هن آپريشن سان توهان کي خاص تڪليف ڪو نه ٿيندي. بس فقط ٻن منٽن لاءِ ٿوري تڪليف ٿيندي ۽ اُن کان پوءِ اٺن ڏينهن تائين توهان کي هر روز نيراني هڪ گوري کائڻي پوندي”.
    “ڏاڍو سٺو” ٻلي ڳالهايو “انساني آبادي جي محفوظ مستقبل لاءِ اسان پنهنجن ٻچن جو مستقبل ختم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. پر ايترو ياد رکو ته توهان جي ٻارن جو مستقبل پهرين کان به زيادهه خطري ۾ پئجي ويندو.”
    اُهو وري ڪيئن؟” مون ٻلي کان پڇيو.
    هن چيو، “اِهو سوچيو ته دنيا ۾ جيڪڏهن ٻليون نه رهنديون ته پوءِ ڪوئن جو جو ڪير نالو وٺندو.؟ اڄ به خوراڪ جو چوٿون حصو ڪوئا کائي وڃن ٿا ۽ اُن جي عيوض توهان کي ڇا ٿا ڏين؟ پليگ، سوچيو۽ غور ڪريو. جيڪڏهن اسان ٻلا نه هجون ته فقط هن شهر ۾ هڪ سال ۾ هڪ ڪروڙ ڪوئا وڌي وڃن.”
    “تون بلڪل درست ٿو چوين” مون اقرار ڪندي چيو.
    “انهي لاءِ جيڪڏهن توهان هروڀرو جانورن جي ئي فيملي پلاننگ ڪرڻ چاهيو ٿا ته ڪوئن کان شروعات ڪريو.”
    جڏهن ان عقلمند ٻلي جي ڳالهه مون وزير صاحب کي سمجهائي ته هڪدم ڪرسي تان ٽپ ڏيئي اُٿيو چيائين، “آئون خود به اِهو ئي سوچي رهيو هوس. بلڪل صحيح چوي ٿو اِهو ٻلو.”
    هڪ واري وري اسان اسڪيم بدلي، نئون اسٽاف رکيو. نئين بجيٽ منظور ڪئي. نئون پمفليٽ ڇپجي ويو. “ڪوئن جي فيملي پلاننگ”. هن دفعي اسين سڀ مطمئن هئاسين ته هاڻي صحيح رستي تي آهيون ۽ سڀ ڪم قاعدي سان ٿيندو ۽ جلدي ٿيندو.
    پر جلدئي معلوم ٿيو ته هن ڪم ۾ ته ڪافي مشڪلاتون آهن. سڀ کان پهرين ته اسان جو جهڳڙو ميونسپل ڪارپوريشن جي عملي سان ٿيو. جڏهن اسان جي عملي جا ماڻهو ڪوئا پڪڙڻ ويا، ته اسان کي معلوم ٿيو ته شهر جا تمام ڪوئا ميونسپل ڪارپوريشن جي قبضي ۾ آهن. ۽ اسان جو ته انهن تي ڪو به حق ناهي ۽ جيستائين ميونسپل ڪميٽي اجازت نه ڏي اسين قانوني طور تي هڪڙي ڪوئي جو به آپريشن نه ٿي ڪري سگهياسين.
    ان تي اسان کي ڏاڍو غصو آيو. اسان جي کاتي جي وزير ميونسپل ڪارپوريشن جي ميئر کي خط لکيو. ميئر اسان جي کاتي جي وزير کي خط لکيو. ان ۾ ڪيترائي مهينا گذري ويا.
    ڪارپوريشن وارن چاهيو ٿي ته، شهر جا ڪوئا اسان جي حوالي نه ڪيا وڃن. بلڪه سنئون سڌو ماريا وڃن. جيئن اڄ تائين ٿيندو آيو آهي ۽ اسان چاهيو ٿي ته ڪوئن کي جان کان مارڻ جي بجاءِ، اُنهن جو آپريشن ڪيو وڃي ته جيئن وڌيڪ ڪوئا پيدا ٿي نه سگهن ۽ اسان جي فيملي مهم ڪامياب ٿئي.
    ڏيڍ سال تائين اهو جهڳڙو هلندو رهيو.
    آخر ۾ مٿان کان فيصلو ٿيو ته پهرين ڪارپوريشن ڪوئن کي جان سان ماري ڇڏي، بعد ۾ ڪوئا اسان جي حوالي ڪيا وڃن ته جيئن اسان اُنهن جو آپريشن ڪري سگهون.
    مٿي وارن ٻنهي کاتن جي ڳالهه مڃي ورتي هئي.
    پر مرده ڪوئن جو آپريشن ڪرڻ ڪنهن به ڪم جو نه ٿي سگهيو ٿي ۽ ان سان اسان جي مهم خطري ۾ پئجي سگهي ٿي. تنهنڪري اسان جي وزير صاحب مون کي گهرائي سمجهايو.
    “پٽ جهڳڙو ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو؟ شهر جو ميئر به پنهنجو ماڻهو آهي. هي اُن جي عزت جو معاملو آهي. جيڪڏهن هو ڪوئا پاڻ وٽ رکڻ چاهي ٿو ته ڀلي رکي. تون ڳوٺن ۾ وڃ. مون ٻڌو آهي ته ڳوٺن ۾ ڪوئا هوندا آهن.”
    “هوندا آهن؟”. مون چيو، هوندا ناهن پر شهر کان ٻيڻا هوندا آهن. ڪافي وزني ۽ وڏا هوندا آهن ۽ ڏاڍا خطرناڪ هوندا آهن. مون کي اُن لاءِ وڌيڪ اسٽاف گهرجي”.
    “ٻيو اسٽاف به وٺي وڃ”
    “ڳوٺن ۾ وڃڻ لاءِ ٻه جيپون به کپن”
    “ٻه چيپون به کڻي وڃ. پر شهر جي ڪوئن جو خيال وساري ڇڏ ۽ ڳوٺن جي ڪوئن جي طرف ڌيان ڏي.”
    مون چيو، “شهر جا ڪوئا گهڻا مهذب هوندا آهن. فيملي مهم جي ڳالهه جلدي سمجهي سگهيا ٿي. پر جاهل ڳوٺاڻن ڪوئن کي سمجهائڻ لاءِ مون کي زياده پروپئگنڊا ڪرڻي پوندي.”
    “تون هڪ ٻيو پمفليٽ ڇپائي وٺ.... تازو منهنجي نئين تصوير به آئي آهي.” وزير مون کي پيار سان سمجهائيندي چيو.
    هڪ ڏينهن جڏهن سامان مڪمل طور تي تيار ٿي ويو ته اسين لوهي پڃرا ساڻ ڪري ڳوٺن ۾ ڪوئن جي فيملي پلاننگ لاءِ روانا ٿياسين.
    پر ڳوٺ وارن اسان کي ٻنين جي ويجهو اچڻ به نه ڏنو. اُتي ئي روڊ جي ڪناري روڪي ورتو ۽ لٺيون اُڀيون ڪري بيهه رهيا. اُنهن جي سردار چيو، “ڪوئن جي فيملي مهم؟ ڪيترا نه بيوقوف آهيو. توهان کي خبر ناهي ته جيڪڏهن ڪوئا اسان جي کيتن ۾ نه هجن ته اسان جي کيتن جو اڌ فصل ڪيڙا مڪوڙا کائي وڃن. اهي ڪوئا ئي آهن جيڪي ڏينهن رات کيتن ۾ جيت جڻن کي کائيندا رهن ٿا ۽ اسان جي فصل کي تباهي کان بچائيندا رهن ٿا. اسين انهن جي فيملي پلاننگ ڪرڻ نه ڏينداسين. هرگز هرگز نه. هتان ڀڄي وڃو.”
    “عجيب مصيبت آهي؟” مون دل ئي دل ۾ چيو.
    جيڪڏهن اسان ڪتن جي فيملي پلاننگ ڪريون ٿا ته ٻليون وڌي وڃن ٿيون. ٻلين جي روڪ ٿام ڪريون ٿا ته ڪوئا وڌي وڃن ٿا. ڪوئن کي ختم ڪريون ٿا ته جيت جڻا وڌي وڃن ٿا.
    “ڪريون ته ڇا ڪريون؟”
    اسان اُتان کان ته ڀڄي آياسين. پر ڪنهن جي. ديڄارڻ يا ڌمڪائڻ سان اسان جي فيملي پلاننگ جو ڪم ڇا بيهه سگهي ٿو؟ هي ته سرڪاري ڪم آهي ۽ هميشه ٿيندو رهندو. هڪ مهم نه هلي سگهندي ته اُن جي جڳهه ٻي مهم وٺندي. انهي ڪري اسان جي کاتي طرفان هاڻ تمام جلدي ڪيڙن ماڪوڙن جي فيملي پلاننگ جي مهم شروع ٿيڻ واري آهي. ان جو وڏو ثبوت اِهو آهي ته اسان جي مخالفن هاڻي کان ئي مهم شروع ڪري ڇڏي آهي.
    زراعت کاتي هڪ زبردست احتجاجي نوٽ لکيو آهي ته، “هو ريشم جي ڪيڙن جي فيملي پلاننگ ڪڏهن به ٿيڻ نه ڇڏيندا.” ۽ ڪافي سرڪاري آفيسرن اُن جي حمايت به ڪئي آهي شايد اهو سوچي ته سرڪاري آفيسر به هڪ طرح سان ريشمي ڪيڙا ئي هوندا آهن.
    پر ڪنهن جي ڊيڄارڻ ۽ ڌمڪائڻ سان اسان جي فيملي پلاننگ جو ڪم رڪجي سگهي ٿو؟
    نئون پمفليٽ ڇپجي رهيو آهي.
    نئين بجٽ منظور ٿي چڪي آهي.
    نئون عملو رکجي چڪو آهي.
    ۽ هن سال ته مون پنهنجو پگهار خاص طور تي وڌرائي ڇڏيو آهي، ڇو جو منهنجي گهر ۾ خوشي اچڻ واري آهي.


    جتي جيون جوت جلي

    اسان جي پٽ جي پنجين سالگرهه هئي.
    ماءُ هن کي نوان ڪپڙا پهرايا. دوستن تحفا پيش ڪيا. ٻين گهرن مان به ٻار آيا هئا. منهنجو ڇوڪرو سڄو ڏينهن اُنهن سان کيڏندو رهيو. انب کائي پنهنجا ڪپڙا گدلا ڪندو رهيو. ڄمون ۽ چيڪو جي وڻن تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. جڏهن هن جا سڀ دوست هليا ويا ۽ هو بلڪل ٿڪي پيو ته سمهڻ لاءِ منهنجي گود ۾ اچي ليٽيو.
    ٻار پڇيو، “اڄ امان مون کي سڄو ڏينهن پيار ڪيو. هڪ ڀيرو به ڇڙٻ نه ڏني. آخر ڇا ڳالهه آهي؟
    مون چيو، “اڄ تنهنجي سالگرهه آهي.”
    هن چيو، “ته پوءِ هي سالگرهه هر روز ڇو نٿي اچي؟”
    مون چيو، “هر روز ڪيئن ٿيندي. اڄ تنهنجي زندگي جو پنجون سال شروع ٿيو آهي.”
    يار چپ ٿي ويو. هو ڪجهه سوچي رهيو هو. ٿوري دير کان پوءِ چيائين “اڄ نئون سال ايو آهي ته پوءِ منهنجو گذريل سال ڪيڏانهن ويو؟.” سوال ايترو عجيب هو جو آئون چڪرائجي ويس. مون پنهنجي ۽ پنهنجن دوستن جون ڪافي سالگراهون ملهايون هيون ليڪن ڪنهن کي به اهو خيال نه آيو ته گذريل سال ڪيڏانهن وڃي ٿو؟. نئين سال جي خوشي ۾ گذريل سال جي ياد ڪنهن کي اچي ٿي؟ نون دوستن کي ملڻ تي، پراڻن دوستن کي ڪير ياد ڪري ٿو؟. اهو دنيا جو دستور آهي.
    ليڪن ٻارن جو دستور ڪجهه ٻيو آهي.
    شايد انهي ڪري ئي ڇوڪري مون کان وري پڃيو. “بابا، ٻڌايو “گذريل سال ڪيڏانهن ويو؟”
    ڀلا آئون هن کي ڇا ٻڌايان!؟ پنجن سالن جي ننڍي معصوم کي وقت جي گردش ڪيئن سمجهايان!؟ انهي لاءِ مون خود ئي هن کان پڇي ورتو ڇو ته جڏهن آئون پنهنجي ٻار جي ڪنهن سوال جو جواب ڏيئي نه سگهندو آهيان ته اُن کان ئي پڇي وٺندو آهيان.
    “پٽ! تون ٻڌائي ته گذريل سال ڪيڏانهن ويو؟”
    ننڍڙي جي چهري تي مسڪراهٽ اچي ويئي. هو ڪافي دير تائين پنهنجو پاڻ مسڪرائيندو رهيو. مون ڏٺو ننڍ هن جي پلڪن تي جهڪي رهي آهي ۽ هو ڪٿي ڏور تمام ڏور ڏسي رهيو آهي.
    ٿوڙي دير کان پوءِ هو مون کي سمجهائيندي چوڻ لڳو، “ڏس هو ڄمون جو وڻ آهي جيڪو ناريل جي وڻ جي ڀرسان آهي”.
    “ها.”
    “هو کوهه وارو ناريل نه، انب جي وڻ جي پاسي ۾ جيڪو ناريل آهي”.
    “ها”
    “بس ان ڄمون جي وڻ تي چڙهندا وڃو.”
    “ها.”
    “۽ اڃان مٿي جتي آسمان آهي، اوستائين ڄمون جو وڻ آهي.”
    “ٺيڪ”.
    “ها، اُن تي گذريل سال رهندو آهي”.
    “اڙي واهه، هي ته تو نئين ڳالهه ٻڌائي. تون ڇا ڄمون جي وڻ تي چڙهيو هوئين؟”
    ٻار گهڻي اُداسي مان چيو، “نه وڻ تمام ڊگهو آهي. آئون چڙهي ڪو نه سگهيس. مون کي خبر آهي ته اُهو اُتي هوندو مٿي اڃان به گهڻو مٿي سڀني کان مٿي واري جڳهه تي”.
    پوءِ ٻار جي اکين جا ڇپر جهڪي پيا ۽ هو منهنجي گود ۾ سمهي پيو ۽ نه ڄاڻ ڪيڏي مهل منهنجي به اک لڳي ويئي. ٿوري دير بعد مون کي ڪنهن ڪنڌ کان لوڏي جاڳايو. مون اکيون کولي ڏٺو. هڪ ماڻهو جنهن کي خوش نما عمدو وڳو پهريل هو ۽ مٿي تي هيرن جو تاج سجيل هو منهنجي طرف ڏسي مسڪرائي رهيو هو.
    مون پڇيو، “تون ڪير آهين؟”
    هن چيو، “ياد ڪر! ايترو جلدي ڀلجي وين؟”
    مون چيو، “ڀاءُ مون توکي ڪٿي ناهي ڏٺو”.
    هن چيو، “آئون تنهنجو چوٿون سال آهيان”.
    آئون جلدي مان گهٻرائي اُٿي کڙو ٿيس. هن منهنجو هٿ جهلي ورتو ۽ هن جي هٿ جهليندي ئي مون کي محسوس ٿيو، ڄڻ منهنجي چئني طرفن گهاتو جهنگل آهي. چيڙ ۽ ديال جا وڻ هوا جي ٽڪرائڻ تي سرڙاٽ ڪري رهيا آهن ۽ آئون هڪ سائي ۽ پيلي رنگ واري تتري جو پيڇو ڪندي پنهنجي ننڍڙن هٿن ۽ پيرن کي هلائيندي تيزي سان هڪ طرف وڃي رهيو آهيان.
    تتري وڪڙ تي ڪيڏانهن غائب ٿي ويئي.
    آئون وڪڙ مان گذري اُن جي پويان ڊوڙيس. هاڻي تتري منهنجي بلڪل ويجهو هئي. مون هٿ وڌائي جهلڻ جي ڪوشش ڪئي پر تتري اڳيان اُڏامندي هلي ويئي ۽ هڪ ٻوٽي جي نيرن نيرن گلن تي لڏڻ لڳي پوءِ اُنهن جي پنن ۾ لڪي ويئي. هن جي پرن جو سائو رنگ پنن ۾ ملي ويو. پر هن جون پيليون رنگتون مون کان ڪيئن لڪي سگهون ٿي؟ مون آهستي آهستي کڙين تي هلي عين اُن وقت جڏهن تتري نيري گل کي سونگهي رهي هئي، پنهنجو رومال اُن مٿان اُڇليو ۽ پوءِ اُن کي قيد ڪري مٽي جي خول ۾ رکي ڇڏيو.
    تتري جا پر ڊپ جي ڪري ڦڙڦڙ ڪرڻ لڳا ۽ مون ڏٺو ته جهنگل جا سڀ وڻ هڪ ٻئي جي ويجهو ٿي رهيا آهن. ٿڙن سان ٿڙ ملي رهيا آهن ۽ ٿڙن جي پويان خوفناڪ اکيون..... سايون ڪاريون ۽ ڳاڙهيون اکيون... چمڪي رهيون آهن ۽ آئون ڊپ کان ڏڪي ويس. مون هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو. پنهنجي چئني طرفن خوفناڪ ڪارو جهنگل نظر آيو. هاڻي مون کي معلوم ٿيو ته تتري جي پويان دوڙندي آئون هليو ته پنهنجي باغ کان هئس پر ڊوڙندي ڊوڙندي جهنگل ۾ اچي ويو هئس. مون رڙيون ڪندي چيو.
    “امان! امان!”
    جهنگل جي وڻن کلي چيو. “هاهاها!”
    امان! امان!” اڃا به زور سان رڙيون ڪيون.
    “ها ها ها!” مون جهنگل جا وڻ اڃان به زور سان کلڻ لڳا.
    “ڀلي توهان ڪيترو به زور سان ٽهڪ ڏيو.” مون غصي مان وڻن کي چيو، “آئون پاڻهي پنهنجو رستو ڳولي لهندس”.
    ليڪن وڻ بلڪل هڪ ٻئي جي ويجهو اچي ويا. ٿڙن سان ٿڙ ملي ويا. جهڪيل ٽاريون لٺيون بڻجي ويون ۽ رستو سوڙهي کان سوڙهو ۽ ننڍي کان ننڍو ٿيندو ويو. آخرڪار هڪڙي جڳهه تي سوسڻ جي گلن جي هڪ تمام وڏي ٻاري نظر آئي. هتي اچي رستو بلڪل بند ٿي ويو.
    مون هيڏانهن هوڏانهن ڏنو: زمين کان آسمان تائين سوسڻ جي گلن جي ديوار هئي.
    “امان! امان!!”
    گل زور سان کُلي ٽهڪ ڏيڻ لڳا.
    ايتري ۾ هڪ خوبصورت پري آئي. هن جو لباس اهڙو هو ڄڻ سوسڻ جي گلن مان تيار ڪيو ويو هجي. هن جي کاٻي هٿ ۾ نيرن گلن جي لڙي هئي جنهن جي مٿان هڪ سوسڻ جو گل هو جيڪو بلڪل ڳاڙهي رنگ جي يا قوت جيان چمڪيو پي. هن ويجهو اچي منهنجي ڪلهي تي هٿ رکيو ۽ چيو.
    “ننڍڙا ٻارڙا تون ڇورو ئي رهيو آهين؟”
    مون چيو: “آئون امان وٽ وڃڻ چاهيان ٿو”.
    پري چيو، “تنهنجي ماءُ ڪٿي آهي؟”
    “هوءِ جهنگل جي هن پيار آهي”
    هن چيو، “ته هليو وڃ، توکي ڪير روڪي ٿو؟”
    مون چيو، هيڏانهن ديوار آهي، هوڏانهن وڻ رستو نٿا ڏين. اون اون اون”.
    هن منهنجي هٿ ۾ تتري کي ڏسي ورتو.
    “هي ڇا آهي؟”
    مون چيو: “اوهو! هن کي هٿ نه لاهيو. هي منهنجي تتري آهي”.
    “تون هن کي کڻي ڇا ڪندين؟”
    مون چيو، آئون هن جا پر پٽي پنهنجي تصويرن واري ڪتاب ۾ رکندس.”
    هن چيو “پر پٽيندين ته هوءِ مري ويندي.”
    “ڀلي مري وڃي”
    هن چيو، “ ته پوءِ هن جي ماءُ رئندي”.
    مون پڇيو، “ته هن جي ماءُ رئندي؟”
    “ها.”
    مون پڇيو: “هن جي ماءُ ڪير آهي”.
    پري ٿوري دير خاموش رهڻ کان پوءِ چيو، “آءُ هن جي ماءُ آهيان.”
    آئون ڪافي دير تائين خاموش رهيس. تتري جا پر ڏاڍا خوبصورت هئا. مون اُن کي وڏي مشڪل سان پڪڙيو هو. پري جي نيري اکين ۾ لڙڪ هئا، جهڙا ڪڏهن ڪڏهن منهنجي ماءُ جي اکين ۾ هوندا آهن. مون خاموشي سان تتري پري جي گود ۾ رکي ڇڏي ۽ پنهنجو ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو.
    پري مسڪرائڻ لڳي ۽ پوءِ مون ڏٺو اُها تتري هڪ ننڍڙي پري بڻجي ويئي. جنهن جو لباس سائي رنگ جو هو. ڳل پيلا هئا. هوءِ منهنجو هٿ پڪڙي چوڻ لڳي، “تون مون کي ڏاڍو سٺو لڳين ٿو، مون ته توسان کيڏڻ چاهيو ٿي. ليڪن تو ته مون کي جان سان مارڻ چاهيو ٿي”.
    مون چيو، “هاڻي آئون توکي ڪجهه ڪو نه ڪندس. تون منهنجي باغ ۾ اچي مون سان راند ڪڏجان. مون کي خبر ڪو نه هئي ته تون پري آهين.
    پري جي ماءُ چيو “پٽ سڀ تتريون پريون هونديون آهن. جيڪي ٻارن سان کيڏڻ لاءِ ڳوٺن ۽ باغن ۾ اينديون آهن”.
    “ته ايئن”
    “ها اچ هاڻي توکي گهر جو رستو ٻڌايان نه ته تنهنجي ماءُ روئي روئي مري ويندي”.
    پوءِ پري گلن جي لڙي سان اشارو ڪيو ۽ ٿڙ هڪ ٻئي کان الڳ ٿيندا ويا. ٽاريون اُڀيون ٿينديون ڦهلجنديون ويون ۽ آسمان چٽو نظر اچڻ لڳو ۽ پوءِ جهنگل جو آخري ڇيڙو به اچي ويو ۽ مون ڏٺو ته منهنجي ماءُ ۽ پيءُ ٻئي گڏجي مون کي ڳولي رهيا آهن ۽ امان بار بار پوتي جي پلاند سان لڙڪ اُگهي رهي آهي.
    مون رڙ ڪري چيو، “امان آئون هتي آهيان. ڏس مون سان گڏ هڪ پري آهي”.
    مون مڙي ڏٺو ته ٻئي پريون غائب ٿي چڪيون هيون. هوڏانهن پري جهنگل جي طرف هڪ واڱڻائي رنگ جي تتري سان گڏ هڪ سائي ۽ نيري رنگ جي تتري ڊوڙي رهي هئي ۽ پوءِ خوش نما عمدو وڳو پاتل ۽ مٿي تي هيرن جو تاج سجايل ماڻهو منهنجو هٿ ڇڏي ڏنو ۽ منهنجي نظرن کان ڏور جهنگل ۾ غائب ٿيندو ويو. ان ماڻهو جي چهري تي جڳمڳائيندي هڪ مسڪراهٽ آئي ۽ هن مون کان پڇيو “ياد آهي؟”
    مون مسڪرائي چيو، “ها ياد آهي. تون منهنجو چوٿون سال اهين. پر تون ڪيڏانهن هليو ويو هوئين؟”
    هو مون کان اڃان به دور ٿيندو ٿي ويو ۽ چيائين “ست سمنڊ پار هڪ ٻيت آهي. اُن کي يادن جو ٻيٽ چوندا آهن. آئون اتي رهندو آهيان. طوفاني لهرن تي ڪڏهن ڪڏهن ٻارڙا ڪشتي ڌڪيندا اُتي اچي ويندا آهن ته ڏاڍي رونق متل هوندي آهي. نه ته اُتي هر وقت ننڍ جو غلبو رهندو آهي.”
    مون چيو، “پر منهنجو ڇوڪرو چوي ٿو ته، تون ڄمون جي وڻ جي مٿان رهين ٿو؟”
    هن چيو، “ڪڏهن ڄمون جي وڻ جي مٿان ڪڏهن آمري جي وڻ جي هيٺان. ڪڏهن کيت جي ڪناري، ڪڏهن ڪنهن گهٽي جي منهن تي. جتي جتي ٻار اسان کي سڏيندا آهن، اسين پهچي ويندا آهيون، پنهنجي خوابن جي ٻيٽ مان نڪري. ڇو ته اُهي ٻار ئي آهن وڏا ناهن. وڏن لاءِ ته پراڻو سال مري وڃي ٿو ۽ نئون سال جنم وٺي ٿو پر ٻار اسان کي هميشه زندهه رکندا آهن. توکي اهو ٻڌي ڏاڍي حيرت ٿيندي ته، اڄ کان ٻه هزار بلڪه پنج هزار پراڻو سال به ايئن زندهه آهي، جهڙو اُهو زندگي جي پهريئين ڏينهن هو. جنهن ڏينهن اُهه ڪنهن ٻار سان پنهنجو هٿ ملائي ٿو ته اُهو هڪ پل لاءِ به پوڙهو نه ٿو ٿئي. ماڻهو مري وڃي ٿو پر سال هميشه زندهه رهن ٿا.
    هو اها ڳالهه چوندي چوندي مون کان دور ٿيندي ويو. وراندي جون ڏاڪڻيون لهي باغ ۾ هليو ويو۽ پنهنجي چئني طرفن ڌيمي کڙک ٻيتي جيان ٿڌي ٿڌي روشني ڦهلائيندو ويو.
    مون رڙيون ڪري هن کي چيو، “ٻڌ! هڪ ڳالهه ٻڌائي. هوءِ سائي ۽ پيلي رنگ واري پري هاڻي ڪٿي آهي؟”
    هو کليو ۽ ڄمون جي وڻ تي چڙهندو ويو، اڃا چڙهندو ويو. مٿي، تمام گهڻو مٿي ۽ پوءِ ڄمون جو وڻ وڃي آسمان سان لڳو ۽ هو آسمان جي ڇت ۾ غائب ٿي ويو.
    هڪدم منهنجي اک کلي ويئي. مون ڏٺو ته آئون پنهنجي آرام ڪرسي تي ليٽيل آهيان ۽ منهنجو پٽ خواب ۾ ڪنهن کي ڏسي مسڪرائي رهيو آهي.


    گيت ۽ پٿر

    نفرت به هڪ قسم جي محبت آهي. اعجاز زيدي جو مثال اوهان جي سامهون آهي. زيدي کي عورتن کان نفرت آهي. زيدي بدصورت آهي ۽ هن کي پنهنجي بدصورتي جو، حد کان زياده احساس آهي. زيدي ننڍي قد جو يا ايئن کڻي چئجي ته ڄامڙو آهي. هن کي پنهنجي ننڍي قد تي ڪو به فخريا خوشي ناهي. زيدي جي چال ۾ هڪ عجيب قسم جي بي تربيتي آهي، جنهن کي ڏسندي ئي بي اختيار کل نڪري وڃي پر ماڻهو هن جي دل رکڻ لاءِ هن تي کلندا ناهن، بلڪه هن جي عزت ڪندا آهن، هن جو آڌر ڀاءُ سٺي طريقي سان ڪندا آهن. خاص طور تي جڏهن هن کي پنهنجي ڀرسان ويهارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، اُن وقت هو اڃان به وڌيڪ بيزار ٿيندو آهي. شايد هو دل سان چاهيندو آهي ته ماڻهو هن کي بدصورت، دوکيباز، ڄامڙو چون، هن کي گاريون ڏين ۽ هن کان پري رهن. مون اڪثر ڏٺو آهي ته جيڪي ماڻهو هن تي ٺٺوليون ڪندا آهن، هو اُنهن مان خوش هوندو آهي ۽ جيڪي ماڻهو هن جي دل رکڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، هو اُنهن کي سٺو ناهي سمجهندو. بلڪه هن جي دل رکڻ جي جيتري به ڪوشش ڪئي وڃي، هو اوترو ئي دل تي بار محسوس ڪندو آهي.
    منهنجي مشاهدي ۾ زيدي پهريون شخص آهي، جيڪو ان حد تائين اذيت پسند آهي، جو هر وقت پاڻ کي ذهني طور ڦٽڪا هڻندو رهندو آهي. زيدي ويهين صدي جو ماڻهو آهي، انهي ڪري هڪ فلم ڪمپني ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آهي. جيڪڏهن هو سورهين صدي ۾ هجي، ها ته، ڪيٿولڪ راهب هجي ها، سخت ترين ملان هجي ها، اعليٰ محتسب هجي ها. پر ويهين صدي، هن کي فلم ڊائريڪٽر جو اسسٽنٽ ٺاهي ڇڏيو هو. هن کي انهي ڳالهه ۾ به مزو اچي ٿو ته هن جي تقدير ان قدر خراب آهي. ماڻهو خوبصورت شين. سٺين ڳالهين، حسن جي خوبين مان ساءُ کڻندا آهن. زيدي کي دک، درد، گناهه، بدصورتي ۽ اُنجي گهرائي ۾ دلچسپي آهي، جيڪا هيٺ ويندي آهي. جيڪا شيءِ مٿي اُٿي ٿي، جيئن آسمان، وڻ جي چوٽي، ڪبوترن جي اُڏام، انهن ڳالهين ۾ هن جي دلچسپي قائم نٿي رهي. هو شر، بدي ۽ نفرت جو قائل آهي. هن ۾ ۽ فرشتن ۾ فقط هڪ قدم جي ڇوٽي آهي.
    زيدي کي عورتن کان سخت نفرت آهي. هو اُنهن جي پاڇي کان به نفرت ڪندو آهي هو اُنهن کي نيچ ترين مخلوق چوندو آهي. هو شوپن هارا جو پرستار آهي. اسٽوڊيو ۾ جتي عورتون بيٺل هونديون، اُتي ماڻهن جي رش نظر ايندي آهي، پر زيدي اُتي نظر نه ايندو. جيڪڏهن ڪنهن مهل ڇوڪرين جي ڀرسان گذرڻو پوي ته هو ان قدر آڪڙجي ۽ ان قدر ڇاتي تاڻي هلندو آهي، جو هن جي شڪل کل ۽ مذاق لائق ٿي پوندي آهي. ڄڻ هن جي جسم جو ذرو ذور عورت عورت پڪاري رهيو هجي. بک جڏهن پنهنجي منزل تي پهچي وڃي ته نفرت بنجي ويندي آهي. پر بک جي آخري منزل موت، جمود، خاموشي ۽ سناٽو به آهي. زيدي جون جنسي حسون ان قدر ڪمزور ٿي چڪيون آهن، جو شايد هن کي مرد چوڻ به هڪ مبالغه آميز حقيقت هوندي. زيدي جي مردانگي هن جي بدصورتي کان مار کاڌي ۽ اُها بدصورتي عورت جي نسواني جمال ۽ حسن سان ٽڪرائي، نفرت ۾ تبديل ٿي ويئي. هاڻ هو نه مرد آهي نه عورت. سر کان پيرن تائين سراپا نفرت آهي. هو هڪ پريشان روح آهي، جنهن پنهنجو پاڻ کي منجهائي منجهائي ڳنڍيون ڏيئي ڇڏيون هجن ۽ هاڻ اُنهن ڳنڍين جو هن جي لاءِ کولڻ مشڪل هو. شايد هاڻي هو زندگي ۾ اُهو شان ۽ دٻدٻو آڻي نه سگهي. زيدي جي اها حالت اسان جي ملڪ جي سياسي حڪمرانن سان ڏاڍي ملي جلي ٿي.
    زيدي کي جيڪڏهن چيو وڃي، فلاڻي عورت کي فلمي سيٽ تي حاضر هئڻ گهرجي، ته پهرين ته هو اُن کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيندو. ورجائڻ تي اهڙي طرح گهوريندو ڄڻ اهو چئي ڪنهن ڪو گناهه جو ڪم ڪيو آهي. جيڪڏهن توهان زياده ڍيٽ نڪتا ته هو سيٽ ڇڏي ٻاهر هليو ويندو ۽ پوءِ هو اُتان گهربل عورت کي سڏائڻ لاءِ پٽيوالي کي موڪليندو، يا ڪو ٻيو نياپو رسائيندڙ ڳوليندو. صفا مجبوري جي حالت ۾، جي هن کي وڃڻو پوي، ته هو ڇوڪري جي سامهون بيهه هن کي چوندو، “سيٽ تي اچو”. ۽ پوءِ اُتان پويان پير ڪري هلڻ لڳندو. هن جي حرڪتن ۾ اُن وقت ڪا به سرگرمي نظر ڪو نه ايندي. عام طور تي زندگي ۾ هڪ ترتيب هوندي آهي. هر چرپر ۾ هڪ متوازن حد جو احساس ٿيندو آهي. زيدي کي ڏسي، اُن وقت اهو احساس ٿيندو آهي ته، هو انسان ناهي هڪ بي روح جسم آهي، جنهن کي کڻي ڇوڪري جي اڳيان آندو وڃي پيو. هن جي چال، گفتار، طور طريقن ۾ هڪ عجيب غير فطري ۽ غير تخليقي حرڪتن جو احساس ٿيندو آهي، جنهن ۾ بلڪل لچڪ نه هجي. آٽومشين جي بي تال حرڪت به شايد هن کان بهتر ٿيندي هوندي. عام طور تي عورتن جو اثر مردن تي زياده ٿيندو آهي ۽ جيستائين پيدا ۽ تخليق ڪرڻ جا اعصاب قائم رهندا آهن، اثر ٿيندو ئي رهندو آهي. پر جيترو اثران مخلوق جو مون زيدي تي ڏٺو آهي، اهڙو ٻئي ڪنهن فرد تي ناهي ڏٺو. ايئن معلوم ٿيندو آهي ته، زيدي جي روح ۽ جسم جي هر ذري ۾ هڪ اک آهي، جيڪا عورت جي وجود کي ڏسندي ئي اُن کان منڪر ٿيڻ لاءِ بي تاب آهي. ماڻهو ٻن اکين سان عورت کي ڏسندا آهن ۽ مري پوندا آهن. زيدي ڪروڙين اکين سان ڏسندو آهي. هن جي دل جي حالت ڇا هوندي؟ آئون سمجهان ٿو ته اتي پهچي، محبت نفرت ۾ ۽ زندگي موت ۾ تبديل ٿي ويندي آهي.
    جڏهن اسان جي اسٽوڊيو ۾ رمڀا پهريون ڀيرو آئي ته پروڊيوسر کان وٺي پٽيوالي تائين سڀني جا چهرا خوشي مان ٻهڪڻ لڳا دراصل عورت خوشي جو هڪ پل آهي، جيڪو جنت جي وادين کان هن سرزمين تائين ايندو آهي. پوءِ اُن پل کي پائڻ، چکڻ ۽ ماڻڻ، اُن جي لاءِ مرڻ جي بيقراري ڇو نه هوندي؟ ۽ رمڀا ته اهڙي عورت هئي، جيئن، لهر، لڏندڙ ٽاري، ٻهڪندڙ مکڙي، جيئن فضا ۾ مسڪراهٽ جو تير هلي وڃي، ۽ گم ٿي وڃي ۽ گم ٿيڻ کان پوءِ به تخيل ۾ اُنجا رنگ چمڪندا رهن. اها ڪيفيت رمڀا جي هئي. عورتون جوان به ٿينديون آهن، شاعري جي مٺاس، رس ۽ سرسنگيت سان ڀريل به هونديون آهن. پر رمڀا جي حسن جي ادا ۽ انداز ٻين عورتن کان بلڪل الڳ هو. هن جي حسن جو احساس هن جي سامهون نه پر هن جي گذري وڃڻ کان پوءِ ٿيندو آهي. ڄڻ ڪا شئي چمڪي اُٿي هجي. هوءِ سامهون کان لنگهي ويندي ۽ بعد ۾ اِهو خيال ايندو، خيال نه ايندو ڄڻ تصويرون اينديون. گلن جا گجرا، انڊلٺي رنگ، ٻارڙن جي مسڪراهٽ، رات ۾ ڪهڪشان جون کير جهڙيون ڌارائون، موتين جي مالا هر ڏس ڦهليل. انهن سڀني تصويرن جو خيال هن کي ڏسي اُڀريو ٿي. هن جو حسن فاني هو پر اُن جي گونج ديرپا هئي. جيڪي تصويرون هن جي حسن کي ڏسڻ سان اُڀرنديون هيون اُهي لافاني هيون. خوبصورتي جي ان کان ٻي بهتر تعريف ٿي نٿي سگهي. رمڀا کي ڏسي اهو ڏسي خيال ڪڏهن نه ٿيندو هو، ته هي عورت ڪا فلمي اداڪارا آهي، زال آهي، ٻارن جي ماءُ آهي، روزگار جي درد ۽ ذوق جي اُڀار ۽ اظهار جي بيتابي کان آگاهه ٿي چڪي آهي. هوءِ جيڏانهن به وئي ٿي، فضا ۾ هڪ لاٽ اُڀري ٿي. جنهن ۾ ڪئين پروانا جلي رک ٿي ويا ٿي.
    ناممڪن هو جو اهڙي وجود کان زيدي کي نفرت نه هجي. ادنيٰ شعور جو رهڻ وارو اعليٰ شعور رکڻ واري کان نفرت ڇو نه ڪندو؟ جيڪڏهن محبت نفرت آهي ته گهرائي به هڪ طرح جي اُلٽي بلندي آهي. هن جي تخيل ۾ اُهي اُفق نه هئا جن تي روشن ڪرڻن جي چمڪ دمڪ هوندي آهي. هو اُن اونداهي اُفق جي تهه تائين پهچي ويو هو، جتي گپ ۽ ڪچرو گڏ ٿي ويندو آهي ۽ خيال ۾ ڪيڙا مڪوڙا سرڻ لڳندا آهن. جيئن مثبت ۽ منفي هڪ ٻئي کان الڳ رهندا آهن، اهڙي طرح فلمي سيٽ تي رمڀا ۽ زيدي هڪ ٻئي کان پري رهيا ٿي.
    انساني فطرت پاڻي جيان پنهنجي سطح هموار رکي ٿي. رمڀا نفرت نه ٿي ڪري سگهي. هوءِ ته اُفق تي چنڊ جي ڪرڻي جيان هئي، گهرائي جي گپ ۽ ڪچرو نه هئي. هوءِ لڏندي لمندي هيٺ لٿي، هن جي مسڪراهٽ، شرميلي انداز دلين کي موهي ڇڏيو ٿي. هوءِ زيدي لاءِ ايتري قدر نرم بنجي ويئي، جو زيدي اُن کي ڳڙڪائي به نه ٿي سگهيو. رمڀا زيدي سان کلي ڳالهايو ٿي، ته زيدي وري رکو جواب ڏنو ٿي. جي رمڀا هن کي چائي گهرائڻ جو چوندي، ته هو ڄاڻي واڻي چائي نه گهرائيندو. جي رمڀا چوندي، زيدي صاحب! اوهانجا ڪيڙا ميرا آهن”. ته زيدي ٻئي ڏينهن اڃان به وڌيڪ ميرن ڪپڙن ۾ ايندو. هڪ ڀيري رمڀا چيس، “ڏاڙهي وڌائي ڇڏي اٿئي، روز لاهيندو ڪر زيدي صاحب!؟” ته زيدي سچ پچ مان ڏاڙهي وڌائي ڇڏي. مولانا ابوالڪلام آزاد جهڙي ڏاڙهي، ڇڊي ڇڊي ڊگهي ڏاڙهي جنهن زيدي جي چهري کي هڪ عجيب رونق بخشي ٿي. جي رمڀا چوندي “فلاڻي پڪچر ڏاڍي سٺي آهي. هل ته ڏسي اچون”. زيدي جواب ڏيڻ بنائي ٻي پڪچر ۾ هليو ويندو. حالانڪه هڪ ڪلاڪ اڳ هو خود اُن پڪچر ڏسڻ جو خواهشمند هو ۽ پنهنجن دوستن سان گڏ اوڏانهن وڃڻ وارو هو. هن جو جسم ۽ هنجو روح، پنهنجي ڀرپور قوت سان رمڀا جي خلاف مدافعت ڪري رهيو هو. هن شايد سوچي رکيو هو ته، منهنجي بدصورتي رئندي رهندي پر هار قطعي نه مڃيندي. هن جي اکين جي چمڪ ۽ تاب چئي ڏيندو هو ته “مقابلو ڏاڍو سخت آهي”.
    رمڀا پنهنجو رنگ ۽ ڍنگ نه بدليو. اهو چوڻ ته صحيح نه هو ته ڪو هن کي زيدي سان لڳاءُ هو. ها ايتري دلچسپي ضروري هئي ته، هوءِ اُنجي عورت کان نفرت جي جذبي کي ضرور فتح ڪرڻ چاهيندي هئي. هوءِ اُن لاءِ برابر ڪوشش ڪندي رهي. جيئن ته هوءِ پاڻ ڏاڍي خوبصورت هئي ۽ حسن ۾ بذات خود اهڙي مغروري هوندي آهي جيڪا پنهنجو پاڻ ۾ ايتري ڪوشش جو تاب آڻي نٿي سگهي. منهنجو مطلب آهي ته حسن خود چمڪندو آهي. حسن بذات خود ان قدر دلڪش ۽ من موهيندڙ آهي جو اُن کي چمڪڻ ئي گهرجي. اُنجي فطرت مان روشني ڦٽي نڪرندي آهي. زيدي هڪ ڪوشش تي وگرڻ جو نه هو، بلڪه هو ته ٻريل ڪاٺين جيان هو جنهن ۾ ڦوڪي ڦوڪي باهه ٻاري وڃي. رمڀا هر وقت چمڪي ٿي ۽ ڪوشش کان گهٽ ڪم ورتئين ٿي، جو هوءِ خود باهه هئي. سمجهندي هئي ته هڪ ڏينهن پاڻ کي جلائي ويهينديس. اُن لاءِ هوءِ مسڪرائيندي هئي، ٽهڪ ڏيندي هئي، نرم ٿي ويندي هئي، جيئن ڪپهه جو پوڻو. هوءِ آهستي آهستي زيدي جي دل تي گهمندي هئي، جيئن ڪڪڙي انڊي تي. هن جي حسن جا نرم نرم پر زيدي جي دماغ جي پٿريلي زمين جي سطح کي ڇهندا رهيا ٿي. پر زيدي بلڪل اڻ ڄاڻائي جي سحر ۾ غلطان پڻي ۾ گويو هوندو هو. رمڀاجي ان قدر معصوميت کان زيدي جي نفرت اڃان به وڌي ويئي.
    هاڻي ته زيدي جي نفرت جي منزل اها هئي، ڪنهن کي به نظر ۾ نه آڻڻ، پاڻ کي ئي سڀ ڪجهه ڄاڻڻ ۽ سمجهڻ ۽ حد درجي جي لاپرواهي هاڻ نفرت ايتري وڌي وئي هئي، جو هن ڪڏهن ڪڏهن رمڀا سان ڳالهائڻ شروع ڪري ڏنو ٿي. “هتي نه ويهو”. “هي ڪرسي سٺي آهي”. “هو ماڻهو برو آهي”، “هي پيالو ڀڳل آهي” هي “جملو غلط آهي”، “هي ڪنڊ صحيح آهي” ننڍا ننڍا اُبتا سبتا جملا، سخت ۽ ڪوڙاڻ سان ڀريل، بلڪل ٺهيل ٺڪيل مشيني انداز ۾، هڪ هڪ جنبش پٿر گلاب جي مکڙي ڏانهن موٽ کائي رهيو هو.
    اها نفرت اڃان به وڌي ويئي، جڏهن رمڀا شانت سان محبت ڪرڻ شروع ڪئي. شانت هيرو هو ۽ رمڀا هيروئن. محبت ايتري ئي ضروري آهي، جيترو ٻن وقتن جي ماني يا ساڙهي سان گڏ بلائوز. زيدي انهي محبت کي بلڪل ويجهو آڻي رهيو هو. هن ٻنهي کي گڏ رهڻ جو موقعو فراهم ڪيو ٿي. شوٽنگ کان پهرين ٻنهي کي الڳ وٺي، ريهرسل جي بهاني اڪيلائي مهيا ڪئي ٿي. چائي جي پيالين ۾ شراب پائي ڏنائين ٿي، جو سيٽ تي شراب پيئڻ منع هئي پر چائي پيئڻ جي منع نه هئي. انهيءَ لاءِ چائي بغير کير جي چئي شراب گهرايو ويو ٿي. ۽ زيدي اها بنا کير جي چائي، هو پاڻ وٺي آيو ٿي ۽ رمڀا ۽ شانت جي بي وقوفي وارين حرڪتن سان، پنهنجي نفرت جي جذبي کي سڪون پهچايو ٿي. شايد هن تي اهو احساس غالب هو ته، هي عورتون ڪيتريون نه جاهل هونديون آهن. ڪيئن ريجهي وڃن ٿيون. هي عورتون نفرت جي قابل ئي ته آهن. جيئن جيئن زيدي جي نفرت وڌندي رهي ٿي، هو اڃان به وڌيڪ رمڀا جي ويجهو ٿيندو ويو ٿي. هاڻي هن جي ڳالهين جي بي ترتيبي غائب ٿيڻ لڳي. هاڻ هو هن جي سامهون کلي ڏيندو هو، ٽهڪ ڏيندو هو، پنچ اليسٽريڊويڪلي جا لطيفا ٻڌائيندو هو. هن کي پڙهڻ لاءِ ڪتاب ڏيندو هو. رمڀا هن جي لاءِ سوئيٽر اُڻي رهي هئي. گذريل ڏينهن ۾ جڏهن رمڀا جو مڙس آيو ته، زيدي کيس اهڙي طرح ڳالهين ۾ اُلجهائي رکيو، جو شانت ۽ رمڀا کي اڪيلو پڪچر ڏسڻ جو موقعو به هٿ اچي ويو. هي عورت- ؟؟ زيدي دل ئي دل ۾ کلي ڏيندو هو. بدصورتي خوبصورتي تي فتح پاتي هئي.
    اها نفرت ايئن ئي هلندي رهي. ۽ نيٺ پڪچر جو آخري ڏينهن اچي ويو. زيدي سيٽ تي ڪو نه آيو. پڪچر ختم ٿي وئي. تاڙيون، هار، گل، مٺائي.... پرين رمڀا واپس هلي ويندي پنهنجي مڙس وٽ، شانت پيشه ور عاشق جيان دکي، ڏاڙهي وڌيل، وکريل وار رمڀا جي سامهون ٿڌا ساهه ڀريا ٿي ۽ رمڀا پنهنجي حسن جي تاثير تي مسڪرائي ڏنو ٿي. پوءِ هن ڪنهن کان پڇيو، “زيدي ڪٿي آهي؟” ايئن ئي لاپرواهي مان جيئن ڪنهن ضروري ڳالهه جو ذڪر ڪندي ڪندي، پنهنجي ڪتي کي ٻچڪارڻ لڳي، “زيدي ڪٿي آهي؟” “موتي ڪٿي آهي؟”، “ڊبو ڪٿي آهي؟”، ويچارو “بدصورت، مايوس، مجبور بيمار ڪٿي آهي؟” هوءِ هن کي ڳوليندي رهي. پروجيڪشن روم ۾، ڪئميرا روم ۾، سائونڊ ڪمري ۾، آفيس ۾، خود هن جي ڪمري ۾، پر هو ڪٿي به ڪو نه هو. نيٺ هوءِ سنگيت گهر ۾ وئي.
    سنگيت گهر ۾ اوندهه هئي. هڪ وڏي ۽ اوچي دري مان هن جهاتي پائي، اندر ڏنو ته زيدي پيانو تي ڳائي رهيو هو،
    اي غمِ دل کيا کرون، اي وحشت دل کيا کرون
    هن جي گلي ۾ سر، سوز، پڪار، لئه، ترنم نالي ڪجهه به ڪو نه هو. پر اُن ۾ وزن ضرور هو. بوجهه جيئن پٿر بنجي وڃي ۽ مٽي تي ويهي رهي. جيئن موت جو انڌيرو روشني جي ڪرڻي کي گم ڪري ڇڏي ۽ ڪائنات جي طرف وڌندو رهي. جيئن نفرت جو پهاڙ وگري وگري محبت جي لاوي ۾ تبديل ٿي وڃي.
    زيدي ڳائيندي ڳائيندي، پيانوتي ڪنڌ رکي روئڻ لڳو. بدصورتي جو گل ٽڙي پيو هو. رمڀا به دري وٽ بيهه رئڻ لڳي.
    هن هڪ ڏينهن ۽ هڪ رات پاڻ کي سنگيت گهر ۾ قيد ڪري رکيو. دراصل هو قيد نه هو. هن ڪل ڪائنات کي ٻاهر ڌڪي پنهنجو پاڻ کي سنگيت گهر ۾ آزاد ڪري ورتو هو. دنيا ۽ اُن جا غم ۽ اُن جا ڏک ۽ ڪم ظرفيون سڀ سنگيت گهرجي ٻاهر قيد ڪيون ويون هيون ۽ هو اُنهن سڀني کان بلڪل آزاد پنهنجي روح جو نوحو ٻڌي رهيو هو.
    اي غمِ دل کيا کرون، اي وحشت دل کيا کرون
    سڄي رات ۽ سڄو ڏينهن هو اهائي ڌن ڳائيندو رهيو ۽ هن جي بدصورتي وگرندي ويئي. سنگيت گهر جا دروازا بند هئا ۽ لائيٽون ٻارڻ، آواز ڏيڻ ۽ رمڀا جي رڙين تي به نه لکيا ۽ جڏهن رمڀا هلي وئي ته ماڻهو دري ٽوڙي اندر داخل ٿيا. زيدي پيانو مٿي اڌ مئو پيل هو. هن بليڊ سان پنهنجون آڱريون وڍي ڇڏيون هيون ۽ پيانو جي سفيد سرن ۾ پنهنجي رت جو راڳ ڀريو هو. هن پنهنجي بدصورتي جي تهه خاني ۾ حسن جي محفل سجائي هئي، ۽ نفرت جي طوفان جي ڪک ۾، محبت جي نرم جذبي جي تخليق ڪئي هئي. اڄ هو هڪ گرڀ وتي عورت جيان بيهوش پيل هو ۽ هن جون اکيون، هن جا ڳل ۽ هن جي ڏاڙهي لڙڪن سان ڀنل هئي.
    ڪافي ڏينهن کان پوءِ زيدي کي رمڀا جو خط مليو.
    “پيارا زيدي! تون صفا ڪو بيوقوف آهين. مون تو ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي، تو نه ڄاڻ اُن کي ڇا سمجهيو. اها تنهنجي غلطي هئي. آئون هڪ شادي شده عورت آهيان. منهنجا ٻه ٻار آهن. پنهنجي مڙس ۽ ٻارن سان پيار ڪندي آهيان. اهڙو چريائپ وارو خيال منهنجي دل ۾ ڪڏهن به اچي ئي نٿو سگهي. هي چاندي جي سگريٽ رکڻ جي ڏٻي توکي موڪليان پئي”.
    زيدي خط ڦاڙي پوءِ ساڙي ڇڏيو ۽ چاندي جي سگريٽ رکڻ واري ڏٻي کڻي کوهه ۾ اُڇلي ڇڏي. ۽ پوءِ ٽهلندو ٽهلندو سنگيت گهر ڏانهن هليو ويو.


    نهرو ۽ جناح جي نانءُ هڪ طوائف جو خط

    مون کي يقين آهي ته هن کان اڳ توهان کي ڪنهن طوائف جو ڪو به خط نه مليو هوندو. مون کي اها به پڪ آهي ته، توهان منهنجي ۽ هن جنسي ڌنڌي سان لاڳاپيل ٻين عورتن جي به، ڪڏهن شڪل نه ڏٺي هوندي. آئون اِهو به سمجهان ٿي ته منهنجو توهان کي هي خط لکڻ ڪيتري قدر نه غلط آهي ۽ اُهو به وري هڪ اهڙو کليل خط.... پر ڇا ڪريان؟ حالتون ئي ڪجهه اهڙيون آهن. ۽ وري انهن ٻنهي ڇوڪرين جو مسئلو ايترو گنڀير آهي، جو آئون هن خط لکڻ کانسواءِ رهي نه سگهيس. هي خط آئون ڪو نه لکي رهي آهيان. هي خط مون کان بيلا ۽ بتول لکائي رهيون آهن، آئون سچي دل سان معافي جي طلبگار آهيان، جيڪڏهن منهنجي خط ۾ ڪوئي جملو دل کي برو لڳي ته اُن کي منهنجي مجبوري سمجهي وٺجو. بيلا ۽ بتول مون کان هي خط ڇو لکائي رهيون آهن؟ هي ٻيئي ڇوڪريون ڪير آهن؟ ۽ انهن جو مسئلو ايترو شديد ڇو آهي؟ اِهو سڀ ٻڌائڻ کان پهرين آئون توهان کي ڪجهه پنهنجي باري ۾ ٻڌائڻ چاهيان ٿي. پريشان نه ٿيو. آئون توهان کي پنهنجي گنهگار ۽ نفرت لائق زندگي جي تاريخ کان آگاهه ڪرڻ قطعي نٿي چاهيان. آئون توهان کي اِهو به نه ٻڌائينديس ته، آئون ڪڏهن ۽ ڪهڙين حالتن سبب طوائف بنيس. آئون ڪنهن شريفاڻي جذبي جو سهارو وٺي توهان کي ڪوڙي رحم جي درخواست ڪرڻ نٿي چاهيان آئون اوهان جي درد مند دل کي سمجهي، پنهنجي صفائي ۾ ڪو ڪوڙو محبت جو افسانو گهڙڻ به نٿي چاهيان. هن خط جي لکڻ جو مقصد اهو به ناهي ته، توهان کي طوائفي پيشي جي اسرارن۽ رمزن کان آگاهه ڪريان. مون کي پنهنجي صفائي ۾ ڪجهه به چوڻو ناهي. آئون فقط پنهنجي متعلق ڪجهه اهڙيون ڳالهيون ٻڌائڻ چاهيان ٿي، جن جو اڳيان هلي بيلا ۽ بتول جي زندگي تي اثر پئجي سگهي ٿو.
    صاحب! توهان ڪئين ڀيرا بمبئي آيا هوندا. پر توهان اسان واري بازار ڇاجي لاءِ ڏٺي هوندي؟ جنهن بازار ۾ آئون رهان ٿي اُهو فارس روڊ سڏجي ٿو. فارس روڊ، گرانٽ روڊ ۽ مدن پوره جي وچ ۾ آهي. گرانٽ روڊ جي هن پار لمنگم روڊ ۽ چوپاٽي، ميرين روڊ ۽ فورٽ جا علائقا آهن، جتي بمبئي جا شريف ۽ عزت دار ماڻهو رهندا آهن. مدن پوره جي هن پار غريبن جي وسندي آهي. فارس روڊ انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي ته جيئن، غريب ۽ امير ان مان هڪ جهڙو لاڀ وٺي سگهن. پر فارس روڊ اڃان به مدن پوره جي گهڻو ويجهو آهي. ڇاڪاڻ جو غربت ۽ رنڊي جي ڌنڌي ۾ هميشه گهٽ مفاصلو هوندو آهي. هي بازار ايتري خوبصورت ناهي. هن جا رهواسي به خوبصورت ناهن. هن علائقي جي وچ مان گذرندڙ ٽرام جو گوڙ، ڏينهن رات جاري هوندو آهي. دنيا جهان جا رولو ڪتا ۽ ڇورا ۽ نامي گرامي ڏوهاري قسم جا ماڻهو هتي جا چڪر ڪاٽيندي نظر ايندا آهن. لنگڙا، لولا، جريان ۽ ٽي بي جا مريض، ڪاڻا، گنجا، موالي ۽ کيسي ڪٽڻ وارا لچ لوفر هن بازار ۾ سينو تاڻي هلندا آهن، گنديون هوٽلون، ٽٽل فٽ پاٿ، ڪچري جي ڍيرن تي ڀڻ ڀڻ ڪندڙ لکين مکيون، ڪاٺ ۽ ڪوئلي جا اُجڙيل ۽ اُداس گدام، پيشه ور دلال، باسي گلن جا هار وڪڻن وارا، ڪوڪ شاستر ۽ ننگين تصويرن جا دڪاندار، چيني حجام، ۽ اسلامي حجام، گوڏ ڇڪي ٻڌل گاريون ڪڍندڙ پهلوان ۽ اسان جي سماجي زندگي جو سڄو گند ڪچرو، اوهان کي فارس روڊ تي ملندو. ظاهر آهي توهان هتي ڇو ايندا؟ ڪو به شريف ماڻهو هيڏانهن جو رخ نٿو ڪري. جيترا به شريف ماڻهو آهن، اُهي گرانٽ روڊ جي آسپاس رهن ٿا ۽ جيڪي اڃان به زياده شريف آهن، اُهي ملبار جبل تي رهن ٿا. جناح صاحب! آئون هڪ ڀيري اوهان جي گهر جي سامهون کان گذري هيس. مون جهڪي سلام به ڪيو هو. بتول به مون سان گڏ هئي. بتول کي توهان سان جيڪا عقيدت آهي، اُن کي آئون ڪڏهن به صحيح نموني سان بيان ڪري نه سگهنديس. خدا ۽ رسول کانپوءِ، هوءِ جيڪڏهن ڪنهن کي چاهي ٿي ته، اُهي فقط توهان ئي آهيو. هن توهان جي تصوير کي لاڪيٽ ۾ سجائي گلي ۾ پائي ڇڏي آهي. ڪنهن بري نيت سان نه. پر سچي دل سان بتول جي عمر هن وقت 11 سال آهي. ٻارڙي ئي ته آهي هُوءِ! فارس روڊ وارا هاڻي کان ئي هن ڏانهن بري نيت سان تڪيندا رهن ٿا. پر خير! ان بابت توهان کي ڪنهن ٻئي دفعي ٻڌائينديس.
    ها ته اِهو آهي فارس روڊ جتي آئون رهان ٿي. فارس روڊ جي الهندي ڇيڙي تي، جتي چيني حجام جو دڪان آهي، اُن جي ويجهو هڪ اونداهي گهٽي جي موڙ تي، منهنجود ڪان آهي. ماڻهو ته اُن کي دڪان ڪو نه چون. پر خير! توهان ته دانا ماڻهو آهيو. توهان کان ڀلا ڇا لڪائينديس؟ اهو ئي چونديس ته اُتي منهنجو دڪان آهي ۽ اُتي آئون اهڙي طرح ڌنڌو ڪندي آهيان، جهڙي طرح واڻيو، سبزي وارو، فروٽ وارو، هوٽل وارو، سئنيما وارو، ڪپڙي وارو يا ڪو ٻيو دڪاندار ڌنڌو ڪندو آهي، ۽ گراهڪ کي خوش ڪرڻ کان سواءِ، پنهنجي فائدي لاءِ به سوچيندو آهي. منهنجو ڌنڌو به ان قسم جو آهي. فرق صرف ايترو آهي ته، آئون بليڪ مارڪيٽنگ نٿي ڪريان. ان کان علاوه مون ۾ ۽ ٻين واپارين ۾ ٻيو ڪو به فرق ناهي. هي دڪان سٺي جڳهه تي موجود ناهي. هتي رات جو ته ڇا پر ڏينهن جو به ماڻهو ڌڪجي وڃن ٿا. هن اونداهي گهٽي ۾ ماڻهو پنهنجا کيسا خالي ڪري وڃن ٿا. شراب پيئندا ۽ دنيا ڀر جون گاريون بڪن ٿا. هتي معمولي ڳالهه تي به چاقو جا وار ٿين ٿا. هڪ ٻه خون هر ٻئي تيئن ڏينهن تي ٿيندا رهن ٿا. مطلب ته هتي هر وقت ساهه مٺ ۾ رهي ٿو. ۽ ٻيو وري ته آئون ڪا اعليٰ درجي جي طوائف به ناهيان جو پوش علائقي ۾ وڃي رهان، يا وري سمنڊ جي ڪناري هڪ ڪمرو ئي وٺي سگهان. آئون هڪ نهايت ئي معمولي درجي جي طوائف آهيان. جيتوڻيڪ مون سڄو هندستان ڏٺو آهي ۽ گهاٽ گهاٽ جو پاڻي پيتو آهي ۽ هر طرح جي ماڻهن سان صحبت ۾ رهي آهيان، پر گذريل ڏهن سالن کان، هن ئي شهر بمبئي ۾، انهي ئي فارس روڊ تي، انهي ئي دڪان تي ويهان ٿي ۽ هاڻي ته مون کي انهي دڪان جي پڳڙي به ڇهن هزارن تائين ملي ٿي. جيتوڻيڪ هي جڳهه ڪا ايتري سٺي به ناهي. هوا ۾ ڏاڍي بدبوءِ آهي. ڪچرو چئني طرفن ڦهليل آهي. گندگي جا ڍير لڳل آهن. ۽ خارش لڳل رولو ڪتا گهٻرايل گراهڪن پويان جهٽ هڻن ٿا. ان جي باوجود اڄ به مون کي هن جڳهه جي پڳڙي ڇهه هزار رپين تائين ملي ٿي.
    هن علائقي ۾ منهنجو دڪان هڪ ماڙ جي گهر ۾ آهي ان ۾ ٻه ڪمرا آهن. سامهون وارو ڪمرو منهنجي بيٺڪ آهي. هتي آئون مجرو ڪندي آهيان ۽ گراهڪن کي وندرائيندي آهيان. اُن جي پويان وارو ڪمرو رڌڻي، وهنجڻ جي جاءِ، ۽ سمهڻ واري ڪمري جي طور ڪم اچي ٿو. ان ڪمري ۾ هڪ طرف پاڻي جو نلڪو آهي، ٻئي پاسي هڪ وڏو پلنگ پيل آهي ۽ اُنجي هيٺان هڪ ٻيو ننڍو پلنگ پيل آهي. اُن جي هيٺان ميرن ڪپڙن جي پيتي رکيل آهي. ٻاهرئين ڪمري ۾ بجلي جي ڪنيڪشن هڻڻ ڪري روشني آهي ليڪن اندرئين ڪمري ۾ بلڪل اوندهه آهي. گهر جي مالڪ جاءِ کي ڪيترن سالن کان رنگ ناهي ڪرايو ۽ نه ئي ڪرائيندو. ايتري واندڪائي ڀلا ڪنهن کي آهي. آئون سڄي رات نچان ٿي ۽ ڳايان ٿي ۽ صبح جو، انهي ئي گول وهاڻي تي ڪنڌ رکي سمهي پوندي آهيان. بيلا ۽ بتول کي پويان وارو ڪمرو ڏيئي ڇڏيو آهي. اڪثر گراهڪ جڏهن منهن ڌوئڻ لاءِ اوڏانهن ويندا آهن ته بيلا ۽ بتول اُنهن کي خوف ڀريل نگاهن سان ڏسڻ لڳنديون آهن. جيڪي ڪجهه اُنهن جون نگاهون چونديون آهن، منهنجو هي خط به اُهوئي ڪجهه چوي ٿو. جيڪڏهن اُهي مون وٽ هن وقت رهيل نه هجن ها ته، هي گنهگاربندي توهان جي خدمت ۾ هي گستاخي قطعي نه ڪري ها. آئون ڄاڻان ٿي ته دنيا مون تي ٿو ٿو ڪندي. سمجهان ٿي ته شايد توهان تائين منهنجو هي خط به الائجي نه. پر پوءِ به مجبور آهيان. هي خط لکي ئي رهنديس، ڇو ته اِها بيلا ۽ بتول جي خواهش آهي.
    شايد توهان اِهو اندازو لڳائيندا هوندا ته بيلا ۽ بتول منهنجيون نينگريون آهن. پر نه اِهو غلط آهي. منهنجي انهن مان ڪا به ڌي ناهي. انهن ٻنهي ڇوڪرين کي مون بازار مان خريد ڪيو آهي. جن ڏنهن ۾، هندو مسلم فساد زور تي هو، گرانٽ روڊ، فارس روڊ ۽ مدن پوره ۾ انساني خون پاڻي جيان وهايو پي ويو. اُنهن ڏينهن ۾ بيلا کي مون مسلمان دلال کان ٽي سئو رپين ۾ خريد ڪيو هو. هي مسلمان دلال هن ڇوڪري کي راولپنڊي کان کڻي آيو هو، جتي بيلا جا ماءُ پيءُ رهندا هئا. بيلا جا ماءُ راولپنڊي ۾ راجا بازار جي پويان پونچ هائوس جي سامهون واري گهٽي ۾ رهندا هئا. اُهو هڪ وچيئن طبقي جو گهراڻو هو. شرافت ۽ سادگي هنن جي نس نس ۾ ڀريل هئي. بيلا پنهنجي ماءُ پيءُ جي اڪيلي ڌي هئي. ۽ جڏهن راولپنڊي ۾ مسلمانن هندن کي قتل ڪرڻ شروع ڪيو، اُن وقت بيلا چوٿين درجي ۾ پڙهندي هئي. اهو ٻارهن جولائي جو واقعو آهي. بيلا اسڪول مان پڙهي گهر اچي رهي هئي ته، هن پنهنجي گهر جي سامهون ۽ ٻين هندن جي گهرن اڳيان ماڻهن جو وڏو ميڙ ڪٺو ٿيل ڏٺو. اُهي هٿيارن سان ليس هئا ۽ هندن جي گهرن کي باهه لڳائي رهيا هئا. اُهي هندن کي اُنهن جي ٻارن کي، عورتن کي گهرن کان ٻاهر ڪڍي قتل ڪري رهيا هئا ۽ گڏوگڏ الله اڪبر جا نعرا به هڻي رهيا هئا. بيلا پنهنجي اکين جي اڳيان پنهنجي پيءُ کي قتل ٿيندي ڏٺو. پوءِ هن پنهنجي اکين جي سامهون پنهنجي ماءُ کي دم ڏيندي ڏٺو. وحشي مسلمانن هن جا ببا (اُرهه) ڪٽي اُڇلائي ڇڏيا هئا. اُهي ببا جن سان هڪ ماءُ، ڪا به ماءُ، هندو يا مسلمان ماءُ، عيسائي يا يهوديءَ ماءُ پنهنجي ٻار کي کير پياريندي آهي ۽ انسانن جي زندگي ۾ ۽ ڪائنات جي وسعتن ۾ تخليق جو هڪ نئون باب کوليندي آهي. ۽ اُهي کير سان ڀريل ببا الله اڪبر جي نعرن جي يلغار سان ڪٽيا ويا. ڪنهن تخليق سان ايڏو ظلم ڪيو هو؟ ڪهڙي ظالم اوندهه هنجي روح کي ڪاراڻ ملي هئي؟ مون قرآن پڙهيو آهي ۽ آئون ڄاڻان ٿي ته راولپنڊي ۾ بيلا جي ماءُ پي سان جيڪو ڪجهه ٿيو اُهو اسلام نه هو. اها انسانيت به نه هئي. اها دشمني به نه هئي. اهو انتقام به نه هو. اها هڪ اهڙي بي رحمي، بزدلي ۽ شيطانيت هئي جيڪا تاريخ جي ڇاتي مان ڦٽي ٿي ۽ نور جي آخري ڪرڻي کي به داغدار ڪري ويندي آهي.
    بيلا هاڻ مون وٽ رهي ٿي. مون کان پهرين هو ڏاڙهي واري مسلمان دلال وٽ هئي. بيلا جي عمر ٻارهن سالن کان مٿي نه هئي جڏهن هوءِ چوٿين درجي ۾ پڙهندي هئي. پنهنجي گهر ۾ هجي ها ته هاڻ هوءِ پنجين درجي ۾ داخل ٿي چڪي هجي ها. ۽ پوءِ اڃان وڏي ٿئي ها ته هن جا ماءُ پيءُ هن جي شادي ڪنهن شريف گهراڻي جي غريب ڇوڪري سان ڪري ڇڏين ها. هوءِ پنهنجو ننڍڙو گهر وسائي ها، پنهنجي مڙس سان، پنهنجن ننڍڙن ٻارڙن سان، پنهنجي گهريلو زندگي جي ننڍين ننڍين خوشين سان. ليڪن هن نازڪ مکڙي تي بي وقتي خزان اچي وئي. هاڻ بيلا ٻارهن ورهين جي نٿي لڳي. جيتوڻيڪ هن جي عمر ٿوري آهي پر هاڻي هوءِ پوڙهي ڏيکائي ڏي ٿي. هن جي اکين ۾ جيڪو دپ آهي، انسانيت لاءِ جيڪا تلخي آهي موت جي جا اُڃ آهي يا هن جي رڳن ۾ رجندڙ جو خون آهي. قائداعظم صاحب! جيڪڏهن توهان هن کي ڏسي سگهو ته شايد اُنجو اندازو ڪري سگهو!. اُنهن بي آسرا اکين جي گهراين ۾ لهي سگهو! توهان ته شريف ماڻهو آهيو. توهان شريف گهراڻي جي ڇوڪرين کي ڏٺو هوندو. هندو ڇوڪرين کي، مسلمان ڇوڪرين کي، شايد توهان سمجهي وٺو ته معصوميت جو ڪو به مذهب ناهي ٿيندو. اُها سڄي انسانيت جي امانت آهي. سڄي دنيا جو ورثو آهي جيڪو اُن کي مٽائي يا ڊاهي ٿو، ان کي دنيا جي ڪنهن به مذهب جو خدا معاف نٿو ڪري سگهي. بتول ۽ بيلا ٻئي سڳين ڀيڻن جيان مون وٽ رهن ٿيون. بتول ۽ بيلا پاڻ ۾ سڳيون ڀيڻون ناهن. بتول مسلمان ڇوڪري آهي ۽ بيلا هندو گهر ۾ جنم ورتو. اڄ ٻئي فارس روڊ تي هڪ رنڊي جي گهر ۾ رهيل آهن. جيڪڏهن بيلا راولپنڊي کان آئي آهي، ته بتول وري جالنڌر جي هڪ ڳوٺ کيم ڪرن جي هڪ پٺاڻ جي ڌي آهي. بتول جي پيءَ جون ست ڌيون هيون. ٽي شادي شدهه ۽ چار ڪنواريون. بتول جو پي کيم ڪرن ۾ هڪ معمولي هاري هو. غريب پٺاڻ پر غيرت مند پٺاڻ، جنهن ديون کان لڏي کيم ڪرن ۾ اچي گهر وسايو هو. جاٽن جي ان ڳوٺ ۾ اهي ئي ڪي ٻه ٽي گهر پٺاڻن جا هئا. هي ماڻهو جنهن امن ..... آشتي واري ماحول ۾ رهندا هئا، شايد ان جو اندازو پنڊت (نهرو) جي! توهان کي ان حقيقت مان ٿيندو ته، مسلمان هئڻ جي باوجود به هنن ماڻهن کي ڳوٺ ۾ مسجد ٺهرائڻ جي اجازت نه هئي. هي ماڻهو گهرن ۾ چپ چاپ نماز ادا ڪندا هئا. صدين کان، جڏهن کان مهاراجا رنجيت سنگهه حڪومت سنڀالي هئي، ڪنهن مومن هن ڳوٺ ۾ ٻانگ نه ڏني هئي. هنن جي دل خدا شناسي سان روشن هئي ليڪن دنياوي مجبوريون ڪافي قدر سخت هيون ۽ وري مٿان رواداري جو خيال ايتريقدر ته غالب هو، جو اکر ڪڇڻ جي به همٿ نه ٿيندي هئي، بتول پنهنجي پيءَ جي لاڏليءَ ڌيءَ هئي. ستن مان سڀني کان ننڍي هئي، سڀني کان پياري، سڀني کان حسين. بتول ايتريقدر حسين آهي جو هٿ لڳائڻ سان به ميري ٿي پوندي آهي. پنڊت جي! اوهان خود ڪشميري نسل جا آهيو. فنڪار شناس هئڻ ڪري اهو به ڄاڻو ٿا ته خوبصورتي ڇاکي چوندا آهن. اها خوبصورتي اڄ منهنجي گندگي جي ڍير تي اهڙي بي دردي سان پيل آهي. جو اُنجي پرک ڪرڻ وارو ڪو شريف ماڻهو مشڪل سان ئي ملندو. هن گندگي جي ڍير تي ڳريل سڙيل مارواڙي، گهاٽين مڇين وارا ٺيڪيدار، ناپاڪ نظرن وارا چور بازاري ۽ ٺڳ ئي نظر اچن ٿا. بتول صفا اڻ پڙهيل آهي. هن صرف جناح صاحب جو نالو ٻڌو هو. هن پاڪستان کي هڪ وندر جو کيل سمجهي نعرا هنيا هئا. جيئن ٽن چئن سالن جا ٻار گهرن ۾ انقلاب زنده باد جا نعرا هڻندا رهندا آهن. يارهن سالن جي ئي ته آهي هي اڻ پڙهيل بتول. هوءِ ڪجهه ئي ڏينهن ٿيا آهن، مون وٽ آئي آهي. هڪ هندو دلال هن کي مون وٽ کڻي آيو هو. مون هن کي پنج سئو رپين ۾ خريد ڪري ورتو. اُن کان پهرين هوءِ ڪٿي هئي، اِهو آئون نٿي چئي سگهان. ها ليڊي ڊاڪٽر مون کي گهڻو ڪجهه چيو آهي ته، جيڪڏهن توهان هن کي ٻڌي وٺو ته شايد پاڳل ٿي وڃو. بتول به هن وقت نيم پاڳل آهي. هن جي پيءَ کي جاٽن اهڙي بيدردي سان ماريو آهي، جو هندو تهذيب جي گذريل ڇهه هزار سالن جي عظمت جا ڇوڏا لهي پيا آهن ۽ انساني بربريت پنهنجي وحشي روپ ۾ سڀني جي سامهون ظاهر ٿي پئي آهي. پهرين ته جاٽن هن جي پيءُ جون اکيون ڪڍيون. پوءِ هن جي منهن تي پيشاب ڪيو. پوءِ هن جي پيٽ کي چيري آنڊا ٻاهر ڪڍيا. پوءِ هن جي شادي شده ڌين سان منهن ڪارو ڪيو. اُن وقت پيءُ جي لاش جي سامهون ريحانه، گل، درخشان، مرجانه، موهن ۽ بيگم سان زنا ڪري وحشي انسان پنهنجي مندر جي مورتين کي ناپاڪ ڪيو جن اُنهن کي زندگي عطا ڪئي هئي، جن اُنهن کي لوليون ٻڌايون هيون. جن اُنهن جي سامهون شرم، عاجزي ۽ روح جي پاڪيزگي سان ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو هو. هنن اُنهن سڀني ڀينرن، مائرن ۽ نُهرن سان سان زنا ڪيو هو. هندو ڌرم پنهنجي عزت وڃائي چڪو هو. پنهنجي رواداري کي ختم ڪري ڇڏيو هو. پنهنجي عظمت مٽائي چڪو هو. اڄ رگ ويد جو هر منتر خاموش هو. اڄ گرنٿ صاحب جو هر دوهو شرمندو هو اڄ گيتا جو هر شلوڪ زخمي ٿي پيو هو. ڪير آهي جيڪو منهنجي سامهون اجنتا جي مصوري جو نالو وٺي سگهي ٿو؟ اشوڪ جا ڪتبا ٻڌائي سگهيو ٿي؟ ايلوراجي راهه، رِمندن جاڳڻ ڳائي سگهيو ٿي؟ بتول جا بي وس ۽ لاچار ڀيٽيل چپ، هن جي ٻانهن تي وحشي درندن جي ڏندن جا نشان، ۽ هن جي ٽنگن جي ناهمواري ۾ تنهنجي اجنتا جو موت آهي! تنهنجي ايلورا جو جنازو آهي! تنهنجي تهذيب جو ڪفن آهي! اچو! اچو!! آئون توهان کي اُها خوبصورتي ڏيکاريان، جيڪا ڪڏهن بتول هئي. اُن بدبوءِ دار لاش کي ڏيکاريان، جيڪا اڄ بتول آهي. جذبن جي لهر ۾ وهي آئون ڪجهه گهڻو ئي چئي ويس. شايد اهو سڀ ڪجهه مون کي نه چوڻ گهربو هو. شايد ان ۾ توهان جي گهٽتائي آهي. شايد ان کان زياده ناگوار ڳالهيون توهان سان اڄ تائين ڪنهن نه ڪيون هونديون؟ ۽ نه ئي ڪڏهن ٻڌايون هونديون؟ ممڪن آهي ته توهان ان مسئلي ۾ اِهو سڀ ڪجهه نه ڪري سگهو جيڪو ڪرڻ گهرجي. شايد ٿورو ڪجهه به نه ڪري سگهو، پوءِ به.... اسان جي ملڪ ۾ آزادي اچي وئي آهي. هندستان ۾ ۽ پاڪستان ۾..... ۽ شايد هڪ طوائف کي به پنهنجن رهنمائن کان پڇڻ جو اِهو حق ضرور آهي، ته هاڻ بيلا ۽ بتول جو ڇا ٿيندو!؟.
    بيلا ۽ بتول به ڇوڪريون آهن. ٻه قومون آهن. ٻه تهذيبون آهن. ٻه مندر۽ مسجد آهن. بيلا ۽ بتول اڄڪلهه فارس روڊ تي هڪ رنڊي وٽ رهيل آهن، جيڪا چيني حجام جي پاسي ۾ پنهنجي دڪان تي ڌنڌو ڪري ٿي. بيلا ۽ بتول کي اهو ڌنڌو پسند ناهي. مون انهن ٻنهي کي خريد ڪيو آهي. آئون چاهيان ته هنن کان مون وارو ڌنڌو ڪرائي سگهان ٿي. پر سوچيان ٿي. آئون اِهو ڪم قطعي ڪو نه ڪنديس جيڪو راولپنڊي ۽ جالنڌر اُنهن سان ڪيو آهي. مون هنن کي هن وقت تائين فارس روڊ جي دنيا کان الڳ رکيو آهي. پر تڏهن به جڏهن منهنجا گراهڪ پويئين ڪمري ۾ وڃي پنهنجا هٿ منهن ڌوئندا آهن ته اُن وقت بيلا ۽ بتول خوف سان ڀريل نگاهون مون کي ڪجهه چوڻ چاهينديون آهن. مون ۾ انهن نگاهن جي تاب کي روڪي سگهڻ جي سگهه ناهي. آئون ٺيڪ طرح سان اُنهن جو پيغام به اوهان تائين پهچائي نٿي سگهان. توهان ڇو نه پاڻ انهن نگاهن جو پيغام پڙهائي وٺو. پنڊت جي! آئون چاهيان ٿي ته توهان بتول کي پنهنجي ڌي ٺاهيو. جناح صاحب! آئون چاهيان ٿي ته توهان بيلا کي پنهنجي لاڏلي ڌي ڪري سمجهو. هڪ دفعو هنن کي فارس روڊ جي جهنگل مان ڇڏائي پنهنجن گهرن ۾ رکو ۽ اُنهن لکين روحن جو نوحو ٻڌو، جيڪو کيم ڪرن کان راولپنڊي تائين ۽ ڀرت پور کان بمبئي تائين گونجي رهيو آهي. ڇا ان آواز جي گونج گورنمينٽ هائوس ۾ ڪو نه ٿي پهچي؟ ڇاهي آواز اوهين ٻڌڻ چاهيندا!؟


    توهانجي گهڻگهري
    فارس روڊ جي هڪ طوائف


    سيٺ صاحب

    سيٺ صاحب جا چپ ڪافي وڏا هئا. هن جو نڪ ڊگھو ۽ ٽيڏو هو ۽ اکين مان شرلاڪ جهڙي مڪاري ظاهر ٿي رهي هئي. آئون جڏهن هن جي دفتر ۾ پهتس ته هو هڪدم ڪرسيءَ تان اٿي کڙو ٿيو ۽ انتهائي پرجوش انداز ۾ هٿ ملائيندي چوڻ لڳو “ها ها ڀلي آيا! اڙي ڀائي ڪشن آيو آهي، هن لاءِ ڪرسي اندر موڪليو.”
    نوڪر ڪرسي کڻي آيو، مون سيٺ جي مسڪرائيندڙ چهري ڏانهن ڏٺو. هن جو چهرو ايئن لڳي رهيو هو ڄڻ ڪنهن اُن تي بناسپتي گيهه جو ڏٻو هاري ڇڏيو هجي ۽ اها مسڪراهٽ ڄڻ ان نقلي گيهه مان تر جي نڪتي هجي. سيٺ صاحب پنهنجا پيلا ڏند ڪڍي هٿن جي ترين کي مهٽيو ۽ پنهنجي بي تڪي کِل جيڪا ڪنهن شيطاني گھوڙي جي هڻڪار جيان لڳي ٿي، کان ڪم وٺندي چيو، “اڙي واه واه، ڌن ڌن ڀاڳ اسان جا جو ڪشن جي آيو آهي. مون هرچند ڀائي کي چيو هو ته، ڪشن جي ڪڏهن ملي ته اسان وٽ موڪلجانس. اڙي ڀائي ٻن لکن جي به ڪا ڳالهه آهي. تنهنجي اِها ضرورت تون جڏهن چاهين ها آئو پوري ڪري سگهيس ٿي. پر اسان ۽ تو پاڻ ۾ ملڻ ئي ڇڏي ڏنو”.
    مون چيو، “سيٺ صاحب! آئون اڄ کان ڇهه مهينا پهرين انهي ڪم سان توهان وٽ حاضر ٿيو هوس، پر توهان ايترا چڪرا هڻايا جو منهنجي جتي جا جوراب به گسي ويا.”
    “ها ها ها!” سيٺ ٽهڪ ڏيندي چيو، “تون ڏاڍو خوش مزاق ٿو ڏسجين، جتي جا جوراب به گسي ويا، ها ها ها! اهڙو ڀوڳ ته اسان ڪنهن فلم ۾ به نه ٻڌو. ان کي لکي وٺجان، تنهنجو قسم اهو فلم ۾ ڏاڍو مقبول ٿيندو. ها ها ها!”
    کلندي کلندي سيٺ صاحب جون اکيون بند ٿي ويون ۽ هن جو پيٽ هيٺ مٿي ٿيڻ لڳو. جڏهن سيٺ صاحب خوب کلي چڪو ته گھنٽي وڄائيندي چيائين، “ڪجھه پيئندين؟ڪو ٿڌو شدو؟”
    “ها ٿڌي سوڍا ۾ وسڪي هلندي”.
    ان کانپوءِ سيٺ وري کلڻ لڳو. هڪڙو ڇوڪرو گهنٽي جي آواز تي اندر آيو ۽ پنهنجي ٿلهي متاري سيٺ جي پيٽ ۾ کلڻ جي ڪري اُٿيل لهرون ڏسي ادب سان خاموش بيهه رهيو. جڏهن هي طوفان ماٺو ٿيو ته سيٺ ڇوڪري کي چيو، “ٻه سٺيون ومٽو جون بوتلون کڻي اچ.” جڏهن ڇوڪرو هليو ويو ته هو منهنجي طرف جهڪي مونکي ڏسڻ لڳو، “آئون چاهيان ٿو ته تون مونکا سوا ٻه جي بدران اڍائي لک رپيا وٺ، پر فلم اهڙي هجي جيڪا بلڪل ڪلاسيڪل هجي”.
    مون چيو، “ڪلاسيڪل مان توهان جو ڇا مطلب آهي؟ شايد ڪلاسيڪل ميوزڪ آهي؟ ڏاڍو سٺو، آئون دليپ چند ويدي کي عرض ڪندس ته هو ان جو ذمو کڻي.”
    “نه، نه!.” سيٺ صاحب چيو، “تو منهنجو مطلب غلط سمجھيو، تون هڪ اهڙي فلم ٺاهه جيڪا ڪلاسيڪل هجي، يعني جنهن جو مثال دنيا ۾ نه هجي. تون منهنجي ڳالهه جو مطلب سمجھي وئين نه؟ منهنجو مطلب هڪدم صحيح سمجھيئي نه”؟
    “سمجھي ويس” مون چيو پر “پر اهڙي فلم هندستان ۾ ڏسندو ڪير؟ ڏسو! ان کان پهرين به اسين ٽي چار ڀيرا اهڙا تجربا ڪري چڪا آهيون. هڪ ته اها بنگال جي ڏڪار جي باري ۾ فلم “تصوير” هئي. ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر وڏن وڏن اڪابرن اها فلم ڏٺي ۽ وڏيون تعريفون ڪين. روس ۽ آمريڪا جي تنقيد نگارن به ان کي ساراهيو، پر هتي ڪنهن به سئنيما ۾ ٽن يا چئن هفتن کان مٿي نه هلي. توهان اهڙي ئي تصوير جهڙي تي فلم چاهيو ٿا نه؟”
    “نه، نه” اهڙي فلم کي پاڻ ڇا ڪنداسين؟”.
    مون چيو، “ ته پوءِ هڪ پڪچر اها هئي جنهن م غريبي ۽ اميري جو تضاد ڏيکاريو ويو هو. اداڪارن نهايت ئي خوبصورت طريقي سان پنهنجو ڪم سر انجام ڏنو هو. ڊائريڪٽر به وڏي محنت سان اها فلم ٺاهي هئي. ٺهي ته کڻي هندستان ۾ هئي، پر جڏهن فرانس ۾ انهيءَ جي نمائش ڪئي وئي، ته اتي جي تبصري نگارن ان کي سال جي بهترين فلم قرار ڏنو. پر هندستان ۾ اڃا تائين اها فلم ڏٻن ۾ بند آهي. توهان چاهيو ٿا ته آئون......”
    “اباڙي! مون ڇا توکي اهڙي پڪچر لاءِ چيو آهي؟ توکان آئون ڪجھه ٻيو.....”
    مون چيو، “ ته پوءِ توهان شايد اها ٽين قسم جي پڪچر چاهيو ٿا، جنهن ۾ گانا ۽ ڊانس عوامي مزاج جا هئا پر ان جي ڪهاڻي رياستي جاگيردارن جي خلاف هئي، جنهن ڪري انهيءَ جي نمائش ڪيترين ئي رياستن ۾ قانون جي خلاف قرار ڏني وئي، ۽ ڊسٽريبيوٽر اڄ تائين ان فلم ٺاهڻ واري کي ڏوراپا ڏيئي رهيا آهن. پر فلم ڏاڍي چڱي موچاري هئي. رياست جي ويچاري عوام جي عڪاسي.”
    سيٺ گهٻرائيندي چيو، “پاڻ کي ڪلاسيڪل ٻلاسيڪل ڪجھه نه کپي. پاڻ کي فقط سادي سودي پڪچر کپي.”
    مون ڳالهه ڪٽيندي چيو، “ته پوءِ هڪ اها پڪچر هئي، بلڪل سادي سودي، محبت جي ڪهاڻي هئي، پر هن جو موضوع هو، “زمين هارين ۾ ورهائي ڇڏيو”. پڪچر ٽي دفعا سنسر ٿي. آخر ۾ نه زمين هارين وٽ رهي ۽ نه هاري رهيا. ٺلهي محبت جي ڪهاڻي بڻجي رهجي وئي، بس ماکي لڳائي چٽڻ لاءِ.”
    سيٺ چيو، “نه بابا! مون توبهه ڪئي اهڙي فلم کان. پاڻ کي اهڙي فلم نه گھرجي. اُن لاءِ ته آئون هڪ ڪوڙي به نه ڏيندس. آئون ته اهڙي ڪلاسيڪل پڪچر چاهيان ٿو، جيئن کڙڪي، سنتوشي، شهنائي!”
    مون چيو، “کڙڪي ۽ شهنائي ته فلمون آهن پر سنتوشي نالي سان ڪا به فلم ناهي ۽ اهو کڙڪي ۽ شهنائي فلم جي ڊائريڪٽر صاحب جو نالو آهي. نالو ته سٺو آهي پر اهو نالو رکڻ تي سنتوشي صاحب توهان تي ڏهه لک هرجاڻي جي دعويٰ داخل ڪري ڇڏيندو.”
    “ٺيڪ آهي”. سيٺ صاحب ڪرسي تي پاسو ورايو ۽ پوءِ وري سڌو ٿي ڪرسي تي سوڙهو ٿي ويهي رهيو، ڄڻ هن جي دنيا ۾ اوندهه ڇائنجي وئي هجي.
    مون چيو “سنتوشي ته نه پر بيهوشي نالو ڪيئن رهندو؟”
    سيٺ صاحب ڪرسيءَ تان ٽپ ڏئي اٿيو ۽ تمام زور سان هٿ ملائيندي چيائين، “واه ڪشن واه! ڇا ته نالو سوچيو اٿئي!! بيهوشي تمام سٺو نالو آهي”.
    مون چيو، “۽ فلم ۾ جيترا ڪردار آهن سڀ بيهوش ٿي وڃن ٿا. هيرو، هيروئن، سائڊ هيرو، سائد ولن... سڀ هڪڙو گانو ڳائن ٿا ۽ ڳائيندي ڳائيندي بي هوش ٿي وڃن ٿا. ڇا خيال آهي سيٺ صاحب؟”
    ڪشن ڪمال ڪري ڇڏيئي. پر تون ڪيترا گانا رکندين؟
    “ٽيهه گانا رکندس. ڪردار گھڻا هوندا نه. ۽ وري هر گاني کانپوءِ بي هوشي ٿيندي. ڄڻ هر ڀيري نئون ڊرامو پيدا ٿيندو. آئون سمجھان ٿو ته سيٺ پڪچر لڳندي ئي سموري خلقت بيهوش ٿي ويندي.”
    “واه، واه !” سيٺ صاحب خوشيءَ مان هٿ ملائيندي چيو، “ڇا ته خيال آهي، هڪدم بلڪل نئون. آئون هاڻي ئي ان لاءِ اوپيرا هائوس بڪ ڪرايان ٿو”.
    مون چيو، “هائوس ته سٺو آهي پر عوام جي بيهوشي لاءِ ٿورو ننڍو ٿيندو. ڪو وڏو هال وٺي لاهيو ۽ ان مان ڪرسيون هٽرائي ڇڏيو، ته جيئن ماڻهو پڪچر ڏسندا وڃن ۽ بيهوش ٿيندا پٽ تي ڪرندا وڃن. ڏسجو سيٺ صاحب ته اها ڪيئن نه باڪس آفيس پڪچر ٿي بڻجي. چڱو سيٺ صاحب! هاڻي چيڪ ڪٽيو”.
    “چيڪ ته ڪڍان ٿو، پر ان ۾ منهنجو به حصو ٿيندو. پڪچر به گروي رکندس ۽ ان مٿان وياج ۽ رائيلٽي به وٺندس”
    مون چيو “مونکي سڀ منظور آهي”
    سيٺ چيو، “هڪ ٻيو به شرط آهي. هن پڪچر ۾ منهنجو نالو آهي انهي ڪري آئون نٿو چاهيان ته پڪچر جي وچ ۾ ڪا شرارت هجي ۽ اسان جو نالو بدنام ٿئي”.
    “اهو ڪيئن ٿيندو ؟” مون پڇيو.
    “بس اهو ته اسٽوڊيو جي اندر ڪير به شراب نه پيئندو. ڪو به سگريٽ نه پيئندو. ڪو به ڇوڪرين ڏانهن بري نطر سان نه ڏسندو”.
    مون چيو، “اهو سڀ ٺيڪ آهي، مونکي منظور آهي، پر شراب لاءِ ٿورڙي اها مشڪل اهي ته منهنجي خيال ۾ ڪير هڪ اڌ پيگ پي اچي ته ان کي ڪيئن روڪي سگھجي ٿو؟ هڪ اڌ پيگ ته ڊاڪٽر به بيمار ماڻهو کي زبردستي پياري ڇڏيندو آهي”.
    سيٺ چيو، “ اڙي! هڪ اڌ پيگ جي ڪا ڳالهه ناهي. اهو ته ٺيڪ آهي. خير! ڇڏينس کڻي. آئون چيڪ لکان ٿو”.
    سيٺ چيڪ لکڻ لڳو. مون کنگهندي چيو، “۽ سگريٽ کان ته خود مونکي به وحشت ٿيندي آهي. يعني هر وقت وات مان تماڪ جي بوءِ پئي ايندي آهي جيئن هن وقت توهان جي وات مان بصر جي بوءِ اچي رهي آهي ۽ ....”
    سيٺ هڪدم ڇرڪندي چيو، “ڇا منهنجي وات مان بصر جي بوءِ اچي رهي آهي....؟”.
    سيٺ غصي مان گھنٽي وڄائي. نوڪر اندر آيو. سيٺ نوڪر کي ڪلونت کي سڏڻ جو چيو. ڪلونت آيو ته سيٺ ان تي ڏاڪا ٻڌي چڙهي ويو. “بدمعاش! تو ٻڌايو ڇو ڪو نه. اڄ ٻوڙ ۾ ايڏو بصر جو داڳ پچايو هيئي جو وات مان بصر جي بوءِ پئي اچي. نا لائق ڏهن سالن کان اسان وٽ ڪم پيو ڪرين ۽ توکي اها به خبر ناهي ته ٻن پهرن جي ماني ۾ آئون بصر ڪونه کائيندو آهيان. جهنگلي گڏهه ٽري وڃ منهنجي اکين تان. منشي کان پنهنجو حساب چڪتو ڪري هليو وڃ”.
    ڪلونت ڪنڌ جھڪائي هليو ويو.
    مون چيو، “ڳالهه بصرن جي نه پر سگريٽن جي ٿي رهي هئي، اصل ۾ سگريٽ پيئڻ تمام خراب ڳالهه آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن اسٽوڊيو ۾. جڏهن آڌي رات تائين ڪم ڪرڻو پوندو آهي، ته اعصابي ٿڪاوٽ ٿي پوندي آهي. انهي لاءِ ڪڏهن ڪڏهن سگريٽ پيئڻ تمام ضروري هوندو آهي”.
    سيٺ چيو “ نه نه، آئون ان حالت ۾ سگريٽ پيئڻ جي ٿوروئي منع ڪري سگهان ٿو”
    “باقي رهي ڇوڪرين جي ڳالهه”، مون چيو، “ظاهر آهي ته ڪنهن شريف ماڻهو کي ان ڳالهه تي ڪهڙو اعتراض ٿي سگھي ٿو. ڇوڪري کي بري نظر سان ڏسڻ تمام خراب آهي. پر توهان ڄاڻو ٿا ته سچي محبت کي ڪير به روڪي نٿو سگھي. جتي عورت ۽ مرد گڏ هوندا اتي سچي محبت به لازمي ٿيندي. اڄ تائين فلم انڊسٽري ۾ هزارين نالي وارن پروديوسرن کان وٺي معمولي قسم جي فالتو ماڻهو تائين، محبت ۾ وٺجي چڪا آهن. اهرا ماڻهو به آهن، جن ٻن ٻن شادين کانپوءِ به سچي محبت ڪئي آهي. ڀلا ان عمل کي ڪئين روڪي سگھجي ٿو؟”.
    سيٺ صاحب چيو، سچي محبت لاءِ آئون ڪڏهن چوان ٿو ته ان جي منع ڪريو، آئون خود ان جھنجھٽ ۾ هڪ دفعو ڦاسي پيو هوس.
    مون اک ڀڃندي چيو، “سچي پچي سي صاحب!؟ مون کي ته يقين نٿو اچي”.
    “قسم کڻائي وٺ ڪشن جي! تنهنجي سرجو قسم جي ڪوڙ ڳالهايان “هوءِ هائي مين مرگئي” فلم جي هيروئن نه. رام تنهنجو ڀلو ڪري هيروئن سان گڏ ٻي ڪهڙي ڇوڪري هئي؟”
    “جوڳيشوري.”
    “ها، ها، جوڳيشوري سان اسان جو پيار ٿي ويو. قصو وڌندي وڌندي ٻه ٽي ٻار به ٿي ويا. هاڻ هوءِ ڪو لابي ۾ رهي ٿي. آئون هن کي خرچو پاڻي سڀ ٽائيم سان ڏيندو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن ڪولابي ويندو آهيان. تون مونکا ڀلي قسم وٺ. بلڪل پنهنجي زال جيان لڳندي آهي. ڀلا اهڙي پيار جي ڪير منع ڪري ٿو.....؟ آئون اهو ٿورو ئي ٿو چوان ته صفا ڪميونسٽ ٿي وڃو.”
    “ها ها، بلڪل ٺيڪ”. مون چيو “توهان جو اهو مطلب ٿوروئي ٿي سگھي ٿو”.
    سيٺ صاحب چيڪ آڱرين ۾ گھمائيندي چيو، ڪشن جي! هي آئون ڇا پيو ٻڌان ته ڪميونسٽن چين تي قبضو ڪري ورتو آهي”.
    “جي ها”
    “۽ هتي ملايا ۾ به انهن بدمعاشي شروع ڪئي آهي”.
    “ٻڌون ته اهو ئي ٿا.”
    “اڄ صبح جو مون خبر پڙهي ته رنگون کان ڏهه ميل پري جنگ پئي هلي. اتي به اهو ڦڏو ۽ فساد هلي رهيو آهي. صحيح آهي ڇا؟”
    مون چيو، “توهان صحيح پڙهيو آهي”.
    سيٺ صاحب چيڪ آڱرين ۾ گھمائيندي گھڙي پل لاءِ رڪجي ويو. هن نهايت غور سان چيڪ ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ مون ڏانهن منهنجي ۽ چيڪ جي وچ ۾ فقط ڇهن انچن جو مفاصلو هو. سيٺ صاحب هڪ ٿڌو ساهه کنيو ۽ آهستي چيڪ کي ڦاڙيندي چيو، “ڪشن جي! هاڻي اسان جو واپار نه هلندو. هينئر هي سودي ڪرڻ جو وقت ناهي”.


    مڇيءَ جو ڄار

    ڳوٺ ۾ ننڊ ستل هو، ڀوري رنگ جا مڇي ڦاسائڻ جا ڄار، اُس ۾ سڪائڻ لاءِ وڻن جي ٽارين تي ڦهلايل هئا ۽ انهن جي شطرنجي ڇانو ۾، پوڙها مهاڻا ستل هئا. ڪناري تي واري ۾ کوڙيل اڇي رنگ جو جھنڊو، هوا ۾ ڦڙڪي رهيو هو. مٿي واري جي ٻيٽ تي ناريل جو وڻ هو، جنهن جي ڀرسان هڪ گڏهه خاموش بيٺل نظر اچي رهيو هو. ان کان پري ناريل جي وڻن جو هڪ ڊگھو سلسلو هو، جيڪو ڳوٺ تائين ڦهليل هو، جنهن مهاڻن جي ڇپرن کي نظرن کان اوجھل ڪري ڇڏيو هو.
    هن ڪناري جي واري ڪيتري قدر نه خشڪ ۽ نرم هئي. ڪناري کان جيترو پري وڃو واري گرم ۽ سخت محسوس ٿي ٿِي. واري جي دڙن جي ڪناري، جتي سامونڊي گجي سڪي وئي هئي، ننڍين سپن ۽ ڪوڏين جا دير لڳل هئا. واري تي هلندي پيرن مان نرم ۽ نازڪ شيشي جي ٽٽڻ جو آواز پيدا ٿيو ٿي ۽ پيرن ۾ عجيب لذت سان ڀريل ڪتڪتائي محسوس ٿي ٿِي. گل ڪافي دير تائين دڙن جا ڪنارا وٺي هلندو رهيو ۽ هلندي هلندي خوبصورت سپيون، ڪوڏيون ۽ سنک جمع ڪندو رهيو. سمنڊ جو ڪنارو اڌ گول جي شڪل ۾ ڪافي پري تائين ڦهليل هو. ان اڌ گول دائري جي هڪ ڇيڙي تي ئي هنن جو ڳوٺ هو ۽ ٻئي ڇيڙي تي هن جو پنهنجو ڳوٺ هو ۽ وچ ۾ هي ٽٽل ڦٽل سامونڊي ڪنارو هو، جيڪو ننڍن وڏن دڙن تي مشتمل هو. گل هلندي هلندي هڪدم بيهي رهيو. هڪ وڏي دڙي جي اوٽ ۾ هڪ ٻيڙي اونڌي پيل هئي ۽ ان جي ويجھو هڪ ڇوڪري اونڌي منهن ليٽيل هئي. گل هن کي ننهن کان چوٽي تائين ڏٺو. هن ان ڇوڪري جا ننڍڙا ننڍڙا پير ڳاڙهي مهندي ۾ رچيل ڏٺا. هن اُن کي پهريل بجلي جيان چمڪندڙ ڪاري وڳي تي هڪ وڏو گل لڳل ڏٺو. جنهن جي رنگت بلڪل سون جهري هئي. هن جو هڪڙو هٿ ڪنڌ جي هيٺان ۽ ٻيو هٿ واري تي اهليل هو. گل هن جي ٻانهن ۾ پاتل چوڙيون ڳڻيون. گھاٽي ڳاڙهي رنگ جون شيشي جون ست چوڙيون هيون. پر هاڻي هنکي سندس ڪرائي ڏاڍي خوبصورت لڳي. پوءِ هن جي نظر سندس ڳلن تي ستل ڇپرن جي سونهن کي پسيو. هن انهن ننڍين ناسن کي ڏٺو جيڪي ساهه جي لهرن سان نازڪ سپين جيان هلي رهيون هيون ۽ پوءِ هن ان جي هٿ کي ڏٺو جيڪو هن جي طرف ڦهليل ڪناري جي واري تي اهليل هو. ۽ پوءِ هن جي نظر هن جي ڪرائي تي پئي جنهن ۾ ست چوڙيون پاتل هيون ۽ پوءِ هو اتي ئي واري ۾ هن جي ويجھو ويهي رهيو ۽ شيشي جي چوڙين کي الڳ الڳ ڪرڻ لڳو.
    “پري هٽ مونکي سمهڻ ڏي.” ڇوڪري انهيءَ ئي طرح ليٽيل حالت ۾ بنا ڪجھه چرڻ ڦرڻ جي چيو ۽ گل هڪ پل لاءِ ڇرڪ ڀري اٿي ويٺو. هن جو خيال هو ته ڇوڪري ستي پئي آهي.
    “تون ڪيتري وقت کان هتي آهين؟ مون سوچيو ته تون مونکي ڏسي واپس هليو ويندين. مونکي ڏسي ورتئي. هاڻ ته هليو وڃ. مونکي ننڊ لڳي آهي. ڏس ڪيتري نه سٺي اُس آهي. اف...اف”. ڇوڪري هاڻ پنهنجون ٻانهون واري تي ڦهلائي ڇڏيون ۽ خوب ڍٽي سمهي رهي.
    گل هن جي وڳي ۾ سجيل سونهري گل کي ڏٺو ۽ پوءِ شيشي جون چوڙيون ڳڻڻ لڳو. جڏهن پوريون ست ئي ڳڻي چڪو ته هن آهستي آهستي هن جي وڳي تان گل لاهي کڻي ورتو.
    ڇوڪري ساڳي حالت ۾ ليٽندي چيو، “تون اڃا تائين ويو ناهين؟”
    گل چيو، “آئون تنهنجي لاءِ شفق جو گل کڻي آيو آهيان”.
    ڇوڪري ڇرڪي اٿي ويهي رهي. بي اختيار هن جو هٿ پنهنجي وڳي ڏانهن وڌيو. گل جو خيال صحيح نڪتو. ڇوڪري تمام گھڻي خوبصورت هئي.
    ڇوڪري چيو، “هيڏي! منهنجو گل مونکي واپس ڪر”.
    گل، شفق جي گل کي هن جي ويجهو ڪيو.
    ڇوڪري هٿ اڳيان وڌايو.
    گل هٿ پويان ڪندي چيو، “ايئن نه، آئون پاڻ تنهنجي وڳي ۾ لڳائيندس”.
    “نه”. ڇوڪريءَ ڏاڍو سختيءَ سان چيو.
    “نه؟ ته پوءِ ٺيڪ. هاڻ آئون وڃان ٿو. خدا حافظ”.
    گل شفق جو گل پنهنجي هٿ ۾ لوڏيندو ٻه قدم اڳتي ويو.
    ڇوڪري چيو، “ٺيڪ آهي، هلي آ”.
    هوءِ پنهنجي وڳي ۾ گل لڳرائڻ لاءِ بت جيان آڪڙجي ويهي رهي. ان سان هن جي ڇاتي جو اُڀار اڃا به وڌيڪ ظاهر ٿي پيو ۽ هنجي چيل جا پيچ اڃا به وڌيڪ اُڀري آيا. گل سوچيو هن ڇوڪري کان نالو ضرور پڇڻ گھرجي. هن وڳي ۾ گل لڳائيندي چيو، “تنهنجو نالو ڇا آهي؟”
    “اسان کي خبر ناهي؟”
    “ڇو خبر ڪونهي؟”
    “آئون ڪو نه ٻڌائينديس”.
    “ڇو ڪو نه ٻڌائيندينءَ؟”
    ڇوڪري ڪاوڙ مان پنهنجا هٿ ڇاتيءَ تي رکندي چيو، “هاڻ تون هتان هليو وڃ، هي سامهون دڙي تي منهنجو گھر آهي. هاڻي جي رڙيون ڪنديس ته ايترا ماڻهو گڏ ٿي ويندا ۽ پوءِ تنهنجي جسم تي گوشت جو هڪ ٽڪرو به نه رهندو. هي تنهنجو جسم جيڪو هن وقت سمنڊ جي مڇي جيان پاليل نطر اچي ٿو، ان ۾ پوءِ فقط مڇي جو ڪندو ئي وڃي رهندو”.
    شفق جو گل وڳي ۾ جچي بيٺو.
    ڇوڪري کلندي چيو “پر مونکي اها خبر ناهي ته تنهنجي اندر اهو مڇي جو ڪنڊو آهي به يا نه؟ بغير ڪنڊن جي به ته مڇيون هونديون آهن”.
    گل هڪدم هن کي پنهنجي مضبوط ڀاڪرن ۾ ڀري ورتو. ڇوڪري تڙپي، اڇلون کاڌيون ۽ هن جو هٿ زور سان گل جي ڳل تي لڳو. گل هڪدم هڪ هٿ ڇوڪري جي وات تي رکي ڇڏيو، ۽ هو ٻئي پاڻ ۾ وڙهڻ لڳا. ڇوڪري هن جي جڪڙ مان آزاد ٿيڻ چاهيو ٿي ۽ زور سان رڙيون ڪرڻ چاهيون ٿي، پر گل جي جڪڙ ڏاڍي مضبوطي هئي ۽ هن جو ٻيو هٿ هن جي وات تي مضبوطي سان ڄميل هو. گل ڄاتو ٿي ته، جيڪڏهن هن ڇوڪري کي رڙيون ڪرڻ جو موقعو ڏنو ته سندس خير ناهي. هڪدم هن کي محسوس ٿيو ته ڇوڪري هن جي جڪڙ مان نڪري رهي آهي. هوءِ پنهنجي ٻنهي ٻانهن سان وڙهي رهي هئي ۽ گل فقط هڪ ٻانهن کان ڪم وٺي رهيو هو ۽ اهي ٻئي ايئن وڙهندا جھڳڙندا ٻيڙيءَ جي ويجھو پهچي ويا.
    ڇوڪري زور لڳائي گل جو هڪ هٿ موڙي ورتو. هاڻ هڪ طرف ٻيڙي هئي، گل اوڏانهن منهن موڙي نه ٿي سگھيو ۽ ٻئي طرف دڙو هو ۽ هاڻ گل ٻنهي جي وچ ۾ ڦاسي چڪو هو. ڇوڪري ڦُڙتيءَ سان پنهنجو منهن ڇڏائي ورتو ۽ چيو، “هاڻ ٻڌائي؟” هن گل جي منهن تي مڪون به وهائي ڪڍيون. گل تڙپندي پنهنجي مڙيل هٿ تي زور ڏئي جو اٿيو ته ان ۾ ٻيڙي جو ڪو ڪو زور سان اندر هليو ويو. پر هن کلندي پاسو ورائي ورتو. هاڻي ڇوڪري واري تي ڪري پئي ۽ هن جون ٻئي ٻانهون گل جي پڪڙ ۾ هيون ۽ گل هن جي چپن کي پنهنجي چپن جي بلڪل ويجھو آڻيندي چيو، “هاڻي چئو؟”
    ڇوڪريءَ جا چپ ايئن ٿرڪي رهيا هئا، جيئن مڇي تانگي پاڻي ۾ تڙپندي آهي. هن پنهنجا چپ هن جي چپن سان ملائي ڇڏيا. هڪ واري محسوس ٿيو ته مڇي گھري پاڻي ۾ پهچي وئي آهي جتي بلڪل سڪون آهي، امن آهي ۽ آرام آهي. ۽ اهي ٻئي گھري سائي پاڻي ۾ هڪ ٻئي سان جل پرين جيان چهٽي، اکيون بند ڪري، چپن سان چپ ملائيندي تري رهيا آهن ۽ انهن جي آسپاس خوبصورت سونهري مڇيون گھمي رهيون آهن ۽ مونگي جي خوشي نما پاڻي جي ٻيٽن ۾ اسفنج حيرت مان اکيون کولي انهن کي ڏسي رهيا آهن ۽ پاڻي وارن ٻوٽن جون ريشمي ٽاريون آهستي آهستي خوشي مان جھولي رهيون آهن ۽ انهن جا جسم خود به خود لڏندا ڪڏندا سرسبز پنن جا جھولا جھلندي، ريشمي ٽارين کي ڇهندا، ترندي ترندي انهن خوش رنگ محلن جي طرف وڃي رهيا آهن، جتي سپين ۾ خوبصورت موتي رهن ٿا ۽ رنگ برنگي گھونگھا ۽ سنک پنهنجي سنگ مر مر جهڙن دروازن مان جھاتي پائي ڏسن ٿا ۽ ڏور سمنڊ جي مٿان لڳل روشندانن مان نيرا نيرا مدهم ڪرڻا جرڪندا ۽ جھومندا اُنهن جي آجيان لاءِ اچي رهيا آهن.
    ڇوڪري اونهون ساهه کنيو ۽ هن جي هٿ جون مٺيون پنهنجو پاڻ کلنديون ويون.
    گل پڇيو “تنهنجو نالو ڇا آهي؟”
    “مهر.” ڇوڪري نهايت آهستي وراڻيو.
    “منهنجو نالو گل آهي.” هن آهستي چيو.
    “گل؟..... گل ؟” ڇوڪري جا ٿڙڪندڙ چپ وڌيڪ ٿڙڪڻ لڳا “گل مهر”
    “نه. مهر گل!” گل جواب ڏنو ۽ ڇوڪري کي هٿ ڏئي اٿاريو.
    “تون ڇا ڪندو آهين؟” ڇوڪري پڇيو.
    “آئون سامهون واري ڳوٺ ۾ رهندو آهيان ۽ ٺرو تيار ڪندو آهيان”. گل وراڻيو.
    “ٺرو ڇا هوندو آهي؟”
    گل چيو، “ ٺرو هڪ قسم جو شراب هوندو آهي، بلڪل ايئن جيئن تنهنجي چپن ۾... نرم گرم، پاڪ پويتر، لطيف چاشني سان ڀرپور.....
    مهر ڳالهه ڪٽيندي چيو، “جيڪڏهن تو ڪا شرارت ڪئي ته آئون سچ پچ ڳوٺ وارن کي سڏي وٺنديس”.
    گل کليو ۽ چوڻ لڳو، “مونکي سڀ خبر آهي ڳوٺ وارا آهن ڪٿي؟ اهي سڀ مڇيون پڪڙڻ لاءِ نڪري ويا آهن.”
    مهر چيو، “تون ٺرو ڇو ٺاهيندو آهين؟ مڇيون ڇو نٿو جهلين؟”
    گل چيو، “ آئون ٺرو تيار ڪندو آهيان. مهاڻا مڇيون پڪڙيندا آهن ۽ پوءِ هڪ ئي جاءِ تي ماني جي دسترخوان تي اهي ٻئي شيون گڏ رکيون وينديون آهن. مڇي ۽ شراب... گل ۽ مهر”
    مهر ٿورڙو پري سِرڪي، “ڏس! آئون توکي چوان ٿي منهنجي ويجھو نه اچ. توکي خبر ناهي ته آئون ڪيتري خطرناڪ ڇوڪري آهيان”.
    “ڪيتري خطر ناڪ؟” گل پڇيو.
    “منهنجي ڪري هن وقت تائين ٽي خون ٿي چڪا آهن.” مهر چيو
    “ته هاڻ چوٿين جي تياري سمجھه.” گل وراڻيو.
    مهر چيو، “ماڻهو چون ٿا ته آئون دنيا جي سڀ کان وڌيڪ خوبصورت ڇوڪري آهيان”.
    گل چيو، “هر ڳوٺ ۾ هڪ اهڙي ڇوڪري هوندي آهي، جيڪا دنيا جي سڀ کان وڌيڪ خوبصورت ڇوڪري هوندي آهي ۽ ڇوڪري جڏهن پهريئين ڀيري آرس ڀڃي ٿي ته اها دنيا جي خوبصورت عورت بڻجي ويندي آهي پر خوبصورتي ۾ منهنجي محبوبه جو ڪو جواب ناهي”.
    “اها ڪير آهي؟” مهر اکين ۾ چمڪ آڻيندي پڇيو.
    “ٺرو” گل کلندي چيو.
    “تنهن جو ڌنڌو صحيح ناهي، ان کي ڇڏي ڏي” مهر چيو.
    “ ته پوءِ ڇا ڪريان؟”
    “مڇيون پڪڙيندو ڪر.”
    گل مهر جي چيلهه ۾ هٿ وڌو.
    “هي ڇا ٿو ڪرين؟” مهر گل جو هٿ جھليندي چيو.
    “مڇيون ٿو جھليان”
    مهر کلڻ لڳي. کلندي کلندي چوڻ لڳي، “آئون ڪهڙي مصيبت ۾ ڦاسي ويس، منهنجو مڱيندو هن وقت مونکي ڏسي وٺي ته ٺپ ماري وجھي”.
    “تنهنجو مڱيندو به آهي؟”
    “ها، ان جو نالو عبدل آهي”.
    “ڇا عبدل خوفناڪ قسم جو ماڻهو آهي؟”
    “ها! سڄي ڳوٺ ۾ هن جهڙو ڦڙتيلو جوان ناهي....” مهر گل ڏانهن ڏسندي رشڪ مان چيو”. “پر هو تو وانگر خوبصورت ناهي.” ايترو چئي مهر گل جي وارن ۾ واري جا ٻڪ ڀري وڌا. گل واري ڇنڊيندي چوڻ لڳو.
    “آئون عبدل سان ملڻ چاهيان ٿو”
    “هو توکي ماري ڇڏيندو.” مهر وراڻيو.
    “انهيءَ لاءِ ئي ته ملڻ چاهيان ٿو!” گل جواب ڏنو.
    “آئون ڄاڻان ٿي ته تون هن سان ملڻ کان سواءِ نه رهندين ۽ پوءِ تنهنجو لاش گھري سمنڊ ۾ مڇيون کائينديون”. مهر چيو.
    گل ڪو به جواب نه ڏنو. هن پنهنجا پير واري ۾ ڍڪي ڇڏيا ۽ خالي سپيون ۽ ڪوڏيون گڏ ڪري گھر ٺاهڻ لڳو. ۽ مهر پنهنجا خالي پير واري ۾ ڍڪي ڇڏيا ۽ پنهنجو گھر ٺاهڻ لڳي. گھر ٺاهڻ ۾ هوءِ ڏاڍي ماهر لڳي ٿي. تمام جلد هن واري جو هڪ محل ٺاهي ورتو. هن جون نرم نازڪ آڱريون نهايت تيزي سان ڪم ڪري رهيون هيون. گل انهن کي ڏسندو رهيو ۽ هن جو پنهنجو گھر اڻپورو رهجي ويو. جڏهن مهر جو گھر ٺهي چڪو ته هن به جلدي جلدي پنهنجي وڏن سخت هٿن سان هڪ بي ڊولو ۽ اڍنگو گھر تيار ڪري ورتو، جيڪو خوبصورت محل بدران هڪ بدنما غار جيان لڳو ٿي.
    مهر گل جي واري جي گھر کي لت هڻندي چيو، “اڙي! هي به ڪو گھرآهي!” گل جو گھر ڊهي پيو. گل مهر جي گھر کي لت هڻندي چيو، “اڙي! هي وري ڇا گھڻو سٺو آهي؟” ۽ پوءِ مهر گل کي وارن مان جھليو ۽ واريءَ جا ٻڪ ڀري سندس مٿي ۾ وڌا. واري هن جي مٿي ۾، هن جي ڪنن ۾، هن جي اکين ۾، هن جي ناسن ۾ ۽ هن جي وات ۾ هلي وئي. ۽ هن اُن حالت ۾ وارن کي هڪ وار ڇنڊڪو ڏئي مهر کي جهلي ورتو. هاڻ هن جي رسيلن چپن جو مزو ئي ڪجھه ٻيو هو. رڳ رڳ ۾، نس نس ۾ واري جا خوشگوار ذرا هڪ عجيب ڪتڪتائي پيدا ڪري رهيا هئا.
    ۽ پوءِ لڳاتار ڏور سمنڊ جي پاڻي جي مٿان کان ٿيندو هڪ گاني جو آواز اڀريو. مهر ڪنڌ ورائي ڏٺو ته ڪناري جي اڌ گول جي الهندي ڪنڊ تي هڪ سڙهه واري ٻيڙي ظاهر ٿي چڪئي هئي. مهر ٻيڙي سڃاڻيندي چيو “عبدل اچي ويو”.
    گل جي ٻانهن جا ڏورا سيٽجي ويا. “ٺيڪ آهي”
    “نه. تون هتان هليو وڃ”
    “ڪو نه ويندس”.
    “ڏس! آئون چوان ٿي هن وقت صحيح ناهي. آئون خون خرابو نٿي چاهيان”.
    “ڪو نه ويندس”
    مهر، گل جي وارن ۾ آڱريون ڦيريندي چيو، “ مهر اڄ تائين ڪنهن جي نه ٿي سگھي، پر اڄ کان هوءِ تنهنجي ٿي ويندي”.
    گل مهر ڏانهن ڏسندو رهيو. “سچ ٿي چئين؟”.
    مهر چيو، “پڪ ڪري وٺجانءِ، هاڻي هتان هليو وڃ”.
    مهر چيو “ترس... ترس”.
    رات جي خاموشي ۾ مهر جي آواز جي آواز جي گونج جيئن ئي سانت ٿي ته پوءِ عبدل جو گيت اُڀري آيو. هي گيت ان مڇي جو معلوم ٿيو ٿي جنهن جي ڳلي ۾ ڪنڊي ڦاسي پوي ۽ ڳلي مان نڪرڻ کان انڪار ڪري .
    مهر روئڻ لڳي.
    گل چيو، “روئين ڇو ٿي؟” هو پنهنجن ساٿين سان رلي ملي ويو آهي. اڄ چانڊوڪي رات آهي. اڄوڪي ڏينهن ڳوٺ وارا وچ سمنڊ ۾ ڄار وجھندا آهن ۽ مڇيون جهليندا آهن. هو صبح جو سڀني سان گڏ واپس اچي ويندو. ڏسي وٺجانءِ”.
    پر عبدل صبح جو سڀني سان گڏ واپس نه موٽيو. سڄي رات هو پنهنجن ساٿين سان مڇيون پڪڙيندو رهيو ۽ گيت ڳايندو رهيو ۽ سڀني کي کلائيندو رهيو. اڄوڪي رات هن جي ڄار ۾ تمام گھڻيون مڇيون آيون هيون. کوڙ ساريون، تازيون، جسم ۾ ڀريل ۽ خوبصورت مڇيون. انهن مهاڻن تمام گھڻي وقت کانپوءِ ايتريون مڇيون ماريون هيون. هو سڀ تمام گھڻو خوش هئا. صبح جي وقت جڏهن سڀ مهاڻا موٽڻ لڳا ته عبدل چيو، “آئون دير سان ايندس، توهان هلو”. عبدل پنهنجون مڇيون مهر لاءِ ڏنيون. “هي سڀ هن کي ڏجو.” ان ۾ ڪا حيرت جي ڳالهه به نه هئي جو ڪنهن کي شڪ ٿئي. ۽ پوءِ سڀني کان جدا ٿي سمنڊ جي ان حصي ۾ هليو ويو، جنهن لاءِ چيو ٿي ويو ته اتي وڏي وڏي طوفان جي وقت ۾ به، لهرون ساڪن رهن ٿيون ۽ جنهن جي اندر مڇين ڪنول جي گل جيان گھيرو ٺاهي رکيو آهي. مهاڻا ڪڏهن به اوڏانهن ناهن ويندا ۽ نه ئي انهن ڪڏهن ان جڳهه کي ڏٺو آهي. صرف پنهنجي وڏڙن کان ٻڌو آهي ته، الهندي ڪناري کان ٻه ميل اندر وچ سمنڊ ۾ اها جڳھه آهي، جتي ماٺي سمنڊ جي اندر هڪ خوفناڪ ڪن اهي. جنهن ۾ مڇيون ڪنول جي گل جيان دائرو ٺاهي گھمنديون آهن.
    عبدل هليو ويو. هو صبح جو واپس ڪونه آيو. هو ٻن پهرن جو به ڪونه موٽيو. شام جو هن جو لاش ڪناري سان اچي لڳو. ڳوٺ وارن ان کي کڻي پنهنجي قبرستان ۾ دفن ڪري ڇڏيو.


    بي داغ فولاد

    دادر کان هو بس نمبر ڊي ۾ سوار ٿيو ۽ بس جي مٿيئن فلور تي جتي آئون ويٺل هئس، سهڪندو سهڪندو اچي منهنجي ڀر سان خالي سيٽ تي ويهي رهيو. هن جي اچڻ کان اڳ منهنجي ڀر واري سيٽ تي هڪ ڇوڪري ويٺل هئي، ڪولابي جو ٽڪيٽ ورتو هو ۽ در اصل جيڪا ايماني ڳالهه آهي، سا اها آهي ته ڇوڪري ايتريقدر حسين هئي جو مونکي به ڪولابي جو ٽڪيٽ وٺڻ گھرجي ها. پر هن زندگي جي هلندڙ بس لاءِ ڇا چئجي؟ جنهن ۾ هونءَ هر مسافر منهنجو ساٿي آهي، محبوب آهي، ڀاءُ آهي، ڀيڻ آهي، مڙس آهي، زال آهي، ماءُ آهي، پيءُ آهي، پٽ آهي، پڦڙ آهي يا چاچو آهي، دوست آهي، غمگسار آهي، پر ان ۾ هر شخص جي منزل الڳ آهي. هتي هر شخص واري واري سان بس جي اندر اچي ٿو، واري سان پنهنجو ٽڪيٽ ڪٽائي ٿو. هڪ ٻه لوڏا ۽ پوءِ بس اڳيان هلڻ لڳي ٿي. ڪير نٿو پڇي ته ڪير هئين؟ ڪٿان آيو هئين؟ ڪيڏانهن وين؟ ڇا تنهنجو منهنجو ساٿ فقط ايترو هو؟ ڇا تنهنجي وارن جي ايتري ئي خوشبوءِ؟ تنهنجي نگاهن جي ايتري ئي گرمي؟ تنهنجي مرڪ جي ايتري ئي نزاڪت اسان جي هئي؟ ٻه لوڏا ۽ ساهه گم! بس انهيءَ لاءِ مون گرانٽ روڊ جو تڪيٽ ورتو هو. بس ڪنديڪٽر نهايت ادب سان جھڪي هن کي ٽڪيٽ ڏنو هو. پر منهنجي طرف مڙندي ئي هن جي مسڪراهٽ ڄڻ پاڻي تي ڄميل سينور جيان ڦاٽي پئي هئي.
    “ڪٿي جو ٽڪيٽ؟ هن روزمره جي واپاري لهجي مان پڇيو.
    “گرانٽ روڊ جو”
    “ٽي آنا ڏي”
    “هان هي وٺ ٽي آنا”
    هڪدم ٽڪيٽ ڪٽجي ويو. قصو ختم. بس ڪنڊيڪٽر اڳيان وڌندو ويو، هن جي پيشاني تي هاڻ اهو نور نه رهيو هو، جيڪو اُن خوبصورت ڇوڪري جي ڏسڻ سان اُڀريو هو. خوبصورتي جو احساس ته جانورن کي به ٿيندوآهي. پر بس ڪنڊيڪٽر ڇا ٿي ڪري سگهيو، هو ته مشين جيان ڪم ڪرڻ لاءِ مجبور هو. آخر ڪار هو به ته هڪ انسان آهي!. ڪڏهن نه ڪڏهن ته هن جي چهري تي به اها نگاهه ٽڙي اُٿي ٿي، جيڪا گل جيان خوشبوءِ سان مهڪندي آهي. بس ڪنڊيڪٽر به اهو ئي ڪجھه ڪيو هو. هن اُها نگاهه مون تي ضايع نه ڪئي. مون وٽ پهچڻ کان پهرين، هن جي نگاهه جو شرميلو لهجو انتهائي مهذب طريقي سان ادا ٿي رهيو هو، “او خوبصورت ڇوڪري! افسوس جو بس صرف ڪولابي تائين وڃي ٿي. ۽ جيڪڏهن ان کي اڳيان وڃڻ جي اجازت مليل هجي ها ته اوستائين وڃي ها، جتي تنهنجو گھر آهي ۽ آئون اتي جو ٽڪيٽ ڪٽيان ها. هن بس ڪنڊيڪٽر جي ادا ڏسي، مونکي زندگي جي سڀ کان وڏي بس ڪنڊيڪٽر جو خيال آيو، جيڪو واري واري سان هر مسافر کي، ان جي منزل تي لاهي ڇڏي ٿو مون سوچيو، “موت ضرور هڪ عورت آهي، موت جيڪڏهن مرد هجي ها ته ڪڏهن به ڪنهن خوبصورت عورت جي جان نه وٺي. صرف هڪ عورت ئي ريس ۽ حسد ۾ وٺجي ايئن ڪري سگھي ٿي”.
    هاڻي اها ته ڄاڻ ناهي ته موت مرد آهي يا عورت، بهرحال اُهو ماڻهو جيڪو داد رتي منهنجي ڀرسان اچي ويٺو هو اُهو يقينن مرد هو ۽ ان جي ويهڻ سان ئي هن جي ڳري ۽ موٽي جسم جي اوٽ ۾ اها ڇوڪري لڪي وئي ۽ آئون ان کان پوءِ هن کي ڏسي نه سگھيس. ها جيڪڏهن منهنجي ڳچي ڊگهي هجي ها ۽ ايتري لچڪيدار هجي ها جو اڳيان پويان آساني سان گھمي سگھي ها، ته آئون ان کي ضرور ڏسي سگھان ها. اهڙن موقعن تي منهنجي دل چاهيندي آهي ته ڪاش آئون انسان نه هجان ها، سارس هجان ها، زراق هجان ها، شترمرغ هجان ها. جيڪڏهن هجان ها ته ڇا ٿئي ها؟”
    پر هن ٿلهي ماڻهو مونکي زياده سوچڻ جو موقعو نه ڏنو. ڪجھه گھڙين لاءِ هن بس ۾ هيڏانهن هوڏانهن نظر ڦيرائي ۽ پوءِ منهنجي طرف ڏٺائين ڄڻ ڪو ماڻهو ٽين منزل تان ڪنهن جيت کي ڏسي. مون ڇرڪ ڀري پنهنجي ڪمزور ۽ ٽيڙهي ڳچي جي چوگرد ڦاٿل ڪالر ۽ پراڻي ٽاءِ کي ٺيڪ ڪيو. اصل ۾ مون هن جي نگاهه کان پري ڀڄڻ چاهيو ٿي. آئون گرانٽ روڊ جي هڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ استاد آهيان. تاريخ، جاگريافي ۽ علم نباتات پڙهائيندو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن علم شهريت، حساب ۽ انگريزي به پڙهائيندو آهيان. پگھار پنجاهه رپيا آهي، جڏهن ته رسيد پنجٽيهه رپين جي ڪاٽي ويندي آهي. ٽيهن سالن کان انهي اسڪول ۾ انهي ئي پگھار تي ڪم ڪري رهيو آهيان.
    اخلاقن منهنجو شمار انسانن ۾ ٿئي ٿو، جيتري قدر آمد و رفت جو تعلق آهي مونکي علم نباتات ۾ شامل ڪري سگھو ٿا ۽ پگھار جي اعتبار کان منهنجو تعلق جمادات سان آهي. ڪلاس جي اندر شاگردن جون ڌمڪيون سهندو آهيان ۽ ڪلاس کان ٻاهر هيڊ ماستر، مئنيجر ۽ زال جون ڇڙٻون سهندو آهيان. جيئن ته منهنجو روزانه ان قسم جي نگاهه سان واسطو پوندو آهي، انهي ڪري ان نگاهه کي آئون هر جڳهه تي سڃاڻي وٺندو آهيان. هن وقت به مون ان نگاهه کي هڪدم سڃاڻي ورتو، جيڪا ڄڻ مونکي چئي رهي هجي “اڙي ذليل، ڪميڻا، ڏٻرا، غربت جا ستايل انسان! تنهنجي اها مجال جو اهڙي طرح مونسان گڏ منهنجي ڀر سان سِيٽ ٿو ويهين؟”
    انهي نگاهه جي جواب ۾ مون مسڪرائي ڏنو. تمام گھڻي ڦِڪي ۽ ڇسي مرڪ؟ پنهنجو پاڻ تي شرمنده ٿيندڙ مسڪراهٽ هئي. اها ڄڻ هٿ ٻڌي ان شخص کي چئي رهي هئي، “رهڻ ڏي ڀاءُ!، مون سان ڇو ٿو اٽڪين؟ هڪ غريب ماڻهو آهيان، ويٺو آهيان، ويٺو رهڻ ڏي. گرانٽ روڊ تي لهي ويندس. تنهنجو ڇا کنيو اٿم؟ اهڙي طرح گھوري ڇو ٿو ڏسين؟ ٺيڪ آهي آئون اڃان پري هٽي ٿو ويهان!”
    آئون ڪجهه ڪونه ڪڇيس پر پنهنجي سيٽ تي اڃا به سوڙهو ٿي ويٺس ۽ اهو شخص ان لحاظ سان ڄڻ اڃا به ڦهلجي ويٺو. هن پنهنجون ناسون ڦونڊي مونکان پڇيو، “ڇا ٽائيم ٿيو آهي؟”
    مون نهايت مسڪين لهجي ۾ چيو، “جي! مون وٽ گھڙي ڪونهي.” ۽ هن ماڻهو ۾ آڪڙ ۽ غرور جو مقدار اڃا وڌي ويو، ايئن جيئن شگر جي مريض ۾ کنڊ جو مقدار وڌي ويندو آهي. هن هٿ جي اشاري سان ڪنڊيڪٽر کي پاڻ وٽ سڏي ورتو ۽ ان کان ٽائيم پڇيو. ڪنڊيڪٽر ٽائيم ٻڌايو ته هن پنهنجي سون جي گھڙي سان ٽائيم ڀيٽيندي چيو “تنهنجي گھڙي غلط آهي”.
    “هوندي جناب”
    “هوندي نه پر آهي” هن فيصلي ڪن لهجي ۾ چيو، “تون بس جو ڪنڊيڪٽر ٿي ڪري صحيح ٽائيم نٿو رکين. انهي ڪري ته بسون ليٽ ٿين ٿيون. هي بس به دادر جي اسٽاپ تي پنج منٽ ليٽ پهتي آهي. توهان ماڻهن کي مسافرن جو قطعي خيال ناهي. توهان کي اندازو آهي ته ان سان اسان جو ڪيترو نقصان ٿئي ٿو؟”
    “اهو به ته خيال ڪريو” ڪنڊيڪٽر چيو، “اڄ ڪلهه برسات جو زمانو آهي، ڏينهن رات برسات ٿيندي رهي ٿي. جيڪڏهن اسان صحيح اسپيڊ سان گاڏي هلايون ته ڪر ڪيترا نه حادثا ٿين. ٽائيم کان پنج منٽ پوءِ پهچو ٿا، پر گھر ته پهچي وڃو ٿا، سيٺ صاحب!”
    ڪنڊيڪٽر جي ان ڳالهه تي ڪجھه ماڻهن مسڪرائي ڏنو، آئون ته مسڪرائڻ جي جرئت به نه ٿي ڪري سگھيس. ڇو جو اهو ماڻهو منهنجي بلڪل ڀرسان ويٺل هو. ڪنڊيڪٽر جو جواب ٻڌي هن ماڻهو جي تسلي ڪونه ٿي. هن ڪنڌ کي لهمائيندي چيو، “تيز ڇو نٿا هلو؟ “
    “يقينن هلي سگھون ٿا پر رودن جي حالت ڏسو ٿا؟ ٻارهن ٻارهن انچن جا کڏا، گاڏي جو ايڪسل به ٽٽي پوي، جيڪڏهن تيز هلي.” هوڏانهن مانٽگا کان دادر ايندي منهنجي گاڏي جو ايڪسيڊنٽ ٿي پيو. سيٺ چيو، جتي ڏسو اڄ ڪلهه بي ايماني جو راچ آهي. پهرين روڊن جي مٿان متي جي ڀرائي ڪري سٺي نموني روڙي بجري وجھي مٿان چڱي ريت ڏامر لڳائي ڪارپيٽ ڪيو ويندو هو ۽ هاڻي مڙوئي ڀرائي ڪري نالي ڏامر هڻي ڪم ٽپايو ٿو وڃي. پوءِ ڇهن مهينن ۾ روڊ ٽٽيو وڃي. ٺيڪدارن جا مزائي مزا آهن. شريف ماڻهن جي گاڏين جو ٻيڙو ٻڏيو وڃي، بس هتي جيڪو به آهي، چور آهي، بي ايمان آهي، لٽيرو، ٺڳ ۽ دوکيباز آهي”.
    اُن کانپوءِ هن ڀڻ ڀڻ ڪندي اڃا به ڪافي گاريون ڪڍيون. هو نهايت ئي خفا نظر آيو ٿي. هن جو رنگ سانورو هو ۽ منهن تي ماتا جا داغ هئس. هن جاوار ڪارا ۽ ڀرون گھرا ۽ گھاٽا هئا. هن جو منهن ڀريل هو ۽ جسم پڻ ڀريل هئس. چيلهه کان هيٺ هن اهڙي سنهي ڌوتي پائي رکي هئي جو هن جي رڇ جهڙي ٽنگ جو هڪ هڪ وار نظر آيو ٿي. ڪنڊيڪٽر هن کان پڇيو، “ڪٿي جو ٽڪيٽ کپي؟”
    “بامبي سينٽرل”
    “اڍائي آنا”.
    سيٺ پنهنجو وڏو ٻٽون کوليو. وڏو ۽ ويڪرو ٻٽون. هن ٻٽون کان ته منهنجو گھر ننڍو هو، جنهن ۾ هڪ زال، پنجن ٻارن ۽ پوڙهي پُڦي سان رهندو هئس. مار! ڪيترا نه هن ۾ ڪمرا هئا. هڪڙو هزار جي نوٽن سان ڀريل هو. هڪ ڪمرو سور رپين جي نوٽن لاءِ هو. هڪ ڪمرو ڏهن رپين جي نوٽن لاءِ، هڪ ڪمرو پنجن رپين جي نوٽن لاءِ. هڪ ڪمري ۾ ريزو (کليل سڪا) هئا. هڪ ڪمري ۾ ضروري ڪاغذ پيل هئا. ٻٽون جي وچ ۾ ريشم جي ڏوري هئي. هي نوٽن سان جڳمڳائيندڙ ٻٽون هڪ عاليشان محل جيان خوبصورت هو. آئون ته هن کي ڏسندو ئي رهجي ويس، ايئن جيئن اُن حسين ڇوڪري کي ڏسندو رهجي ويو هئس، جيڪا هاڻ منهنجي نظرن کان اوجھل ٿي چڪي هئي. آئون دل ئي دل ۾ حساب ڪرڻ لڳس. ٽيهه سال مون اسڪول ۾ ڪم ڪيو. سال ۾ ٻارهن مهينا هوندا آهن ته ٽيهن سالن ۾ ٽي سئو سٺ مهينا ٿيا. هر مهيني جو پگھار پنجاهه رپيا ته مونکي هاڻي تائين ڇا مليو؟ ٽيهه هزار ڇهه سئو رپيا. ان کان وڌيڪ رقم ته سيٺ ٻٽُون ۾ کڻي گھمي ٿو. منهنجي پوري زندگي ٻٽون ۾ هئي. سيٺ ريزي جي خاني مان اڍائي آنا ڪڍيا ۽ ڪنڊيڪٽر کي ڏنا ۽ پوءِ ٻٽون بند ڪري پنهجي کيسي ۾ رکي ڇڏيو. ۽ مون مسلسل پاڻ کي هن جي کيسي ۾ اندر ويندو محسوس ڪيو ۽ آئون هڪدمن ان نگاهه جو مطلب سمجھي ويس. ٻاهريون مطلب نه پر اندر جي گھراين ۾ سماج جو لڪل اهو مجرمانه راز، جيڪو هتي هر ڪتاب پنهنجي شاگرد، اخبار پنهنجي پڙهڻ واري ۽ هر حاڪم پنهنجي محڪوم کان لڪائيندو آهي. تون منهنجي کيسي ۾ آهين؟ تون منهنجي کيسي ۾ آهين!، ٻٽون اندريئين کيسي ۾ رکي هن شخص مون ڏانهن نهاريو ۽ پڇيو،
    “ڪٿي ڪم ڪندو آهين؟”
    “گرانٽ روڊ تي هڪ خانگي اسڪول ۾ استاد آهيان”.
    “استاد ٿي ڪري گھڙي نٿو رکين؟ ته پوءِ تون مقرر وقت تي ڪيئن اسڪول ويندو هوندين؟ صحيح وقت تي ڪيئن شاگردن کي پڙهائيندو هوندين؟ پر ڪنهن کي چئجي؟ هن شخص منهن ڦٽائيندي چيو. حالانڪه هن جو منهن پهرين ئي ڪو گھٽ بڇڙو ڪونه هو.
    “هتي جيڪو به آهي ٽوٽي آهي. ڪو ڪم کان جيءُ چورائي ٿو ته ڪو وقت کي چورائي ٿو. ڪنهن کي به ملڪ جو احساس ۽ خيال ناهي”.
    مون جهيڻي آواز ۾ چيو، آئون ته صحيح وقت تي گهران نڪتو هئس. ٻن بسن جي واري تي هي ٽين بس آئي ته مٿان وري برسات ٿيڻ لڳي ۽ ڊرائيور سلپ ٿيڻ جي ڊپ کان بس آهستي هلائڻ لڳو”.
    “ته پوءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ڏنڊ هڻڻ گھرجي اهڙن ماڻهن تي. مونکي ڏس! منهنجو ڪُرلا ۾ بي داغ فولاد (Stainless Steel) جو ڪارخانو آهي. اڍائي سو مزور ڪم ڪن ٿا. پر مجال جو ڪو هڪ منٽ به ليٽ پهچي. ڏنڊ هڻي ڇڏيندو آهيان. جيڪو پگهار مان ڪٽي وٺندو آهيان يا اوور ٽائيم ڪرڻ جو چوندو آهيان. منهنجي مرضي ڪنهن کي به ڪجھه چوان، ڇو ته منهنجو ڪارخانو آهي، پر هتي ڪنهن کي چوان؟” سيٺ چڙ مان پنهنجي گھڙي ڏانهن ڏٺو ۽ ان کي بامبي سيٽرل جي عمارت تي لڳل گهڙيال سان ڀيٽيو ۽ زور سان اندر ساهه کڻندي چيو، “آئون ته ڏهه منٽ ليٽ ٿي ويس. منهنجي ميٽنگ رکيل آهي”.
    “ڇا ٿو فرق پوي؟” مون خوشامدانه لهجي ۾ هن کي تسلي ڏيندي چيو “توهان سيٺ صاحب آهيو، جتي به ويندا ماڻهو اوهان جو انتظار ڪندا”.
    “انتظار ۾ به وقت ضايع ٿئي ٿو مسٽر!” سيٺ مونکي حقارت مان ڏسندي چيو، “مونکي منهنجي ڪاروبار ۾ هر منٽ تي پنجن رپين جو فائدو ٿئي ٿو. ڏهه منٽ بيڪار ويا ته سمجھه پنجاهه روپيا ويا. وقت پئسو آهي مسٽر!”
    وقت متعلق انسان جا مختلف نظريا آهن.وقت پئسو آهي. وقت دنيا جهان جي چوٿين حد آهي. وقت ڪائنات جو فريم آهي. وقت شعور جي ڌارا آهي، جيڪو ماضي حال ۽ مستقبل جي چوڌاري هڪ دائري جي شڪل ۾ رات ڏينهن ڊگھي اوسيئڙي جيان آهي. يا وقت ڪنهن جي لاءِ وصال جي پهرين چمي ته وري ڪنهن لاءِ آخري هڏڪي. ڪنهن لاءِ تخت آهي ته ڪنهن لاءِ ڦاسي جو تختو. پر اهي تفسير غلط آهن. وقت هڪ ٻٽون آهي جنهن ۾ هڪ استاد جي ٽيهن سالن جي زندگي جا پل قيد آهن!!
    مون انتهائي حسرت ڀرئي لهجي ۾ سيٺ کان پڇيو، “سيٺ صاحب! هي بي داغ فولاد (Stainless Steel) ڇا هوندو آهي جنهن مان تون في منٽ پنج رپيا ڪمائين ٿو؟”
    “تون استاد ٿي ڪري اِهو نٿو ڄاڻين؟” تون ڪهڙي قسم جو استاد آهين؟ ڇا پڙهائيندو هوندين پنهنجي ساگردن کي؟ اڙي بيوقوف اهو بي داغ فولاد در اصل Stainless steel هوندو آهي. جنهن کي ڪٽ نٿو لڳي. ان مان برتن ٺاهيا ويندا آهن. هي گھڙي جيڪا تون منهنجي هٿ ۾ ٻڌل ڏسين ٿو، اِها به بي داغ فولاد مان ٺهيل آهي. ان جو رنگ ڪڏهن خراب نه ٿيندو ڀلي مٽي ۾ رکي ڇڏيوس. بي داغ فولاد تي ڪنهن جو به اثر نٿو پوي”.
    “ڪمال اهي!” مون حيرت مان پڇيو، “ته ڇا صرف ٿانو ۽ گھڙيون ئي بي داغ فولاد مان ٺهن ٿيون؟”
    “نه” سيٺ منهنجي لاعلمي تي مسڪرائيندي چيو، “سوين ٻيون به شيون بي داغ فولاد مان ٺهن ٿيون”.
    “ته ان مان انسان به ٺهندا هوندا؟” مون پر اُميد ٿيندي پڇيو.
    “ڇا مطلب؟” هن ڇرڪ ڀريو.
    “اهڙا انسان جن تي ڪنهن شئي جو اثر نه ٿيندو هجي. بي داغ فولاد انسان!” مون وضاحت ڪندي چيو.
    هو منهنجي طرف حيرت مان ڏسڻ لڳو. مون هن جي گوڏن تي هٿ هڻندي چيو، “ سيٺ صاحب! تون به مونکي بي داغ فولاد مان ٺهيل انسان لڳين ٿو. اهڙو انسان جنهن ۾ ڪٿي به ڪو نقص يا خامي نه هجي. ايتري قدر ديانتدار، مضبوط ۽ وقت جو پابند. سچ ٿو چوان، جيڪڏهن منهنجي وس ۾ هجي ته تو جهڙي شخص کي هندستان جو ڊڪٽيٽر بڻائي ڇڏيان”.
    هو منهنجي ڪيل ساراهه مان ڏاڍو خوش ٿيو. چيائين، “آئون ڪر ٻن سالن ۾ هندستان جي ڪايال پلٽي ڇڏيان. سڄو ملڪ ڪارخاني جي طرح ڪم ڪرڻ لڳي. انسان مشين جي طرح هلڻ لڳي. آئون ته ٻن ڏينهن ۾ سڀني کي ٺيڪ ڪري ڇڏيان. پر ڇا ڪريان!؟ اڄ ڪلهه جتي ڏسو ’عوامي راڄ، عوامي راڄ‘ جي بڪواس ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. ’عوامي راڄ.....‘ ايتري ۾ گرانٽ روڊ جو اسٽاپ اچي ويو. آئون اُتي لهڻ لڳس. هو به بس مان اتي لهي پيو. هڪدم مونکي ڪجھه ذهن ۾ آيو. مون پويان وارائي کيس چيو، “سيٺ صاحب! توهان مونسان ڳالهيون ڪندا غلطي سان گرانٽ روڊ تي لهي پيا آهي. حالانڪه توهان کي گذري ويل اسٽاپ بامبي سينٽرل تي لهڻو هو.”
    هن کلندي چيو “ اصل ۾ مونکي گرانٽ روڊ تي ئي لهڻو هو. آئون هر روز اتي ئي لهندو آهيان. اڍائي آني ۾ ٽڪيٽ بامبي سينٽرل اسٽاپ لاءِ وٺندو آهيان ۽ هتي گرانٽ روڊ تي لهندو آهيان. اهڙي طرح هر روز ٽڪيٽ مان ٻن پئسن جي بچت ٿي ويندي آهي. هتي ڀلا ڪير ٿو ڏسي؟”
    ايترو چئي هن مونکي اک ڀڳي ۽ جلدي جلدي هڪ گھٽيءَ ۾ مُڙي نظرن کان غائب ٿي ويو.


    ڪرسيءَ جي آتم ڪهاڻي

    اسماعيل ڀائي جو ڪٻاڙخانو، ڀينڊي بازار جي ويجهو، پوسٽ آفيس جي سامهون هو. جيئن ته ٻئي ڏينهن آچر تي بازار بند ٿيڻ جي ڪري ڪٻاڙخاني ۾ هر قسم جو ۽ هر دور جو فرنيچر موجود هو. اسماعيل ڀائي آڌي رات جو ڪٻاڙ خاني کي ٻاهران تالو لڳائي گهر روانو ٿيو. پر هن کي تڙ تڪڙ ۾ اندرين بتي بند ڪرڻ وسري ويئي. سؤ واٽ جي بلب جي تيز روشني ۾ ڀلا فرنيچر کي ڪيئن ٿي ننڊ اچي سگهي؟ اهو ئي سبب هو جو گهڙيال جي تجويز تي سڀني پنهنجي پنهنجي آتم ڪهاڻي واري واري سان ٻڌائڻ شروع ڪئي. جڏهن ڪتابن جي شيلف پنهنجي ڪٿا ٻڌائي پوري ڪئي ته ڪرسي چيو هاڻ منهنجي ڪهاڻي به ٻڌو.
    ليڊر جي ڪرسي پراڻي هئي. اُن جون ٽي ٽنگون ته ٺيڪ حالت ۾ هيون پر چوٿين ٽنگ تمام گندي ۽ بدشڪل هئي. شايد اصل ٽنگ ٽٽڻ کانپوءِ ڪنهن جهور پوڙهي ڪاريگر تڙ تڪڙ ۾ اها بي سُري ۽ بدزيبي ٽنگ لڳائي ڇڏي هئي. ڪرسي جي پٺ تي چمڙو لڳل هو جيڪو لڳاتار ٽيڪ ڏيڻ سبب گسي ويو هو ۽ اُنتي ليڊر جي پٺ جو نشان پئجي ويو هو. اهو نشان ايڏو وڏو هو جو اُنتي ڪير به اسانجي قومي آزادي جي جدوجهد جي تاريخ آساني سان لکي سگهيو ٿي. ڪرسي تي فٽ ٿيل مخمل جي گادي هنڌ هنڌ کان ڦاٽي چڪي هئي. ۽ اُن مان ڪپهه جا ذرڙا ٻاهر نڪري آيا هئا. ڪرسي تي ڪيل رنگ ڪافي پراڻو ٿي چڪو هو. رنگ به گهڻن نمونن جو ٿيل هو. ڪرسي جي پٺ ڪاري هئي ته وري اڳ سائي. ٽي ٽنگون ڳاڙهيون هيون ۽ چوٿين ٽنگ ڀوري رنگ جي. ڪرسي جي اها حالت ڏسي اُهو فرنيچر جيڪو هڪ ئي قسم جي ڪاٺ مان ٺهيل هو ۽ هڪ ئي رنگ جو هو ڪرسي کي ڏسي ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو. فرنيچر جي انهي رويي تي ڪرسي ڪاوڙ مان چيو “منهنجي اڄ جي حالت تي نه کلو. ڪڏهن آءٌ به توهان جيان جوان ۽ خوبصورت هئيس. بي رحم وقت منهنجي هي حالت بنائي ڇڏي آهي. ڀلا وقت ڪنهنجو ڪڏهن سدائين لاءِ ساٿ ڏنو به آهي؟ هر فرنيچر جيڪو پيدا ٿئي ٿو، جواني ماڻي ٿو. ۽ هڪ ڏينهن جهور پوڙهو ٿيو وڃي ۽ پوءِ سڙيو وڃي. اهو هن زماني جو دستور آهي.
    “سچ ٿو چوين”. پوڙهي پلنگ کنگهندي وراڻيو.
    “خير ڇڏيو انهن ڳالهين کي هاڻي منهنجي آتم ڪهاڻي ٻڌو” ڪرسي ٿڌو شوڪارو ڀريندي ڳالهايو، “ آءٌ زندگي جي انيڪ تجربن مان گذري آهيان. آءٌ هيم پور جي ڄائي آهيان. منهنجي شهر جي آبادي ستن لکن کان به مٿي ٿيندي. ڪل آبادي جو اڌ حصو مرهٽن ۽ باقي يوپي وارن تي مشتمل آهي. منهنجو شهر مڌيه پرديش جي گادي جو هنڌ آهي. پر تڏهن به هتي ڪو ڪارخانو ڪونهي. پر ها، هتي يارهن پاڳل خانا ضرور آهن.”
    “ايئن ڇو آهي؟” بجلي جي گولي سوال ڪيو.
    “جڏهن به سرڪار هتي ڪو ڪارخانو لڳائڻ جو سوچي ٿي، ته مرهٽا چون ٿا ته ڪارخانو اسانجي آبادي واري علائقي ۾ لڳڻ گهرجي ۽ يوپي وارا چون ٿا، ته نه ڪارخانو اسانجي علائقي ۾ لڳندو. اڄ کان ڪجهه وقت اڳي سرڪار هيم پور ۾ کنڊ جي ڪارخاني جي منظوري ڏني. اها منظوري وڏي جدوجهد کانپوءِ حاصل ٿي ۽ اُن لاءِ مرڪزي سرڪار سان جهڳڙو به ڪرڻو پيو. پر جڏهن ڪارخاني لڳڻ جو وقت آيو ته شهر ۾ جهڳڙو شروع ٿي ويو. يوپي وارا چيو جيئن ته ڪمند يوپي جي ڳوٺن کان ٿو اچي انهي ڪري ڪارخانو سندن علائقي ۾ لڳڻ گهرجي. جڏهن ته مرهٽن چيو ٿي ته، جيئن ته ڪارخاني ۾ مزدوري ڪندڙ مرهٽا هوندا، انهي ڪري ڪارخانو سندن علائقي ۾ لڳڻ گهرجي. نتيجو اهو نڪتو ته شهر ٻن گروپن ۾ ورهائجي ويو. ٻنهي گروپن الڳ الڳ جلسا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا. شهر ۾ زبردست هڙتال ٿي. دڪان، اسڪول ۽ آفيسون سڀ بند ٿي ويون. بجلي کاتي جي ملازمن به هڙتال شروع ڪري ڏني ۽ جڏهن شهر ۾ بجلي ئي نه رهي ته ڀلا جلسا ڪٿان ٿين؟ لائوڊ ۽ مائڪرو فون خاموش ٿي ويا. تنهنڪري سٺا سٺا تقرير باز به پس منظر ۾ هليا ويا. جيئن ته شهر ۾ مڪمل هڙتال هئي ۽ ڪاروبار ٺپ بند هئڻ سبب ماڻهو به واندا هئا، تنهنڪري کين سواءِ جلسن جلوسن جي ٻي ڪا وندر به ڪونه هئي. اهڙي حالت ۾ ماڻهن کي اهڙن ليڊرن جي ضرورت محسوس ٿي، جيڪي بنا لائوڊ اسپيڪر جي تقرير ڪري سگهن. انهن ئي حالتن هڪ اهڙو ليڊر پيدا ڪيو جنهنجي آءٌ ڪرسي آهيان.”
    ڪرسي ايترو چئي ٿوري دير لاءِ خاموش ٿي ويئي ۽ پوءِ وري پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو، “هي اُنهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، اسانجي شهر هيم پور جي تيليون محلي ۾ هڪ ڀيڪو نالي کير وڪڻڻ وارو رهندو هو. شروع شروع ۾ ته اُنجو ڪو خاص ڌنڌو ڪونه ٿي هليو، پر جڏهن کان سرڪار کير جي بجاءِ پاڻي ۾ چن، ميدو، ڪاٺ جو ٻورو مطلب ته هر سفيد شئي پاڻي ۾ وجهي، کير جي جاءِ تي وڪڻڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي، ته هنجو ڌنڌو به خوب پروان چڙهيو. هونئن ڀيڪو نهايت شريف ماڻهو هو. کيس ٻين جي بي ايماني سان ڪو به سروڪار نه هو. پر ڀيڪو کي تڏهن ڏاڍو ڏک رسيو، جڏهن سندس ڇوڪرو گوبندي اٺين درجي ۾ ناپاس ٿي گهر جهلي ويئي رهيو. “اٺين درجي ۾ ناپاس ٿي به کير وڪڻان؟ ائين قطعي ڪونه ٿيندو.” گوبندي جي انڪار تي جڏهن ڀيڪو کيس مارڻ لاءِ اُٿيو ته گوبندي به لٺ کڻي سندس سامهون ٿيو. گوبندي جو قد ڇهن ڦٽن کان به مٿي هو. هن جي نڪ جون ڦونٽيون وڏيون ۽ ڳلون اندر کتل هيون جنهنڪري سندس ڪلها وڌيڪ مضبوط ڏسڻ ۾ آيا ٿي. هن جون اکيون ڪاريون ۽ چونچيون هيون. اکين جي مٿان ڀنئور جهڙن ڪارن ۽ گهاٽن ڀرون جي ڪري اکين ۾ چمڪ اڃان به وڌيڪ ڏيکائي ڏني ٿي. هنجي پيشاني ننڍي ۽ ٻاهر نڪتل هئي ۽ چپ تمام وڏا هئس. سندس وات ڪافي وڏو هو، پر اُن کان به وڏو هو سندس آواز- هو جڏهن ڳالهائيندو هو ته ايئن لڳندو هو ڄڻ ته سندس گلي ۾ ڪنهن لائوڊ اسپيڪر لڳائي ڇڏيو هجي. هن جو لکڻ پڙهڻ ۾ من قطعي ڪونه ٿي لڳو. هو اٺين درجي ۾ ست ڀيرا ناپاس ٿي چڪو هو ۽ اٺين ڀيري وري اٺين درجي ۾ داخلا وٺڻ جو سوچي رهيو هو، جو ڀيڪو کيس اسڪول مان اُٿاري ورتو ۽ هنجي کير وڪڻڻ کان ناڪار تي، کيس جمن ٻيڙي فروش وٽ ٻيڙيون وڪڻڻ تي لڳائي ڇڏيو. جمن ٻيڙي فروش جي اصلي بنارسي تماڪ واري پهريون نمبر ٻيڙي اُنهن ڏينهن سڄي شهر ۾ ڏاڍو وڪامندي هئي جنهنجو تماڪ، پراڻي سڙيل گاهه، ڊاک ۽ گيدوڙي جي پنن کي ڪٽي پاڻ ۾ ملائي تيار ڪيو ويندو هو. جمن ٻيڙي فروش گوبندي کي ٻه رپيه ڏهاڙي جي حساب تي پاڻ وٽ ملازم ڪري رکي ورتو. سندس ڪم اهو هو ته هو شهر جا ٻه چار ڇورا هٿ ڪري، گاڏي تي مختلف گهٽين ۽ پاڙن ۾ هوڪا ڏئي ماڻهن کي جمن جي اصلي تماڪ مان ٺهيل ٻيڙي وٺڻ ڏي مائل ڪري. گوبندي کي اهو ڌنڌو ڏاڍو وڻيو. هڪ ته هن کي پنهنجي آواز کي استعمال ڪرڻ جو سٺو موقعو ملي ويو ۽ ٻيو ته سندس مٿي تي ترڪي ٽوپي هٿ ۾ گهنڊ ۽ وري پويان ڇورن جي لشڪر هنجي هلڻي ئي ڦيري ڇڏي هئي. هنکي اهو ڪم پنهنجي مزاج وٽان لڳو ۽ ڏاڍو پسند آيو. هوڏانهن ڀيڪو به ڏاڍو خوش هو جو سندس ڇورو ڌنڌي سان لڳي ويو هو. هڪ ڏينهن جڏهن هو چيلا پٽي لائن جي ناڪي تي بيهه پنهنجي گرجندڙ آواز ۾ ٻيڙيون وڪڻي رهيو هو ته، پريان کان يوپي وارن جو هڪ جلوس ڏيکائي ڏنو جيڪو ، “کنڊ جو ڪارخانو اسانجو آهي”، جا نعرا هڻندو گهوڙا ميدان ڏانهن جلسو ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو هو. جلوس ۾ شامل ماڻهو نعرن مٿي نعرا هڻي رهيا هئا “کنڊ جو ڪارخانو اسانجو آهي”
    ۽ گوبندي زور سان هوڪو ڏيڻ شروع ڪيو.
    “نمبر ون ٻيڙي اسانجي آهي.”
    جلوس جي وڏي آواز تي به گوبندي جو آواز حاوي پئجي ويو. ماڻهو حيرت مان ڏانهس ڏسڻ لڳا ۽ اڳتي وڌڻ لڳا. ٿوري دير کانپوءِ جڏهن جلوس اڳتي نڪري ويو ته گوبندي ڇا ٿو ڏسي ته جواهرڪٽ واسڪوٽي ۽ ڌوتي پاتل ٻه ماڻهو هن ڏي ڏسي پاڻ ۾ سس پس ڪري رهيا هئا. ۽ ٿوري دير رکي اُهي ٻيئي ماڻهو هنجي ويجهو آيا ۽ چوڻ لڳا. “ڇاتون ٻيڙين وڪڻڻ جو ڪم ڪندو آهين؟ ڀلا ديس جي به خدمت ڪرڻ چاهيندين يا.........؟”
    “ٻيڙين وڪڻڻ ۾ مونکي ٻه روپيه روزانه ملن ٿا. ڀلا ديس جي خدمت ۾ ڇا ملندو؟” گوبندي جلدي مان پڇيو.
    “پنج روپيه روزانه.”
    “مونکي ديس جي خدمت منظور آهي.” ٻنهي ماڻهن گوبندي سان هٿ ملايو ۽ هنجي پٺي ٺپري .پوءِ گوبندي کائن سوال ڪيو. “ڀلا اهو ته توهان مونکي ٻڌايو ڪونه ته مونکي ڪم ڪهڙو ڪرڻو پوندو؟”
    اُنهن مان هڪڙي همراهه جنهن جي جواهرڪٽ واسڪوٽي ٻئي همراهه کان قيمتي هئي، واسڪوٽي جي کيسي ۾ هٿ پائيندي وراڻيو ،”اڄ رات توکي گهوڙا ميدان ۾ تقرير ڪرڻي پوندي.”
    “نمبر ون ٻيڙي جي حمايت ۾؟” گوبندي سوال ڪيو.
    “نه کنڊ جي مل يوپي وارن جي آهي، انهي ڳالهه جي حمايت ۾”
    “پر مونکي ته تقرير ڪرڻ اچي ئي ڪونه”.
    “تون انهي ڳالهه کي ڇڏي ڏي ته توکي اُتي ڇا چوڻو آهي. اهو سڀ اسانجو ڪم آهي. اسانکي فقط تنهنجي آواز جي ضرورت آهي.”
    ۽ اها هئي به سورهن آنا سچي ڳالهه. بجلي نه هئڻ سبب لائوڊ اسپيڪر ڪونه ٿي هلي سگهيا. مجموعو آهستي ڳالهائڻ وارن جي تقرير کان جلد ئي بور ٿي ٿي پيو. انهي لحاظ کان گوبندي جو ڪڙڪ ۽ گجندڙ آواز ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ لڳو، ۽ وري گوبندي کي به پنهنجو آواز ڏاڍو وڻندو هو ۽ هن چاهيو ٿي ته، هو اُن کي سدائين ٻڌندو رهي. اهو ئي سبب هو جو هو سيکاريل تقرير کانسواءِ پنهنجي طرفان به ٻه اکر وڌيڪ ڳالهائي ويو. هن ساڳئي وقت ماڻهن کي پاڻ ڏانهن توجهه ڏيارڻ لاءِ تقرير ۾ پنهنجي طرفان ٻه ٽي لطيفا به هڻي ڇڏيا جن تي جلسي جي ماڻهن کيس خوب داد ڏنو. مطلب ته اُن ڏينهن وارو جلسو ڏاڍو ڪامياب ويو. جواهر ڪٽ واسڪوٽي پاتل همراهه جنهن جي نالي جي هن کي پوءِ خبر پيئي ته هو ڪالي چرن ورما هو ۽ شهر جو ميونسپل ڪمشنر هو، هن جي پٺي ٺپريندي چيو “گوبندي اڄ کان تون ليڊر بنجي ويو آهين!”
    گوبندي خوشي مان نه سمائيندي وراڻيو، “ٻڌو اٿم ته هر ليڊر وٽ هڪ ڪرسي هوندي آهي. منهنجي گهر ۾ ته اها ڪانهي.”
    اُن ئي ڏينهن ڪالي چرن ورما مونکي گپتا فرنيچر مارٽ تان خريد ڪيو ۽ آءٌ گوبندي جي گهر پهچائي ويس. گوبندي مونتي پهريون ڀيرو ويهي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ پنهنجي پي ماءُ ۽ ڀاءُ ڀيڻ جي سامهون ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي وڏائي مان چوڻ لڳو، “پورن پنج هزار ماڻهن جو مجموعو هو. ماڻهن مونکي هار پهرايا، زنده باد جا نعرا هنيا ۽ هاڻ مان ليڊر ٿي ويو آهيان. بابا سچو پچو ليڊر.”
    منهنجو پيءَ جيڪو اڃا هاڻي ئي مينهن جو کير ڏهي آيو هو. پريشاني مان پنهنجي پٽ ڏانهن ڏسڻ لڳو ۽ پوءِ کير جو ڊم پاڻي جي نل هيٺان رکي ڇڏيو ۽ پريشان ٿيندي چيو،” پٽ ليڊري ۾ ڇا رکيو آهي؟، بسچئن ڏينهن جو چٽڪو آهي ۽ پوءِ نه هوندو بانس نه وڄندي بانسري. ليڊري جو ڪهڙو بقا؟ اُنجي مقابلي ۾ اسانجو خانداني ڌنڌو وڌيڪ بهتر آهي. کير ۽ پاڻي پاڻ ۾ هڪ دفعو ملڻ کانپوءِ ڪڏهن به جدا ڪونه ٿا ٿين.” ڀيڪو دير تائين ڊم ۾ پوندڙ پاڻي جي لارڏي ڏسندو رهيو ۽ جڏهن ڊم ڪناڪن ڀرجي چڪو ته هن اهو ڊم هٽائي پيو ڊم ڀرڻ لاءِ رکي ڇڏيو.
    گوبندي انڪار ۾ ڪنڌ لو ڏيندي چيو، “بابا! جيڪو ڌنڌو تون ڪرين ٿو اُن ۾ عزت ناهي. آءٌ اهڙو ڪم نٿو ڪري سگهان. آءٌ ته بس اُهو ڌنڌو ڪندس جنهن ۾ عزت ٿئي. ۽ ڀلا ليڊري کان مٿي ٻيو ڪهڙي ڌنڌي ۾ ايڏي عزت آهي؟” ڀيڪو چپ ٿي ويو. سندس پٽ صحيح چيو ٿي.
    گوبندي جي ڪن ڦاڙ آواز يوپي وارن جي مخالفن کي ٽوٽا چٻائي ڇڏيا. اُنهن جي جلسي ۾ ماڻهن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌندو ويو. نيٺ هڪ ڏينهن “کنڊ جي مل مرهٽن جي آهي،” جي تحريڪ جو صدر بابو همت رائو، رات جو ڏهين بجي گوبندي جي گهر آيو. گوبندي مون تي پلٿي ماري گهروارن تي رعب وجهي رهيو هو.
    همت رائو پڇيو، “يوپي وارا توکي ڪيترو معاوضو ڏيندا آهن؟”
    “پنج روپيه هڪ تقرير جا.”
    “اسين توکي ڏهه رپيه ڏينداسين. ٻڌائي اسان لاءِ ڪم ڪندين؟”
    “ڇو نه ڪندس.” گوبندي خوش ٿيندي چيو “يوپي وارا پنج رپيا ڏين ٿا. اُن کا پهرين بنارسي تماڪ واري ٻيڙي نمبر ون وارا فقط ٻه رپيه روزانه ڏيندا هئا. توهين ڏهه رپيه ڏيو ٿا. منهنجو مٿو خراب ٿيو آهي جو اوهان وٽ ڪم نه ڪريان؟”
    انهي ڏينهن کان گوبندي “کنڊ جي مل مرهٽن جي آهي” وارن لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. اُهي ئي تقريرون، اُهو ئي گجندڙ آواز، اُهوئي گوبندي. فرق صرف اهو هو ته پهرين جتي يوپي وارن جو ذڪر ايندو هو اُتي مرهٽن جي حمايت جي ڳالهه ٿيڻ لڳي. بابو همت رائو گوبندي جو ڪافي حوصلو وڌايو. ڀريل جلسن ۾ سندس تعارف شري گوبند رام چئي ڪرايو ۽ کيس حقيقت پسند ۽ انصاف پسند جي لقبن سان نوازيو. هاڻي گوبندي نه پر گوبند رام جي چوڻ تي، همت رائو هن لاءِ هڪ ميز به خريد ڪئي، جيڪا منهنجي سامهون رکي ويئي. منهنجي پٺ تي هڪ اعليٰ قسم جي نرم ڪپڙي جو پوش چاڙهيو ويو. جيڪو هن وقت تائين اوهين ڏسي سگهو ٿا. هاڻي گوبند رام مونتي ويهي ٽنگون ميز مٿي لوڏيندي گهر وارن سان پنهنجي ڪاميابي جون ڳالهيون ڪندو هو ۽ محلي وارن تي رعب جهاڙيندو هو. پاڙي وارا به هن کان ڊڄڻ لڳا هئا ۽ هنجي عزت ڪرڻ لڳا هئا.
    گوبند رام جي ليڊري چمڪڻ لڳي. پهرين يوپي وارن ۽ پوءِ مرهٽن جي لاءِ ڪم ڪرڻ سبب سندس شهر ۾ چرچو عام ٿي ويو. هڪ ٻه دفعا ته ايئن به ٿيو جو شام جو يوپي وارن ۽ رات جو مرهٽن جي جلسي ۾ به تقرير ڪيائين ۽ ٻنهي طرفان کان پيسه وصول ڪيائين. ۽ جڏهن ماڻهن پڇيس، ته تو هي ڇا ڪيو ته هن جواب ڏنو “ڀائي کنڊ جي مل مرهٽن جي علائقي ۾ کلي يا يوپي وارن جي علائقي ۾، کلندي ته هيم پور ۾ ئي.”
    همت رائو تڏهن به هن کي تڙي ڪونه ڏني، جڏهن شهر ۾ بجلي جي هڙتال به ختم ٿي چڪي هئي. ۽ شهر ۾ بجلي به اچي چڪي هئي. جيئن ته جلسي ۾ لائوڊ اسپيڪر ڪرائي تي کڻڻ تي پنجاهه سٺ رپين جو خرچو آيو ٿي. جڏهن ته هتي فقط ڏهن رپين جي خرچي تي هڪ عمدو انساني لائوڊ اسپيڪر هٿ ۾ اچي ٿي ويو. پر پندرنهن ويهن ڏينهن اندر گوبندي جي ليڊري سمنڊ جي گجي وانگي ختم ٿي وئي. ٿيو هينئن جو سرڪار يوپي وارن ۽ مرهٽن جي جهيڙي کان تنگ ٿي هيم پور ۾ کنڊ جو ڪارخانو نه لڳائڻ جو فيصلو ڪيو، ۽ کنڊ جي ڪارخاني لاءِ سرڪار مدراس شهر جي چونڊ ڪئي. ۽ اهڙي طرح هڪ وڌيڪ ڪارخانو هيم پور ۾ کلڻ کان رهجي ويو. پر ها انهي واقعي کانپوءِ ٻه وڌيڪ پاڳل خانه شهر ۾ کلي ويا. اُنهن کي آخر هڪ ڏينهن انهي شهر ۾ کلڻو ئي هو.
    ڪيترن مهينن تائين گوبندي بيڪار ويٺو رهيو. هو هاڻ ٻيڙي نمبر ون وڪڻي نٿي سگهيو. جيتوڻيڪ جمن ٻيڙي فروش سندس وڌندڙ شهرت سبب هنکي ٽي روپيه ڏهاڙي جي آڇ به ڏني، پر گوبندرام اُن کي سخت نفرت مان ٺڪرائي ڇڏيو. سندس پي کيس ڏاڍو سمجهايو پر هن نه مڃيو. چئي: “هاڻي آءٌ ڪو ٻيڙيون وڪڻندس ڇا؟ ڪهڙي ٿا ڳالهه ڪريو. هاڻي آءٌ ڪا وڏي شي ئي وڪڻندس. مونکان هاڻ ڪو کنڊ جو ڪارخانو کولرائي، قوم جو سودو ڪرائي، ملڪ نيلام ڪرائي، پر هاڻي مونکان ٻيڙيون ڪونه وڪيون ٿينديون.”
    هن جو پي ماٺ ٿي ويو ۽ دل ئي دل ۾ ڳرڻ لڳو ته سندس ڇوڪرو وري بيروزگار ٿي ويو. نيٺ سوچي سمجهي هن گوبندي جي شادي پنهنجي جاٽ برادري ۾ ڪرائي ڇڏي. هن جي ننهن روپا جيتوڻيڪ ايڏي سهڻي ڪونه هئي ۽ نه ئي گهڻو لکيل پڙهيل، پر کير ڏهڻ ۾ ڏاڍي قابل هئي. اهو ئي سبب هو جو هن روپا جو رشتو قبول ڪري ورتو. هن اهو به سوچيو ته، ڇوڪرو بي ڪار ويٺو آهي ۽ ڪم به ڪونه ٿو ڪري ۽ جڏهن گهر ۾ زال ايندس ۽ ٻچڙيوال ٿيندو ته پوءِ پاڻهي ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿيندو.
    ڏينهن پٺيان مهينا گذرندا ويا، مگر گوبندي کي ڪو به ڪم نه مليو. هيم پور ۾ نه ڪارخانو کليو ۽ نه ئي ڪو جهڳڙو ٿيو. انهي عرصي دوران منهنجو چمڙو گسي ويو ۽ منهنجي پٺ ڦاٽي پيئي. گوبندي به پهرين کان ٿلهو ۽ وڌيڪ بدمعاش ۽ چالاڪ ٿي ويو هو. روپا جي گود ٽن ٻارن سان سائي ٿي چڪي هئي. ان کي ڀيڪو جي کير جي برڪت چئجي يا اڃا به ايئن کڻي چئجي ته اها پاڻي جي برڪت هئي جو هنن جو گهر هلي رهيو هو، ۽ گوبندي کائي کائي سڄي پيو هو ۽ پاڙي جي گهٽين ۾ پنهنجي نام نهاد ليڊري جو رعب ويهارڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. نه ته هو ڪڏهوڪو بيروزگاري جي سبب مري چڪو هجي ها.
    ٽن سالن کانپوءِ گوبندي لاءِ ڏينهن بدليا، ٿيو ايئن جو ميونسيپل جون چونڊون مٿي تي اچي ويون. شهر ۾ گروهه بنديون، پارٽيون، جلسا جلوس ۽ تقريرون وري شروع ٿي ويون. هاڻ گوبندي ڪافي چالاڪي کان ڪم وٺڻ شروع ڪيو. هن سڀني پارٽين ۽ گروپن جو غورسان مطالعو ڪيو ۽ گهڻو سوچڻ کانپوءِ نتيجي تي پهتو ته سجڪ پارٽي جي کٽڻ جو امڪان زياده آهي. سجڪ پارٽي جو نالو پارٽي جي نظريي مان تجويز ڪيو ويو هو، يعني “سڀني سان جنگ ڪريو.” انهي جملي جو پهريون اکر کڻي پارٽي جو نالو سجڪ رکيو ويو هو. گوبندي کي اها پارٽي ڏاڍي پسند آئي. اها سندس مزاج جي عين مطابق هئي. پارٽي ۾ شامل ٿيڻ کان پهرين گوبندي اُنجي جلسي ۾ تقرير ٻڌڻ ويو. هڪ نوجوان غصي مان منهن ڳاڙهو ٿي رڙيون ڪري چئي رهيو، “لنڪا وارا اسان هندستانين کي شهريت نٿا ڏين، اُن لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟”
    “جنگ ڪريو” مجموعي مان زوردار آواز اُڀريا. “ڏکڻ آفريڪا وارا اسانکي ڪارو سمجهي تڙين ٿا، ٻڌايو ته ڇا ڪرڻ گهرجي؟”
    “جنگ ڪريو” هجوم زوردار آواز ۾ جواب ڏنو.
    اُنهن ئي ڏينهن ۾ پاڪستان جي وزيراعظم هڪ تقرير جي دوران هندستانين کي مڪ ڏيکاري هئي. بس پوءِ ڇاٿيو. گوبندي جي ور اها ڳالهه چڙهي ويئي. هن ٻئي ڏينهن تي سجڪ پارٽي جي جلسي ۾ پستول هوا ۾ لهرائيندي جوشيلي تقرير ڪندي چيو،”جيڪو اسانکي مڪ ڏيکاريندو اسين اُنجو هن پستول سان سينو چيري ڇڏينداسين.”
    هجوم ۾ جوش اچي ويو. سڄي فضا گوبندرام زنده باد جي نعرن سان گونجڻ لڳي. ماڻهو اشتعال ۾ اچي طرح طرح جا نعرا هڻڻ لڳا. گوبند رام جي مقبوليت وڌندي ويئي. جنهن جي پيش نظر سجڪ پارٽي جي ليڊرن کي گوبند رام جو نالو ميونسپل ڪمشنري جي اُميدوارن جي لسٽ ۾ شامل ڪرڻو پيو.
    گوبند رام پنهنجي حلقي مان ميونسپل ڪمشنري جو اُميدوار ته ٿي ويو، پر ڪامياب نه ٿي سگهيو. ٿيو ايئن جو سندس تقرير کان ڪجهه ڏينهن پوءِ پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو. هن تي الزام هو ته، هن ڀريل جلسي ۾ پستول لهرايو هو .۽ ٻيو ته هن وٽ اُن جو لائسنس به ڪونه هو ۽ ٽيون ته هن جي اشتعال ڏياريندڙ تقرير سان ٻنهي ملڪن ۽ قومن جي وچ ۾ نفرت ڦهلجڻ جو امڪان هو.
    گوبند رام کي اڍائي سال سخت پورهيئي سان سزا ملي. هو ڏانهن گوبندرام جي سجڪ پارٽي به اليڪشن هارائي ويئي، جنهنجو نعرو هو. “سڀني سان جنگ ڪريو” جيت ٻي پارٽي جي ٿي جنهن جو نعرو هو.”سڀني سان صلح ڪريو” يعني سسهڪ پارٽي جي. انهن اڍائي سالن ۾ منهنجو ته حليو ئي بگڙي ويو. مونتي وقت به وقت کير ۽ پاڻي جا ڊم رکيا ويندا هئا، ته ڪڏهن ڪو ننڍڙو ٻار مونتي ويهي پيشاب ڪري ڇڏيندو هو، ته وري ڪڏهن پوڙهو ڀيڪو مونتي ويهي، پنهنجي ڌوتي سميٽي منهنجي ٻانهن کان طبلي جو ڪم وٺي ڪو گيت ڳائڻ لڳندو هو.
    هڪ ڀيري ڇوڪرا مونکي اونڌو ڪري هيڏانهن هوڏانهن گسڪائڻ لڳا ۽ اهڙي طرح آءٌ گهرجي ڏاڪڻ تان ڪري پيس ۽ منهنجي ٽنگ ٽٽي پيئي. اُتي منهنجي سار سنڀال ڪرڻ وارو ڀلا ڪير هو؟ گوبندي جيل ۾ هو، ڀيڪو هڪ ٿرڊ ڪلاس واڍي کي وٺي آيو. جنهن ٺوڪ ٺوڪان ڪري مونکي مڙئي ويهڻ جي قابل بنائي ڇڏيو. هي چوٿين ٽنگ انهي ٿرڊ ڪلاس واڍي جي عطا ڪيل آهي ۽ هي غضب جو بادامي رنگ به اُن جي نوازش آهي.
    خير سائين، اڍائي سال به رئندي رئندي گذري ويا. ۽ گوبندي جيل مان آزاد ٿي ٻاهر نڪتو. جيل ۾ هن جي هيم پور جي مشهور غنڊن سان ڏيٺ ويٺ ٿي ويئي هئي ۽ هاڻ گوبندي اُهو ساڳيو گوبندي نه رهيو هو. ۽ جڏهن کان هو جيل مان ٻاهر نڪتو هو ته شهر جي ڪافي رازن کان واقف هو ۽ هن جي ساڻن ياري دوستي ڪافي گهري ٿي چڪي هئي. جيل مان ٻاهر نڪرڻ وقت ٿي چڪو هو سجڪ پارٽي يعني “سڀني سان جنگ ڪريو پارٽي” هن جي ڳلي ۾ گلن جا هار پاتا ۽ سندس قومي خدمتن کي ساراهيو. گوبند رام مختصر لفظن ۾ سڀني جو شڪريو ادا ڪيو ۽ خراب صحت جو بهانو بنائي گهر هليو ويو.
    ميونسپل اليڪشن هاڻي وري سرتي اچي چڪي هئي ۽ ڪافي ماڻهو جيڪي عقل رکندا هُئا، اُنهن کي پتو هو ته گوبندرام جو شهر جي ڪهڙن ماڻهن سان واسطو هو ۽ هو ڪيترا سؤ ووٽ انهن کي ڏياري سگهيو ٿي. گوبندرام اُنهن ماڻهن جو اثر رسوخ استعمال ڪري، پنهنجي گهرجي ڀرسان هڪ اوطاق هٿ ڪري ورتي ۽ اُن کي نئين فرنيچر ۽ سامان سان سجايو، پر مونکي تبديل نه ڪيو. ڪمري جي هر شيءِ تبديل ٿي ۽ نئين آئي، پر آئون اُهائي سندس ڪرسي رهيس. گوبند رام اڪثر منهنجي ٽيڪ تي هٿ ڦيري چوندو هو، “هي منهنجي ليڊري جي پهرين نشاني آهي. منهنجي بري وقت جي ساٿي آهي آءٌ هن کي ڪيئن هٽائيندس؟”
    ماڻهن ۾، سرڪاري حلقن ۾ ،توڙي ڪاروباري حلقن ۾ به هنجو اثر رسوخ وڌندو ويو. هو ماڻهن جا مختلف ڪم ڪار ڪرڻ لڳو ۽ انهن کان مختلف ڪم ڪار وٺڻ لڳو. آهستي آهستي سندس وڃايل شهرت وري پروان چڙهڻ لڳي ۽ هاڻ هو شهر جو هڪ معزز ۽ شريف شهري ليکجڻ لڳو.
    هن واري جي اليڪشن ۾ هن سسهڪ پارٽي جو ساٿ ڏنو ۽ اُنجي ٽڪيٽ تي اليڪشن وڙهيو. سسهڪ پارٽي جو نعرو هو “سڀني سان صلح ڪريو.” تنهنڪري هن دفعي گوبند رام چين، جپان، سري لنڪا، پاڪستان، آفريڪا، ايران، افغانستان مطلب ته سڀني سان صلح ڪرڻ جو حمايتي ٿي ويو. اُنهن ڏينهن هنجو چهرو آلو آلو ۽ مسڪراهٽ ۾ ٻڏل باسندو هو. ڄڻ اُهو چهرو نه پر بناسپتي گيهه جو اشتهار هو.
    ٿورن ڏينهن ۾ ميونسپل اليڪشن جو نتيجو نڪري آيو. نتيجن، نه ته سجڪ پارٽي ڪامياب ٿي جنهنجو نعرو هو “سڀني سان جنگ ڪريو” ۽ نه ئي سسهڪ پارٽي ڪاميابي ماڻي سگهي جنهنجو نعرو هو “سڀني سان صلح ڪريو” پر ماڳئين ڪسجڪ پارٽي سوڀ ماڻي جنهنجو نعرو هو “ڪڏهن صلح ته وري ڪڏهن جنگ ڪريو”
    گوبندرام هڪ دفعو وري ميمبر چونڊجڻ کان رهجي ويو. هو صحيح رستي تي گامزن هو. ليڊري جا بنياد مضبوط هئڻ گهرجن، نت ليڊري گهڻي وقت تائين جٽاءُ نه ڪري سگهندي. مختلف ماڻهن سان رابطا پيدا ڪرڻ گهرجن ۽ اُهي جيڪا به شيءِ گهرن، ڪوشش ڪري اُها شيءِ اُنهن کي ڏيڻ جو واعدو ڪرڻ گهرجي. صرف اُها پارٽي ڪامياب ٿي سگهي ٿي، جيڪا ماڻهن کي ووٽ وٺڻ وقت زياده کان زياده خوش ڪرڻ جون ڳالهيون ٻڌائي سگهي. اصول بظاهر نهايت اعليٰ هئڻ گهرجن. پر اندرواندر اهڙو حساب رکڻ گهرجي جو به وقت ضرورت اُنهن کي ٽوڙي موڙي سگهجي. اهي سڀ ڳالهيون سوچي سمجهي گوبند رام هڪ نئين پارٽي جو بنياد رکيو، جنهنجو نعرو هو، “توهانکي ڇا ۾ فائدو آهي؟” هاڻ هن شهر جي مشهور شخصيتن کي پاڻ سان شامل ڪري ورتو. ميونسپل اليڪشن کان تمام گهڻو اڳ اُن پارٽي جون بنيادون مظبوط ڪيون ويون. گوبندرام اُن پارٽي جو منشور پيش ڪرڻ وقت جيڪا تقرير ڪئي، اُن سان سندس پارٽي جي مڪمل ترجماني ٿي ٿي. گوبند رام چيو، “اسانجي پارٽي صرف اها ڳالهه مدنظر رکندي ته توهانجو ڇا ۾ فائدو آهي؟ انڪم ٽيڪس وڌائڻ ۾ يا گهٽائڻ ۾؟ شهر جا رستا ويڪرا ڪرڻ ۾ يا سوڙها ڪرڻ ۾؟ بجلي جي چارج وڌائڻ ۾ يا گهٽائڻ ۾، ملازمن جون پگهارون وڌائڻ ۾ يا گهٽائڻ ۾؟ اسانجي پارٽي فقط اُهو ڪم ڪندي جنهن ۾ اوهانجو فائدو هوندو.”
    ڳالهه انتهائي معقول ۽ موزون هئي. جلد ئي ماڻهن جي دماغ ۾ ويهي رهي ۽ ميونسپل چونڊن ۾ چٽو ڏسڻ ۾ آيو ٿي ته جيت انهي پارٽي جي ٿيندي، جنهنجو نعرو هو “توهانکي ڇا ۾ فائدو آهي؟” انهي پروگرام جي تحت گوبندرام ڪپڙن جي ڌلائي جو اگهه وڌائڻ ۽ صابڻ جو اگهه گهٽائڻ جي ڳالهه ڪئي. نلڪن ۾ پاڻي جي مقدار وڌائڻ ۽ پاڻي جي چارج گهٽ ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. هن برهمڻن سان واعدو ڪيو ته چمڙي جي ڪاروبار تي پابندي وجهبي ۽ چمارن کي چيو ته اُنهن کي چمڙو سستو مهيا ڪري ڏنو ويندو. مسواڙين کي چيو ويو ته جاين جي مسواڙ گهٽ ڪئي ويندي ۽ جاين جي مالڪن کي چيو ته هو مرمت جي بهاني پنهنجي مسواڙ وڌائي سگهندا.
    ٿورن ڏينهن کانپوءِ جڏهن ميونسپل جي چونڊن جو نتيجو نڪتو ته سڀني کان زياده ووٽ “توهانکي ڇا ۾ فائدو آهي” واري پارٽي کي مليا ۽ اُنجا ميمبر سڀني پارٽين کان گهڻي تعداد ۾ چونڊجي آيا. گوبندرام کي اڪثريت سان ميونسپل ڪميٽي جو صدر چونڊيو ويو.
    ميونسپل ڪميٽي جي پهرين ميٽنگ ۾ جڏهن اهو سوال اُٿيو ته، “توهانکي ڇا ۾ فائدو آهي” تي ڪهڙي طريقي سان عمل ڪرڻ گهرجي ته ڪافي دير تائين بحث ٿيندو رهيو. ڪنهن ڪجهه چيو ته ڪنهن ڪجهه. ڪنهن کي سمجهه ۾ نٿي آيو ته ڪيئن انهي پروگرام تي عمل ڪيو وڃي جنهنجو هر نڪتو ٻئي نڪتي جي ابتڙ هو. آّخر ۾ گوبندرام ڳالهايو، “منهنجي خيال ۾ منشور ئي غلط آهي. “توهانکي ڇا ۾ فائدو آهي؟” انهي پروگرام کي بدلڻ گهرجي ۽ اُنجي بجاءِ انهي پروگرام تي عمل ڪرڻ گهرجي ته “اسانجو ڇا ۾ فائدو آهي”
    چئني طرفن کان واهه واهه ٿي وئي. صدر صاحب ڪهڙو نه ڪارائتو نڪتو ڳولي لڌو “واه گوبندرام واه ! ڪهڙي نه زبردست ۽ عقل واري ڳالهه ڪئي اٿئي.”
    جڏهن کان گوبندرام جي پارٽي شهر هيم پور جي ميونسپل ڪميٽي تي قابض آهي، گوبند رام هاڻ آچاريه گوبند رام چوائي ٿو. هن پنهنجو محلو ڇڏي سول لائن ۾ رهائش اختيار ڪئي آهي. هن ٻي شادي به ڪري ورتي آهي. جيڪا نئين فرنيچر جيان اپ _ ٽو _ ڊيٽ ۽ خوبصورت آهي. مونکي پراڻي گهر ۾ ڇڏيندي گوبند رام کي ڏاڍو ڏک ٿيو. پر هنجي نئين فيشن ايبل زال انهي تي تيار نه ٿي ته ههڙي بد شڪل ۽ ٽٽل ڦٽل ڪرسي کي پنهنجي گهر ۾ جڳهه ڏي.
    آءٌ اُن کانپوءِ الاهجي ڪيترن سالن تائين پراڻي گهر ۾ رهيس. ۽ نيٺ جڏهن منهنجي شڪل صفا خراب ٿي ويئي ۽ ڪنهن به ڪم جي نه رهيس، ته ڀيڪو هڪ ڏينهن گهورڙيئي کي وٺي آيو ۽ مونکي اُنجي هٿ وڪڻي ڇڏيائين. وڪڻڻ جي وقت هنجي دل مان آهه نڪتي ۽ آهستي چيو،”هي منهنجي پٽ جي ڪرسي هئي!”
    “تنهنجو پٽ ڇا ڪندو آهي؟”
    “هو ميونسپل ڪاميٽي جو صدر آهي.”
    “صدر ته آهي مگر ڪندو ڇا آهي؟” گهورڙيئي ٻيهر سوال ڪيو.
    “خبر ناهي ڇاٿو ڪري” ڀيڪو جواب ڏنو،”منهنجي خيال ۾ هو اڃان به کير ۾ پاڻي ملائي وڪڻي ٿو ۽ نقلي تماڪ واري ٻيڙي نمبر ون ڪري وڪڻي ٿو.”
    “اُن کانپوءِ واري داستان ڏاڍي تلخ آهي”
    ڪرسي ٿوري دير لاءِ ساهي پٽي ۽ وري ڳالهائڻ شروع ڪيو، “پهرين مونکي هڪ اهڙي ماڻهو خريد ڪيو جيڪو نهايت شريف، ايماندار ۽ غريب ماڻهو هو. پر مونتي ويهڻ سان ئي هو لکين رپيه ڪمائڻ ۽ بي ايماني جا خواب ڏسڻ لڳو. جڏهن هو پنهنجي ڪرتوتن سبب جيل هليو ويو، ته مون کي هڪ اهڙي ماڻهو خريد ڪيو جيڪو پهرين زال جو مڄو هو، پر هن مونتي ويهڻ سان ئي زال کي گاريون ڏيڻ شروع ڪري ڏنيون ۽ اُنکي مارڻ شروع ڪري ڏنو. جڏهن سندس زال کي محسوس ٿيو ته هو اهي سڀ حرڪتون جڏهن ڪرسي تي ويهي ٿو، تڏهن ئي ڪري ٿو. تنهنڪري ڇو نه اُن ڪرسي کي ئي ڪڍي ڇڏجي. اهڙي طرح هن مونکي گهر کان ٻاهر ڦٽي ڪري ڇڏيو.
    ٻاهر فٽ پاٿ تان مونکي هڪ گونگي فقير کڻي ورتو. بدقسمتي سان جيئن ئي هو مونتي ويٺو هنجي زبان جا ڄڻ بند ٽٽي پيا ۽ هو مسلسل ڳالهائيندو رهيو. هو لڳاتار ست راتيون ۽ ست ڏينهن ڳالهائيندو رهيو. ۽ اُهو ڪجهه ڳالهائڻ لڳو، جيڪو ڪڏهن گوبندرام ڳالهائيندو هو. ڊاڪٽرن هنجو تمام گهڻو علاج ڪيو، مگر هنجو ڳالهائڻ بند نه ٿي سگهيو ۽ هڪ ڏينهن هو ڳالهائيندي ڳالهائيندي مري ويو. اُن کانپوءِ هي اسماعيل ڀائي مونکي خريد ڪرڻ آيو. ۽ هاڻي الاهجي مونکي ڪنهن وٽ وڃڻو پوندو؟ مگر آءٌ ڪيڏانهن به وڃان منهنجي روح ۾ گوبند رام جون خاصيتون ايئن رچي ويون آهن ،جو آءٌ جتي به هونديس، اُن مشهور ليڊر گوبندرام جي ڪرسي ئي ٿي رهنديس.”
    ليڊر جي ڪرسي پنهنجو داستان ٻڌائي خاموش ٿي ويئي. محفل ۾ ٿوري دير لاءِ ماٺ ڇانئجي ويئي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 872
    ڪتابن جو مشاهدو: 2460770
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 629418
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ