ڪتاب جو نالو: زندگي جا پنڌ ۽ پيچرا
مصنف: ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ
ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 11 فيبروري 2020 ع
پڙهيو ويو: 363 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 113 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ريگستاني علائقي ٿرپاڪر ۾ پنهنجي علم جي جوت کي جلائيندي اونداهه مان روشنيءَ جو تجلو بڻجي سامهون ايندڙ ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ پنهنجي مسيحائي پيشي سان سچائيءَ ۽ سماجي خدمتن آڌار پنهنجي علائقي ۾ اهم مثالي ڪردار جي حيثيت رکي ٿو، پر هن ڪتاب ” زندگي جا پيچرا ۽ پنڌ“ جي منظرعام تي اچڻ کانپوءِ هڪ تخليقڪار جي روپ ۾ به سامهون آيو آهي، جيڪو پڻ يقينن هڪ خوش آئيند ۽ وقتائتو قدم آهي، ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ جي زندگيءَ جا تلخ تجربا اسان لاءِ مشعل راهه آهن، هن پنهنجي حياتي ۾ جيڪوبه ڀوڳيو ۽ پيڙيو ان جو مختصر ذڪر پنهنجي هن جيون ڪٿا ۾ ڪري ڇڏيو آهي، خاص طور ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ جي بدلجندڙ صورتحال کي قلمبند ڪري.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سڀ حق ۽ واسطا محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران
  • پنهنجي پاران
  • مهاڳ
  • راڻا سي راٺوڙ جو بچپن۽ شروعاتي تعليم
  • نوڪري جو دور
  • رٽائر ٿيڻ کانپوءِ وارو دور
  • ملائيشيا جو سفر نامو
  • سري لنڪا جو سفر
  • نيپال جو سير
  • پٽ لاءِ پيءُ جي دعا
  • “وساريان نه وسرن”
  • اندر جو سنگيت
  • “سيٺ خوشي رام” هڪ اُتم ۽ امر انسان
  • دوستن جا رايا

  • جاتيءَ سَنوارِ سُونهُون ۽ مِسڪينَنَ جو مَسيحا، ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ
  • ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ انسانيت جو هڪ انمول هيرو
  • ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ ميگهواڙ جاتي جو تعليم سنوار
  • ڊاڪٽر راڻا راٺوڙ جي گڻوان شخصيت
  • ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ هڪ آدرش انسان
  • هڪ تاريخ ساز شخصيت ڊڪٽر راڻا سي راٺوڙ
  • ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ ۽ سيٺ خوشيرام هريجن ٽرسٽ
  • ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي!
  • تاريخ، سچ ۽ هڪ راڻو ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ
  • ننڊ نه سُتا ناکنوان ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ
  • ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ هڪ کليل ڪتاب
  • ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ ميگهواڙ جاتي جو هڪ روشن ستارو
  • سنديش
  • ڊاڪٽر راڻا، سي راٺوڙ خدمت خلق جو علمبردار
  • ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ غريبن جو هڏ ڏوکي
  • ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ هڪ گُلاب جو گُل
  • انمول انسان جي ڪهاڻي
  • ٿر جو هيرو ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ
  • بئڪ ٽائيٽل پيج

  • سڀ حق ۽ واسطا محفوظ

    ڪتاب نمبر 143

    ڪتاب : زندگي جا پنڌ ۽ پيچرا
    موضوع: آتم ڪٿا
    ليکڪ : ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ
    معاونِ خاص : انسپيڪٽر گومن مل راٺوڙ
    ڪمپوزنگ : مينڌرو ڪاجهروي، پونجاجي ڪمپيوٽر سينٽر، مٺي
    فوٽو آڊيٽنگ : دليپ ڪمار گومن مل راٺوڙ مٺي
    ڇاپو پهريون : ڊسمبر 2018ع
    تعداد : هڪ هزار
    ڇپيندڙ : سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد - 03003513966
    مٺو ٽاور، سامهون عبرت پريس ويجهو دوابا پوليس لائين گاڏي کاتو حيدرآباد
    قيمت : پڙهو ۽ سمجهو
    ڊجيٽل ايڊيشن: 2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    books.sindhsalamat.com

    All Rights Reserved

    Book: ZINDAGI JA PANDH AIN PECHRA
    Author: Dr. Rana C Rathore
    Main Auxiliarlies: Goman Mal Rathore and Quaim Solngi
    Composing: Mendharo Kajhervi,
    Poonjaji Computer Composing center Mithi.
    Photo & Title: Dileep Kumar Goman Mal Rathore Mithi.
    Edition: 2018
    Publish by: Sambara Publication Hyderabad
    Price: Read & Learn

    ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ (سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ) ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو


    ارپنا

    آئون هي ڪتاب منهنجي پٽ ڊاڪٽر سردار ۽ جيون ساٿي مومل راڻا جي نانءُ ڪريان ٿو، منهنجو پٽ ڊاڪٽر سردار جيڪو مغز جي تري ۾ بيماري(Basal Aneurysm) ۾ مبتلا آهي، ڪڏهن گهر اندر آءِ سي يو ۾ ته ڪڏهن آغا خان اسپتال ڪراچي ۾ زير علاج آهي. مون مائٽ جي دعا آهي ته مالڪ کيس جلد صحت عطا فرمائي، ۽ منهنجي جيون ساٿي مومل جيڪا زندگي جو سفر اڌ ۾ ڇڏي حقيقي مالڪ سان وڃي ملي، ڀڳوان کيس سرڳ نصيب ڪري.

    دعائن ۾
    ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”پنڌ ۽ پيچرا“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب ڊاڪٽر راڻاسي راٺوڙ جي آتم ڪٿا تي مشتمل آھي.
    ريگستاني علائقي ٿرپاڪر ۾ پنهنجي علم جي جوت کي جلائيندي اونداهه مان روشنيءَ جو تجلو بڻجي سامهون ايندڙ ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ پنهنجي مسيحائي پيشي سان سچائيءَ ۽ سماجي خدمتن آڌار پنهنجي علائقي ۾ اهم مثالي ڪردار جي حيثيت رکي ٿو، پر هن ڪتاب ” زندگي جا پيچرا ۽ پنڌ“ جي منظرعام تي اچڻ کانپوءِ هڪ تخليقڪار جي روپ ۾ به سامهون آيو آهي، جيڪو پڻ يقينن هڪ خوش آئيند ۽ وقتائتو قدم آهي، ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ جي زندگيءَ جا تلخ تجربا اسان لاءِ مشعل راهه آهن، هن پنهنجي حياتي ۾ جيڪوبه ڀوڳيو ۽ پيڙيو ان جو مختصر ذڪر پنهنجي هن جيون ڪٿا ۾ ڪري ڇڏيو آهي، خاص طور ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ جي بدلجندڙ صورتحال کي قلمبند ڪري.
    هي ڪتاب 2018ع ۾ سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري ساجد سنڌيءَ جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    تخيلقي ڪائنات جا رنگ انساني زندگين سان سلهاڙجي هڪ نئين تخليق کي دريافت ڪن ٿا، مسلسل ڳولا ۽ ڪجهه پائڻ جي جستجو ۾ ڪڏهن ماڻهو پاڻ وڃائي ويهي ٿو ته ڪڏهن حاصلات جي بي سڪونيت سان ڀاڪر ڀري اڃان به ڪجهه ڪرڻ جي آرزو سان ناتو نه ٿو ٽوڙي، دنياوي سراب کان باخبر انسان ئي پنهنجي پٺيان ساروڻين جو نه کٽندڙ اهڙو سلسلو ڇڏيون وڃن ٿا، جن جي نقش قدم تي هلندي زندگيءَ جا تلخ پيچرا درست ۽ غلط رستن جي سڃاڻپ ۾ معاونت ڪن ٿا، خوشقسمت چئجن اهڙا ڪردار جن جي علمي ۽ عملي خدمتن عيوض سندن زندگيءَ ۾ ئي مڃتا ڏئي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي وڃي، خاص طور جڏهن ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ جهڙا مثالي ڪردار نهايت پٺ تي پيل ريگستاني علائقي ٿرپاڪر ۾ پنهنجي علم جي جوت کي جلائيندي اونداهه مان روشنيءَ جو تجلو بڻجي سامهون اچن ٿا ته انهن تي رشڪ بجاءِ اتساهه ۽ درس جون ريکائون اڀرڻ کپن، اهڙي وقت ۾ جتي جڏهن تعليم جو تصور هڪ خواب هجي، تڏهن ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ جي همت، حوصلي ۽ جذبي کي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگهجي، جنهن نه فقط پاڻ ڪشالا ڪري زندگيءَ جي مقصديت جي حاصلات لاءِ پاڻ پتوڙيو پر پنهنجي علائقي جي نمائندگي ڪندي دنيا کي اهو باور ڪرايو ته معدني وسيلن سان مالا مال ڏڪاريل ٿر جا فرد به پنهنجي اندر اُتم صلاحيتن جي ذخيرن سان سرشار آهن.
    ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ پنهنجي مسيحائي پيشي سان سچائيءَ ۽ سماجي خدمتن آڌار پنهنجي علائقي ۾ اهم مثالي ڪردار جي حيثيت رکي ٿو پر هن ڪتاب ” زندگي جا پيچرا ۽ پنڌ“ جي منظرعام تي اچڻ کانپوءِ هڪ تخليقڪار جي روپ ۾ به سامهون آيو آهي، جيڪو پڻ يقينن هڪ خوش آئيند ۽ وقتائتو قدم آهي، ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ جي زندگيءَ جا تلخ تجربا اسان لاءِ مشعل راهه آهن، هن پنهنجي حياتي ۾ جيڪوبه ڀوڳيو ۽ پيڙيو ان جو مختصر ذڪر پنهنجي هن جيون ڪٿا ۾ ڪري ڇڏيو آهي، خاص طور ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ جي بدلجندڙ صورتحال کي قلمبند ڪري سچ ته ڊاڪٽر صاحب نه فقط پنهنجي ماضيءَ جي مشاهداتي زاوين ۽ تجزين کان چٽيءَ طرح روشناس ڪرايو آهي پر پنهنجي علمي صلاحيتن پٽاندڙانساني خدمتن ۽ پِيش ايندڙ رڪاوٽن جي به ڀلي ڀت ڄاڻ ڏني آهي، سندس زندگيءَ جا گذاريل لمحا هڪ شفاف آئيني مان حيرت انگيزعڪس جهلڪندي اهڙو پيغام ڏين ٿا، جن کي پڙهندي پنهنجي زندگيءَ جي روايتي سوچن تي پشيماني ٿيڻ فطري ٿيو پوي.
    هن ڪتاب ۾ موجود تحريرون ۽ تصويرون ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ جي گهڻ پاسائي شخصيت کي اڀاري سامهون آڻين ٿيون، خاص طور سندس همعصر دوستن، ادبي، سماجي ۽ سياسي شخصيتن جي نظر ۾ سندس شخصيت ۽ ڪردار جا اهم پهلو نمايان ٿي اسان کي اهو باور ڪرائين ٿا ته اسان جيئن جيئي، ڀلا ڪو جهان ۾. هي جيون ڪٿا ڪتاب، جنهن ۾ انيڪ پرڏيهي سفر جي يادن سميت دوستن جي ساروڻين جو نه کٽندڙتسلسل ملي ٿو، يقينن پرهندڙن لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو، هونئن به ڊاڪٽر راٺوڙ پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن سان محبت ۽ اُنسيت کي هيئين سان هنڊائي انيڪ سپنن جي حاصلات لاءِ گهڻو ڪجهه وڃايو به آهي ته اڻ ڳڻيون محبتون ماڻيون به آهن، ڏکن ۽ سکن جي اک ٻوٽ جو سلسلو ڪڏهن به کُٽڻ جو ناهي، جيئن ڊاڪٽر پاڻ هن وقت به پنهنجي فرزند ارجمند جي سخت علالت سبب پريشانين جو ڪُن ۾ ڦاٿل آهي، جنهن جي صحتيابي لاءِ پاڻ سڀئي ڌڻيءَ در دعاڳو آهيون، پاڻ شال گذرندڙجيون گهڙين کي مسرتن جي مالهائن سان پوئڻ جي سگهه ساري سگهي.

    ساجد سنڌي
    سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد


    پنهنجي پاران

    20- هين صديءَ جي شروعات ۾ پاڪ _ هند جون حالتون ٺيڪ نه هيون، برصغير ۾ انگريزن جي خلاف هلچل شروع ٿي چڪي هئي، خاص ڪري سنڌ صوبي ۾ ٿرپارڪر ضلعو گهڻو پٺ تي پيل هو. تعليم نالي ماتر هئي. باراني زمين جي ڪري ڏڪار گهڻا، کاڌ خوراڪ جي کوٽ ۽ گذرسفر مشڪل ٿي پيو هو. سنڌ سرڪار تلاءُ ۽ رستا ٺهرائڻ تي ڌيان ڏنو ته جيئن پبلڪ کي روزگار مهيا ٿئي. ٻين ملڪن کان امداد ۾ ملندڙ راشن تي گهٽ گذارو هوندو هو. ڪافي اسڪول عارضي طور بند هوندا هئا. بجلي، ريڊيو، ٽيليفون وغيره جي سهولت نه هئي. اهڙيءَ ڏکئي وقت منهنجو جنم هڪ پورهيت هاريءَ چانپارام جي گهر ۾ ٿيو. باران زمين به اهڙي جو ڪڏهن آباد ٿئي ته ڪڏهن ٻج به ضايع ٿيو ٿي ويو. ضلعي ۾ هڪ يا ٻه فونو گرام هوندو هئا، جتان ڪنور ڀڳت يا جيوڻي ٻائي جا ڪلام ٻڌندا هئاسين. آئون 5 ڀائرن ماستر پرڀولال، اجبو مل، مٺو مل، ڏيارام، هڪ ڀيڻ سوهدران ۾ ننڍو هئس، مونکي بچپن کان ئي تعليم پرائڻ ۽ مسڪينن جي مدد ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هو. ان وقت کان وٺي مون محسوس ڪيو ته مالڪ مون کي پيدا ئي تعليم پرائڻ لاءِ ڪيو آهي، منهنجي ذهن ۾ به اهوئي نقطو رهيو ته فقط تعليم ئي انساني شعور آڻي پٺتي پيل قومن ۾ سڌارو آڻي سگهي ٿي. نتيجي ۾ مون کي تعليم جو ڦل نصيب ٿيو جو اڳتي منزل ماڻي.
    اسان جي پراچين زماني کان وَنس مطابق جوڳو ونس راٺوڙ مان آهي. ڀاٽ شجره لکندا هئا ۽ صدين کان رڪارڊ محفوظ ڪندڙ رهيا آهن، جيڪا برادري هينئر هندستان تائين محدود رهجي ويئي آهي. اسان جا وڏا اُتر قنوج، ماروئاڙ کان کاروڙو، چارڻ عمرڪوٽ لڳ کان سينهوئي، ارنرو، ڪونڀاري، کاريو غلام شاهه کان جاڳو هريو ٺڪر سان گڏ هريار وسائي، پوءِ مختلف ڳوٺن ۾ جوڳو پکڙيا، ڪن حالتن جي ڪري لڏپلاڻ ڪري جيسلمير کان سنڌ ۾ داخل ٿيا. اٽڪل 16- هين صديءَ ۾ نالي بجو جوڳو ۽ هڪ ڪاڙيندو ڀيل هڪ جاڳو ٺڪر ذات کي اُٺ جي ڀيل تان قتل ڪيو، جو بجو جوڳو نيوڇور ۾ عيسب فقير وٽ پناهه ورتي، ٺڪرن کان خون معاف ڪرايو ۽ بجو جوڳو ست پيڙهين تائين پوڄڻ جو واعدو ڪيو ۽ عيسب دعا ڏني ته توهان مان لک ٿيندا، ان بعد اسان جوگهراڻو اُتان لڏي عيسب فقير جي درگاهه (ڇور) ۾ اچي پناهه ورتي، جنهن کانپوءِ اولاد پاڻ کي عيسب جا مريد ۽ عيسب پوٽا سڏائيندا آهن، ايئن شجرن ۾ ڪئين ڳوٺ ٺهيا، انهن ۾ کيمي جو پار، رڙيارو، چاڙهيار، ڀاڏا سندو، کينسر، ڊيٻوڙي، کياڙو، ڏانڀاريو ۽ ٻيا ڳوٺ به شامل آهن. منهنجي ڏاڏي ”هيمي“ جو به ڏاڏو ”ڪيسو“ ڳوٺ چاڙهيار ۾ اچي آباد ٿيو هو، تن مان ڪي 1965ع ۽ ٻيا 1971ع ۾ هندستان هليا ويا، باقي هتي رهن ٿا، جيڪي مالهڻ ديويءَ کي ڇڏڻ کانپوءِ اهي سڀ هن وقت عيسب فقير جا مريد آهن. منهنجو جنم 1934 - 05 - 10 تي ڳوٺ چاڙهيار ۾ ٿيو، وڏي ڀاءُ پرڀولال سنڌيءَ ۾ فائنل ڪئي ۽ 1942ع ۾ ماستري نوڪريءَ ۾ لڳو، منهنجي داخلا اسڪول ۾ 1940ع ۾ ٿي، ليڪن اسڪول 5 ڪلو ميٽر پَري هئڻ ڪري رڪاوٽ ٿي، جنهن سبب 2- سال پڙهڻ کان محروم رهيس ۽ وري 1945ع ۾ پڙهائي شروع ڪئي ۽ ڊبل پروموشن ڪري ايئن پڙهندو رهيس، پوءِ وري 27- ڪلو ميٽر ڏورانهون اسڪول گڊڙو سٽي ۾ داخلا وٺي پڙهڻ لڳس، جتي اڳتي هلي مڊل جا ڪلاس نه هئڻ ڪري ڇاڇرو اسڪول ۾ 1950ع ڌاري مڊل پاس ڪيم. علم جو اهو سفر جاري رکندي 1952ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ داخل ٿيس، جتان 54 - 1953ع جي بئنچ ۾ مئٽرڪ پاس ڪيم، انٽر ڊي جي ڪاليج مان پاس ڪري ايم بي بي ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو مان 1961ع ۾ پاس ڪئي ۽ سگهوئي سروس ۾ آيس. تعليمي سرگرمين ۾ حصو وٺندي، مئٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ ئي ايس سي اي سوسائٽي ايٽ حيدرآباد ٺاهي، ان جو ميمبر ۽ پوءِ جنرل سيڪريٽري به رهيس، هن سوسائٽيءَ شاگردن جي مالي ۽ اخلاقي مدد ڪئي، منجهن تعليم پرائڻ وارو جذبو پڻ اجاگر ڪيو، جنهن لاءِ اسان جي گروپ جُدا جدا سيڪٽرن جا دورا ڪيا. 1980ع تائين اهو سلسلو هليو ۽ تعليم ۾ ڪافي ترقي ۽ پيش رفت بعد اها سوسائٽي ٻين کي هلائڻ لاءِ ڏني، جيڪا هن وقت به موجود آهي، جنهن مان ايمرجنسي جي صورت ۾ مالي امداد ڏني وڃي ٿي. اهڙي طرح خوشي رام هريجن ٽرسٽ به 1946ع کان هلندڙ هئي. 1952ع کان آئون به ٽرسٽ جو ڪارڪن رهيس. 1965ع کان اڄ تائين ميمبر ورڪنگ ڪميٽي طور لاڳاپيل آهيان. هن ٽرسٽ جي جيڪا به آمدني هوندي آهي، اسان جو چيئرمين سيٺ هوندراج آوتراءِ راجپال سڄي سنڌ ۾ خاص ڪري ٿر جي شاگردن ۾ امداد ۽ اسڪالرشپ ورهائيندو آهي. ساڳئيءَ ريت پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن پي ايم اي جو ضلعي ليول تي 20- سال جدا جدا ضلعن ۾ نوڪري دوران صدر رهيو آهيان ۽ هر ضلعي ۾ فري ميڊيڪل ڪئمپون، سيمينار ۽ ورڪشاپ وغيره منعقد ڪرايا. جن ۾ نالي وارين شخصيتن کي دعوتون ڏيئي کين خصوصي مهمان طور گهرايو ويندو هو. ٺٽي ۽ سانگهڙ ضلعن ۾ سوين ميڊيڪل ڪئمپ، سيمينار، گونگن ۽ معذورن جي بيمارين ۽ منصوبا بندي جي روڪٿام وغيره جي سجاڳي جا سيمينار به ڪرايا. 6- سال سول سرجن ٺٽو ۽ 9- سال سول سرجن اسپتال سانگهڙ ۾ خانداني منصوبابندي لاءِ مني ليب آپريشن يونٽ کولايو ۽ ٻين هنڌن تي به صحت جي سهولتن پهچائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون. ٿرديپ جهڙي وسيع ۽ سرگرم اين جي اوز جي جنرل باڊي جو اڄ تائين ميمبر آهيان ۽ ساليانو ميٽنگ ۾ باقاعدگي سان شرڪت ٿيندي رهي ٿي. هنيئر به سانگهڙ، ٺٽو، ٿرپارڪر ۽ ٻين ڏورانهن علائقن مان وڏي انگ ۾ مريض ميرپورخاص مومل ميموريل ميڊيڪل سينٽر ميرپورخاص پهچن ٿا، جتي سندن معالج بنجي ڪفايت ۾ خدمت ڪرڻ فرض سمجهان ٿو. جيڪا جستجو شال حياتيءَ بعد به جاري رهي.
    آئون شڪر گذار آهيان قائم سولنگي، ڊاڪٽر سونو مل کنگهاراڻي، نور احمد جنجهي، سارانگرام ڪاجهروي، انسپيڪٽر گومن مل راٺوڙ، وڪيل ارجڻ داس، سومجي مل ڌاراڻي، امولک ٿري، پروفيسر سچانند، ڊاڪٽر تيرٿ، معصوم ٿري، جيرامداس اٻوجهو، ڪانجي مل چوهاڻ، ڊاڪٽر سيتل، تيرٿ داس اُميداڻي، تنيراج ڀيل، وڪيل ڀورو مل ڪولهي، غلام محمد لغاري، اوم پرڪاش راٺوڙ، تپيدار ديالداس جن مون کي هن ڪتاب لکڻ لاءِ پنهنجا رايا ڏنا، ۽ همٿايو. جڏهن ته مينڌرو ڪاجهروي ۽ دليپ ڪمار راٺوڙ پڻ ڪتاب ۾ ڀرپور ساٿ ڏنو.
    آخر ۾ آئون اهو چوندس ته پنهنجون ساروڻيون ۽ ڪردارن جون ڪهاڻيون دنيا ۾ تاريخ جي صورت ۾ ڇڏڻ ضروري آهن ڇو ته پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن کي به ڪنهن نه ڪنهن لکيل حقيقتن مان فائدو ٿي سگهي ٿو. تاريخ هڪ زندهه نالو آهي، خاص ڪري هن ڪتاب جي لکڻ لاءِ انسپيڪٽر گومن مل راٺوڙ ۽ قائم سولنگي شروع کان آخر تائين مک ڪردار ادا ڪيو آهي، آئون سڀني ڀائرن ۽ دوستن جو تهه دل سان شڪر گذار آهيان، جن هن ڪتاب لکڻ لاءِ منهنجو ساٿ ڏنو آهي.

    ڊاڪٽر راڻا ولد چانپارام راٺوڙ
    سيٽلائيٽ ٽائون، يونٽ 3- ميرپورخاص
    03363766914


    مهاڳ

    زير نظر ڪتاب جو موضوع هڪ اڏول ۽ هيرو نما شخصيت جو آهي ۽ ان شخصيت جون پنهنجي هٿن سان اهو سڀ ڪجهه سلوڻي سنڌي ۾ بيان ڪيو آهي، جيڪو هن پنهنجي ٻالپڻ کان وٺي ٻڍاپڻ تائين جاکوڙيو، تڪليفون ڏٺيون ۽ ڪاميابيون ماڻيون.
    هن هيرو جي جنگ جو ميدان تعليم جو ميدان آهي، هڪ ٻارڙو اهڙي هنڌ پيدا ٿئي ٿو جتي تعليم جو تصور هڪ طلسمي خزاني وانگر آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ معصوم هيرو اڏول ارادو ڪري ٿو، ڪوهن جا ڪوهه پنڌ ڪري تعليم شروع ڪري ٿو، پرائمري کانپوءِ مڊل، هاءِ اسڪول توڙي ڪاليج جي تعليم به پرائي درن جا ڌڪا کائي، هاسٽلن ۾ رهي حاصل ڪري ٿو ۽ نيٺ ايم بي بي ايس ۾ داخلا وٺڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو ۽ ڊاڪٽر ٿي وڃي ٿو. سڄو سفر پراين درن تي رهڻ، اسڪالرشپن ۽ ٽيوشنون پڙهائي پنهنجي آمدني سان پورائو ڪري ٿو. ڊاڪٽر ٿي وڃڻ کانپوءِ اهم عهدن تي رهڻ سندس حق بڻجي ويو، پر ميگهواڙ جاتي سان لاڳاپيل هئڻ ۽ پهريون ڊاڪٽر هئڻ ڪري وک وک تي مشڪلاتن کي منهن به ڏيڻو پيو ته ڪاميابين جا موقعا پڻ حاصل ڪيا.
    ڪتاب جي موضوع ۽ ليکڪ ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ پنهنجي آتم ڪٿا تمام آسان ۽ سلوڻي سنڌي ۾ بيان ڪئي آهي، جنهن ۾ ڪابه ادبي مهارت، پيچدگي، محاورا، تاريخي حوالا وغيره شامل نه ڪيا آهن پر هو پنهنجي ڪهاڻي اسان کي ايئن ٻڌائي پيو ڄڻ تازو سفر تان موٽي ايندڙ نوجوان پنهنجي گهر ڀاتين کي سفر جو قصو ٻڌائيندو هجي. سندس هي ڪتاب پنجن حصن يعني ٻالپڻ، تعليم، ڊاڪٽر طور نوڪري ڪرڻ، رٽائرمينٽ کانپوءِ سرگرميون، ڪجهه يادگيريون، پرڏيهه جا دورا ۽ آخر ۾ ويجهن دوستن پاران سندس ڪردار تي روشني وجهڻ ۽ ڀيٽا ڏيڻ تي ٻڌل آهي.
    پهرين ٻالپڻ ۽ تعليم واري باب ۾ ليکڪ اهي حالتون بيان ڪيون آهن ته ڪيئن تعليم اڻلڀ هئي ۽ ڪيئن ان کي ناياب خزانو سمجهيو ويندو هو، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هن پڪو پهه ڪيو، ڳوٺ ۾ اسڪول نه هئڻ باوجود پهرين 5 - 6 ڪلو ميٽر پري پيدل پنڌ ڪري ۽ پوءِ 27- ڪلو ميٽري پري پرائي گهر ۾ رهي پرائمري تعليم حاصل ڪئي. سندس تعليم دوران هندستان جو ورهاڱو ٿئي ٿو، حالتون اُلٽ پلٽ ٿي وڃن ٿيون، ماڻهو سر ۽ عزت بچائڻ خاطر پنهنجو وطن ڇڏين پيا پر ڊاڪٽر جي والدين نه رڳو ملڪ نه ڇڏيو پر ڇاڇرو شهر ۾ راڻا جي تعليم جاري رکي، جتان به صرف مڊل جو امتحان پاس ڪري سگهيو ۽ ميٽرڪ لاءِ ٿر کان حيدرآباد پڄي نور محمد هاءِ اسڪول ۽ ڊي جي ڪاليج مان ڪاليج پاس ڪري ايم بي بي ايس ۾ داخلا وٺڻ واري انتهائي ڪٺن ۽ پرتجسس مرحلي کي هن باب ۾ بيان ڪيو ويو آهي. هي مرحلو طئي ڪرڻ تي راڻا سي راٺوڙ جس لهي پر سندس والدين کي به سلام هجي، ليکڪ پنهنجي ننڍپڻ جو ذڪر ڪندي ان وقت ڏٺل جهنگلي جيوت، تتر، مور ۽ هرڻن جون ساروڻيون به نه ٿو وساري.
    ڪتاب جي ٻي حصي ۾ ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ پهرين نوڪري ننگرپارڪر ۾ ڪرڻ، پوءِ ڳوٺن ۾ وڃي صحت جي معاملن تي اڀياس ڪرڻ ۽ ان کانپوءِ سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف ضلعن، شهرن، جهڙوڪ ٽنڊو محمد خان، لس ٻيلو، ٺٽو، سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ ٻين هنڌن تي ميڊيڪل آفيسر توڙي سول سرجن جي حيثيت ۾ جيڪي خدمتون ڏنيون ۽ محبتون ڪمايون ان جو ذڪر به تمام سهڻن لفظن ۾ بيان ٿيل آهي، ڪاميابين سان گڏ مشڪلاتون به اڻٽر هونديون آهن. اهو به جيڪڏهن هڪ غريب جاتي جو فرد اعليٰ عهدي تي ويهي حڪم هلائي ته ڊاڪٽر راڻا ٿورو ان کي بيان ڪيو آهي، جنهن ۾ هڪ واقعو ٻن ماتحت ملازمن کي بدلي ڪرائڻ تان سندس ڌرم پتني جو ڏکوئيندڙ قتل شامل آهي.
    ٽئين مرحلي ۾ ريٽائرمينٽ کانپوءِ ميرپورخاص ۾ ڪلينڪ کولي عوام جي خدمت ڪرڻ، سماجي ڀلائي جي ڪمن ۾ سرگرم رهڻ، جيڪو عمل هن شخص شاگردي واري دور کان شروع ڪري ڇڏيو هو. خاص ڪري شڪارپور واري سيٺ ”خوشي رام ٽرسٽ“ سان واڳجي سڄي سنڌ خاص ڪري ٿر جي شاگردن کي تعليم جي شعبي ۾ سرڪار واري اڻملهه ڪردار کي هن باب ۾ سهڻن سادن لفظن ۾ بيان ڪيو ويو آهي. ساڳئي وقت ليکڪ پنهنجي خاندان ۾ ايندڙ تبديلين جهڙو ٿر مان لڏي مير لانڍي اچڻ، شاديون، ٻارن جي جنم جي خوشي ڀرين لمحن توڙي صدما ڀريل لمحن کي به چڱي نموني بيان ڪيو ويو آهي.
    ڪتاب جي چوٿين حصي ۾ ملائيشيا، نيپال ۽ سري لنڪا جي دورن کي اهڙي ته سٺي، سادي ۽ چٽي نموني بيان ڪيو ويو آهي، جو پڙهندڙ جي دل ڇڪجي وڃي ٿي ته هو به انهن منظرن جو ديدار ڪري، جنهن ۾ خاص طور ملائيشيا هوٽلن، رستن، اتي روز مينهن پوڻ واري آبهوا، پارڪن، غارن، مندرن، راجائي محل جا منظر ۽ انهن نقش کي انتهائي چٽي نموني بيان ڪيو ويو آهي، جيئن هڪ غار ۾ مٿي وڃڻو آهي. 168- ڏاڪا، پوءِ غار ۾ گهڙڻ، يعني ليکڪ ان مهل ڏاڪا ڳڻيا ۽ نوٽ ڪري لکيا ۽ هتي بيان ڪرڻ هڪ عام ليکڪ ته ڇا پر چڱي وڏي ليکڪ جي وس جي ڳالهه ناهي. ساڳئي نموني نيپال ۾ هڪ مندر ۾ 155- ڏاڪا هيٺ لهي مندر ڏسڻ ۽ اهي ڏاڪا ڳڻي اڄ بيان ڪرڻ جو ڪمال هن ڪتاب ۾ نظر آيو. پرڏيهه جو سفر نامو هجي، لفظن جي ڪابه ڪاريگري نه، ڪوبه تاريخي حوالو نه، سفر جي ڪابه پيچيدگي نه، هڪ هنڌ بيان ڪيل آهي، سريلنڪا لاءِ ٻڌندا هئاسين ته ڏاڍو سرسبز ۽ تاريخي، سامونڊي بندرن وارو ملڪ آهي، ان کي ڏسڻ لاءِ ٽريول وارن کان پئڪيج ورتوسين ۽ ڪراچي کان جهاز ذريعي شام جو 4- وڳي ڪولمپور پهتاسين، اها ٽن جملن واري ڪهاڻي وڏو ليکڪ لکي ها ته اڌ ڪتاب ڀري ۽ نچوڙ ساڳيو، ٻئي هنڌ ذڪر آهي ته ان ڏينهن تي نروليا شهر وڃڻو هو، جيڪو راوڻ جي گادي جو هنڌ هو، چئوطرف ڍنڍون، پارڪ وغيره ڏسي ذهن ۾ آيو ته راوڻ نهايت خوش نصيب هو.“ آخري حصي ۾ ملندو انهن شخصيت جي املهه لفظن جي ڀيٽا، جيڪي ڊاڪٽ راڻا سي راٺوڙ جي ويجهو رهيا، ڏک سک ۾ ساٿ ڏنو ۽ پئي انتظار ڪيائون ته اهڙو ڪو موقعو ملي جو ڊاڪٽر صاحب کي لفظن جي ڀيٽا ڏجي، انهن شخصيتن ۾ قائم سولنگي، گومن مل راٺوڙ، ارجن داس وڪيل، ديال داس، پروفيسر سچانند پنواريا، امولک ٿري، ڪانجي مل چوهاڻ ۽ سومجي ڌاراڻي ۽ ٻيا شامل آهن. هن ڪتاب مان سبق ملي ٿو ته ٺهيل رستي هلڻ يا گاڏي ڊوڙائڻ سولو آهي پر نئون رستو ٺاهڻ ۽ سفر جاري رکڻ ڏکيو آهي. جهاز تي چڙهي 20- هزار فوٽ اوچو اڏام سولو آهي پر بنا جهاز جي 20- فوٽ مٿي اڏامڻ جون ڪاميابيون ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ ۽ ان دور جي عظيم انسان ماڻي ڏيکاريون. اميد ته اسان جي نئين ٽهي جا نوجوان غريب جاتي ميگهواڙ ٻار جي خوبي، ارادي ۽ عمل تي ٻڌل هن رڪارڊ مان ضرور لاڀ پرائيندا ۽ پنهنجا تجربا پنهنجي ايندڙ نسلن کي منتقل ڪندا رهن.

    ساٿ سلامت
    سارنگرام ڪاجهروي


    راڻا سي راٺوڙ جو بچپن۽ شروعاتي تعليم

    منهنجو جنم ته 10- مئي 1934ع تي ڳوٺ چاڙهيار تپو کينسر تعلقه ڇاڇرو ۾ ٿيو، جڏهن مون شعور سنڀاليو ته 1940ع ۾ مائٽن مون کي پرائمري اسڪول ۾ داخلا ڏياري، جيڪو اسان جي ڳوٺ کان 5- ڪلو ميٽر پري هوندو هو، جتي صبح سويري تياري ڪري اسڪول ويندا هئاسين. مون سان گڏ مون کان وڏو ڀاءُ ڏيارام به پڙهندو هو.
    مون کي ياد آهي ته اُن مهل ٻي مهاڀاري لڙائي شروع هئي. 1940ع کان 1945ع تائين هلندڙ انهيءَ جنگ دوران اسان اسڪول مان ايندي ويندي ڪارا جهاز هيٺ اُڏامندي ڏسي ڊڄندا هئاسين. تڏهن ڏاهليءُ جو شهر سٺو آباد هو، انهن ڏينهن ۾ اسان پرائمري اسڪول ۾ 350 - ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پڙهندا هئاسين ۽ اسان جو استاد مهاديو صاحب ۽ ٻيا به هوندا هئا، پڙهائي سخت هوندي هئي. ايتري قدر جو سڄو ڏينهن پڙهائي ٿيندي هئي. رڳو مختصر رسيس ملندي هئي. البت پري پري جي ڳوٺن مان ايندڙ شاگردن کي سج لهڻ کان اڳ گهر پهچڻ لاءِ موڪل ملندي هئي.
    ان دور ۾ ٿر جو تصور ڪرڻ سان به ذهني سڪون ٿو ملي، ڪاش...!! ٿر تي وري اُهي ساڳيا ڏينهن موٽي اچن جتي هر طرف امن ۽ ڀائيچاري جا بادل محسوس ٿيندا هئا، راڄوڻيءَ ۾ ننڍ وڏائي جو لحاظ، همدردي، احساس ۽ پاپ کان پري ماحول هو. جهنگلي جيوت جو حُسن ايترو ته هو جو اسان جڏهن اسڪول ڏانهن ويندا هئاسين ته، گَس هلندي اسان تي هرڻ جهلون ڪندا هئا، تتر، ٻاٽيپڙ، تلور، لوڪڙ ۽ گدڙ وارياسي پٽن ۽ گسن تي گهمندي نظر ايندا هئا ۽ ڪڏهن جانورن جي ڊپ کان اسين دڳ به تبديل ڪندا هئاسين.
    مون 1940ع ۾ ٻاراڻو ۽ 1941ع ۾ پهريون پڙهڻ شروع ڪيو ته مونسان گڏ اسڪول هلندڙ منهنجو ڀاءُ ڏيارام اسڪول ڇڏي ڀڄي ويو، پوءِ آئون اڪيلو ۽ ڪوهين پنڌ ڪري اسڪول وڃڻ جهڙو نه هئس، جنهن ڪري آءُ ٻه سال اسڪول وڃڻ کان محروم رهيس، نتيجي ۾ 1942ع ۽ 1943ع سال ضايع ٿيا.
    1944ع ۾ وري پڙهڻ شروع ڪيم، 1945ع ۾ (ڊبل پروموشن) ٻه درجا گڏ امتحان ڏيڻ بعد 1947ع ۾ پرائمري اسڪول گڊڙو سٽي ۾ داخلا ورتي، ان وقت اسڪول ۾ هڪ ڊرامو ”پوڙهي جو پرڻو“ اسٽيج ٿيو ته مون ان ۾ هيرو يعني گهوٽ جو ڪردار ادا ڪيو هو.
    1948ع تائين مڊل اسڪول گڊڙو سٽي ۾ پڙهڻ دوران آءٌ پنهنجي ڀيڻ جي گهر رهندو هئس، ڇو ته اتان کان اسان جو ڳوٺ 27- ڪلو ميٽر پري هوندو هو.
    اڳتي هلي 1949ع ۾ گڊڙو سٽي مان خراب حالتن جي ڪري لڏپلاڻ شروع ٿي ويئي، اڪثريت هندستان هلي ويئي، منهنجو ڀيڻويو ۽ ڀيڻ به لڏي وڃي پرڏيهه وسايو. گڊڙو ۾ ڪانگريس وارن جو وڏو آڏاڻو هو، جتي فورس اچي ويهي رهي، لڏپلاڻ جي ڪري سرڪار انگريزي پنج ڪلاسن مان گهٽائي ٽي ڪلاس ڪيا، ته آئون اڳي ئي چوٿين درجي ۾ هئس، اسڪول پڙهائي دوران آئون والي بال، ڪٻڊي ۽ پاڻيءُ ۾ ترڻ به سکي ويس.
    هوڏانهن جوڌپور جي راجا جي حڪومت هئي. 1947ع کان 1953ع تائين پاسپورٽ وغيره جو اوائيلي دور هو، ۽ اچ وڃ عام هئي. اسان ڪڏهن ٻي ۽ ٽئين ڏينهن ٻاهڙمير گهمڻ ويندا هئاسين. اهڙي طرح آئون به پنهنجي ڀيڻ سان ملڻ لاءِ ٻن مهينن لاءِ هندستان ويو هئس. جتان 1950ع جي اوائل ۾ پنهنجي ڳوٺ چاڙهيار وايا گڊڙو آيس، پوءِ اچي مڊل اسڪول ڇاڇرو ۾ پڙهائي شروع ڪئي.
    ممبئي يونيورسٽي موجب - ڪلاس ۾ مئٽرڪ پاس ٿيندي هئي، تنهن ڪري آءٌ اُتان کان پنجون مڊل ڪلاس ڪري 1952ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ ڇهين انگريزيءَ ۾ داخلا ورتم، جتي مون کي رهائش ۽ ٽيوشن پڙهائڻ جو آسرو مليو هو.
    انهن ڏينهن ۾ ٿر ۾ تعليم نالي ماتر هئي، تعليم جو اهو حال هو جو سڄي ٿر ۾ مٺي ۽ ڏيپلو هاءِ اسڪول آباد هئا، سفر فقط گهوڙن، اٺن ۽ پيادل ٿيندو هو ۽ ان وقت اڃان کيکڙن جي شروعات ٿي هئي. ياد رهي ته ان وقت بمبئي يونيورسٽي جو ڪورس سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ رائج هو. 1955ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ نئون ڪورس رائج ٿيو، پراڻي ڪورس موجب 11 - 12 سال پڙهائي ڪرڻ بعد مئٽرڪ پاس ٿيندي هئي. ٿر ۾ ٻار کي سندن مائٽ مشڪل سان 6- سالن جي عمر ۾ داخل ڪرائيندا هئا. مطلب ته ٿر ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ڏونگر ڏورڻ جي برابر هو.
    حيدرآباد ۾ منهنجي رهڻ جو بندوبست ٽريننگ ڪاليج فارمئن جي هاسٽل ۾ ٿيو هو، جتي پڙهائي جو هنڌ رات جو پارڪ ۾ اسٽريٽ لائيٽ جي سهاري هوندو هو. 1952ع ۾ مون پرائيويٽ ٽيوشن پڙهائڻ جا في ٻار تي 5- رپيا رکيا ۽ اسڪالرشپ ملندي هئي، جيڪا 12- رپيا ماهوار هئي، جڏهن ته منهنجو ماهوار خرچ 15- رپين کان 20- رپين تائين هو. ان کانسواءِ خرچ جي پُورائي لاءِ منگل آشرم ٿاڻو بولاخان مان ٻائو ڌيان گُر پڻ مالي امداد ڏيندو هو.
    آئون پڙهائي کان پوءِ ورزش ۽ ڊبيٽ ۾ به حصو وٺندو هئس. استاد الهه بخش سومرو اسان کي ٽريننگ ڪاليج جي آکاڙي ۾ ورزش ڪرائيندو هو. ياد هجي ته ڇهين درجي ۾ مون پهريون نمبر کنيو ته، ان وقت جي وزير تعليم قاضي محمد اڪبر مون کي انعام ڏنو هو.
    1953ع ۾ گلي جي بيماريءَ لڳاتار تنگ ڪيو ۽ پڙهائي ۾ به خلل پئي پيو. ڊاڪٽر ناريءَ اسپتال ۾ داخل به ڪرايو، پر اڪيلو هئس ۽ وسيلا به گهٽ هئڻ ڪري، آپريشن نه ڪرائي سگهيس، 1954ع جنوري ۾ مئٽرڪ جو امتحان ڏنم، جنهن ۾ ارٿ ميٽڪ جو اضافي پيپر پڻ ڏنو. بيماريءَ سبب پوزيشن ته ڪونه کنئي پر نتيجو بهتر آيو. اڳتي پڙهڻ لاءِ فرسٽ ييئر بايولاجي ۾ داخلا وٺي پڙهائي شروع ڪيم، شام جو لائبريريءَ جي ڪتابن جي وڌيڪ مدد وٺندو هئس. انهن ڏينهن ۾ خوشي رام هريجن ٽرسٽ جيڪب آباد مان به اسڪالرشپ جي مدد ملڻ شروع ٿي ۽ ايئن خرچ جو پورائو ٿيندو رهيو ۽ پڙهائي جاري رهي. هڪ دفعي دوست ڀيم سنگهه جئپال صلاح ڏني ته 10- رپيا خرچو هٿ ڪر ته ڪراچي گهمائي اچان. پهريون دفعو ڪراچي گهمڻ ۽ ڏسڻ جو شوق ٿيو. صبح سوير ٽرين ۾ 15- آنا ڪرايو ڏئي پهتاسين. ٽرام بس ڪراچي ۾ هلندي هئي. ان ۾ هڪ ٽڪو ڪرايو ڏئي، ڪياماڙي، گارڊن ۾ چڙيا گهر ۽ پوءِ ڪلفٽن وغيره ڏسي، رات جو حيدرآباد موٽي پهتاسين ته ڏٺم کيسي ۾ 8- آنا بچي پيا هئا. 1956ع ۾ گورنمينٽ ڊي جي ڪاليج حيدرآباد ۾ انٽر بايولاجي جي پڙهائي ۾ گذريو، ساڳئي سال لياقت ميڊيڪل ڪاليج حيدرآباد ۾ ايم بي بي ايس ۾ داخلا وٺي پڙهڻ شروع ڪيم. هاڻ ته ويتر خرچ وڌي ويو هو، ليڪن سرڪار پاران اسڪالرشپ چئن سالن لاءِ 30- رپيا ساليانا منظور ڪيا. سيٺ خوشي رام ٽرسٽ پاران به سالانو 120- رپيا ملندا هئا. گڏوگڏ فرسٽ ييئر ايم بي بي ايس دوران به مون ٽيوشن ڏيڻ جاري رکي هئي. انهيءَ سال ”شيڊيولڊ ڪاسٽ“ تعليمي سوسائٽي حيدرآباد ريجن ٺاهي هئي. ان جو آئون جنرل سيڪريٽري طور سڄو ڪم سنڀاليندو هئس. اها هنيئر به موجود آهي. انهن ڏينهن ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج جو پرنسپال ڪرنل نجيب الله هو، جنهن حيدرآباد مان ڄامشورو ڪاليج کي مُنتقل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون هيون. ايئن سيڪنڊيئر ايم بي بي ايس ۾ شفٽ ٿي ڄامشورو وياسين. ياد رهي ته اسٽوڊنٽس جي انهيءَ بئچ ۾ صرف 13- ڄڻا ايم بي بي ايس لاءِ چونڊجي سگهيا هئاسين. اُنهن ڏينهن ۾ ميڊيڪل جي رزلٽ داخلا لاءِ سخت نڪرندي هئي. انهيءَ بئنچ ۾ 70- سيڪڙو فيل ۽ 30- سيڪڙو مس پاس ٿيا هئاسين، جن ۾ منهنجا هم ڪلاسي دوست ڊاڪٽر سلطان فاروقي، ڊاڪٽر رامچند موٽواڻي، ڊاڪٽر امير علي شورو جيڪو هينئر به لياقت نيشنل اسپتال ڪراچي ۾ ڊين جي پوسٽ تي آهي. ايئن چئني جو مونو گرام ”فراز فرينڊس“ رکيوسين. جن ۾ چوٿون آئون ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ هئس، ايئن ته ڊاڪٽر قمرالنساءَ قاضي آف خيرپور به گڏ پڙهندي هئي.
    هاڻ آئون ڄامشورو ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽل ۾ رهڻ لڳو هئس، ۽ شام جو بس ۾ اچي بمبئي بيڪري جي سيٺ جي نياڻي شيرين کي ٽيوشن پڙهائيندو هئس، جيڪا پوءِ هانگ ڪانگ هلي ويئي. مون کي بيڪري تي پهچندي ئي فريش بسڪيٽ ملندا هئا، ايئن 1958ع تائين سلسلو جاري رهيو.
    جڏهن وئڪيشن ٿيندي هئي ته، آئون شڪارپور ويندو هئس، ڪنڌڪوٽ ۾ سيٺ خوشي رام جي زمين تي رهڻ ٿيندو هو ۽ ٽرسٽ لاءِ ڪم ڪرڻ جي سلسلي ۾ سڄي سنڌ ۾ وڃڻ ٿيندو هو. سيٺ صاحب به مون تي تمام گهڻو اعتماد ڪندو هو. خاص ڳالهه ته، ٽرسٽ پاران اسڪالرشپ هر هڪ شاگرد کي پنهنجي هٿ سان ڏيندو هو. آئون اڄ به انهيءَ ٽرسٽ جو ورڪنگ ڪميٽي جو ميمبر ۽ ٽرسٽي آهيان. سنڌ ۾ ڪميونٽي جي جاڳرتا ۽ تعليم لاءِ هميشه جذبي سان عملي طور ڪم ڪيم، ٽرسٽ پاران خدمت جو ڪم اڄ به جاري ۽ ساري آهي.
    1958ع جي ڊائري موجب فرسٽ پروفيشنل ايم بي بي ايس يعني سيڪنڊيئر جُون مهيني ۾ پاس ڪري ٿرڊيئر ايم بي بي ايس ۾ آيس، انهن ڏينهن ۾ مارشل جنرل محمد ايوب خان ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي هئي. هوڏانهن شيڊيولڊ ڪاسٽ تعليمي سوسائٽي جي گڏجاڻي پٿورو تي رکي ويئي، جتي سڀئي عهديدار آيا هئا. هونئن به هر سال پٿورو ۾ رهاڻيون ٿينديون هيون.
    منهنجي 1959ع ۾ پڙهائي ته جاري رهي، مگر گلي جي تڪليف ٿيندي رهندي هئي، انهيءَ سال ٿرڊيئر ايم بي بي ايس به پاس ڪيم، ان سال آئون جڏهن ٿر گهمڻ آيس ته ڪيترن هنڌن تي مريضن جو علاج به ڪيم.
    سيٺ خوشي رام ٽرسٽ جي سالياني ميٽنگ گهڻو ڪري ڌرمداس ورياڻي وٽ سندس حيدرآباد واري گهر تي ٿيندي هئي، جيڪو سنڌ جو ڊپٽي منسٽر به هو. مزي جي ڳالهه ته هو فارسي جو ماهر هو. نور محمد هاءِ اسڪول ۾ جڏهن پاڻ استاد هوندو هو ته، اسان کي فارسي پڙهائي هئائين. 1960ع هيءُ سال منهنجي فائينل جو هو. انڪري ٻيون سرگرميون بند ڪري، پڙهائي تي وڌيڪ توجهه ڏيڻي پيئي. ان ئي سال ڪرنل نجيب الله صاحب بدلي ٿي ملتان نشتر ميڊيڪل ڪاليج ويو. پاڻ ايل ايم سي لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي هئائين. چار سال رهي نرسنگ هاسٽل ۽ ٻيا هاسٽل تعمير ڪرايائين. ڄڻ ته لياقت ميڊيڪل ڪاليج کي پيرن تي بيهاري ويو. هوڏانهن مون اپريل 1960ع جي شروعات ۾ محنت ڪري فورٿ ييئر ايم بي بي ايس امتحان پاس ڪري ورتو هو. 1961ع ۾ ايم بي بي ايس پاس ڪري نوڪريءَ لاءِ درخواست ڏنم، ڇاڪاڻ ته مالي، مشڪلات سبب هڪ سال هائوس جاب نه ڪري سگهيس. مون کي اسسٽنٽ ميڊيڪل آفيسر جو عارضي آرڊر مليو. انهن ڏينهن ۾ هائوس جاب لاءِ پگهار نه ملندي هئي.


    نوڪري جو دور

    26- آڪٽوبر 1961ع تي سول اسپتال ميرپورخاص ۾ ڊيوٽي شروع ڪيم. اهڙي طرح 1962ع ۾ جڏهن وري مون پبلڪ سروس ڪميشن پي سي ايس پاس ڪيو ته پاڪستان هيلٿ سروسز ڪلاس ٽو ۾ مون کي 13- آڪٽوبر 1962ع تي ننگر پارڪر لاءِ ميڊيڪل آفيسر ڪري موڪليو ويو. ان وقت گزيٽيڊ ميڊيڪل آفيسر جو پگهار 250- رپيا هوندو هو. اُن وقت ننگرپارڪر جي ٿر وار علائقي ۾ ماتا پکڙجي ويئي هئي، جنهن جي ڪري ڊائريڪٽر هيلٿ خاص هدايت ڪئي ته متاثر علائقن کي وزٽ ڪري رپورٽ ڏيان. تڏهن آئون ڏاني ڌانڌل کان رتنياري، سُوڪليون، مهلاڻو، اوٺي، اُهڙامار ۾ رات رهي صبح الهرکيئي جو تڙ، عبدالرحيم جي تڙ کان ٿيندو ٻلهياري ويس، جتي رينجرس جي پوسٽ هئي، جتان ڊائريڪٽر هيلٿ سروسز کي وائرليس تي پوزيشن ٻُڌائي، ايئن اُتان کان ٿيندي ڏاتر ڏني جو تڙ، ريشم سميجو جو تڙ، اُتي به ”ماتا“ جا ڪيس مليا، جتي ڳوٺاڻن کي دوائون ڏئي ۽ روڪٿام جا طريقا سمجهائي، ويڪسين جي ٽيم اُتي ڇڏي ۽ پوءِ رات جو دير سان اوٺي ڳوٺ اچي رهيس ٻئي ڏينهن ڏاني ڌانڌل وٽان ننگر پارڪر پُهچي تفصيلي رپورٽ موڪلي هئي، ان ۾ جيڪا مون ٽريس لکي ته ماتا هتي ڪيئن ۽ ڪٿان پهتي. ان تي بالا آفيسر بيحد خوش ٿيا ۽ ڊي سي علمدار رضا جڏهن ننگرپارڪر آيو ۽ ساڻس مير حاجي محمد بخش ٽالپر ۽ مير احمد خان پڻ هئا. 7- ڏينهن ننگرپارڪر ۾ رهيا. شڪار ڪيائون ايتري وقت ترسڻ جي ڪري ساڻن به ڪچهريءَ جو موقعو مليو.
    ننگرپارڪر مان بدلي ٿي ٽنڊو محمد خان ۾ اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ٿيس ته مون کي گاڏي مهيا ٿي ۽ شاهه ڪريم بلڙي، گولاڙچي، ٽنڊو غلام علي ۽ ٻيا هيلٿ سينٽر منهنجي نگراني ۾ ڏنا ويا. جتي هر طرح ڊولپمينٽ لاءِ ڪوشش ورتم. 1964ع سڄو سال اي ڊي ايڇ او، ٽنڊو محمد خان رهيس، انهيءَ سال سنڌ ۾ وڏي ٻوڏ (قدرتي آفت) جي صورت ۾ آئي هئي. وڻن ۽ پکين جي ڀيلاڙ کان سواءِ انساني جانيون وڏي تعداد ۾ ضايع ٿيون هيون. مون کي حڪم مليو ته ماتليءَ کي هيڊ ڪوارٽر بنايان، ايان 13- گاڏيون حوالي ڪري تڪڙا ٽوئر ڪرڻ لاءِ چيو ويو، جتان دنبالو، ڪڍڻ، گولاڙچي ۽ ٻيا علائقا جاچي ڏٺا جيڪي سڀ پاڻي هيٺ هئا. متاثرين کي ترت ميڊيڪل رليف ڏيڻ لاءِ ڪافي ڊاڪٽر لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو جا هئا، مون ساڻ ڏنا ويا. روزانو حيدرآباد جي ڊپٽي ڪمشنر وسيم صاحب کي رپورٽ به ڪندو هئس. 1965ع ۾ هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگ لڳي، انهن ڏينهن ۾ مون کي ”ٻيلا“ شهر آف بلوچستان جيڪو اڳ ڪراچي ڊويزن ۾ هو، بدلي ڪيو ويو ۽ ايئن 1965 - 09 - 19ع تي ٽنڊو محمد خان جي چارج ڇڏي. ”ٻيلا“ شهر بلوچستان لاءِ روانو ٿيس. 1965 - 09 - 22 تي جنگ بندي ٿي ويئي ۽ سڪون ٿي ويو هو. انهيءَ ڏينهن خبر ملي ته، اسان جي ڳوٺ تي انڊين آرمي قبضو ڪيو آهي، انڊين فوج رتنور ۽ اسلام ڪوٽ کان به اورتي مٺي رستي پهتي هئي ۽ پوءِ سيز فائر بعد موٽي ويئي، تن ڏينهن منهنجو پڙهائي واري وقت جو ساٿي ڊاڪٽر احمد علي ڊومڪي ڇاڇرو ۾ ميڊيڪل آفيسر هوندو هو، جيڪو خراب حالتن جي ڪري ڳوٺاڻن جي مدد سان اُٺ تي چڙهي عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص پهتو هو، پر آئون سون مياڻي کان اُٿل شهر کان ٻيلا شهر پهتس، ياد رهي ته اڳ لس ٻيلا اسٽيٽ هئي، جنهن کي تبديل ڪري لس ٻيلا ڊسٽرڪٽ ڪيائون ۽ ٻيا شهر هيڊ ڪوارٽر رکيو ويو، جتان پوءِ 1968ع ۾ ضلع هيڊ ڪوارٽر ٻيلو شهر مان ختم ڪري ”اٿل“ کي ڪيائون. انهيءَ دوران 10- مهينن تائين مون وٽ 3- چارجون رهيون. ڊي ايڇ او انچارج ضلع ٻيلا، (ايم ايس) ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ۽ ميڊيڪل آفيسر انچارج. ان وقت ضلعي ٻيلا بلوچستان ۾ عوام جو پنهنجي معالجن تي تمام گهڻو اعتماد هو ۽ عزت ڏئي پنهنجو علاج ڪرائيندا هئا. اهڙي بهتر ماحول ۾ ماڻهو نهايت سادا ۽ سٻاجهڙا لڳندا هئا. ياد رهي ته انهيءَ مصروفيت باوجود آءٌ موڪل وٺي خوشي رام ٽرسٽ جي ميٽنگ ۾ سکر پهچندو هئس. ذڪر ڪندو هلان ته، اپريل 1964ع ۾ هڪ مهيني جو ڪورس لاهور جي ”انسٽيٽيوٽ آف هائيجن اينڊ پريوينٽوَ ميڊيسن“ ۾ ڪيو، اُتي هاسٽل ۾ رهندا هئاسين جتي عيد جي 3- ڏينهن موڪل ٿي. دوستن صلاح مشورو ڪري گهمڻ لاءِ راولپنڊي، ڪوهه مري، لانڍي ڪوتل ۽ پوءِ پشاور وياسين جتي ڪا نمائش لڳل هئي، تفريح ڪري ٽئين ڏينهن موٽي لاهور ڪلاس اٽينڊ ڪيوسين. انهيءَ ”اوريئينٽيشن ڪورس“ دوران اسان کي ٻه ٻه راتيون فيلڊ ۾ للياڻي، بيديان ۽ ٻين هيلٿ سينٽرن تي ٽريننگ لاءِ وٺي ويندا هئا. ڪورس دوران ميڊيڪل شعبي جي قابل شخصيتن سان ملاقاتون به ٿيون. 1967ع سڄو سال ٻيلا شهر ۾ رهيس، اڪثريت ۾ رهندڙ رونجها، خاصخيلي ۽ ٻيون برادري هيون. سوشل ايڪٽوٽي طور اُتي اسان اسٽيج ڊرامون مها ڀارت جو پروگرام ڪيو، جيڪو پنج راتيون هليو، ان جو ليکڪ ۽ هدايتڪار به آئون هئس، انهيءَ سال سيٺ خوشي رام دريانو مل ديهانت ڪري ويو ۽ منهنجو دوست ڊولپمينٽ آفيسر انور علي سميجو ڊيپوٽيشن وٺي هڪ مهينو ”ٻيلا“ آيو هو.
    1967 - 11 - 17 ماتا جي جانچ جي لاءِ ڊائريڪٽر هيلٿ حيدرآباد سنڌ طرفان ليٽر مليو ته لسٻيلي ضلعي ۾ دُريجي تعلقي ۾، سنڌ جي بارڊر وٽ ماتا بيماري جي جاچ ڪري رپورٽ ڏي ۽ ڊپٽي ڪمشنر لسٻيلا هڪ گاڏي مُهيا ڪئي.
    آئون اسٽاف سان اُن گاڏيءَ ۾ حب چوڪيءَ کان دُريجي تحصيل ڏي سفر ڪيو، جتان سفر ڊگهو هو، حب نديءَ جي ٻنهي ڪنارن تي هلندي هلندي دُريجي پُهتاسين، جتان مختيارڪار سان گڏ لَڪُ روحيل وٽ وڏيرو عبدالرحمان جي ڳوٺ پهتاسين. اُتي وڃي ناڪابندي ڪري ٽيمون وئڪسنيشن لاءِ موڪليون ۽ اسان جو ٻي ڏينهن صبح جو سوير دُريجي وڃڻ ٿيو، رات جو دير سان ڪراچي پهتاسين. ٻئي ڏينهن تفصيلي رپورٽ ٺاهي موڪلي سين ته اِها ماتا ڪٿان ۽ ڪيئن آئي.
    سال 1968ع فيبروري ۾ ڊائريڪٽر هيلٿ حيدرآباد سنڌ کان آرڊر آيو ته تعلقو اومارا ضلعو لسٻيلا ۾ ماتا پکڙجي وئي آهي.پوري تعلقي ۾ وئڪسين ڪري رپورٽون ڏيو. 2- مارچ 1968ع تي لانچ ذريعي ڪراچيءَ مان روانا ٿياسين. 140- ڪلوميٽر سمنڊ طئي ڪري 26- ڪلاڪن ۾ اورمارو پهتاسين. 5- ڏينهن اُتي رهي سڄي تعلقي جي آبادي لڳ ڀڳ نو هزار هئي، ناڪابندي ڪري شهر ۽ اَرد گرد ڪُل آبادي جي ماتا لاءِ وئڪسين ڪئي. هڪ هفتو اورمارا ۾ رهي، اُتان سمنڊ رستي لانچ ۾ اچي ڪراچي مان تفصيلي رپورٽ گورنمينٽ کي موڪلي سين.
    بعد ڪوشش ڪري ٻيلا شهر کان بدلي ڪرائي 1968 - 10 - 17 ميرپورخاص ۾ ميڊيڪل آفيسر جي ڊيوٽي ڪرڻ شروع ڪئي. ڪجهه ڏينهن بعد ٻيلا شهر جي ماڻهن گهڻو اسرار ڪيو ته آئون سندن پاران الوداعي دعوت ڇڏي آيو آهيان، جنهن لاءِ مون هڪ هفتو موڪل ورتي، جڏهن پهتس ته تعليم کاتي جي عملي کان علاوه هندو پنچائت ۽ ٻين شعبن جي ماڻهن دعوتون ڪيون، تحفا ڏنا ۽ پوءِ موڪلائڻ لاءِ ڪراچي ريلوي اسٽيشن تي ڇڏڻ آيا، خاص ڳالهه ته ڪافي عرصو رهڻ ڪري آئون اُتان جون بلوچي ٻوليون سکي ويو هئس. 4- مئي 1970ع ۾ مون آر ايم او جي چارج ڊاڪٽر الهه بخش ڀرڳڙي کان ورتي هئي. ان وقت ميرپورخاص اسپتال جو سول سرج ڊاڪٽر ايس ايم هاليپوٽو هوندو هو ۽ ڊائريڪٽر هيلٿ ڊاڪٽر اي ايم قاضي هو. انهيءَ سال اسان جو خاندان ۽ ڪجهه عزيز ٿر مان لڏي اچي ڪوٽ ميرس ويٺا. وري وڏي ڀاءُ جي زور ڀرڻ تي ٿر جي تعلقي ڇاڇري جي ڳوٺ ڀوريلو مان مڱڻي جي رسم ادا ڪئي ۽ 4 فيبروري 1971ع ۾ شادي به ڪيم. انهيءَ وچ ۾ منهنجو بدلي جو آرڊر شاهه ڪريم بلڙي ٿيو، آئون وڃڻ لاءِ راضي نه هئس. منهنجي هڪ دوست گل بيگ لغاري سان ذڪر ڪيم، جيڪو مون کي حيدرآباد سيد ذوالفقار شاهه ڄاموٽ جي بنگلي تي وٺي آيو، جتي پير صاحب پاڳارو مهمان ٿي پُهتل هو. منهنجي ملاقات ڪرايائين ته پير صاحب وڏي آٿت ڏني ۽ اوڏي مهل ڊائريڪٽر کي فون تي چيائين. اسان جو هڪڙو هندو ڊاڪٽر آهي. هن کي تنگ نه ڪريو. بس ٻي ڏينهن بدلي ئي رڪجي ويئي. آئون وري پنهنجي ڊيوٽي ۾ لڳي ويس. ايتريقدر جو شاديءَ لاءِ به ٽي ڏينهن موڪل ورتم ۽ ميهنديءَ جي رسم ۾ شام جو شريڪ ٿيس، ڏينهن جو ڊيوٽي ڪيم. اهو وقت جوانيءَ جو هو ۽ ڊاڪٽري ڊيوٽي هڪ جذبي سان ڪندو هئس. 1971ع ۾ پاڪستان _ هندستان جي جنگ به لڳي هئي ۽ سرڪار جي پاليسي تحت جيڪي بدليون ٿيون ته، منهنجي بدلي وري 23- نومبر 1971ع تي ٽنڊو محمد خان بدلي ٿي، جيئن ته اهو علائقو مون لاءِ نئون نه هو ۽ اٽڪل پوڻا ٻه سال دل و جان سان خدمت ڪئي. انهيءَ دوران مون کي وڏي خوشي نصيب ٿي ۽ موجوده ڊاڪٽر سرجن جواهر جو 16- جنوري 1972ع تي جنم ٿيو. مون کي جيڪا سرهائي ليڊي ڊفرن هاسپيٽل حيدرآباد جي گيٽ تي پهچڻ سان ٿي هئي، اها اڄ به مون لئه تازه آهي. ڊگهڙي اسپتال ۾ جيڪو عرصو رهيس مريض گهڻي تعداد ۾ ايندا هئا، ڪي مريض ته ٻين شهرن کان به علاج لاءِ ايندا هئا، تنهنڪري مون رهائش ئي ڊگهڙي ۾ مليل سرڪاري جاءِ ۾ اختيار ڪئي. ايتريقدر مريضن جي اعتماد سبب مون پاڻ کي 24- ڪلاڪ ڄڻ سول اسپتال ڊگهڙي لاءِ وقف ڪيا هئا، انهن ڏينهن ۾ خوشي رام ٽرسٽ جي ميمبر ڀمرلال ڊي نٿواڻي ميرپورخاص ۾ وفات ڪئي، جنهنڪري مون تي ٽرسٽ جون ذميواريون ويتر وڌي ويون هيون، هڪ ڀيري ڊگهڙيءَ ۾ مليل سرڪاري جاءِ ۾ رات جو چور گهڙي آيا، اتفاق سان آئون جاڳيس پئي، چور جاڳندو ڏسي واپس ديوار ٽپي ڀڄڻ لڳا ته آئون به سندن پويان وڃڻ لڳس، پوءِ چوڪيدار به پهچي ويا. ريوالور سان فائر ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم ته گولي ڦاسي پئي، بهرحال ڪجهه ڏينهن بعد ڄاڻ ملي ته اهي شاهينگ ڄاتل سڃاتل هئا. 1974 - 06 - 19 تي گوهر راڻا به ڊگهڙيءَ ۾ ڄائو، جيڪو مون غريب مريضن جي دعائن سان مالڪ خالق جو تحفو سمجهيو. بعد ۾ 11- مئي 1975ع تي منهنجي ڪنڌڪوٽ بدلي ٿي، جيڪا مون تبديل ڪرائي لاڙڪاڻي ۾ 18 هين گريڊ ۾ رجسٽرار سرجري ٿي ويس. ان وقت لاڙڪاڻي سول اسپتال ۾ انچارج مشهور ڊاڪٽر شيرازي وڏو قابل انسان هو. وڏا ڪامياب آپريشن ڪندو هو. مون به سندس سرجري يونٽ ۾ رهي ڪم ڪيو. ڪيترائي مهينا رهڻ بعد گرمين ۾ آئون ٽي مهينا موڪل وٺي ميرپورخاص آيس، جڏهن موڪل پوري ٿي ته وري جوائنگ نه پئي ملي. اُنهن موڪل وارن مهينن ۾ ”ميمڻ چيئرٽيبل هاسپيٽل“ ميرپورخاص ۾ عارضي طور رهي خدمت ڪئي. منهنجي ٽيون نمبر پٽ ڊاڪٽر سردار جو به 1976 - 10 - 17 تي جنم ٿيو. اهي ئي سڄيون خوشيون هيون، جنهنڪري مون کي گهڻي ٿڪاوٽ ٿڪائي نه سگهي. ساڳي طرح 1976 - 10 - 11 تي ٻيهر ڊگهڙي بدلي ٿي آيس، ايئن 1979ع جي اڌ سال تائين ڊگهڙي سول اسپتال ۾ رهي خدمت ڪئي. انهيءَ سال ٽيون نمبر پٽ نريندر 16- آڪٽوبر 1978ع تي ڄائو هو. انهيءَ دوران خوشي رام ٽرسٽ توڙي تعليمي سوسائٽي جي ذميوارين کان به غافل نه رهيس، ميٽنگون هجن يا سونپل فلاحي ڪم بخوبي سرانجام ڏيندو رهيس. 1980ع ۾ سول سرجن ٺٽو جي حيثيت سان اسپتال جي رهيل تعميراتي، ليبارٽري ۽ ٻيا ڪم ڪرايا. خاص ڪي بيچم دوائن جي ڪمپني کان ڊونيشن وٺي، اُتي اسپتال جو وڏو بورڊ ٺهرايو، اسپتال جو ضروري سامان هٿ ڪيو. ساڳئي ڪمپني کان ڊونيشن جي طور دوائون ورتيون. انهيءَ دوران پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن ضلعي ٺٽي جو صدر رهيس ۽ 14- فيبروري 1980ع ۾ اسپيشلسٽ ڊاڪٽرن جي ڪئمپ لڳائي، جن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر اسلم آرائين، پروفيسر ڊاڪٽر اسحاق قريشي ۽ ٻيا آيا هئا. اهو دور سڄو مارشل لا جو دور هو. تنهن ڪري ڪڏهن ”ڊي ايم ايل اي“ ته ڪڏهن ”ايس ايم ايل اي“ اوچتو ضلعن جا دورا ڪندا هئا. سيڪريٽري هيلٿ برگيڊيئر شيخ محبوب صادق به آيو هو، جنهن ٺٽي ۾ پهريون دفعو ”بلڊ بئنڪ“ ڏسي خوشيءَ جو اظهار ڪيو هو. انهن ڏينهن ۾ پي ايم اي ٺٽو پاران هر مهيني تعلقي سطح تي ميڊيڪل ڪئمپ ۽ سيمينار منعقد ٿيندا هئا. گڏوگڏ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ٺٽي جي اضافي چارج 1980 - 09 - 09ع کان 1981 - 03 - 21 تائين پڻ مون وٽ رهي. ان ڪري به پوري ضلعي ۾ ڊيوٽي ڪرڻي پوندي هئي. صبح وقت سول اسپتال ۾ آپريشن ڪرڻ ۽ او پي ڊي ڏسڻ، شام جو ضلعي ۾ نڪري وڃڻ ايتري قدر جو موڪل جي ڏينهن به ضلعي ۾ ڪنهن نه ڪنهن هيلٿ سينٽر تي بيٺو هوندو هئس. اهڙي ريت مخير حضرات کان چندو گڏ ڪري بلڊ بئنڪ لاءِ جُدا ڪمرو ٺهرائي بلڊ بئنڪ لاءِ اسٽاف به رکي ڏنو هو. آئون ڪينجهر ڍنڍ تي پي ايم اي جي وڏي گڏجاڻي ڪري ٺٽو رهائش تي پهتس ته 14- نومبر 1980ع تي پٽ جيتندر ڄائو، جنهنجي خوشخبري ملي. آئون واندڪائي ۾ ڪڏهن درگاهه پير پٺو، مڪليءَ کي ويجهو ٻاوا سريچندر جو مندر ۽ شهر ٺٽي ۾ شاهجهان جي جوڙايل بادشاهي مسجد جيڪو تعميرات جو اعليٰ نمونو آهي ڏسڻ ويندو هئس. 1981ع ۾ ميرپورساڪرو ۾ 40- بسترن تي مشتمل شيخ زيد اسپتال جيڪا عاليشان ٺهي راس ٿي هئي، ۽ ضلعي جي وڏي اسپتال هوندي هئي. يو اي اِي جو ڊپٽي منسٽر آيو هو اُن جي موجودگيءَ ۾ سنڌ سرڪار جي حوالي ٿي. ان تقريب ۾ ڊويزنل ڪمشنر عبدالله جي ميمڻ ايڊيشنل ڊائريڪٽر هيلٿ ڊاڪٽر سڄڻ ميمڻ ۽ ٻيا شريڪ ٿيا هئا. اهو سڄو انتظام مون کي بحيثيت ضلعي هيلٿ آفيسر جي ڪرڻو پيو. انهيءَ سال سول اسپتال ٺٽي لاءِ مشاورتي بورڊ جڙيو، جنهن ۾ ضلعي چيئرمين، ايم پي اي ۽ نوٽ ايبل پرسن محمد خان سومرو به ميمبر هوندا هئا، جڏهن ته سول سرجن سيڪريٽري جي طور ڪم ڪندو هو. انهيءَ سال پي ايم اي ضلعي ٺٽي - مڪلي ۾ رهائشي ڪالوني ۾ پي ايم هائوس ٺهرائڻ لاءِ پلاٽ به ورتو ويو هو. 19- ڊسمبر 1981ع صبح سويل سول اسپتال ٺٽو جون حالتون مايوس ڪندڙ هيون. منهنجي اکين اڳيان انڌارو ڇانيل هو. ايئن لڳو ڄڻ مون کان سڀ ڪجهه لٽجي ويو هجي. گهر ۾ گهڙي هڪ ئي بيڊروم ۾ 5 معصوم ٻارن سان پنهنجي گهر واريءَ سان ستل هئس ته هڪ ماڻهو ريوالور سان ويجهو فائر ڪري ڀڄي ويو. اوڏي مهل جيئن رڙ ٿي، اُٿس ڇا ٿيو....!؟ ڇا ٿيو..!؟ ڏسندي ئي منهنجي گهر واري دم ڏيئي چُڪي هئي. اسپتال جو اسٽاف، مريض، همدرد ماڻهن جو ميڙ گڏ ٿي ويو. منهنجي بي وسيءَ جي اها حالت هئي جو ڪوشش جي باوجود ڳالهائڻ نه پئي نڪتو. آئون ٻي ڏينهن صبح ميت کڻي ٻارڙن سان گڏ ڪوٽ ميرس پهتس، جتي ويجهي قبرستان ۾ تدفين ٿي، اُن ڏک جي گهڙيءَ ۾ تڏي تي دوست احباب، ڊاڪٽر پاڙيسرين سميت پير غلام رسول شاهه جيلاني، رئيس خير محمد ڀرڳڙي، سيد لعل شاهه رضوي ۽ مير حاجي حيات ٽالپر پڻ تڏي تي پهچي ويا. اهو ڪيس جيئن چالان ٿيو، جوابدار نامزد ٿيا، ڏوهه قبولي ورتائون، ته اُن کان پوءِ انڪواريون، ڪورٽن جون حاضريون، تن ذهني ۽ جسماني طور ٿڪائي وڌو هو، پريشان ڪُن ڳالهه ته، انهن جوابدارن ۾ ٺٽي سول اسپتال مان سزا طور بدلي ڪيل پيرا ميڊيڪل جا ٻه ملازم ۽ هڪ منهجي ويجهي عزيز جو پٽ به شامل هو. عدالت سڳوريءَ مان جوابدار ضمانت ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. هوڏانهن اُنهن جي وارثن به مختلف حربا استعمال ڪري سياسي پريشر ڏياريا، اڳتي هلي اهي آجا ٿي ويا. انهيءَ سانحي ۾ مون سان جن مهربان دوستن ۽ آفيسرن همدردريون ڪيون، تن جو تفصيل طويل آهي. مختصر طور تي انهيءَ قتل ۾ جيڪي ملوث رهيا، انهن ۾ ڪي بيماريءَ وگهي مري ويا، ڪي چريا ٿي دربدر ٿيا، کين اهڙيءَ صورت ۾ پروردگار سزا ڏني. ان واقعي کان پوءِ آئون اٽڪل 13-سال ڪوٽ ميرس نه ويس. گهڻو وقت ڊيوٽيءَ کان پوءِ اولاد کي تعليم ڏيارڻ ۾ وقف ڪيو ۽ پٽن کي ماءُ ۽ پيءُ جا ٻئي پيار ڏيڻ ۾ ڪا ڪمي نه ڇڏي هئي. مالڪ جا شڪر آهن، جو اڄ منهنجو اولاد گريجوئيٽ، ڊاڪٽر ۽ اعليٰ تعليم يافته آهي. ياد رهي ته ٺٽي جي ماڻهن جي محبت، ساٿ ڏيڻ جو وڻندڙ انداز جي ڪري مون پاڻ بالا آفيسرن کي چئي ٺٽو ۾ ئي سول سرجن جي طور تي 1985ع تائين رهيس.
    1982ع جو سال به سول سرجن ٺٽو رهيس. ان دوران مارشل لا حڪومت جاري هئي. سول اسپتال ۾ هڪ موبائيل هيلٿ يونٽ قائم ڪرايو. جنهن جو هيلٿ منسٽر سنڌ محمد يوسف افتتاح ڪيو هو. اهو يونٽ انٽرنيشنل ميڊيڪو جي پاران 21- جون تي ڊاڪٽر ”بوئي خان“ جي موجودگي ۾ فنڪشنل ٿيو، جيڪو اصل سانگهڙ جو رهندڙ هو. انهيءَ سال منهنجو چاچو لڇمڻ داس ديهانت ڪري ويو، جنهن جي رسمن لاءِ ڳوٺ چاڙهيار تعلقي ڇاڇري به وڃڻ ٿيو ۽ ساڳئي ريت تعليمي سوسائٽي جو ورڪ ۽ خوشي رام هريجن ٽرسٽ جون سرگرميون به جاري رکيون.
    1982ع ۾ هلال احمر جو هفتو وڏي پئماني تي ملهايو ويو. ڊپٽي ڪمشنر قلي بخش رند هلال احمر لاءِ گڏجاڻي ڪئي، جنهن لاءِ مون کي سيڪريٽري نامزد ڪيائون، ساڳئي ريت هلال احمر جو ڪم جاري رهيو ۽ سال جي آخر ۾ 26- ڊسمبر تي ڪراچي ۾ گهرايل اجلاس ۾ شريڪ ٿيس، انهن ڏينهن ۾ منهنجو دوست حبيب الله قادري جيڪو ٺٽي جو بي لوث خدمتگار هوندو هو، حادثي ۾ فوت ٿي ويو. هلال احمر ۾ ٻيا به ميمبر هئا، جن ۾ ڊاڪٽر ممتاز عقيلي، بريع الزمان ميونسپل ڪميٽي چيئرمين، مرحوم قادري صاحب ۽ ٻيا هئا. مختلف شهرن سجاول، ڪلري، چوهڙ جمالي ۽ مکيه فنڪشن شهجهان مسجد ۾ پروگرام ڪرايا ويا.
    16- مئي 1983ع ڪئناڊا جي ٽيم ٺٽي ضلعي جو دورو ڪيو هو، جنهن ۾ ڊاڪٽر نور احمد عباسي، ڊاڪٽر عبدالله جان پٺاڻ ۽ ڊي ايڇ او ٺٽو به شامل هئا. ان سلسلي ۾ ضلعي جي ڪيترن ئي هنڌن تي پڻ وياسين.
    ساڳي سال موجوده مومل اسپتال سيٽلائيٽ ٽائون ميرپورخاص ۽ رهائشگاهه بنگلو هائوس بلڊنگ ڊپارٽمينٽ کان قرض کڻي ٺهرايو. ٺٽو مان سيشن جج تاج محمد ابڙو بدلي ٿيو هو ۽ ان محمد خان سومرو ايم پي اي جي دعوت ۾ سندس ٺٽو ويجهو ڳوٺ ويا هئاسين. ان بعد ٺٽو ۾ ڊاڪٽرن جي ڪانفرنس منعقد ٿي هئي. انڊيا بمبئي مان اکين جي بيمارين جو ماهر ڊاڪٽر هيرانند به آيو هو. سڀني جي دعوت ايم اين اي غلام حسين ميمڻ عرف (سوني منڊي) ڪئي هئي. 2- مئي 1984ع تي سول اسپتال جي وزٽ تي گورنر سنڌ جنرل جهانداد خان آيو هو ۽ ميٽنگ ڪئي هئائين. ان بعد ٻيون شخصيتون به سرڪاري طور تي سول اسپتال ٺٽو جو دورو ڪيو. جن ۾ صوبائي وزير صحت بوستان علي هوتي، سيڪريٽري هيلٿ سنڌ ڊاڪٽر ايم آر ارشد ملڪ ۽ سال جي آخر تي نئون سيڪريٽري محمد صالح ميمڻ به پهتو، جيڪو منهنجو ايم بي بي ايس ۾ استاد پڻ رهيو هو. انهيءَ وقت جو هڪ ڪم جيڪو مون کي ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ سرانجام ڏيڻ لاءِ مليو. جنهن ۾ ايم آر ڊي جي تحريڪ هئي، گهارو ۾ عارضي جيل رکيو ويو هو، جتي برک سياسي اڳواڻ مخدوم خليل الزمان، ممتاز علي ڀٽو ۽ غلام مصطفيٰ جتوئي سميت 7- يا 8- قيدي هئا. جتي هڪ ڪمپائونڊر ۽ ڊرائيور سان گڏ انٽري ڪرائي وڃڻو پوندو هو ۽ ساڻن گپ شپ ٿيندي هئي. ڊي سي ٺٽو ان وقت مون کي گهرائي سختي سان هدايتون ڏنيون ته انهن سياسي قيدين لاءِ ڪو همدردانه علاج جو سفارشي نوٽ نه لکجان، جنهن لاءِ ممتاز ڀٽو تمام گهڻو چوندو هو. آئون پي ايم اي ٺٽو جي ضلعي صدر جي حيثيت ۾ کارو ڇاڻ نزد ڌانڌري ۾ وڏي ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي هئي، جتي ڊاڪٽر 450- مريض ڏسي سگهيا هئا. 13- ڊسمبر 1984ع تي اُن وقت جو صدر پاڪستان ضياءُ الحق ٺٽي جي دوري تي آيو، رات به ٺٽي ۾ رهيو ۽ هڪ اهم گڏجاڻي به رکي ويئي، جنهن ۾ مون کان سول اسپتال ۽ ضلعي ٺٽي جي هيلٿ بابت بريفنگ ورتي ويئي. ساڻس ضرورتن تي گفتگو ٿي. ان بعد مون کي گڏيل طور پي ايم اي جي ضلعي صدر لاءِ پنجون دفعو به صدر چونڊيو ويو. مگر گڏوگڏ بدلي جي آرڊر جو به معلوم ٿيو ۽ ايئن آئون 6- اپريل تي ٺٽي مان چارج ڊاڪٽر احمد علي ڊومڪي جي حوالي ڪري سانگهڙ سول سرجن طور جوائن ٿيس. ٻه ڏينهن بعد ٺٽو واپس آيس، جتي منهنجي مان ۾ اسٽاف پاران الودائي پارٽي رکي ويئي جنهن جي ذميواري پي ايم اي ضلعو ٺٽو ۽ دوست غلام حيدر سومرو نڀائي. جتان موڪلائي واپس سانگهڙ پهتس. جتي اطلاع مليو ته جناب محمد خان جوڻيجو وزيراعظم جي طور سنڌڙي پهچي رهيو آهي ۽ ڊاڪٽر جي حيثيت سان مون کي پهچڻ لاءِ چيو ويو، جتي پهچي ڊيوٽي سان گڏ پراڻي واقفيت جي ڪري ساڻس ملاقات ڪئي ۽ کيس وزيراعظم ٿيڻ جون واڌايون پڻ ڏنيون. سال 1985ع جي ڳالهه آهي. ڊاڪٽر ويرسي ڌناڻيءَ کي بلڊ ڪينسر ٿي پيو، جنهن جي ڊيوٽي گولاڙچي ۾ هوندي هئي، ڪراچي ۾ زير علاج هو، ڊاڪٽرن جي مشوري موجب کيس 40 - هزار چندو ڪري ڪراچي مان نو آبجيڪشن جو ليٽر وٺي بهتر علاج لاءِ بمبئي روانو ڪيو، جتي علاج باوجود تندرست ٿي نه سگهيو ۽ 9- سيپٽمبر 1985ع تي دنهايت ڪري ويو، جنهن جي عذرخواهي لاءِ روچي رام، ڊاڪٽر غلام محمد ۽ ڊاڪٽر جهامنداس سان گڏجي ٿر وياسين. انهن ڏينهن ۾ مصري لڌاڻي سانگهڙ ۾ انڪم ٽيڪس جو آفيسر هو. ساڳئي سال 31- آگسٽ تي سانگهڙ ۾ ڊي ايم ايل اي حڪيم راشد دوري تي آيو هو، جنهن سان به ميٽنگ ٿي. 12- سيپٽمبر تي وزير صحت احد يوسف سانگهڙ جي دوري تي آيو ۽ اسپتال ڏٺائين، کيس سول سرجن جي حيثيت ۾ بريفنگ ڏني. ضلعي ۾ سماجي ۽ ثقافتي سرگرميون ٿينديون هيون. 15- آڪٽوبر تي فيملي پلاننگ ڊپارٽمينٽ جو سيمينار ٿيو، جنهن ۾ مون کي مهمان خاص مقرر ڪيو ويو. وزيراعظم محمد خان جوڻيجو جي سانگهڙضلعي سان وڌيڪ همدردي ۽ محبت هئي، تنهنڪري ڳوٺ سنڌڙي ايندو هو ته ضلعي جي مختلف هنڌن تي تقريبيون رکيون وينديون هيون. 20- آڪٽوبر تي وزيراعظم سانگهڙ آيو، ان بعد شهدادپور ۾ اوپن ڪچهري ڪئي، جنهن ۾ سڀني ضلعي آفيسرن ۽ ڪجهه صوبائي سيڪريٽرين کي به گهرايو ويو ۽ انهيءَ سال 31- آڪٽوبر تي سانگهڙ سول سرجن آفيس ۾ هڪ ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ معذورن لاءِ ڊس ايبل پرسن ري هيبليئشن جون سفارشون مرتڪب ڪيون ويون. ضلعي جي اعليٰ اختيارين اهو ڪريڊٽ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر عوام قدر جي نگاهه سان ياد ڪيو. تعميرات وقت پهرين اسپتال هيٺ هئي، جنهن ۾ ڀرائي ڪرائي بهتر ڪيوسين، اڳ ۾ سانگهڙ جي ڊي ايڇ او جي آفيس سول اسپتال ۾ هئي، منهنجي هتي اچڻ بعد ڊي جي هيلٿ ڊاڪٽر سڄڻ ميمڻ سان گڏجاڻيون ڪري سول اسپتال ۾ وارڊ، ليبارٽري ۽ روم وڌائڻ جا ڪم ورتا. اٽڪل ساڍا اٺ سال سانگهڙ ۾ سول سرجن رهيس. انهيءَ دوران هاسٽل، ميس، توڙي سيڪيورٽي سميت اسپتال جي ترقياتي ڪم جو مرحلو مڪمل ڪيو ۽ جيئن ئي سانگهڙ سول اسپتال ۾ پهتس ته، پهريون ڪم مڊوائري اسڪول شروع ڪيو. انهيءَ بعد 1986ع ۾ هڪ واقعو رونما ٿيو، جو سول اسپتال سانگهڙ جي وارڊ ۾ ضلعي انتظاميه علي محمد نظاماڻي نالي ڌاڙيل کي علاج لاءِ رکيو، مون کين مشورو ڏنو ته کيس هتي نه رکو. ماڻهو ملاقات ۾ کيس هٿيار ڏيئي سگهن ٿا. يا ڪو حادثو پيش اچي سگهي ٿو. ڊاڪٽر حنيف اعواڻ به مون سان ڊيوٽيءَ ۾ گڏ هو. ڪجهه ڏينهن ۾ ايئن ٿيو، جو ڌاڙيل سان ڪي عورتون ملاقات لاءِ آيون جنهن ۾ هڪ کيس ريوالور ڏيئي ويئي. ساڳي ڏيئي شام اُهو ڌاڙيل ڪمري کان ٻاهر هوا کائڻ لاءِ پوليس جي سپاهين کي چيو، هٿڪڙيءَ جي هڪ سائيڊ کليل هئي، هڪ سپاهي چانهه پيئڻ ويو ته ٻي سپاهي کان هو زبردستي ڇڏائي نڪري ويو، جنهن مان سڀني کي سٺو سبق مليو ته آئنده احتياط لازمي آهي. اهو سڄو سال 1986ع به سانگهڙ سول سرجن جي حيثيت ۾ رهيس، انهيءَ دوران فقير عاقل هنڱورو، صوبائي وزير بلديات سنڌ دورو ڪيو. وزيراعظم محمد خان جوڻيجو به جڏهن سانگهڙ پنهنجي ڳوٺ سنڌڙي ايندو هو ته مون کي بحيثيت سندس ڊاڪٽر اُتي پهچڻو هوندو هو. انهيءَ سال پي ايم اي سانگهڙ جو مون کي وري صدر چونڊيو ويو 18- مارچ تي ڊسٽرڪٽ سوشل ويلفيئر جي شاندار تقريب ٿي جنهن ۾ مهمان خاص طور مدعو ٿيس. ساڳئي سال مئي مهيني ۾ نئون ڊي سي نظر حسين مهر پهتو ته جلد پوءِ ڪمشنر قليل بخش رند سانگهڙ جي دوري تي آيو ۽ هن سول اسپتال کي به ڏٺو. ياد رهي ته رند صاحب ان کان اڳ ٺٽي جو ڊي سي رهيو ته ويجهڙائي رهي هئي، ان موقعي تي پي پي پي سانگهڙ جي صدر رئيس الطاف رند سندس دعوت ڪئي ته ان ۾ به گڏ هئاسين ۽ ساڻس سُٺي ڪچهري ٿي. انڪم ٽيڪس آفيسر مصري مل لڌاڻي بدلي ٿيو ته اسان کيس الوداعي پارٽي ڏني. انهيءَ ڊنر ۾ ايس ايس پي عبدالعزيز بُلو، انجنيئر مورائي صاحب ۽ ضلعي جا اعليٰ آفيسر به شامل ٿيا هئا.
    19- آگسٽ 1986ع تي وزيراعليٰ ڄام صادق عليءَ جي ارجنٽ وزٽ جو پروگرام ٿيو، ڇا ته دٻدٻو هو رات ئي رات ۾ سنهرا ليڻا شهدادپور هيلي پيڊ تيار ٿيو، سڀئي انتظام مڪمل ڪيا ويا. سڀني کاتن جون گاڏيون ۽ ايڊمنسٽريشن اٽينشن ۾ اچي ويا، آفيسرن جو مُٺ ۾ ساهه هو. ڄام صاحب جيڪو ڳالهائي جيڏي مهل ڳالهائي اهو آرڊر سمجهيو ويندو هو. مجال جو ڪير ٻيهر ورجائي پڇي...!! جنهن کي چاهيندو هو ته نوازي ٿي ڇڏيائين ۽ ناراضگيءَ جي صورت ۾ ڄڻ اُن کي رُلائي ٿي ڇڏيائين.
    اسان سول اسپتال جا ڊاڪٽر عملو گاڏيون سڀ حاضر رهندا هئاسون. وري ترت آڪٽوبر ۾ وزيراعظم دوري تي آيو، هٿونگو ۾ کليل ڪچهري بعد شڪار به ڪيائين. نهايت پُرسڪون، آفيسر ننڊون ڪري پوءِ پيا پهچندا هئا.
    اهڙو شريف، تحمل پسند انسان جيڪو وٽس پُڄندي آفيسر جو نالو کڻي هيلو هاءِ ڪندو هو يا ڪا ڳالهه پُڇندو هو.
    اسان وري نومبر ڌاري ڳوٺ بلاول اَبو پوٽو ۾ مفت اکين جي وڏي ڪئمپ هنئيسين، جتي گجريءَ ۾ 300- مريضن جو علاج ٿيو.
    ايس ڊي ايم محمد بچل ٻوهيو جهڙو لائق آفيسر به اسان سان شانا بشانه رهيو. ساڳئي ريت سول اسپتال جا سڀئي ڊاڪٽر خاص طور ليڊي ڊاڪٽرن سنجهورو تعلقي ۾ ميڊيڪل ڪئمپ منعقد ڪئي، جتي وريام فقير جي ذميواري هئي، اُن تعاون ڪيو ان سال جي آخر يعني 29 ڊسمبر تي سيد صالح شاهه آف ٽنڊو مٺا خان پيپلز پارٽي جو صدر هو، ان جي وفات ٿي ته آئون ۽ سندس دوست غلام محمد لغاري گڏجي وياسين، چاليهي جي خيراتي دعوت ۾ به شريڪ ٿياسين. 9- جنوري 1987ع تي کوڙي فاريسٽ ٻيلو تعلقو کپرو جيڪو هنيئر ليز تي زرعي زمين جي شڪل ڌاري چڪو آهي، ۾ وزيراعظم پاڪستان محمد خان جوڻيجو جن جي ميزباني ۾ وڏي پئماني تي شڪار ٿيو هو، جنهن ۾ ڪيترن ملڪن جا سفير ۽ گورنر پنجاب مخدوم آف ملتان صادق حسين قريشي پڻ شريڪ هئا. آئون بحيثيت سول سرجن پنهنجي ميڊيڪل ٽيم وٺي پهتو هئس. جيئن ته سرڪاري ذميواري بعد فارغ ٽائيم ۾ سماجي خدمت جي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جو ته سلسلو جاري هو. 17- مئي 1987ع تي خوشي رام ٽرسٽ جي ميٽنگ جيڪا بوزدار وڏا ضلعي خيرپور ۾ منعقد ٿي، ان ۾ سيٺ هوندراج خاص مهمان هو ۽ صدارت مون کان ڪرائي هئائون. ورڪنگ ڪميٽيءَ جا ميمبر سچانند، ارجن داس، مصري لڌاڻي، پريم جي، ساجن داس چنداڻي، ڊاڪٽر جميل ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. خدمت جو اهو سلسلو ڪڏهن سرڪاري حيثيت ۾ به رهندو هو. اڇڙي ٿر جعفرائو تعلقي کپرو ۾ مريضن جي وڏي ميڊيڪل ڪئمپ لڳي، جنهن ۾ ڪمشنر حيدرآباد علي محمد جي شيخ، سانگهڙ مان اسان سان گڏ ميڊيڪل ڪئمپ جو افتتاح ڪرڻ هليو هو. 31- مئي 1987ع تي گُجريءَ ويجهو چڪ نمبر3- فتح الدين باجوه ۾ وزيراعظم صاحب جي کليل ڪچهري منعقد ٿي، جنهن ۾ ضلعي جا سڀئي آفيسر آيا هئا، مون تي ۽ ڊائريڪٽر هيلٿ ڊاڪٽر سڄڻ ميمڻ تي خاص ذميواري رکي ويئي هئي. ڊسمبر مهيني ۾ سرڪاري طور هڪ هفتي جي ڪورس لاءِ جنرل اسپتال راولپنڊي وڃڻ ٿيو، فلائيٽ ذريعي پهچي پروفيسر ڊاڪٽر مبشر جو ليڪچر به ٻُڌوسين جيڪو نفسيات بابت ڳالهائي رهيو هو. واپسي وقت آخري رات ڪافي تفريحي وارين جاين تي گهمڻ لاءِ وياسين. 1988ع جو سال به سانگهڙ ۾ ئي رهيس، جنوري ۾ ئي کوڙي ٻيلي ۾ وري شڪار جو پروگرام ٺهيو ۽ انهيءَ مهيني ۾ سوشل ويلفيئر کاتي سانگهڙ جو وڏو سيمينار منعقد ٿيو، جنهن ۾ هنن مون کي مهمان خاص طور مقرر مدعو ڪيو ۽ جلد مون سول اسپتال سانگهڙ ۾ انسٽاليشن ڊينٽل يونٽ شروع ڪيو. 29- مئي تي خبر ٻُڌي سين ته وزيراعظم ۽ سندس ڪابينا کي رخصت ڪيو ويو آهي. آگسٽ ۾ ٽي ڏينهن دوستن سان گڏ ٽوئر تي ٻيلا گهمڻ وياسين، جتي شاهه نوراني، هنگلاج، شيرين فرهاد ۽ ٻيا نظارا ڏٺاسين. 17- آگسٽ تي بريڪنگ نيوز هلي ته، جنرل ضياءَ الحق جهاز حادثي ۾ اُڏامي ويو. اهڙيءَ طرح ڊسمبر ۾ ڊي جي هيلٿ سنڌ سالياني ڪارڪردگي رپورٽ لاءِ سنڌ سطح تي ڊي ايڇ او جي ميٽنگ سکر ۾ رکي هئي، انهيءَ مهيني بُڪار جي ڍنڍ جي تفريح لاءِ دوست علي بخش شاهه جي دعوت تي نه رڳو آئون پهتس پر پنهنجن پٽن کي گڏ آندو. شاهه رب ٻيڙيون ڪاهي آيو هو، انهيءَ تفريحي پروگرام ۾ پريم به گڏجي هليو هو. بڪار ڍنڍ وڏي علائقي ۾ پکڙيل هئي.انهيءَ سال جي آخري مهيني ۾ اي پي آءِ جي پروگرام تحت سيمينار ٿيو، جنهن ۾ مليل موضوع تي ڳالهايو هئم. وري نئين سال ۾ ايس ايس پي فتح علي خواجه سانگهڙ جي چارج ورتي، جيڪو ڊگهي سوچ وارو آفيسر هو. ساڳئي سال 28 مئي تي وزير موصوف آفتاب شعبان ميراڻي ايم پي اي عبدالسلام ٿهيم سان گڏ سانگهڙ ويجهو ”مياڻ“ وٽ ”تنظيم ملاح“ ايسوسيئيشن جي دعوت تي آيو، جنهن جي اڳواڻي ٻارن جي اسپيشلسٽ ڊاڪٽر نواز ملاح ڪئي هئي ۽ تڏهن سانگهڙ جو ڊي سي محمد اسحاق لاشاري هو. انهيءَ تقريب ۾ شرڪت ڪئي سون ۽ اهو علائقو ڏٺوسين. 31- مئي تي سيشن جج سانگهڙ احمد علي جوڻيجو بدلي ٿيو، جنهن جي الوداعي تقريب ۾ ڪافي وڪيلن ۽ معزز شهرين به شرڪت ڪئي هئي. اهڙي ريت 3 مارچ 1989ع تي ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي بيگم اشرف عباسي سانگهڙ تشريف فرما ٿي، جنهن سول اسپتال جو به دورو ڪيو هو ۽ مون سول سرجن جي حيثيت ۾ بريفنگ ڏني هئي. اُنهن ڏينهن ۾ ضلعي جو اسمگلر فتح راڄڙ جي گرفتاري جو واقعو پيش آيو، جنهن کي زخمي حالت ۾ سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو. سيڪيورٽي رسڪ، مختلف ماڻهن جو ملڻ جُلڻ، چيو ويو ته انهيءَ ڌاڙيل کان اسمگلنگ جو سون به گهڻو هٿ آيو هو ۽ اُن کي ضلعي جي معزز زميندار فيض محمد راڄڙ جي تعاون سان گرفتار ڪيو ويو هو. هتي اهو به ذڪر ڪندو هلان ته سرڪاري ملازم تي سياسي اثر رسوخ ۽ دٻاءُ ڪئين مونجهارا پيدا ڪري ٿو، ساڳئي طرح مون لاءِ به امتحان هو ته ڪيئن به ڪري انهيءَ لاءِ اهڙو ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ جاري ڪريان، ته کيس قانوني فائدو ٿئي. پهرين ته نٽائيندو ۽ عذر پيش ڪندو رهيس، آخر دٻاءُ گهڻو وڌيو، ٽيليفون اچڻ لڳا، هڪ وڪيل جي معرفت نذراني جي آڇ ٿي ته بدلي ڪرائڻ جي پڻ ڌمڪي ملي، نيٺ مون کي مشوري لاءِ ڪراچي بالاآفيسرن سان رابطو ڪرڻو پيو، خاص طور هيلٿ سيڪريٽري سنڌ جي صلح سان هڪ ميڊيڪل بورڊ تشڪيل ڏيئي گڏيل فيصلي سان رات ئي رات ۾ انهيءَ کي وڌيڪ ميڊيڪل گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪراچي ريفر ڪيوسون. تڏهن وڃي جند ڇُٽي هئي. اڳ ۾ ذڪر ڪري آيو آهيان ته سرڪاري نوڪري سان گڏ ڪاموري کي عوام ۾ هجڻ گهرجي ۽ سوشل سرگرمين ۾ به حصو وٺڻ گهرجي، جيڪو شوق عشق جي حد تائين سدائين مون رهيو، جولاءِ ۾ پاڪستان نيشنل سينٽر ۾ نارڪوٽڪ تي سيمينار منعقد ٿيو ته مون کي اُن ۾ مهمان خاص مدعو ڪيو ويو هو. انهن ڏينهن ۾ سول اسپتال سانگهڙ لاءِ نئون الٽراسائونڊ مهيا ٿيو، جنهن جو افتتاح ڪرايو ويو. ڪمشنر حيدرآباد کپرو ۾ کليل ڪچهري لاءِ پهتو ته پهرين سول اسپتال جو دورو ڪيائين. 8- سيپٽمبر تي ٽنڊو مٺا خان مريضن لاءِ مفت ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي سون جتي 1700- مريض علاج لاءِ پهتا. ساڳئي طرح حاجي محمد عثمان چانهيو جي ڳوٺ راڙهه تعلقي کپرو ۾ مريضن لاءِ وڏي ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي هئي. ننڍن آپريشن کان وٺي سڀ سهولتون مهيا هيون. انهيءَ سال جي آخري مهيني 17- ڊسمبر تي ڪميونٽي سينٽر سوشل ويلفيئر سانگهڙ ۾ يادگار بي بي شو لڳايو ويو هو، جنهن ۾ هڪ ڏينهن بيگم ڊي سي آفتاب ميمڻ خاص مهمان هئي. 1990ع ۾ سول اسپتال سانگهڙ ۾ 1- جنوري کان 13- فيبروري تائين ڊيوٽي ڏنم ۽ بعد چارج ڇڏي 7- مئي 1990ع تي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ٺٽو جي چارج ورتم، جتي منهنجي ايم اين اي بابو غلام حسين ميمڻ آجياڻي دعوت ڪئي. ياد رهي ته سانگهڙ مان بدلي ٿيڻ جي باوجود اضافي ٻارهون ڏينهن انڪري به رهيس، ڇاڪاڻ ته وڏيرو شاهنواز جوڻيجو ۽ روشن علي جوڻيجو کي نواز سرڪار سب جيل ۾ رکيو هو. جتي آئون سندن ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ چيڪ اپ ڪندو هئس، انهيءَ دوران ڊي سي لاشاري لاڙڪاڻو بدلي ٿيو، 10- اپريل تي امتيازشيخ سانگهڙ جو ڊي سي مقرر ٿيو ۽ هوڏانهن ڪراچيءَ ۾ ”هيلٿ سسٽم ڊولپمينٽ پروجيڪٽ“ جي نالي سان ورڪشاپ ڪوٺايو ويو هو، جنهن ۾ پڻ شريڪ ٿيس، جيڪو سڄو ڏينهن هليو، ورڪشاپ ۾ سڄي سنڌ جا سينئر سرجن ۽ آفيسر پڻ شريڪ ٿيا هئا. ٻيهر سول سرجن سانگهڙ ٿي موٽي آيس ته ڊي ايڇ او ڊاڪٽر جهامن داس هو، ايس ايس پي فتح محمد سومرو ۽ ڊپٽي ڪمشنر غلام علي پاشا سانگهڙ ۾ موجود هئا. 1991ع جو سڄو سال اسپتال کي ئي ٺاهڻ، سنوارڻ ۾ لڳي ويو، جديد مشنون، وارڊ جون سهولتون ۽ ليبارٽريون وغيره قائم ڪيون، جنهن سواءِ 8- مارچ تي هڪ ڏينهن مريض ڏسڻ لاءِ سانگهڙ ۽ نواب شاهه جي ڊاڪٽرن جي ٽيم چڪ نمبر 40- ۾ ورڪشاپ ڪيوسين، جتي دوائون، ايڪسري موبائيل يونٽ کڻي منڍ جمڙائو پهتاسين. ساڳئي هنڌ ٻه ڪئمپون قائم ڪيوسين. اٽڪل 20- ڊاڪٽر گڏ هئا. انهن ڏينهن ۾ چيف منسٽر سنڌ ڄام صادق علي خان جون ٻه چار کليل ڪچهريون ٻيراڻيءَ ۾ ٿيون، جتي ضلعي جا سڀ آفيسر گڏ ٿيندا هئا ۽ ڄام صاحب سڀني کي نه رڳو ماني کارائيندو هو بلڪ سڀني کان حال احوال به پڇندو هو ۽ هر کاتي جي ذميوار کان سوال جواب به ڪندو هو. 9- مئي 1991ع رات جو ڪي شاهينگ شراب جي نشي ۾ جيپ ۾ چڙهي سول اسپتال جي نرسنگ هاسٽل ۾ گهڙيا ته نرسن دانهون ڪيون، ان وقت شاهينگ ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا پر پوءِ سڃاڻپ جي پيا، جن تي چوڪيدار جي فرياد تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي ويئي هئي. آخر اهي پنهنجا مائٽ وٺي نرسن جي ڳوٺ سندن عزيزن کي منٿون ڪري ٺاهه ڪرايو. وزيراعليٰ ڄام صاحب اوچتو کليل ڪچهري ڪرڻ ڳوٺ سنجراڻي پهتو پر پوءِ معلوم ٿيو ته اصل ڪهاڻي سنجراڻي صاحب کي پرچائڻ هو، جنهن بعد جلد هيليڪاپٽر ۾ روانو ٿي ويو هو. 2- جنوري 1991ع تي گورنر محمود هارون به سانگهڙ جي دوري تي آيو، ساڻس مظفر شاهه، لياقت علي جتوئي، عطا محمد مري، ڊپٽي اسپيڪر به گڏ هئا، پر ڄام صاحب جو دٻدٻو ۽ عوام جو وٽس پهچڻ ٻي ڳالهه هو. انهيءَ سال سيپٽمبر تي پي ايم اي سانگهڙ جو اجلاس ٿيو، نون عهديدارن جي حلف برداري تقريب ٿي. هن سال به ڊاڪٽر برادري مون کي پي ايم اي سانگهڙ جو صدر نامزد ڪيو هو، انهيءَ سال اقليتي ايم اين اي ڀيرو مل ديهانت ڪئي، جنهن جي زال به اسيمبلي ميمبر هئي، ان جي عذرخواهي تي وڃڻ ٿيو. آڪٽوبر 1991ع تي ڄام نواز علي ۾ وزيراعظم ٻه ڏينهن رهيو، شام جو ڀٽ شاهه ويا ۽ وري موٽي ڄام ڳوٺ آيا، جنهن ڪري آئون جيئن ته سندن ڊاڪٽر هئس، اُتي ئي سمهي پيس، بعد وري 9- ڊسمبر تي تاج هوٽل ڪراچي ۾ 3 ڏينهن جو سکيا سيمينار منعقد ٿيو، جنهن ۾ نون طريقن سان آفيس ڪم ڪارين بابت تربيت هئي، اُن ۾ ٻاهرين ملڪن جا ماهرين به آيا هئا. ڪن پُراڻن دوستن سان به ملاقات ٿي. 17- جنوري 1992ع تي سول اسپتال ۾ وزير صحت ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي کان اکين جي ڪئمپ جو افتتاح ڪرايوسين ۽ کانئس پي ايم اي لاءِ سانگهڙ هائوس جي پيڙهه جو پٿر رکرايوسين، انهيءَ ڪئمپ ۾ سرجن ڊاڪٽر اسلم آرائين، ڊاڪٽر بشير جاکرو ٽنڊو آدم ۾ ڪڇي ايسوسيئيشن جو ڊاڪٽر ۽ ٻيا به شامل هئا. ٻي ڏينهن تائين 300- مريض داخل ٿي چڪا هئا. ڊاڪٽر غلام رباني ڏاهري به ڪئمپ ۾ حصو ورتو، اها هڪ ڪامياب ڪئمپ لڳي هئي. ساڳئي سال 27- جنوري تي سانگهڙ ۾ ثقافتي ميلو لڳو، جنهن جو افتتاح صوبائي وزير مير محمد وساڻ ڪيو. اسان سول اسپتال طرفان ”هيلٿ ايجوڪيشن، ورلڊ فوڊ پروگرام، بلڊ ڊونيٽر“ لڳايو هو، منهنجي يادگيريءَ ۾ انهيءَ سال ضلعي سانگهڙ جي وڏي ۾ وڏي دعوت ڄام صادق علي جي نياڻيءَ جي ڄام نفيس علي سان شادي جي هئي، جنهن ۾ پير صاحب پاڳارو، غلام اسحاق خان ۽ سڄي ڪئبينيٽ، بيوروڪريسي ايئن لڳو ڄڻ سڄو ملڪ ۽ اسلام آباد هلي آيو آهي. پاڻ ڄام صاحب ويل چيئر تي سڀني مهمانن جي آجيان ڪيائين. آئون سندس اسپيشل ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ گڏئي گڏ هئس. ٽي ڏينهن رهڻ بعد پاڻ چيائين شاباس ۽ موڪل به ڏنائين. 5- مارچ 1992ع تي فون آيو ته ڄام صادق علي وفات ڪري ويو. ڪينسر جي بيماري هئي، جنازي جي نماز ۾ جنرل عارف، ميان نواز شريف، غلام اسحاق خان صدر پاڪستان ۽ اهم شخصيتون شريڪ ٿيون، اسان ضلعي جا آفيسر ڪي ٽيجهي تائين ۽ ڪي چاليهي تائين حاضري لاءِ تڏي تي ايندا رهياسين. 14- آگسٽ 1992ع تي بي بي شو هر سال جيان ٿيو. هن سال ڪمشنر حيدرآباد اسلم سنجراڻي مهمان خاص هو، سانگهڙ جي هفتيوار اخبار الفقراءِ جو سرواڻ منهنجو دوست هو، نهايت بردبار ۽ دلدار ماڻهو هو، سندس پٽ ۽ ڪمپيئر بخشڻ مهراڻويءَ جي شادي ۾ شريڪ ٿياسين، سندس ڀاءُ علي بخش مهر پڻ گڏ هو. وزيراعظم نواز شريف ٻوڏ ۾ امدادي ڪارروايون ڏسڻ آيو هو، ساڳئي طرح 28- نومبر فيملي هيلٿ پروگرام پروجيڪٽ جي نالي سان تاج هوٽل ڪراچي ۾ سڏايل سيمينار ۾ شريڪ ٿيس. شهر ميرپورخاص جي مختلف هنڌن جا وزيٽر ڄاڻو شريڪ ٿيا هئا، جتي ڪافي ڪجهه سکڻ جو موقعو مليو. جنوري 1993ع ۾ حاجي خدا بخش راڄڙ ضلعي چيئرمين جي والده سول اسپتال ۾ داخل هئي، جو بعد سرجري جي پروفيسر ڊاڪٽر راجا اصغر کي ڪراچيءَ مان ترت ايڌي جي هيليڪاپٽر ۾ گهرائي علاج ڪرايوسين. هُن به آپريشن جو مشورو ڏنو، جڏهن مرحومه جي وفات ٿي ته، پيرو مل ويجهوسندن ڳوٺ ضلعي جي آفيسرن سان گڏجي عذرخواهي لاءِ وياسين. انهيءَ مهيني مظفر حسين شاهه وزيراعليٰ جي حيثيت ۾ ٽن ڏينهن لاءِ گرهوڙ شريف ۾ کليل ڪچهري رکي، جيڪا اٽينڊ ڪري، تجويزون ڏنيوسين. 2- اپريل تي سانگهڙ ضلعي جي نيشنل بلڊ ڊونرز جي سالياني اجلاس ۾ مون پي ايم اي جي صدر جي حيثيت ۾ ان کي وڌايو ۽ وڌ ۾ وڌ ضرورتن لاءِ سهولت فراهم ڪئي. 24- اپريل 1993ع تي ڊاڪٽر جواهر جي شادي ٿي، وليمو ميرپورخاص ۾ رکيو، وري اهڙي دعوت سانگهڙ ۾ به ڪرڻي پيئي، جو اُتي نيازمندي گهڻي هئي. ڪراچي، چانڊڪا، حيدرآباد، ٺٽو ۽ ٻين هنڌن کان به مهمان پهتا هئا. ياد رهي ته ڊاڪٽر جواهر جي شادي جي ڄڃ ڊگهڙي وٺي ويا هئاسين. سانگهڙ جيم خانه ۾ چيف جسٽس مسٽر جسٽس اسلم ناصر زاهد آيو هو ته سانگهڙ بار وارن ان جي اعزاز ۾ دعوت ڪئي، جنهن ۾ شرڪت ڪيم، اهو ايڏو ته پرخلوص انسان هو جو هڪ هڪ سان هٿ ملائي خوش خير عافيت ٿي ڪيائين. انهيءَ سال 18- جولاءِ تي شام صدر غلام اسحاق خان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي معطل ڪري ڇڏيون هيون، جنهن کان پوءِ اليڪشن به ڪرائي ته محترمه بينظير ڀٽو ملڪ جي وزيراعظم چونڊجي ويئي. هڪ مرحلو آيو ته سنڌڙي جي انسپيڪشن بنگلي ۾ جيڪي آرمي جا آفيسر رهندا هئا ميجر احسان نالي همراهه کي هڪ بيماري لڳي، جيڪو پوءِ اسلام آباد کڻائي ويا. علاج هوندي به نه بچي سگهيو، بعد انهيءَ بيماري جو پيرو کڻڻ لاءِ ٽيم جوڙي ويئي، ان ٽيم جو اڳواڻ مون کي چونڊيو ويو. ڊاڪٽر جميل ڪيپٽن پلانٽ پروجيڪٽ جو انچارج هو، مون گڏجاڻيون ۽ سروي ڪري، ڏٺو ته رپورٽ ۾ اهم ڳالهه نه هئي. ان ئي سال جي آخر ۾ تعليمي ايسوسيئيشن شيڊولڊ ڪاسٽ جي سالياني گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ وري اڳتي لاءِ سوچيوسين. 25- جنوري 1994ع تي ڊي ايم سانگهڙ هڪ بورڊ تشڪيل ڏنو، جنهن جو مون کي چيئرمين ۽ ڊاڪٽر حنيف اعواڻ، ڊاڪٽر فيض محمد ڀرڳڙي ميمبر هئا، واقعو ايئن هو ته، هڪ شخص درخواست ڏني ته چڪ نمبر 63- جي رهواسڻ منهنجي ڌيء 13- سالاَ عاصمه کي هٿ سان ماريو ويو آهي. ان جي قبر کوٽائي ويئي، ماءُ الزام لڳڻ تي رُني، ڇو ته ماءُ کي حقيقت جي ڄاڻ هئي پر ٻُڌائي نه سگهي، بعد ۾ ڌريون ٺهي ويون ۽ مئجسٽريٽ اڳيان لکي ڏنائون، بعد ۾ خبر پئي ته پيءُ ذهني مريض ۽ جنون هو. اسان 1994ع ۾ به دستور موجب اکين جي مفت ڪئمپ لڳائي هئي سين، ڊاڪٽر جاويد ميمڻ اکين جو سرجن هو. ڊاڪٽر فاروق ابراهيم ۽ ٻيا گڏ هئا. اٽڪل 176- مريض داخل ٿيا، ۽ سندن علاج ٿيو. ان ڪئمپ جو افتتاح پ پ پ اڳواڻ ظهور عالم رند ڪيو. ٽوٽل او پي ڊي 786- هئي ۽ اُن ۾ 146- آپريشن ٿيا. اها سڄي منهنجي نگراني ۾ ٿي هئي. ساڳئي سال 3- مارچ تي خوشي رام ٽرسٽ پاران سيمينار ٿيو. ”تعليم پرايو ۽ نسل سڌاريو“ جنهن ۾ سيٺ هوندراج پڻ آيو هو. مقررين ۾ ڊاڪٽر هرچند راءِ، ايس ايس پي غلام شبير شيخ، پروفيسر محمد علي مڱريو، انجنيئر گيانچند، قائم سولنگي (ڪمپيئر) به موجود هئا. جڏهن ته انتظام ڪميٽيءَ ۾ نهال چاڳلاڻي، سيٺ آڏو مل، ڀمرو لال ڪرناڻي، ڊاڪٽر خوشحال ۽ ٻيا شامل هئا. انهيءَ مهيني 21- مارچ تي مون ريگيولر پروموشن 20- گريڊ جو ليٽر وٺي، ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سروسز سنڌ جي چارج ورتي جتان سانگهڙ اچي سول اسپتال جي چارج ڇڏي، ته دوستن دعوتون ڪرڻ شروع ڪيون، هفتو کن ته روزانو سانگهڙ روڊ تي سفر هوندو هو، انهن ڏينهن ۾ سيڪريٽري هيلٿ سنڌ ڊاڪٽر ايم اي عالماڻي هوندو هو. آئون انهيءَ سال ئي 9- مئي تي رٽائر ٿيس ته ڊاڪٽر احمد علي ڊومڪي، ڊاڪٽرعبدالله جان پٺاڻ ۽ ٻين منهنجي الوداعي پارٽي ڪئي.


    رٽائر ٿيڻ کانپوءِ وارو دور

    رٽائرمينٽ وٺڻ بعد آئون هڪ سائيڊ کان فارغ ٿي ميرپورخاص ۾ پنهنجي ڪلينڪ تي ڌيان ڏيڻ لڳس ۽ گڏوگڏ سماجي خدمتون ۽ ثقافتي سرگرميون هميشه لاءِ جاري رکيون. 31- مئي 1994ع تي عمرڪوٽ ۾ تاريخ ريگستان جي مصنف رائچند راٺوڙ جي ورسي ملهائي ويئي، جنهن جي صدارت مونکان ڪرائي ويئي. مقررين ۾ جي ايم ڀڳت، قائم سولنگي، نهال چاڳلاڻي ۽ ٻيا شامل هئا، اهڙيءَ ريت ان سال 1- جولاءِ تي وري هريجن ٽرسٽ جي گڏجاڻي سيٽلائيٽ ٽائون ۾ منهنجي جڳهه تي رکي وئي. جنهن ۾ سچانند، ايس جي چنداڻي، گلاب راءِ اوڏ، انجنيئر ڪانجي مل، سيٺ آڏو مل، ارجن داس (پنو عاقل) ڊاڪٽر جوڌو مل ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.
    1998ع وارو سال ذاتي مصروفيتن ۾ گذاريو، تعلقي پٿورو جي چيمه فارم ويجهو 70- ايڪڙ زمين خريد ڪئي، هڪ دفعو لس ٻيلي ڏانهن به وڃڻ ٿيو، ٽائون آفيسر کيمچند ديهانت ڪئي ته ان جي پينشن وغيره لاءِ ڪاغّذات ٺهرائڻ لاءِ حب چوڪي جي حبيب الله کي وڪيل ڪيوسين، جيڪو مسئلو حل ٿيو ۽ اها پينشن اڃا جاري آهي. 8- فيبروري تي گوهر جي فرزند کي ڊپريشن جي بيماري ٿي پيئي، کيس ڪراچيءَ ۾ داخل ڪرايوسين ۽ ايم بي بي ايس به پاس ڪيائين. انهيءَ سال خوشي رام ٽرسٽ جي سالياني ميٽنگ به رکي ويئي. هوڏانهن ٿر ۾ باراني زمين جوتنازعو ٿيو، ان تي مٺي ۾ ٻه ڪيس هليا، اڳتي هلي اسان جي حق ۾ به فيصلو ٿيو. ليڪن حڪومت جي پاليسيءَ موجب وزيراعظم اهڙيون زمينون رد ڪري ڇڏيون. 17- جنوري 1999ع تي هڪ لائق انسان ڊاڪٽر ايڇ ايم ڊريگو وفات ڪئي، جنهن سان سٺي هيلو هاءِ رهي هئي. زمين جي سار سنڀال سميت ايجوڪيشن سوسائٽي جا ڪم به جاري رهيا. ڊاڪٽر جواهر جي ڪميشن ۾ سليڪشن ٿي ۽ پوسٽنگ مٺيءُ ۾ ٿي. 12- نومبر تي ميان نواز شريف جي سرڪار ختم ٿي ۽ مشرف مڊنائيٽ خطاب ڪيو. سال 2000ع ۾ ڪوئيٽا ۾ پينشن وارو فيصلو فائينل نه ٿيو هو، ان ڪري ڪوئيٽا به وڃڻ ٿيو، باراني زمين جو ڪيس ننڍي ڪورٽ ۾ کڻي ورتوسين پر قبضو نه ملي سگهيو. شيڊولڊڪاسٽ تعليمي ڪميٽيءَ جو ڪم به جاري رهيو، خوشي رام ٽرسٽ پاران سالياني اسڪالرشپ به ورهائي سين. منهنجي سئوٽ مارو مل 24- جون 2005ع تي وفات ڪئي، خوشي رام ٽرسٽ جي گڏجاڻي ڪراچيءَ ۾ رکي ويئي. عمرڪوٽ ۾ بنگلي جي تعمير جو ڪم شروع ڪيوسين، اهڙي ريت ٻي سال 2006ع ۾ به بنگلي جو ڪم ۽ آرائش جاري رهي. گڏوگڏ زمينداري جي مصروفيت ۾ گذريو. انهيءَ سال ڊاڪٽر سردار ايم سي پي ايس پاس ڪري چُڪو هو. سيپٽمبر جي پهرين تاريخ ۽ انجنيئر نريندر جي شادي ٿي، انهيءَ سال ڊاڪٽر گوهر صاحب ۽ ڊاڪٽر سردار ميڊيڪل ڊي ٽي سي ڊي پاس ڪري اسپيشلسٽ ٿيو. هوڏانهن شڊيولڊڪاسٽ تعليمي سوسائٽيءَ جي گڏجاڻيءَ ۾ اهم فيصلا ٿيا. ساڳئي سال 29- جون تي منهنجي وڏي ڀاءُ ماستر پرڀولال جي وفات ٿي. سال 2007ع ۾ ڊاڪٽر گوهر صاحب جي مڱڻي جي رسم ادا ڪئي ويئي، زمين جي سار سنڀال سان گڏ ان بابت مٺي جي عدالت ۾ حاضريون به جاري رهيون ته هوڏانهن عمرڪوٽ ۾ بنگلي جو ڪم به آخري مرحلن ۾ پهتو. جڏهن وري سال 2008ع شروع ٿي ته پروفيسر پريم ولد پرڀولال کي هرٽ اٽيڪ ٿيو، جنهن ۾ هو گذاري ويو. جنهن جي ڪري اسان ڪجهه وقفي بعد ڊاڪٽر گوهر جي شادي 29- نومبر 2008ع تي ڪئي سين.
    2009ع ۾ هڪ ٻي خوشي ملي جو ڊاڪٽر سردار صاحب کي نوڪري ملي ويئي ۽ منهنجي سنڍو ٿرديپ اين جي اوز جي اڳواڻ سونو مل کنگهاراڻيءَ کي صدر پاڪستان کان ”پرائيڊ آف پرفارمنس“ مليو هو. مون ۽ منهنجي دوست رئيس غلام محمد لغاري گڏجي 11- مارچ کان 20- مارچ 2010ع تائين ملائيشيا جو دورو ڪيوسين جيڪي يادون يادگار بڻيل آهن.


    ملائيشيا جو سفر نامو

    انسان هميشه خواهشن ۽ تمنائن ذريعي جيئي ٿو، مون کي به گهڻي وقت کان آرزو هئي ته، ڏيساور ۾ ڪنهن ملڪ کي گهمي ڏسجي ۽ اُتان جي ثقافتي، تاريخي ۽ ڌرمي نظارن بابت معلومات رکجي. آخر 11- مارچ 2010ع تي رات واري فلائيٽ ۾ پنهنجي دوست غلام محمد لغاري سان گڏجي ملائيشيا روانا ٿياسين، صبح سويل ڪوالالمپور ايئرپورٽ کان ٽيڪسي ذريعي ڪورس نالي هوٽل پهتاسين جتي بُڪنگ ٿيل هئي.
    ملائيشيا جو علائقو صاف سٿرو، جتي روزانو هلڪي برسات پوندي رهي ٿي. جتي ملئي قوم ججهي مقدار ۾ آباد آهي، انهن جي ٻولي، رهڻي ڪهڻي ۽ ريتون رسمون پنهنجين ريتن رسمن کان گهڻو الڳ هيون. سڄي دنيا جا اڪثر ماڻهو هتي گهمڻ اچن ٿا. هتي کوڙ ساريون گهمڻ ۽ ڏسڻ جون جايون آهن، جن ۾ بادشاهه محل، ميوزيم، شهر پُتراجايا، ملائيشيا ملڪ جي آزادي جي عجوبا، وڻندڙ بُرج، پارڪ، باغ، چڙيا گهر، چائنا گولڊن مندر ۽ جبلن ۾ غارون آهن. جتي قديم ”مهي“ سميت سپرمارڪيٽ، برڊ پارڪ، بَاتو ڪيوَ، لارڊ موروجن جو مجسمو وغيره ڏسڻ وٽان آهن. هڪ منفرد شيءِ ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي ته مينارن جي اندر بازارون ۽ ڪافي يادگار ٺهيل آهن، جيڪي تعميرات جو بهترين نمونو آهن. ياد رهي ته ملائيشيا جي گادي واري هنڌ ماڊرن شهر پتراجايا آهي، جتي وڻندڙ نظارن جي ڦوٽوگرافي ڪئيسين، شهر اندر ڪٿي ڪٿي خاص ڪاريگريءَ سان ڍنڍون آهن ته هڪ وڏي مسجد به ٺهيل آهي. ماڊرن شهر پُتراجايا ۾ هڪ طرف پرائيم منسٽر هائوس ته ٻي طرف سيڪريٽريٽ آهي ۽ هڪ ڍنڍ تي نالو پتراجايا رکيل آهي. باتوڪيوسيليوجر نالي لائيم استول هل ۾ غار آهي، انهيءَ ۾ وڃڻ لاءِ 168- ڏاڪن واري چاڙهي وسيلي مٿي وڃڻو پوندو آهي ۽ پوءِ اندر بازارون ۽ مندر آهن، ان کي سنگائي جي نالي سان به سڏين ٿا. باٽو مال جي ٽڪريءَ تي اهو هنڌ جيڪو هندو مذهب لاءِ مهذب ۽ انڊيا کان ٻاهر تصور ڪيو وڃي ٿو، اهو لارڊ مروگان جو آهي. اهو هڪ سونهري بُت آهي، جيڪو هندو ڌرم ۾ پاڪ ۽ مقدس سمجهيو وڃي ٿو، ان جي ڪئين ميٽر اوچائي آهي. پهريون نم ڪيلاش ناٿ، مهاديو جو اسٽيٽيو نيپال ۾ آهي. اهو پارڪ 200- ايڪڙن جي ايراضي تي پکڙيل آهي، جتي ساليانو 2 لک سياح اچي لطف اندوز ٿين ٿا. اهڙي ريت جارڊن ڍنڍ جو نظارو به مَن موهيندڙ آهي. جتي اٽڪل 3000- (ٽي هزار) کان مٿي پکي رهن ٿا. مون ايترا پکي اڳ ۾ ڪڏهن به نه ڏٺا هئا. وائلڊ لائيف جي حوالي سان ڄڻ زيارت گاهه هو. انهن پکين مان 90- سيڪڙو مقامي ۽ 10- سيڪڙو ٻين ملڪن مان آندا ويا آهن. دراصل باشاهه جو محل چائنا جي ڪروڙ پتي (Royal Kings Place) جي رهڻ جي جڳهه هئي، جيڪا 1928ع ۾ ۽ پوءِ 1922ع کان 1945ع ۾ بيدخل ٿيا ته (Selengar) خريد ڪيو. 1957ع تائين سلطان سلينجر (Sultan Sellangor) جو محل هو. پوءِ ملائيشيا جي بادشاهه جو محلات هوندو هو. وزيٽرس ۽ ٻيا ٻاهران کان ڏسڻ اچن ٿا. ملائيشيا جي آزادي جا يادگار اهي به وڏي ايريا ۾ رکيل آهن، جيڪي شڪلين ۾ وڏا جنگي نمونا آهن. ايئن ٻيا به ڪافي سارا گهمڻ جهڙا مشهور هنڌ آهن، جن ۾ خاص ڪري سُپر مارڪيٽ (Twin Towers) ۽ ٽاور ڪوالالمپور شهر جي اندر آهن، جيڪي دنيا ۾ اوچا ٽاور تصور ڪيا وڃن ٿا. 1998ع کان 2004ع تائين رڪارڊ موجب اوچي ۾ اوچا هئا. اندر شهر وانگر مارڪيٽ ٺهيل هئي. سڄو لفٽن ذريعي اندر بازار گهمي پئي سگهياسين. ان کانسواءِ گولڊن مندر جيڪو گول پٿرن سان ٺهيل آهي. اندر رهڻ جو بندوبست، هوٽل ۽ تلاءُ به آهن، اهي چائنا مندر ئي سڏجن ٿا. گهمڻ ڦرڻ جي به اجازت آهي. ساڳئي سال 30- آڪٽوبر تي منهنجي سهري (فادر اِن لا) کيتارام سنجا ٿر جي ڳوٺ ڀوريلو ۾ ديهانت ڪئي ۽ ٻي سال 2011- جي 12- مارچ تي پُٽ جيتندر راڻا جي شادي عمرڪوٽ مان ڪرائي سين ۽ ٻين مصورفيتن سان گڏوگڏ گهڻو وقت پنهنجي اسپتال، زمين جي سنڀال ۽ ڪجهه سماجي ڪمن ۾ گذريو. سال 2012ع تي ٿرديپ (اين جي اوز) جي ميٽنگ ۾ شرڪت ٿي، خوشي رام ٽرسٽ پاران اسڪالرشپ ورهائڻ به مصروفيتن جو حصو رهيا.


    سري لنڪا جو سفر

    سري لنڪا لاءِ ٻڌاندا هئاسون ته ڏاڍي سرسبز ۽ تاريخي، سامونڊي بندرن وارو ملڪ آهي. ان کي ڏسڻ لاءِ اسان ٽريول وارن کان پئڪيج ورتوسين ۽ ڪراچيءَ کان جهاز ذريعي شام چار وڳي ڪولمبو پهتاسين. ايئرپورٽ تي ڪار سان ڊرائيور بيٺل هو. ايئرپورٽ کان نگمبا ٽائون جي جيٽنگ بيچ هوٽل ۾ رهياسين. اڪثريت ٻُڌ ڌرم جا ماڻهو هوٽل ۾ ملازم هئا. اسٽاف نمسڪار سان آجيان ڪئي. صبح پهر بيچ ڏسڻ سان سمنڊ جو ڪنارو ايڏو ته وڻندڙ پئي لڳو، انهيءَ ڏينهن ئي نروليا شهر ۾ وڃڻو هو، جيڪو راوڻ جي گاديءَ جو هنڌ هوندو هو چئوطرف ڍنڍون، پارڪ وڻندڙ نظارو ڏسي ذهن تي آيو ته، راوڻ نهايت خوش نصيب هو، جيڪو هتي رهندو هو. هتي وڏو گارڊن اشوڪا واٽيڪا نالي آهي، اُتي هيٺ راوڻ جي راڄڌاني جا کنڊر آهن ۽ پڻ سيتا ماتا جو مندر آهي. جتي راوڻ کيس باندي بڻائي رکيو هو. اشوڪا واٽيڪا گارڊن مندر کان شروع 2 ميلن تائين ڊگهو ۽ شاندار آهي. نيورليا ۾ انٽرنيشنل بيچ هوٽل ۾ رهڻ بعد 7- تاريخ مارچ تي ڪئنڊي جي شهر ڏانهن روانگي ٿي، رستي ۾ آبشارن ۽ نظارن جي فوٽوگرافي ڪئي سين. هنومان جو وڏو مندر جل جي چوٽيءَ تي هو، جيڪو به ڏسڻ جو موقعو مليو. ايئن سري لنڪا جي چانهه جي فيڪٽري به ڏٺي سين. جتي مختلف قسمن جي چانهه ٺهڻ جا طريقا به هئا.
    اسان ڪئنڊي شهر پُهتاسين جيڪو پراڻي زماني ۾ بادشاهن جي راڄڌاني رهيو آهي. ڪئنڊي ۾ ڪنهن وقت سيلون جي حڪومت هئي، اتي هڪ بانٽي جو گارڊن به آهي، جنهن ۾ اٽڪل هر گل ۽ ٻوٽو آهي. هڪ مندر ۾ لارڊ ٻُڌا جو ڏند رکيل آهي، ايئن سريلنڪا ۾ وڏو ميوزيم جيڪو 3- ماڙ محل ۾ جڙيل آهي، ڄڻ سياحن لآءِ زيارت گاهه بڻيل هو. اسان اُتي عمايه هل هوٽل ڪئنڊي ۾ رهياسين. هتي شاپنگ ۾ شيون مهانگيون هيون، هتي جا ماڻهو شلوار ڪونه پائين رڳو پينٽ ۽ بشيٽ جو رواج عام آهي. ڪپڙي لٽي جو اسان ۾ ۽ هنن جو نمونو الڳ آهي. هوٽل ۾ شاديون به ڏٺيون، شادي دوران گهوٽ ڪنوار هڪ خاص ڏاڪڻ تان تِرڪي لهي رهيا هئا. الائي ڪهڙي رسم هئي. عجيب لقاءُ هو. پردو ڪرڻ جو رواج ڪونهي، خبر ڪانه ٿي پيئي ته ڪهڙي قوم جي شادي آهي. اتان کان بيروالا بيچ ڏي نڪتاسين. رستي ۾ هاٿين جي پالنا ۽ سنڀالڻ جو علائقو هو. هتي ننڍا وڏا هاٿي آزاد پئي گهميا. وڏو علائقو هاٿين سان ڀريو پيو هو. اسان بيرو والا سمنڊ ڪناري ٻه راتيون (Eden Restorent) هوٽل ۾ رهياسين، جتان سمنڊ جو ڪنارو 6- ميل هو. گالي بندر تي فرينچ قبضو ڪري آزاد ڪيو هو. سريلنڪا ۾ ڪرڪيٽ راند به گالي ۾ ٿئي ٿي. اسان تڏهن مٿي بيٺا هئاسين، هيٺ پاڪستان ۽ بنگلاديش ۾ ڪرڪيٽ ميچ هلي رهي هئي. بيرووالا شهر ۾ ٻُڌا جو هڪ بُت 1601- فوٽ ٻه انچ مٿي آهي. سري لنڪا ۾ هڪ شاندار اوچو هو. اهڙيءَ ريت بيرو والا ۾ عاليشان چرچ (ST: Anvee Church) سميت 1024- ۾ مولوي موسيٰ جي ٺهرايل مسجد (Kechi Maha Islamic) جيڪا بوريوالا ۾ پهرين مسلم مسجد چئي وڃي ٿي. جتان پوءِ ڪولمبو روانا ٿياسين. 60- ڪلوميٽر رستي ۾ ڪافي ننڍا وڏا شهر آيا. ڪولمبو ۾ تاج محل هوٽل ۾ ٻه ڏينهن رهي شاپنگ به ڪئي سين. بيرو والا جتي 30- سيڪڙو مسلمان رهن ٿا.


    نيپال جو سير

    نيپال جو ملڪ هندستان جي اوڀر واري بارڊر سان هماليه جبلن جي مٿاهين علائقي ۾ آهي. دنيا ۾ اهو واحد ملڪ آهي، جتي 99- سيڪڙو هندو رهن ٿا. هتي قدرتي نظارا، ڍنڍون، پهاڙي سفر ۽ ڌرمي مندر وغيره زياده آهن، جيئن ته پاڪستان کان نيپال سڌو سفر ناهي، انڪري ڪراچيءَ کان جهاز ذريعي مسقط ۽ اومان جي جهاز ۾ کٽمنڊو پُهچڻ ٿيو، جتان پئڪيج موجب ڪار ۾ کٽمنڊو جي تامل ايريا ۾ هوٽل منانگ ۾ رهياسين. صبح جو پسگردائي ۾ گهمڻ ڦرڻ ۽ ڪجهه ڏسڻ لاءِ نڪتاسين. شاهڪار ڪاريگري سان جڙيل مندر، توڙي ٻيا منظر، اڙانگا غار، ڍنڍون ۽ ڊريم گارڊن منانگ هوٽل واقع آهن. سڀئي هنڌ باربار ڏسڻ لاءِ دل چاهيو پئي. هوٽل ۾ راڻو مل پرياني اصل رهندڙ مٺي ٿرپارڪر هينئر ميڊيڪل ڪاليج نيپال ۽ سندس پُٽ سان ملاقات ٿي، ته هن پرسنل اسان کي نيپالي ٽوپي تحفي طور ڏني. ان بعد اسان ”پوڪرا“ جو شهر جيڪو نيپال جو ٻيو وڏو شهر آهي، گهمڻ نڪري وياسين. جديد تعميرات آهي، سازنگ ڪوٽ جبل تي اڀرندڙ سج جو پاڇو ڏسڻ وياسين. بعد ۾ کٽمنڊو اچي هوٽل بدلائي، هِل ٽاپ مندر، ورلڊ پيس، اسٽوپا لارڊ ٻُڌ ۽ ٻيا نظارا به ڏسڻ وٽان هئا. وشال هوٽل ۾ رهياسين جيڪا ماننگ هوٽل کان ڪافي بهتر هئي. کٽمنڊو جون ٻيون مشهور جايون، ڪنگس وي، ميوزيم، بازار ۽ 22- ڪلو ميٽر ڏور ڪرٽي ويو شيو شنڪر جو مندر ۽ اُتي پاروتيءَ جو ٻيو مندر ڏسڻ جهڙا هئا، ٻُڌڻ ۾ آيو ته شو ۽ پاروتي اصل ۾ هن علائقي ۾ ئي رهندا هئا. اُتان کان جبل کان ٻي پاسي ماٿريءَ ۾ پاڻي ۽ آبادي هئي. روايت آهي ته شِو مهاراج جبل کي ڦاڙي واهه ٺاهيو، جنهن کي چئوڀار چون ٿا.
    هن کان اڳتي ڪالي ديوي جو مندر هو، ٻن جبلن جي وچ ۾ 155- ڏاڪا هيٺ وڃڻ کانپوءِ پهچڻو هو. هن کي داڪشي ڪالي (Dakshikali) مندر چون ٿا. مندر جي پاسي ۾ پاڻيءَ جي ندي وهي ٿي. اندر پاسي تي مساڻ آهن، جتي ماڻهو جهاٽڪي سان جانورن کي قربان ڪري رهيا هئا. آئون اڪيلو هتي لهي ويو هوس، مندر وارو ماحول دونهين نما هو، جنهن سان ڪافي منجهه ٿي پئي. ٻي ڏينهن درٻار ايريا ۾ شاپنگ ڪئي سين. هتي گهڻا واپاري هندستان جا ۽ پنجابي ۾ ڳالهائي رهيا هئا. ٻي ڏينهن گوجروار گارڊن گهمڻ وياسين، جيڪو شهر کان 3- ڪلو ميٽر پري هو، هتي بخشو قوم جا ماڻهو ٽولن جي صورت ۾ من شانتيءَ لاءِ آيا پئي. تمام سڪون وارو گارڊن هو. ٽاور گهمڻ وياسين، پر لفٽ خراب هئڻ ڪري واپس نيو روڊ ذريعي هوٽل آياسين. آخري ڏينهن وشنو مندر ڏسي ڀٽ ڀٽائي سپر مارڪيٽ مان رهيل شاپنگ ڪري آنگن ريسٽورنٽ ۾ لنچ ڪري موٽياسين، جنهن بعد اُتان مسقط کان ڪراچي اچڻ آساني هئي.


    پٽ لاءِ پيءُ جي دعا

    ڊاڪٽر سردار منهنجو 3- نمبر پٽ آهي، جيڪو 1976- 07 - 17 تي ميرپورخاص ۾ ڄائو، هن ايم بي ايس پاس ڪرڻ کانپوءِ ايم سي پي ايس پاس ڪئي، 2009ع تي پي ايس سي ۾ پاس ٿي مٺي سول اسپتال ۾ Specialist Anesthesia (بيهوش ڪرڻ جو ماهر) مقرر ٿيو. پوءِ هتان بدلي ٿي سول اسپتال ڪراچي ۾ Anesthesiologist مقرر ٿيو.
    2015 - 08 - 08 تي هن کي پهريون دفعو چڪر آيو ۽ نيم بيهوشي ٿي، سڀ ٽيسٽون ڪرايون، ليڪن بيماري Diagnosis ڪليئر نه ٿي. 2015 - 08 - 20 تي سرجن جواهر ويو، جتي سڀني ڊاڪٽرن ايم آءِ آر، سي ٽي اسڪين، وغيره ڪيا، آخر ۾ ڊاڪٽرن جي بورڊ Basal Aneurysm مغز مرض ظاهر ڪيو. آپريشن لاءِ جرمني، لنڊن يا آمريڪا لاءِ تجويز ڏني ويئي. شريان جي ڪمزوري ڪري شريان رت جي ٿيلهي جي شڪل اختيار ڪري ٿي وڃي، جنهن کي Aneurysm چون ٿا، ڊاڪٽر سردار کي مغز جي تري واري بيماري Basal Aneurysm هئي.
    آمريڪا جا ايمرجنسي ڪاغذ ٺهرائي سرجن جواهر، سردار جي گهر واري ۽ انجنيئر ڪانجي مل چوهاڻ کي موڪليو ويو. تاريخ 2015 – 08 -30 تي ڊاڪٽر اڀيمن جي معرفت ڊاڪٽر سردار کي هوسٽن ۾ داخل ڪيو ويو، جتي 6- مهينا داخل رهيو ۽ 2- آپريشن ٿيا، پر بيماري عارضي ٺيڪ ٿي وري اوٿلو ڪندي رهي. آخر واپس پاڪستان اچي آغا خان اسپتال ۾ زير علاج رهيو، جتان ٻيهر California صوبي جي San Francisco شهر ۾ وڏو آپريشن ٿيو، 3- هفتا کن رهڻ کانپوءِ واپس آندو ويو، عارضي ڪجهه فرق ٿيو هو، پوءِ وري دورا ۽ بيهوشي رهڻ شروع ٿي ويئي. هن ويل گهر ۾ آءِ سي يو ۽ آغا خان اسپتال ۾ شفٽ ٿيندو رهي ٿو. ڀڳوان در اڳيان دعا ٿو گهران ته منهنجي پٽ گلاب جهڙي گل ڊاڪٽر سردار کي صحتياب ڪري.

    دعا ۾
    ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ


    “وساريان نه وسرن”

    زندگي ۾ ڪي اهڙيون حالتون پيش اچن ٿيون، جو وساريون ڪونه ٿيون وسرن. پنهنجي زندگيءَ جون ڪي ساراڻيون ۽ واقعا ياد اچن ٿا.

    1. ٻڏڻ ۽ بچڻ
    آئون گڊڙي سٽي ۾ پڙهندو هئس، جيڪو پاڪستان ۾ بارڊر تي آهي، بارش جي موسم ۾ اسڪول کان موٽڻ وقت اسين 4 ڇوڪرا تلاءُ ۾ وهنجڻ ويندا هئاسين، پاڻيءَ جي تري ۾ گروڻا هوندا هئا، مٽڪي وانگر هئا، مٿيون پاڻي سُڪڻ وقت مقامي ماڻهو پاڻي ڀري پيئندا هئا، هڪ ڏينهن ترڻ وقت هڪ وزني ڇوڪري منهنجي ڪلهن تي زور سان هيٺ ڌڪو ڏنو، پاڻي ۾ خبر ڪونه پيئي، آئون هڪ گروڻي ۾ هليو ويس، وڏي مشڪل سان هٿن جي مدد سانگروڻي مان نڪتس، پاڻي ساهه سان گڏ ڦڦڙن ۾ هليو ويو، ٻين ڇوڪرن کڻي پٽ تي ابتو ليٽائي پاڻي ڪڍيو. اڌ ڪلاڪ کانپوءِ آهسته آهسته هوش آيو، اهو لمحو اڄ تائين نه وسريو آهي.

    2. وڏي تلاءُ ۾ اونهائي جي ماپ
    هڪ تلاءُ گڊڙي سٽي ۾ اُتر طرف مَانٻائي نالي سان هو، جتي اسين ترڻ سکيا به هئاسون، ۽ اڪثر وهنجڻ ويندا هئاسون، هن تلاءُ جي تريءَ ۾ ڪي ٿورا کوهه به هئا، هڪ ڏينهن ڇوڪرن شرط هنيو ته پاڻي جي تلاءُ ۾ اونهائي ڪيئن ماپجي؟ تلاءُ ڀريل 14- کان 18- فوٽ پاڻي هو، مون چيو ته اِهو سولو آهي، مون 14- فوٽ ڊگهو بانس پنهنجي آڱوٺن جي وچ ۾ جهلي هيٺ پاڻي ۾ لهي ويس، اتفاق سان هُتي ننڍو کوهه هو، مان بانس سميت هيٺ ويس ته محسوس ٿيو. بانس ڇڏي هڪدم مٿي هليو آيس، ڇوڪرن اُبتو ڪيو، پاڻي ڪڍي نڪ وات صاف ڪيا، وڏي مشڪل سان بچي ويس، ترڻ به سٺو ايندو هو، پر بيٺل پاڻي ۾ ترڻ مشڪل آهي.

    3. چاڙهيار ڳوٺ ۾ وڏو جهولو
    منهنجي ڳوٺ ۾ هڪ وڏي ڪنڊي هئي، تنهن ۾ هڪ جهولو رسي وارو هو، تنهن سان هڪ يا ٻه ماڻهو لڏي سگهن ٿا، هن جهولي تي لُڏندي وڻ جي وڏي ٽاري مان پن پٽڻ ڏکيو هوندو هو. هڪ دفعو لُڏندي ٻئي رسين جا پاسا بغلن ۾ جهلي جهولو موٽڻ وقت وي ٽاري (شاخ) ۾ هٿ وڌا، اُها ٽاري شروعات ۾ ٽُٽي ۽ مون سان گڏ موٽي، مان وڻ جي ٿُڙ سان ٽڪرڻ جي بجاءِ پاسي کان ڪري ويس ۽ ٽاري اچي ڪنڊي جي ٿُڙ کي لڳي، ايئن بچي ويس. ڳوٺ وارا سڀ ڊوڙي آيا، قدرت مون کي ٽيون ڀيرو بچايو.

    4. ڳئون چارڻ جو واقعو
    هڪ دفعو وڏي ڀاءُ چيو ته رات جو وڃ ڍڳيون چارڻ، ڇو جو هن رات ٻيو ماڻهو ڪونه هو. چانڊوڪي رات هئي، اٽڪل 4 وڳي اسر جو ڍڳين کي هيٺ ڏهر ۾ اُماڻيو ۽ آئون زمين تي اجرڪ ڍڪي سمهي رهيس، لانگ بوٽ پاتل هئا، ڀٽ واري زمين تي گاهه نه هو، ڪجهه دير هڪ پاسي سُر سُر جو آواز آيو، اجرڪ منهن تان پري ڪري ڏٺم ته هڪ وڏي بلا پريان اچي پئي، يڪدم اُٿي اجرڪ چئني پاسن سان واري هيٺ وجهي مٿي هيٺان وجهي سڀ پاسا بند ڪيا، بلا منهنجي اجرڪ کي هڪ پاسي لڳي ته مون واري اندران کان کسڪائي ته بلا پرتي نڪتي، هڪ پاسي کڙڪي ۾ اک سان ڏٺو ته بلا پري کان پئي وئي، خدا بلا کان به جان بچائي.

    5. ڪاري نانگ جو مارڻ
    هڪ دفعي جو ٽائيم مال جي وٿاڻ تي اسان ٻارن ڳوٺ روهڙ ڪيهڻ ۾ راند پئي ڪئي ته ڪارو نانگ اوچتو نڪتو، اسين سڀ ڊوڙي پري ٿياسين ته نانگ هڪ ٻر ۾ گهڙڻ لڳو، منهنجو ڀاءُ اڄٻو جو 14 سالن کن جو هو اسان کي چيو ته پري ٿيو لٺيون کڻي اچو، ڊڄو نه، جيئن آئون ٻاهر رهيل پُڇ مان جهلي ڇڪيان جيترو ٽڪرو يا حصو نڪري چڱيءَ طرح ڪٽيو. اسان سڀني ائين ڪيو، ائين ڪري نانگ کي ماري ڇڏيو، آهستي مٿي نڪتو جو چُري نه سگهيو، اُهو پورو ڪيو، اهڙي طرح نانگ کي ختم ڪيوسين.

    6. گهوڙي تان ڪري زخمي ٿيڻ
    هڪ دفعو رات جو گهوڙي تي سفر پئي ڪيم، 5 ڪلو ميٽر اچڻ وڃڻ جو رستو هو، چانڊوڪي رات هئي، 2 ڪلو ميٽر سفر بعد هڪ وڏي ڪنڊيءَ جي وڻ جي هيٺ گذرڻ وقت وڻ تي ويٺل ٻه ڳجهون اُڏاميون ته گهوڙ ڇرڪ کائي ڀڳو ته پاسي ۾ وڻ جي ڇانو ۾ ويٺل هرڻ ڀڳا ته گهوڙي وڏو ٽپو ڏنو، آئون گهوڙي تان اڳڀرو هڪ ڪرڙ جي وڻ ۾ ڪريس، جتان پوري جسم ۾ ڪنڊا لڳا، بچي ويس، رڙين تي پاسي واري ڳوٺ مان ڪجهه ماڻهو ڊوڙي آيا، مون کي وڏي مشڪل سان ڪڍيائون، گهوڙو اُتي ئي بيٺو هو، هنن همٿ ڪري کڻي ڳوٺ پهچايو. ڪنڊن نقصان ڪيو، باقي ٻيو وڏو ڌڪ يا هڏا ٽُٽڻ کان بچي ويا، اکيون وغيره سڀ سلامت رهيا.


    اندر جو سنگيت

    راڻو هڪ هيرو آهي، راڻو هڪ موتي داڻو آهي
    اها هر ڪنهن ٻوليو آهي، راڻو مومل جي شان ۾

    جهڙو نالو راڻي جو، تهڙي سوڀيا مومل جي
    ستايل کي تو ساٿ ڏنو آهي ، جنهن تان تنهنجي هاڪ آهي،

    راڻو هڪ هيرو آهي، راڻو هڪ موتي داڻو آهي
    اها هر ڪنهن ٻوليو آهي، راڻو مومل جي شان ۾

    گلڙن کي تو پاليو آهي، مومل وانگر لوڏيو آهي،
    سڀني کي تو ڀانيو آهي، هرڪو آهي پيار ۾

    راڻو هڪ هيرو آهي، راڻو هڪ موتي داڻو آهي،
    اها هر ڪنهن ٻوليو آهي، راڻو مومل جي شان ۾

    گومن داس جي دل ۾ آس اها ئي آهي،
    شوق رهي شوا ۾، راڻو مومل جي مان ۾

    راڻو هڪ هيرو آهي، راڻو هڪ موتي داڻو آهي
    اها هر ڪنهن ٻوليو آهي، راڻو مومل جي شان ۾


    “سيٺ خوشي رام” هڪ اُتم ۽ امر انسان

    سيٺ خوشيرام ويهين صدي جي آخري ڏهاڪن ۾ شڪارپور جي سيٺ دريانو مل جي گهر جنم ورتو. خوشيرام صاحب پاڻ نهايت سلجهيل، روشن خيال ۽ ٻاجهاري طبيعت وارو شخص هجڻ سان گڏوگڏ هڪ وڏو ذميوار، اوچي ڪوٺي جو پرمارٿي ۽ ڌرماتما هو. هندو سماج ۾ ڪاهي پيل ڀيد ڀلو ۽ حقارت ڀريل روين سبب پٺتي ڌڪيل ۽ جهالت جي ور چڙهيل ماڻهن ۾ تعليم جي ذريعي شعور پيدا ڪري، سجاڳي آڻي کين ترقي ڏياري مٿي آڻڻ لاءِ انهن 1946 - 02 - 18 ۾ سيٺ خوشي هريجن ٽرسٽ قائم ڪيو، انهيءَ لاءِ هن پنهنجو تن من ڌن ۽ سمورو جيون سمرپت ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي 312 ايڪڙ زرعي زمين ٽرسٽ جي حوالي ڪئي ته جيئن انهن جي اپت مان شيڊيولڊ ڪاسٽس برادرين جي ٻارن کي وظيفا ڏيئي منجهن تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ شوق پيدا ڪيو وڃي، ان کانسواءِ سفر جي دوران پاڻ اکين سان ڏٺائون ته نفرت ۽ حقارت سبب هريجن نارين کي پاڻي ڀرڻ لاءِ کوهن ۽ تلائن تي وڏي تڪليف مان گذرڻو ٿي پيو، سيٺ صاحب انهن حالتن کان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ هن ٿر ۾ کوهه کوٽائڻ ۽ بيراجي انيڪ ڳوٺن ۾ کوهيون کوٽائي ڏيڻ، ودوائن جي مالي سهڪار ڪرڻ، نياڻين جي ڏاج ۽ اکين جي آپريشن لاءِ ماڻهن کي عليحده دان ڏنو. سيٺ صاحب جن ڇوت ڇات کي سماجي برائي سمجهي انهيءَ جو هر هنڌ وروڌ ڪيو، هو جڏهن به ٻالميڪي ويڙهن ۾ ويندو هيو ته فرمائش ڪري انهن جي هٿن جي تيار ٿيل چانهه انهن جي ئي برتنن ۾ واپرائيندو هو. شروعاتي وقت ۾ انهيءَ ٽرسٽ ۾ تمام وڏن نالن وارا ماڻهو ميمبر هئا. آئون به 1952ع کان انهيءَ شيوا ۾ منسلڪ ٿيس ۽ پوءِ 1960ع کان اڄ تائين انهيءَ ٽرسٽ جي شيوا ۾ بطور ميمبر شريڪ آهيان. سيٺ صاحب تاريخ ريگستان جي جڳ مشهور ليکڪ رائچند راٺوڙ کي گهڻو ڀائيندا هئا ۽ چيلهار ۾ گهڻو ڪري انهي وٽ ئي ترسندا هئا. سيٺ صاحب اٽڪل 80- ورهين جي ڄمار ۾ 1968ع ۾ سرير ڇڏيو، کين پٽ جو اولاد ڪونه هو، انهيءَ ڪري بطور چيئرمين سيٺ هوندراج صاحب ٽرسٽ جي اڄ تائين سار سنڀار لهي رهيا آهن.
    سيٺ هوندراج رشتي ۾ سيٺ خوشيرام جا ويجها عزيز آهن ۽ پاڻ جيڪب آباد جي نالي واري زميندار سيٺ آوتراءِ راجپال جا سُپاترآهن. سيٺ هوندراج کي سي ايس ايس/ سي ايس پي ڪرڻ تي اعليٰ سرڪاري عهدي جي آڇ ٿي هئي، جيڪا هنن سويڪار ڪونه ڪئي ٻي صورت ۾ هو صوبائي سيڪريٽري يا چيف سيڪريٽري جي عهدي کي رسي سگهيا ٿي. پاڻ سنڌ جي سڄي هندو پنچائت جيڪب آباد جا چيئرمين به رهيا. سندن سپاتر آمريڪا، آئرلينڊ ۽ نياڻي سنڌ ۾ ڊاڪٽر جي مسيحائي پيشي سان لاڳاپيل آهي. سيٺ صاحب پنهنجي هٿن سان ٽرسٽ جو ليکو اهڙو ته صاف ۽ شفاف طريقي سان درج ڪندا آهن جو ڪابه اسڪالر معلوم ڪرڻ لاءِ سمورو رڪارڊ هڪ منٽ اندر سامهون اچي ويندو آهي. پاڻ هر سال ٽرسٽ جي ڪاروبار جو ليکو چوکو آڊٽ ڪرائڻ بعد ٽرسٽ جي ميٽنگ سڏائي سڀني ميمبرن جي معائني، اطمينان ۽ بحاليءَ لاءِ کولي رکندا آهن. ٽرسٽ مان ملندڙ اسڪالرشپ 10.5- ۽ 20- رپين کان شروع ٿي جيڪا هاڻي 1000، 1500 ۽ 10000- تائين ملي ٿي، اها اسڪالرشپ هر سال 2000- کان به وڌيڪ شاگرد حاصل ڪن ٿا، اها اسڪالرشپ واسطيدار شاگردن کي پنهنجي هٿن سان ڏيڻ لاءِ سيٺ هوندراج صاحب ڪجهه ڏينهن لاءِ ٿر ۽ ٻين هنڌن جو دورو ڪندا آهن، انهيءَ سموري شيوا ۽ سفر ۾ ماسٽر سچانند ساڻن گڏ هوندا آهن. سيٺ صاحب جن جو چوڻ آهي ته اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ مقرر طريقيڪار جو پورائو ڪري گهڻي کان گهڻا شاگرد اچي انهيءَ ٽرسٽ مان اسڪالرشپ وٺي پنهنجي تعليم جي حاصلات سان اعليٰ منزلون ماڻين.
    ٽرسٽ جي زمين واري اُپت سهيڙڻ نهايت ڏکيو ڪم آهي، انهيءَ لڇ پڇ لاءِ سفر ڪندي هڪ دفعو پاڻ اغوا ٿيا ۽ وڏا ڪشٽ سٺا. اي ڀڳوان! توهان جي پيار ۽ پاٻوهه وارن جذبن ۽ آشرواڌ سان ڀريل اهڙي اُتم ۽ نُسڪام شيوا جيڪا پرمارت کي قائم رکيو ٿي اچي، ان جي ڀيٽا ڪهڙن لفظن سان ڪجي.

    تن سي، من سي او ڌن سي جو ڪري دوجون ڪا ڪليان
    وهي هين سچي انسان، اس ڌرتي ڪي ڀڳوان.


    ڊاڪٽرراڻا سي راٺوڙ


    دوستن جا رايا

    جاتيءَ سَنوارِ سُونهُون ۽ مِسڪينَنَ جو مَسيحا، ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ

    اَمراڻي جي جُونجهار هاسي سوڍي جِي نگريءَ جو ڄائو ۽ چوٿين دُنيا جي پيڙهيلن جي پُڪار بڻجندڙ هڪ سنڌي مُفڪر پنهنجي قوم جي اجتماعي آسُودگيءَ جي تناظر ۾، پنهنجي مُبلغانه مڪالمن ۾ تاحيات اِن ڳالهه جي به ڀرپور پيروڪاري ڪندو هو ته جيڪڏهن ڪو انسان پنهنجي ذات، برادري، پنچائت، پنگت يا قبيلي ڪميونٽيءَ لاءِ به کڻي، چڱائيءَ جا چار پير ڀري ٿو، پنهنجي طبقي جي مظلوم ماڻهن جي ڀر وٺي اُنهن جي بهتريءَ لاءِ ٺلهِي لٻاڙ بدران عملي ڪوششون وٺي ٿو، ته اهڙي شخصيت جو اهو عمل پُڻ قوم جي اجتماعي ڀلي واري عظيم ڪم ۾ حصو وجهڻ جي مُترادف آهي. سو سنڌ پرڳڻي جي انتهائي پُٺتي پيل ضلعي ٿرپارڪر جي طويل تعلقي ڇاڇري جو کاهوڙي خمير ۽ ڳوٺ چڙهيار ڄائو ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ به اهڙن اَمُلهه انسانن مان هڪ آهي، جيڪي پنهنجي جاتيءَ جي سَنوار سُڌار ۽ جٽادار ترقيءَ لاءِ عملي طور ڪوشان ۽ وِرچڻ کان ونئون ويندڙ وجُود هوندا آهن.
    مسڪينن جو مسيحا بڻيل ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ اٺ ڏهاڪن جي اُورجا کي اُڪري، ڄمار جي نائين ڏهاڪي ۾ جيئندڙ اهو متحرڪ تن طبيب آهي، جنهن کي وارياسي ٿر جي محنتي ميگهواڙ جاتي جي پهرين ڊاڪٽر هئڻ جو صدري اعزاز حاصل آهي. ڊاڪٽر راڻا راٺوڙ وِشال ٿر جي ڀلاري ڀومي تي 10- مئي 1934ع ڌاري جنم وٺي 1961ع ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري (هاڻوڪِي لمس) مان ڊاڪٽريءَ جي سند ماڻيءَ سُرخرو ٿيو، اُنهن اَيامن ۾ ڏاهلِي گڍڙي (رامسنگهه) ڇاڇري ۽ نُورمحمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ ابتدائي، پرائمري، مڊل، ۽ سيڪنڊري يا ميٽرڪيوليشن تائين تعليم ماڻهن وارا ڪشالا ڪاٽي سڄي ٿر جي سمورين پوئتي پيل جاتين جي شاگردن لاءِ هڪ اِنتهائي مثالي، ثابت قدم، اَوِرڍ ۽ هدفي مُستقل مزاجيءَ سان همڪنار شاگرد جو زندهه جاويد مثال بڻجي سامهون آيو. ڊاڪٽر راڻا سٻنڌي حوالي سان رشتي ۾ کڻي منهنجو سڳو سنڍو ٿئي، ڇو ته سندس سرڳواسڻ پتني مُومل منهنجي جيون ساٿياڻي لڇميءَ جي سڳي ڀيڻ هئي، پر حقيقت ۾ هو منهنجو سوشل مينٽر يا سماجي تربيت ڪار، مربي، مُحسن ۽ جيون اُتساهڪ اهڃاڻ آهي، مون سميت منهنجي جاتيءَ جا هزارين لکين ماڻهو جيڪي پنهنجي پنهنجي جيون کيترن ۾ پاڻ موکين پيا يا عزت ڀريو آسودو ۽ طمينان بخش جياپو ماڻين پيا، انهن جي اڪثريت ڊاڪٽر صاحب جي اخلاقي ۽ مالي سُنهپ جي ساکي آهي. ٿر جي پيڙهيل جاتين جي پاڙهو فردن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ، ٽاڻي کي ناڻي تي فوقيت ڏيڻ، غريب ڪُٽنبن جي ڪفالت جا ڪارج سِڌِ ڪرڻ ۽ تعليم جي هٿيار سان صدين جا ڏک دُور ڪرڻ وغيره وارن مقصدن واسطي هن رُوح راڻي جو يوگدان ڳڻڻ کان گهڻو مٿي آهي. هُونئن به ضميري سڪونت لاءِ سرگردان رهندڙ جيوَ، گُپتَ (ڳجهي) کي ئي سُپت (سچو) ڪري سفر حيات کي سڦلو ڪندا آهن. پاڻ وڻائڻ ۽ پاڻ لکائڻ وارا پينتر اهڙن گوشه نشينن کي مُورڪونه وڻندا آهن. ڊاڪٽر راٺوڙ جي شخصيت به اهڙن گڻن جو مُجسم آهي.
    پنهنجي پروفيشنل يا پيشيوَراڻين ذميوارين جي بَخوبي بَجا اوري طور ڊاڪٽر راڻا راٺوڙ سنڌ ۽ بلوچستان جي جن اسپتالن ۽ ادارن ۾ معالج يا منتظم طور جنهن جنهن منصب تي مامور رهيو اُتي اُتي هن باقاعدي پنهنجي خدمتن جا اعترافي فوٽ پرنٽس ڇڏيا. ميرپورخاص، ننگرپارڪر، ڊگهڙي، ٽنڊي محمد خان، لس ٻيلي، لاڙڪاڻي، ٺٽي، سانگهڙ ۽ ويندي آخر ۾ حيدرآباد مان ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سروسز سنڌ جي عهدي تي رٽائرڊ ٿيڻ تائين سندس سرڪاري ملازمت ۽ عوامي خدمت جي هر مدت يادگار ۽ اطمينان بخش رهي. هن دُعائن جو ثمر ساڻ کڻي هر جاءِ مسڪينن، مظلومن، لاچارن، بيواهن ۽ بيوسن جي واهر ڪئي، نه ڪو عهدو هن جي غريب پروريءَ واري عزم کي ٽوڙي سگهيو ۽ نه ڪا اوچي ڪُرسي ڪڏهن جي ڪمزوري بڻي، نه هيءُ مايا جي موهه ۾ ڦاٿو ۽ نه ڪڏهن ڪنهن اَڊمبر هٿن هن پنهنجي تشخص ۽ نهٺائيءَ کي ڇيهو رسائي ٻئي جي دلڙي رنجائي.
    ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ، سيٺ خوشيرام هريجن ٽرسٽ جي پايي وجهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري، اُن جي روحه روان هُوندراج آوتراءِ راجپال سان سهڪاري ثابت قدم برقرار رکي، جنهن نموني ٿر جي شيڊيول ڪاسٽ جاتين جي غريب شاگردن ۽ شاگردياڻين جي هر ورهيه وقتائتي مالي سهائتا (کيسي خرچي جيتري ئي سهي) ڪرائڻ ۾ جيڪو اهم ڪردار پي ادا ڪيو آهي، اُن عمل لکين معصومن جي مُک تي مُرڪن جا موتي وکيريا آهن، ڪنهن غريب شاگرد کي ملندڙ معمولي وظيفي مان جيڪڏهن اُن جي پڙهڻ کي تسلسل ملي پوي ته اُهو بيشڪ آفرين جوڳو عمل آهي.
    ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ صاحب ٿرديپ بورڊ جي ڊائريڪٽر توڙي مجلس عامه جي ميمبر جي حيثيت سان اداري جي انتظامي ڪاروباري ۽ نگران سٿ کي هميشه تجرباتي نچوڙ تي آڌاريل مُفيد مشورن ۽ ڏور رس قائدانه تجويزن سان پي نوازيو آهي، جنهن لاءِ آئون ٿرديپ بورڊ طرفان هن صاحب جو ذاتي طور بيحد مشڪُور ۽ ممنون رهندس.
    اهو ڄاڻي خوشي ٿي ته ڊاڪٽر صاحب پنهنجي جيون جاڳرتا واري عام اُتساهڪ ڪهاڻي کي ڪتابي صورت ۾ قلمبند ڪري ڇپائي پڌري ڪرڻ لاءِ سنبت ڪئي آهي. اها سوچ خوش آئند ئي ثابت ٿيندي ۽ ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ جي اَڻٿڪ جدوجهد، جاتيءَ سُڌار سوچ ۽ هر مسڪين مجبور جي حال سارُو حقيقي واهر واري ڪهاڻيءَ کان اڄ جون پيڙهيون نه فقط پيرائتي نموني واقف ٿينديون پر اُن جذبي کي سمجهي ۽ هينئين سان هنڊائي سگهنديون، جنهن تحت 85- سالن جو هڪ ضعيف العمر معالج اَڄ به صرف سئو روپين جي معمولي ترين اُجوري (سو به لازمي نه) بدلي هر روز بنا ناڻي (مومل ميڊيڪل سينٽر ميرپورخاص) مسڪينن جي مسيحائيءَ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي، آئون ڊاڪٽر راڻا صاحب جي سُٺي صحت ۽ دلي خُوشيءَ لاءِ سدائين دعاگو رهندس.


    ڊاڪٽرسونو کنگهاراڻي مٺي
    0332600935


    ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ انسانيت جو هڪ انمول هيرو

    هن دنيا ۾ جيڪو انسان پيدا ٿئي ٿو اهو پنهنجي ڪرمن جي انوسار تحت پيدا ٿئي ٿو ۽ آخر زندگي جو سفر پورو ڪري هن دنيا کان هليو ٿو وڃي، پر پرماتما صاحب جو ڪنهن تي آشيرواد ته ڪنهن تي دوش هوندو آهي، هر انسان ۾ خود پرماتما صاحب جو واسو سمايل هوندو آهي، انسان کي هن دنيا ۾ ڏک ۽ سک ٻئي ملن ٿا، ڏک ملندو آهي ته انسان جون وڏيون دانهون ۽ ڪوڪون هونديون آهن، سک ملي ٿو ته هو مدهوش ٿي وڃي ٿو ۽ اهو سمجهي ٿوته مون کي ڪنهن جو غرض ناهي سڀ ڪجهه آئون ئي آهيان پر ڪنهن ۾ صبر ۽ تحمل جو مادو به هوندو آهي، جڏهن کان دنيا پيدا ٿي آهي انهي وقت کان ئي انسان ۾ شيطان جو گهڻو مادو سمايل آهي پر صبر جو حصو گهٽ هوندو آهي. انسان ته سڀ انسان جي روپ ۾ هوندا آهن، پر انسانيت اها آهي جنهن ۾ انسانيت جا گڻ هجن. هڪ انسان ڪنهن سان ظلم زيادتي ۽ ناانصافي ڪري ٿو ته ان کي گهڻي تڪليف ٿئي ٿي پر اهو سمجهڻ کپي ته اڳئين سان ڏاڍائي ٿئي ٿي اها خود مون سان ٿئي ته منهنجو ڪهڙو حال ٿئي. سچو انسان اهو آهي جنهن ۾ انسانيت جا گڻ هجن ۽ اهو انسانيت جا فرض نڀائي. انسانيت جا جن ۾ گڻ ناهن، اهو خالي انسان جو بوتو آهي. اهو صرف هن دنيا ۾ جوڻي پوري ڪرڻ لاءِ آيو ۽ ويو. انسان جو چولو وري 84 لک جوڻين کان پوءِ ملي ٿو ۽ اها وري ڪرمن جي انوسار تحت ملي ٿو. دنيا ۾ جيڪي به مذهب آهن. اها انسانيت جي طبقي جي سڃاڻپ لاءِ ٺهيا آهن ۽ انسانيت جو سبق سيکارين ٿا، جيڪي ماڻهو انسانيت جي اصولن تي نٿا عمل ڪن اهي گهڻو ڀٽڪن ٿا. دنيا ۾ سڀ کان وڏو مذهب انسانيت جو آهي. انسان دنيا ۾ آيو آهي ته ڪجهه نه ڪجهه ڪري وڃي، ڪو ظلم ۽ ڏاڍائي ۾ آهي ته ڪو ڀلائي ۾ آهي. ظلم جو ٿورو وقت آهي ۽ ڀلائي سدائين قائم رهندي آهي. ڪيل ڀلائي کي زمانو ياد ڪندو رهندو آهي. ڀلائي جي ڪانٽي ۾ تور ڪجي ته ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ جي نالي جو ذڪر ڪجي ته گهٽ ناهي، ڀلي اهڙيءَ ماءُ اهڙي انسان کي جنم ڏئي جو دنيا ۾ انسانذات سان پنهنجي زندگي ڀلائي ۾ گهاري.
    ڊاڪٽرراڻا سي راٺوڙ ذات جو جوڳو نُک راٺوڙ اصل کتري خاندان سان تعلق رکندڙ آهي. سناتن ڌرم ۾ منور سمرتي قانون تحت اهو خاندان سنبت 1515ع ۾ وٽلا ٿي ميگهه ونس ۾ شامل ٿيو، اصل ڏاڏاي جو نالو جوڳو هو، جنهن پويان ذات جوڳو پئي. ايوڌيا جي آخري راجا سمتر جي دور ۾ ٽي نُکون ٺهيون، راٺوڙ، ڪڇاوا ۽ گيهلوت جيڪا اڳتي شري رامچندر جي خاندان سان ملن ٿيون.
    ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ جنهن جو نالو ته مون اڳ ۾ ڏاڍو مشهور ٻڌو هو، پر منهنجو تعارف نه هو، بعد ۾ مون کي خبر پئي ته ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ ۽ اسان هڪ ئي خاندان جا آهيون، مون کي بچپن کان اهو شوق هوندو هو ته پنهنجي خاندان جي تاريخ لکندس. سال 2014ع ۾ هڪ ڏينهن صبح جو سوير سائين پورو مل جوڳو وٽ مٺي ۾ ويٺو هيس جتي مون پنهنجي خاندان جي تاريخ لکڻ لاءِ چيم جو انهيءَ وقت مون ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ جو فون نمبر شولال ڀوريلائي کان ورتو ۽ ڊاڪٽر صاحب کي مون فون ڪري پنهنجو تعارف ڪرائي وينتي ڪئي ته آئون پنهنجي خاندان جي تاريخ لکڻ چاهيان ٿو ساٿ ڏيڻ جي اپيل آهي، جنهن تي ڊاڪٽر صاحب کي وڏي خوشي ٿي ۽ چيو ته هي ڪم ڀلي ڪر آئون گڏ آهيان، جتي چوندا اتي پهچي ويندس. پوءِ آئون ته جوڳو براداري جي تاريخ لکڻ لاءِ ڪافي ڳوٺن ۾ نڪري پيس ڪٿي پيادو، ڪٿي موٽر سائيڪل تي، ڪٿي ڪرائي جي جيپن ۾ ته ڪٿي بسن جي ڇتن تي چڙهي تاريخ لکي، انهيءَ دوران ڊاڪٽر صاحب کان ٽائيم ورتو. ميرپورخاص ۾ منهنجي ڏهيسر راٺوڙ سان گڏ ملاقات ٿي. سندس بنگلي جي گيٽ تي انتظار ۾ بيٺل هئا، ۽ ڊاڪٽر جواهر صاحب جو ننڍو پٽ سڌير پڻ گڏ هو. اسان بنگلي جي مٿين منزل تي وياسون، جتي حال احوال کان اڳ ۾ ننڍڙي سڌير ڊاڪٽر صاحب کي ڀاڪر ڀاتي ۽ مون کي ڊاڪٽر صاحب چيو ته هي منهنجو پوٽو ڊاڪٽر جواهر جو پٽ آهي. مون ڏسي اهو چيو ته اڄ پوٽي کي ڏاڏو پيارو ٿو لڳي پر انسان جي زندگي کانپوءِ پڙ پوٽن کي ڪهڙي خبر ته اسان جو ڏاڏو به ڪو هڪ وڏو مهان هستي هو، ڇو نه ڀلا ڪتاب ۾ پهرين صفحي تي توهان جو ڦوٽو ۽ ٻي صفحي تي منهنجو ڦوٽو هجن ۽ اسان جي سڄي ذات جوڳو سامهون 100 سالن لاءِ تاريخ ۾ بيٺل هجي، جنهن تي ڊاڪٽر صاحب وڏي خوشي مان جلدي اٿي، ڪمري ۾ لڳل پنهنجو ڦوٽو ڏيکاري چيو ته هي ڦوٽو لڳايون. مون چيو ته اڃان آئون ٻيو چاهيان ٿو، جنهن تي چيو ته ٻيو ڇا؟ مون چيو ته اهو ڦوٽو هن وقت جو وڏي عمر وارو آهي. مون کي توهان جي جوڀن وارو ڦوٽو کپي ٿو جڏهن توهان ڊاڪٽر ٿيا هئا، جو مون کي سال 1962ع وارو ڦوٽو ڏنو، پوءِ اسان ويهي هڪ ٻئي سان حال احوال ڪيوسون ۽ ڊاڪٽر صاحب مون کي پنهنجي زندگي جي سڄي سفر نامي کان آڳاهه ڪيو. اسان کي ڏاڍي خوشي ٿي.
    ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ هڪ مون کي ڏاڍي مزي واري ڳالهه ٻڌائي ته جڏهن آئون پهريون دفعو نئون ڊاڪٽر ٿي ننگر پارڪر ويس ان وقت ڇوتڇات ڀيلن، ميگهواڙن، ڪولهين ۽ ٻين ذاتين ۾ تمام گهڻي هوندي هئي. ننگر پارڪر جي ماڻهن اهو ٻڌو ته هڪ ميگهواڙ ڊاڪٽر اسپتال ۾ آيو آهي. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته مريضن جي لاءِ هڪ وڏي ڪيمپ لڳائي ويئي، جنهن ۾ خاص ڪري ڪولهي برادري جون عورتون گهڻيون آيون، ايڏي ته رش ٿي، جو ڪولهي عورتن زور سان اهو چيو ته پري ٿيو اسان ميگهواڙ ڊاڪٽر کي ڏسڻ آيون آهيون، جو اهي عورتون رش ۾ اڳتي وڌي ۽ مون کي ڏسي وڏي آواز سان چوڻ لڳيون ته ”اي تو ڊاڪٽر ميگهواڙ نتي سي اي تو روپاڙو سي“ جو انهن کي وڏي خوشي ٿي مون دل ۽ جان سان اتي جي ماڻهن جو علاج ڪري خدمت ڪئي.
    ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ سان ملاقات بعد اسان هڪ ٻئي جي خيالن کان چڱي طرح مطمئين ٿياسون، مون کي ڪتاب لکڻ لاءِ بروقت هڪ لفافو پئسن وارو ڏنو ۽ چيو ته ميٽنگ جي تياري لاءِ وڃي خرچ ڪر. مون لفافو وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيوته پوليس جا ماڻهو ته پئسن وارو لفافو جلد وٺندا آهن، پر مون کي هن وقت هي لفافو نه کپي ۽ مون کي صرف آشيرواڌ جي ضرورت آهي، زور ڀرڻ سان به لفافو نه ورتو. مورخه 2014 - 10 - 12 تي مٺي شهر ۾ جوڳو برادري جي هڪ وڏي ميٽنگ ڪوٺائي جنهن ۾ ڪافي تعداد ۾ ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ جو ٻُڌي ڦانگاريي تائين سامهون گاڏين ۾ ويا ۽ کيس گڏ ويلڪم ڪري ميٽنگ ۾ پروفيسر راڌو مل جي جاءِ تي آيا. اتي آيل برادر سڀني جو تعارف ڪرايو. سچ پچ ته ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ جي نالي ۽ ان جي آدرشن لاءِ وڏي ذوق ۽ شوق سان ماڻهو آيا.
    ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ ۽ سڄي برادري ڪتاب جوڳو ونس اتهاس لکڻ لاءِ مون تي اعتماد ڪيو، جو مون ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ جي مُک ڪردار ۽ حوصلا فزائي تي 600- صفحن تي مشتمل جوڳو ونس اتهاس ڪتاب لکيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب منهنجي مالي مدد ڪئي.
    جوڳو ونس اتهاس ڪتاب جي مهورتي تقريب مورخه 16- 01 - 10 تي ڪارونجهر هال مٺي ۾ ٿي، جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب جي سهڪار سان ڪافي ماڻهن شرڪت ڪئي. ان وقت ڊاڪٽر صاحب انهي تقريب جي صدارت ڪئي ۽ ڊاڪٽر صاحب کي اهڙي ته خوشي ٿي ڄڻ وچ سمنڊ ۾ ڦاٿل ٻيڙي اڪري پار ٿي آهي.
    انهي کان اڳ ڪافي وقت ڊاڪٽر صاحب پنهنجي خاندان جي ماسٽر ڪرمچند ڳوٺ بجاڙو کي پنهنجي خاندان جي تاريخ لکڻ لاءِ ساٿ ڏنو هو، پر ماستر ڪرمچند انهي دوران دنيا مان هليو ويو. اها خواهش ڊاڪٽر صاحب جي جوڳو ونس اتهاس ڪتاب جي مڪمل ٿيڻ سان پوري ٿي.
    ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ جي زندگي جو سفر نامو لکڻ لاءِ مون کي چيو جو مون پنهنجو ڪتاب جوڳو ونس اتهاس پورو ڪرڻ بعد نوڪري ۾ ٽائيم تمام گهٽ ملندو هو پر ان هوندي به منهنجي وقت بوقت ڊاڪٽر صاحب سان ڳالهه ٿيندي هئي، جو محترم غلام محمد لغاري ۽ قائم سولنگي وارن وڏي محنت ۽ جاکوڙ ڪري مون کي مواد گڏ ڪري ڏيڻ ۾ مدد ڪئي، جو ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ جي سفر نامي جو هي ڪتاب مڪمل ڪري توهان جي اڳيان پيش آهي.
    ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ ۾ مون هڪ وڏي خاصيت اها ڏٺي ته وڏا مهمان نواز آهن، وڏي سان وڏا ۽ ننڍي سان ننڍو، خوش طبيعت رهندا آهن. سال 2014ع کان ڪڏهن ڪڏهن منهنجو پڻ ڊاڪٽر صاحب وٽ وڃڻ ٿيندو آهي. ڊاڪٽر صاحب جي عمر 85- سال آهي، ليڪن وقت جا پابند آهن، صبح جو سوير 5- وڳي اُٿي يوگا ڪندا آهن ۽ گهر ۾ مندر ٺهيل آهي، اُتي ڀڳوان جي شيوا پڻ ڪندا آهن، جيڪي به مهمان ايندا آهن، انهن کي پنهنجي هٿن سان ماني، پاڻي ۽ چانهه وغيره ڏيندا آهن. آئون حيران ٿيندو آهيان ته هن عمر ۾ خود پنهنجي هٿن سان مهمانن جي ڪئين خدمت ڪري سگهن ٿا. اسپتال ۾ پڻ وڏي انگ ۾ مريض ايندا آهن، ته انهن جي به خدمت ڪندا آهن، انهن سڀني اصولن کي ڏسي پرکجي ته ڊاڪٽر صاحب هن دنيا ۾ هڪ ديوتا سمان آهن، جيڪي پيدا ئي انسان ذات جي خدمت لاءِ ٿيا آهن.
    ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ جي زندگي جو سفر نامو ڏسجي ته انتها ڏکن مرحلن مان گذريو آهي. هڪ ته ڪشالا ڪڍي بُک ۽ اُڃ تي پڙهائي کي عروج تي پهچايو، ٻيو ته سندس گهر واري جواني ۾ اڪيلو ڪري دنيا مان هلي وئي، ٽيو ته سندس پٽ ڊاڪٽر سردار مغز جي بيماري ۾ سال 2015ع کان بيمار هئڻ ڪري ڪروڙين رپيا آمريڪا تائين خرچ ڪرڻ سان به صحتيابي نه ملي اها ته ڳاٽي ٽوڙ صدمو آهي، پر هن انسان همت نه هاري ۽ جئين زندگي جو سفر رهيو، انهي رفتار ۾ آهي. ڊاڪٽر راڻاسي راٺوڙ جي شروعاتي تعليم جي دور ۾ ميگهواڙ ونس ۾ تمام گهٽ تعليم هوندي هئي، پري پري پڙهڻ لاءِ وڃڻو پوندو هو. ذريعا نه هوندا هئا، تعليم پرائڻ تمام ڏکيو ڪم هو. سندس وڏي ڀاءُ ماستر پرڀولال جي همت افزائي سان تعليم حاصل ڪري عروج ماڻيو. زندگي جي سفر ۾ هن جو خاص ڌيان غريبن جي ٻارن کي تعليم ۽ بيمار ماڻهن جو علاج ڪرڻ تي آهي. سندن انسانذات سان ڀلايون ڪڏهن به وساري نٿيون سگهجن ۽ سندس انساني دوستي کي جيڪڏهن عبدالستار ايڌي سان ڀيٽ ڪجي ته به گهٽ ناهي..

    کرنا هي وه کر لو ري، پهر نهين پچهتانه ري
    رات اندهيري چهائي ري، آنکهه کهول کر ديکهو ري
    کرني ايسي کر ڪي جائو ري، ساري دنيا روئي ري
    جب کوئي بات آوي ري، رانا تيري ڪهاني گائي جاوي ري


    انسپيڪٽر گومن مل تيجارام راٺوڙ
    ڳوٺ هريار، حال مٺي انچارج ليگل ايس پي آفيس مٺي
    فون: 2504423 - 0333


    ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ ميگهواڙ جاتي جو تعليم سنوار

    تاريخ ۾ جيڪي به وڏا ۽ املهه ماڻهو پيدا ٿيا آهن، اهي اڪثر مظلوم پيڙهيل طبقي سان نروار ٿيا آهن. ٿر جي اڏول انسان ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ جي جرئت کي آديش، جو هي کيسي خالي نڪري حيدرآباد اچي ٽيوشنون پڙهائي، اسڪالرشپون ماڻي، پنهنجي محنت ۽ ذهانت سان ميگهواڙ برادري جو پهريون ڊاڪٽر ٿيو. قدر آور شخصيت جنهن جي ڪردار جي سچائي، اوکي ۾ گهرجائن جي مدد ڪندڙ، 50- سالن کان مسلسل بيمار مخلوق جو مسيحا ۽ آسرو ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ جي بي لوث خدمت ۽ اتهاس سندس پٽن، پوٽن توڙي سندس رهنمائي ۽ نگراني ۾ پريڪٽس ڪندڙن لاءِ شناختي ڪارڊ جي حيثيت رکي ٿي. ڊاڪٽر صاحب جو وجود ميگهواڙ خاندان لاءِ اميدن ۽ خوشين جي رکشا ڪرڻ ۽ شڀ ڀاونائون آڇيندڙ رهيو آهي. هر وقت چست رلڻو ملڻو، با اصول هن شيوڪ انسان جي مزاج ۾ ڪاوڙ ۽ نهڪار ڪڏهن به ڏسڻ ۾ نه آئي.
    اسپتال ۾ ايندڙ جنهن به اگهي سان مليو ته ان کي پنهنجو گرو ديو بنائي ڇڏيائين. پاڻ سانگهڙ ۽ ٺٽي ضلعي ۾ الائي ڪڏهن سول سرجن رهيو، پر اتان جا ماڻهو اڄ به علاج لاءِ ڊاڪٽر راڻو راڻو ڪندا وٽس ميرپورخاص مومل ميڊيڪل سينٽر سيٽلائيٽ ٽائون پهچن ٿا. سڄو ڏينهن مريضن جي وچ ۾ رهڻ جي باوجود پاڻ سوشل سرگرمين ۾ حصو وٺڻ، سارڪ ملڪن جو سير سفر ڪرڻ ۽ انهن يادن کي به ڊائري ۾ محفوظ ڪرڻ جيڪو اعليٰ ذوق آهي. ڊاڪٽر راڻا راٺوڙ پنهنجي ڪيريئر جو آغاز ميڊيڪل آفيسر ميرپورخاص، ٽنڊو محمد خان، ڊگهڙي، لاڙڪاڻو، بلوچستان جي شهر ٻيلا ۽ گهڻو وقت سول سرجن سانگهڙ ۽ ٺٽو رهيو ۽ آخر ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سروسز سنڌ 20- هين گريڊ ۾ رٽائر ٿيو.
    ڪبيرا جب سنسار ۾ آئي، جڳ هنسي تم روئي
    ايسي ڪرني ڪر چلو، تم هنسو جڳ روئي (ڪبير ڀڳت)
    ڊاڪٽر راڻا راٺوڙ جي پڙهائي خود ٿر جي شاگردن لاءِ اتساهه جو سبب بڻي، هن پسماندهه برادرين ۾ تعليم وڌائڻ لاءِ ايجوڪيشنل سوسائٽيون ٺاهيون، ٿر ۾ دورا ڪري پرچار ڪيو. هينئر به 84 سالن جي ڄمار ۾ سجاڳي جي سڏن ۾ شموليت، فلاحي ڪمن ۾ سهائتا ۽ سرواڻي ڪندو رهي ٿو. هن بافضليت ۽ باڪردار انسان جو وجود هن ڌرتي تي باعث ڀلائي آهي. آرين هند ۽ سنڌ ۾ اچڻ شرط رنگ ۽ نسل جو بنياد وڌو، پر ميگهواڙ قبيلو آرين کان اڳ سنڌو تهذيب جو رکوالو آهي. شاهان گجر ۾ ايس صادق علوي، رقم طراز آهي ته هي اصل راجپوتانا جا آهن، جو پوءِ گجرات ۽ ڪڇ کان ٿر تائين ۽ سڄي سنڌ ۾ پکڙجي ويٺا. هينئر جيڪي سنڌ ۾ ميگهواڙ زياده رهن ٿا. انهن جي ٽن نسلن تيزي سان علم حاصل ڪري پاڻ کي تعليم جي حسن سان قابل احترام ڪيو آهي. هن ڪميونٽي ۾ ايڏيون ته مهان شخصيتون موجود آهن، جن کي آئيڊيل وٺي سندن برادرين نسل سڌارڻ شروع ڪيا، جن ۾ پرائيڊ آف پرفارمنس ڊاڪٽر سونو مل کنگهاراڻي، استاد ساجن داس، وڪيل ارجن داس (پنو عاقل)، سگالچند (ننگرپارڪر) ٻيجل مل لنجار (رڻ ڪڇ) ڊاڪٽر جوڌو مل (عمرڪوٽ) صحافت ۾ معصوم ٿري (جهڏو) ڊاڪٽر جئه مل ڌناڻي سياستڪارن ۾ ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ (جيڪو ميگهواڙ ڪميونٽي لاءِ نيلسن منڊيلا ثابت ٿيو آهي)، سينيٽر انجنيئر گيانچند (ڏيپلو) موسيقار استاد تاراچند (ڀٽ شاهه) ڊاڪٽر چيلارام (ڇور ٽيڀري) ڪستور چند چيلاڻي (راجوڙو) مهراڻ مل بانبنيا (عمرڪوٽ) رتنا ٻائي (ٽنڊو محمد خان) ۽ ٻيا هر فيلڊ ۾ موجود آهن جن کي ڪميونٽي جو هر فرد قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ڪن محققن جي راءِ آهي ته ميگهواڙن جي هڪ نک مان وطن جي محبت جي علامت مارئي هئي ۽ حوالي طور لطيف جو بيت ته ”ماڙيچي ماڙين ۾ مورئون ڪيم رهي“ ۽ اهڙيون ٻيون سٽون به گواهي طور پيش ڪن ٿا ته مارئي، ميگهواڙن جي ماڙيچا نک مان هئي. اهڙي طرح انڊيا جي شهر مليار ۾ مينگو انٽرنيشنل نمائش لڳي ان ۾ هڪ ميگهواڙ آبادگار هڪ انب جي جنس تي پنهنجي ڌرم پتني جي ياد ۾ نالو ”سندري“ رکيو، جنهن انب جا قلم ۽ پتا بعد ۾ سنڌ ۾ ميرپورخاص هارٽيڪلچر سينٽر پهتا، جن جي پيوندڪاري ڪري چڪيون تيار ڪري زميندارن کي ڏنيون ويون. خان صاحب دين محمد جوڻيجي اهي چڪيون لڳائي جيڪي انب تيار ڪيا، انهن تي نالو پنهنجي ڳوٺ سنڌڙي جي نسبت سان رکيائين، اهڙو حوالو انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا ۾ موجود آهي. ”سولنگي قبيلي جي تاريخ کان علاوه آئينه قديم سنڌ، دائره معارف اسلام، ميگهه ونس اتهاس، جنت السنڌ ۽ هندو ڌرم جي ٻين ويدن ۾ پڻ ميگهواڙن بابت حوالا موجود آهن. ”ذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا“ ۾ راٺوڙن جي تيرهن شاخن جو شمار راجپوتن جي ڇٽيهه خاندانن ۾ ٿئي ٿو، راجا قنوج راٺوڙ جنهن ”قنوج“ جو شهر ٻڌايو هو. سورج ونسي ڪل ۽ سام بن نوح جي هڪ پٽ ”ٻڌا“ جي نک دراوڙ جيڪي اڳ هنگلاج بت خان جي ديوي جا پوڄاري به هئا. تڏهن دراوڙن لس ٻيلي، لاڙ ۽ ٿر ۾ به حڪومت ڪئي ۽ باقاعده راٺوڙ ڊائنا سٽي سڏبي هئي، پراچين زماني کان راٺوڙ مان ”جوڳو“ ونس آهي. ڊاڪٽر راڻا راٺوڙ جوڳو ذات جو آهي. سندس وڏا ڪن حالتن جي ڪري اتر قنوج مان لڏپلاڻ ڪري جيسلمير کان سنڌ ۾ داخل ٿيا ۽ عمرڪوٽ تائين پهتا. جتان پوءِ هريار ٿر ۾ ڪجهه وقت رهڻ لڳا ۽ هتي اچي مالهڻ ديوي جا پوڄاري ٿيا. اٽڪل 16- هين صدي ۾ جاڳن جو ڪو خون ٿيو، جنهن بعد اتان لڏي عيسب فقير جي درگاهه (ڇور) ۾ پناهه ورتائون ۽ سندس اولاد عيسب فقير جو به مريد ٿيو، شجري ۽ نکن موجب ڪيترائي ڳوٺ ٺهيا، جن ۾ کيمي جو پار، چاڙهيار، ڀاڏاسندا، ڀاڏاري، کينسر، ڊپٻوڙي، کياڙو، ڏانڀاريو، پاٻوويرو، جوڳلار ۽ ٻيا مشهور آهن. ڊاڪٽر راڻا راٺوڙ جو ڏاڏو هيمون ۽ پڙ ڏاڏو ڪيسو راٺوڙ ڳوٺ چاڙهيار ۾ اچي آباد ٿيا ۽ ڪافي راج 1965ع ۽ پوءِ 1971ع جي جنگ کانپوءِ هندستان هليا ويا. ڊاڪٽر راڻا صاحب جو جنم 10- مئي 1934ع ۾ ٿيو، پاڻ 5 ڀائرن ۾ ننڍي ۾ ننڍو آهي. سندس اسڪول ۾ داخلا 1940ع ۾ ٿي، ليڪن اسڪول پري هئڻ ڪري 2- سال پڙهائي کان محروم رهيو ۽ ٻيهر 1945ع ۾ ڊبل پروموشن ڪري پڙهيو ۽ ايئن 27- ڪلو ميٽر پري اسڪول گڊڙو سٽي ۾ پڙهڻ لڳو ۽ مڊل ڇاڇرو اسڪول مان 1950ع ڌاري پاس ڪيائين. علم جو سفر جاري رکندي 1952ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ 1953ع جي بئنچ ۾ مئٽرڪ ۽ ڊي جي ڪاليج مان انٽر فرسٽ ڪلاس پاس ڪري پوءِ ايم بي بي ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو مان 1961ع ڌاري پاس ڪري ملازمت ۾ آيو ۽ عمر جا 60 سال پورا ڪري 20- هين گريڊ ۾ رٽائر ٿيو. ڊاڪٽر راڻا ولد چانپارام راٺوڙ جنهن جي ماءُ شريمتي باري ٻائي جي ذات ڪڏيچا ۽ نک پرمار آهي، ڊاڪٽر راڻا کي 5 پٽ جن ۾ وڏو ڊاڪٽر سرجن جواهر لال، ڊاڪٽر گوهر راٺوڙ، ڊاڪٽر سردار راٺوڙ، انجنيئر نريندر راٺوڙ ۽ فنانس آفيسر جتندر راٺوڙ آهن. اهو به اهم نڪتو آهي ته، ڊاڪٽر صاحب پنهنجي گهر واري جي ڏکوئيندڙ سانحي کان پوءِ ٻي شادي نه ڪئي.
    پاڻ 1952ع کان خوشيرام هريجن ٽرسٽ سان به وابسته رهي سيٺ هوندراج آوتراءِ راجپال سان سڄي سنڌ ۾ خاص طور ٿر ۾ اسڪالرشپ ورهائي ٿو. ٿرديپ جهڙي مصروف اين جي او ۾ جنرل باڊي جو ميمبر پڻ آهي. ان کانسواءِ نوڪري دوران 20 سال مختلف ضلعن ۾ پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جو صدر رهيو ۽ ڪيتريون ئي ميڊڪل ڪئمپون لڳايون. هندو ميٿالاجي موجب 50 کان 75 سالن تائين ماڻهوءَ کي برهم چاري ٿي رهڻو آهي، جنهن ۾ خير خيراتون، ست سنگ، پوڄا پاٽ، رياضتون ڪرڻ وغيره. ان کانپوءِ کيس سنياس ۾ وڃڻو آهي، پر ڊاڪٽر راڻا صاحب پاڻ کي پوڙهو سمجهي ئي نٿو. پاڻ خوش پوشاڪ، خوش اخلاق، خوش طبيعت ۽ توڪل تي ڀاڙيندڙ انسان آهي، پنهنجي مسيحائي پيشي سان ناتو نڀائيندي اڄ به ميرپورخاص سيٽلائيٽ ٽائون ۾ سندس ”مومل ميڊيڪل سينٽر“ غريبن لاءِ هڪ سهارو آهي. سچ پچ ته ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ ميگهواڙ جاتي لاءِ هڪ تعليم سنوار آهي.


    قائم سولنگي، ميرپورخاص
    030773343200


    ڊاڪٽر راڻا راٺوڙ جي گڻوان شخصيت

    انسان پنهنجي سڀاءُ جي وس ٿي ڪم ڪري ٿو هو پنهنجي ئي فطرت جي ڪري ڪو ڪم ڪرڻ کانسواءِ رهي به ڪونه ٿو سگهي. اهو منش جڏهن بنا ڪنهن لالچ جي نشڪام ٿي ڪري انسان ذات جي سک ۽ ڪلياڻ لاءِ ايئن خدمت سرانجام ڏي ٿو، اهڙو ماڻهو سک، نفعي نقصان ۽ هار جيت جي فڪر کان بالاتر ٿي ڪري جڏهن اهو ڪم ڪري ٿو بلڪه هو ايئن ڪندو رهي ٿو يقينن اهو ماڻهو هن زماني ۾ وڇوڙي ٿيڻ کانپوءِ به سدائين لاءِ محفوظ رهي ٿو. ڊاڪٽر راڻا جي واکاڻ ۽ سندس نالي جي مشهوري مون کي آڳاٽو سڌ هئي ۽ دل ئي دل ۾ اها ڳالهه وراڪا کائيندي ٿي رهي ته ڊاڪٽر صاحب جا درشن ڪجن، سو مون بنا ڪنهن ڏيٺ ويٺ جي هڪڙو خط آر ايم سول اسپتال ميرپورخاص جي ائڊريس تي اُماڻيو ته ان جي جواب ۾ ساڳئي هفتي ڊاڪٽر صاحب جي هٿن جو لکيل خط اچي مليو، انهيءَ سان منهنجي دل ۾ ڊاڪٽر صاحب لاءِ ويتر احترام ۽ سڪ ۾ اضافو ٿيو هو ۽ پوءِ هڪ ته سندس مٿي ذڪر ڪيل رهائشگاهه تي شيڊيولڊ ڪاسٽ ايجوڪيشنل ڪميٽي جي ميٽنگ ڪوٺايل هئي، انهي ميٽنگ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ مون کي به سڏ ڏنو ويو هو اهو منهنجو ميرپورخاص لاءِ پهريون سفر هو، ڊاڪٽر صاحب مون (جونيئر ڪلرڪ) جهڙي ادنيٰ ماڻهو کي ميٽنگ ۾ شامل ڪيو جتي ڏيپلو مان ميٺارام، مٺي مان ساجن داس چنداڻي، اسلام ڪوٽ مان منگل داس نگارام، سامارو مان ديال داس، ڇاڇرو مان وڪيل ڀمرلال، عمرڪوٽ مان ڊاڪٽر جوڌو مل ۽ چمبڙ مان وسند داس صاحبن بطور ميمبر شريڪ ٿيل هئا. مون انهيءَ ميٽنگ جي ڪارروائي مان ڪجهه پرايو. ميٽنگ جي پڄاڻي تي سڀني مون کي کيڪار ڀليڪار چئي اتر سنڌ ۾ تعليم جي سلسلي ۾ احوال ورتا ۽ مون کي پنهنجي پيار ۽ اُمنگن سان مان ڏنو، اهي لمحا مون کي پنهنجي زندگي ۾ اثاثي طور ياد آهن ۽ ياد رهندا، انهيءَ رات ڊاڪٽر صاحب مون کي پاڻ وٽ ترسايو ٻي ڏينهن سندس اسپتال ۽ شام جو پرائيويٽ ڪلينڪ تي وٺي هليو جتي جهان خان کوسو ، ڊاڪٽر صاحب سان ملڻ آيو هو. ڊاڪٽر صاحب کوسي صاحب سان تعارف ڪرائيندي چيوته هي ارجن داس اتر سنڌ کان آيو آهي خدمت ڪرڻ جو جذبو رکي ٿو، انهيءَ تي مسڪين اٿي مون کي ڀاڪر پاتو ۽ انهيءَ سفر ۾ حوصلو نه هارڻ، دل ڪچي نه ڪرڻ ۽ بهانا ٺاهي ڀڄي نه وڃڻ کان روڪڻ جي تلقين ڪندي آخر ۾ چيائين ته ڌڻي توهان کي ڪڏهن به مياري نه ڪندو. ڊاڪٽر صاحب جي قرب جي ڪشش هئي جو سندس ڊگهڙي، ٽنڊو محمد خان، ٺٽو ۽ سانگهڙ جي اسپتالن ۾ مقرري جي موقعن تي به آئون وٽس ويندو رهيو هئس. 1971ع ۾ ڊاڪٽر پنهنجي شادي جو سڏ ڏنو ته لانڍي ڪوٽ ميرس ۾ سندس ڪاڄ ۾ وڃي شريڪ ٿيس ۽ سندس ڄڃ سان ڀوريلو به ويس، اتي ٻي ڏينهن تي صبح تي ساجن داس چنداڻي مون کي جيپ تي کڻي ڇاڇرو وٺي هليو، ڇاڇري جي هڪ برهمڻ ڇات ڇوت جي مت ڀيد کي هوا ڏيڻ لاءِ هڪ ڪتاب لکيو هو مون کي انهي برهمڻ سان موضوع تي بحث ڪرڻ جو وڏو شوق هو، پر ان ڏينهن هو ڇاڇرو کان ٻاهر ويل هو. 1975ع ڌاري ٻوڏ وارن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر صاحب جي لاڙڪاڻي بدلي ٿي ۽ هو ٻارن سميت لاڙڪاڻي آيل هو ته مون به پنهنجي شريڪ حيات کي تيار ڪري وڃي لاڙڪاڻي ۾ ڊاڪٽر راڻا جي رهائشگاهه ڳولي لڌي، پاڻ ته خوش ٿيو پر مون کي اهو فڪر رهيو ته جي عورتن هڪ ٻي جي ٻولي کي نه سمجهيو ته بي مزي رهنديون ليڪن بعد ۾ منهنجي مالڪياڻي اچي ٻڌايو، اسان هڪ ٻي جي ٻولي سمجهي ورتي آهي ۽ اسان هڪ ٻي جون ڀينر بڻجي ويون آهيون، اهو ڀاڄائي مومل جو تدبر هو ورنه اسان ته سادا لوڪ هئاسين. ان وقت موهن ۽ منوهر اسان سان گڏ هئا ۽ ڊاڪٽر صاحب کي به ٻه ننڍڙا پٽ هئا، ان بعد منهنجا ٻار ڊگهڙي، سانگهڙ، ٺٽي به هليا هئا. ٺٽي ۾ ڀاڄائي مومل سندس منهن ٻولي ڀيڻ منهنجي گهر واري کي پنهنجي دلي تمنا ٻڌائي ته ڀيڻ ڀڳوان پاڻ ٻنهي کي پنج پنج پٽ ڏنا آهن، باقي تو وانگر هڪ نياڻي ڏي پر بندي جي من ۾ هڪ ته صاحب جي من ۾ ٻي، ڀاڄائي مومل جي اها آس پوري نه ٿي ۽ پاڻ ٻيڙي ۾ سوار ٿي پنهنجي ڏيهه هلي ويئي. پروفيسر پريم ۽ ڊاڪٽر جواهر صاحب جي گهر مهمان خاني ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ۾ مثالي ساٿ ڏنو. شڪتي رام به ڊاڪٽر صاحب کي پيارو لڳندو هو جو کيس پڙهائي لاءِ تيار ڪيو هئائين، جنهن ريلوي ڊپارٽمينٽ مان رٽائر ڪيو آهي. شڪتي رام، پرفيسر پريم، ڊاڪٽر جواهر، ڊاڪٽر گوهر، ڊاڪٽر سردار، انجنيئر نريندر ۽ جيتندر مون کي پنهنجي ننڍڙن ڀائرن ۽ اولاد جيئن پيارا لڳندا آهن، مون ڊاڪٽر صاحب کي هر هنڌ هڪ جهڙو ڏٺو، اسپتالن جي صفائي، سٺائي، پارڪ، رستن رهائشي جاين جي مرمت جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ هن ڪابه ڪثر ڪونه ڇڏي هئي. مريضن خواهه سماج ۾ سندس لاءِ وڏو احترام رهيو آهي. وزيراعظم محمد خان جوڻيجو وٽ هڪ ماڻهو ڊاڪٽر صاحب کي بدلي ڪرائي سانگهڙ مان بي دخل ڪرڻ ٿي چاهيو جو ڊاڪٽر صاحب انهيءَ جي هڪ غير قانوني غلط فرمائش پوري ڪونه ڪئي هئي. جوڻيجو صاحب پنهنجي انهيءَ هجائتي ماڻهو کي چيو ته ڊاڪٽر راڻا جو متبادل ٻڌايو، ته ڪم ۾ ڪا غلطي ٻڌايو، باقي توهانجي غلط ڪم جي پورائي نه ٿيڻ جي ڪري آئون ڊاڪٽر صاحب جي بدلي ڪونه ڪرڻ ڏيندس، هروڀرو توهان به پنهنجي پير تي ڪهاڙي هڻي پنهنجي اسپتال مان اهڙي ماڻهو کي ڪڍرائڻ واري نڀاڳ کي سڏ نه ڏيو. ڊاڪٽر صاحب شگر ۽ ٻين عارضن هوندي به باقاعده يوگا ۽ ورزش سان پاڻ کي فٽ ۽ اورچ رکيو ٿو اچي. سماج جي اصلاح لاءِ ميٽنگ ۾ شريڪ ٿيڻ، رهنمائي ڪرڻ، مالي خرچ ۾ هٿ ونڊائڻ شاگردن جي مشڪلاتن ۾ سندن هٿ ونڊائيندو ۽ ٻانهن ٻيلي ٿيندو رهيو آهي. ڊاڪٽر راڻا راٺوڙ جي شخصيت تي لکڻ لاءِ (مون سمجهو چڙهيا سيرتي) ڪتاب ۾ به ڪجهه لکيو آهي ته جيڪو هتي دهرائڻ ڪونه ٿو گهران. بس آئون پنهنجي وڏي ڀاتي سڄڻ جي نظرن سان ڏسندو ۽ سدائين سندس احترام ۾ رهڻ جو متمني آهيان. زندگي ڪيترو ساٿ ڏيندي پر ڊاڪٽر صاحب سان گڏ گهاريل گهڙيون صرف حڪايت صاف ۽ اصول وارين ڳالهين کي پنهنجي رهنمائي ۽ شعار بنائڻ جو سدائين خواهشمند رهڻ گهران ٿو.


    وڪيل ارجن داس امر وير لڌارام
    اسٽيشن روڊ پنو عاقل ضلع سکر
    03323839970


    ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ هڪ آدرش انسان

    جب تم آئي سنسار ۾ جڳ هنسا تم روئي
    اب ايسي ڪرني ڪر چلو تم هنسو جگ روئي.

    منش جو درجو هن پوري سنسار ساگر ۾ مهان آهي، جنهن کي پنهنجي منزل ماڻڻ لاءِ سچائي، عدل، ۽ انصاف، سخاوت، قرباني ۽ سعادت جي ڏاڪن تان چڙهي پنهنجي اوچائي بي منزل کي رسي ٿو ۽ آتمڪ، پرڪاش ۽ روحاني راحت جو ڀرپور مظاهرو نصيب ٿئي ٿو ۽ پنهنجو پاڻ کي آنند پراپت ٿئي ٿو. انسان صحيح مهانتا جو درجو تڏهين ماڻي سگهندو جڏهين منجهس جدوجهد، محنت، همت، خدمت خلق ۽ پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ جو گڻ موجود هجي، سچائي ئي هن سنسار جي مها ساگر ۾ انسان جو پهريون ڏاڪو آهي، جيڪو منش کي اُتم پدوي تي پهچائي ٿو، انسان جڏهن هن پرٿوي جي ستايل، بکايل، مسڪينن، غريبن ۽ اٻوجهه انسانن جي بنا ڪنهن لالچ، لوڀ، نفرت، ذات پات، مت ڀيد ۽ بنا ڪنهن امتياز بي سواءِ خدمت ڪري ٿو،تڏهين اُن کي ديو ديوتا کان به اُچو درجو پراپت ٿئي ٿو. اهوئي اوچ درجو ماڻيندڙ ۽ مهان پدوي پراپت ڪندڙ آدرش انسان جيڪو ساگر کان وڌيڪ گهرو، آسمان کان اوچو وڌيڪ وسيع دل رکندڙ ۽ چندرما کان وڌيڪ ماٺار جهڙي گڻن سان ڀريل مهان پُرش شري ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ به هڪ آهي. جيڪو ڇاڇري تعلقه جي ڳوٺ چاڙهيار جي هڪ غريب هاري شري چانپارام جوڳو ۽ شريمتي پاري نک ڪڏيچو جي گهر تاريخ 10- مئي 1934ع تي جنم ورتو.
    ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ جن پنهنجي پنجن ڀائرن ۾ سڀني کان ننڍو آهي. ڊاڪٽر صاحب مڊل تائين تعليم ڇاڇرو مان حاصل ڪيائين، بعد ۾ هيري وانگر جلڪندڙ ۽ انمول شخص راڻا صاحب کي سلام آهي جو هڪ غريب ۽ مسڪين ماڻهو ۽ جيب خالي گهران نڪري پنهنجي تقدير آزمائڻ لاءِ حيدرآباد جو رُخ ڪيو، جتي ٽيوشن پڙهائي، اسڪالرشپون ماڻي پنهنجي لگن ۽ محنت ۽ ذهانت سان پڙهائي جاري رکي.
    تاريخ تي نظر ڦيرائبي ته معلوم ٿيندو ته دنيا ۾ جيڪي به وڏا ۽ املهه ماڻهو پيدا ٿيا آهن، اُهي گهڻو ڪري پيڙهيل طبقي مان نسري نروار ٿيا آهن. اهڙي طرح ميگهواڙ جاتي جو هڪ غريب سال 1961ع ۾ پهريون ميگهواڙ برادري جو ڊاڪٽر ٿيو ۽ پنهنجي قوم جو ڳاٺ هماليه جبل کان اوچو بنائي تاريخ جي سونهري ورڪرز ۾ لکرايو. راڻا سي راٺو صاحب پنهنجي ڪئريئر جو آغاز ميڊيڪل آفيسر طور ميرپورخاص کان شروعات ڪئي، پوءِ ٽندو محمد خان، ڊگهڙي، لاڙڪاڻو ۽ بلوچستان جي شهر ٻيلا ۾ نوڪري ڪئي، ۽ گهڻو وقت سول سرجن طور سانگهڙ ۽ ٺٽي ۾ سروس ڪئي. آخر ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سروس سنڌ 20- گريڊ ۾ رٽائرڊ ٿيو.
    راڻا سي راٺوڙ هڪ انسان دوست ۽ آدرش انسان آهي، ۽ منجهس ڪوبه مذهبي مدڀيد نه آهي، هي هڪ مسيحا، هڪ مهان ڪردار، حوصلي جي بي پناهه سگهه ۽ پختي ارادي جي علامت ۽ نيمڪ انسان اهي، ڊاڪٽر صاحب پنهنجي زندگي ۾ ڪيترائي، ڏک ۽ ڏولاوا ڏٺا، سخت محنت ۽ پورهيو ڪري لاچار، بي سهارا بيمار ماڻهن جو علاج ڪري هيڻن کي همت ۽ حوصلو ڏنو. هن جي دلي تمنا آهي ته ماروئڙن جي ديس جا ماڻهو عزت آبرو ۽ پريم رنگ ۾ اچي لال ٿيئن. سندس ماهرانه ۽ طبي، صلاحتن ۽ تجربن جي پوري ملڪ کي اعتراف آهي. راڻا سي راٺوڙ پنهنجي جيون جو سمورو وقت هڪ صحت مند معاشرو ڏسڻ لاءِ پاڻ کي وقف ڪيو. هن صاحب پنهنجي ميگهواڙ برادري جي نوجوانن کي علم جي روشني سان منور ڪيو ۽ دنيا کي ثابت ڪري ڏيکاريو ته ميگهواڙ جاتي ڪنهن کان گهٽ نه آهي. هن صاحب بنا ڪنهن لالچ جي وڏي خدمت ڪئي ۽ ڪڏهن به پنهنجو پاڻ کي وڏو نه سمجهائين، جيئن سنت ڪبير جو هڪ دوهو آهي.
    بڙو بڙائي نه ڪري، بڙا نه بولي بول
    هيرو مُک نه ڪهي، لاک ميرا مول.
    ڊاڪٽر صاحب جي مزاج ۾ ڪاوڙ، تعصب ڪاوڙ، غرور، لوڀ، ۽ لالچ ۽ اهنڪار ڪڏهن به نظر نه آيو، پاڻ سير ۽ سفر جو شوقين رهيو، ڪيترن ئي مُلڪن جو سفر ڪيو ۽ پنهنجون يادون دائري ۾ محفوظ ڪرڻ جو شوقين رهيو. ڊاڪٽر صاحب کي پنهنجي ڌرم پتني ”مومل“ جي دکدائڪ سانحي کان پوءِ ڪافي دُکي رهيو ۽ توڙ تائين ٻئي شادي ڪونه ڪئي. پنهنجي ٻچن کي ماءُ جي مامتا ڏيئي پالي وڏو ڪيو. کيس پنج پٽ آهن، جن کي پڙهائي وڏيون نوڪريون ڏياريون، جن ۾ وڏي ۾ وڏو پٽ ڊاڪٽر جواهر راٺوڙ سرجن، ڊاڪٽر گوهر راٺوڙ، ڊاڪٽر سردار راٺوڙ، انجنيئر نريندر راٺوڙ ۽ فنانس آفيسر جيتندر راٺوڙ اهن.
    ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ غريب شاگردن جي پڙهائي ۾ هڙان وڙان مدد ڪئي، ڳوٺ ڳوٺ جا دورا ڪري ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ پرچار ڪيائين ته علم کانسواءِ اوندهه آهي، اوهان اندر ۾ علم جا ديپ روشن ڪريو ۽ پٺ تي پيل غريبن جي تعليم وڌائڻ لاءِ ايجوڪيشن سوسائٽيون قائم ڪيون، اڄ به 85 سالن جي عمر ۾ به فلاحي ڪمن ۾ سهائتا ۽ اڳواڻي ڪندو آهي.
    ڊاڪٽر صاحب آل سنڌ شيڊيول ڪاسٽ ايسوسيئيشن جو صدر ٿي رهيو ۽ اُن کان علاوه سيٺ خوشيرام طرفان ٺاهيل هريجن ٽرسٽ جو ميمبر به ٿي رهيو ۽ سيٺ هوندراج آوتراءِ راجپال سان گڏجي ٿر جي ڏوراهن ڳوٺن ۾ وڃي اسڪول شاگردن ۾ اسڪالرشپون ورهايائين. نوڪري دوران مختلف ضلعن ۾ پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جو صدر رهيو ۽ ڪيتريون ئي ميڊيڪل ڪئمپون لڳائي بيمار ماڻهن کي صحتياب ڪيو. ٿرديپ جهڙي معروف اين جي او جي جنرل باڊي جو ميمبر پڻ آهي، ٺٽي ريڊ ڪراس ۽ ٽي بي ايسوسيئيشن جو سيڪريٽري ٿي رهيو. 9- سال سانگهڙ ۾ پي ايم اي جو لڳاتار صدر ٿي رهيو.
    ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ جا ڪيترائي دوست هئا ۽ ڪجهه زندهه آهن، خاص ڪري مير رسول بخش ٽالپر، مير علي بخش ٽالپر، مير علي احمد ٽالپر، ڊاڪٽر محمد صالح ميمڻ، مير امام بخش ٽالپر، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، جهان خان کوسو، سگاڙ چند سيجو ۽ ٻيا ڪافي وڏيون هستيون سندس دوست ٿي رهيا.
    ڊاڪٽر صاحب تي سڄي ميگهواڙ برادري وارن مٿن فخر آهي ته هن صاحب پنهنجي پيشي ورانه لياقت سان پنهنجي وطن ۽ قوم جي هميشه خدمت ڪئي آهي. گڏوگڏ برادري جي سماجي ڪمن ۽ ڀلائي جي ڪمن ۾ هٿ ونڊائيندو رهيو آهي. سندس هٿ ۾ قدرت ايڏي ته شفا ڏني آهي جو ٿر ۽ سنڌ جي ٻين علائقن مان مريض وٺي ميرپورخاص پهچن ٿا ۽ صحتياب ٿي ويندا آهن. ڊاڪٽر صاحب ڪڏهين به پارٽي بازي يا سياست جي ور نه چڙهيو، فقط پنهنجي پيشي سان سچو ۽ پيار رکندو هو.
    ڊاڪٽر صاحب اڄ به 85- سالن جي عمر کي رسيو آهي، پر هو پاڻ کي پوڙهو سمجهي ڪونه ٿو. هر وقت چاڪ چوبند رهي ٿو، پاڻ خوش پوشاڪ، خوش اخلاق ۽ خوش طبيعت ۽ توڪل تي ڀاڙڻ وارو انسان آهي. پنهنجي مسيحائي پيشي سان ناتو نڀائيندي اڄ به ميرپورخاص سيٽلائيٽ ٽائون ۾ سندس ڌرم پتني جي ياد ۾ ”مومل ميڊيڪل سينٽر“ غريبن لاءِ اڄ به هڪ سهارو بڻيل آهي.

    سومجي ڌاراڻي لڌارام، ڏيپلو
    03333945672


    هڪ تاريخ ساز شخصيت ڊڪٽر راڻا سي راٺوڙ

    ٿر جو علائقو سورن جو ساڙيل ۽ سکن کان وانجهيل رهيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪڏهن ترقي پذير ۽ تهذيب يافته رهيو هجي، ان جا ڪجهه قصا ۽ ڪهاڻيون، دوها ۽ ڳاهون ثبوت طور ملن ٿا، نه ته هڪ اڌ سُڪار کانپوءِ ڏڪار هن علائقي جو مقدر بڻجي چڪو آهي، هن خطي جي ترقي ۽ عروج واري دور جي تاريخ به هوندي، ڪي ڪوي ۽ چارڻ ئي ان دور ۾ هوندا، جن وقت جي حاڪمن ۽ راڻن کي ڳايو آهي. اتي وري ڏڪاري حالتن ۾ سخي مرد رامي ٻوچيئي جي پياريل رٻ کي گهڻن ماڻهن کي ياد آهي، ته وري روپلي ڪولهي جهڙن ڪونڌرن کي به ياد رکندا پيا اچون. جن پنهنجون حياتيون ڏنيون پر ڌرتي جو ويساهه نه وڃايو آهي.
    ٿر ڌرتي هر دور ۾ املهه ماڻڪ ۽ موتي پيدا ڪندي رهي آهي، جن پنهنجو ڪردار اهڙي اعليٰ نموني سان نڀايو آهي، جو اهو ايندڙ نسلن لاءِ آدرش ٿي ڪم اچي ٿو. انگريزن جي دور ۾ ڪجهه تعليمي ترقي آئي ۽ سماج ۾ تبديلي جا اهڃاڻ اُسري پيا، انهن جو سڌو سنئون اثر اسان جي پوئتي پيل سماج تي به پيو. تعليم پکڙي، انسانيت ڪنڌ مٿي کنيو، مجبور، مسڪين محڪوم ۽ مظلوم جاتين ۾ سجاڳي آئي، ڏکن ۽ سورن کي منهن ڏيندڙ اهي ماڻهن جن رڳو پورهيو ڪري پنهنجن ٻچن جو پيٽ پئي پاريو ۽ سماج جو خدمتون پئي ڪيون، انهن کي هر دور ۾ پٺتي اڇلايو ٿي ويو، پر منجهن تعليم جي لاٽ ٻري پئي، ميگهواڙ جاتي جيڪا ان وقت پنهنجي بقاءَ جي جنگ وڙهڻ جي شروعات ڪري چڪي هئي، ان کي ڪيترائي مسئلا سامهون هئا. ”پنڻ وچان پڙهڻ ياد ڪونهي“ ويلي تي ماني ڀور ملڻ مشڪل، مٿان وري وڏن ماڻهن جون طبقاتي ورڇ واريون سوچون ۽ پڙهائي جو خرچ، مطلب ته وڏي جدوجهد ۽ جاکوڙ کانپوءِ اهي ترقي جون منزلون طئي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ مثال ڇڏي ويا. هڪ غريب هاري چانپارام جي گهر ۾ 1934 - 05 - 10 تي موجوده دور جي تاريخ جو هڪ عظيم ڪردار ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ ٿر جي کائڙ واري علائقي جي ڳوٺ چاڙهيار ۾ ڄائو، پاڻ پنجن ئي ڀائرن ۾ ننڍو هو. سندس وڏو ڀاءُ پرڀولال هڪ استاد هو، جنهن جي ڪوششن ۽ مائٽن جي دعائن کيس اڳتي اچڻ ۾ مدد ڪئي، جن ڏکن ۽ ڏاکڙن سان هن پنهنجي شروعاتي تعليم پرائي، اهي تڪليفون ۽ مشڪلاتون هن دور جي ٻار جي برداشت ڪرڻ کان ٻاهر آهن. پرائمري تعليم پنهنجي هوشياري ۽ قابليت سان حاصل ڪندي، جڏهن انگريزي تعليم لاءِ ڇاڇري مڊل اسڪول ۾ داخل ٿيو ته اتي سندس واسطو هڪ هم ڪلاسي پرڀولال ٽيڪماڻي سان پيو، جنهن جو خاندان ان دور ۾ سلجهيل ۽ سٺن خيالن وارو هو. تعليمي اوسر ۽ واڌ ويجهه لاءِ اهڙي ماحول جو ملڻ به سندس خوش نصيبي هئي، جنهن جي ڪري هن ٻالڪ جي پرورش ۽ سنڀال بهتر نموني سان ٿي. جڏهن حالتون ڪجهه قدر صحيح ٿيو وڃن ته ذهني سوچ ۽ سمجهه ۾ به ڦيرو اچيو وڃي. سٺن خيالن جي پيدائش کيس اڳڀرو ٿيڻ لاءِ همٿايو، نتيجي ۾ پاڻ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان مئٽرڪ پاس ڪئي. ميٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ اڳتي ڪاليج جي تعليم حاصل ڪرڻ سندس وس کان ٻاهر هئي، پر پاڻ همت نه هاري، ڏک سور سهندي، بکون ڪاٽيندي، پٽ تي سمهندي، هتان هُتان پنهنجن پراون کان مدد وٺندي فرسٽ پوزيشن سان انٽر سائنس ڪري ورتو، نتيجي ۾ کيس پهرين ميگهواڙ شاگرد جي حيثيت ۾ ايم بي بي ايس ۾ داخلا ملي. ان وقت ميگهواڙ جاتي جا ڪيترائي پڙهيل لکيل ماڻهو استاد جي حيثيت سان مختلف هنڌن تي نوڪري ڪري رهيا هئا. انهن پنهنجي جاتي جي هن عظيم فرزند جي هر طرح سان مدد ڪئي، ته جيئن پاڻ ايم بي بي ايس ڪري هن مسڪين جاتي جو مسيحا بڻجي سگهي. ميڊيڪل جي پڙهائي ۽ ڳاٽي ڀڳا خرچ سندس وس کان ٻاهر هئا، پر ان وقت جي پرائمري ماسترن جيڪي ٽريننگ ڪاليج ۾ زير تربيت هوندا هئا، انهن پنهنجي فراخدلي ۽ قوم پرستي جي جذبي هيٺ ساڻس هر قسم جو سهڪار ڪيو. انسان جي پنهنجي نيت صاف هجي، اندر م امنگ ۽ اتساهه هجي ته ڪوبه ڪم مشڪل ڪونهي. آخرڪار ڪوششون ڪامياب ٿيون ۽ پاڻ 1961 - 09 - 23 تي ميرپورخاص ۾ پهريون ميڊيڪل آفيسر مقرر ٿيا. ميگهواڙ جاتي جي تاريخ جو اهو هڪ اهم ڏينهن هو. اتي سروس ڪرڻ کانپوءِ کيس ننگرپارڪر جو آرڊر مليو. ننگرپارڪر ۾ رهي حقيقت ۾ پاڻ ٿر جي واري جو قرض لاٿو، جو اڄ به انهيءَ علائقي جا پيرسن هينئر به ڳالهيون ڪندي جيڪڏهن ڪنهن ڊاڪٽر جو مسيحا جي حيثيت ۾ نالو کڻن ٿا، ته اهو ڊاڪٽر راڻا کانسواءِ ڪوبه ٻيو ڪونهي. پاڻ پڙهيو ته ٻين لاءِ علم جا دروازا کولڻ ۾ ڀمرلال ڊي نٿواڻي وڪيل سان گڏجي جدوجهد ڪندي نه صرف سيٺ خوشيرام، سيٺ دريانو مل هريجن ٽرسٽ جي سهڪار سان غريب ۽ مستحق شاگردن کي اسڪالرشپون ڏياريون، پر ميگهواڙ جاتي جي بهتري ۽ بهبودي جي مختلف پروگرامن ۾ هميشه سڀني کان سرس سندس ئي خدمتون رهيون. وچ ۾ ڪجهه عرصي لاءِ کيس بلوچستان ۾ به نوڪري ڪرڻي پئي، اتي به پنهنجين ڪوششن ۽ ڪاوشن کي ايترو ته اجاگر ڪيو، جو جڏهن اتان سندس سنڌ ڏانهن واپسي ٿي ته اتي جا رهواسي سندس بهترين خدمتن خلق جي جذبي جي ساراهه مان نٿي ڍاپيا. واپسي ۾ وري اچي پنهنجن سان گڏ پکڙا اڏيائين ۽ لڳاتار ڇهن سالن تائين ٿرپارڪر ضلعي جي هيڊ ڪوارٽر ميرپورخاص ۾ آر ايم او سول اسپتال جي حيثيت سان تر جي عوام جي دل و وجان سان خدمت ڪندي، انهن جون دعائون کٽيندي پنهنجو نالو روشن ڪيائين. شاگردن ۽ سماج جي ڀلائي لاءِ ٺاهيل سنڌ شيڊيولڊ ڪاسٽس ايسوسيئيشن جي نالي هيٺ جماعت جي صدارت جو عهدو سنڀاليندي پٺتي پيل قومن جي تعليمي ۽ سماجي سڌارن لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيائين. 4- فيبروري 1971ع تي سندس شادي مامي کيتارام رامواڻي (ڀوريلو) جي ڌي مومل سان ٿي. جيڪو حقيقت ۾ قدرت طرفان هڪ انوکو ميلاپ هو. سندس شادي جي تقريب ميگهواڙ جاتي جو وڏو ڪاڄ هو. اوکي ۽ اڙانگي سفر هئڻ باوجود اتر سنڌ ۽ بلوچستان کان وٺي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مهمان پهتا هئا. کاڻ مڙهي جي گادي نشين ٻاوي پورڻ ناٿ ۽ مير علي بخش کانسواءِ ڪيتريون ئي مهان هستيون ڪاڄ ۾ شريڪ ٿيون. ڀوريلي ويندي سندس ڄڃ کي چيلهار ۾ ماستر ڀانو مل ميگهو مل سرتاڻي چانهه پارٽي ڏني هئي. هند و پاڪ جنگ دوران سندس بدلي ٽنڊو محمد خان ٿي، جتي به پاڻ انسانيت جي جيڪا خدمت ڪئي، ان جي شاهدي تر جا ماڻهو ڏيندا رهن ٿا. ان وقت جنگ جي ڪري ميگهواڙ ملازمن کي ٿر مان بئراج ايريا ڏانهن بدلي ڪيو ويو هو، اهي پنهنجا موڪلن وارا ڏينهن ٽنڊو محمد خان ۾ گذاريندا هئا. شاباس آهي ٻائي مومل کي جنهن انهن ماڻهن جي ايڏي ته خدمت ڪئي جو انهيءَ مومل راڻي واري جوڙي جو مثال اڄ ڏينهن تائين وري ڳوليو نٿو ملي، يڪدم کين سول سرجن ٺٽو مقرر ڪيو ويو، جيڪو علائقو به ان وقت تمام پٺتي پيل هو، پاڻ هتي به دل و جان سان غريب توڙي امير جي بنا ڪنهن فرق جي خدمت کان وسان ڪين گهٽايو. اتي ئي ادي مومل جي قتل جو دکدائڪ واقعو شادي کان صرف ڏهه سال پوءِ 19- ڊسمبر 1981ع تي پيش آيو. ليڪن هڪدم ايڏي وڏي صدمي کي سهي پاڻ کي سنڀالي پنهنجن پنجن معصوم پانڊون جي سنڀال لاءِ همت ٻڌي، ٻي شادي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائين. حالانڪ کيس ٻي شادي لاءِ ڪافي زور ڀريو ويو پر پاڻ پرڻو ۽ مرڻو هڪ دفعو واري اصول تي قائم رهي پنهنجي زندگي اڳي وانگر ٻين لاءِ وقف ڪري ڇڏي. هن مهان شخصيت کي ڏکن جي ڪري لٿل ۽ سکن جي ڪري چڙهيل منهن سان ڪنهن ڪونه ڏٺو هوندو، جڏهن به ڏسبو کڻي ته سدائين مرڪ منهن تي رکي، ٻين کي کلي کيڪاريندو رهي ٿو. ڇا ٻار ڇا ٻڍا، ڇا پوڙها، ڇا جوان مطلب ته سمورا سندس انهي رويي جي جتي ڪٿي واکاڻ ڪندا رهن ٿا. مريض جي اڌ بيماري ڊاڪٽر راڻا جي اهڙي ورتاءُ جي ڪري ختم ٿيو وڃي ۽ باقي مسيحائي واري شفا سندس هٿ ۾ هجڻ ڪري مشڪل سان ڪو مريض وٽس آيو هجي ۽ صحتياب ٿي کلندو ڪڏندو گهر نه پهتو هجي. ٺٽو مان کيس بدلي ڪري سول سرجن سانگهڙ مقرر ڪيو ويو جتي پاڻ پنهنجي ڊيوٽي ايمانداري ۽ سچائي سان ڪندي، اتي جي مريضن کي پنهنجي من موهڻي مرڪ سان نوازي کين صحت جي سُتي پياريندا رهيا. ان وقت جي وزيراعظم محمد خان جوڻيجو کيس خاص طور تي پنهنجي ضلعي سانگهڙ جي عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ سول سرجن مقرر ڪرايو ۽ پاڻ به انهيءَ ڪسوٽي تي پورا لٿا. کين هڪ سال لاءِ وري به ڊي ايڇ او ٺٽو مقرر ڪيو ويو، جتان وري چئن سالن تائين واپس سانگهڙ ۾ سول سرجن ٿي ڪم ڪيائون. ٻائي مومل جي وڇوڙي کانپوءِ ڊاڪٽر صاحب وکري چڪو هو، پر شاباس آهي سندس ڀائٽي سرڳواسي پروفيسر پريم ڪمار کي، جنهن معصوم ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ۾ پنهنجي وسان ڪين گهٽايو. ان سان گڏوگڏ سندس ڌرم پتني جنهن بهترين نموني سان انهن ٻارڙن جي پرورش ڪئي، انهيءَ ذري گهٽ ماءُ جي پالنا واري خال جي پورائي ڪري ورتي هئي، نتيجي ۾ پنج ئي پانڊو بهترين تعليم ۽ تربيت حاصل ڪندي پنهنجي منزل مقصود تي پهتا آهن. رٽائرمينٽ کان ڪجهه اڳ ۾ کين پروموشن ڏيئي ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سنڌ حيدرآباد مقرر ڪيو ويو، 1994 - 6 - 9 تائين پنهنجي سروس دوران جيتري هن ماڻهو غريب غربي جي خدمت ڪئي، اها ڪوبه ماڻهو من تان ميساري نٿو سگهي. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ سيٽلائيٽ ٽائون ميرپورخاص ۾ ٻائي مومل جي نالي سان ميڊيڪل سينٽر کولي پنهنجي خدمت کي جاري رکيو.
    ٽندو جان محمد کي پاڻ پنهنجو ٻيو گهر سڏيندو آهي، اتي پنهنجي سئوٽ ماستر ساهو مل نگاڻي ۽ پنهنجي ڀاڄائي دادي لالي ٻائي جي سهڻين صلاحن ۽ رهبري لاءِ هميشه ڀيرو ڪندو رهندو هو ۽ ڪڏهن گهوئي ڪين گسايائين، اڄ به پاڻ ته ٺهيو پر سندس اولاد انهي ناتي کي برقرار رکيو اچي.
    جن معصوم ٻارن کي ماءُ جي محبت ۽ پيءُ جو پيار ڏيئي پاڻ جيڪا سندن پرورش ڪئي، انهن مان سندس پٽ ڊاڪٽر سردار جي بيماري کيس ذهني طور تي لوڏي ڇڏيو آهي جوان پٽ مسلسل آءِ سي يو ۾ هجي، ان پيرسن پيءُ جي پيڙا کي لفظن ۾ بيان ڪري نٿو سگهجي، پر پاڻ به اڃا تائين ٻين جي مسيحائي ڪندو ٿو رهي.
    زندگي جي سماجي فرضن کان فارغ ٿي به پاڻ اڃا تائين سماجي خدمتن کان ڪناره ڪش نه ٿيا آهن، اڄ به ساڳي جوش ۽ جذبي سان نه صرف پنهنجي جاتي پر پوري انسانيت جي جيڪا خدمت ڪري رهيا آهن، ان لاءِ هي لفظ چوڻا ٿا پون.

    محنت منهنجو مقصد، محنت منهنجي زندگي
    ڪريان خدمت ٻين جي، مون لاءِ اهائي بندگي.


    امولک ٿري ساهو مل
    ٽندو جان محمد


    ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ ۽ سيٺ خوشيرام هريجن ٽرسٽ

    ڊاڪٽر راڻا صاحب سان 1973ع ۾ ڊگهڙي اسپتال ۾ ملاقات ٿي نالو ته اڳ ۾ ئي ٻڌو هو جڏهن به خط لکيم ته سائين جو جواب سدائين سٺي ۽ تفصيلي موڊ سان ملندو هو. انهن جوابن جي انداز سان متاثر ٿي سوچيندو هوس ته شل موقعو ملي ته درشن ڪيان، ٿيو به ايئن ئي آئون فرسٽ ييئر ۾ پڙهندو هوس ته منهنجي مامي جي وڏي پٽ سڳني چند جي خيرپور ۾ پي ٽي آءِ جي ٽريننگ لڳي. ميرپورخاص وڃڻ ٿيو ۽ رات وڃي ڊگهڙي ڊاڪٽر صاحب سان تعلقي هاسپيٽل ۾ رهي اسين. سائين جن جو مزاج، خدمت، تعاون ۽ پنهنجي برادري جي ڀلائي لاءِ جيڪو جذبو ڏٺو اهو اڃا تائين ساڳيو يا اڃان به وڌيڪ پيو ڏسان. شاگردي جي زماني ۾ استاد ئي صحيح نه ڳالهائيندا هئا ليڪن هڪ سينيئر ڊاڪٽر جو فرسٽ ايئر جي اسٽوڊنٽ سان همدردي ۽ خلوص وارو ورتاءُ آئون زندگي ڀر ياد رکندو پيو اچان. رات جي ڊگهي ڪچهري ۾ اها معلومات ملي ته سائين جن سيٺ خوشيرام دريانو مل هريجن ٽرسٽ جا ميمبر به آهن، جيڪا ٽرسٽ شيڊولڊڪاسٽ کي معاشري ۾ جائز مقام ڏيارڻ لاءِ انهن جي ٻارن کي تعليمي ميدان ۾ اڳتي آڻڻ لاءِ اسڪالرشپ ڏيندي پئي اچي، اها واحد ٽرسٽ ئي آهي سنڌ ۾، جيڪا 1946ع کان اڃان تائين غريب جاتين جي ٻارن کي تعليم ڏيارڻ ۾ پئي پتوڙي هن ٽرسٽ مان ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته پاڻ به اسڪالرشپ وٺي پڙهيو ۽ ڪافي وڏن عهدن تي آيل ميگهواڙ، ڪولهي ۽ ٻين برادري جي استادن، ڊاڪٽرن، انجنيئرن، پروفيسرن ۽ ٻين انيڪ شعبن ۾ ڪم ڪندڙن جا نالا ٻڌايا، جن پڻ اها اسڪالرشپ ورتي ۽ ٻيا وٺن پيا. بعد ۾ ڊاڪٽر صاحب کي جيڪب آباد جي ايڊريس وٺي موجوده چيئرمين هوندراج اي راجپال کي درخواست ڪاليج جي پرنسپال کان تصديق ڪرائي موڪلي ته مون کي به ٽرسٽ جي چيئرمين سيٺ هوندراج بي ايس سي تائين اسڪالرشپ ڏني ۽ پوءِ وري منهنجي اولاد کي به ملي. ان کان پوءِ وري دل ۾ اتساهه رهندو پئي آيو ته شل ڪڏهن ديوان هوندراج اي راجپال جو درشن نصيب ٿئي. جن ديوان هئڻ جو ثبوت ڏيندي غريب ذاتي جي سچي شيوا پئي ڪئي، جنهن جو درس اسان جو ڌرم ڏئي ٿو. سائين جن جو 1980ع ۾ جيڪب آباد ۾ درشن ٿيو اُتي آئون حميديه هاءِ اسڪول ۾ سائنس ٽيچر ٿي ويو هئس ۽ پوءِ شوق پيدا ٿيو ته اهڙيءَ مهان پرش ۽ ٽرسٽ جي باني جو ڪو ڏهاڙو ملهائڻ گهرجي، ڇو ته اسان جي مردن ۽ عورتن ته، ديوتائن، پيرن ۽ ساڌن جي مورتين تي ڌوپ، اگربتيون ۽ پرساد چاڙهي چاڙهي ورهيه گذاري ڇڏيا اٿن، پر انهن اهڙو انقلاب اسان جي قوم ۾ ڪونه آندو. ڊاڪٽر صاحب ۽ وڪيل ارجن داس آف پنو عاقل جي همت افزائي سان نيٺ پهريون ڀيرو ٽرسٽ جي باني امر سيٺ خوشيرام جو ڏهاڙو 1986ع ۾ ڳوٺ بوزدار وڏا ضلع خيرپور ميرس ۾ ملهايوسون، جنهن ۾ خاص مهمان سيٺ هوندراج موجوده چيئرمين ٽرسٽ ۽ ڊاڪٽر راڻا صاحب وڪيل ارجن داس سان گڏ سائين ساجنداس مٺي وارو ۽ ٻيا ڪافي پري پري کان آيل پنچائتن جي مکين ۽ نوجوانن ٽرسٽ تي روشني وڌي. ان کانپوءِ 1995ع ۾ امر سيٺ خوشيرام جو ڏهاڙو عمرڪوٽ ۾ ملهايو ويو، جنهن ۾ پڻ ڊاڪٽر صاحب جو هٿ هو، سندس ٻيا ساٿي انجنيئر ڪانجي مل ميمبر ٽرسٽ (سابقه ڊائريڪٽر ٽيليفون) سيٺ آڏو مل، نهال چاڳلاڻي، ڊاڪٽر جوڌو مل ۽ قائم سولنگي هئا. بهترين پروگرام ٿيو، سائين هوندراج ٽرسٽ تي گهڻي روشني وڌي ۽ ٽرسٽ کي ساراهيو، ڪنهن دوست جا لفظ اڄ به ياد اچن ٿا ته خاص ڪري ميگهواڙ برادري جي جيڪا هن وقت سڌريل پوزيشن آهي، اها ان ٽرسٽ جي ئي ڪري آهي نه ته ٻين پٺتي پيل قومن جهڙا هجون ها. ان پروگرام ۾ راڳ جي محفل به هئي ته سووينئر به ڪڍيو ويو هو. ڪافي اخبارن ۾ آرٽيڪل به ڇپيا هئا، سيٺ هوندراج کي به ڏاڍي خوشي محسوس ٿي هئي. ڊاڪٽر راڻا صاحب سان جڏهن به ملاقات ٿيندي آهي ته سدائين سماجي ترقي ۽ ٽرسٽ جي بهتري لاءِ تجويزون پيا ڏيندا آهن، ڊاڪٽر راڻا صاحب جو چوڻ آهي ته 1952ع کان وٺي 1960ع تائين سنڌ سڄي جو ٽوئر ڪرائيندو هو، هر شهر اپر سنڌ توڙي ٿر ۾ تعلقه ليول يا وڏن شهرن ۾ گڏ هلندو هو، وئڪئشن ۾ ڪنڌڪوٽ کان خانپور ۾ رهي زمين جي حساب ڪتاب ۾ مدد ڪندو هو پوءِ سرڪاري نوڪري ۾ لڳڻ ڪري نڪرڻ مشڪل ٿي ويو. سيٺ هوندراج صاحب سان گڏ به عمرڪوٽ ڇاڇرو شهر مٺي چيلهار ڏيپلو ۽ اسلام ڪوٽ هنڌن تي ٻه ٽي سال ڪم ڪيو ۽ پوءِ هڪ تعليم سڌارڪ جي جذبي سان اڄ تائين جاري رکيو پيو اچي. ڪافي عرصي کان سيٺ شري هوندراج صاحب مون غريب کي به ٿر ۾ اسڪالرشپ ورهائڻ لاءِ گڏ وٺي ويندا آهن، ڇو جو ڪم گهڻو هوندو آهي، ڪافي ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ۽ گهڻن ٻارن ۾ اسڪالرشپ ورهائڻ ۾ هٿ ونڊائڻو هوندو آهي. ڊاڪٽر صاحب چوندو آهي ته سيٺ هوندراج جو خاص خيال رکجان، هڪ ديوتا جي نسل مان اٿئي ۽ واقعي ئي سيٺ صاحب ايترو ته اسڪالرشپ ورهائڻ ۾ سخت آهي جو ڪوبه ميمبر غلط سفارش ڪرڻ جي همت نه ڪري سگهندو آهي. ديوان صاحب جي اهائي ڪوشش هوندي آهي ته لائق شاگردن کي وظيفو ملي (Improver, Repeater, Failure, Irregular) کي نه ڏبي. يا غلطي کان ڪوبه ديوان جو ٻار نه وٺي وڃي، ڇو ته امر سيٺ خوشيرام جو حڪم هو ته هي ٽرسٽ صرف هريجن جاتين جي لاءِ آهي، ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ جي هن ٽرسٽ سان شروع کان اڄ تائين وابستگي رهي آهي، ۽ شايد سندس روح ۽ جسم ۾ شيوا ۽ قومي جاڳرتا جو جذبو به ان ئي ٽرسٽ جي مالڪ خوشيرام جي ڪردار کي ڏسي ڪري ئي وڌو هوندو. خوشيرام جي شخصيت تي روشني وجهندي ڊاڪٽر راڻا جذباتي ٿي ويندو آهي. چوندو آهي ته سائين خوشيرام وڏي عمر وارو، شگر جو مريض، جيرو به گهٽ ڪم ڪريس ۽ پروسٽيٽ جو مريض پر پوءِ به ٽٽل چپل جي تري کي اڳڙين سان پيرن کي ٻڌي اونهاري جي تيز، گرم لڪ ۾ ديوانن (چرين) وانگر ٿر جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ غريبن جي شاگردن کي ڳولي ڳولي وظيفو ڏيندو هو. ڪڏهن پنڌ ته ڪڏهن کيکڙن تي چڙهي به سيلاني سيٺ اهڙي اتساهه سان وڃي انهن مستحقين سان ايئن ملندو هو ڄڻ پنهنجا وڇڙيل ٻچا هجن ۽ اسڪالرشپ ايئن ڏيندو هو ڄڻ انهن جو قرض هجي، ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته سائين خوشيرام جي هڪڙي ئي ڌي هئي. شريمتي ديوي ٻائي جيڪا پنهنجي چئن پٽن سان گڏ ورهاست کانپوءِ انڊيا هلي وئي جن مان ٻه پٽ ماتا ديوي ٻائي کي به ڇڏي وري آمريڪا هليا ويا پر سائين خوشيرام چيو ته منهنجا ٻچا شيڊيولڊڪاسٽ وارا آهن، جن کي تعليم جي زيور سان سينگارڻ، عزت ڀرئي روزگار سان لڳائڻ سندس اولين فرض آهي، انڪري سنڌ ۾ آخر ڪنهن جي سهاري ڇڏيان، ڇا اهڙو ڌرماتما يا سماج شيوڪ خوشيرام سائين کان اڳ ۽ پوءِ سنڌ ڌرتي پيدا نه ڪيو آهي؟ اهڙي مها پرش کي وارون وار نمسڪار آهي. سائين هوندراج ٻڌايو آهي ته هي ٽرسٽ خوشيرام 1946ع ۾ قائم ڪئي، جنهن ۾ 500- جريب زرعي زمين ۽ هڪ لک رپيا روڪ دان ڏئي قائم ڪئي. ان سيٺ خوشيرام درياڏنو مل هريجن ٽرسٽ جي مئنيجنگ ڪميٽي جا ميمبر ان وقت جا عظيم انسان رکيا ويا.
    1. سيٺ خوشيرام دريانو مل راجپال خانپور شڪارپور چيئرمين
    2. جمشيد نسروانجي اڳوڻو ميئر ڪراچي ميمبر
    3. دادا جيرامداس دولترام اڳوڻو ايم پي اي، اڳوڻو گورنر آسام اينڊ بيهار حيدرآباد. ميمبر
    4. پروفيسر گهنشام داس شوداساڻي 1937ع اڳوڻو ايم پي اي سنڌ ڪراچي ميمبر
    5. سيٺ ماڌو داس ايسرداس شڪارپور ميمبر
    6. نارائڻ داس رتن مل حيدرآباد، ميمبر
    7. مانوارو سوامي ڪرشانند ڪراچي، (جنهن راڻا چندرسنگهه جي پتا راڻا ارجن سنگهه کي هارايو هو. 1946ع ۾) ميمبر.
    8. شيوڪ رام ڪرمچند سکر، ميمبر
    9. لڪشمي داس سري ڪانتا ممبئي، ميمبر
    10. سيٺ مولشنڪر چيئرمين هندو پئنچائت ڇاڇرو، ميمبر
    اهڙن تاريخ ساز ميمبرن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سائين خوشيرام ڪيڏو نه عظيم پر اپڪاري انسان هوندو، انهن ميمبرن کانپوءِ به ڪيترائي ٻيا اهڙا پرش ٽرسٽ جا ميمبر ٿيا ۽ ڪافي تاريخي ڪتابن ۾ انهن جو ذڪر ملي ٿو. هڪ اهڙي ٽرسٽ جيڪا ڪيترائي جوکم سهي ڪشالا ڪڍي اڄ به غريب شاگردن جي خدمت ڪري رهي آهي. هر سال 12- لک رپين تائين اسڪالرشپ ورهائي ويندي آهي. ڊاڪٽر صاحب اڄ به چوندو آهي ته ياد اهڙي مهان پرش جو هر سال جنم ڏڻ ملهائڻ ۽ ٽرسٽ جي ڪارڪردگي تي ڪتاب لکڻ اسان تي فرض آهي. ليڪن ڇا ڪريون عمر وڏي ٿي وئي آهي. وري به ڪوشش ڪبي، نه ته ايندڙ نسل تي اهو قرض آس اٿم ته من ڪو مانجهي لاهي سگهي ۽ مالڪ در ارداس آهي ته اهڙي عظيم سماج شيوڪ ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ جي وڏي حياتي هجي ته اڃان به اسان سندس رهنمائي حاصل ڪندا رهون.

    پروفيسر سچانند پنوآريا
    خيرپور ميرس سنڌ


    ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي!

    ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ نهايت جهانديد ۽ فقير صفت انسان آهي، تاريخ عالم پڙهڻ سان هڪ نڪتو ملي ٿو ته جيڪي به هستيون سماجي کيتر ۾ ڇانيل جمهوريت ۾ ٿرٿلو آڻي هڪ نئون رستو سنواريو انهن انسانن پنهنجي گيان و گيان سان عملي دنيا ۾ پنهنجي همت تدبير ۽ بردباري سان پنهنجي برادري جو رخ موڙي ڇڏيا. ڊاڪٽر صاحب بلاشبه اهڙين شخصيتن ۾ ڳڻيو ويندو جن پنهنجي طويل جدوجهد جو بنياد سچائي ۽ اورچائي ۽ جهد مسلسل تي رکيو ۽ پنهنجي ذميواري نڀائڻ ۾ ڪڏهن به ٿڪو ناهي، اهو ئي سبب آهي جو هندو جاتين جا پڙهيل اڪثر نوجوان سندس آئيڊيل آهن، پاڻ سنڌ جي ان نسل جا نمائندا آهن، جنهن جو هن وٿ ۾ پڪو ويساهه آهي ته، جيستائين ذهن، جسم، ۽ قلم ساٿ ڏيندا رهن، اوستائين پنهنجي ذميواري هن سماج ۾ نباهڻ گهرجي.
    مون محترم ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ صاحب سان پهرين ملاقات ۾ کيس حقيقت پسند آدرش وادي ۽ پُر اميد انسان جي محبتي ڊائري ۾ داخل ٿيو آهيان، مٿئين اقتباس مان معلوم ٿيندو ته سندس قوم جي ٻچن جي مستقبل جو ڪيڏو اونو آهي، ۽ هو نهايت اٿاهه پيار ڪندڙ مهان ماڻهو آهي، جيڪو پيار انسان کي جستجو لاءِ محترڪ رکندو آهي. هن سدوري انسان کي خدمتن تي داد تحسين ڏيڻ ڄڻڪ امڙ سنڌ سان محبت ڪرڻ جي برابر آهي، کيس آئون ڌنيواد ڏيان ٿو.
    ڊاڪٽر راڻا صاحب جي حياتي سنڌ ۾ رهندڙ ميگهواڙ جاتي جي نسلن ۽ نوجوانن لاءِ محنت ۽ سچائي جو هڪ بهترين پيغام آهي.
    منهنجي ڊاڪٽر صاحب سان پهرين ملاقات جو اتفاق هيئن 1970ع ۾ ٿيو جو آئون کانئس ان وقت هڪ تعليمي فارم تصديق ڪرائڻ ويس جڏهن پاڻ ميرپورخاص سول اسپتال ۾ آر ايم او آفيسر هئا، پاڻ آپريشن ٿيٽر مان ٻاهر نڪرندي ئي فارم کي اٽيسٽيڊ ڪيائين ۽ مختصر تعارف ڪرايو هيم، هن مثالي انسان جي سموري زندگي جي جاکوڙ ۾ هڪ يگاني لوچ آهي، هڪ عجيب قسم جي تڙپ آهي، ته اڃان به ڪجهه شيوا ڪجي هن جي اکين ۾ هميشه ٿر ۽ ٿر واسين لاءِ حسين خواب رهيو آهي. سندس ڄمار ڀٽائي جي سٽ کڙڪڻائي لاهي سُک نه سُتا ڪڏهن جي تشريح بڻجي وئي آهي. هن جي ساروڻين تي سهڙيل ڪتاب ٻين کي اتساهه ڏياريندو، ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ صاحب جي منفرد حيثيت تي مون کي فارسي شاعر فرخي سيستانيءَ جو هيءُ شعر ٺهڪندڙ ٿو محسوس ٿئي.

    توڙي چنڊ ڪڪرن جي اوٽ ۾ کين کان اوجهل ٿي وڃي
    تڏهن به اونداهون ته نه ٿيندو آهي، روشن ئي رهندو آهي
    آخر ۾ صلاح ڏيندس ته ڊاڪٽر راٺا راٺوڙ صاحب کي سندس حياتيءَ ۾ مڃتا ڏيڻ لاءِ سڀئي ساڃاهه وند گڏجي شاندار ميڙاڪو منعقد ڪن، جنهن ۾ سندس يادگار ليڪچر ٻڌجي ۽ کيس بي لوث طويل خدمتن تي لائيف اچيومينٽ ايوارڊ پيش ڪجي.

    خير انديش
    ڊاڪٽر تيرٿداس
    ڊينٽل سرجن ميرپورخاص


    تاريخ، سچ ۽ هڪ راڻو ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ

    ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ هڪ جستجو جو نالو آهي، جيڪا سڄي جستجو هڪ تاريخ جوڙي ٿي، جيڪا تاريخ سچ، ساڃهه ۽ سُرت جا پيچرا ڏسي ٿي.مشڪلاتن کي منهن ڪئين ڏجي، ڀوڳنائن سان مهاڏو ڪيئن اٽڪائجي، سورن لاءِ ڪهڙي سُتي وٺجي؟ معاشري کي پاڻ وهيڻو ۽ صحت مند ڪئين بڻائي سگهجي ٿو؟ جيئن معاشرو، امن، شائستگي، سرت ۽ ساڃهه جو گهوار بنجي وڃي، انهي لاءِ غور و فڪر جا گس ڊاڪٽر راڻا جي زندگي جي سفر مان ڳولي سگهجن ٿا، ڪنهن به شخصيت کي پرکڻ لاءِ ان جي سموري پٽ کوهه جو ڳوڙهو اڀياس ڪرڻو پوي ٿو، جنهن کي مختصر، سادي ۽ سلوڻي نموني سان پيش ڪيو آهي، پر ان جو جديد سائنسي بنيادن تي پرکي مطالعو ڪرڻ سان ڪيتريون ئي اهڙيون هڙون حاصل ڪري سگهجن ٿيون، جيڪي سنڌ جي تاريخ کي جديد بنيادن تي جوڙڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن، يا خواهشمند آهن، مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون، ڇاڪاڻ ته ڊاڪٽر راڻا جي زندگي جيڪا جستجو آهي، اُها روايتي ۽ لکيل تاريخ کان هٽيل آهي، ڪنهن درٻاري جي تاريخ ناهي، هي ڪنهن عام رواجي واقعن جو مجموعو ناهي، هي هڪ پورهيت جي پٽ جي اُها آتم ڪٿا آهي، جيڪا سماج کي ڌوڏڻ، ڏاڍ ۽ جبر کي لوڻ وارن نسخن مان ڪارائتو نسخو آهي، جيڪو صرف جياپي لاءِ ناهي پر جياپي کي جٽادار بڻائڻ، ٻين ۾ حوصلو ۽ همت پيدا ڪرڻ وارو هڪ نادر نسخو آهي، اها سٽ ته هو هتان جي ميگهواڙ جاتي مان پهريون ڊاڪٽر (ايم بي بي ايس) آهي، لکڻ، چوڻ ۽ مان ڪرڻ ۾ هڪ عام فهم سادو ۽ سولو جملو آهي، پر تاريخ جي پاڙهوئن لاءِ هڪ وڏي اهميت ۽ افاديت جو حامل آهي، جيڪي سنڌ ۽ خاص طور تي ميگهواڙ جاتي جي تاريخ کان واقف آهن.
    ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ هڪ اهڙي ماحول ۾ اک پٽي ٿو، جتي سندس ڪڙم، قبيلي، جاتي کي زندگي جي هر موڙ تي ڌڪاريو وڃي ٿو، انهن جي احساسن، امنگن، خدمتن کي جنم ڏيڻ به نٿو ڏنو وڃي، هو ڏسي ٿو ته سندس آسپاس سندن جاتي انساني اڻ برابري واري اڏي تي لڇندي رهي ٿر پر هي شخص ڪاتي هيٺيان ڪنڌ، پوءِ به نعراءِ نينهن جا هڻي ميدان عمل ۾ نڪري ٿو. هن جو حوصلو هن جي همت، هن جا جذبا ڀالا ۽ ترڇيون بڻجي ميدان ماريندي مورچا سر ڪندي پنهنجي منزل طرف روان ۽ دوان رهي ٿو. هو ڪئين پڙهيو ۽ ڪڙهيو. هن ڪئين ڪشالا ڪڍيا، هن مسيحا بڻجڻ کانپوءِ ڇا ڇا ڀوڳيون. اهائي ته اسان جي تاريخ آهي، جيڪا درٻاري تاريخ جون ڌڄيون اڏائي ٿي سگهي. راڻي مينڌري جي مومل ته دل برداشته ٿي، غلط فهمين جي ٻلي ٿي چڙهي پر هن راڻي جي مومل ته حوصلي ۽ همت سان جيئندي رات جي اونداهي ۾ بزدل ۽ پنهنجن قاتلن جي هٿن گولين جو کاڄ بڻجي پر هي راڻو ڪنهن جو درٻاري ٿيڻ بدران وري ساڳي حوصلي ۽ همت سان کيرپاڪ پٽ سميت باقي معصوم پٽرن کي پتا واري شفقت سان گڏ ماتا واري ممتا سان پالي نپائي علم جي زيور سان آراسته ڪري پنهنجي مشن کي جاري رکڻ لاءِ پيچرا ٺاهي ڏي ٿو. وار وار نمسڪار آهي، ان عظيم انسان کي جنهن ماڻهپي کي مان ڏنو، جيڪو بي سهارن لاءِ سهارو بڻيو، جيڪو درد مندن جو درمان بڻيو، جنهن اسان کي اهو سبق سيکاريو ته ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ ارپڻو ٿو پوي. هن اهو سولي سمجهايو ته علم کانسواءِ انسان جهالت جي جهنگ ۾ جانورن جو کاڄ ٿو بڻجي۔

    معصوم ٿري، جهڏو


    ننڊ نه سُتا ناکنوان ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ

    ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ صاحب جي پسمانده علائقي کائوڙ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ چاڙهيار ۾ اک کولي جتي هر طرف پسماندگيءَ غربت معاشرتي ۽ مذهبي اڻ برابري موجود هئي، جتي تعليم جو حصول هڪ شيڊيولڊ ڪاسٽ سان واسطو رکندڙ جاتي لاءِ مکڻ مان سيخ پچائڻ جي برابر هو، سندس وڏي ڀاءُ سرڳواسي ماستر پرڀو لال جي رهنمائي سان پرائمري ۽ مڊل تائين تعليم ڳوٺ ۽ ڇاڇرو ۾ حاصل ڪئي، ڳوٺ کان ڇاڇرو تائين به سواري جو ڪوبه جوڳو بندوبست نه هو، مطلب ته هو هر طرف مشڪلاتون ئي مشڪلاتون هيون.

    کُرڪڻا لاهي سک نه سُتا ناکنوان
    اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.

    مشڪلاتن سندس عزم کي وڌيڪ چٽو ڪيو ۽ پاڻ باقي تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪئي، اهڙيءَ طرح ميگهواڙ جاتي جو هي پهريون فرد هو، جنهن جي سليڪشن ايم بي بي ايس ۾ ٿي.
    ڊاڪٽر صاحب ايم بي بي ايس جي تعليم مڪمل ڪري 1961ع ۾ سول اسپتال ميرپورخاص ۾ آر ايم مقرر ٿيو، جتي هن پنهنجي سچائي نوڪري ڪئي ۽ ضلعي ٿرپارڪر جنهن ۾ ميرپورخاص ضلعي هيڊ ڪوارٽر هو ۽ علاج جون بهترين سهولتون موجود هئڻ سبب ٿر جي دور دراز علائقن جا ماڻهو علاج لاءِ ايندا هئا، انهن جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جو انتظام به پاڻ ڪندا هئا.

    وه انسان ڪيا جو ڪيسي ڪي ڪام نهين آئي
    سمندر سي ته نديان بهلي جو سب ڪي پياس اجهائي

    ڊاڪٽر راڻا صاحب جي ناماچاري به ڏينهون ڏينهن وڌندي ويئي ۽ ويتر پاڻ ۾ خلق خدا جي خدمت جو جذبو به پروان چڙهڻ لڳو ۽ هاڻي هڪ خيال کيس ستائڻ لڳو ته پنهنجي جاتي قوم جا نوجوان تعليم جي ميدان ۾ پوئتي آهن ۽ ان جو اهم سبب ئي مشڪلاتون آهن، تڏهن هن هڪ تنظيم جو وجود رکيو جنهن ۾ شيڊيولڊڪاسٽ جي شاگردن جي مالي مدد ڪرڻ سميت ٻين مشڪلاتن جي حال لاءِ هڪ تنظيم جو وجود عمل ۾ آندو، جنهن جو نالو سنڌ شيڊيولڊڪاسٽ ايجوڪيشنل ايسوسيئيشن رکيائون، ان تحت ڪيئي شاگرد اڳتي تعليم پرائي پنهنجي منزل تي پهتا.
    ڊاڪٽر صاحب جي رٽائرمينٽ 1994ع ۾ ٿي، آخري سندن عهدو سنڌ ليول جو هو ”ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سروس سنڌ“ پاڻ ريٽائرمينٽ کي به هڪ وک سمجهي پورو ٿيڻ تي به وکون اڳتي وڌائيندي پنهنجي مشن کي طب جي ميدان ۾ پنهنجو ميڊيڪل سينٽر ”مومل ميڊيڪل سينٽر“ ميرپورخاص ۾ کوليو، جنهن ۾ غريب ماڻهن کي سهارو پڻ مليو.
    پاڻ سماجي ڪمن سان گڏ ميگهواڙ برادري کي به سياسي دڳ ڏنائون، جڏهن 1993ع ۾ اقليتن جي الڳ چونڊن جي نظام تحت مٺي ۾ منعقد هڪ ڪٺ ۾ ميگهواڙ برادري جي رهبر جي حيثيت ۾ وقتائتو ۽ ڏاهپ ڀريو فيصلو ڪيو، ان اليڪشن ۾ ڪافي اميدوار هڪ ئي جاتي جي آمهون سامهون هئا، پر پاڻ ”ون سيٽ ون ڪئنڊي ڊيٽ“ جي اصول کي نظر ۾ رکندي ايم پي اي سنڌ جي لاءِ انجنيئر گيانچند ۽ نيشنل اسيمبليءَ لاءِ ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ جي نالي جو اعلان ڪيو ۽ قوم به ان فيصلي کي تسليم ڪندي پنهنجي اميدوارن کي ووٽ ڪيا ۽ اهي ڪامياب ٿي پارليامينٽري سسٽم جو حصو ٿيا، اهي هڪ پهرين ڪوشش هئي، جيڪا اڄ تائين 1993ع فارمولي تحت موجود آهي، جنهن کي نالو ڪندي اڄ جي حالتن ۾ اسان جا سياستدان عمل ڪندا ته ڪياب ويندا، سريندر ولاسائي مخصوص سيٽ ايم پي اي چونڊجي آيو آهي اهو به ان فارمولي جو نتيجو آهي. اسان جون ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ صاحب لاءِ دعائون آهن ته ان جي شروع ڪيل مشن تي اسان جا نوجوان عمل ڪن ۽ خدمت جي جذبي سان اڳتي وڌن ته هوند ڪافي مشڪلاتون گهٽجي سگهن ٿيون.

    پاڙي ويج هئام مون مور نه پڇيا
    ڏيئي ڏنڀ ڏڌن مون ڏيل ڏکويو (شاهه)


    جيرام داس اٻوجهو
    ڳوٺ رگهو راٺوڙ، 12- ميل ميرپورخاص
    03333312706


    ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ هڪ کليل ڪتاب

    ڪي ماڻهو هڪ هوندي به هڪ ادارو هوندا آهن، انهن جي آٿت ۽ آسرو، همت ۽ حوصلو ٻين لاءِ هڪ راهه هوندي آهي. اهڙن انسانن ۾ ڊاڪٽر امبيڊڪر ۽ ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ هڪ مثال آهن. جن جو مشن ۽ مشغلو هيڻن جي همدردي ۽ سماج جي ستايلن جي لاءِ ڪم ڪرڻ هو ۽ آهي. هندو سماج ۾ اوچ نيچ ۽ ٻين انسان سوز حالتن تحت، انهن پٺتي پيل ذاتين کي تعليم ۽ ٻين ڪمن ۾ اڳتي آڻڻ لاءِ جدوجهد ۽ ڪاوش جي نتيجي ۾ اڄ هيٺين طبقي جون جاتيون تعليم ۽ جاگرتا ۾ وک وڌائي رهيون آهن.
    ڊاڪٽر امبيڊڪر جو جنم اوڻهوين صدي جي آخر ۾ 1891ع ۾ ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ جو جنم ويهين صدي جي شروعات 1934ع ۾ سنڌ جي ٿرپارڪر جي تعلقي ڇاڇرو جي ڳوٺ چاڙهيار ۾ ٿيو ٿر جي تتل واري سان گڏ اوچ ذاتي جا ذهين ۽ رويا به هيٺين ذاتين لاءِ گرم هوندا هئا. انهيءَ ماحول ۾ ميگهه ونس گهراڻي ۾ اک کولي، ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ جي پتني مومل جو 1981ع ۾ ٺٽي ۾ اوچتو وڇوڙو ٿيو، ته ڊاڪٽر صاحب کي وڏو صدمو رسيو، پر پوءِ به پاڻ سنڀاليندي گهر ٻار ۽ سماج جي ڀلائي جا ڪم جاري رکيائين. هندو سماج چئن طبقن ۾ ورهايل سان گڏوگڏ ڪئين ٻيون به اوڻايون هونديون هيون. هيٺيون جاتي اڇوتپڻي کانسواءِ بک ۽ بيمارين جي ڪري گنديءَ ۽ گاهه لاءِ به لاچار هونديون هيون. اوچ طبقي جا رويا سماج ۾ بغير ڪنهن معاشي ۽ معاشرتي نقصان رسائڻ جي تعليم، روزگار ۽ سماجي مرتبو ماڻڻ جي ڪوشش تي ڪئي ته اهو اوچ ذاتين لاءِ ناقابل برداشت هو ۽ هيٺين جاتين کي زندگي جي هرڪار وهنوار ۾ پوئتي رکڻ لاءِ هر حربو استعمال ڪيو ويندو هو، جنهن ۾ نيچ جاتي جي جان به جوکي ۾ هوندي هئي. ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ جي وڏي ڀاءُ سرڳواسي ماستر پرڀو لال هڪ دفعي مون سان ويچار ونڊيندي ٻڌايو ته اسان کي پرائمري پڙهڻ لاءِ ڳوٺ چاڙهيار کان ڏاهلي لاءِ چار ميل پيادل پنڌ ڪري وڃڻو پوندو هو، انهيءَ اسڪول جي واٽ تي هڪ سگهارو نوجوان بيٺو هو، جنهن اسان کان پڇيو ته ڪير آهيو ته اسان پنهنجي ذاتي ٻڌائي ته هو بدمست ڪاوڙ ۾ اچي اسان کي پڪڙي کوهه ۾ اڇلائڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو اوهان نيچ علم ٿا پڙهو، اسان ننڍا ٻارن دانهون ۽ رڙيون ڪيون پر هن وحشي هڪ به نه ٻڌي ۽ اسان کي ٽنگن کان گهلي کوهه اندر اڇلائڻ وارو هو ته سندس پوڙهي ماءُ پوتي جو پلاند وجهندي چيو ته غريب معصومن کي نه مار ۽ ڪافي ايلازو ڪري اسان جي جان بچائي. سرڳواسي پرڀو لال ٻڌايو ته گهر اچڻ شرط مون کي بخار اچي ويو ۽اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏنو، پر قدرت سان انهيءَ سگهاري جوان کي مهيني اندر نانگ ڏنگي وڌو ۽ هو مري ويو، انهيءَ کانپوءِ اسڪول وڃڻ لڳاسون، پر اهو واقعو مون کي زندگي ڀر نٿو وسري. (سور نه ڏي ڌوڻ آئون اڳيئي ڪاهلي)
    هي اهو زمانو هو جڏهن انسان حياتي مان حاصلات ڪري مزا ماڻي رهيو هو ته اڇوت ڪميونٽي جيئڻ جا جتن ڪري رهي هئي. هي اهو زمانو هو جتي اڇوت کي پاٺشالا يا اسڪول ۾ ٻين شاگردن سان گڏ بينچ تي ويهڻ نه ڏنو ويندو هو. اهي ٻاهر اس ۾ زمين تي ويهي پڙهندا هئا. ڌنيواد آهي ڊاڪٽر راٺوڙ کي جن اهڙين حالتن ۾ به دل نه لاٿي ۽ همت ۽ حوصله سان سڀئي مصيبتون سهندي تعليم جاري رکيائون ۽ نمايان پوزيشنون ماڻيندي سنڌ ۾ ميگهواڙ ڪميونٽي جا پهريان ڊاڪٽر بڻيا. ڊاڪٽر صاحب ننگرپارڪر ميڊيڪل آفيسر مقرر ٿيا ته انهيءَ دور ۾ سواري جو ذريعو وهٽ هوندا هئا، پاڻ ننگرپارڪر ۾ رهندي آڌي مانجهي اٺن گهوڙن تي ننگرپارڪر شهر ۽ ٻهراڙي جي ڳوٺن ۾ انسانيت جي خدمت بغير ڪنهن مت ڀيد جي جاري رکي، خوب نالو ڪمايو. انهيءَ کانسواءِ غريب جاتين کي تعليم ۾ پاڻ ڀرو ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات جاکوڙيندا رهيا ۽ غريب شاگردن جي مدد لاءِ هڙان وڙان ڪين گهٽايو، فلاحي تنظيمون ٺاهيون ۽ جنهن ۾ غريبن جي مدد ۽ ٻين ڀلائي جي ڪمن خاص شيواڪار رهيو آهي. آتم ڪٿا يا آپ بيتي هڪ تمام ڏکيو ڪم آهي. ڊاڪٽر صاحب محنت ڪري روزانو جيڪا ڊائري لکندا اچن، انهيءَ آڌار جيون ڪٿا لکي اندر آرسي ڪيو اٿن، جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب جي سيرت پسي سگهجي ٿي. ڊاڪٽر صاحب هڪ کليل ڪتاب ۽ تاريخ آهي.

    ڪانجي مل چوهاڻ
    ميرپورخاص (سنڌ)
    03322802423


    ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ ميگهواڙ جاتي جو هڪ روشن ستارو

    ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج،
    ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه اچي بوءِ بهار جي.

    ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ جي شخصيت ڪنهن تعارف جي محتاج ناهي، نه ئي سندس ڪنهن تفصيلي ذڪر جي ضرورت آهي، ڇو ته انسپيڪٽر گومن مل راٺوڙ جي لکيل ڪتاب ”جوڳو ونس اتهاس“ ۾ سندس زندگي جو سمورو ذڪر سمايل آهي. آئون ڊاڪٽر صاحب جي حقيقي ڪردارن جو اهو ذڪر ڪري سگهان ٿو. هي انهن انسانن مان آهي، جن ماڻهن ۾ انقلاب آندو، نئون اتهاس جوڙيو، جيئڻ جو جذبو پيدا ڪيو. اڻٿڪ محنت ڪري انسان ذات جي ڏکن سکن جو سهارو ٿيا. ڊاڪٽر صاحب بچپن ۾ پڪو پهه ڪري اهڙي ماحول ۾ معاشري مان نڪري رات ڏينهن اڻ ٿڪ ۽ اڻ ورچ محنت ڪري پنهنجي منزل مقصود تي پهچي پنهنجن فرضن کي پائه تڪميل تي پهچايو. ڊاڪٽر صاحب غربت ۾ پڙهي هيڏو وڏو مقام ماڻيو. ڊاڪٽر صاحب نيلس منڊيلا وانگر اپر ڪلاس سامراجيت سان جنگ جوٽي پنهنجو پاڻ مڃرائي اسان سڀني لاءِ راهه روشن ڪئي. ڊاڪٽر صاحب ڀائيچاري، ٻڌي، گيان، پنهنجو پاڻ مڃائڻ، پريم، نيڪي ۽ هر ڪنهن جو ڀلو ڪرڻ جهڙا گڻ سيکاريا. ڊاڪٽر صاحب ننڍپڻ کان هن عمر تائين ساڳئي موج ۽ مستي ۾ رهيا آهن. سدائين نارمل نموني سان داس ٿي رهندا آهن. سدائين مڌورجن سان ڳالهائيندا آهن. هميشه سچ جو ساٿ ڏنو. غم اهڙو مرض آهي جيڪو ماڻهو کي کائي کوکلو ڪندو آهي پر ڊاڪٽر صاحب غم کي به کائي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي، ڊاڪٽر صاحب هري ڀڳتي ۾ ايترا ته مگن آهن، جو منجهن ڪڏهن به اڀمان يا وڏائي نه ڏٺي سين. منش جي لاءِ وشيون قابو ڪرڻ ڏاڍو ڪٺن ڪم آهي، پر ڊاڪٽر صاحب پنهنجن اندرين کي قابو ۾ رکي آشا ترشنا کي ختم ڪري ڀلائي ڪندا پيا اچن، جيتري قدر مون کي ڄاڻ آهي ته ڊاڪٽر صاحب هڪ سچو انسان فرض شناس ڪنهن سان دوکو يا ٺڳي نه ڪئي آهي.
    ڊاڪٽر راڻا صاحب اهو انسان آهي جيڪو اسان جي ٿر علائقي مان ميگهواڙ جاتي مان پهريون ڊاڪٽر، جنهن پنهنجي خدمتن جي ڪري ماڻهن جون دلون خريد ڪري اسان جي سماج مان نفرتون ختم ڪرايون ۽ تعليم پرائڻ جو رستو ڏيکاريو.
    ننگرپارڪر جي ڪافي علائقن ۾ ڊاڪٽر صاحب جي وڏي ساک آهي، انهي ڪري جو اهڙي وقت اتي ويا جنهن وقت ننگرپارڪر ۾ جهالت، غربت، ظلم، نفرتن جو راڄ هو. جي ڊاڪٽر صاحب رات هجي يا ڏينهن، صبح هجي يا شام، سردي هجي يا گرمي، سواري هجي يا پنڌ پر ڊاڪٽر صاحب انهن ڏکويلن سان سڏ ۾ گڏ هوندا هئا. ڪافي ڪوهن جي پنڌ تي پيادا وڃي مريضن جو علاج ڪندا هئا. سماجي ڀلائي وارن ڪمن ۾ ته سائين پنهنجو مٽ پاڻ آهن، پوءِ اها خوشي رامِ ٽرسٽ هجي يا غريب شاگرد هجن، ڊاڪٽرن جو تنظيمي اين جي اوز سرگرميون هجن جا غريبن جي علاج لاءِ هميشه سرگرم رهيا آهن.

    ڊاڪٽر سيتل سوجو مل مٺي
    03332506158


    سنديش

    ڊاڪٽر راڻا راٺوڙ صاحب جوڳو ونس ميرپورخاص نواسي، پنهنجي حياتي جي يادگار لمحن کي ”فوٽو گراف البم“ ۾ سوهي محفوظ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کي هر هڪ ڏسندڙ خوشي محسوس ڪري ٿو ۽ خود ڊاڪٽر راڻا صاحب لاءِ ته خوشين ۽ يادگيرين جو انمول خزانو آهي. ڊاڪٽر راڻا صاحب ميگهه ونس جاتي ۾ تعليم عام ڪرڻ لاءِ نوجوانن کي تمام گهڻو اتساهو ۽ مالي سهڪار سان پڻ نوازيو. سندس شڀ ڪاوشون، ميگهواڙ جاتي لاءِ اڻ وسرندڙ آهن. بيشڪ ڊاڪٽر راڻا صاحب بيحد جس جو ڀاڳي آهي، ۽ ميگهواڙ جاتي طرفان سندس عمر درازي لاءِ هر وقت دعائون ڏنيون وڃن ٿيون. ڊاڪٽر راڻا صاحب جهڙن انمول هيرن تي ميگهواڙ جاتي کي وڏو فخر آهي.


    شب ڪامنائن سان
    تيرٿ داس اميداڻي
    (ر) پرنسپال، چمبڙ
    03138856667


    ڊاڪٽر راڻا، سي راٺوڙ خدمت خلق جو علمبردار

    ڊاڪٽر راڻا ولد چانپارام ميگهواڙ ويٺل ڳوٺ چاڙهيار تعلقو ڇاڇرو ٿرپارڪر 1934ع ۾ سون جو سڪو منهن ۾ پيل پيدا ٿيو. مڊل ڇاڇرو ۾ پاس ڪئي، ميٽرڪ ۽ ايم بي بي ايس حيدرآباد ۾ پاس ڪيائين، سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏنائين، ڊاڪٽر صاحب جو ڪردار ٻين ڊاڪٽرن ۽ بيورو ڪريسي کان مختلف رهيو. ڊاڪٽر کان ڊائريڪٽر جي عهدي تائين سرڪاري اسپتالن جي بجيٽ جي رقم نه پاڻ ذاتي استعمال ڪئي نه وري ڪنهن سينئر آفيسرن کي رشوت ڏنائين، غريبن جي علاج تي خرچ ڪيائين، پنهنجي ڊيوٽي کي عضمت جو فرائض سمجهي 24- ڪلاڪ خدمت خلق غريبن جي علاج ۾ مصروف هوندو هو، طب، جي دنيا ۾ هٿ ۾ اهڙي ته شفاع هوندي هئي جو مريض فيضاب ٿيندا هئا، ان جو مثال ٺٽي ضلعي ۾ سول سرجن جي پوسٽنگ دوران غريب مريضن جي ڪيل علاج ۽ حُب ۽ پيار سان پيش اچڻ، سانگهڙ ۾ سول اسپتال ۾ سول سرجن جي پوسٽنگ دوران ٺٽو ۽ سنڌ جي مختلف ضلعن جي غريب عوام علاج لاءِ اسپتال سانگهڙ ۾ ايندا هئا، مريضن کي هر دوا مفت ۾ ملندي هئي، غريبن کي نوڪريون به ميرٽ تي ڏنائين، اهو عمل قابل تعريف آهي. ڊاڪٽر صاحب، پنهنجي روزگار سان گڏ سماجي ڪمن ۾ مشغول رهيو، 1962ع ۾ شيڊيول ڪاسٽ کي متحريڪ ڪري يڪ راءِ سان گهمنسگنهه ڀيل کي صدر مقرر ڪرايو، انهي عمل شرط ٿر جي ڳوٺن ۾ اسڪول کوليا، 2 سيٺ خوشيرام ٽرسٽ جي ميمبر تاحيات مقرر ٿيل آهي، جو غريبن جو اولاد پڙهي وڏن عهدن تي پهتو، شاگردي دوران غريبن شاگردن کي مفت ۾ پڙهائيندو هو، ڊاڪٽر صاحب سان پوسٽگ دوران زيردست، سينيئر توڙي عوام خوش باش هئا، بدلي دوران عوام گلن جي ورکا ڪندي هئي. ڊاڪٽر صاحب ۾ بهترين انسان، ايماندار آفيسر جون خوبيون سمايل آهن. گرهستي ڀڳتي ۾ پريوار جي ڪيل خدمتن جو قابل ذڪر آهي. 85- سال جي عمر هوندي به صحتياب ، فٽ فاٽ ۽ معاشري ۾ عزت يابي مالڪ بخشي آهي، طب جي شعبي ۾ ايماندار آفيسر ۽ سماجي ڪمن ۾ سٺن ڪردارن جي ڪري عوام جي دلين ۾ محبت موجود آهي، منهنجي مالڪ در پرارٿنا آهي ته صحتيابي، خوشيون ۽ معاشري ۾ عزت فرمائي،


    دعاڳو
    تنيراج گهمنسنگهه ڀيل،
    رٽائرڊ سب انسپيڪٽر ڪراچي پوليس
    ڳوٺ ڪاٺو، تعلقو ننگرپارڪر
    03462029126


    ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ غريبن جو هڏ ڏوکي

    سال 1960ع واري وقت ۾ آءُ پرائمري جو شاگرد هئس ۽ کيکڙا گاڏيون ننگرپارڪر تائين هلنديون هُيون، ۽ ڊاڪٽر صاحب اسلام ڪوٽ کان ننگرپارڪر ايندي ويندي ڪجهه وقت لاءِ گاڏي بيهڻ تائين اتي لهندا هئا ته سوين ماڻهو درشن ڪرڻ لاءِ گڏ ٿي ويندا هئا ۽ آءُ ڪڏهن ڪڏهن ديدار لاءِ ويندو هئس. ننگرپارڪر ۾ شيڊيول ڪاسٽ طبقن کي هڪ ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر صاحب جو وڏو رول هو. انهي وقت ۾ ڪولهي، ڀيل، ميگهواڙ جاتيون پنهنجا ويڇا وساري نظر اينديون هيون، ۽ ڪنڌ مٿي ڪري پنهنجو اثر رسوخ ظاهر ڪنديون هيون. اهو سلسلو پوري ضلعي ۾ عروج تي پهتو، ۽ پوءِ ڊاڪٽر جيئن اڳتي سنڌ طرف ويا ته پنهنجون يادگيريون ڇڏيندا ويا ۽ هو سيٺ خوشي رام جي هريجن ٽرسٽ جا ٽرسٽي به هئا، ۽ سوين، هزارين شيڊيول ڪاسٽ جي شاگردن کي اسڪالر شپون ڏيئي اڳتي وڌايو. ڊاڪٽر نه رڳو ٻين ٽرسٽن خواهه سيٺين کان مددون وٺي شيڊيول ڪاسٽ جي شاگردن کي پڙهايو، پر هن ذاتيات کان هٽي انيڪ ماڻهن جي ڪم آيا، هن صاحب پوري زندگي سول سرجن جي حيثيت ۾ غريبن ، مسڪينن، اٻوجهن جي بنان ڪنهن لالچ جي آپريشنون ڪري راحت ڏنائون، اڄ به سندس ميرپورخاص شهر ۾ ڊاڪٽر صاحب کي هڪ مسيحا سمجهيو وڃي ٿو. ميرپورخاص شهر ۾ اڄ به غريب جاتين جو ڪو مسيحا اهي ته اهو صرف ڊاڪٽر صاحب ئي آهي ۽ سندس پريوار جا ڊاڪٽر جواهر ۽ سندس ٻيا پٽ به پيءُ جي هلت جي پوئيواري ڪري رهيا آهن ۽ اهڙائي سپوت آهن، جهڙو سائين پاڻ. ڊاڪٽر صاحب کي پاڪستان ۾ جيڪڏهن شيڊيول ڪاسٽ جاتين جو مسيحا چئجي ته به گهٽ آهي، هو جيترو عملي ڪم ڪري ٿو، اوترو ئي سندس محنت اڄ هن 84 سال جي عمر ۾ اڃان تائين حوصلي سان پيش اچڻ ۽ هر ڳالهه جو اونو رکڻ ته اسان ڪٿي پهتا آهيون؟ ۽ غريب جاتيون ڪٿي پهتيون آهن، نه رڳو آءُ پر پورو سماج توهان جي محنت ۽ توهان جي ديا دليري تي سلام پيش ڪري ٿو.

    وڪيل ڀورو مل ڪولهي، مٺي


    ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ هڪ گُلاب جو گُل

    ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ هڪ ارڏو انسان آهي، جنهن جي بچپن جي زندگي تمام ڏکن ۽ ڏاجهيل ماحول ۽ وقت مان اُڪري پار ٿي پنهنجي منزل مخصوص تي پهتو ڊاڪٽر صاحب ڏکويل ماحول ۽ هيسايل قوم جو واحد فرد آهي، جنهن پنهنجي محنت ۽ اورچائي سان اندهيري ماحول مان سفر ڪندي روشن ماحول ۾ داخل ٿيو. ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ سان منهنجي پهرين ملاقات سال 1985ع ۾ سانگھڙ ۾ ٿي. منهنجي ته پيدائش آڪٽومبر 1950ع ۾ شهر سانگھڙ ۾ ٿي منهنجو والد حاجي قائم دين آبپاشي کاتي ۾ ڪئنال جي عهدي تي فائز رهيو. اسانجا وڏا ميرپور ماٿيلي ويجھو ڳوٺ داد لغاري جا هئا اتي جون ٻنيون وڪرو ڪري سانگھڙ ضلعي ۾ ورتيون. منهنجي والده صاحبه کي فالج ٿيو جو ڊاڪٽر صاحب وٽ علاج لاءِ ويندا هئاسون جو ان وقت جي لحاظ کان ڊاڪٽر راڻا صاحب جي وڏي هاڪ هوندي هئي. ماڻهو علاج لاءِ پري پري کان ڪافي تعداد ۾ ايندا هئا جن کي وڏا فائندا ٿيندا هئا. اسان ڊاڪٽر صاحب جي نوڙت ۽ رمز ڏسي تمام ويجھا ٿي وياسون جو ايتري قدر اسانجي خاندان مان ڪو ٺيڪ نه هوندو هو ته اسان جو علاج فيملي ڊاڪٽر طور ڊاڪٽر صاحب ڪندا هئا. سال 1992ع ۾ اسان سانگھڙ کان ميرپورخاص رهائش پذير ٿياسون هتي پڻ ڊاڪٽر صاحب سان ڀائرن وانگر گھڻي محبت هڪ ٻئي کي ڏيندا هئاسون. اسان اڪثر شام جو هڪ ٻئي سان ملاقات ڪري هوٽل يا گھر ۾ چانهه پيئندا آهيون اڪثر اسين ٻئي ڄڻا هم خيال رهياسون پاڻ ۾ ويهي صلاح مشورو ڪندا هئاسين ۽ سوچيندا هئاسين ته زندگي ۾ کائڻ پيئڻ کان وڌيڪ دنيا جي مختلف حصن کي ڏسڻ ۽ مختلف انسانن جي رهڻي ڪهڻي ريت رواج ۽ زندگي جي طور طريقي کي ڏسڻ ۽ سمجھڻ به بهتر آهي. انڪري اسان مختلف ملڪن جي دوري بابت سوچيو جو اسان ملائيشيا، سريلنڪا ۽ نيپال جو سفر ڪيو.
    2010ع ۾ اسان ٻئي ڄڻا ملائيشيا وياسون. جتي اسان مختلف جايون ۽ مختلف شهر گھُميا، الاهي لطف اندوز ٿياسين ۽ دل کي سڪون مليو ملائيشيا جي سفر اسان کي متاثر ڪري ڇڏيو ۽ وري اسان ٻئي ڪنهن ملڪ گھُمڻ جي خواهش ڪئي. سوچڻ بعد سريلنڪا گھُمڻ جو فيصلو ڪيو
    سال 2013ع ۾ سريلنڪا گڏجي وياسين جتي اسان کي ڪيترائي تاريخي ماڳ گھُمڻ لاءِ مليا جهڙوڪ: ماتا سيتا کي راوڻ جنهن اشوڪ واٽڪا باغ ۾ بند ڪيو هو اُتي وياسين ۽ ٻين مختلف شهرن جا دورا ڪيا جتي ڪافي تاريخي جايون ۽ شيون ڏٺيون.
    سريلنڪا جي شهر بارووالا ۾ مسجد الابرار آهي. هي مسجد سريلنڪا جي سڀ کان پهرين ٺهندڙ مسجد آهي جيڪا اٺين صدي ۾ سريلنڪا ايندڙ مسلمان واپارين ٺهرائي هئي. ۽ ٻيا ڪيترائي مندر ۽ قديم آثار ڏٺاسين. سريلنڪا جي سفر مان اسان کي ججھي ڄاڻ ملي ۽ گھڻو ڪجھ سفر مان پرايو.
    سريلنڪا جي سفر بعد اسان کي نيپال جهڙي مشهور ملڪ گھمڻ جو شوق ٿيو 2015ع ۾ اسان ٻئي ڄڻا دوست نيپال ڏانهن روانا ٿياسين. جتي پڻ اسان ڪيترائي تاريخي ۽ قديم آثار گھُميا مختلف ماڻهن دوستن سان گڏجاڻيون ڪيون سفر مان ڏاڍي خوشي ۽ روح کي راحت ملي.
    اسان جي زندگي ۾ اهي ٽئي سفر تمام خاص ۽ بي مثال رهيا دنيا جي ٻين ملڪن جي باري ۾ ڄاڻ ملي مختلف ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ ريت رواج کي سمجھيوسين ۽ ڪيترائي قديم آثار تاريخي ماڳ ڏسڻ تي دلي سڪون ۽ راحت ملي سفر وارو وقت اسان کي تمام اهم ۽ قيمتي محسوس ٿيو.
    ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ ۽ آئون اڃان تائين گڏجي ڪچهريون ڪندا آهيون هڪ ٻئي سان سوچ جي ڏي وٺ ڪندا آهيون .
    اسان جو جوڙ هميشه کان سڳي ڀاءِ ۽ ويجھي رشتي کان مٿي ۽ مضبوط رهيو آهي مونکي ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ جي طبيعت، سوچ ۽ سادگي هڪ گلاب جي گُل جي خوشبوءِ جيان موهيندي آهي


    فقط
    غلام محمد حاجي قائم الدين لغاري
    حال ميرپورخاص
    03456966656


    انمول انسان جي ڪهاڻي

    هن ڪائنات جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ نظر وجھون ته ڪيترائي انمول انسانن جا مثال ملندا. هن سماج ۾ ٻن طريقن سان انسان پنهنجو نالو ڪمائن ٿا. هڪڙا اُهي جيڪي پنهنجي زنگي ۾ انسانذات جي خدمت ۽ ڀلائي ڪندا آهن ۽ پنهنجو نالو تاريخ جي پنن تي صاف شفاف هيري وانگر چمڪائيندا آهن. ۽ ٻيا ڪي وري تايخ ٺاهڻ يا پنهنجو نالو دنيا ۾ ڇڏڻ لاءِ ظلم ۽ دهشت جو سهارو وٺندا آهن ۽ ڏاڍايون ڪندا آهن. ڪيترائي اهڙا ظالم انسان آهن جيڪي صدين کان تاريخ جي پنن تي اُڪريل آهن، پر اُهي ماڻهو انسانيت جو مثال ناهن.
    انسانيت جو مثال اُهي قائم ڪندا آهن جيڪي چڱائي، همدردي ۽ نيڪ دلي جا مثال ڇڏي ويندا آهن اهي ماڻهو تاريخ ۾ صدين تائين زندهه رهندا آهن ۽ مستقبل ۾ ايندڙ هر ڪنهن جي لاءِ هڪ سُٺائي جو درس هوندا آهن هر انسان جي دلين تي راڄ ڪندا آهن. تاريخ ۾ هر انسان مثال پيش ڪندو آهي.
    اڄ آئون انهن سٽن تي ان انمول شخص جو ذڪر ڪري رهيو آهيان جنهن پنهنجي زندگي هميشه هيري وانگر چمڪندي ۽ غريب ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندي گُذاري. آئون ان شخص جو ذڪر ڪريان پيو جيڪو هڪ نيڪ دل، محنت ڪش ۽ اسان جي ميگھواڙ قوم جو پهريون سرجن ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ صاحب جي بائيوگرافي توهان کي انهي ڪتاب جي پنن تي ملي ويندي، پر منهنجون اُهي ڪُجهه سٽون لکڻ جو صرف مقصد اُهو آحي ته ڊاڪٽر صاحب جي عظمت، محنت جُرئت ۽ جذبي کي پنهنجي قلم سان هن ڪتاب جي پنن تي پيش ڪيان.
    هن دنيا ۾ چند انسان هوندا آهن. جيڪي ڪيترين ئي تڪليفن، پريشانين ۽ پراڻي وقت جي مُشڪلاتن کي منهن ڏيئي ڪنهن منزل تي پهچي پاڻ مڃائيندا آهن . انهن چند ماڻهن مان ڊاڪٽر راڻا صاحب به هڪ آهن. جنهن پنهنجي زندگي ۾ وڏن وڏن طوفانن کي منهن ڏيئي انهن کي پار ڪري پنهنجي منزل ماڻي
    ڊاڪٽر راڻا صاحب جي زندگي جو ڏکئي ۾ ڏکيو ڏينهن اهو هو جڏهن سندس اهليه مومل جو راڻا سان وڇوڙو تي ويو ۽ پاڻ اڪيلا ٿي ويا . پنج معصوم پُٽن جي ذميداري هئي پاڻ ڪڏهن به همت نه هارايائين ۽ نه ئي ڪڏهن ٻي شادي جي باري ۾ سوچ ڪيائين. ڊاڪٽر صاحب همت ۽ بردباري سان پُٽن جي پرورش ڪرڻ لڳا. بنا ماءُ جي ننڍن ٻارن کي سنڀالڻ تمام ڏکيو هوندو آهي. پر پاڻ ڪڏهن به همت نه هاريائون اهڙي ريت پنهنجي اولاد جي پرووش ڪيائون. جو وڏا تي سڀ ڊاڪٽر، انجنيئر ٿيڻ سان گڏوگڏ خوش اخلاق ۽ سنجيده ٿي ويا. ڊاڪٽر صاحب جا سڀئي پُٽ هميشه پنهنجي بابا صاحب جي اصولن ۽ نقشِ قدم تي هليا آهن.
    ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ جو وڏو پُٽ ڊاڪٽر جواهر لال راٺوڙ جيڪا هڪ مشهور سرجن آهي. پاڻ خوش اخلاق ۽ ماٺيڻي طبيعت جو ماڻهو آهي. جيڪا هن وقت پنهنجي امڙ جي ياد ۾ ٺهيل اسپتال “مومل ميموريل هيلٿ سينٽر” ۾ پاڻ پنهنجي بابا سان گڏجي ڪيترن ئي مريضن جو علاج ڪري رهيو آهي. غريبن ۽ مسڪينن ماڻهن جو مفت ۾ علاج ڪيو ويندو آهي. ڊاڪٽر جواهر لال سرجري جو اسپيشل ڊاڪٽر آهي مختلف اسپتالن ۾ سرجري يا آپريشن لاءِ اسپيشل گھُرايو ويندو آهي.
    ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ جي زندگي جو ٻيو مشڪل وقت تڏهن آيو جڏهن پنهنجي نوجوان پُٽ ڊاڪٽر سردار راٺوڙ جي طبيعت ناساز ٿي ۽ مغز جي بيماري ٿي پيئي. ڪيترين ئي مُشڪلاتن کي منهن ڏيئي رهيو آهي.
    آمريڪا مان علاج ڪرايو ،پر اڃا تائين طبيعت ۾ ڪا خاص بهتري نه آهي. مالڪ در دُعا آهي جلد ئي صحتياب ٿئي.
    ڊاڪٽر راڻا صاحب جي عمر لڳ ڀڳ 85 سال آهي ۽ هينئر پنهنجي زندگي جا پل پنهنجن پوٽن سان گھر ۾ گُذاري رهيا آهن.
    ڊاڪٽر صاحب پنهنجي زندگي ۾ ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪيا ۽ پنهنجي سفر کي يادگار بنائڻ لاءِ ڊائريون لکيائون. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي زندگي جي سفر کي تاريخ جي پنن تي ورجائڻ چاهيو پنهنجي زندگي جا هر سفر ۽ واقعا هن ڪتاب ۾ بند ڪري سماج آڏو پيش ڪيا.
    هن ڪتاب جو سهڙيندڙ منهنجو بابا صاحب (پي ڊي ايس پي ) گومن مل راٺوڙ آهي. جنهن پنهجي ڪُٽنب ۽ قبيلي جي تاريخ کي زندهه رکڻ لاءِ شجري جو ڪتاب جوڳو ونس اتهاس لکيو آهي
    ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ ۽ بابا صاحب جا ويچار ۽ سوچ ملندڙ جلندڙ آهي تنهنڪري ڊاڪٽر صاحب اهو ڪتاب پورو ڪرڻ لاءِ بابا صاحب کي سونپيو.
    هن ڪتاب ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ مون ۽ منهنجي ڀاءُ دليپ ڪمار پاڻ ۾ صلاح ڪئي، جو مون اهو ڪالم لکيو، ۽ منهنجي ڀاءُ دليپ ڪتاب ۾ فوٽو آڊٽنگ ڪئي. اُميد آهي ته اها ڪتاب ايندڙ نسلن لاءِ هڪ مثال هوندو ۽ ڊاڪٽر صاحب جي ڪارنامن ۽ ڪاميابي جي خوشبوءِ صدين تائين مهڪندي رهندي ۽ مستقبل ۾ انسانذات کي اُجاگر ڪندي تاريخ هميشه اهڙن انمول انسانن جي گواه رهندي.

    پاران
    سوشالاجسٽ اوم پرڪاش راٺوڙ
    ولد گومن مل راٺوڙ
    ڳوٺ هريار، حال مٺي
    03330290031


    ٿر جو هيرو ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ

    ڊاڪٽر راڻا جو جنم 1934- 05 - 10 تي ڳوٺ چاڙهيار تعلقي ڇاڇري ۾ چانپارام ذات جوڳو راٺوڙ جي گهر ۾ ٿيو، سندس جيجل امڙ جو نالو شريمتي باري ٻائي هو. راڻا پنجن ڀائرن جو ننڍو ڀاءُ هو. ماستر پرڀو لال، ٻيو اجمو مل، ٽيون مٺو مل، چوٿون ڏيارام سندس وڏا ڀائر جڏهن ته ٻي سوهدران سندس اڪيلي ڀيڻ هئي.
    غريب هاري جي گهر جنم وٺندڙ راڻا کي پڙهڻ ۽ پڙهي ڪري وڏو ماڻهو ٿيڻ جو وڏو شوق هو. هن پرائمري تعليم گڊڙو سٽي اسڪول، مڊل ڇاڇرو، مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ انٽر ڊي جي ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪري ايم بي بي ايس ميڊيڪل ڪاليج ڄامشورو مان 1961ع ۾ پاس ڪري ميگهواڙ جاتي جو پهريون ميڊيڪل آفيسر مقرر ٿيو، پوءِ ته راڻا سي راٺوڙ جي نالي ۽ ناماچاريءَ جو ڏونڪو وڄي ويو.
    ڊاڪٽر راڻا جي جرئت کي جس جو هو کيسي خالي ٿر مان نڪري حيدرآباد ۾ اچي ٽيوشنون پڙهائي، اسڪالرون ماڻي، محنت ۽ ذهانت سان پنهنجا سمورا امتحان نمايان پوزيشن ۽ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيا.
    ڊاڪٽر راڻا جي شائستا، مهذب انداز، صاف سٿرو، آدرشي رهن سهن، ملنسار طبيعت، محنتي، جفاڪش، اورڇ پرڪشش شخصيت سان گڏوگڏ مڌر گفتار، پيشواراڻا صلاحيتن ۽ ايمانداريءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ رهيو آهي. هو سموري زندگي دکي انسانيت جو همدرد، منجهيل ماڻهن جو سيهوڳي، تعليم جي حاصلات لاءِ اڳتي وڌندڙ جو ڀرجهلو، سڄڻ، ڪمزور ۽ ڪريل ماڻهن کي مٿي کڻڻ، بيڪار کي ڪارگر ۽ محتاج کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي لائق بنائڻ ۾ سڀني کان اڳڀرو هوندو هو.
    ڊاڪٽر راڻا کي 1971ع ۾ مومل ملي، انهيءَ سنگ ناميارو سرجن ڊاڪٽر جواهر، ڊاڪٽر گوهر، ڊاڪٽر سردار، انجنيئر نريندر ۽ جيتيندر جهڙا روشن ڏيئا سندس گهر ۾ جنم وٺي آيا، جيڪي سڀ ڊاڪٽر راڻا وانگر هر قسم جي نشي، برائي، بري صحبت، جوا، وڀچا، رشوت ۽ ڪنهن جي برائيءَ کان هر طرح ۽ هر لحاظ کان بچيل آهن. دولت، شهرت، مهمان نوازي جهڙن گڻن ۽ سکن سان ڀريل هن جي جيون ۾ اچانڪ هڪ حادثو پيش آيو جو مومل راڻي جي جوڙي ٽٽي پئي ۽ پوءِ جيون ساٿي جي ساٿ بنا الوڻي، بي مزي ۽ ذهني تڙپ واري زندگي گذارڻي پيئي، پر سورن سان چڪناچور ٿيل راڻا پنهنجي جيون کي پاڻ سنڀالي ورتو، ننڍڙن ٻچڙن کي پيءُ سان گڏ ماءُ وارو پيار ڏنائين، جس آهي جواهر کي جيڪو ڊاڪٽر راڻا جو سهارو بڻيو، ڀائرن جي پرورش ۽ تعليم ۾ اڳڀرائي وٺرائڻ ۾ سندس وڏو ڪردار آهي. راڻا جي جيون کي مان پرمارٿ جي علامت چوان ته ان ۾ ڪو مبالغو ڪونه ٿيندو جو؛ 1- راڻا ٿر جي ماڻهن لاءِ مثال بڻجي ڏيکاريو ته هو به هٿين خالي شهرن ۾ وڃي تعليم پرائي زندگي جي معيار کي اعليٰ بڻائي سگهن ٿا. 2- هن پٽن جي شادي ۾ فقط 20- کان 22- ڄاڃي وٺي وڃي نهايت مانائتي نموني سان سندن شاديون رچايون. 3- ته پياري ڀائٽي پروفيسر پريم جي ٻارس بلڪل ٽن ڏينهن ۾ ڪئي. 4- نياڻين جي شاديءَ ۾ فقط ويجها مائٽ تيڙايا ۽ 5- فلاحي ڪمن ۾ هن زبردست سهائتا ۽ سرواڻي ڪئي ته جيئن سماج جي عام ماڻهن لاءِ سهڻا مثال قائم ٿين، کين سولا ۽ ممڪن دڳ ٺهي ملن ته جيئن هو انهن ڳالهين مان لاڀ حاصل ڪري پنهنجا جيون سکيا ۽ ستابا ماڻي سگهن. معمول مطابق ڊاڪٽر صاحب روزانو صبح جو پنج وڳي ڌاري اٿي هڪ ڪلاڪ تائين يوگا ۽ ٻي ورزش ڪري پاڻ کي زندگي جي چوراسيهين ڏاڪي ۾ جسماني طور فٽ رکيو ٿو هلي. سندس البيلي پٽ ڊاڪٽر سردار جي نهايت پيچيده بيماري کيس گهڻو منجهائي ڇڏيو آهي پوءِ به هو مالڪ جي رضا سربچشم رکي ڪري بدستور پنهنجي ذميوارين کي نڀائي رهيو آهي پر ڊٺو ڪونه آهي. ڊاڪٽر صاحب جو نالو ٿر واسين ۽ ميگهواڙ سماج لاءِ حوصلي، آٿت ۽ اثاثي مثل مڃيو وڃي ٿو، پوءِ کيس ڪنهن ڏٺو ڪونه هوندو ته به نالو ضرور ٻڌو هوندس ۽ متعرف ٿي ڊاڪٽر صاحب جا جس ڳائي ۽ سندس لاءِ دعاڳو ضرور هوندو، ڇو جو لوڪ پريه شخصيت هجڻ ڪري سڀ ماڻهو سندس جس ۽ ڪيرتي جي ڪشش سبب سندس واکاڻ ڪندا ۽ دعائن سان نوازيندا رهندا آهن. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي حسرتن جي تڪميل، مشاهدو ماڻڻ ۽ فطرت جو اڀياس ڪرڻ لاءِ پنهنجي پياري دوست غلام محمد لغاري سان گڏ ملائيشيا، سريلنڪا ۽ نيپال جو سير به ڪري چڪو آهي.
    ڊاڪٽر صاحب جي شخصيت جي عظمت خاطر کيس امر وير لڌارام پاران ميگهواڙ برادري پاران مڃتا طور (Life Time Achievement) جو اعزازي ايوارڊ پڻ پيش ڪيل آهي. گهر واري جي سانحي بعد هن ٻي شادي ڪونه ڪئي. سيٺ خوشي رام هريجن ٽرسٽ سان سندس وابستگي ۽ خدمت جو سلسلو 1952ع کان هلندڙ آهي. سندس جيءُ سان جڙيل مومل جي نالي ان سيٽلائيٽ ٽائون ميرپورخاص ۾ قائم ڪيل مومل ميڊيڪل فائونڊيشن، نادار، مريضن لاءِ سهارو بڻيل آهي. ڊاڪٽر صاحب جنهن سج ڌج سان صحت کاتي ۾ نوڪري ڪئي، صحت کاتي وارا ان جا گواهه ۽ معترف آهن. هو 17- گريڊ ۾ ميڊيڪل آفيسر ٿيو ۽ ملازمت ڪئي، ڄمار جا 60- سال پورا ڪري ايڊيشنل ڊائريڪٽر جي حيثيت سان گريڊ 20- هين تان 1994ع ۾ رٽائر ٿيو. سچ پچ ته ڊاڪٽر اسان جي ٿر جو هيرو آهي.

    تپيدار ديال ٿانورداس
    ڳوٺ ميمڻ تڙحال سامارو
    03342636298


    بئڪ ٽائيٽل پيج


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 888
    ڪتابن جو مشاهدو: 2660885
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 680474
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ