ڪتاب جو نالو: هالا ڪنڊي کان هالا پراڻا تائين
مصنف: حبيب سنائي
ڇپائيندڙ: مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 12 فيبروري 2020 ع
پڙهيو ويو: 1489 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 251 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هن ڪتاب ۾ هڪ پاسي هالا ڪنڊي جي تاريخ ۽ ان ۾ رهندڙن بزرگن ۽ مشاهيرن جو احوال آهي، ته ٻئي پاسي هالاڪنڊي جي نئين روپ يا ان کانپوءِ مشهور ٿيل وستي هالاپراڻا جي تاريخ، عالمن، اديبن ۽ ٻين مشاهيرن جو احوال ڏئي، موجوده وقت جي اهم شخصيتن کان وٺي اڪثر پڙهيل لکيل شخصن جو مختصر ذڪر به قلمبند ڪيو ويو آهي. ضميمن ۾ هڪ پاسي هالا پراڻا جي پسگردائي وارن شهرن ۽ واهڻن، هالا نوان، خداآباد، خانوٺ، ڀاڻوٽ، ڳاهوٺ وغيره جو مختصر تذڪرو آهي. ٻي پاسي ڀٽائي صاحب ۽ هالا پراڻا جي عنوان هيٺ ڀٽائي جي سهيوڳي بزرگن سان تعلق کان علاوه شاهه جي رسالي جي سهيڙيندڙن يا ڪاتبن توڙي راڳين جو احوال ڪيو ويو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سڀ حق ۽ واسطا محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پيش لفظ
  • حصو پهريون: هالا ڪنڊي

  • باب پهريون: هالاڪنڊي جي تاريخ
  • باب ٻيو : هالا ڪنڊي جا بزرگ، عالم ۽ اديب
  • حصو ٻيو: هالا پراڻا

  • باب ٽيون: هالا پراڻا، هالاڪنڊي جو نئون جنم روپ
  • باب چوٿون: هالا پراڻا جا اهم مشاهير، عالم ۽ اديب
  • باب پنجون: هالا پراڻا جون متفرق نامور شخصتيون
  • * استاد ۽ تعليم کاتي جا عملدار
  • * ڪامورا ۽ ٻيا عملدار
  • * سماج سڌارڪ، سياسي اڳواڻ ۽ منفرد شخص
  • * نامور واپاري/ دڪاندار
  • * بينڪن ۽ ڪارپوريشنس جا آفيسر
  • * انجنيئر
  • * ڊاڪٽر
  • * حڪيم
  • * وڪيل
  • * ڏيساور ۾ ڪم ڪندڙ انجنيئر ۽ پروفيشنلز
  • * صحافي
  • * نوجوان اڀرندر اديب ۽ پروفيشنل
  • باب ڇهون متفرق ادارا ۽ آثار
  • * تعليمي ادارا
  • * مسجدون
  • * امام بارگاهون
  • * خانقائون ۽ ٻيا آثار
  • * اسپتالون
  • * مقامي حڪومتن جو نظام ۽ نمائندا
  • * هالا پراڻا جا علمي، ادبي، اشاعتي ادارا ۽ سماجي تنظيمون
  • * ٻيا ادبي ۽ اشاعتي ادارا
  • * هالا پراڻا جا قبرستان
  • * ٻوڏون
  • * هالا پراڻا جون مصنوعات
  • مختصر مختصر
  • ضميما

  • ضميمو پهريون : شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ هالا ڪنڊي
  • ضميمو ٻيو: هالا پراڻا جي پسگردائي ۾ موجوده شهر ۽ وستيون
  • ضميمو ٽيون: منهنجو خاندان
  • ضميمو چوٿون: هالا پراڻا جي ويجهي دؤر جا نيارا ۽ منفرد شخص
  • ڪم آيل ڪتاب، رسالا ۽ مضمون
  • ڪجھه رهيل شخصن جو مختصر احوال

  • سڀ حق ۽ واسطا محفوظ

    مارئي اڪيڊمي جو ڪتاب نمبر 47

    ڪتاب جو نالو : هالا ڪنڊي کان هالا پراڻا تائين
    (ماضي ۽ حال جو احوال)
    ليکڪ : محمد حبيب سنائي
    ڇاپو پهريون : جنوري 2018ع
    ڇپائيندڙ : مارئي اڪيڊمي، حيدرآباد
    ڪمپوزنگ : عرفان احمد چانڊيو (هالا نوان)
    لي آئوٽ : راڻو خان ميگهواڙ
    : سُورج پرنٽرس، حيدرآباد، سنڌ
    قيمت : 300/- (ٽي سؤ رپيا)

    ڊجيٽل ايڊيشن: 2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    books.sindhsalamat.com


    لکپڙهه لاءِ پتو
    مارئي اڪيڊمي
    بنگلو نمبر 198، ماروي ٽائون،
    قاسم آباد، حيدرآباد، سنڌ.
    موبائل نمبر: 03003094140
    03343305344


    HALAKANDI KHHAN HALA PURANA TAEEN
    (Mazee an Haal jo Ahwal)
    (From Halakundi To Hala Old, Past and Present)
    By: Muhammad Habib Sanai
    Published by: Haji Muhammad Sanai Trust,
    Hala Old.
    Price Rs. 300/-


    ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو.


    ارپنا

    آئون هيءُ پيار پورهيو،
    پنهنجي پڙڏاڏي
    حاجي محمد سنائي،
    ڏاڏن حاجي محمد عارب،
    نبي بخش
    ۽ والد حاجي محمد يوسف
    کي ارپيان ٿو.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ھالا ڪنڊي کان ھالا پراڻا تائين“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھن تحقيقي ڪتاب جو ليکڪ محمد حبيب سنائي آھي.
    هن ڪتاب ۾ هڪ پاسي هالا ڪنڊي جي تاريخ ۽ ان ۾ رهندڙن بزرگن ۽ مشاهيرن جو احوال آهي، ته ٻئي پاسي هالاڪنڊي جي نئين روپ يا ان کانپوءِ مشهور ٿيل وستي هالاپراڻا جي تاريخ، عالمن، اديبن ۽ ٻين مشاهيرن جو احوال ڏئي، موجوده وقت جي اهم شخصيتن کان وٺي اڪثر پڙهيل لکيل شخصن جو مختصر ذڪر به قلمبند ڪيو ويو آهي. ضميمن ۾ هڪ پاسي هالا پراڻا جي پسگردائي وارن شهرن ۽ واهڻن، هالا نوان، خداآباد، خانوٺ، ڀاڻوٽ، ڳاهوٺ وغيره جو مختصر تذڪرو آهي. ٻي پاسي ڀٽائي صاحب ۽ هالا پراڻا جي عنوان هيٺ ڀٽائي جي سهيوڳي بزرگن سان تعلق کان علاوه شاهه جي رسالي جي سهيڙيندڙن يا ڪاتبن توڙي راڳين جو احوال ڪيو ويو آهي.
    هي ڪتاب 2018ع ۾ مارئي اڪيڊمي، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون محترم حبيب سنائي صاحب جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پيش لفظ

    جيئن ڪتاب جي نالي مان ظاهر آهي، ته هن ڪتاب ۾ هڪ پاسي هالا ڪنڊي جي تاريخ ۽ ان ۾ رهندڙن بزرگن ۽ مشاهيرن جو احوال آهي، ته ٻئي پاسي هالاڪنڊي جي نئين روپ يا ان کانپوءِ مشهور ٿيل وستي هالاپراڻا جي تاريخ، عالمن، اديبن ۽ ٻين مشاهيرن جو احوال ڏئي، موجوده وقت جي اهم شخصيتن کان وٺي اڪثر پڙهيل لکيل شخصن جو مختصر ذڪر به قلمبند ڪيو ويو آهي.
    ڪتاب جو پهريون باب هالا ڪنڊي جي قيام ۽ ان جي بربادي وغيره تي روشني وجھي ٿو. ان ۾ هالاڪنڊي جي بنياد جي حوالي سان مختلف راين کي پيش ڪيو ويو آهي. مولائي شيدي توڙي منور هالو ارباب هالاڪنڊي جي قدامت جا قائل آهن. پر هالا ڪنڊي جو عروج سمن جي آخري دؤر ۾ شروع ٿئي ٿو. اهو عروج ارڙهين صدي جي وچ ڌاري ختم ٿي وڃي ٿو، جڏهن هالاڪنڊي دريا جي دڳ مٽ ڪري صفا ٻڏي وڃي ٿو. اصل ۾ هالاڪنڊي رڳو ڪا هڪ وستي نه هئي، پر هن پوري علائقي کي هالاڪنڊي طور مشهوري حاصل هئي. جيئن اڄ هالا جي علائقي ۾ هالا نوان، هالاپراڻا، خانوٺ، ڀاڻوٺ، ڀٽ شاهه، ڪرم خان نظاماڻي ويندي سعيدآباد ۽ ڀرپاسي وار ڳوٺ اچي وڃن ٿا.
    ڪتاب جي ٻي باب ۾ وري هالا ڪنڊي جي عروج واري زماني کان وٺي ان جي دريا جي حوالي ٿيڻ تائين اتي رهندڙ مشاهيرن جو احوال آهي. جيتوڻيڪ انهن مشاهيرن مان گهڻن جو ساڳيو احوال مختلف ڪتابن ۾ آيل آهي، پر وري به هتي شامل ڪيو ويو آهي. هن باب جي آخر ۾ انهن بزرگن جو ذڪر آهي جيڪي مقامي طور ته بيحد مشهور آهن، پر انهن جو تذڪرو ٻين تاريخي ڪتابن ۾ نٿو ملي.
    ڪتاب جي ٻي حصي جي شروعات ٽئين باب سان ٿئي ٿي، جنهن ۾ هالا پراڻا جي تاريخ تي ويچار ونڊيا ويا آهن. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته هالا پراڻا جو وجود هالا ڪنڊي جي ٻڏڻ بعد ٿيو، پر سائين منور هالو ارباب صاحب جي خيال ۾ هالاپراڻا جو وجود هالاڪنڊي سان گڏ هو. مقامي مؤرخ ۽ ليکڪ قاضي غلام محمد قريشي به مخدوم نوح جي ٻي تدفين سال 1601ع ڌاري هالاپراڻا جي ويجھو ڏيکاري آهي. مقامي شخص سائين طلعت جيلاني قريشي جو به خيال آهي ته هاڻوڪو هالا پراڻا به هالاڪنڊي جو هڪ حصو هو. ان حساب سان ائين چئجي ته هالا پراڻا جو وجود ان زماني ۾ به هو، پر هالاڪنڊي جيتروڄاتل نه هو.
    چوٿين باب ۾ سال 1768ع کان وٺي هاڻوڪي دؤر جي عالمن، اديبن ۽ نامور مشاهيرن جو احوال ڏنو ويو آهي. پنجين باب ۾ هالا پراڻا جي نامور عملدارن، تعليمدانن، سياستدانن، سماج سڌارڪن، ڊاڪٽرن، انجنئيرن، وڪيلن، ۽ ٻين پروفيشنلز جو احوال شامل آهي. ڇهين باب ۾ متفرق ادارن جهڙوڪ تعليمي ادارن، مسجدن، امام بارگاهن، مقامي حڪومت جي ادارن، ٻوڏن، جنڊي، پيهون وغيره جو احوال آهي.
    ضميمن ۾ هڪ پاسي هالا پراڻا جي پسگردائي وارن شهرن ۽ واهڻن، هالا نوان، خداآباد، خانوٺ، ڀاڻوٽ، ڳاهوٺ وغيره جو مختصر تذڪرو آهي. ٻي پاسي ڀٽائي صاحب ۽ هالا پراڻا جي عنوان هيٺ ڀٽائي جي سهيوڳي بزرگن سان تعلق کان علاوه شاهه جي رسالي جي سهيڙيندڙن يا ڪاتبن توڙي راڳين جو احوال ڪيو ويو آهي. آخر ۾ ڪجهه تصويرون به ڏنيون ويون آهن.
    ڪتاب کي پڙهڻ جوڳو ۽ جامع بنائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، پر پوءِ به ڪافي جهول رهجي ويا آهن. اميد ته فاضل پڙهندڙ ننڍڙين خامين ۽ ڪوتاهين کي درگذرڪندا، پر فاش غلطين جي نشاندهي ضرور ڪندا ته جيئن انهن کي اڳتي جي ڇاپي ۾ سڌاري سگهجي.
    هن ڪتاب جي تياري ۾ ڪافي دوستن پنهنجا ڀال ڀلايا آهن. جن مان مکيه سوز هالائي، ڊاڪٽر مخمور بخاري، جان خاصخيلي، منوج ڪمار، قاضي اميدعلي قريشي، مخدوم آفتاب احمد ڀٽي ۽ عرفان احمد چانڊيو آهن.

    محمد حبيب سنائي
    هالا پراڻا

    10 ڊسمبر، 2017ع
    21 ريبع الاول ، 1439


    حصو پهريون: هالا ڪنڊي

    باب پهريون: هالاڪنڊي جي تاريخ

    حيدرآباد جي اتر- اولهه ۾ سٺ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي قومي شاهراهه جي کاٻي پاسي هڪ شهر ورسيل آهي. جنهن کي هٿ-هنرن واري شهر ”هالا“ طور ڄاتو وڃي ٿو. مقامي طرح ان جو مڪمل نالو هالا نوان (25.8168 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ اتر ۽ 68.4234 ڊگريون ڊگهائي ڦاڪ اوڀر) آهي. هن شهر جي وري ڏکڻ-اولهه ۾ ٻن اڍائي ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي، سنڌو درياءَ جي کاٻي ڪناري هڪ ٻي وستي آباد آهي، جنهن کي هالا پراڻا (25.7932 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ اتر ۽ 68.3891 ڊگريون ڊگهائي ڦاڪ اوڀر) سڏيو وڃي ٿو.
    مقامي طور اهو چيو وڃي ٿو ته هيءُ هالا پراڻا، ماضيءَ جي هڪ قديم، تاريخي ۽ نامي گرامي شهر هالا ڪنڊيءَ جو هڪ تسلسل آهي. ڇا واقعي ائين آهي يا هالا ڪنڊي توڙي هالا پراڻا هڪ وقت موجود رهيا آهن؟ انهن ۽ اهڙن ٻين سوالن جي جواب لاءِ اسان کي هالا ڪنڊي جي تاريخ معلوم ڪرڻي پوندي. تنهن ڪري مناسب رهندو ته پهريائين هالا ڪنڊي جي تاريخ تي نظر وجهون.

    هالا ڪنڊي جو بنياد:
    هالا ڪنڊي جي قدامت جي حوالي سان نامور مؤرخ رحميداد مولائي شيدائي لکيو آهي ته ”سنڌڙي سونهاريءَ جي جھونن شهرن مان موئن جي دڙي کان پوءِ ٻيون نمبر جھونو شهر هالا يا هالا ڪنڊي آهي. هي شهر مهاڀارت جي زماني ۾ وجود ۾ آيو. جڏهن سنڌ جي ٻن قومن جاٽن ۽ ميدن پاڻ ۾ صلح ڪري هستناپور جي حڪومت کي منظور ڪيو هو. انهيءَ زماني ۾ سنڌ جو وچولو حصو نهايت سرسبز ۽ شاداب هو. برهمڻ آباد، پٽالا، نيزون ڪافري، منصوره، بانيه، ٿري، اگھاماڻو، احمد آباد، شاهپور، جوڻ، فتح باغ، نصرپور، خداآباد ، هالا ڪنڊي، خدا آباد اهي تختگاهه شهر وچولي پرڳڻي ۾ هئا. هالا ڪنڊي ۽ هالا (هالار) هندستان جي راجا هال جا يادگار آهن.“
    (سنائي، 2009، ص37)
    شيدائي صاحب کان پوءِ هالا ڪنڊي جي قدامت جو قائل هڪ ٻيو مورخ ۽ ليکڪ محترم منور ارباب هالو صاحب آهي. ان صاحب پنهنجي اڻڇپيل ڪتاب Halakandi and Halas in Historical Perspective ۾،جنهن جا ڪجهه صفحا گوگل بڪس تي پيل آهن، هالن جي ابتدا واري باب ۾ هالا ڪنڊي جي امڪاني قدامت تي مختلف رايا پيش ڪيا آهن.
    سندس هڪڙو خيال اهو آهي ته ممڪن آهي ته حضرت عيسيٰؑ جي زماني ۾ به هالا ڪنڊي جو وجود هجي، جتي بادشاهه هال جا ماڻهو رهندا هجن ۽ پاڻ کي هال، هالار يا هالا سڏائين هجن. (ص 15) اڳتي هلي صفحي 38 تي لکيل آهي ته 69 عيسوي ۾ هال نالي سان هڪ حاڪم آندرا ونش ۾ هو. چيو وڃي ٿو ته کيس مرڪزي سنڌ جو علائقو پسند هو، تنهن ڪري هن اتي هالا ڪنڊي ٺهرايو. سندس پونيرن واري سلطنت کي هالار سڏيو ويو، جنهن ۾ بنگال، ڪرناٽڪا (جتي اڃان توڻي هالا ڪنڊي نالي سان وستي آهي)، ڪشمير، گجرات ۽ سنڌ شامل هئا. هالي صاحب جو اندازو آهي ته شايد هال جي ماڻهن سنڌو درياءَ جي ڪنڌي تي اهو شهر وسايو هجي، جنهن کي هالا ڪنڊي سڏيو ويو ۽ انهن ماڻهن پاڻ کي يا ٻين پاران کين هالا چوڻ شروع ڪيو هجي. (هالو، 2014، ص 38)
    سندس ٻيو خيال اهو آهي ته جڏهن محمد بن قاسم هتي آيو ته ان زماني ۾ هالا قبيلي جي هڪ نک جات يا جت سان لاڳاپيل حڪمران چندر رام سوستان يا سيستان (هاڻوڪي سيوهڻ) جو حاڪم هو. سندس رياست کي هالا ڪنڊي سڏيو ٿي ويو، جيڪا هن محمد بن قاسم هٿان وڃائي ڇڏي. ان بعد هو ڪجهه عرصو رلندو رهيو. وري هو سيوهڻ تي حملا آور ٿيو ۽ ان تي قبضو ڪيائين. جڏهن محمد بن قاسم کي خبر پئي ته هن ٻه هزار پيادا ۽ هزار سوار فوجي اماڻيا. هن دليري سان مقابلو ڪيو پر مارجي ويو.
    (هالو، 2016، ص 15)
    سندس ٽيون خيال اهو آهي ته هالا ڪنڊي جو وجود ڇهين صدي هجري يعني1203ع ڌاري هو. (هالو، 2014، ص 42)
    بهرحال سومرن جي دؤر ۾ هن وستي يا علائقي جي وجود ۾ هئڻ جا اڻ سڌا حوالا تاريخي ڪتابن ۾ ملن ٿا. مثال طور سنڌ جو هڪ ٻيو مورخ محترم ايم ايڇ پنهور پنهنجي ڪتاب Chronological Dictionary of Sindh ۾ سومرن واري باب ۾ لکيو آهي ته جڏهن سال 1092ع بمطابق 485 هجري ۾ دودو پهريون گذاري ويو ته هن جي ڀيڻ تاري پنهنجي صغير ڀاءُ سنگهار جي جاءِ تي حڪمران ٿي. هن ٻارهن سالن کان پوءِ 491 هجري يعني 1097ع ۾ اقتدار پنهنجي ڀاءُ سنگهار جي حوالي ڪيو. هي پڻ پنهنجي والد وانگيان بهادر حاڪم هو. هن پنهنجي حڪومت جو دائرو تاريخي معصومي موجب هالا ڪنڊي تائين وڌايو. (پنهور، 1983، ص 229 ۽ 230)
    ياد رهي ته سنگهار جي حڪمراني جو دؤر 1098ع کان 1106/07ع تائين رهيو. تنهڪري اسان اهو سمجهون ٿا ته ان دؤر ۾ به هالا ڪنڊي جو وجود هو.
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ موجب ”هڪ روايت تحت اٺين صدي عيسويءَ ۾ سنگهار نالي هڪ سما سردار هالا ڪنڊي کان وٺي ڏکڻ ۾ ڪڇ تائين پنهنجي حڪمرانيءَ جو دائرو وڌايو. اگر اها روايت درست آهي ته پوءِ هالا ڪنڊي، ٺٽي جي سما ڄامن جي اقتدار ۾ اچڻ (750 هجري) کان به اڳ اٺين صدي عيسوي ۾ مکيه وستي هئي. سنگهار يقينن انهن کان اڳ جو هو، ڇو ته هو ٺٽي جي ڄامن مان نه هو.“ (بلوچ، 2012، ص 245)
    پنهور صاحب پنهنجي ڪتاب An Ilusstrated Historical Atlas of Sommra Kindom of Sindh جي باب 13 ۾ هن طرح بيان ٿو ڪري ته ٺٽي کي فتح ڪرڻ کان اڳ ئي محمد تغلق سونڊا ۾ امڪاني طور زهر وگهي گذاري ويو.... سندس پونير حڪمران فيروز شاهه تغلق کي سونڊا کان ٽنڊو محمد خان، نيرون ڪوٽ، نصرپور، هالا ڪنڊي، سيوهڻ وارو زميني رستو وٺي دهلي ورڻو پيو. (پنهور، 2003، ص 89)
    ان مان اندازو ٿئي ٿو ته ان زماني ۾ به هالا ڪنڊي جو وجود هو، پر پنهور صاحب پنهنجي انهيءَ ڪتاب ۾ جيڪي نقشا ڏنا آهن، انهن ۾ هو چوڏهين صدي جي شهرن ۾ هالا ڪنڊي جو ذڪر نٿو ڪري. البت باب 22 بعنوان Religion and Mysticism during Soomra Rule ۾ هڪ جاءِ تي لکي ٿو ته اوليائن جو هڪ وڏو تعداد اندرون سنڌ جي مکيه جاين جهڙوڪ بوبڪ، نورائي، بڪيرا، نوتيار ۽ هالا ۾ موڪليو ۽ ورسايو ويو. (پنهور، 2003، ص187)
    ان ساڳئي باب ۾ قديم وقت کان وٺي سنڌ اندر مکيه برادرين جي عام مذهبي مرڪزن واري فهرست ۾ هالا ڪنڊي جو اندراج 63 نمبر تي آهي. ان فهرست ۾ ڏنل اندراج موجب هن مرڪز ۾ نه صرف مسلمان اوليائن جا مقبرا آهن، پر ساڳئي وقت اهو تجارتي مرڪز به آهي. (پنهور، 2003، ص 194)
    نامور مؤرخ ۽ عالم جناب ڀيرومل مهرچند آڏواڻي پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جي سيلاني“ ڀاڱو پهريون (صفحو 144) ۾ لکيو آهي ته: هيءُ شهر سمن جي صاحبي ۾ 1422ع ڌاري ٻڌايو ويو. پر اسان اڳيان ڏٺو ته هي وستي ان کان به اڳ ۾ قائم هئي.
    محترم غلام محمد لاکي پنهنجي ڪتاب ”سمن جي سلطنت“ (صفحو 77) ۾ سمن جي دؤر ۾ جيڪي اهم علمي ۽ تعليمي مرڪز ڄاڻايا آهن، تن ۾ هالا ڪنڊي کي به شامل ڪيو آهي.
    جيتوڻيڪ پنهور صاحب چوڏهين صدي ۾ موجود شهرن ۾ هالا ڪنڊي نٿو ڳڻي، پر جيڪي سندس جيڪي ٻيا حوالا مٿي پيش ڪيا آهن، تن مان ظاهر آهي ته ان زماني ۾ هن شهر يا وستي جو وجود ضرور هو، پر ائين کڻي چئجي ته ان زماني ۾ هي ايترو معروف نه ٿيو.
    منهنجي ذاتي خيال ۾ هن واهڻ يا وستي جو وجود ڪافي عرصو اڳ کان هو، پر هن کي ناموري سمن جي دؤر ۾ حاصل ٿي، ڇو ته تاريخي ڪتابن ۾ سمن جي دؤر (1522ع - 1351ع) کان هن شهر جو ڪافي ذڪر ملي ٿو. هن جو اوج ارغون، ترخان ۽ مغل دؤر ۾ ٿيو. ڪلهوڙن جي آخري دؤر ۾ هي شهر دريا جي حوالي ٿي ويو.

    هالا ڪنڊي تي اهو نالو ڪيئن پيو:
    هالا ڪنڊي تي اهو نالو ڪيئن پيو، ان سلسلي ۾ مختلف ماڻهن مختلف رايا پئي ڏنا آهن. هڪڙو سادو رايو اهو آهي ته جيئن ته هن علائقي ۾ ڪنڊي جا وڻ گهڻا هئا، جيڪي هالا اربابن جي ٻنين ۾ هوندا هئا، تنهن ڪري ان ڪري هي ماڳ هالا ڪنڊي سڏيو ويو.
    محترم منور ارباب هالو صاحب پنهنجي مذڪوره ڪتاب ۾ نالي جي حوالي سان امڪاني لفظن ڪنڊي توڙي ڪنڌي جي حوالي سان مختلف رايا ڏنا آهن. انهن مان هڪ موجب قديم وقت ۾ ويندي ويجھي ماضي تائين هن علائقي ۾ گهاٽا ٻيلا هوندا هئا، جن ۾ ڪنڊي جا وڻ گهڻا هوندا هئا. جن کي شايد بادشاهه هال جي پويان هال جون ڪنڊيون سڏيو ويندو هو. ائين پوءِ اهو ماڳ هالا ڪنڊي بنيو هجي.
    هالي صاحب جو ٻيو رايواهو آهي ته اهو لفظ ڪنڌي يعني دريا جو ڪنارو ٿي سگهي ٿو. سندس خيال ۾ هالا قبيلي هي شهر درياءَ جي ڪنڌي تي اڏيو آهي، تنهن ڪري اهو هالا ڪنڌي اڳتي هلي هالا ڪنڊي ٿيو هجي.
    (هالو، 2016، ص 16)
    پر پاڻ ڪهڙي راءِ جي حق ۾ آهي، اهو ظاهر نٿو ٿئي.
    هڪ ٻيو مورخ محترم عبدالله ورياهه نالي جي اصليت تي بحث ڪندي لکي ٿو ته ”هالن پراڻن جي رهاڪو قاضي غلام محمد قريشي صاحب جن جو چوڻ آهي ته ڪند قديم مشرقي ايراني ٻولي جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ڳوٺ. روسي ترڪستان ۾ تاشقند ۽ سمرقند نالن جھڙا ڪافي شهر آهن، هالا ڪنڊي جو آخري لفظ ڪنڊي اصل ڪند تان ورتل آهي.“
    وري اڳتي لکي ٿو ته ”سنڌ جي مشهور محقق جناب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو چوڻ آهي ته هتي هالي سمي جو ڳوٺ هو، جنهن جي ڀرسان هڪ وڏو ڪنڊيءَ جو وڻ هوندو هو جنهن جي ڪري هن ڳوٺ جو نالو هالڪنڊي پئجي ويو.“
    هڪ پاسي پنهنجي ذاتي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته ”منهنجي ذاتي راءِ آهي ته هيءَ آبادي سنڌو درياهه جي ڪنڌيءَ تي قائم ٿي، جڏهن ته اهو واضح آهي ته هتي هالا قوم جي زمينداري هئي ۽ انهن جو ڳوٺ به قائم هو، ان ڪري کين ڪنڌيءَ وارا هالا ڪري سڏيندا هجن ۽ اهوئي نالو هالا ڪنڌيءَ مان ڦرندو هالا ڪنڊي ٿي ويو هجي. بهرحال هن باري ۾ ڪا ڳالهه پڪ سان نٿي چئي سگھجي ته ڪهڙي راءِ صحيح آهي. البته هن تي سڀ متفق آهي ته هالا نالو هالا ذات تان پيو آهي، جن جي هتي زمينداري هوندي هئي.
    وري ٻي پاسي ائين لکي ٿو ته ”هالا ڪنڊي بابت ڪنهن به قديم ڪتاب ۾ ڪا ڳالهه واضح نه آهي ته اهو نالو ڪيئن پيو. پر عام طرح ماڻهن ۾ اهو مشهور آهي ته هتي هالا قوم جي زمينداري هئي ۽ ڪنڊيءَ جا وڻ گھڻا هوندا هئا ان ڪري هن ڳوٺ تي هالا ڪنڊي نالو پيو.“
    ”مٿي جيڪي ٻه رايا هئا، ڪنڌي وارا هالا ڦري هالا ڪنڌي وري هالا ڪنڊي ٿيڻ، ۽ فارسي ۾ شهر کي ڪند چوڻ واري روايت، تن تي سوچي ويچاري ڪا حتمي راءِ ڏيئي سگهجي ٿي.“ (سنائي، 2009، ص 70 ۽ 71)
    سوز هالائي صاحب هالا ڪنڊي جي نالي تي پنهنجي راءِ اها ٿو ڏئي ته ” .... منهنجي تحقيق موجب ڪنڊ سنڌي ٻولي جي ڪوهستاني لهجي وارو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي علائقو، ڳڙهه، جوءِ، ۽ تر وغيره... ڪوهستان ۽ لاڳيتو جابلو علائقي ۾ ڪنڊ جي نالي سان ڪيترائي ڳوٺ مشهور آهن. جن ۾ مهان راڳي استاد محمد جمن جو اباڻو ڏاڏاڻو ڳوٺ ڪنڊ جهنگ شامل آهي، جيئن ته شاهه محمد هالي جي هالا ڪنڊي وارو علائقو ڪوهستان سان لاڳيتو هو، سو ممڪن آهي ته ڪنڊ لفظ به هالار مان هجرت ڪري هالا آيو هجي ۽ هالڪنڊي بنجي ويو هجي.“ (سوز هالائي، 2008، ص 30)
    منهنجي پنهنجي ذاتي خيال ۾ هالا ڪنڊي ۾ لفظ هالا هتي جي رهواسين هالا برادري جي حوالي سان آهي، باقي رهيو ٻيو لفظ ڪنڊي، ته منهنجي خيال ۾ فارسي جو ڪند يا بلوچي جو ڪنڊ وارو نڪتو صحيح ٿو لڳي. باقي ڪنڊي جي وڻ وارو مفروضو درست نه آهي. البت ڪنڌي واري نڪتي تي به وڌيڪ بحث مباحثو ڪري سگهجي ٿو.

    هالا اربابن جي اولين وستي:
    مٿي اسان اڳ ۾ ئي لکي چڪا آهيون ته هالا ڪنڊي ۾ لفظ هالا هتي جي هڪ برادري هالا جي نمائندگي ڪري ٿو. هالا اڄ ڪلهه ارباب سڏيا وڃن ٿا. ان حساب سان هي هالا اربابن جي اولين وستي آهي. محترم منور هالو ارباب جي خيال ۾ هالن جا وڏڙا هالا جبل سان هيٺ لهي اچي هالا ڪنڊي ۾ ورسڻ لڳا. جڏهن اهو ٻڏي ويو ته اهي هالا پراڻا يا خانوٺ لڏي آيا. انهن کي خانوٺي هالا سڏجي ٿو ۽ اهي ئي شاهه محمد هالي جا اصلي پونير آهن. انهن مان ڪي وري هالا نوان ۾ وڃي ويٺا. ڪي ماڻهو وري پاڻ کي خالص هالا سڏائڻ جي بجاءِ، پنهنجي مکيه اڳواڻ يا علائقي جا حوالي سان پاڻ کي ظاهر ڪن ٿا.
    جيڪي ڳوٺ ڀين ۾ ويا ته انهن کي پاڻ ڀيان هالا سڏايو. جيڪي سالارو ۾ ويا سي سالاريا ٿيا، جيڪي ڀاڻوٺ ۾ ويا، سي ڀاڻوٺي سڏيا ويا، جيڪي ڳاهوٺ ۾ ويٺا، سي ڳاهوٺي ٿيا، جيڪي جراريا ڳوٺ ۾ ويا، سي جراريا هالا ٿيا. پر هاڻي جراريا ڳوٺ نه آهي، تنهن ڪري اهي جراريا هالا هالا نوان ۾ رهن ٿا. (هالو، 2014، ص 44)
    هن جي خيال ۾ جراريا هالا هالن جي برادري جا اصل اڳواڻ هئا ۽ کين سمن سلطانن پاران ارباب جو لقب مليل هو. پر پنجاه واري ڏهاڪي کان پوءِ هر هڪ پاڻ کي ارباب سڏائي ٿو.
    ٻي پاسي اربابن جي نکن جي حوالي سان سوز صاحب لکيو آهي ته شاهه محمد هالي کي پنج پٽ هئا، جن جا نالا هئا، 1. خانو، 2. سالار، 3. ڳاهو، 4. ڀاڻو، ۽ 5. ڀيئن. انهن سڀني کي هن صاحب پنهنجي ايامڪاري ۾ علائقا ورهائي ڏنا. ان ورڇ جي حساب سان خانو کي جيڪو علائقو مليو تنهن کي خانوٺ سڏيو ويو. سالار کي جيڪو علائقو مليو، تنهن کي سالاريو سڏيو ويو. اهو علائقو هن وقت درياهه جو ڪچو آهي. ڳاهو کي جيڪو علائقو مليو، تنهن کي ڳاهوٺ چيو ويو ۽ ڀاڻو واري علائقي کي ڀاڻوٺ سڏيو ويو، ڀيئن کي مليل علائقي کي ڀيئن سڏيو ويو. پاڻ شاهه محمد هالي وچ وارو علائقو يعني هالا ڪنڊي ديهه جهرڪي پاڻ وٽ رکيو. (سوز هالائي، 2008، ص 29)

    متعلوي سادات جو اولين مسڪن:
    ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي بيتن واري ڪتاب ۾ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ شاهه لطيف جي حوالي سان لکيل ڪتابن ۾ متعلوي ساداتن جي جد امجد سيد مير علي شاهه جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته سيد علي هراتي وڏي اثر رسوخ وارو شخص هو. جڏهن ايران ۽ مرڪزي ايشيا جو ترڪ ۽ منگول حڪمران امير تيمور(1336-1405) (جنهن کي تيمور لنگ به سڏيو وڃي ٿو) هرات ۾ 2 لک 62 هزار 3 سؤ 12 تعداد واري لشڪر سان وارد ٿيو، تڏهن سيد مير علي شاهه هراتي سندس خدمت ۾ مهماني طور لشڪر جي تعداد برابر رقم پيش ڪئي. امير تيمور انهيءَ مهمان نوازي تي خوش ٿيو ۽ ان جي فرزندن کي چڱن عهدن تي مقرر ڪيائين.
    چيو وڃي ٿو ته جڏهن امير تيمور چڙهائي ڪري محرم جي مهيني، سال 801 هجري (سيپٽمبر 1398ع) ۾ هندستان فتح ڪيو، تڏهن سيد مير علي ۽ هن جا پٽ به ساڻس گڏ هئا. انهن مان سيد حيدر پنهنجي پيءُ کان موڪلائي سير سفر ڪندي اچي هالا ڪنڊي پهتو.
    ان زماني ۾ سنڌ ۾ سمن جي حڪمراني هئي ۽ انهن پاران ميران محمد نالي سان هالا ڪنڊي جي علائقي جو حاڪم هو. جنهن هالا قبيلي وارن تي ڪنهن مامري جي ڪري ڪو ڳرو ڏنڊ وڌو. سيد حيدر هراتي هنن جي پاران اهو ڏنڊ ڀري ڏنو. انهي احسان جي ڪري هالا قبيلي جي سربراهه شاهه محمد هالي ولد دريا خان هالي پنهنجي نياڻي فاطمه کي سيد حيدر سان پرڻايو. جيئن ته سيد حيدر جي والده جو نالو به ساڳيو هو، سو هن پنهنجي گهرواري جو نالو بدلائي بي بي سلطان رکيو.
    جڏهن کيس هالا ڪنڊي ۾ رهندي سترهن کن مهينا ٿيا، تڏهن هن کي پنهنجي والد جي وفات جي خبر پهتي. سندس گهر ۾ اميدواري هئي. هالا ڪنڊي مان روانگي مهل وصيت ڪيائين ته جي پٽ ڄمي تي مٿس ڏاڏس جو نالو مير علي رکيو وڃي. پنهنجي منڊي، جڙدار خنجر ۽ هراتي ٻانهي نشاني طور ڇڏي پاڻ هرات روانو ٿيو ۽ پيءُ جي وفات سببان اتي ئي رهي پيو، تان جو ٽن سالن ستاويهن ڏينهن بعد وفات ڪيائين.
    پويان هالا ڪنڊي ۾ کيس پٽ ڄائو، جنهن جو وصيت موجب نالو سيد مير علي شاهه رکيو ويو. هي جڏهن وڏو ٿيو ته هرات ويو، جتي پاڻ کي سيد حيدر جو پٽ تسليم ڪرائي پنهنجي چاچي شرف الدين کي وٺي، واپس هالا ڪنڊي آيو. اڳتي هلي مير علي شاهه سنڌي هتي شادي ڪئي ۽ کيس ٻه پٽ سيد شرف الدين شاهه ۽ احمد شاهه جي نالي ٿيا. سيد شرف الدين جو اولاد شرف پوٽا سيد ٿو سڏجي ۽ احمد شاهه جو اولاد ميرڻ پوٽا سيد ٿو سڏجي. هنن جا پونير مٽياري ۾ لڏي وڃي ويٺا.
    سيد مير علي شاهه لاءِ ڪن جو خيال آهي ته هالا ڪنڊي ۾ فوت ٿيو ۽ ڪي وري ان جو وصال مٽياري ۾ ٻڌاين ٿا. ائين سندس مقبري لاءِ به مختلف رايا آهن. ڪن جو خيال آهي ته سندس آخري آرامگاهه مٽياري ۾ آهي، پر هالا پراڻا جا ڪجهه رهواسي ان خيال جا آهن ته هن جو مدفن هالا پراڻا ۾ آهي. موجوده شهيد محمد اسلم گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول جي پويان جيڪو مقبرو آهي، سو هن ڏانهن منسوب ڪيو ٿو وڃي.
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ متعلوي ساداتن جي شجري جو ڇيد ڪندي سيد حيدر شاهه هراتي جي امير تيمور لنگ سان گڏجي اچڻ واري روايت کي ضعيف ٿو قرار ڏئي ۽ سندس خيال ۾ اهو صاحب امير تيمور جي حملي کان اڳ آيو هوندو. (بلوچ، 2000، ص 8)
    بهرحال اهو طئيِ آهي ته هو هتي آيو، پرڻيو، سندس اولاد وڌيو ويجهيو. ان ڪري اسان هالاڪنڊي کي متعلوي ساداتن جو اولين مسڪن سمجهڻ ۾ حق بجانب آهيون.
    سيد حيدر سنائي، شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو، شاهه عبدالطيف ڀٽائي، سائين جي ايم سيد، نامور سياستدان شاهه محمد شاهه، سابق وزير ۽ سينيٽر ڊاڪٽر شفقت شاهه ڄاموٽ، انگريزي ٻولي جي ناول نگار بينا شاهه انهي متعلوي ڪٽنب جا اهم شخص آهن.

    مخدومان هالا جو قديم مسڪن:
    مخدومان هالا به جڏهن هرات مان لڏي هندستان ۾ آيا ته پهريائين پنجاب جي ڪوٽ ڪروڙ ۾ رهيا. وري انهن مان ڪو اچي بوبڪن ۾ رهيو. بوبڪن مان مخدوم فخرالدين صغير سير سفر ڪندي ڪجهه عرصي لاءِ هالا ڪنڊي ۾ رهيو. روايتن ۾ آهي ته جڏهن هو هتان واپس ورڻ لڳو ته هتي جي رهواسين کيس هتي مستقل رهڻ لاءِ منٿ ميڙ ڪئي. تنهن بعد هو هتي رهي پيو.
    مخدوم فخرالدين صغير جي حوالي سان مير علي شير قانع لکي ٿو ته هي شيخ ابو نجيب سهروردي جي اولاد مان، وڏي ۾ وڏو ولي ۽ هدايت جي رستن جو وڏو ڄاڻو، سالڪ هو. هو مخدوم نوح جو پنجون ڏاڏو هو.
    (قانع، 1989، ص 382)
    ان حوالي سان مخدوم جميل الزمان پنهنجي ڪتاب ”تذڪره مخدومان هالا“ (1790ع¬-1944ع) ۾ لکيو آهي ته مخدومان هالا جو موسس اعليٰ مخدوم فخرالدين صغير بوبڪن مان هجرت ڪري اچي هالا ڪنڊي ۾ ساڪن ٿيو، بعد ۾ سندس اولاد هالا ڪنڊي جي ڀرسان ٽوڙي ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو. مخدوم جميل الزمان جي خيال ۾ انهي زماني ۾ مٿي ذڪر ڪيل سيد حيدر شاهه هراتي به اچي هتي ورسيو هو. (مخدوم جميل، 2001ع، ص 66 ۽ 67)
    ان نامور خاندان ۾ ڏهين صدي جو مجتهد ۽ وقت جو امام حضرت مخدوم نوح سرور پيدا ٿيو، جنهن هڪ پاسي قرآن پاڪ جو ترجمو ۽ تفسير فارسي ۾ تحرير ڪيو ۽ ٻئي پاسي لکين ماڻهن کي پنهنجي روحانيت سان منور ڪيو. هن صاحب جو تفصيلي احوال اڳتي ايندو.
    مخدوم نوح ۽ ان جا پونير ڪافي عرصي تائين هالا ڪنڊي يا ان جي ڀرپاسي ۾ قائم ڳوٺ ٽوڙي (قاضي غلام محمد قريشي صاحب پنهنجي ڪتاب تاريخ درگاهه شريف هالا ۾ ان جي جاءِ وقوع جي حوالي سان لکي ٿو ته اهو موجوده هالا پراڻا کان اٽڪل ٽي ميل پرتي الهندي طرف دريا سنڌو تي واقع هو) ۽ پوءِ وري اسلام آباد (هالا پراڻا جو پراڻو نالو) ۾ رهيا آهن.
    (قريشي، 2006، ص 3)
    قريشي صاحب جي خيال ۾ مخدوم نوح جي سموري خاندان جي سڪونت هالاڪندي ۾ 1010 هجري بمطابق 1601-2ع تائين رهي. ۽ پوءِ لڳي ٿو ته هو اسلام آباد يا موجوده هالا پراڻا ۾ اچي رهيا. جتان اهي 181 سالن بعد 1191هجري يعني 1777-78ع ۾ موجوده هالا نوان ۾ وڃي ويٺا.
    (قريشي، 2006، ص 32)
    ياد رهي ته ان وقت جي اٺين سجاده نشين مخدوم مير محمد جن 3 ڊسمبر 1777ع تي مرتضي آباد (اڄوڪي هالا نوان) جو بنياد وجهي چڪا هئا. (مخدوم، 2010، ص 446)
    هن صاحب ئي مخدوم سرور نوح ۽ ٻين بزرگن جا اجساد مطهرات به هتان کڻائي وڃي هاڻوڪي درگاهه مخدوم نوح ۾ دفن ڪيا.
    (قريشي، 2006، ص 32)

    مخدوم ڀٽي بزرگن جو پراڻو اجھو:
    هالا ڪنڊي جا ڀٽي بزرگ به هرهنڌ ڄاتا وڃن ٿا. انهن جو جد اعليٰ مخدوم عبدالله هو. هن صاحب جو اصل نالو ارجن بن وريه هو. پاڻ جيسلمير جو راجا هو. ڊاڪٽر غلام علي الانا جي خيال ۾ هن صاحب جو نسب سورج ونسي راجپوت خاندان ۾ شري رامچندر سان ملي ٿو. (الانا، 1977، ص 154)
    ڊاڪٽر بلوچ رهاڻ هيرڻ کاڻ جي جلد اٺين ۾ ڀٽي بزرگن جو احوال ڏيندي ٻڌايو آهي ته راجا ارجن نامور بزرگ بهاءُ الدين ذڪريا (وفات 1258ع يا 1262ع بمطابق 661 هجري) کي پنهنجي علائقي ۾ ان عذر تي اچڻ کان روڪيو، ته سندس اچڻ جي ڪري هن علائقي ۾ برسات نٿي پوي. بهاءُالدين ذڪريا بندش جي باوجود به جيسليمر پهتو. راجا کيس واپس ورائڻ لاءِ نڪتو ته اچي زبردست مينهن پيو. انهيءَ کانپوءِ راجا ارجن مخدوم زڪريا جي هٿ تي مسلمان ٿيو ۽ راجائي ترڪ ڪري ملتان پهتو. جتي سندس تربيت ڪئي وئي. (بلوچ، 2008، ص 48)
    هڪ مقامي مورخ ۽ استاد سائين عطا محمد صدر جي اڻڇپيل اردو مقالي ميرا سوهنا ديس هالا پرانا ۾ لکيل آهي ته مخدوم عبدالله کي مٽي جو لوٽو ڏئي چيو ويو ته هو سنڌ ڏي وڃي ۽ جتي اهو لوٽو ڀُري پوي، اتي ئي هو رهي پوي. ٻڌايو وڃي ٿو ته هو جڏهن سنڌ ۾ ڀاڻوٺ جي ڀرسان ڳاهوٺ ڳوٺ ۾ آيو ته اهو لوٽو ڀري پيو. تنهن ڪري هي بزرگ اتي ئي ترسي پيو.
    (صدر، 1997، ص 9)
    سائين عطا محمد صدر موجب اهو واقعو 625 هجري (يعني 1227/28ع) ۾ ٿيو. اتي ئي سندس ٽن پٽن وفات ڪئي. سندس پڙ پوٽو مخدوم اسحاق ولد مخدوم محمد عمر اتان لڏي هالا ڪنڊي ۾ اچي رهيو. ڊاڪٽر بلوچ مطابق هو هالا ڪنڊي جي لڳ پنهنجو علحده پاڙو ٽوري جي نالي سان آباد ڪري ويٺو. کيس ٽي فرزند ٿيا: مخدوم احمد، مخدوم محمد ۽ مخدوم صدرالدين. (بلوچ، 2008، ص 49)
    مخدوم احمد، مخدوم محمد، درويش ذڪريا بن مخدوم صدرالدين، مخدوم ابراهيم، مخدوم عبدالرئوف ڀٽي ۽ ڪجهه ٻين ڀٽي بزرگن جو علحده احوال بزرگن ۽ مشاهيرن جي ڀاڱي ۾ ڏنو ويو آهي. بهرحال انهن کان علاوه هن خاندان ٻيا به ڪيترائي اهل الله ۽ ڪامل ولي پيدا ڪيا آهن، جن جو نالا آهن: مخدوم فتح الله ولد مخدوم احمد، مخدوم احمد ثاني ولد مخدوم فتح الله، مخدوم عبدالحميد بن مخدوم احمد ثاني، مخدوم عمر بن مخدوم عبدالحميد، مخدوم ابراهيم ولد مخدوم عمر، مخدوم فتح الله ثاني ولد مخدوم ابراهيم، مخدوم عبدالحميد ثاني ولد مخدوم فتح الله ثاني، مخدوم رحمت الله ولد مخدوم عبدالحميد ثاني، مخدوم نعمت الله ولد عبدالحميد ثاني، حاجي دين محمد ولد عبدالحميد ثاني، مخدوم محمد يوسف، مخدوم صادق ۽ مخدوم محمد يعقوب ڀٽي.
    مير علي شير قانع انهن سڀني جو مختصر ذڪر پنهنجي ڪتاب تحفة الڪرام ۾ ڪيو آهي، جنهن موجب اهي سڀ معرفت جي رستي جا سالڪ ۽ وڏا عارف هئا.

    ٻيا قديم رهواسي:
    هالا ڪنڊي جي چند قديم ذاتين جو احوال اڳيان آيو. انهن کان علاوه قاضي قريشي، آخوند ملان سانوڻي يعني عقيلي قريشي، آخوند صاحبان ۽ ميمڻ وغيره به هالا ڪنڊي جا قديم رهواسي سمجهيا وڃن ٿا.
    قاضي قريشين جا اڪابر روايت ڪن ٿا ته انهن جو هڪ وڏو مخدوم صاحبن جي خاندان سان گڏ هالا ڪنڊي پهتو. انهي خاندان وري هنن ساڻ اچي هالا پراڻا ۾ رهائش اختيار ڪئي.
    آخوند ملان سانوڻي يعني عقيلي قريشي به هتان جا قديمي رهائشي آهن. انهن جو حسب نسب حضرت علي ڪرم الله وجهه جي ڀاءُ حضرت عقيل رضه تائين رسي ٿو. (مولوي ۽ قاضي، ص 3)
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻئين (2010ع) جي ضميمي ۾ شامل آخوند سانوڻي واري مضمون موجب انهي خاندان جي پهرئين فرد جو نالو حاجي متين الدين لکيل آهي. ان کان علاوه مغل امير نواب سيف الله خان کي جڏهن ٺٽي جو گورنر مقرر ڪيو ويو، تڏهن هن آخوند عبدالغفور سانوڻي هالائيءَ جي ڀاءُ آخوند عبدالسميع هالائيءَ کي پنهنجو نائب ڪري مقرر ڪيو، جنهن ٻن سالن تائين (1135-1137هه) تائين ڏکڻ سنڌ جو ڪاروهنوار هلايو، بعد ۾ رضي محمد خان پاران ٺٽي جي نوابي هٿ ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ تي نواب سيف الله خان پاڻ اچي ٺٽي جي حڪومت کي سنڀاليو. نواب سيف الله خان جي وفات 9 ذوالقعد 1143هه تائين آخوند عبدالسميع سندس خاص اميرن ۾ شامل رهيو. (جلد ٻيو، ضميمو، ص 584)
    هالا پراڻا جا عقيلي قريشي آخوند عبدالغفور جو اولاد آهن. جڏهن ته آخوند عبدالسميع جو اولاد ٺٽي ۾ عقيلي سڏجي ٿو. انهن مان الهه بخش سرشار عقيلي، ايوب دؤر جو وزير ايم اين عقيلي، ٽي وي پروڊيوسر اعجاز عقيلي، مهراڻ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر محمد اسلم عقيلي، سنڌ گورنمينٽ جو سيڪريٽري عبدالعزيز عقيلي، ۽ ڪمشنر انڪم ٽئڪس عبدالواحد عقيلي نامور آهن.
    هن خاندان جي ڪافي عالمن، اديبن ۽ شاعرن جو ذڪر اڳيان شامل ڪيو ويوآهي.

    ولين ۽ سهروردي بزرگن جو قديم مرڪز:
    ان کان علاوه ٻين به ڪافي بزرگن کي هالا ڪنڊي پنهنجي هنج ۾ تاتيو آهي. جن ۾ اهم ترين مخدوم عربي ڌياڻو، مخدوم شعيب لاخيال آهن. انهن بزرگن جو تفصيلي احوال مشاهيرن واري حصي ۾ ڏنل آهي.
    مير علي شير قانع ٺٽوي به هالا ڪنڊيءَ کي هڪ ناليرو شهر ۽ خدا وارن جو آرام گاهه سڏيو آهي.
    فرانسيسي مورخ مشل بوون پنهنجي هڪ مقالي بعنوان Shivate Cults and Sufi Centres ۾ ارغونن ۽ سهروري بزرگن جي حوالي سان لکيو آهي ته چيو وڃي ٿو ته سهروردي اڳواڻن ارغونن خلاف مقامي آبادي جو ساٿ ڏٺو. تنهنڪري سزا طور ڪن سهروردي بزرگن کي سنڌ ڇڏي گجرات ۽ برهانپور وڃڻو پيو، جتي هو مستقل رهي پيا. ان دوران هالا جو ننڍڙو شهر، سهروردين جو مکيه مرڪز ٿي ويو. اهو صرف مخدوم نوح جهڙي عظيم صوفي پيداڪندڙ نامور خاندان باعث ٿيو. (بوون، 2008، ص 31)
    پر هتي اهو ٻڌائڻ مناسب رهندو ته هالا ڪنڊي ان کان اڳ ئي سهروردي بزرگن جو مکيه مرڪز هو. ان حوالي سان محترمه ساره ڊي انصاري پنهنجي ڪتاب Sufi saints and State Power ۾ لکيو آهي ته ”چوڏهين صدي کان پوءِ صوفين جي هڪ لهر سنڌ ۾ وارد ٿي.... هالاڪنڊي سهروردي سلسلي جي سرگرمين جو مهندار مرڪز ٿيو.“ (ص 40)

    انتظامي هيڊڪوارٽر:
    بهرحال هن وستيءَ جي اهميت رڳو عالمن ۽ الله وارن جي موجودگي باعث ڪونه هئي، پر هڪ ته هي علائقو درياءَ جي ويجهو هئڻ ڪرڻ ڪري زرعي طور زرخير رهيو آهي. ٻيو ته ان زماني ۾ منهنجي ذاتي راءِ موجب هن وستيءَ جي اهميت هتي قائم پتڻ جي ڪري به هئي، انهيءَ وقت اڄوڪي ڏکڻ سنڌ مان اتر سنڌ ڏانهن يا اُتر سنڌ مان ڏکڻ سنڌ اچڻ لاءِ هي پتڻ اورانگھڻو پوندو هو. مرزا شاهه حسن ارغون جڏهن ڄام فيروز سان وڙهي بکر ويو هو ته هتان اچي ٽپيو هو. ان کان علاوه خسرو خان چرڪس به جڏهن قنڌار وڃڻ لاءِ هتان درياءُ اڪرڻ لاءِ هتي پهتو هو، تڏهن کيس خبر ملي ته سندس ويري مرزا غازي بيگ فوت ٿي ويو آهي.
    تحفة الطاهرين ۾ لکيل آهي ته مرزا شاهه ارغون جي وفات کان پوءِ سنڌ ٻن اميرن ۾ ورهائجي ويئي. سمنڊ کان هالا ڪنڊي تائين مرزا عيسي ترخان ۽ سيوستان کان بکر تائين سلطان محمود خان جي قبضي ۾ آيو.
    (شيخ، 1990، ص 105)
    اڳتي هلي هالا ڪنڊي خاص ڪري ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي دؤر کان وٺي پرڳڻي يا ضلعي جي هيڊڪوارٽر طور حيثيت ماڻي. انهي دؤر جي ڪجهه اهم واقعن جو مختصر ذڪر اجايو نه ٿيندو.

    متفرق واقعا:
    جڏهن همايون بادشاهه، شير شاهه سوري کان شڪست کائي سنڌ ۾ ڀٽڪي رهيو هو، تڏهن امداد واسطي پنهنجا سفير شاهه حسن ارغون جي دربار ۾ اماڻيائين. شاهه حسن ارغون سفيرن کي مان ڏيندي چيو ته جڏهن بادشاهه سڳورو هتي ايندو ته هن جي خرچ پکي لاءِ هالا ڪنڊي کان بٺوري تائين درياءُ جي هن ڪنڌي واريون زمينون هنن جي بلي هونديون. پر ارغونن پنهنجا علائقا هٿ سان اجاڙي ڇڏيا، ته جيئن همايون پريشان ٿي هتان هليو وڃي. واقعي به هو پريشان ٿي هتان هليو ويو.
    تاريخ مظهر شاهجهاني، جيڪو ايم. ايڇ. پنهور جي خيال ۾ سنڌ جي سترهين صدي جي شروعاتي دؤر جو ڄڻڪ هڪ گزيٽيئر آهي، سو يوسف ميرڪ سال 1044 هجري / 1634ع ۾ لکيو هو. ان ۾ لکيو ويو آهي ته مرزا حسام الدين مرتضيٰ خان ثانيءَ (وفات 1038 هجري/ 1628ع) کي جڏهن سيوهڻ سرڪار جي واڳ ڏني ويئي ته هن مقامي ماڻهن سان تعديون ڪرڻ شروع ڪيون. مغل عملدارن جي ظالمانه پاليسين جي ڪري سيوهڻ ۽ هالا ڪنڊي جي ڀرپاسي رهندڙ ڪجهه قبيلا خاص ڪري سميجا انڙ مغلن سان جهيڙڻ لڳا، جنهن جي نتيجي ۾ هن پرڳڻي جو نه صرف امن امان خراب ٿيو پر اقتصادي ابتري به ٿي. يوسف ميرڪ جي خيال ۾ هي پرڳڻو جنهن جي پيداوار ويهه لک دام ٿيندي هئي، تنهن کي تباهه ڪيو آهي. ان پرڳڻي مظفر خان معموريءَ جي زماني ۾اناج جا يارهن هزار خرار محصول ۾ ڏنا هئا.
    هن پنهنجي سڪيلڌي پٽ صمصام الدوله کي سميجن مٿان مقرر ڪيو، جنهن هتي پهچي هالن جي لڳ ٺٽيءَ (يا ٽوڙي؟) جي ڳوٺ ۾ داٻو ڪيو، جو هالن (هالا ڪنڊي) کان هڪ ميل جي مفاصلي تي هو. هي ڳوٺ ايڏو ته وڏو هو، جو خود هالا ڪنڊي سان ڪلهو ٿي هنيائين. هو اتي اچي کڏون کوٽي مورچا ٻڌي ويهي رهيو ۽ اتاولي مان هالا ڪنڊي جي ٿاڻيدار موسيٰ خان افغان سان هڪ جٿو گڏي کيس سميجن تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ ڏياري موڪليائين. هوڏانهن سميجن کي اڳواٽ ئي اها خبر پئجي چڪي هئي ته اجهو ٿو لشڪر حملو ڪري، ڇاڪاڻ ته هو انهيءَ تاڙ ۾ هئا. جڏهن سڄي فوج انهن جي اجل لاءِ مينهن واءُ هڪ ڪندي رواني ٿي، ته هنن پنهنجا گهر گهاٽ ڇڏي، ان جو انتظار ڪيو ۽ گس وٺي ويهي رهيا. جيئن ئي فوج سميجن جي وسندين کي ويران ڏسي پوئتي موٽ کاڌي ته سميجن هڪدم ان جي مٿان حملو ڪري ڪافي سپاهن کي ماري ڇڏيو. بهرحال ان ۽ ٻين واقعن کان پوءِ صمصام الدوله هالا ڪنڊي ۽ سماوتي پرڳڻن جي اربابن کي قيد ڪري پنهنجي پيءُ وٽ ٺٽي وٺي ويو، جنهن سميجن جي ڏوهه ۾ مٿن ڳاٽي ڀڳا ڏنڊ وڌا ۽ جڏهن ڏٺائون ته هو ڏنڊ ڀري ڏيڻ جهڙا نه آهن، ته کانئن شرعي ظابطا لکرائي مٿن مڙهي ڇڏيائين. اهي مير ابوالبقا جي زماني تائين انهن ظابطن ۾ اڙيا رهيا، ليڪن پورا نه ٿي پئجي سگهيا.
    هوڏانهن هن جي واپسيءَ کان پوءِ ساڳئي ٺٽيءَ (يا ٽوڙي) جي ڳوٺ) تي سميجن وري راتاهو هنيو، جنهن ۾ ڪيئي ماڻهو مارجي ويا. جيڪي بچيا، تن ڀڄي وڃي هالا ڪنڊي ۾ پناه ورتي. يوسف ميرڪ جي لکت واري زماني تائين انهيءَ ڳوٺ ۾ سڃ پيئي واڪا ڪندي هئي۽ بقول ميرڪ جي ته ماڻهن جا جهڳا ڀينگ ڏسي هيانءُ پڄرڻ لڳي ٿو.
    اڳتي هلي ڪري مير ابوالبقا جي ڪوشش سان هي پرڳڻو وري آباد ٿيڻ لڳو، جو هن سميجن انڙن تي ڪاهي، انهن جي ڪن پرين مڙسن کي مارائي، وينجهڙي ڳوٺ ۾ ترسي اتان قلعي جو گهيرو ڪري ... باقي فوج کي پنهنجي وچين پٽ ابوالقاسم جي سربراهي ۾ هالن تي مقرر ڪيائين.... پڇاڙي ۾ هتي هالا ڪنڊي ۾ ٽي هزار سوار ۽ ڏيڍ سو توبچي ۽ تيرانداز ٿاڻي طور رهايا ويا.“ (ميرڪ، 1994، ص ص 139 کان 142)
    ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي ڪتاب Sindh: Studies Historical جي مضمون The Tarikh Tahiri: The author and his work ۾ لکيو آهي ته مرزا غازي بيگ جو ٺٽي ۾ منتظم خسرو خان چرڪس آزادانه نموني ڪم ڪرڻ لڳو هو ۽ محصولن ۾ خرد برد ڪرڻ لڳو. هن انتطامي عهدن تي پنهنجي خاندان جي ماڻهن کي رکڻ شروع ڪيو. جن جو انصاف سان چاهه نه هو. نتيجي ۾ سندس مخالفت وڌي ويئي. ان ڪري مرزا غازي بيگ سائينڏني هندو خان کي ٺٽي جو مک مقرر ڪيو ۽ خسروخان کي قندار گهرايو. امڪاني طور سائينڏنو 1020 هجري (1611ع) ۾ نصرپور پهتو، جتي حالتون سڌاري هو ٺٽي ويو. ان بعد خسرو خان پٽن سميت قندار وڃڻ لاءِ هالا ڪنڊي پهتو، جتي کيس مرزا غازي بيگ جي موت جي خبر ملي. (بلوچ، 2002، ص 203)
    سيوهڻ جي حوالي سان لکيل تفصيلي باب ۾ يوسف ميرڪ دوست ۽ دشمن قبيلن ۽ برادرين متعلق لکندي هو هالا ڪنڊي جي هالا برادري کي شاهي رعيت قرار ڏئي ٿو.
    هن باب ۾ به سميجا انڙن سان مهاڏن جو ذڪر آهي. اهڙي ڪنهن مهاڏي جو احوال ڏيندي هو لکي ٿو ته مير ابوالبقا (يوسف ميرڪ جو ڀاءُ) سميجن جي پٺ وٺي کين هالا ڪنڊي تائين هڪليندو ويو. ٻي مهم ۾ هو سيوهڻ کان سميجن جي پويان لڳو. ٻي ڏينهن منجهند جو هالا ڪنڊي پرڳڻي جي ڳوٺن ۾ پهچي منگواڻن جي مٿان وڃي پيو.
    ”هڪ ڀيري ڪي سوداگر هزار کن اٺن جي وڳ سان ٺٽي کان بکر پئي ويا جڏهن هالا ڪنڊي ۾ آيا ته کين دريا اڪري سيوهڻ ڏانهن وڃڻ ۾ دشواري نظر آئي، ڇاڪاڻ ته درياهه جي پرئين پاسي سميجن جو راڄ هو ۽ اورئين پاسي کين جبل جيڏو پنڌ جهاڳڻو ٿي پيو. لاچار ڪن سميجن کي ساڻ ڪري.... اڃان سميجن جي ديهه ۾ پير پاتائون ته هو سوداگرن سان ڪيل سڀ اقرار پٺي پويان اڇلائي مٿن ڪاهي آيا ۽ ڌاڙو هڻي سندن اٺ ڪڍي ويا. ٻي ڀيري ٺٽي جا سوداگر اوني ۽ ريشمي ڪپڙن جون ٻيڙيون ڀري درياهه مان ٿي آيا، ته ساڳيا سميجا ويچارن سوداگرن جي ڪيترن ماڻهن کي ماري، سڄو سامان ڦري ويا.“ (ميرڪ، 1994، ص 216 ۽ 217)
    ”درياهي رستي جي به اها حالت آهي جو سوداگر سيوهڻ واري گهٽ تائين پهچي ڪي ڏهاڙا اتي ترسي ٿا پون، جتي سڄو محصول سيوهڻ جي جاگيردار ۽ چوڪيدارن کي ڀري ٿا ڏين. اتان چوڪي ساڻ ڪري سن جي تڙ تائين اچن ٿا. جتي وري محصول ڀري، ٻي چوڪي ساڻ ڪري هالا ڪنڊي تائين ٿا پهچن. ايڏي احتياط هوندي به اڪثر ٻيڙيون تاراج ٿين ٿيون ۽ سوداگرن جو قتل ٿي وڃي ٿو.“ (ص 273)
    حالتون سڌارڻ لاءِ يوسف ميرڪ صلاحي ٿو ته ٺٽي مان سپاهي گهرائي هالا ڪنڊي پرڳڻي جي ڳوٺ ابڙيچن ۾ ٿمائجن، هالا ڪنڊي واريون سميجن جون ٻنيون هالا قوم جي حوالي ڪجن.
    ”هالا ڪنڊيءَ وارو ٿاڻو هميشه ٺٽي جي صوبيدار جي واسطيداري سان سميجن جي فساد ٽارڻ لاءِ قائم ٿيندو آيو آهي، اهو ٿاڻو وري ٻه سو سوارن ۽ هڪ سو توبچين سان ساڳئي پرڳڻي جي ابڙيجن واري قلعي ۾ قائم ڪرڻ گهرجي.“ (ص 278)
    ڊاڪٽر سورلي پنهنجي ڪتاب Shah Abdul Latif of Bhit ۾ هينري بارنفورڊ جي حوالي سان لکيو آهي ته انهي صاحب سال 1639ع ۾ آگري کان ٺٽي تائين تجارتي حالتن جي جائزي لاءِ سفر ڪيو. تنهن به سيوهڻ کان هالا پراڻا وچ ۾ رهندڙ سميجن کي، جيڪي ان وقت جي مغل عملدارن سان جهيڙي ۾ هئا، واپارين لاءِ خطرو قرار ڏنو آهي. (ص 42)
    ڊاڪٽر بلوچ ٽالپرن جي آخري حڪمران تي لکيل مضمون ۾ ڇهن سندن جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي، جيڪو فارسي ۾ لکيل هيون. اهي سڀ مير شهداد خان جي حق ۾ جاري ٿيل آهن. ياد رهي ته مير شهداد خان مغل بادشاهه اورنگزيب جي زماني ۾ هالا ڪنڊي پرڳڻي جو هڪ زميندار هو. انهن سندن ۾ ڍلن ۾ ڇوٽ سان گڏ کيس هالا ڪنڊي پرڳڻي جي مختلف تپن ۾ ٻنيون ڏيڻ جا فرمان آهن. (بلوچ، 2002، صفحا 315 کان 322 تائين)

    هالا ڪنڊي جي بربادي جا سبب:
    هالا ڪنڊي ۽ ٽوڙي جي بربادي جو مکيه سبب اهو آهي ته اهي وستيون درياءَ جي ٻوڏ جو شڪار ٿيون آهن.
    ٽوڙي جي ٻڏي وڃڻ جي حوالي سان محترم قاضي غلام محمد قريشي صاحب لکيو آهي ته سال 1010 هجري (1601-02ع) ڌاري دريا خوردي جي ڪري پاڻي مقبرن ۽ مسجد شريف تائين پهچي ويو. ان ڪري سجاده نمبر 2 حضرت مخدوم ميان امين محمد جن جي زير اهتمام نعش مبارڪ منتقل ڪري، بمقام سرنار ڦاٽڪ، ملان سانوڻي ڀرسان اوريون دڪو، جتي ڊيهن آهن، يعني موجوده هالا پراڻا جي اتر اولهه ڪنڊ تي آندا ويا ۽ ان هنڌ جو نالو اسلام آباد رکيو ويو. اهو اسلام آباد اڄوڪو هالا پراڻا آهي.
    (قريشي، 2006، ص 30)
    مٿي اسان تاريخ مظهر شاهجهاني مان ڪجهه ٽڪرا ڏنا آهن. انهن ۾ هالا ڪنڊي جي ڀر واري ڳوٺ ٺٽي جو ذڪر آهي، جيڪو منهنجي خيال ۾ ٽوڙي هوندو. اهو ٽوڙي ڀلي کڻي دريابردي جو شڪار ٿيو هجي پر مٿين احوال مان ظاهر آهي ته مغلن عملدارن ۽ مقامي ماڻهن ۾ جهيڙي جي ڪري به اهو شهر برباد ٿيو، جيئن يوسف ميرڪ لکيو آهي ته اتي ڀنيگ ڏسي هنيان ٿو جهري. تنهن ڪري ان زماني ۾ ئي مخدوم صاحبن جي پهرئين لڏپلاڻ ٿي آهي، ۽ قاضي غلام محمد موجب اهي هالا پراڻا جي ڀر ۾ اسلام آباد ۾ اچي رهيا آهن.
    هالا ڪنڊي ته دريا جي دڳ مٽ جو شڪار ٿيو آهي. سنڌو دريا جي دڳ مٽ جي حوالي سان ايڇ ٽي لئمبرڪ ”سنڌ هڪ عام جائزو“ ۾ لکي ٿو ته ”هونئن ته ميجر ريورٽي اهو ڏيکارڻ لاءِ سڄو سارو نقشو چٽيو آهي ته اتر اولهه هندستان جا وڏا درياهه پوين هڪ هزار ورهين جي مختلف زمانن ۾ ڪٿان ڪٿان وهندا هئا ۽ سندن رخن ۾ ڪهڙا ڪهڙا ڦيرا ڪيئن ۽ ڇو آيا هئا، پر هي عجيب ڳالهه آهي ته هو سنڌو جي سنڌ اندر هڪ تمام نرالي ۽ وڏي دڳ مٽ رهائي ويو آهي، حالانڪه ان جو تاريخي رڪارڊ به موجود آهي. هي دڳ مٽ 1758-59ع ڌاري ٿي هئي، ۽ جنهن هنڌ درياهه پنهنجو پيٽ ڇڏيو هو، سو هنڌ لڳ ڀڳ 25 ڊگريون 40 منٽ ويڪرائي ڦاڪ ۽ 28 ڊگريون 31 منٽ ڊگهائي ڦاڪ اندر، پراڻي هالا کان ٿورو هيٺ ڀرو هو. اتان درياء امالڪ وڪڙ کاڌو هو ۽ اڃا تائين کائي ٿو. ڇڏيل پيٽ ڏکڻ جي ٿورو اوڀر ۾ هلي ٿو. پراڻو پيٽ واري جي وڏن وڏن دڙن جي آڌار تي سولائي سان سڃاڻي سگهجي ٿو، توڻي جو انهن دڙن جي ڪري ترائي ذري گهٽ ميسارجي چڪي آهي، پراڻو پيٽ نصرپور ٽپي حيدرآباد کان اٽڪل پندرهن ميل اوڀر ۾، ويندي شيخ ڀرڪئي تائين سڃاڻڻ ۾ اچي ٿو. پر ان کان هيٺ اهو ايترو چٽو نه آهي. “ (لئمبرڪ، 1982، ص 337)
    ايم ايڇ پنهور پنهنجي ڪتاب Six Thousand Years of Histoy of Irrigation in Sindh ۾ ان حوالي سان لکي ٿو ته ”ڪلهوڙا دؤر ۾ آبپاشي واري زراعت جي گهٽ ۾ گهٽ ايراضي سال 1758ع ۾ 2.1 ملين ايڪڙن تي پهتي، پر ان عرصي ۾ وڏي هائڊرالاجيڪل تبديلي به اچڻ شروع ٿي. ننڍي برفاني جڳ کان پوءِ واري گرم موسم جي ڪري دريائن جي وهڪرن ۾ واڌ آئي، جنهن جي ڪري 1755-56ع ۾ سنڌو درياءَ ۾ تبديلي اچڻ لڳي. درياءَ پنهنجو نئون وهڪرو هالا کان حيدرآباد جي اولهه ۾ ٺاهيو ۽ پراڻو وهڪرو جيڪو هالا کان اڏيرولال، نصرپور، شيخ ڀرڪيو، جوڻ، پراڻي بدين ۽ رهڪي کان ڪوري ڪريڪ ويندو هو، سو ترڪ ڪيو. ان تبديلي جي ڪري 500 کن ڪئنال هالا کان مٿي شروع ٿيا ته وري هيٺ ڏي ايترا بند ٿيا. ٻي پاسي آبپاشي واري ايراضي 2.1 ايڪڙن مان گهٽجي 1.1 ملين ايڪڙ ٿي.
    (پنهور، 2011، ص 211)
    ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي ڪتاب Sindh: Studies Historical جي مقالي بعنوان A Farman of Abu al-Baqa Amirkhan, Emperor Shah Jehan’s governor of Thatta ۾ چاڪر هالا سرڪار جي ايراضي جي گھٽجڻ جو هڪ سبب اهو به ڄاڻايو آهي ته درياه آهستي اولهائي پاسي ڏي وڌي وڌي نيٺ 1172 هجري/ 1758ع ۾ دريا هالا جي ڏکڻ اولهائي واري وهڪري کي ڇڏي هاڻوڪي وهڪري يعني حيدرآباد جي اوڀر پاسي واري کي اختيار ڪيو. (بلوچ، 2002، ص243)
    محترم بدر ابڙي جي لکت موجب ”... هو 1758-59ع جو جاگرافيائي واقعو هو، جڏهن سنڌوءَ پنهنجو وهڪرو ڦيرايو. انهي کان اڳ درياهه، هالا کان نصرپور طرف وهندو هو. ڪلهوڙن کي مغلن، پٺاڻن، ۽ ايرانين به ايترو تنگ نه ڪيو هوندو، جيترو سنڌوءَ ڪيو هوندو. هو پنهنجي دؤر ۾ لڳ ڀڳ هر وقت پنهنجيون گاديون بدلائيندا پئي رهيا. نيٺ هڪ ڏينهن 1758ع ڌاري درياهه پاڻ فيصلو ڪيو ۽ هالا وٽان سر ڏکڻ ڏانهن سفر شروع ڪيائين. ان ئي وقت سنڌوءَ جو وهڪرو گدو بندر وٽان جاري ٿيو ۽ ان جو هڪ ڦاٽ ڦليليءَ جي صورت ۾ حيدرآباد جي اتر کان ڦُٽي هليو.
    ”....اهڙي ريت 1758-59ع ۾ نصرپور وارو پراڻو وهڪرو جيڪو هالا کان شروع ٿي ڏکڻ اوڀر پئي وهيو، سو سڪي ويو. اهو ستر ميل وهڪرو هو، سنڌوءَ آخري وهڪري وٺڻ کان اڳ لڳاتار ڪيئي مسلسل وهڪرا بدلايا هئا.“ (سنائي، 2009، ص 131)
    ان حوالي سان سوز هالائي جو خيال آهي ته تن ڏينهين سنڌو دريا هالا جي اوڀر کان وهندو هو ۽ هالڪنڊي وارو علائقو درياءَ جي پرين پار هو. ۽ پوءِ جڏهن سنڌ جي حڪمران ميان غلام محمد شاهه ڪلهوڙي جي دؤر ۾ سنڌو درياءَ جو رخ ڦيرايو ويو، ته هالڪنڊي جو وڏو حصو درياءَ جي اورئين ڀر اچي ويو، البت خانوٺ ۽ ڀيئن جا ڪجهه حصا پرئين ڀر رهجي ويا.
    (سوز هالائي، 2008، ص 29)
    سوز صاحب هالا جي جاگرافي جي حوالي سان لکيو آهي ته هالا جي پسگردائي ۾ ساڱرو واه وهندو هو، جيڪو شاهپور، نصرپور کان وهي اڳتي ويندو هو. اهو ساڱرو ڦاٽ شهدادپور جي سهڻي ڍوري کان تقريبن باقر جي موري وٽان ڦاٽي اڏيرولعل، شاهپور نصرپور کان اڳتي وهي ويندو هو. ساڱرو کان سواءِ سنڌو درياءَ مان مارک واهه به ڦاٽي نڪتو هو، جيڪو زير پير کان وهي سعيد آباد ۽ هالڪنڊي جو علائقو آباد ڪندو هو ۽ غالبن مارک واهه جي اٿل سبب ئي هالڪنڊي جو لهوارو ۽ هيٺاهون علائقو سيلاب کان متاثر ٿيندو هو ۽ مٿيون علائقو محفوظ رهندو هو. (سوز هالائي، 2008، ص 30)
    هالا ڪنڊي جي دريا حوالي ٿيڻ کان پوءِ اتان جا رهواسي لڏي اچي موجوده هالا پراڻا ۾ ويٺا. ان هالا پراڻا جي ذڪر کان پهرئين مناسب رهندو ته هالا ڪنڊي جي اهم مشاهيرن جو احوال پيش ڪجي.


    باب ٻيو : هالا ڪنڊي جا بزرگ، عالم ۽ اديب

    هالا ڪنڊي شهر يا پرڳڻي جو اوج سورهين صدي عيسوي کان ارڙهين صدي عيسوي جي اڌ تائين رهيو آهي. ان عرصي ۾ هتي ڪيترائي مشاهير پيدا ٿيا، جيڪي سنڌ توڙي ٻاهر مشهور ٿيا. انهن مان ڪن مکيه بزرگن جو احوال هيٺ پيش ڪجي ٿو.

    مخدوم اسحاق ڀٽي:
    هي صاحب ڀٽي بزرگن جي جد امجد مخدوم عبدالله جو پڙ پوٽو هو، جيڪو ڳاهوٽ مان لڏي اچي هالا ڪنڊي ۾ رهيو. اولياءَ سڳورن جي قديم ترين تذڪري حديقة الاولياء (1607ع) ۾ هن جي ٻن پٽن مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد جو ذڪر آهي، پر هن جو پنهنجو علحده ذڪر ڪونهي.
    مير علي شير قانع تحفة الڪرام (1181هجري) ۾ هن جي حوالي سان لکي ٿو ته ”شيخ بهاءُالدين ذڪريا ملتاني جو مريد، فضيلت ۽ ڪماليت ۾ بي نظير ۽ الله تعاليٰ جي وڏن ولين مان هو. سندس ڪرامتون ۽ مناقب ڳاڻيٺي کان ٻاهر آهن. مخدوم احمد ۽ مخدوم سندن پٽ آهن.“
    (قانع، 1989، ص 377)
    پروفيسر محبوب علي چنا پنهنجي ڪتاب ”مخدوم سرور نوح جا سهيوڳي“ ۾ به اها ساڳي ڳالهه ورجائي آهي. ڪتابن ۾ هن جي ڄم توڙي وصال جي ڪابه تاريخ ڏنل نه آهي. پر اندازو آهي ته هو پندرهين صدي عيسوي جي شروع ۾ ڄائو هوندو ۽ ان صدي جي آخر ۾ فوت ٿيو هوندو.

    مخدوم عبد الرشيد هالائي:
    حديقة اولياء ۾ مخدوم احمد جي تذڪري ۾ هن صاحب جو ذڪر مجذوب واري روايت ۾ آهي، باقي وڌيڪ ٻيو احوال نه آهي. مير علي شير قانع تحفة الڪرام ۾ڄاڻايو آهي ته هو هڪ وڏو عالم ۽ متقي هو. وڏي جماعت کائنس علمي خواه عملي ڪمال پرائي، پنهنجي وقت ۾ هدايت واري ٿي. مخدوم احمد توڙي مخدوم محمد سندس نامور شاگرد هئا.
    مولانا دين محمد وفائي موجب مخدوم احمد نه صرف ظاهري علمن جي تحصيل مخدوم عبدالرشيد وٽان ڪئي، پر سلوڪ جون منزلون به وٽس طي ڪيون.
    اڻڇپيل ڪتاب تاريخ قديم هالا ۾ مخدوم رحمت الله ڀٽي (1907-1981ع) کان ٻڌل روايت کي بيان ڪري لکيو ويو آهي ”در حقيقت ۾ اسان جا وڏا بزرگ ڳالهيون ڪندا هوا ته اهو بزرگ سيد آهي. باقي ڪٿان آيو ۽ ڪٿي جو آهي. ان جي خبر نه آهي. مگر سڀني بزرگن ڀٽين ان بزرگ کان فيض حاصل ڪيو. جيئن هالن پراڻن ۾ اهو بزرگ آيو، تيئن اتيئي وفات ڪيائين. سندس تربت کڏي کستوريءَ ۾ چؤديواري کان ٻاهر ٻين بزرگن ڀٽين جي مرقدن مبارڪن سان گڏ ٿلهي تي آهي. سندس ولادت ۽ وفات جي خبر نه معلوم ٿي سگھي آهي.“ (قاضي ۽ مولوي، اڻڇپيل، ص 108)
    هن صاحب جي حوالي سان وڌيڪ ڪو احوال نه ملي سگهيو آهي.

    مخدوم احمد ڀٽي : (وفات 934 هجري 1527ع)
    هي صاحب مخدوم اسحاق ڀٽي جو پٽ هو. حديقة اولياءَ ۾ هن جي حوالي سان ڪافي تفصيلي تذڪرو ڪيو ويو آهي. ان تذڪري مان ڪجهه ٽڪرا هيٺ ڏجن ٿا.
    ”مخدوم احمد هميشه گوشه گمناميءَ ۾ گذاريندو هو. پروردگار جي ذڪر ۾ مشغول رهندو هو ۽ قبوليت جي درجي تي پهتل هو. حال ۽ ڪشف جو صاحب هو. ڪڏهن ڪڏهن ذڪر ۽ سماع جي مجلس ۾ ويندو هو ته مٿس وجد ۽ حال طاري ٿي ويندو هو.
    ”هڪ باشرع عالم سڳورو پري کان مخدوم جي ولايت ۽ ڪرامت ٻڌي زيارت ڪرڻ آيو هو. جڏهن هالا ڪنڊي پهتو ۽ اتي جي ماڻهن کان ٻڌائين ته مخدوم سماع جي طرف گهڻو مائل آهي ۽ پنهنجو وقت وجد ۽ حال ۾ ٿو گذاري. اها ڳالهه ٻڌي ان باشرع عالم جو مخدوم جي زيارت تان روح کڄي ويو.
    ”اتفاق سان هڪ ڏينهن واٽ ويندي اهو باشرع عالم مخدوم کي منهن ۾ پئجي ويو. مخدوم ان باشرع عالم سان تمام خلوص ۽ محبت سان مليو. کائنس حال احوال ورتو ۽ آخر ۾ خنده پيشانيءَ سان عالم سڳوري کي چيو: ”تو جيڪي منهنجي سماع، وجد ۽ حال بابت ٻڌو آهي، اهو سماع نه آهي جيڪو شريعت ۾ منع آهي، پر هي حلقو ماتم ڪده ۽ تعزيت جو حلقو آهي. ڪنهن ڏينهن اچي ڏسي وڃ.“
    ”اهڙي طرح اهو عالم سڳورو هڪ ڏينهن مخدوم جي سماع، وجد ۽ حال واري حلقي ۾ حاضر ٿيو ته سندس طبيعت تي دلپذير سماع جي ڪري اهڙي عجيب وجد جي حالت طاري ٿي وئي، جو هو آه و زاري ڪرڻ، نچڻ ۽ نعرا هڻڻ لڳو. انهي وجد ۽ مستي ۾ سندس نماز جو وقت قضا ٿي ويو. جڏهن سماع جو حلقو ۽ دلي جذبو پورو ٿيو ۽ کانئس ماڻهن پڇيو ته پهريان ته سماع، وجد ۽ حال جي حلقي کان انڪار ٿي ڪيو. هينئر جنهن وقت ان ۾ شريڪ ٿئين ته نماز جو ڌيان به نه رهيو؟“
    ”ان جي جواب ۾ باشرع عالم چوڻ لڳو: اصل ۾ عجيب مستي ۽ ڪيفيت طاري ٿي وئي، جو مون تي عالم بالا جو راهون کلي پيون ۽ مون ڏٺو ته مخدوم جي پيشاني عرش کي ڇهي رهي آهي. هن مشاهدي ۽ حال کان پوءِ منهنجو هوش نه رهيو.
    ”چون ٿا ته ان ڏينهن کان پوءِ اهو عالم سڳورو اهل ڪشف ۽ حال جو صاحب ٿي ويو.
    ”روايت آهي ته مخدوم جي استاد عبدالرشيد، مخدوم کي فرمايو ته پورن ٻارهن مهينن کان پوءِ هڪ اهل درد مجذوب شخص توکي ملندو. ان جي ڏسڻ سان توتي خوف طاري ٿيندو، پر انشاءَ الله تعاليٰ عاقبت خير ٿيندي.
    ”.... هڪ سال کان پوءِ هڪ مجذوب شخص وٽس آيو ۽ کيس چوڻ لڳو ته مون لاءِ پنج مانيون کڻي اچ. مخدوم پنهنجي خادم کي چيو ته مجذوب لاءِ مانين جو بندوبست ڪر. ان ڪري خادم پنج مانيون کڻي آيو. مجذوب ماني کائڻ کان پوءِ تنبيهه ۽ اعتراض طور چيو ته ”مخدوم مون ماني آڻڻ لاءِ توکي چيو هو، پر تو ظاهري طور اسان جي انهيءَ ڪم کان شرم ڪيو ۽ ڪراهت ڪئي ۽ تون پاڻ ويهي رهين ۽ ٻئي کي حڪم ڪيئي ته مانيون کڻي اچ. ان ڪري هتان ڀڄڻو اٿئي ته ڀڄي وڃ، نه ته تنهنجي لاءِ چڱائي نه ٿيندي. مجذوب جي هي ڳالهه ٻڌي مخدوم جي دل دهلجي ويئي ۽ خوف طاري ٿي ويو. هو اٿي عبادت واري جاءِ تي آيو ته اتي به کيس هر طرف کان مجذوب شينهن تي سوار نظر پئي آيو. جنهن تي مٿس ويتر دهشت وڌي ويئي. پوءِ نوبت اتي اچي پهتي، جو تنهائي ۽ ماڻهن ۾، گهر توڙي ٻاهر مطلب ته هر هنڌ کيس مجذوب جي شڪل نظر ٿي آئي ۽ هڪ گهڙي لاءِ به شڪل غائب نه پئي ٿي. جنهن ڪري ويتر غمگين ٿي پيو. مخدوم کان ورد وظيفا ذڪر اذڪار وسري ويا ۽ ڪجهه ڏينهن ائين گذري ويا ته هڪ ڏينهن سندس ڀائيٽو درويش زڪريا جيڪو ڪامل ولي هو، صبح جو سوير وٽس آيو ۽ کيس چوڻ لڳو ته رات مون خواب ۾ رسول الله ﷺجن کي ڏٺو آهي. پاڻ ان مجذوب کي فرمائي رهيا آهن ته مخدوم اسان جي شريعت جو ادب ۽ احترام رکي ٿو، تو وري ان سان دشمني لائي ڏني آهي. هينئر وڃ ۽ ان سان صلح صفائي ڪر.“ ان کان پوءِ پاڻ ۾ صلح صفائي ڪيائون.
    ”مخدوم آخري عمر واري وقت ۾ نيرون ڪوٽ آيو، جتي سماع جي مجلس دوران ذڪر ۽ وجد ۾ مشغول رهيو. اتفاق سان انهيءَ موقعي تي ذاڪر (پروفيسر محبوب علي چنا موجب سوناري نينگر) اهڙي ته سوز و گذاز سان سنڌي بيت ڳايو، جو ان جي ٻڌڻ سان مٿس اهڙو اثر ۽ حالت ٿي، جو روح هن جي خاڪي پڃري مان پرواز ڪري ويو. سندس جنازوهالا ڪنڊي کڻي آيا، جتي کين دفن ڪيو ويو. جڏهن سندس جنازو کڻي پئي آيا ته هن جي جنازي مان جهري ذڪر جو آواز پئي آيو، جڏهن جنازو هيٺ رکيائون ته ذڪر بند ٿي ويو.“ (ٺٽوي نصرپوري، 2007، ص 123 کان 128 تائين)
    مٿين روايت ۾ جنهن بيت جو ذڪر آهي، سو ڊاڪٽر دائود پوٽي توڙي ڊاڪٽر بلوچ هيٺين نموني ڄاڻايو آهي:
    سڏ سڻي پرينءَ جو، وانگي جي نه ورن،
    ڪوڙيون دعويٰ دوست جي، ڪڄاڙي کي ڪن.
    پروفيسر محبوب علي چنا، ميين عيسيٰ جي پڙهڻي به ڏني آهي، سا اها آهي:
    سڏ سڃاڻي پريءَ جو، واڪي جي نه ورن،
    ڪوڙي دعويٰ دوس سين سي ڪڄاڙي کي ڪن،
    طلب نه سچي تن، هنهم سڏ سڌائيون.
    ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو ته ”مخدوم احمد جو اولاد جهجهو ٿيو ۽ موجود آهي. مخدوم محمد جي اولاد مان هن وقت (1966ع) فقط هڪ شخص مخدوم محمد هاشم (ان وقت ان جي عمر 67 سال) اولاد بچيو آهي. مخدوم صدرالدين جو اولاد ختم ٿي چڪو آهي.“ (بلوچ، 2008، ص 49)
    پر مخدوم محمد صالح ڀٽي پاران ترتيب ڏنل شجري (جيڪو ان جي پوٽي مخدوم آفتاب احمد وٽ پيل آهي ۽ مون ڏٺو آهي) موجب مخدوم صدرالدين جي اولاد جو سلسلو هلندڙ آهي، ۽ خليفا ڀٽي ان صاحب جو اولاد آهن.
    مولانا دين محمد وفائي صاحب هن جي وفات جو سال هڪ پاسي 936 هجري ڄاڻايو آهي، ته ٻئي پاسي مخدوم محمد صالح ڀٽيءَ پاران موڪليل قطعه تاريخ به ڏنو آهي، اُن مان سنه وفات 934 هه نڪري ٿو. مخدوم صالح جي مذڪوره شجري ۾ به سندس وصال جي تاريخ .... دوشنبه جمادي الآخر 934هجري لکيل آهي. حديقة الاوليا موجب اها سال 934 هجري 1527ع ۾ ٿي.

    مخدوم محمد ڀٽي:
    هي بزرگ به مخدوم اسحاق ڀٽي جو فرزند هو. حديقة اولياءَ ۾ هن جو احوال سندس وڏي ڀاءُ مخدوم احمد ڀٽي سان گڏ ڏنو ويو آهي. ان احوال موجب ”هن صاحب ظاهري علم جي تحصيل ڪماليت جي درجي تي پهچائي، باطن جي صفائيءَ ۾ ڏاڍي ڪوشش ڪئي هئائين. فيض جو سرچشمو، ڪشف ۽ ولايت جوصاحب هو.
    ”اڪثر وقت خلوت ۽ مراقبي جي حالت ۾ عالم ملڪوت جوسير ڪندو هو ۽ هو ولايت جي مٿاهين منزل کي به تصوف جي ادنيٰ منزل سمجهندو هو. اڪثر الله تعالي جي مخلوق جي مشڪل حل ڪرائڻ ۽ انهن جي اهم معاملات ۾ آساني پيدا ڪرڻ لاءِ حاڪمن وٽ وڃي، انهن ماڻهن جو حاجتون پوريون ڪندو هو.
    ”روايت آهي ته هو ڪنهن ڪم سانگي ننگر ٺٽي ويو. ان وقت ڄام نندي (نظام الدين سمون وفات 914 هجري/ 1507ع) جي حڪومت هئي. مخدوم محمد جي اچڻ جو ٻڌي ڄام کيس چيو ته تنهنجي ڀاءُ مخدوم احمد جي ڏاڍي تعريف ٻڌي اٿم ۽ ان جي زيارت جو گهڻو شوق اٿم، تنهن ڪري جيسين اهو نه ايندو، تيسين تون هتي مون وٽ رهي پئو. ان تي مخدوم محمد چيو ته اي ڄام! مخدوم احمد کي نه مون سان غرض آهي ۽ نه تنهنجي پرواهه اٿس. ظاهري طرح هي گفتگو هوا ذريعي مخدوم احمد کي هالا ۾ وڃي پهتي ۽ مخدوم بنا دير ڪرامت طور انهيءَ دم اچي ڄام جي مجلس ۾ وارد ٿيو. ڄام سندس زيارت ڪري ڏاڍي محبت ۽ عقيدت مندانه خدمت ڪئي ۽ دعا لاءِ عرض ڪيو ان تي مخدوم احمد رڳو انشاءَ الله تعاليٰ (جيڪڏهن الله گهريو) چيو.
    ”اهو ٻڌي ڄام چيو ته هيسيتائين گهڻن ماڻهن کي دعا لاءِ چيو اٿم. انهن دعا جي مقبوليت لاءِ ڳالهيون ته گهڻيون ڪيون، پر مخدوم احمد انشاء الله تعاليٰ کان سواءِ هڪ لفظ به زبان تي نه آندو. ان ڪري يقين آهي ته مقصد ۽ ڪم پورا ٿيندا. مخدوم احمد ڄام نندي کان موڪلائي پنهنجي ڀاءُ مخدوم محمد کي چيو ته اچ ته جئين آيو آهيان، تيئن زمين کي سوڙهو ڪري هلي پنهنجي هالن واري مسجد ۾ ٽپهري نماز جماعت سان پڙهون.“
    ”مخدوم محمد وراڻيو ته توهان مرضي جا مالڪ آهيو. باقي آئون ته پنڌ ۽ محنت جي تڪليف جو ثواب هٿان ڪونه ڇڏيندس.“
    (ٺٽوي نصرپوري، 2007، ص 123، 127، 128)
    ڪتاب تحفة الطاهرين ۾ امام سڳورن جي ظهورگاه جو احوال ڏيندي اهو لکيو ويو آهي ته مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد ڄام نندي جي دؤر ۾ ٺٽي ۾ آيا. جنهن وقت جلوه گاه امامين وٽ پهتا ته پير اگهاڙا ڪري تمام ادب ۽ احترام سان نفل پڙهيائون ۽ مناجات ڪيائون. جڏهن خادم ان احترام جو سبب پڇيو ته وراڻيائون ته هي جاءِ آهي، جنهن جو رتبو عرش کان به مٿي آهي. هي جاءِ امامن سڳورن جو جلوه گاه آهي. پر اهو سڀ ڪجهه اهل دل وارن لاءِ نور بصيرت آهي.“ (شيخ، 1990، ص 71 ۽ 72)
    هن صاحب جي ولادت توڙي وفات جي تاريخ نٿي ملي.

    مخدوم عربي ڌياڻو : (وفات 980هجري بمطابق 1572ع)
    مخدوم عربي ڌياڻي جو تفصيلي احوال تاريخي ۽ سوانحي ڪتابن ۾ گهٽ ٿو ملي. صوفين ۽ ٻين بزرگن جي سوانح ۽ تذڪري تي مبني قديم ترين ڪتاب حديقة الاولياء ۾ به هن صاحب جو مختصر ذڪر آهي. پر ان ۾ سندس ڄم جي تاريخ يا خاندان جو احوال نه آهي.
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پنجين (2012ع) ۾ لکيو ويو آهي مخدوم عربي ٽلٽي جي قدريم درسگاهه ۾ مخدوم بلاول وٽ پڙهيو آهي. (ص 92)
    هي صاحب پنهنجي وقت جو مشهور عالم ۽ قرآن جو حافظ هو ۽ مدرسو هلائيندو هو. سندس درسگاه سنڌ جي قديم ۽ مشهور درسگاهن مان هڪ هئي. جڏهن مخدوم نوح ستن ورهين جا ٿيا ته کين مخدوم عربي ڌياڻي جي مدرسي ۾ قرآن شريف ۽ ٻيو علم حاصل ڪرڻ لاءِ ويهاريو ويو.
    مخدوم جميل الزمان صاحب، تحفة الڪرام جي حوالي سان پنهنجي ڪتاب مخدومانِ هالا ۾ مخدوم نوح جي طالب علمي واري دؤر جو هيٺيون واقعو لکيو آهي:
    ”مخدوم نوح ارڙهن سالن جي عمر ۾ هڪ ڏينهن مخدوم عربيءَ سان گڏ خانقاهه ۾ مراقبي ۾ مشغول هو. مخدوم عربي قرآن شريف جي تلاوت ڪري رهيو هو، جو اٺاويهين سيپاري تي پهتو هو ته هن کي عالم بالا جو شوق دامنگير ٿيو، سو ڇا ڪيائين جو مخدوم عربي جي قرآن شريف ٻڌڻ جي ادب جو خيال رکي، ظاهري جسم اتي ڇڏي پاڻ آسمان جي سير تي هليو ويو ۽ مخدوم عربيءَ اڃان قرآن شريف پورو نه ڪيو ته هو موٽي آيو.
    (مخدوم جميل، 2001، ص 53)
    حديقة اولياءِ ۾ لکيل آهي ته مخدوم عربي هميشه ذڪر ۽ عبادت ۾ مشغول رهندو هو. خاص ڪري قرآن مجيد سان ته عشق هوس. پاڻ هڪ هنڌ قرآن مجيد جا هڪ سو چاليهه ختما پورا ڪيائين. سندس آواز ايڏو مٺو هوندو هو، جو جڏهن پاڻ تلاوت ڪندو هو ته پکي اڏامڻ بند ڪري ڇڏيندا هئا ۽ پاڻي وهڻ کان بيهي ويندو هو.
    ”مخدوم صاحب هڪ ڏينهن پنهنجي عبادتگاهه ۾ ويٺو هو ته اوچتو سندس هٿ سمنڊ جي گجي ۾ ڀرجي ويو ۽ انهيءَ مان پاڻي جا ڪجهه ڦڙا هيٺ ٽميا. هڪ حال محرم خادم نهايت عاجزي سان هن راز جي حقيقت پڇي. پهريائين ته مخدوم انڪار ڪيو، پر جيئن ته خادم رازدان هو، گھڻي عاجزي ٿي ڪئي، ان ڪري کيس ٻڌايائين ته ”منهنجو پٽ بايزيد، حجاز جي سرزمين ۾ منهنجي معتقدن جي هڪ ٽولي سان گڏ ٻيڙي ۾ سمنڊ جي سفر ۾ آهي. اوچتو ٻيڙي کي طوفان اچي وڪوڙيو. ٻيڙي ٻڏڻ تي هئي. ماڻهن وٺي دانهون ڪيون ۽ مون کي سڏيائون ۽ منهنجي پٽ بايزيد کي سفارشي بنائي، باس باسيائون. تنهن ڪري هٿ هڻي ٻيڙي کي طوفان مان ڪڍي ڪناري تي پهچايم.
    ”چون ٿا ته ڳچ وقت کان پوءِ اهي ماڻهو باس کڻي اچي سندس خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ احوال عرض ڪيائون ته جڏهن ٻيڙي مان آسرو پليو سون، تڏهن هڪڙي غيبي هٿ اسان جي ٻيڙي کي اچي اڪاريو.“
    (ٺٽوي/ نصرپوري، 2007، ص 139 ۽ 140)
    شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي ملفوظات بعنوان بيان العارفين اندر مخدوم عربي جي حوالي سان ٻه روايتون آهن، تن کي پيش ڪجي ٿو:
    ”... هڪ رات ( مخدوم عربي) پنهنجي جاءِ ۾ ويٺو هو ته اوچتو ڇت تان پاڻي وهي اچي سندس چادر تي ڪريو. دل جو وهم دؤر ڪرڻ لاءِ فوري طور چادر لاهي خادم کي ڏنائين ته جيئن درياءَ تي وڃي ڌوئي اچي. خادم ڏاڍو پريشان ٿيو ته اڌ رات جو ڪيڏانهن ويندس. بهرحال پير جو حڪم مڃڻ لاءِ اٿي کڙو ٿيو ۽ چادر کڻي درياءَ طرف روانو ٿيو. اڃا شهر ڇڏي ٻاهر ٿيو ته ڏسي ته منجهند جو وقت ۽ سخت گرمي آهي ۽ ڪافي ماڻهو اچي وڃي رهيا آهن. دل ۾ عجب کائيندو اچي درياءَ تي پهتو ۽ چادر ڌوئي واپس ورڻ لڳو. وري جڏهن پير جي خدمت ۾ پهتو، ڏسي ته اتي ساڳي رات آهي، هر طرف اونداهي آهي ۽ ڪٿي به روشني جو نالو نشان ڪونهي. مخدوم ڌوتل چادر ڏسي خوش ٿيو ۽ خادم کي چوڻ لڳو ته مون کان جيڪي گهرڻو هجئي، سو گهر! هن جواب ڏنو ته توهان جيڪي ڏيندا، سو قبول آهي. مخدوم چيس ته پوءِ ڇنڇر جي رات سمهڻي جي نماز کان پوءِ صلواة غنا پڙهندو ڪر. جنهن جي هر رڪعت ۾ فاتح ۽ آية الڪرسي ءَ کان پوءِ اٺ دفعا انا اعطينا ۽ يارهن ڀيرا سورة اخلاص پڙهج. مون تي خدا تعاليٰ جيڪو پنهنجو ڪرم ڪيو آهي، انهي نفل کان وڌيڪ مون ڪا شيءِ نه ڏٺي.“
    (سومرو، 2007ع، ص290)
    ”مخدوم عربي کان هڪ ڏينهن صلواة حاجات جي ترتيب پڇيائون. هن جواب ڏنو ته مون پيغمبر عليھ الصلواة والسلام کان ٻڌو آهي ته چار رڪعتون نماز حاجات جون آهن. پهرئين رڪعت ۾ فاتح سان گڏ آيت الڪرسي هڪ ڀيرو ۽ سورة ڪافرون هڪ ڀيرو پڙهجي. ٻي رڪعت ۾ هڪ ڀيرو آيت الڪرسي ۽ هڪ ڀيرو اخلاص پڙهجي. ٽين رڪعت ۾ آيت الڪرسي ۽ قل اعوذ برب الفلق هڪ ڀيرو پڙهجي. چوٿين رڪعت ۾ فاتحه، آيت الڪرسي کان پوءِ قل اعوذ برب الناس هڪ ڀيرو پڙهجي.“
    (سومرو، 2007ع، ص 293)
    هن صاحب جي وفات جي تاريخ 980 هجري بمطابق 1572ع لکي ويئي آهي. هالا پراڻا ۾ هن جو مدفون شاهه ديواني جي قبرستان ۾ آهي.

    پير آسات :
    هيءُ مخدوم عربي جو ڀاءُ هو، جيڪو اندازو آهي ته هالا ڪنڊي ۾ ڄائو هو، پر پوءِ هو لڏي وڃي ٺٽي ۾ ويٺو.
    سيد محمد مهدي جونپوري (1438-1505ع) سنڌ ۾ پنڌرهين صدي عيسوي جي آخري سالن ۾ آيو هو، ۽ قاضي قادن، پير آسات، دريا خان جھڙا اهم ماڻهو سندس مريد ٿيا، پر ٻئي پاسي مخدوم بلاول، سيد حيدر شاهه سنائي سندس مخالف ٿيا، جنهنجي ڪري هن کي هتان واپس وڃڻ تي مجبور ڪيو ويو.
    پير آسات جي حوالي سان پير حسام الدين راشدي صاحب پنهنجي ڪتاب مڪلي نامو جي هڪ حاشيي بعنوان قاضي الحاجات رفيع الدرجات بر آرنده مدارات حضرت پير آسات ۾ ڄاڻايو آهي ته پير آسات باڪمال بزرگي ۽ صاحب ڪرامات ولي بيان ڪيو ويو آهي.
    ”پير آسات جي مزار، عبدالله شاهه ”صحابي“ جي چوديواريءَ ٻاهران، اولهائين طرف رستي جي رند تي ڊٺل ۽ ڦٽل چوڪنڊيءَ ۾ آهي. مڪلي نامي ۾ سندس مزار جي ڀر ۾ جنهن چشمي جو ذڪر (ص 27) ڪيو ويو آهي، غالبن اهو چشمو اهو آهي، جيڪو عبدالله شاهه جي صحن ۾ پهاڙيءَ منجهان اندران اٻڙڪي نڪري ٿو ۽ مٿانس بيان ڪيل وڻ به موجود آهي.“
    (راشدي، 2010، ص 193، 194)
    سندس اولاد جي حوالي سان تحفةالڪرام ۾ لکيل آهي ته ”سندس اولاد مان محمد حسين نالي هڪ حال جو صاحب فقير ٿي گذريو آهي. هن جا پٽ احمد ۽ محمد ٺٽي ۾ هوندا هئا. انهن مان احمد جھان آباد ۾ شاهه غلام محمد صوفيءَ جي خدمت ۾ گذاريندو هو ۽ فقيرن جو لنگر سندس هٿ ۾ هوندو هو. چڱيءَ حالت سان موصوف رهي زندگي گذاريائين.
    (قانع، 1989، ص 613)
    تحفة الطاهرين ۾ هن جي احوال ۾ هڪ روايت اها لکيل آهي ته هي سومهڻي نماز کان پوءِ مراقبي ۾ ويهندو هو. جڏهن باک ڦٽندي هئي ته مراقبي مان منهن مٿي ڪندو هو. ان وقت جنهن تي به نظر پوندي هيس، اهو ولايت جو صاحب ٿي پوندو هو. (شيخ، 1990، ص 56)

    مخدوم مولانا ابوبڪر بن دائود بريد هالائي:
    هن صاحب جو انتهائي مختصر ذڪر مير علي شير قانع هنن لفظن ۾ ڪيو آهي ته ”بلند مقامن ۽ احوالن جو صاحب هو. مخدوم نوح وٽانئس فيض پرايو هو.“ ان جو مقصد ته هي صاحب مخدوم نوح جو استاد هو.
    ٻين تذڪرن يا ڪتابن ۾ هن جو احوال نٿو ملي.

    مخدوم لطف الله سرور نوح : (1590ع – 1506ع)
    هالا ڪنڊي يا ان جي ڀر واري ڳوٺ يا پاڙي ٽوڙي ۾ جمعي جي ڏينهن 27 رمضان، 911 هجري بمطابق 21 فيبروي 1506ع تي مخدوم نعمت الله قريشي و صديقي جي گهر ۾ هڪ اعليٰ شخص پيدا ٿيو، جنهن کي اسان مخدوم سرور نوح طور ڄاڻون ٿا. سندن نالو ’مخدوم لطف الله‘ رکيو ويو.
    مخدوم صاحب کي ڏهين صدي هجري جو مجتهد ۽ قطب سمجهيو وڃي ٿو. ان حوالي سان روايتن ۾ آهي ته پاڻ جڏهن ستن ڏينهن جا مس ٿيا ته ٻانگ ٻڌڻ کان پوءِ، دليل الذاڪرين موجب، صاف زبان سان ڪلمو شهادت پڙهيائون، مير علي شير قانع موجب ڪلمه طيب پڙهيائون ۽ حديقة اولياءَ جي مؤلف سيد عبدالقادر نصرپوري موجب پاڻ چٽي زبان سان هي لفظ چيائون: نعم لااله الالله ولا نعبد الا اياه مخلصين لھ الدين. (هائو هڪ الله کانسواءِ ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي ۽ اسان خاص تنهنجي عبادت ڪريون ٿا).
    جڏهن پاڻ ستن اٺن ورهين جا ٿيا ته کين هالاڪنڊي جي مخدوم عربي ڌياڻي جي مدرسي ۾ قرآن پاڪ ۽ ٻين اسلامي علم جي سکيا لاءِ داخل ڪيو ويو. جتي ڪافي سالن تائين پاڻ قرآن حڪيم، علم حديث وغيره پڙهندا رهيا.
    مولانا دين محمد وفائي قلمي نسخي دليل الذاڪرين جي حوالي سان لکي ٿو ته پاڻ جڏهن چوڏهن سالن جي ڄمار ۾ مخدوم عربي ديانه جي مدرسي ۾ قرآن شريف پڙهڻ واري زماني ۾، هڪ ڏينهن نديءَ تي غسل ڪري ڦرهي ميساري رهيا هئا، ته اوچتو ڪشف واري حالت ۾ حضرت سيدنا محمد مصطفيٰ ﷺ۽ سيدنا حضرت علي رضه جي زيارت جو شرف حاصل ٿين ۽ انهيءَ ڦرهي تي حضورﷺجن ڪجھه سٽون لکي ڏنس ۽ سبق ڏنائونس، جنهن کان پوءِ سمورا علوم مٿس کلي پيا ۽ انهيءَ ڏينهن لا اله الا الله جي ذڪر جي تلقين ڏيڻ جي اجازت به ملين. انهيءَ ڏينهن حضرت سيدنا ابوبڪر صديق ظاهر فرمايو ته هي منهنجي اولاد مان آهي. ساڳيءَ طرح پيغمبر خدا ﷺبه فرمايو ته اسان جي اولاد مان به آهي.
    (وفائي، 1985ع، ڀاڱو ٻيو، ص21)
    حديقة اولياءِ ۾ اها روايت ٿوري ٻي نموني سان لکي آهي ته پاڻ فرمائيندا هئا ته چوڏهن سالن جي عمر ۾ مون کي مشرق و مغرب جي امام امير المومنين علي بن ابي طالب کان فيض ۽ ذڪر جي تلقين ملي.
    (ٺٽوي/ نصرپوري، 2007، ص 142)
    مولانا اعجاز الحق قدوسي ان سلسلي ۾ لکيو آهي ته کانئن ٺٽي ۾ سيد علي شيرازي جي پٽ سيد جلال شيرازي جڏهن پڇيو ته ٻڌو اٿئون ته اوهان کي فيض حضرت علي سائين جن کان مليو آهي ته پاڻ جواب ۾ چيائون ته هائو انهي درگاهه جي فيض کان سواءِ ڪو ولايت نه ٿو ماڻي، پر مون 14 چوڏهن سالن جي عمر ۾ قرآن حڪيم مخدوم عربي ڌياڻي کان پڙهيو هو.
    (قدوسي، 2006، ص 290)
    مخدوم صاحب سهروردي سلسلي جا اويسي بزرگ هئا. ياد رهي ته اويسي بزرگ ڪنهن ٻئي بزرگ جا مريد نه هوندا آهن، ۽ کين ولايت جو درجو سڌو سنئون يا ته الله پاڪ پاڻ ڏيندو آهي، يا کين رسول اڪرم ﷺ جن يا ان جي اصحابي سڳورن جي معرفت حاصل ٿيندو آهي.
    مخدوم سرور نوح برصغير جا پهريان عالم هئا، جن قرآن حڪيم جو فارسي ۾ ترجمو ڪيو. علامه غلام مصطفيٰ قاسمي انهيءَ قرآن حڪيم جي ترجمي جي مهاڳ ۾ هن ترجمي جون خوبيون بيان ڪندي لکيو آهي ته مخدوم صاحب آسان فارسي استعمال ڪئي ۽ اڪثر جاين تي حرف جر جي تعلق مطابق بسم الله جو ترجمو جدا جدا بيان ڪيو آهي ۽ اها جدت فارسي ترجمي ۾ نه ڏٺي ويئي آهي. (مخدوم نوح، 2011، ص 17)
    قاضي غلام محمد قريشي پنهنجي ڪتاب تاريخ درگاه شريف هالا ۾ بسم الله جي مختلف ترجمن جا مثال ڏنا آهن. تن موجب سورت فاتحه جي بسم الله جو ترجمو ”ابتدا مي کنم بنام خدائي سزائي پرستش روزي دهنده رحمت کننده آهي. (شروع ٿو ڪريان الله جي نالي سان، جو عبادت جي لائق، روزي ڏيندڙ، ۽ رحمت ڪندڙ آهي). سورت بقره جي بسم الله جو ترجمو بنام خدائي رحمت کننده عام در دنيا بروزي و رحمت کننده خاص در عقبي مغفرت ور فيروزي.“ (الله جي نالي سان جيڪو دنيا ۾ رحمت ڪندڙ آهي هرهڪ تي، روزي ڏيڻ سان ۽ خاص رحمت ڪندڙ آهي آخرت ۾ بخشڻ ۽ ڪامياب ڪرڻ سان.) (قريشي، 2006، ص 12)
    ان کان علاوه مخدوم صاحب هڪ پاسي 29 سورتن ۾ ايندڙ حروف مقطعات جي تشريح ڪئي ته ٻئي پاسي مختلف آيات متشابهات جو ترجمو ۽ تشريح ڪئي آهي. قاضي غلام محمد قريشي ان حوالي سان جيڪي مثال ڏنا آهن، تن موجب سورت بقره جي الم جو ترجمو منم خدائي کي مي دانم (آئون اهو الله آهيان جو ڄاڻان ٿو.) ۽ آل عمران جي الم جو ترجمو (منم خدائي سزاوار پرستش که مي دانم. (آئون اهو الله جيڪو عبادت جي لائق آهيان ۽ ڄاڻان ٿو.) (قريشي، 2006، ص 12)
    ڪتاب ”گلزار ابرار“ ۾ سندس قرآن داني جو ذڪر ڪندي لکيو ويو آهي ته ”.... قرآن پاڪ جو تفسير پاڻ ڪيترن ئي طريقن سان بيان ڪندا هئا. سنڌ جا ۽ گهڻو ڪري ٺٽي جا عالم امتحان لاءِ اچي هر هڪ فن جا مشڪلات سندن سامهون پيش ڪندا هئا. پاڻ فورن هڪ روشن جواب سان خدشات کي ختم ڪري ڇڏيندا هئا ۽ معترضن کي معتقد بنائي ڇڏيندا هئا.“ (مانڊوي، 2009، ص 451)
    مولانا اعجاز الحق قدوسي مخدوم نوح جي تذڪري ۾ هڪڙي روايت لکي آهي، جنهن موجب جڏهن وقت جي بادشاهه کين نصحيت لاءِ چيو ته پاڻ فرمايائون ته بغير سياست جي، ملڪ فسادين، دشمنن ۽ ڌاڙيلن کان محفوظ نٿو رهي، وري سياست ۽ انتظام، لشڪر ۽ فوج جي خوشنودي سان بهتر ٿيندو آهي. لشڪر وري خراني سان جمع ٿيندو آهي ۽ خزانو رعيت کان بغير حاصل نه ٿيندو آهي. رعيت جي آبادي ۽ خزاني جي گهڻائي وري عدل ۽ انصاف تي مبني آهي. وڌيڪ فرمايائون ته هڪ بادشاهه کي هڪ بزرگ نصيحت ڪئي ته مملڪت جي حفاظت لاءِ ٽي قلعا ضروري آهن ته جيئن اها دشمنن ۽ مخالفن کان محفوظ رهي. پهريون قلعو مٽي آهي، جيڪو رعيت آهي، ان قلعي کي عدل ۽ انصاف جي گاري سان ائين مظبوط ڪريو، جو ڪنهن ظلم جي ڪري ان ۾ رخنو نه پوي. ٻيو قلعو لوهه جو آهي، جيڪو لشڪر آهي، جنهن جي تعمير انعام ۽ بخشش سان ٿيندي آهي. اهي ماڻهن ۽ ملڪ کي فتني ۽ فساد کان محفوظ ڪندا آهن. ٽيون قلعو فولاد جو آهي، جيڪي اهل الله آهن. بادشاهه کي گهرجي ته بيت المال ۾ انهن جو جيڪو حصو آهي، اهو انهن کي ڏي، ته جيئن انهن کي فراغت حاصل ٿئي ته هو مدرسن ۾ سڪون سان درس و تدريس ۾ مشغول رهن ۽ سلطنت جي بقا لاءِ دعا ڪندا رهن. بادشاهه جو فرض آهي ته هميشه انهن کي معزز ۽ مڪرم رکي، ان جي معاشي ضرورتن جو پورائو ڪرڻ پاڻ تي لازم ڪري، پاڻ کي انهن جي دعائن جو محتاج سمجهي. حقيقت ۾ ملڪ جو نظم و نسق انهن اهل دل جي هٿن ۾ هوندو آهي.“ (قدوسي، 2006، ص 296)
    وفائي صاحب موجب ”وقت جي حاڪمن مان مرزا محمد باقي مشهور ظالم سندن خدمت ۾ ٻه دفعا ٺٽي ۾ حاضر ٿيو ۽ مرزا جاني به سندن زماني ۾ گاديءَ تي ويٺو. مرزا باقي جو وڏو فرزند مرزا پاينده طبع جو ديوانو هو جنهن ڪري هو گادي تي نه وهاريو ويو هو، پر سندس پٽ مرزا جاني گاديءَ تي ويٺو.
    ”دليل الذاڪرين ۾ نقل آهي ته مرزا پاينده خان کي حضرت مخدوم صاحب جي خدمت ۾ دعا لاءِ آندو ويو ته کيس بيماريءَ کان شفا نصيب ٿئي، مگر پاڻ ڪو توجه ڪونه ڏنائون، ڇاڪاڻ جو انهيءَ شخص مخدوم لعل شهباز جي گنبذ ۾ هڪ دفعي هڪ عورت سان هٿ چراند ڪئي هئي، جنهن ڪري هن جي ديوانگي هميشه لاءِ قائم رهندي آئي.
    ”سنڌ جي بادشاهه مرزا محمد باقي تي مغل بادشاهه اڪبر، ڏاڍو ڏمريل هو، سو مرزا جي گرفتار ڪرائڻ لاءِ لشڪر چاڙهي سنڌ تي موڪليائين. اڪبري فوج سنڌ ۾ قتل ۽ غارت ڪندي، اڳتي وڌي رهي هئي. ماڻهو حضرت مخدوم صاحب وٽ فريادي آيا، پاڻ فرمايائون ته الله تعاليٰ عاقبت بخير ڪندو. آخر اها فوج هالن جي ويجهي اچي پهتي، جنهن ڪري شهر ۾ ڏاڍو ڏهڪاءُ ۽ شور پيدا ٿيو. حضرت مخدوم صاحب جي خدمت ۾ سمورو احوال اچي پيش ڪيائون. پاڻ ٿوري مٽيءَ چپٽي گهرائي پنهنجي تريءَ تي رکي، دعا پڙهي فوج ڏانهن دم ڪيائون، جنهن ڪري اها فوج انهيءَ وقت اتان پوئتي هٽجڻ لڳي ۽ اهڙي ڀاڄڙ پين، جو وڃي هندستان ۾ دم کنيائون.
    ”بادشاهه لشڪر جي ڀاڄ جو سبب معلوم ڪرڻ گهريو ته هنن چيو ته هالن لڳ طوفان ۽ دهشت طاري ٿي، جنهنڪري جانيون بچائي اچي گھران نڪتا آهيون. ڪنهن درويش، شاهي درٻار ۾ عرض ڪيو ته اهو ڪنهن وليءَ جي ڪرامت جو ڪرشمو آهي، باقي ٻيو ڪو به سبب معلوم نه ٿو ٿئي.
    ”ان کان پوءِ اڪبر باد شاهه دوباره فوج عبدالرحيم خان خانان جي سرڪردگي هيٺ موڪلي ۽ مخدوم صاحب جي خدمت ۾ حاضري جو به حڪم ڪيو، مگر عبدالرحيم خان خانان جي هالن ۾ پهچڻ کان اڳ ۾ مخدوم صاحب وفات ڪري ويو ۽ سندس فرزند مخدوم امين محمد جي خدمت ۾ نياز حاصل ڪيائين ۽ شاهي سوکڙيون به پيش ڪيائين. ان کان پوءِ ٺٽي تي ڪاهي ويو. ان وچ ۾ مرزا محمد باقي مري چڪو هو ۽ سندس فرزند مرزا جاني گادي تي هو، جنهن کان پوءِ اڪبر سنڌ فتح ڪري ورتي.“ (وفائي، 1985، ڀاڱو ٻيو، ص 3 کان5)
    هتي ڪتاب تاريخ طاهري جي حواشي ۽ تعليقات ۾ ذخيرة الخوانين جي حوالي سان ڏنل قصي کي ڏيڻ مناسب رهندو، جيڪو مون کي ته ڪوڙو ٿو لڳي، پر تاريخي اهميت سبب اهو هت درج ڪجي ٿو.
    ”ذخيرة الخوانين صفحو 179-180 ۾ بيان ٿيل آهي ته جڏهن عبدالرحيم خان خانان درٻيلي پهتو ته مير معصوم بکري کيس مخدوم قاضي محمد عثمان وٽ وٺي ويو، جيڪو پنهنجي دؤر جو اعلم العلماءَ ۽ اڪمل اولياءُ هو. خان خانان عاجزي ۽ عقيدت سان پنهنجو مٿو مخدوم جي پيرن تي رکي ڪا گهڙي پيو رهيو. مخدوم عثمان هن جي عاجزي ۽ عقيدت ڏسي مٿس راضي ٿيو. ان رات خان خانان کي هي واقعو ڏيکاريائين ته رسول ڪريم ﷺ پنهنجي مسند تي تشريف فرما آهن، ۽ هزارين ماڻهو سندس حضور ۾ بيٺا آهن. سنڌ جا بزرگ ان وقت جيئرا هئا، جن عرش کان فرش تائين نظارا پئي ڪيا، جهڙوڪ مخدوم نوح هالائي، ميان ونهيون ۽ شيخ ڀرڪيو ڪاتيار جن مرزا جاني بيگ کي آڻي، رسول جي دربار ۾ پيش ڪيو ۽ وٽس عرضدار ٿيا ته اي نبي سڳورا ﷺ! سنڌ وارا مرزا جاني بيگ جي وجود ۽ جود (سخاوت) سان قائم آهن. هن خان خانان اتي چڙهائي ڪئي آهي، اوهان هن مرد (مرزا جاني بيگ) جي مدد ڪريو ته جيئن خان خانان مغلوب ٿي واپس هليو وڃي.
    ”مخدوم عثمان جيڪو پڻ اتي موجود هو، تنهن خان خانان جو هٿ وٺي کيس رسولﷺ جي اڳيان آڻي التجا ڪئي ته: اي ڀلارا نبي! هي شخص به سچي اعتقاد سان منهنجي مسجد ۾ اچي مون کي آزيون نيزاريون ڪري چڪو آهي. اوهان منهنجي اڇي ڏاڙهي کي ڏسي هن ڏانهن توجهه فرمايو، ته جيئن هيءُ (خان خانان) مرزا جاني بيگ تي سوڀارو ٿئي.
    ”رسول ڪريم ﷺ ٻنهي پاسي نگاهون ڦيرائي فرمايو: ٺٽي تي مرزا جاني بيگ جي حڪومت بحال رهي، پر هو خان خانان سان جنگ نه ڪري، ڇو ته کيس شڪست ايندي. هي پاڻ خان خانان سان گڏجي اڪبر بادشاهه جي خدمت ۾ وڃي ۽ ٺٽو ان جي حوالي ڪري ڇڏي.
    ”مخدوم نوح، ميان ونهيون ۽ شيخ ڀرڪيو ڪاتيار ساڳئي رات جي پوئين پهر ۾ دانهون ڪندا، مرزا جاني بيگ وٽ آيا ۽ کيس انهي واقعي کان آگاهه ڪيائون ته هاڻ اسان جي ڪابه نه هلندي، ڇو ته خود رسول ڪريم اهو فيصلو فرمايو آهي. مرزا جاني بيگ انهن ولين تي ڏاڍو ڏمريو. کين چيائين ته ولين جي راتوڪي لشڪر ڪوبه ٻوٽو نه ٻاريو، هاڻي ڏسجو ته ڏينهن وارو لشڪر ڪهڙا ڪم ٿو ڏيکاري. (نسياني ٺٽوي، 1988، ص ص 380، 381)
    هر هوشمند شخص مٿين احوال کي ڪوڙو ڀائيندو. ان جي ڪوڙي هجڻ جو هڪڙو ٻيو ثبوت اهو آهي ته عبدالرحيم خان خانان سال 999 هجري يعني 1590 يا 1591ع ۾ آيو آهي، جڏهن مخدوم نوح صاحب وصال فرمائي چڪو هو. ان حوالي سان مير علي شير قانع جي لکيل روايت اها آهي ته ان زماني ۾ مخدوم نوح فوت ٿيو هو ۽ هڪ اهل الله، خان خانان کي صلاحيو ته هو جلد از جلد مرزا جاني بيگ جي پهچڻ کان پهرئين مخدوم صاحب جي تعزيت ڪري ۽ ڪاميابي ماڻي. چون ٿا ته ان وقت جيتوڻيڪ مرزا غازي بيگ نصرپور جي پاسي ۾ ئي هو، پر هيءُ خان خانان هن کان اڳواٽ پهتو. لکڻ وارا لکن ٿا ته ان کان پوءِ هيءُ خان خانان پنهنجي مهم ۾ ڪامياب ٿيو. (قانع، 1989، صفحو 91-190)
    مخدوم صاحب چار شاديون ڪيون هيون، جن مان ٻارهن فرزند ۽ ڪجھه نياڻيون پيدا ٿيون. فرزندن جا نالا هي آهن:
    ميان امين محمد، ميان حامد، ميان نور محمد، ميان احمد، (اهي چار ئي ترڪ قوم يعني باجار قبيلي جي بي بي مان هئا) پنجون ميان دائود، ميان موسيٰ، ميان هارون، ميان يوسف، فرزند ميان آدم (اهي ٻئي گهر مان هئا) ميان ميران محمد و ميان ابراهيم ملقب ادهم ثاني ۽ ميان جلال الدين ٽئين گهر مان هئا. چوٿين بي بي سهتا قوم مان هئي جنهن مان ڪوبه اولاد ڪونه ٿيو.

    سندس سهيوڳي:
    شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو سندس صغير همعصر هو. ڊاڪٽر عبدالغفار سومري شاهه ڪريم تي مخدوم نوح جي اثر جي حوالي سان لکيو آهي ته شاهه ڪريم جي روش ۽ فڪر تي مخدوم نوح جھڙي بزرگ ۽ صوفي جو فيصله ڪن اثر پيو، جيڪو شاهه جي ڄم شهر مٽياري کي ويجهو وسندي هالڪنڊي ۾ رهندو هو. مخدوم نوح جي ئي صلاح تي هو مٽياري مان لڏي ٺٽي جي ويجهو ڪنهن ڳوٺ ۾ رهيو، جيڪو اڄ ڪلهه بلڙي شاهه ڪريم سڏجي ٿو. (سومرو، 2007، صvi )
    پاڻ جڏهن پيدا ٿيا هئا ته ان وقت ڄام نظام الدين سمو عرف ڄام نندو سنڌ جو حڪمران هو. سندس جواني ۾ سمن جي جاءِ تي ارغون ۽ ترخان حاڪم ٿيا. جيتوڻيڪ ان زماني ۾ ٻيا سهروردي سلسلي جا بزرگ جهڙوڪ مخدوم بلاول، سيد حيدر شاهه سنائي ۽ ٻيا ارغون غاصبن سان جهيڙيندا رهيا، تنهن ڪري ان دؤر ۾ سهروري سلسلي جي بزرگن کي تڪليفون سهڻيون پيون. سندن جواني واري عرصي ۾ هندستان تي بابر قبضو ڪيو. سندس زندگي ۾ ئي بادشاهه همايون سنڌ آيو.
    ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشي صاحب پنهنجي ڪتاب گلستان سروري ۾ ڄاڻايو آهي ته حضرت مخدوم نوح سرور جي زندگي ۾ نه صرف سنڌ ۾ پر هندستان تي به ست حڪمران مقرر ٿيا. (قريشي، 2010،ص 29 ۽ 30)
    وفائي صاحب جي لفظن ۾ ”ايڏي وڏي ڪماليت ۽ بزرگي واري انسان ڪامل 87 سالن جي ڄمار ۾ سواءِ ڪنهن بيماريءَ جي هن دنيا فاني مان صبح جي وقت لاڏاڻو ڪري هميشه واريءَ حويلي ۾ منتقل ٿي ويو. اهو واقعو خميس ڏينهن 27 ذوالقعد 998هه ٿي بمطابق 27 سيپٽمبر 1590ع گذريو.
    کين ٽوڙي (هالڪنڊي) دفن ڪيو ويو. پر جيئن قاضي غلام محمد قريشي صاحب لکيو ته سال 1010 هجري (1601-02ع) ڌاري دريا خوردي جي ڪري پاڻي مقبرن ۽ مسجد شريف تائين پهچي ويو. ان ڪري حضرت مخدوم ميان امين محمد سجاده نمبر 2 جن جي زير اهتمام نعش مبارڪ منتقل ڪري، بمقام سرنار ڦاٽڪ، ملان سانوڻي ڀرسان اوريون دڪو، جتي ڊيهن آهن، يعني موجوده هالا پراڻا جي اتر اولهه ڪنڊ تي آندا ويا ۽ ان هنڌ جو نالو اسلام آباد رکيو ويو. اهو اسلام آباد اڄوڪو هالا پراڻا آهي. وري 181 سالن بعد ان سندن نعش مبارڪ ڪڍي سال 1191 هجري بمطابق 1778ع ۾ کين هالا نوان ۾ دفن ڪيو ويو.

    مخدوم نوح جي شاعري:
    مخدوم صاحب کي سنڌي جي ابتدائي شاعرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. رڳو سندس هيٺيان بيت محفوظ رهيا آهن.
    پئي جا پرڀات، سا ماڪ م ڀانئيو ماڻهوئا،
    روئي چڙهي رات، ڏسي ڏکوين کي.
    *
    نه سي جوڳي جوءِ ۾، نه سا سکي ڄاٽ،
    ڪاپڙين ڪنواٽ، وڏي ويل پلاڻيا.
    *
    ابوبڪر آءُ سامين سفر سنباهيو،
    متا ٿي پئا، سارين سنباسين کي.
    *
    اپٽيان ته انڌيون، پوريون پرين پسن،
    آهي اکڙين، عجب پر پسڻ جي.
    *
    متان ڏسي موهجين دنيا وارو ڌڄ،
    جدا ڪجان جودئون، ڇائيءَ کي ٿي ڇڄ،
    نرمل نوح فقير چئي، ڪر رب سان ريجھي رڄ،
    اڄ نه ٿئي صبحاڻ، صبحاڻ نه ٿئي اڄ،
    مٺيون ڀيڙي ڀڄ، وقت وڃئي ٿو ويسلا.
    *
    مٺا مٺائيءَ جو اچي ڪر ڪي ڳالهڙيون،
    ڪيئن ٿا گذرن ڏينهڙا، ڪئين ٿيو گذرن راتڙيون.
    *
    پريان پنڌ ڪري ڏوران جي اچن،
    سائين سندا تن، ڏکندا ڏور ڪرين.
    *
    سمون به ساٿين گڏ، تون به لوچج لڄ کي،
    هلندي سمي سامهون تون پڻ ڪرت ڪج،
    ته تو پڻ ٿئي ڏڍ، سمي به سوڀ ٿئي.
    سندن ٻيو نمبر پٽ حضرت مخدوم امين محمد کانئن پوءِ سندن اعليٰ روحاني سلسلي جو سجاد نشين ٿيو. هن وقت درگاه جا لکين مريد پاڪستان ۽ هندستان ۾ رهائش پذير آهن. سندن روحاني سلسلي جو موجوده (اوڻيهون) سجاده نشين مخدوم جميل الزمان صاحب (ولادت 27 جولاءِ) آهي.

    مخدوم امين محمد اول هالائي: (1604ع ــ 1545ع)
    درگاهه حضرت مخدوم نوح جو ٻيو سجاده نشين، مخدوم نوح سرور جو فرزند مخدوم امين محمد اول ٿيو. هن بزرگ جي ولادت با سعادت 5 ربيع الاول سن 953 هجري/ 6 مئي 1546ع تي ٿي.
    وفائي صاحب جي لکئي موجب هن صاحب ذڪر اذڪار ۽ سهروردي طريقي جون سموريون منزلون پنهنجي والد بزرگ جي خدمت ۾ طئي ڪيون. جڏهن سندس ڄمار 46 سالن کي پهتي، تڏهن پنهنجي والد جي جاءِ تي سجادگي جي مسند تي ويهي ذڪر جي تلقين ڏيڻ لڳو.
    وفائي صاحب لکيو آهي ته ”عبدالرحيم خان خانان، جڏهن مرزا جاني بيگ جي جنگ لاءِ سنڌ پهتو تڏهن کيس چيو ويو ته مخدوم نوح تازو وفات ڪري ويو آهي. جيڪڏهن تون سندس معذرت لاءِ اڳ ۾ پهچندين ته تنهنجي فتح آهي. جيڪڏهن مرزا جاني بيگ اڳ ۾ آيو ته پوءِ هو ڪامياب ٿيندو. جنهن تي خان خانان تمام جلد هالن ۾ مخدوم امين محمد جي خدمت ۾ پهچي عذر خواهي ۽ سنڌ جي فتح لاءِ دعا گهري ۽ دربار اڪبري جون تمام گهڻيون سوکڙيون پيش ڪيون ۽ سنڌ فتح کان ڪرڻ پوءِ اڪبر بادشاهه پاران جاگيرن جي عطيه جون هڪ پروانو به پيش ڪيو.“
    (وفائي، 1985، ڀ ٻ، 50، 51)
    مخدوم امين محمد جن 16 سال 2 مهينا سجاده نشيني جي مسند تي رونق افروز رهيا. جمعي ڏينهن 7 شعبان المعظم سن 1015هجري/ 8 ڊسمبر 1606 تي سندن وصال ٿيو.

    مخدوم ابراهيم ادهم ثاني هالائي:
    حضرت مخدوم نوح جي فرزند جناب مخدوم ابراهيم کي ادهم ثاني جي لقب سان ناماچاري حاصل ٿي. هن پنهنجي شروعاتي زندگي چلن ۽ اعتڪافن ۾ گذاري. روزو کولڻ وقت فقط پاڻي مان آڱر آلي ڪري زبان تي رکندو هو ۽ هڪ ٻه ترن جو داڻو کائي روزي کولڻ جي سنت ادا ڪندو هو. فرمائيندو هو ته کاڌي پيتي جي نفس کي ضرورت ڪانه رهي آهي. فقط سنت جي لحاظ ڪري روزو کولجي ٿو.
    وفائي صاحب موجب هي هميشه نماز جماعت سان ادا ڪندو هو. پوئين وقت ۾ هميشه مسجد ۾ اعتڪاف ڪندو هو ته جيئن با جماعت فوت نه ٿئي. حديث شريف ۾ آيو آهي ته جيڪو به ماڻهو چاليهه ڏينهن جماعت سان نماز ادا ڪندو ته منافقي کان پاڪ رهندو. انهي قول تي سندس عمل هوندو هو.
    ”سادگي ۽ بي نفسي هن حد تائين منجھن هئي، جو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي خادم جعفر کي، ان جي ڀري ٻڌائڻ ۽ کڻڻ ۾ مدد ڪندا هوا ۽ فرمائيندو هئا ته سموري ڄمار ۾ اهو ئي دنيا جو ڪم ڪيو اٿم.
    سندس وفات يارهين صدي هجري جي آخر ۾ ٿي آهي.

    مخدوم جلال محمد هالائي:
    هي صاحب حضرت مخدوم نوح جو پٽ هو. وفائي صاحب دليل الذاڪرين جي حوالي سان لکيو آهي ته هڪ دفعي، هڪ ماڻهو تي ٺٽي جي گورنر شاد خان ڳورو ڏنڊ وڌو، ويچارو ڏنڊ هلڪي ڪرائڻ جي لاءِ مخدوم جلال محمد کي حاڪم ڏانهن ميڙ وٺي ويو. مگر شاد خان مخدوم صاحب کي نه مڃيو. جنهن تي مخدوم صاحب فرمايو ته هي ماڻهو، هن ملڪ جي حڪومت جو لائق نه آهي. تنهن ڪري هن کي هتان بدلي ڪري سندس جاءِ تي سيد امير خان (ابوالبقا امير خان) کي گهرايو وڃي ٿو ته ٺٽي جو اهو ئي حاڪم ٿي رهي. انهن لفظن کانپوءِ ڏٺو ويو ته ستت ئي شاد خان جي بدلي ٿي ۽ ٺٽي تي امير خان مقرر ٿي آيو. وڌيڪ لکي ٿو ته سندس ڪلام درگاهه الاهي ۾ قبول هوندو هو. جيڪي به سندس زبان تي جاري ٿيندو هو، سو قبول پوندو هو. (وفائي، 1985، ڀ ٻ، 56)

    مخدوم ابو محمد هالائي:
    هي صاحب مخدوم نوح جو پوٽو هو ۽ 9 محرم الحرام سن 980هه/ 22 مئي 1572ع تي پنهنجي ڏاڏي بزرگ جي حياتي ۾ پيدا ٿيو. تصوف جو طريقو پنهنجي جد امجد ۽ پنهنجي والد بزرگ کان حاصل ڪيائين. پنهنجي والد جي وفات کانپوءِ سجاده نشيني جا فرائض مٿس عائد ٿيا. سندس هٿ تي ڪيترن بزرگن کي فيض ۽ ڪرامت حاصل ٿيو. جن مان شيخ هاشم ابن حماد هڪ مشهور بزرگ آهي.
    حضرت مخدوم ابو محمد 35 سال ٽي مهينا سجاده نشين رهي ستر سال، 9 مهينا، 29 ڏينهن جي ڄمار ۾ 8 ذي القعد سن 1050هه/ 19 فيبروري 1641ع ۾ وفات فرمائي.

    مخدوم فتح محمد ”فقير“ : (ولادت 985 هجري):
    هي صاحب به مخدوم سرور نوح جو پوٽو ۽ حضرت مخدوم امين الدين محمد امين جن جو ڇهون نمبر فرزند هو. رساله فتحيه تي نظرثاني ۽ تحقيق ڪندڙ ڊاڪٽر عبدالغفار سومري جي اندازي موجب سندن ولادت سال 985 هجري بمطابق 1577ع ۾ ٿي. سندن وصال جي تاريخ نٿي ملي.
    هن صاحب فارسي ۾ پهريون ڀيرو مخدوم سرور نوح صاحب جو احوال ۽ ملفوظات کي ”رساله فتحيه“ ڪتاب ۾ لکيو. جيڪو مخدوم نوح تي اولين ڪتاب آهي. هي ڪتاب مخدوم جميل الزمان صاحب جي لکئي موجب 1019 هجري/ 1610ع ۾ مڪمل ٿيو. اهو انتهائي اهم مسودو مخدومن صاحب جي لائبرري مان سترهين صدي ۾ چوري ٿي ويو، جيڪو پوءِ قاضي شوڪت علي ولد قاضي غلام محمد قريشي کي هٿ آيو. سال 2011ع ۾ هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو، جيڪو مولانا سعيد احمد ڀٽو ڪيو آهي، سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو آهي.
    ڊاڪٽر عبدالغفار سومري جي خيال ۾ انهيءَ ڪتاب جي تياري ۾ فاضل مصنف عربي جي ڪتاب رساله قشريه، فارسي جي ڪتاب ڪشف المعجوب ۽ فارسي جي ڪتاب مرصاد العباد مان استفادو ڪيو آهي. ياد رهي ته اهي ٽيئي ڪتاب صوفي بزرگن وٽ بيحد مقبول رهيا آهن.
    ڊاڪٽر سومري جي خيال ۾ فتحيه جو مصنف شاعري جو اعليٰ ذوق رکندڙ آهي ۽ فقري يا فقيري جي تخلص سان جابجا پنهنجا ڪيترا اشعار آڻي ٿو... سندس پهريان اشعار نبي ڪريم ﷺ جي شان ۾ نعتيه شعر آهن. ان جو مطلع هن ريت آهي:
    آن شاهه سرير قاب او ادنيٰ
    و آن ماه منير و هو بالافق الاعليٰ
    وآن سرور کونين خداوند محبت
    محبوب تر از جمله بدرگاه معلا
    آن داور دارين شهنشاهه رسالت
    سلطان سلاطين بر او رنگ او ادنيٰ
    آخري مقطع ۾ پنهنجو تخلص فقري هن ريت آڻي ٿو:
    چون ميم شد از حمد فقري توجه
    گوئي اين راز نهاني است، نشايد افشا
    ”هنن شعرن مان شاعر جي ڪمال عقيدت ۽ محبت کان سواءِ سندس زبانداني، تخيل ۽ فڪري پختگي جو اندازوٿئي ٿو. (فتح فقير، 2011، ص xxxiii)

    مخدوم با يزيد هالائي:
    مخدوم بايزيد مخدوم عربي ڌياني هالائي جو پٽ هو. مير علي شير قانع لکي ٿو ته هن ظاهري ۽ باطني علم پنهنجي والد بزرگ کان حاصل ڪيو. هو سچ، استقامت، هدايت ۽ فيض جي رستي تي مستقيم رهي، طالبن کي ڏاڍو فائدو رسائيندو رهيو. (قانع، 1989، ص 383)
    وفائي صاحب گلزار ابرار جي حوالي سان هڪ روايت بيان ڪئي آهي ته جڏهن مرزا عبدالرحيم خان خانان سنڌ ۾ آيو هو ته واپس ٿيڻ وقت برهانپور ۾ شيخ عيسيٰ سنڌي، مسيح الاولياءَ سان بيان ڪيائين ته صوبه ٺٽه جي فتح واري زماني ۾ آئون مخدوم با يزيد جي خانقاهه ۾ ويو هوس، اتي درويشن جي هڪ جماعت ڏٺم، جن جا هٿ ته ظاهري ڪم ڪار ۾ رڌل هوا، مگر هنن جون زبانون قرآن جي تلاوت ۽ ذڪر الاهي ۾ مشغول هيون، سندن قلب نفساني خطرات جي دور ڪرڻ ۾ رڌل هوا، مان سندن سڳوري صحبت مان گھڻو ڪجھه فائدو پرايو ۽ اندر جو سوجهرو حاصل ڪيو.
    ياد رهي ته ڪتاب گلزار ابرار ۾ هن کي مخدوم بايزيد لاکو لکيو ويو آهي. (مانڊوي، 2009، ص 429)
    هن صاحب جي وصال جي تاريخ معلوم نه آهي پر اندازو آهي ته هن بزرگ جي وفات يارهين صدي هجري جي شروع ۾ ٿي هوندي.

    درويش زڪريا ڀٽي:
    مير علي شير قانع ته کيس مخدوم اسحاق جو ڀائيٽو ٿو لکي، پر هي مخدوم احمد ۽ محمد جو ڀائيٽو هو ۽ سندس والد جو نالو مخدوم صدرالدين هو. قانع موجب هو هدايت جي راهه جو سالڪ ۽ خدا آگاهه هو.
    ٻئي پاسي حديقة اولياءَ ۾ کيس ڪامل ولي ڪوٺي، هڪ نقل ۾ هن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ان روايت ۾ ڄاڻايل آهي، ته جڏهن مخدوم احمد ڪنهن مجذوب جي دشمني ۾ گهيريل هو ته ان زماني ۾ درويش زڪريا خواب ڏٺو هو، جنهن ۾ نبي سڳورن ان مجذوب کي مخدوم احمد سان ٺاهه ڪرڻ جي تنبيهه ڪئي هئي.
    مخدوم محمد صالح ڀٽي جي اڻ ڇپيل شجري موجب هالا پراڻا جا خليفه ڀٽي، جيڪي هاڻي حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي ۾ رهن ٿا، هن جو اولاد آهن.

    شاهه ديوانو هالائي:
    مير علي شير قانع موجب شاهه ديوانه هڪ وڏو مشائخ ۽ ڏاڍين ڪرامتن جو صاحب آهي.
    پروفيسر محبوب علي چنا صاحب به پنهنجي ڪتاب مخدوم نوح جا سهيوڳي ۾ اها ڳالهه ورجائي وڌيڪ لکيو آهي ته ”دليل الذاڪرين جي روايت مطابق حسو فقير ٽوڙيءَ واري جو چاچو مجذوب ۽ ديوانو هوندو هو، تنهن کي ڪشف ٿيو ته ٿوري وقت ۾ دين اسلام جو هڪ مجدد پيدا ٿيڻو آهي، جو وڏو ولي الله ٿيندو، ان جي خوشخبري هن صاحب، مخدوم نعمت الله سان ڪئي. ٿي سگهي ٿو ته اهو مذڪوره مجذوب شاهه ديوانو هجي.“ (چنا، 1991، ص 9)
    سائين عطا محمد صدر لکيو آهي ته مخدوم عربي ڌياني جي ڀر ۾ جيڪو ٻيو شخص مدفون آهي، تنهنجو نالو شاهه ديوانو هالائي آهي. سائين هن جي حوالي سان هي زباني روايت لکي آهي:
    ”شاهه ديوانه اصل ۾ مڪران جا رهندڙ هئا ۽ اتي ان جا مريد به هئا، پر هي اچي هتي ويٺو. پاڻ ڪاٺ جي گهوڙي تي چڙهي گهمندا هئا. جيئن حضرت بهلول مجذوب ڪندا هئا. تنهن ڪري پاڻ به ديوانه مشهور ٿيا. هڪ ڀيري پاڻ هارين وٽ ٻنين ۾ ويا ۽ کين چيائون ته هن گهوڙي کي گاهه کارايو. هارين چيو ته سائين هي ڪاٺ گهوڙو ڇا کائيندو، کيس ڇڏي ڏيو ته پاڻ وڃي چري. رات جو هاري گهر ويا هليا، صبح جو اچي ڏسن ته هڪ پن به بچيو ڪونهي. انهي تي هو وري وٽس ويا ۽ چيائون ته سڄو گاه اوهان جو گهوڙو کائي ويو، هاڻي اسان جا جانور ڇا کائيندا. تنهن تي پاڻ چيائون ته گهوڙي جي لڏ کي ٻنين ۾ وجهو، الله پاڪ اوهان کي گهڻو ڪجهه ڏيندو. هارين ائين ڪيو ته ٻنيون وري سر سبز ٿي ويون.“ (صدر، اڻڇپيل، ص 15)
    ياد رهي اڄ تائين به مڪران مان سندس عقيدت مند هتي ايندا رهندا آهن. پير وسو جو خاندان هن جي مزار جو متولي يا مجاور آهي.

    درويش عمر هالائي:
    هن جي حوالي سان وفائي لکيو آهي ته هي حضرت مخدوم نوح جي فيض يافته خليفو ۽ بزرگ هو.
    ”هن سموري ڄمار رياضت ۽ مجاهدن ۽ نفس ڪشي ۾ گذاري، ۽ هڪ رليءَ کانسواءِ ٻيو ڪوبه مالي اسباب وٽس جمع نه ٿيو. مخدوم صاحب جي مريد ٿيڻ کانپوءِ، ڪڏهن به بيهودو گفتو يا اجايو ڪلام پنهنجي زبان تي نه آندائين. هميشه ڏينهن جو روزو ۽ رات جو نماز ۾ بيٺو رهندو هو. ٻن چئن ڏينهن کانپوءِ ٻن ٻن لقمن تي روزو کوليندو هو. هنجي ويهڻ يا سمهڻ جي لاءِ ڪا جاءِ مقرر ڪانه هوندي هئي. جتي به کيس ننڊ کڻي ويندي هئي، ته اتي سمهي پوندو هو. هي درويش ڏهين صدي جي عارفن مان آهي.“
    (وفائي، 1985، ڀ ٻ، ص 22)

    درويش عثمان عصار هالائي:
    وفائي صاحب جي لکئي موجب فقير عثمان چاڪي (عصار) حضرت مخدوم نوح عليه الرحمت جي وڏن ساٿين مان آهي. هي صاحب بدن ڍڪڻ لاءِ صرف هڪ ڊگهي چادر استعمال ڪندو هو.
    ”عثمان فقير کي بدن تي ڍڪڻ لاءِ فقط هڪ ڊگهي چادر هوندي هئي جنهن جو اڌ ڳچيءَ ۾ ۽ اڌ هيٺ تي ڪندو هو.هڪ دفعي ڪنهن ماڻهو سفيد ڪپڙو سوکڙي طور سندس خدمت ۾ پيش ڪيو، چيائينس ته چادر اٿم، پوءِ انهيءَ وڌيڪ کي ڇا ڪريان. هن عرض ڪيس ته مون کان قبول ڪريو، پوءِ کڻي ٻئي ڪنهن کي ڏي، فقير چيس ته اها ڏي وٺ به تون وڃي ڪر ۽ انهيءَ سودي جو نفعو وٺ، پر مون وٽان هڪدم کڻ، ڇو جو فقيرن کي ڏيڻ ۽ وٺڻ سان ڪو واسطو ڪونه آهي. (وفائي، 1985، ڀ ٻ، ص 22-23)

    شيخ محمود فخري هالائي:
    وفائي صاحب موجب هي صاحب مخدوم نوح جو عزيز هو ۽ شيخ فخر الدين سهروردي جي اولاد مان هو، تنهن ڪري هن کي فخريه ڪري سڏيندا هئا.
    ننڍپڻ ۾ هو بيمار ٿيو ته مخدوم نوح جي دعا سان صحتياب ٿيو ۽ ٻاتائي يا لڪنت ختم ٿي. (وفائي، 1985، ڀ ٻ، ص 29)

    عثمان متقي هالائي:
    وفائي جي لکئي موجب هي پرهيزگار ۽ نيڪوڪار بزرگ حضرت مخدوم نوح جي مريدن مان آهي، جنهن سموري حياتي اتقاء ۽ پرهيز ۾ گذاري، مهينن جا مهينا روزي ۾ رهي، ياد الاهي ۾ مشغول هوندو هو.
    وفائي صاحب دليل الذاڪرين ڪتاب جي حوالي سان لکي ٿو ته عثمان متقي کي هڪ مينهن هوندي هئي، جنهن جو اوهه ۽ ٿڻ ۽ پنهنجا هٿ ۽ برتن بار بار ڌوئي، پوءِ پاڻ ڏهندو هو. پوءِ کير کي گهڻي وقت تائين ڪاڙهيندو هو. جيستائين کير ٺري، تيستائين نفلن پڙهڻ ۾ مشغول رهندو هو. ته ايتري ۾ صبح ٿي ويندو هو، پوءِ نفس کي چوندو هو ته اڄ ته روزو رکون ٿا، کير سڀاڻي پيتو ويندو. اهڙي طرح وعدا ڪندي هفتا گذري ويندا هئس. مگر ان هوندي به هن جو بدن تازو توانو بيٺو هوندو هو. ۽ بک جي ڪري ڪو به فتور يا ڏوٻر هن ۾ ڪانه آئي ٿي.
    عثمان متقي يارهين صدي جو عارف آهي ۽ امڪان آهي ته هالن جا متقي ميمڻ شايد سندس اولاد مان آهن. (وفائي، 1985، ڀ ٻ، ص 44، 45)

    دوريش يحيٰ رائٽو هالائي:
    حضرت مخدوم نوح عليه الرحمت جي مريدن ۽ خليفن مان هڪ ڪامل برزگ هو. هميشه رياضتن ۽ مجاهدن ۾ گذاريندو هو. هو ان سان گڏ ظاهري ورد وظيفا به پڙهندو رهندو هو. جيئن ته حذب البحر، حرز يماني، حزب محبوبي، حذب جعفري ۽ سبعات عشر ۽ اوراد فتحي ۽ ٻيا وظيفا پڙهندو هو.
    حضرت مخدوم صاحب جي وفات کانپوءِ هميشه سندس فرزند مخدوم ابراهيم ادهم جي خدمت ۾ رهندو آيو. جو ڪجھه به نذرانو ملندو هو. يا فتوحات ٿيندي هئي ته اهو سمورو فقيرن کي ڏئي ڇڏيندو ۽ پاڻ بکن تي گذاريندو هو ۽ سندس انهيءَ قلندرانه روش ڪري، سندس عيال به بکون پيو ڪڍندو هو. چون ٿا ته زر جواهرن جي هن وٽ ڪمي ڪانه هئي. مگر ان مان ڪجھه به خرچ ڪونه ڪندو هو. ڇو ته دنيا جي درويشن جي نظرن ۾ ڪابه عزت ڪانه ٿيندي آهي. (وفائي، 1985، ڀ ٻ، ص 57)

    سيد عبداللطيف حسني، حسيني، قادري:
    (متوفي 5 رجب 1075 هجري / 22 جنوري 1665ع)
    هالا پراڻا ۾ هڪ بزرگ جيڪو شيخ صاحب طور مشهور آهي، تنهن جو اصل نالو سيد عبداللطيف هو. ڪي ان کي حسني، ڪي حسيني ۽ ڪي قادري سڏين ٿا. مير علي شير قانع جي ڪتاب تحفة الڪرام جي سنڌي ترجمي ۾ ان جو نالو سيد عبداللطيف حسني آهي، پر ڊاڪٽر بلوچ (1996، ص 28) لکيو آهي ته فارسي نسخي ۾ حسيني آهي. قانع جي لکيل مختصر احوال موجب ”اتي (هالا ڪنڊي) جي جهونن بزرگن مان آهي. سندن مقام علحده عام خلق الله جو زيارتگاه آهي. هو گھڻو اولاد ڇڏي ويو، جن مان هاڻي سيد فتح محمد گادي نشين آهي. هن جو ٻيو اولاد متفرق ڳوٺن ۾ خصوصن ڪجن جي ڳوٺ ۾ رهي ٿو.“ (قانع، 1989، ص 383)
    ڊاڪٽر بلوچ شاهه جو رسالو جي ڏهين جلد جي مقدمي ۾ هن جو ڪافي قدر تفصيلي احوال ڏنو آهي. ان موجب شيخ عبدالقادر جيلاني جي اولاد مان هڪ بزرگ شهاب الدين قاسم نالي ڏهين صدي هجري (يعني پندرهين ۽ سورهين عيسوي) ۾ سنڌ ۾ آيو ۽ هتي ڀيان ۽ هالا قبيلن وارا سندس مريدي خادمي ۾ آيا... سندس فرزند عبداللطيف غالباً سنڌ ۾ ڄائو ۽ ٻالجتي کان وٺي سنڌ ۾ رهيو. تان جو ڀيان ۽ هالا قبلين مان سندس شاديون ٿيون. ۽ هن هالن (هالا ڪنڊي) کي پنهنجي قادري طريقي جي تلقين ۽ تبليغ جو مرڪز بنايو. هو پنهنجي وقت جو وڏو ولي ٿيو ۽ پڻ اولاد وارو ٿيو.“ (بلوچ، 1996، ص 28)
    ”سيد عبداللطيف جو مقام ۽ مزار جنهن جو قانع ذڪر ڪيو آهي، سو پراڻن هالن ۾ الهندي طرف ويندڙ رستي جي اترئين طرف آهن. سيد عبدالطيف جي مزار هڪ ٿلهي تي آهي جنهن تي ڪاشي جي سرن تي جيڪو ڪتبو سن 1985ع ۾ موجود هو ۽ راقم پڙهيو، تنهن جي عبارت هيٺين طرح هئي(1):
    وصال مرحوم مغفور ميان
    غوث الثقلين حجة الحق علي
    الخلق قطب الکونين ڪريم
    الطرفين حضرت سيد عبداللطيف
    شاهه حسني حسيني قادري قدس سره (بن)
    حضرت شهنشاهه شهاب الدين (قاسم)
    قدس سره بتاريخ 5 رجب 1075 هجري“
    ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڪتبي جي حوالي سان نوٽ ۾ لکيو آهي ته ان وقت ڪي سرون ڀڳل ۽ هيٺ مٿي ٿيل هيون. لفظ (بن) ۽ (قاسم) هيٺ مٿي ٿيل يا کٽل هئا، پر انهن جي ملائڻ سان ڪتبو صحيح صورت ۾ پڙهيو ويو.
    تاريخ قديم هالا ۾ هن جو جيڪو شجرو ڏنل آهي، سو هن ريت آهي: جناب حضرت سيّد شيخ عبداللطيف بن حضرت سيّد شيخ شهاب الدين احمد بن حضرت سيّد شيخ قاسم بن حضرت سيّد شيخ بدرالدين بن حضرت شيخ سيّد شمس الدين ابو عبدالله محمد بن حضرت شيخ سيّد سيف الدين ابو زڪريا يحييٰ بن حضرت شيخ سيّد ظهير الدين ابو السعود احمد بن حضرت شيخ سيّد شمس الدين ابو نصر محمد بن حضرت شيخ قاضي القضاة سيّد تاج الدين ابو صالح نصر بن حضرت شيخ سيّد حافظ ابو بڪر عبدالرزاق بن حضرت شيخ الشائخ حجة حق علي الخلق قطب رباني محبوب سبحاني فرد صمداني غوث الثقلين قطب الڪونين ڪريم الطرفين سيدنا سيّد شيخ محي الدين ابو محمد عبدالقادر جيلاني حسني وحسيني قدس سره‘. (مولوي ۽ قاضي، ص 144)
    انهي ڪتاب ۾ هن خانقاه ۾ ملهائجندڙ يارهين جي حوالي سان اهو لکيل آهي ته هر مهيني يارهين تاريخ جي رات جو خانقاهه ۾ ذڪر اذڪار ڪيو ويندو آهي ۽ ربيع الثاني مهيني ۾ يارهين تاريخ کان 14 تاريخ تائين ذڪر اذڪار ڪرڻ ۽ يارهين تاريخ ڏينهن جو ننگر خيرات ڪرڻ جو دستور رهندو اچي. 14 تاريخ شام جو عصر نماز بعد سجاده نشين پنهنجن خليفن ۽ مريدن ۽ عوام الناس وڏي جماعت جي صورت جي ۾ ذڪر اذڪار جي تسبيحن سان بزرگ جي مزار مبارڪ وٽ اچي اتي سانجهي نماز تائين ذڪر جون تسبيحون وڏي آواز سان پڙهندا آهن. ان بعد ختمون ڏيئي، شيريني تقسيم ڪري سانجهي نماز اتي مسجد ۾ جماعت سان پڙهي وري به ساڳئي طرح ذڪر اذڪار ڪندا ۽ جھنڊن سان واپس پنهنجي خانقاه ڏانهن اچي اهو جلوس ختم ڪندا آهن.“ (مولوي ۽ قاضي، ص 145)
    پر ڊاڪٽر بلوچ هن خانقاه ۾ جيڪو ذڪر ۽ سماع ٿيندو آهي، تنهن جي حوالي سان لکيو آهي ته ”سيد عبداللطيف پنهنجي قادري طريقي جي تلقين ۾ ذڪر سان گڏ سماع ۾ ڪيڏاري ڳائڻ جو سلسلو شروع ڪيو. سندس پنهنجن چيل بيتن مان معلوم ٿئي ٿو ته شروع ۾ غالبن ڪيڏارو ۽ سر ڌناسري سماع جا خاص سر هئا ۽ وقت گذرڻ سان، پوءِ ٻيان سر به سماع ۾ ڳايا ويا. اهو جيڪو ذڪر ۽ سماع، جيڪو عبدالطيف جي حياتي ۾ شروع ٿيو، سو ويندي موجوده وقت تائين هلندو آيو آهي. هر مهيني ننڍي يارهين ٿئي، ۽ خانقاه تي ذڪر ۽ سماع ٿئي، ماهه ربيع الثاني ۾ وڏي يارهين ٿئي، جنهن ۾ وڏي اهتمام سان ذڪر ۽ سماع ٿئي.“ (بلوچ، 1996، ص 30)
    چند سال اڳ جڏهن مون ۽ سوز هالائي ان وقت جي سجاده نشين مولوي غلام محمد شاهه سان ملاقات ۾ شيخ صاحب جي تصنيفات جي حوالي سان پڇيو ته هن صاحب وراڻيو هو ته هن جي ڪا به تصنيف نه آهي. هن صاحب هن جي شاعر هجڻ جو به ڪو ذڪر نه ڪيو. پر ڊاڪٽر بلوچ هن کي عالم سان گڏ شاعر به چئي ٿو. ان جي ثابتي ۾ هن ڪجهه شعر ڏنا آهن. سندس خيال ۾ ”هيٺيان بيت جيڪي پنهنجي جد امجد ۽ قادري طريقي جي باني حضرت عبدالقاد جيلاني جي ثنا ۽ تعريف ۾ چيائين ۽ جيڪي سندس ذڪر ۽ سماع ۾ پڻ ڳايا ويا، سي شاهه جي رسالي جي سر ڌناسري ۾ موجود آهن. (بلوچ، 1996ع، ص 30 ۽ 31)
    ميران شاهه مدد ٿي دانهه سڻي دادي
    آهين عبدالطيف جو حسني تو هادي
    بادشاهه بغدادي، ڪر ڪا ماڙ مريد تي.
    *
    ميران شاهه مدد ٿي محي الدين ملهي
    آهين عبداللطيف جو وسيلو ولي
    حسني پير هلي، ڪر ڪار ماڙ مريد تي.
    *
    ميران شاهه مدد ٿي،تون جيلاني جاڳ
    غوث خطائون گم ڪر، ڀير اسان ڏي ڀاڳ
    سگهو وار سڀاڳ، سائين لڳ سيد چئي.
    *
    ميران شاهه مدد ڪر اچي اوکيءِ وير
    اچي عبداللطيف چئي ڀر پازي ڏي ڀير
    اولاد عليءَ شير، ڪج ڪا ماڙ مريد تي.

    احسان فقير:
    اسان وٽ شاهه ڀٽائي صاحب جي ڪيڏاري جي حوالي سان هڪ تڪرار هلندو اچي. ان تڪرار ۾ احسان فقير جو نالو بار بار ايندو آهي. اهو احسان فقير هالا پراڻا جي مردم خيز مٽي مان نسريو ۽ اتي ئي مدفون ٿيو.
    تاريخ قديم هالا جي لکت موجب هن جو تعلق مغل گھراڻي سان آهي. روايتن موجب اهو گھراڻو اڪبر بادشاهه جي دؤر حڪومت ۾ ننگر ٺٽي ۾ آيو ۽ پوءِ هالڪنڊي ۾ اچي رهيو. مولوي محمود جي خيال ۾ هي شاهه سائين جو سهيوڳي هو. (مولوي ۽ قاضي، ص 197)
    جيئن ته سيد عبداللطيف جي وصال جو سال ڊاڪٽر بلوچ 1075 هجري/ 1665ع ڄاڻايو آهي، تنهن ڪري ڊاڪٽر مخمور بخاري صاحب جي خيال ۾ احسان فقير جو جنم 1050 هجري/ 1640ع کان به اڳ ٿيو هوندو. ڊاڪٽر بخاري هن جي ذات لانگاهه ڄاڻائي ٿو. (سنائي، 2009، ص 259)
    ڊاڪٽر بلوچ شاهه جي رسالي جلد ڏهين جي مقدمي ۾ لکي ٿو ته سيد عبداللطيف حسني پنهنجي خانقاه ۾ ذڪر ۽ سماع ۾ سر ڪيڏاري ڳائڻ جو جيڪو سلسلو شروع ڪرايو، ان جو اڳواڻ احسان فقير لانگاهه هو، جيڪو پاڻ شاعر هو ۽ جنهن گهڻا بيت چيا، جن مان سر ڪيڏاري وارا بيت سماع ذريعي مشهور ٿيا.
    مخدوم محمد صالح ڀٽي صاحب ڪيڏارو نامي ڪتاب مرتب ڪيو هو، جنهن کي هن جي پٽن مخدوم محمد اشرف ۽ مخدوم محمد امين ڀٽي جن شايع ڪرايو هو. ان ڪتاب ۾ احسان فقير جي ڪيڏاري جا 93 بيت ۽ 5 زاريون شامل آهن. ان ڪتاب ۾ هڪ پاسي سيد جيئندل شاهه فقير، اسماعيل فقير، صديق فقير صوفي ۽ مخدوم محمد صالح جا ڪيڏاري سر ۾ لکيل بيت شامل آهن، ته ٻئي پاسي احسان فقير جا ٻين سرن ۾ چيل بيت جھڙوڪ سر ڌناسري (11 بيت)، سر سارنگ (2 بيت) سر ايمن ڪلياڻ (هڪ بيت) سر بلاول ۾ هڪ بيت، سر ڪلياڻ ۾ (3 بيت) سر آبري (3 بيت) سر معذوري (6 بيت) سر مارئي ۾ هڪ بيت، سر سهڻي ۾ 3 بيت، سر ليلان ۾ 2 بيت، چيل بيت شامل آهن.
    ڪيڏاري جي بيتن جي حوالي سان ڊاڪٽر بلوچ جو لکڻ آهي ته کيس جيڪي هالا پراڻا ۾ بيت مليا، تن مان ڪجهه انهي ڪتاب ۾ نه آهن.
    ٻڌايو وڃي ٿو ته احسان فقير ۽ ان سان گڏ فقير شفيع محمد ۽ محمد اسماعيل جن شيخ صاحب جي خانقاه ۾ ٿيندڙ ذڪر جو بنياد بيتن ۽ مولودن سان ٻڌو. شفيع محمد عربستان ۾ وفات ڪئي۽ محمد اسماعيل نصرپور ۾ وفات ڪئي.سندس تربت شاهه محمود جي مقام ۾ آهي. احسان فقير هتي هالن پراڻن ۾ وفات ڪئي. جنهن جي قبر شيخ صاحب عبداللطيف حسني جي مقام ۾ مسجد کان اڀرندي طرف آهي.
    هن جي ولادت يا وصال جي صحيح تاريخ نه ملي سگهي آهي.
    جيئن اڳ ۾ ٻڌايو آهي ته سال 2007ع ڌاري سوز هالائي صاحب ۽ آئون هڪ پاسي سيد عبدالطيف قادري جي ان وقت جي سجاده نشين غلام محمد شاهه سان ملياسون. پوءِ وري خانقاه تي سماع جي اڳوڻ محترم محمد آچر عمراڻي (جنهن جي والد صاحب ڊاڪٽر بلوچ کي احسان فقير جا بيت ڏنا هئا) سان ملياسون.جنهن اسان کي هڪ نوٽ بڪ ڏنو، جنهن ۾ صرف 58 بيت هئا. اهي احسان فقير جي ڪيڏارو طور سوين سالن کان سيد عبدالطيف حسني جي درگاهه تي پڙهيا وڃن ٿا. انهن مان ڪجهه بيتن ۾ اسماعيل فقير جو نالو استعمال ٿيل آهي. (ڪن روايتن موجب احسان فقير جي ڪيڏاري جا جملي 92 يا 93 بيت هئا. جن مان ايڪيتاليهه بيت شاهه صاحب جي رسالي ۾ سر ڪيڏاري ۾ لڀن ٿا ۽ ايڪونجاهه بيت اهڙا آهن جو هن کان اڳ اشاعت هيٺ نه آيل آهن.)
    مون کي مليل بيتن جي ٻولي، مونکي ايتري پڪي پختي نه لڳي، جھڙي شاهه ڀٽائي صاحب استعمال ڪئي آهي. سوز هالائي صاحب مون کي ٻڌايو ته احسان فقير سگهڙ شاعر آهي. سندس ڪلام ۾ ڪيترائي سگهڙائي نقطا موجود آهن. سندس ڪلام نيم ڪيڏاروي ۽ عقيدت مندي وارو آهي. ڪيڏاري واري مزاحمتي ۽ رزميه شاعري واري رمز سندس ڪلام ۾ آهيئي ڪين. منهنجي ذاتي راءِ آهي ته شاهه صاحب جو پنهنجو ڪيڏارو آهي، ۽ احسان فقير صاحب جو پنهنجو ڪيڏارو آهي. ڪجھه بيت گڏجي سڏجي ويا هوندا. ٻي ڳالهه ته منهنجي پنهنجي نظر ۾ شاهه ڀٽائي صاحب هڪ صوفي لاڪوفي هو، تنهنڪري هن وقت شاهه سائين کي سني يا شيعو ثابت ڪرڻ ئي اجائي ڪوشش ٿيندي.

    مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي: (1700ع - 1644ع)
    هيءُ صاحب مخدوم عبدالرؤف ڀٽي (عاصيءَ) جو پيئتو ڀاءُ هو. هيءُ بزرگ صاحب شريعت ۽ ڪامل بزرگ هوندو هو.
    محمد صديق ميمڻ جي سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ هن جي حوالي سان اهو لکيو ويو آهي ته ”ان زماني ۾ مذهبي مسئلا عربي ۽ پارسي ۾ ئي هوندا هئا. سنڌيءَ ٻولي ۾ ڪرڻ جو چاه ۽ ذوق سنڌي عالمن ۾ گهڻي قدر هو. مخدوم محمد ابراهيم به پراڻي سنڌي نظم ۾ هڪڙو ڪتاب لکيو آهي، جنهن جو نالو آهي ”محمد ابراهيم جي سنڌي“. مخدوم پنهنجي سنڌي ۾ فقط اهي ٽي سؤ پنجاهه ضروري مسئلا لکيا آهن، جن جو ڄاڻڻ هر مسلمان لاءِ ضروري امر آهي.
    ”مخدوم محمد ابراهيم جي سنڌيءَ ۾ به سندس هم عصر علمائن وانگر انهن جي تصنيفات وارو ڏوهيڙو ڪم آندل آهي. هن جي ڏوهيڙن جي ترتيب اهڙي رکيل آهي، جھڙي مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي ”زاد الفقير“ ڪتاب ۾. ڪي ڏوهيڙا ٻن مصرعن وارا ته ڪي ٽن، چئن وارا يا ان کان وڌيڪ مصراعن وارا آهن.“ (ميمڻ، 2014، ص 140)
    سنڌيالاجي ۾ پيل هڪ ڪتابچو جنهن جا ابتدائي صفحا غائب هئا ۽ هٿ سان ان جو نالو هالا جا شاعر لکيل هو، تنهنجي صفحي 5 تي مخدوم جي سنڌي مان هيٺيون ٽڪرو ڏنل هو، جيڪو هتي درج ڪجي ٿو.
    مفسد نماز جا ستاسي سکيج،
    ڀڃن جي نماز کي، سي پڻ هئين ۾ رکيج.
    *
    هاڻي ٻجھ ٻٽيهه قول پهريان جي ڪن نماز تباهه،
    ڪلام ڪ سلام ڪ جواب جو ڪ اف ڪ آهه!
    ڪ ”هيءِ“ حمده نه چئي پڄاڻا سمع الله.
    *
    ڪ صبح جي نماز ۾ سج ڪنهين اڀريو،
    ڪ جمع جي نماز ۾ وقت وچين جو پيو،
    ڪ جت جمع جماعتي ٽي ڄڻا نت وضو ڪنهن ويو،
    جيسين پهرين رڪعت جو ڏنائون نه سجدو،
    ته ڀڳي نماز سڀني، شرط جو ساعت جو ويو.
    ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب پنهنجيڪتاب ”سنڌيون“ ۾ هن صاحب جي سنڌي جي ان زماني جي ٻين سنڌي لکندڙن سان ڀيٽ ڪندي لکيو آهي ته هن جي سنڌي ۾”وزن جا ڏڌ، غير واضح ۽ مبهم سمجهاڻيون آهن.“ (جوڻيجو، 1970، ص 31)
    مخدوم محمد صالح ڀٽي جي هٿ اکري شجري واري ڪتاب ۾ هن صاحب جي ولادت جي تاريخ 21 جمادي الاول 1054 هجري يعني 26 جولاءِ 1644ع، ۽ وفات جي تاريخ 15 رجب المرجب 1112هجري يعني 26 ڊسمبر، 1700ع لکي آهي.
    مخدوم محمد ابراهيم جي سنڌي وارو ڪتاب هن جي پونيرن وٽ ته نه آهي ۽ خبر نه آهي اهو خطي صورت ۾ ڪٿي آهي به يا نه.

    مخدوم عبدالرئوف بن محمد عمر ڀٽي: (1682-1752)
    مولودن جي صنف جو مؤجد سمجهيو ويندڙ جناب مخدوم عبدالرئوف ڀٽي صاحب هالا پراڻا ۾ سال 1682ع ۾ پيدا ٿيو. هي صاحب هڪ وڏو عالم، بزرگ ۽ شاعر هو. هي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو هم عصر هو.
    مير عبدالحسين سانگي (1851-1924) پنهنجي ڪتاب لطائف لطيفي ۾ حڪايت 26 ۾ پنهنجي اسي سالا استاد آخوند احمد، جيڪو هالا پراڻا جو رهواسي هو، کان ٻڌل روايت لکي آهي: ”ته پراڻن هالن جي ڀٽي قوم جا بزرگ ظاهري علم ۽ فضل سان سينگاريل هئا. حضرت اولياءَ صاحب (ڀٽائي) سان بدسلوڪي ٿي رکيائون ۽ هالن واري مخدوم جا موافق هئا. ... مخدوم مير پير پنج پڳيه جي صلاح سان مخدوم عبدالرئوف ڀٽي هڪ عبا (پهراڻ) حضرت اولياء صاحبن ڏانهن سوکڙي طور موڪليو، جيڪو زهر آلود هو.“
    (سانگي، 1986،ص 98)
    ڊاڪٽر بلوچ انهي روايت کي ضعيف ۽ غير معتبر قرار ڏيندي انهيءَ ڪتاب جي مقدمي ۾ لکيو ته ”مخدوم عبدالرئوف ڀٽي عاشق رسول هو ۽ سندس جيڪو ڪلام جو ذخيرو اسان جي آڏو آهي، ان مان به ظاهر ٿئي ٿو ته هو ديني محبت جي جذبي سان اهڙو سرشار هو، جو ان کان هي ڪڌو ڪم ۽ اهڙي قسم جي عداوت رکڻ تصور ۾ به نٿي اچي.“ (سانگي، 1986، ص 5)
    جڏهن ته سانگي صاحب انهي ڪتاب ۾ حڪايت 11 جي نڪتي 10 ۾ انهي ساڳئي قصي کي وري ائين لکيو آهي ته ڀٽي قوم جا بزرگ عالم هئا. مخدوم نوح جي گادي نشين جا متعقد هئا... اهو به چون ٿا ته ميان نور محمد ڪلهوڙي سنڌ جي حاڪم جي اشاري تي به هلندا هئا. انهن اولياء حضرت کي زهر ڏنو. ان زهر جي اثر ڪري، اوليا صاحب کي زخم ٿي پيو ته ان تي ساٿر دوا طور استعمال ڪندا هئا ۽ ان کي ساٿر جي ناس به ڏيندا هئا.“ (سانگي، 1986، ص 50)
    مخدوم طالب الموليٰ پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو آهي ته مير علي قانع پنهنجي ڪتاب تحفة الڪرام ۾ اهو واقعو نه لکيو آهي، جڏهن ته هن اهو ڪتاب ڀٽائي صاحب جي وفات کان سورهن سالن بعد لکيو آهي ۽ هو ڀٽائي صاحب جو عقيدتمند به هو. (سنائي، 2009، 53)
    ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي ترتيب ڏنل مولودن واري ڪتاب جي مقدمي ۾ مخدوم عبدالرئوف جي حوالي سان لکي ٿو ته ”اڄ تائين عام طور ائين ڀانيو ويو آهي ته مخدوم عبدالرئوف ڀٽي مولودن جو مؤجد آهي، يا پهريون شاعر آهي، جنهن مولود چيا، جنهن جا مولود اسان کي ملن ٿا. اهو گمان صحيح نه آهي؛ تاريخي طور مولود تڏهن کان رائج ٿيا، جڏهن کان وايون يا ڪافيون رائج ٿيون، ۽ هڪ الڳ حيثيت ۾ پڻ مولود پنهنجي خاص مفهوم، الحان ۽ لئي سان يارهين صديءَ جي آخر ۾ رائج هئا.“ (بلوچ، 1961، ص 5 ۽ 6)
    ”مخدوم عبدالرئوف ڀٽي پهريون شاعر هو، جنهن فقط مولود ئي مولود چيا. ظاهر آهي ته انهي وقت مولود ايترو ته عام مقبول هئا، جو بزرگ عبدالرئوف مولودن کي پنهنجو مخصوص موضوع بنايو. سندس انهي سموري توجهه جو سبب ٿيا. مخدوم عبدالرئوف پهريون آڳاٽو سنڌي شاعر آهي، جنهن گهڻي ۾ گهڻا مولود چيا. ٻن سون سالن کان وڌيڪ عرصي گذرڻ کان بعد، هن وقت پڻ سندس چيل مولود ايترو ته عام رائج ۽ مشهور آهن، جو سڄا سارا اسي هٿ ٿي سگهيا، جي هن ڪتاب ۾ شامل آهن.“ (بلوچ، 1961، ص 6)
    ڊاڪٽر بلوچ هن جي مولودن تي تبصرو ڪندي لکي ٿو ته هو پهريون شاعر هو، جنهن مولودن جي عنوانن کي وسيع ڪيو. معنوي لحاظ سان، نبي ﷺ جي ولادت ۽ انسان ذات جي سربلندي لاءِ سندس پيغام مولود جو اصلي ۽ اصولي عنوان هو.... ان کان سواءِ نبي ﷺ جي خالص ساراهه ۽ ثنا، سندن لاءِ دلي محبت ۽ سچي سڪ، کانئن مهر ۽ شفاعت جي طلب ۽ اميد، سندن چئن يارن ۽ پنجنتن جي سڪ ۽ ساراهه، نبي ﷺ جي مڙني محبن ۽ مشتاقن جي تعريف، مديني پهچي زيارت ڪرڻ جي دلي تمنا، حاجين جي حج وڃڻ جو ذڪر، نبي ﷺ جو ساٿ سان موٽڻ ۽ بيبي خديجه جو سڪ سان واجھائڻ، نبي ﷺ جي شادي، سندن هجرت ۽ سندن معراج، سندن وفات کي مولودن جي موضوع بنايو ويو. عنوانن جي انهيءَ انوکائي ۽ گهڻائي سببان، مولودن جي موضوع جو مرڪز سو نبي ﷺ جي ذات رهي، باقي ان جو دائرو ايترو ته وسيع ٿي ويو جو ان ۾ ڪيئين عنوان سمائجي ويا. نبي صعلم جي ذات کان ٻاهر، مخدوم عبدالرئوف ڌڻي تعاليٰ جي مناجات کي پڻ وائي واري سانچي ۾ سموهيو ۽ سندس اهڙي هڪ وائي هن ڪتاب ۾ شامل آهي.“ (ص 19، نمبر 41)، (بلوچ، 1961، ص 7)
    پر مخدوم صالح ڀٽي جيڪو ڪتاب بعنوان مولود شريف ترتيب ڏنو هو، سو سندس وفات کان پوءِ هن جي پٽن مخدوم اشرف ۽ مخدوم محمد امين سال 1961ع ڌاري شايع ڪيو هو. انهن پيش لفظن ۾ لکيو آهي ته مخدوم محمد صالح ڀٽي مولود شريف ڪٺي ڪرڻ جو سعيو 1925ع کان وٺي ڪيو. نه صرف ڪتابن مان، پر پوري سنڌ جي مولودين خاص هالا پراڻا جي درويش صفت مولودين حافظ حاجي محمد صالح ۽ نيڀائو فقير کان پڻ ڪيترو ڪلام هٿ لڳو. کين ساڍا ڇهه سو مولود وغيره مليا، جن کي ترتيب ڏيڻ جو ڪم محمد صديق مسافر کي ڏنو ويو، جنهن 1937ع ۾ ان کي ڇنڊي ڇاڻي اهو ڪتاب ترتيب ڏنو.
    ياد رهي ته ان ڪتاب ۾ بقول محمد صديق مسافر جي صافي اڍائي سو کن مولود ڪتاب ۾ شامل ڪيا ويا. اهو ڪتاب ڇهن فصلن ۾ ورهايل آهي:
     فصل پهريون هڪ ٽپا مولود
     فصل ٻيو ڏيڍ ٽپا مولود
     فصل ٽيون ٻه ٽپا مولود
     فصل چوٿون موزون ڪلام
     فصل پنجون مداحون
     فصل ڇهون ڪافيون ۽ ڏوهيڙا
    ڊاڪٽر جوڻيجو لکي ٿو ته روايتن موجب هن مولودن کان سواءِ مداحون، ڪافيون، وايون وغيره علم عروض جي اصول تي چيون آهن. ڪي مناقبا به چيا آهن. هڪڙو معجزو به چيو اٿس. (جوڻيجو، 1970، ص 31)
    ڊاڪٽر بلوچ هن جو هڪ مناقبو بعنوان مناقبو نبي ﷺ جو: حضرت ابراهيم جي وفات وارو، پنهنجي ڪتاب مناقبا (1960ع) ۾ صفحي 68 کان 73 تائين ڏنو آهي.
    وفائي صاحب لکي ٿو ته ”هي سهروردي طريقي جو فقير، سنڌي شاعر ۽ عالم درويش هو. سموري زندگي فقط عبادت ۽ رياضت ۾ گذاريائين ۽ پنهنجي وقت جي مشائخن ۾ وڏي عزت وارو هو. هن جون ڪرامتون شمار قطار کان ٻاهر آهن. ميان نور محمد ڪلهوڙو، سندس معتقد ۽ خدمتگذار هو. جنهن ڪري مخدوم صاحب جي اخراجات جو سمورو بار ميان صاحب تي هوندو هو.
    ”ميان عبدالرئوف جي کيتي تان ڍل نه وٺڻ جي باري ۾ هڪ خط ميان نور محمد (شاهه قلي) جي مهر سان اڄ تائين سندس خاندان ۾ موجود آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته ميان صاحب مخدوم صاحب سان تمام رعايت سان پيش ايندو هو.
    ”مخدوم عبدالرئوف ٻه دفعا حج ڪيو ۽ پوئين حج جي سفر ۾ وفات ڪيائين. سندس وفات مدينه منوره ۾ بتاريخ 18 ربيع الآخر 1166هه مطابق 1752ع ۾ ٿي.“ (وفائي، 1985، ڀ ٻ، ص 232)
    قانع هن جي حوالي سان لکيو آهي ته ميان نورمحمد ڪلهوڙو، هن جي ڏاڍي خدمت ڪندو هو، ۽ سندس اکر اکر جي تابعداريءَ واسطي دل و جان سان تيار رهندو هو. (قانع، 1989، ص 379)
    سندن مولود جو ڪو ٽڪرو:
    وراڻي: ڀيج ڀني ڀلي آيو، آيو آيو اجھو محمد آيو
    الا ـــ ريت چڱي رات رانيو

    سرهي سيج وڇايو منهنجو محمد آيو
    آيو آيو سيد رانيو ڀيج ڀني گھر آيو
    ڀلي ڀلي آيو من مرادون پڄايو جيڏيون
    منهنجو محمد ڄام مون گھر آيو
    لعل لالن رنگ لايو گھوٽ گھمي گھر آيو
    احمد عبدالرؤف جي من مراد پڄايو
    عاصي عبدالرؤف چئي ڪلمي ساڻ لڏايو


    مخدوم رحمت الله ڀٽي: (متوفي 1764ع)
    ڊاڪٽر بلوچ موجب هي صاحب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي وٽ پڙهيو، ۽ سندس پاران هن کي جاري ڪيل سند بلوچ صاحب ڏٺي هئي ۽ ان جي عبارت به نقل ڪئي اٿس. هي صاحب 9 رمضان 1138 / 26 جولاءِ 1719ع) تي ڄائو. کيس مخدوم محمد هاشم ٺٽوي پاران سند يا اجازت نامون سال 1153 هجري/ 1740ع ۾ مليو.
    هن صاحب جي وفات 28 جمادي الثاني 1178هجري/ 22 ڊسمبر 1764ع تي ٿي. (بلوچ، 2008، ص51)

    مفتي محمد رفيق هالائي: (متوفي 1768ع)
    وفائي صاحب هڪ پاسي ته هن بزرگ متعلق لکي ٿو ته هي بزرگ عالم فاضل، صاحب فتويٰ ٽالپرن جي زماني ۾ هالن ۾ ٿي گذريو آهي. پر جيڪا وفات جي تاريخ ڄاڻائي اٿس، ان موجب ته هو ڪلهوڙا دؤر جو بزرگ هو. مولانا دين وفائي موجب هي صاحب درس تدريس سان گڏ، انهيءَ وقت فتويٰ نويسي جو معاملو به سندس حوالي هو. هو سڀني علومن جو ماهر ۽ فاضل عالم هو.
    هن بزرگ جي وفات پهرين جمادي الثاني سن 1182هه/ 13 سيپٽمبر، 1768ع ۾ ٿي گذري آهي.

    مولانا پير محمد هالائي:
    وفائي صاحب موجب هي هڪ وڏو عالم، درس تدريس جو مالڪ ۽ مهمان نواز بزرگ هو. هالن ۾ ايندڙ درويشن ۽ بزرگن جي مهمانداري ۽ خدمت گذاري ڪندو رهندو هو. هڪ دفعي خواجه محمد ذڪي ولد خواجه محمد حنيف ولد خواجه عبدالاحد ولد خواجه امام محمد سعيد ولد خواجه شيخ احمد رباني مجدد الف ثاني حج جي ارادي سان ملتان مان ٿيندو، هالن ۾ اچي پهتو. هالن جي آب و هوا جي لطافت ڪري اُتي ڪجهه وقت رهي پيو، جتي مولانا پير محمد هالائي سندس خدمت ۾ ڪمر همت ٻڌي بيهي رهيو. خواجه صاحب جي خرچ لاءِ هڪ موضي وٽان اوڌر تي سيڌو وٺي انتظام ڪندا رهيا. جڏهن خواجه محمد ذڪي هالن مان ٺٽي جي ارادي سان روانو ٿيڻ لڳو. تڏهن مولانا پير محمد دعا لاءِ استدعا ڪئي. خواجه صاحب فرمايو ڪهڙي دعا ڪريون. مولانا پير محمد عرض ڪيو ته مون کي اهڙي ڪشايش رزق نصيب ٿئي، جو سواءِ ڪنهن محتاجي جي، سڀ ڪنهن مسافر کي ماني ڀور کارائيندو رهان. خواجه صاحب فرمايو، ٻيو به ڪجهه گهرجي؟ مولانا چيو، منهنجي ته فقط اها آرزو آهي، خواجه صاحب دعا ڪئي، پوءِ ته مولانا تي ايڏي فراخي ٿي، جنهن جي ڪا حد ڪانه آهي. آخر ڄمار ۾ مولانا پير محمد حج جو سفر ڪيو ۽ مڪه مڪرمه ۾ ئي وفات فرمائي ويو.
    اهو واقعو 12صدي جي وچ ڌاري جو آهي. خواجه محمد ذڪي جي وفات سن 1143هه/ 1730ع ۾ ٿي آهي. جنهن کان پوءِ مولانا پير محمد جي وفات جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. (وفائي، 1986، جلد 3، ص 154-156)

    محمود مجذوب هالائي:
    وفائي صاحب جي خيال ۾ هي ننڍپڻ ۾ خواجه محمد زمان بزرگ لنواري وارن جي خدمت ۾ رهيو، پوءِ اچي هالا ڪنڊي ۾ مقيم ٿيو.
    وفائي صاحب هڪ واقعو لکيو جنهن موجب ”جنهن سال فقير عبدالرحيم گروهڙي ((1152/1739-1192/1778 ميرن واري خداآباد ڏانهن ظاهري عالمن جي مناظري لاءِ وڃي رهيو ته ان سفر ۾ هالن مان حضرت مخدوم نوح جي مقبري کان اچي لنگهيو. گهوڙي تي سواري هئس، مجاورن فقير کي منع ڪئي ته سوار ٿي نه لنگهو ۽ گهوڙي تان لهي پئو. ايتري ۾ مجذوب محمود به اچي اتي پهتو. فقير صاحب مجذوب پير ڀائي کي ڏسي ادب کان گهوڙي تان لهڻ ٿيو ته رڪيب جو دوال ڇڄي پيو. فقير صاحب گوڏن ڀر زمين تي ڪِري پيو. مجاورن چيو ته اسان منع ڪئي سون پر نه مڃيائين، اها کيس سزا ملي آهي. فقير عبدالرحيم ته مجاورن جي گفتگو تي توجهه نه ڪيو، پر مجذوب فرمايو ته ائين نه آهي، پر عبدالرحيم گوڏا هڻي قبي کي ڊاٺو آهي. آخر ٿيو به ائين جو درياء جي پائيندڙ ۾ قبو ڊهي پيو ۽ مخدوم صاحب جي جسم کي اتان کڻائي نون هالن ۾ آڻي دفن ڪيو ويو.
    وفائي لکي ٿو ته 13صدي جي پهرين اڌ ۾ مجذوب هالن ۾ وفات ڪئي. (مرغوب) (وفائي، 1986، جلد 3، ص 154 ۽ 155)
    مقامي طور نامور بزرگ:
    هيٺ ذڪر ٿيندر سڀ بزرگ مقامي طور تي بيحد نامور آهن. انهن جو مقامي مورخن جي ڇپيل يا اڻڇپيل تذڪرن وغيره ۾ ذڪر ضرور آهي، پر ٻين نامور تاريخي ڪتابن يا تذڪرن ۾ انهن جو ڪو احوال نٿو ملي.
    ان کان علاوه اڪثر صاحبن جي ولادت توڙي وصال جون تاريخون به معلوم نه آهن، تنهنڪري انهن جي حقيقي دؤر جو تعين به مشڪل ٿيو پوي. ان ڪري انهن کي علحده هن حصي ۾ پيش ڪجي ٿو.

    مخدوم محمد شعيب عرف مخدوم لاخيال :
    مقامي طور تي هن بزرگ جو وڏو نالو آهي. هن بزرگ جي مزار ملان سانوڻي قبرستان ۾ آهي. حديقة اولياءَ توڙي تذڪره مشاهير سنڌ ۾ هن جو ڪوبه احوال نٿو ملي، نڪي مير علي شير قانع تحفة الڪرام يا معيار سالڪان طريقت ۾ هن جو ڪو ذڪر ڪيو آهي. البت انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٻي جلد (2010ع) واري ضميمي ۾ آخوند سانوڻي واري داخلا ۾ اهو لکيل آهي هن صاحب سمن جي اوائلي دؤر ۾ مڪتب قائم ڪيو هو، جنهن ۾ مخدوم نوح جو والد مخدوم نعمت الله پڙهيو آهي. (ص 584)
    ٻي پاسي مقامي مورخ سائين عطا محمد صدر جي لکت موجب هو نه رڳو مخدوم نوح جا استاد گرامي هئا، پر سانوڻي ملن کي به پڙهايو اٿن.
    هڪ ٻئي مقامي مورخ ڊاڪٽر اسرار احمد آخوند علوي پنهنجي ڪتاب تحفة الروح ۾ هن بزرگ جو نالو مخدوم شعيب لاکيار عرف درويش لاخيال بودلو لکيو آهي. هن هڪڙي پاسي اهو لکيو آهي ته هو مخدوم نوح جو استاد هو. پر ٻئي پاسي اها روايت به لکي اٿس ته جڏهن مخدوم نوح تنجڻن ۾ هئا ته هي وٽن ويا ۽ اڪيلي ۾ کائن تلقين ورتائين.
    (علوي، 2009، صفحو191)
    ڊاڪٽر علوي جي لکت موجب هو هالا ڪنڊي ۾ پيدا ٿيو ۽ سن 917 هجري (1511ع) (جڏهن مخدوم نوح جي عمر 5 يا ڇهه سال هئي) فوت ٿيا ۽ کين هالا ڪنڊي ۾ دفن ڪيو، پوءِ هالا ڪنڊي جي ٻين بزرگن وانگيان هن جو نعش مبارڪ اتان کڻي آخرڪار ملان سانوڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.
    ٻئي پاسي اڻ ڇپيل ڪتاب تاريخ قديم هالا لکيو ويو آهي ته ”هي بزرگ زمانه قديم جو اٺين صدي هجري (چوڏهين صدي عيسوي) جي پڇاڙي يا نائين صدي هجري (پندرهين صدي) جي اوائلي دورجو آهي. هيءُ بزرگ اصل پنجاب جو هو. پوءِ آخوند سانوڻي يعني قوم قريشي عقيلي جي هڪ بزرگ مراقبه ذريعه ملتان ۾ وقت جي غوث کي چيو ته اسان جي تعليم لاءِ هڪ استاد موڪليو. جنهن مخدوم شعيب کي هن طرف موڪليو. بزرگ مخدوم شعيب يعني لاخيال بودله آخوند سانوڻين جي قوم جو استاد هو. آخوند سانوڻين کي سانوڻي لقب به ان بزرگ جي دعا سان مليل آهي.بزرگ قريشي عقيلي خاندان کي چيو ته آئون جنهن مهل مراقبه کان فارغ ٿيان، اوهان منهنجي پاسي کان ويٺل هجو. بزرگ مخدوم لاخيال مراقبه بعد اشراق نماز پڙهي، سلام بعد قوم قريشي عقيلي جي خاندان کي دعا ڪئي ته اوهان ۾ ايترو علم پيدا ٿيندو جيئن سانوڻي جو مينهن وسي.“ (مولوي ۽ قاضي، ص، 193)
    پهرئين ڳالهه ته مخدوم نوح جن ڏهين صدي هجري جي اوائل ۾ پيدا ٿيا. تنهن ڪري اٺين صدي جي پڇاڙي يا نائين صدي جي اوائل ۾ پيدا ٿيل ڪنهن بزرگ جو هن جو استاد ٿيڻ سمجهه کان پري آهي. ٻيو ته اسان مٿي انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا واري روايت (جيڪا منهنجي ذاتي خيال ۾ وڌيڪ تحقيق جي گهرجائو آهي) ۾ پڙهيو ته مخدوم نوح جو والد هن جي مڪتب ۾ پڙهيو هو.
    سائين عطا محمد صدر هالا پراڻا جي هڪ بزرگ شخصيت آخوند حاجي ولي محمد جي حوالي سان لکيو آهي ته هي بزرگ گهڻو ڪري سورت ڪهف جي تلاوت ڪندا رهندا هئا.
    ڊاڪٽر علوي لکيو آهي ته آخوند ولي محمد جو چوڻ هو ته ڪو ماڻهو مشڪلات ۾ هجي ته اهو سج اڀرڻ کان اڳ مخدوم شعيب جي مزار تي دعا گهري ته الله پاڪ مشڪل آسان فرمائي، پوءِ اتان مخدوم نوح جي مزار تي وڃي ساڳي دعا گهري، پر شرط آهي ته رستي ۾ ڪنهن سان ڳالهائي بلڪل نه. درگاه مخدوم نوح تي اشراق پڙهي واپس اچي ته انشاءَ الله مشڪل حل ٿيندي. (علوي، 2009، ص 191 ۽ 192)
    سائين عطا محمد به هڪ واقعو درج ڪيو آهي. ان موجب کيس پير عبدالباقي سرهندي (جيڪو هن وقت پي آءِ اي ۾ ملازم آهي ۽ ڪلري ڪراچي ۾ وڃي لڏي ويٺو آهي.) ٻڌايو ته هو بيروزگاري واري وقت ۾ مخدوم محمد شعيب لاخيال جي مزار تي حاضري ڏيندو هو. هڪ ڀيري کيس خيال آيو ته ان قبرستان ۾ ڪو وڻ ڪونهي. تنهن ڪري اس تنگ ڪري ٿي. سو هن وڻ لڳائڻ جو خيال ڪيو. اهو فيصلو ڪري رات جو جڏهن ستو ته مخدوم شعيب لاخيال جي زيارت نصيب ٿيس. مخدوم صاحب عربي لباس ۾ هو ۽ کيس فرمايائين ته نوجوان تنهنجو منصوبو سٺو آهي. جڏهن تون وڻ لڳائڻ لاءِ زمين کوٽيندي ته اتان نانگ نڪرندو، ان کي ماري وري هيٺ کوٽيندي ته توکي سون جو ٿانو ملندو. اهو تنهنجو انعام آهي. پير باقي چيو ته فجر نماز بعد هو ۽ نورمحمد قريشي گڏجي چانهن پيئندا هئا. تنهن ڪري انهي صبح هن چانهن پيئندي ان کي اها ڳالهه ٻڌائي ته هو هن تي چٿر ڪرڻ لڳو ته ڇا جو دفن ٿيل خزانو، اهي قصا پراڻا ٿي ويا. بهرحال هو پنهنجي فيصلي تحت ٻوٽو لڳائڻ ويو ته اتي نانگ ته نڪتو پر خزانو نه مليو. هن پنهنجي والده سان اهو قصو ڪيو، جيڪا پاڻ به بزرگ خاتون هئي. تنهن چيو ته تون جيڪر اها ڳالهه ڪنهن سان نه ڪرين ها ته توکي خزانو ملي ها. هو ٻوٽن کي پاڻي ڏيندو رهيو. وري هن کي مخدوم صاحب جي زيارت نصيب ٿي. ان به کيس چيو ته تو اها ڳالهه ظاهر ڪري ڇڏي، تنهن ڪري توکي خزانو نه مليو. اڄ سومر آهي. توکي خميس جي ڏينهن پي آءِ اي ۾ آرڊر ملندو.
    هو خميس جو سڄو ڏينهن انتطار ڪندو رهيو. سانجهي ٻانگ کان پوءِ ته هو شهر ۾ نماز پڙهڻ ويو ته کيس پوسٽ مئن رجسٽرڊ ليٽر ڏنو، جنهن ۾ نوڪري جو آرڊر هو. (صدر، 1997، اڻڇپيل، ص 19)
    هن بزرگ جي ڀر ۾ هڪ ٻيو بزرگ سيد قطب شاهه عرف شاهه بودلو مدفون آهي. جنهنجو وڌيڪ احوال نه پيو ملي. اڳيان احوال ۾ اوهان ڏٺو ته ڊاڪٽر اسرارعلوي مخدوم شعيب لاخيال ۽ سيد قطب شاهه عرف بودلي کي پاڻ ۾ ڳنڍي ڇڏيو آهي.
    هن بزرگ جي حوالي سان اسان جي ڳوٺ ۾ اها روايت مشهور آهي ته اڳي جڏهن مڇر وڌي ويندا هئا، ته مالوند ڪو کٿو ۽ ڏاٽو کڻي ان جي مزار تي ڇڏيندا هئا ۽ بزرگ کي گذارش ڪندا هئا ته الله جي حڪم سان مڇرن کي مار. چيو وڃي ٿو ته ان کان پوءِ مڇر ختم ٿي ويندا هئا.

    سيد مير علي شاهه عرف ميرل شاهه يا سيد عبداللطيف عرف ميرڻ شاهه:
    شهيد محمد اسلم ميمڻ گورنمينٽ هاءِ اسڪول هالا پراڻا جي پويان ڏکڻ اوڀر ڪنڊ تي موجود هڪ مزار لاءِ چيو ويندو آهي ته هي ميرل شاهه جي مزار آهي. مقامي سطح تي ڪن جي خيال ۾ هتي مدفون بزرگ سيد مير علي شاهه سنڌي آهي، جيڪو مٽياري وارن ساداتن جو جد امجد آهي، پر ڪي چون ٿا ته اهو مٽياري ۾ مدفون آهي.
    سائين عطامحمد صدر توڙي مولوي محمود قريشي جي خيال ۾ هتي مدفون بزرگ جو نالو سيد عبداللطيف عرف ميرڻ شاهه آهي.
    هي صاحب مخدوم شعيب لاخيال جو همعصر سمجهيو وڃي ٿو. سائين عطا محمد صدر جي لکئي موجب هي ٽکڙ جو سادات آهي. جيئن هي بزرگ سيّد ميرڻ شاهه هالن پراڻن ۾ آيو، تيئن اتي سڪونت پذير ٿيو.
    تاريخ قديم هالا ۾ مخدوم شعيب لاخيال ۽ هن وچ ۾ بحث جو ذڪر ڪيو ويو آهي. سيد ميرڻ شاهه مخدوم لاخيال کي چيو ته تون مرڻ بعد ٻيو پٽ ڪندين ۽ تو وٽ پلا مرندا. انهيءَ تي مخدوم لاخيال چيو ته منهنجي ٻئي پٽ ڪرڻ بعد منهنجي مقام جي در تائين پاڻي نه ايندو. پر اهو تو وٽ ايندو. انهيءَ ڪتاب موجب انهن ٻنهي جون پيشنگويون صحيح ثابت ٿيون.
    ”سال 1976ع ڌاري سخت زبردست درياهه ٻوڏ آئي. ... ۽ درياءَ جي ٻوڏ جو پاڻي بزرگ مخدوم لاخيال جي مقام جي دروازه تائين نه چڙهيو. چوگرد پسگردايون ۽ شهر زير آب ٿي ويا. اهو پاڻي بزرگ مخدوم لاخيال جي مزار ۽ مقام جي ڏکڻ طرف کان پاڻي وهي ميرڻ شاهه بزرگ جي مزار مبارڪ ۽ ان جي مقام کي چوگرد وڪوڙي ويو. اتي ماڻهن ننڍڙا پلا ماريا.
    مذڪوره ڪتاب ۾ هن جي حوالي سان هڪ ٻي روايت لکي ويئي آهي ته ”ٻيو واقعه بزرگ مرحوم سيّد ميرڻ شاهه کي حضور جن خواب ذريعي ۽ روحاني ذريعه حڪم ڪيو ته اوهان اتي نه ويهو بلڪ دين جي تبليغ لاءِ نڪري عوام الناس کي ديني احڪام پهچايو. ۽ انهن کي فواحش ڪمن کان منع ڪريو ۽ هنن کي امر بالمعروف ڪريو ۽ نيڪيءَ لاءِ چئو. ان حڪم موجب مرحوم شاهه صاحب دين جي تبليغ لاءِ نڪتا. ۽ دين جي تبليغ ڪندي اتيئي شهيد ٿيا. شهادت حاصل ڪرڻ بعد پنهنجي سسي هٿ ۾ کڻي اتان اڏامي مدينه منوره ٿي ويو جڏهن ان جاءِ تي (جتي هن وقت سندس مزار مبارڪ آهي) پهتو. راوين جو چوڻ آهي ته اتي هڪ پرهيزگار عابده بي بي يعني آرياڻي کيس ڏسي ورتو ۽ مرحوم شاهه صاحب کي چوڻ لڳي ته اوهان ڪيڏاهن وڃي رهيا آهيو. اتي شاهه صاحب جواب ۾ فرمايو ته مائي تو اسان جو راز کولي ورتو. آئون مدينه ڏي وڃي رهيو هوس، بس اسان جو خمير اتيئي آهي. ائين چئي اتيئي زمين ۾ غائب ٿي ويو.
    (مولوي ۽ قاضي، ص 18، 139، 140)

    سيّد جلال شاهه:
    تاريخ قديم هالا ۾ هن جو جيڪو احوال آهي، ان موجب ”هن بزرگ سيّد جي باري ۾ راوين جو اختلاف آهي. اڪثر راوين جو چوڻ آهي ته هي سيّد بزرگ اصل پنجاب جو رهاڪو هو. ۽ مخدوم لاخيال جو استاد آهي. مخدوم لاخيال جي حياتي ۾ وٽس آيو هو. پوءِ اتي ئي رهي پيو. ۽ قديم زمانه جو بزرگ آهي. مرحوم سيّد صاحب وفاتي کان اڳ وصيت ڪئي ته مونکي فلاڻي جاءِ تي دفن ڪجو (جنهن جاءِ تي هن وقت رکيل آهي يعني سندس تربت آهي). ڇو ته وفاتي کان اڳ بزرگ سيد صاحب چيو ته هيءُ پٽ جنهن تي ويٺل آهيون درياهه کڻي ويندو. آئون لڏ پلاڻ پسند نٿو رکان.
    ان ڪتاب ۾ وري اڳتي لکيو ويو آهي ته ڪن ماڻهن جو رايو اهو آهي ته هيءُ سيد جلال شاهه صاحب سيد عبدالڪريم بلڙي واري جو وڏو ڀاءُ هو. چون ٿا ته شاهه عبدالطيف ڀٽائي اچي هن جي مرقد وٽ ويهندو هو ۽ سماع ڪندو هو. (مولوي ۽ قاضي، ص 142 ۽ 143)

    سيد جيئندل شاهه:
    تاريخ قديم هالا موجب ”هي بزرگ سيد آڳاٽي زماني جو آهي. اهيا خبر نه ملي سگھي آهي ته اصل ڪٿي جو آهي ۽ هتي ڪهڙي وقت کان آيل آهي. ۽ ڪهڙي خاندان مان آهي.
    ”عمر رسيده ماڻهن کان معلوم ٿيو آهيته هيءُ بزرگ سيّد پنهنجي حياتي ۾ سونن سنڱن سان نانگ تي چڙهي هلندو هو. سندس وفاتي کانپوءِ ڪيترن ماڻهن اهيو نانگ سونن سنڱن سان بزرگ سيّد جيئندل شاهه مرحوم جي قبر جي ڪنهن مهل سيراندي طرف ڪنهن مهل پيراندي طرف ڪئين دفعه ڏٺو آهي. (مولوي ۽ قاضي، ص 141)
    هن جي مزار کڏي کٿوري قبرستان ۾ آهي.

    سيد ابراهيم شاهه:
    هن صاحب جي حوالي سان خاص احوال مقامي مورخن وٽ به ڪونهي، پر هن جي هڪ بزرگ طور ناماچاري آهي. سائين عطا محمد کي ڳوٺ جي ڪنهن بزرگ چاليهه سال اڳ ٻڌايو هو ته ڀٽي خاندان جي هڪ شخص مخدوم عبدالطيف صاحب جو اهو معمول هوندو هو ته هو کڏي کٿوري ۾ فاتحه پڙهي، وري مخدوم شعيب لاخيال جي مزار تي فاتحه پڙهندو هو. اتان ٿي وري ميرل شاهه جي مزار تي حاضري ڀريندو هو. هڪ ڀيرو انهيءَ رستي سان گذريو ته کيس آواز آيو ته ”السلام عليڪم! تون اسان کي وساريو ڇڏين، باقي ٻين مزارن تي وڃين ٿو.“ تنهن تي هن پڇيو ته ”توهان ڪير آهيو؟“ ته جواب مليو ته هو ابراهيم شاهه آهي. ان کان پوءِ هن صاحب اها مزار ٺهرائي. پوءِ هو هتي به فاتحه پڙهڻ ايندو هو. (صدر، 1997، ص 13)
    هي مزار سائين عطا محمد صدر جي لکت موجب سرڪاري اسپتال جي پويان سرن جي بٺي وٽ آهي. ياد رهي ته هينئرانهي کوري يا بٺي جي جاءِ تي مدرسه دارالفيوض کلي ويو آهي.

    پنج شهيد:
    سائين عطامحمد جي لکت موجب هالا پراڻا ۾ شهيدن جا ٻه آستانه آهن. هڪڙو شهر کان اوڀر طرف شاهه ديواني يا ڌياني جي قبرستان ڀرسان ۽ ٻيون عيد گاهه ڀٽي بزرگان جي ڏکڻ ۾ ڪچي ۾ آهي. انهن جي حوالي سان مقامي روايتون اهي آهن ته ڪافي عرصو اڳ ڪنهن جنگ ۾ شهيد ٿيا ۽ سندن سر مبارڪ هتي اڏامي آيا.
    تاريخ قديم هالا موجب ”هي پنج شهيد قاضي محله کان اڀرندي طرف رسته خانوٺ تي بزرگ شاهه ديانه لڳ هڪ ٿلهي تي کٻڙ جي هيٺان اڳ رکيل هئا. سال 1980ع هڪ ڪراچي جي ڪاٺياڙي واري شاهوڪار کي خواب ذريعي اشارو ٿيو. جنهن ساري عمارت جو ۽ ان ڀرسان مسجد جي نئين عمارت جو خرچ پاڻ تي هموار ڪري تيار ڪرايو. هن وقت شهيدن جو مزارون عمارت جي اندر محفوظ آهن. ۽ ٻيا شهيد خانوٺ ۽ هالا پراڻه وڏي بند لڳ شهر هالن پراڻن کان ڏکڻ ۽ الهندي جي ڪنڊ طرف آهن. اهي سڀ سيّد آهن. ۽ قديمي زمانه کان اتيئي مدفون آهن.“ (مولوي ۽ قاضي، اڻ ڇپيل، ص 176)
    اهي ڪٿان آيا جي حوالي سان ان ڪتاب ۾ لکيو ويو آهي ته”انهن شهيدن ۾ گهوٽ سيّد رالي شاهه (شايد اصل عالي شاهه نالو هجي) شادي ڪري ڄڃ سان گڏ آيو پئي ته ڪافرن لٽ مار جي خيال سان انهن سڀني کي شهيد ڪري ڦرلٽ ڪري ويا. پوءِ سيّد شهيد هر هڪ پنهنجيون سسيون هٿن تي کڻي اڏاڻان ته گس تي جن ماڻهن ڏٺو۽ چوڻ لڳا ته اڙي ڏسو ته مئل پنهنجيون سسيون هٿن ۾ کڻي ڪيئن اڏامندا وڃن پياته جيئن جيئن ماڻهن جا آواز جن شهيدن ٻڌا ته اتيئي زمين ۾ پاڻ ڇڏيندا اتيئي غائب ٿيندا ويا. پوءِ جتي ماڻهن انهن شهيدن کي جنهن جاءِ تي غائب ٿيندي ڏٺو، اتيئي انهن جون قبرون ٺهرائي ڇڏيون. ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته ساڳئي وقت ۾ اهڙي طرح اهڙيون قبرون کنڊوءَ جي رسته تي پڻ آهن.“ (مولوي ۽ قاضي، ص 176، 177)
    هنن جي حوالي سان هڪ ٻي روايت اها آهي ته اهي رات جو پاڻ کي ٻيلي او ٻيلي چئي پيا سڏيندا هئا. انهن آوازن تي انسان توڙي جانور پيا ٽهندا ۽ ڊڄندا هئا. تنهنڪري هالا پراڻا جي ڀٽي بزرگ ميان دين محمد صاحب سندس مزار تي وڃي کين گذارش ڪئي ته سندن آوازن تي ماڻهو ۽ مرون پريشان ٿين ٿا، تنهن ڪري اهي بند ڪيا وڃن، هاڻي پنهنجي ملاقات ڏينهن قيامت تي ٿيندي. ان کان پوءِ اهي آواز بند ٿي ويا. (صدر، ص 14)
    سيد علي نواز شاهه پنهنجي والد ربڏنو شاهه جي حوالي سان ٻڌائي ٿو هالا پراڻا ۽ خانوٺ جي وچ ۾ دريا جي پيٽ ۾ جيڪي ٽي قبرون شهيدن جون آهن، تن ۾ عورتون مدفون آهن. ياد رهي اهو صاحب انهي مزار کي سنڀاليندو آهي.

    سيد فيض محمد شاهه:
    هن صاحب جي مزار درياءُ سنڌ جي ڪناري تي آهي. اتي ٽي قبرون آهن، جن مان وچين، بقول سائين عطا محمد صدر جي ته فيض محمد شاهه جي قبر آهي. چيو وڃي ٿو سيد عبداللطيف عرف ميرڻ شاهه شهيد سندس سهيوڳي آهي ۽ مائٽ آهي.
    سائين عطا محمد هن جي ڪرامتن جو احوال ڏيندي لکيو آهي ته سال 1956ع ۾ جڏهن ٻوڏ جو خطرو هو، تڏهن شهر جي اڌ آبادي هتان لڏي ويئي هئي. هڪ رات جو سيد فيض محمد شاهه ٽن شخصن آخوند ولي محمد، نصرالله ڪوري ۽ محمد عثمان ڪوري، جيڪي ٽئين هن دؤر جا بزرگ ٿي گذريا آهن، کي خواب ۾ اچي ٻڌايو ته انشاءَ الله اڄ رات کان پوءِ پاڻي جو زور گهٽجي ويندو. فجر نماز کان پوءِ انهي بزرگن مولوي احمد صاحب کي اهو خواب ٻڌايو. صبح جو دريا تي پهتا ته اتي پاڻي واقعي به لهڻ شروع ڪري چڪو هو.
    تاريخ قديم هالا موجب”راوي محمد صادق بيان ڪري ٿو ته اسان جا وڏا چوندا هوا ته هن سادات خاندان جا وڏا قديم زمانه کان لڏي هالڪنڊي ۾ اچي ويٺا. درياء خوردي سبب ڀٽي بزرگن سان گڏجي هتي پنهنجيون جايون ٺهرائي ويٺا.
    ”ان خاندان سادات ۾ سيّد محسن شاهه تمام ڪامل بزرگ ڪرامت جو صاحب هو. ڪن سببن سبب هالن پراڻن مان لڏي ٽنڊه سائين داد وڃي ويٺو. هتي ان خاندان مان سيّد پريل شاهه باقي هالن پراڻن ۾ رهيو.
    ”جڏهن سيّد محسن شاهه وفات ڪئي ته پريل شاهه به هتي هالن پراڻن واريون جايون وڪڻي سموري ڪٽنب ۽ عيال سميت لڏي ٽنڊي سائينداد ۾ وڃي ويٺو ۽ اتي ئي ٽنڊي سائينداد ۾ وفات ڪيائين. جنهن جو اولاد پشت به پشت ٽنڊه سائين داد ۾ رهندو اچي.“ (مولوي ۽ قاضي، ص 136 ۽ 137)

    قطب شاهه بودلو:
    هن جي مزار مخدوم شعيب لاخيال جي ڀرسان ملان سانوڻي قبرستان ۾ آهي. هن جو وڌيڪ احوال نه ملي سگهيو.

    مائي ٿورياڻي:
    تاريخ قديم هالا ۾ لکيل آهي ته ”هيءَ مائي ٿورياڻي ڪرامت واري ۽ اهل الله ٿي گذري آهي. عمر رسيده ماڻهون روايت ڪن ٿا ته هيءَ مرحومه مائي ٿورياڻي اصل ٿر جي آهي ۽ شاهه ڀٽائي جي وقت جي آهي. ڪن راوين جو چوڻ آهي ته هالن پراڻن جو هڪ ماڻهو شادي ڪري آيو. جنهنڪري مائي ٿورياڻي ان ماڻهو سان شادي ٿي اچڻ بعد سندس رهڻ هالن پراڻن ۾ ٿيو. ۽ اتيئي وفات ڪيائين. سندس تربت شاهه ديانه جي مقام ۾ آهي.“
    انهي ڪتاب ۾ شاهه ڀٽائي جي حوالي سان جيڪو واقعو لکيو ويو آهي سو شاهه جي ٻين سوانحي ڪتابن ۾ نه آهي. ان قصي موجب شاهه صاحب سندس مهمان ٿيو. شاهه صاحب جي مهماني لاءِ مائي صاحبه ڪرامت ذريعي مڇي گهرائي. پر اها شاهه صاحب کي ڳوهه نظر آئي، سو شاهه صاحب اها نه کاڌي پر ڪنهن جاءِ تي اڇلائي ڇڏي. اتي سائو وڻ اڀري آيو. جنهن گندي ۾ اها مڇي هئي سا رتجي ويئي، سو اها شاهه صاحب پنهنجي نوڪرياڻي کي ڏني. نوڪرياڻي ان رت کي چوسيو ته اڏامڻ لڳي. تنهن تي شاهه صاحب ان جو سبب پڇيو. نوڪرياڻي ٻڌايس ته ان گندي ۾ لڳل رت کي چوسڻ سان ائين ٿيو. چون ٿا ته شاهه صاحب واپس وريو ته ان مڇي کي وري حاصل ڪريان، پر جتي اها مڇي اڇلائي اتي سائو وڻ بيٺل هو.
    ”مائي ٿورياڻي جي وفات کانپوءِ سندس تربت ڏٺي وئي آهي ته پاسيري ڪنڊائتي آهي. ڪافي ڀيرا سندس تربت اتر ۽ ڏکڻ طرف ٺهرائي وئي آهي ته ٻئي ڏينهن پاسيري ۽ ڪنڊائتي ٿي پئي هوندي آهي. جا اڄ تائين ان صورت سان آهي. (مولوي ۽ قاضي، ص 188، 189)


    حصو ٻيو: هالا پراڻا

    باب ٽيون: هالا پراڻا، هالاڪنڊي جو نئون جنم روپ

    اسان وٽ عام رايو ته اهو آهي ته 1758ع ڌاري جڏهن سنڌو درياهه پنهنجو پراڻو وهڪرو بدلائي هاڻوڪو وهڪرو اختيار ڪيو ته هالا ڪنڊي وارو قديم شهر صفا ٻڏي ويو. تنهن ڪري اتان جا رهواسي دريا جي کاٻي ڪپ تي اچي ويٺا، جنهن کي اسان هن وقت هالا پراڻا سڏيون ٿا. ٻين لفظن ۾ هالا پراڻا جو وجود ارڙهين جي پوئين اڌ ۾ پيو آهي. پر ڇا واقعي ائين آهي يا هالا پراڻا جو وجود ان کان اڳ ۾ هو؟
    هالا پراڻا جي قيام جي حوالي سان محترم منور ارباب هالو لکي ٿو ته هي شهر 1397ع ۾ ڪنهن سما شهزادي جوڙايو ۽ اهو هالا ڪنڊي سان گڏ موجود هو. دريا بردي جي ڪري ماڻهو اتي لڏي آيا ۽ هي شهر وڌيو.
    (هالو، 2014 ۽ 2016، ص 21)
    ڊاڪٽر بلوچ جي خيال ۾ هالا ڪنڊي جي قديم وسندي نائين صدي هجري ۾ درياءَ جي ٻوڏ جو شڪار ٿي ۽ ان جا رهواسي نئين هالا ڪنڊي يعني هالا پراڻا جي وستي ۾ اچي ويٺا. (بلوچ، 2012، ص 246)
    اسان شروع ۾ قاضي غلام محمد قريشي جي لکت جو حوالو ڏنو آهي، جنهن موجب سال 1010 هجري بمطابق 1601-2ع ڌاري ٽوڙي (جنهن کي هالا ڪنڊي جو جاڙو واهڻ يا پاڙو چئجي) ٻڏڻ لڳو ته ان وقت جي سجاده نشين مخدوم امين محمد اول پنهنجي وڏڙن جا نعش مبارڪ آڻي سرنار ڦاٽڪ، ملان سانوڻي ڀرسان اوريون دڪو، جتي ڊيهن آهي، يعني موجوده هالا پراڻا جي اتر اولهه ڪنڊ تي اچي دفنايا. ان وستي کي ان زماني ۾ اسلام آباد يا مخدوم جميل الزمان جي لفظن ۾ اسلام پور سڏيو ويو. ان جو مقصد اهو ٿيو ته مخدوم صاحبان يارهين صدي هجري جي شروع يعني يعني سترهين صدي عيسوي جي شروع ۾ ئي هتي لڏي آيا آهن.
    مخدوم جميل الزمان اٺين سجاده نشين مخدوم مير محمد عرف مير پير (1738-1789) جي مختصر سوانح ۾ لکيو آهي ته هن صاحب جي ولادت 1738ع ۾ سندس آبائي ڳوٺ هالا پراڻا ۾ ٿي. (مخدوم جميل، 2001، ص 89)
    ان حساب سان ائين کڻي چئجي ته مخدوم صاحبان جو ٻيو سجاده مخدوم امين محمد اول هالا پراڻا ۾ اچي ويٺو. جيتوڻيڪ اٺون سجاده مخدوم مير پير هتان لڏي وڃي مرتضي آباد يعني هالا نوان جو بنياد رکيو. پر نائون ۽ ڏهون سجاده به هتي هالا پراڻا ۾ پيدا ٿيا.
    سائين طلعت جيلاني قريشي مون کي قاضي اميد علي قريشي جي موجودگي ۾ اهو ٻڌايو ته هاڻوڪو هالا پراڻا به ان وقت موجود هو ۽ هالا ڪنڊي جو حصو هو. تنهن ڪري هالا ڪنڊي جو رڳو هڪ حصو دريا جي حوالي ٿيو. قاضي غلام محمد قريشي صاحب واري مذڪوره جاءِ کي ڪافي ويجهو آخوند ملان سانوڻي محلو آهي، جتي بچاءِ بند جي بلڪل ويجهو هڪ مسجد آهي، جيڪا ڪلهوڙا دؤر جي آهي. انهيءَ جو مقصد ته ڪلهوڙا دؤر ۾ به هي علائقو وسيل هو.
    ياد رهي ته ان زماني ۾ هالا ڪنڊي به وسيل هو. هن پاڙي ۾ هينئر ته اڪثر عقيلي قريشي رهن ٿا، پر اڳ ۾ اتي شيخ، ميمڻ، شيدي وغيره به رهندا هئا، جيڪي ويهين صدي جي پهرئين اڌ ۾ اتان لڏي اچي هالا پراڻا جي مرڪز ۾ ويٺا آهن.
    اصل ۾ اڳ ۾ مختلف پاڙا هڪ ٻئي کان ٿورو جدا جدا ۽ ڪجهه مفاصلن تي هوندا هئا، سو آئون سمجهان ٿو ته هي ماڳ به هالا ڪنڊي جا هڪ طرح پاڙا هئا. ٻيو ته هالا ڪنڊي هڪ پرڳڻي جو به نالو رهيو آهي، تنهن ڪري انهن کي علحده وستيون به چئجي کڻي، جيڪي ان پرڳڻي جا حصو هئا. آخوند سانوڻي ته لڳي ٿو اڳ ئي هن جوءِ ۾ ويٺل هئا.
    مٿين راين جي روشني ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته هالا ڪنڊي جي اوج واري زماني ۾ به موجوده هالا پراڻا جي وستي آباد هئي، پر اها ايترو ڪا نامور وغيره نه هئي. پر جڏهن هالا ڪنڊي ٻڏو ۽ اتان جا رهواسي اچي هتي ويٺا ته هن وستي جو ذڪر تاريخ جي ڪتابن ۾ شروع ٿيو.
    ڀٽي بزرگن پاران هتي اچي آباد ٿيڻ جو احوال سائين عطا محمد صدر هيئن بيان ڪري ٿو ته اهو سال 1768ع هو، جڏهن ڀٽي صاحبن ۾ مسند جو صاحب مخدوم نعمت الله ڀٽي هو، جنهن اچي هالا پراڻا جي وچ تي مسجد جوڙائي، ۽ ان جي ڏکڻ ۾ پنهنجا اجها اڏرايا. هالا پراڻا جي اتر ۾ قبرستان قائم ڪري پنهنجي وڏڙن جا نعش مبارڪ آڻي دفن ڪيا.
    بهرحال ارڙهين صدي عيسوي جي آخري چوٿائي کان وٺي هالا پراڻا علم و ادب ۽ ثقافت جو مرڪز بنجڻ شروع ٿيو. ڪلهوڙن جي آخري دؤر کان وٺي هيسيتائين هن شهر ڪيترائي مشاهير، عملدار، فارسي ۽ سنڌي جا عالم ۽ شاعر پيدا ڪيا آهن. انهن جو مختصر احوال اڳيان ڏنو ويو آهي.

    19 صدي ۾ هالا پراڻا جون سماجي ۽ معاشي حالتون:
    اي ڊبليو هيوز جي گزيٽيئر ۾، جنهن جو ٻيو ايڊيشن 1876ع ۾ شايع ٿيو هو. تنهن ۾ هالا پراڻا جي حوالي سان لکيل آهي ته هي هالا تعلقي جو شهر آهي، جيڪو نئين هالا کان اُتر ۾ ٻه ميل پري، وڏي ڍنڍ جي ڪناري تي واقع آهي. شهر کي رڳو نئين هالا ۽ کاڻوٺ جو رستو آهي. اُتي تپيدار جو هيڊ ڪوارٽر اسٽيشن ۽ هڪڙو سرڪاري ورنيڪيولر اسڪول به قائم آهي. شهر جي آبادي - مسلمان توڙي هندو - 2467 ماڻهن تي ٻڌل آهي. آبادي ۾ ميمڻ، گراڻا، سونيزي Saunis ۽ هالا، لوهاڻا، سيهلاس ۽ کتري شامل آهن، جن جو ڌنڌو گھڻو ڪري زراعت آهي. واپار وڙو تمام گهٽ آهي. شهر جا مکيه ماڻهو قاضي، ملا ۽ عامل آهن.
    ڪتاب ڪٿا سائين ولايت راءِ ۾ هن جو ذڪر ڪندي لکيو ويو ته ان زماني هالا پراڻا ۾ روزگار جي ذريعن جي گهٽ هئڻ ڪري اتان جا ماڻهو خاص ڪري هندو صاحبان روزگار سانگي ڏيساور وڃڻ لڳا. (ص 77)
    سوز صاحب به پنهنجي ڪتاب ۾ سنڌ ورڪين جو ذڪر ڪيو آهي. سوز صاحب لکيو آهي ته ”مولوي محمود قريشي سانوڻي پنهنجي اڻڇپيل ڪتاب ۾ هالا پراڻا جي شهري آباديءَ بابت لکن ٿا: هالا پراڻا شهر جي طوالت جو هڪ وڏو سلسلو هو، جيڪو موجوده شهر حدن کان کتري پاڙي کان ٿيندو، خدا آباد تائين وڃي دنگ ڪندو هو ۽ خدا آباد جو تختگاه به شهر جو حصو هوندو هو. کتري پاڙي جي هڪ گهٽي ماٺارڪي بازار، ٻي گهٽي سونارڪي بازار ۽ لاڳيتو عاليشان شاهي بازار هوندي هئي ۽ اهو سلسلو ملان سانوڻي کان ٿيندو خدا آباد تائين هوندو هو.“
    (سوز هالائي 2008، ص 31)
    هالا پراڻا جي غير مسلم آبادي:
    هن وقت ته هالا پراڻا ۾ غير مسلمن جا صرف چند گهر آهن. هالا پراڻا جو اصلي رهواسي حڪيم ليکراج به وڃي هالا نوان ۾ رهيو آهي. پر ورهاڱي کان اڳ هتي به اسان جا هندو ڀائر ڪافي تعداد ۾ رهندا هئا.
    هن وقت وارو مهاجر محلا يا سروري ڪالوني ان زماني ۾ کتري نگر هو، جتي عامل، سنڌ ورڪي ۽ ٻيا ڀائيبند رهندا هئا. سوز صاحب کتري نگر جي حوالي سان لکيو آهي ته ٺاري شاهه جي باغ کان ٿورو اڳتي کتري پاڙو آهي، جيڪو شهر جو خوبصورت حصو آهي. ... شام ٿي آهي، هير گهلي آهي، رستن تي ڇڻڪار ٿيل آهي، هوٽلن تي پيهه پيهان آهي. ماسٽر چندر، جيوڻي ٻائي ۽ ڪنور ڀڳت جا فونن تي رڪارڊ وڄي رهيا آهن... شهر ۾ گئس بتيون ۽ گولا ٻرن ٿا ... ڪجهه دير بعد هاسو مل ساهتيه جي سراءِ ۾ منڊلي مچندي، ڀڳت ڀڳتون ڪندا... رات جي سانت ايڪانت ۾ به اهڙا آلاپ اتر طرف مياڻي ۽ ڪسي وارين ماڇين جي ڳوٺن ۽ ڏکڻ طرف خانوٺ تائين پکڙجي ويندا هئا. ڀڳت جاڙا رام، ڏاهو مل، ڪنور رام ڀڳت، ماسٽر چندر، مهراج مولچند کان سواءِ لاتعداد گائڪن ۽ ڀڳتن ان سراءِ کي راڳ ويراڳ جو شرف بخشيو آهي.... هاسو مل جي سراءِ ۾ مسلمان گائڪ ۽ نچڻ ورا به راڳ جو حاضريون ڀريندا هئا... اهو هالا پراڻا جي اصل وچ شهر کان به وڌيڪ نئون نڪور ۽ خوبصورت شهر هو. عاليشان رنگ رتول عمارتن جو هي ننڍڙو شهر عمارت سازيءَ ۽ نقش نگاري کان به مشهور هو. ... گهر ويڪرا، اڱڻ اجرا، هوادار، روشن ۽ ٻاهرين درين آڏو ڪشادا ٿلها ۽ گلن جا ننڍڙا لان .... اسين ماسترن جي ڪم ڪار سان اڪثر ايڏانهن ويندا هئاسون. هڪڙي گهٽي ۾ تاري سوناري جو گهر هو، جنهن کان مولوي (قريشي) صاحب جن زيور ٺهرائيندا هئا. ماستر محمد عمر (سائين عبدالخالق ميمڻ جو والد) ته تاري سوناري جي ڪاريگريءَ کان ايترو متاثر هو، جو چوندو هو ته ”تارا سونارا! هٿ اٿي سٺو، تڏهن آهيان مٺو.“ ... کتري پاڙي جي رهواسين جو اڪثر ڪاروبار هو واپار، زمينداري، سونارڪو ڪيس يا وري ڇر يا اجرڪ سازي. هن پاڙي ۾ آفيسر گهٽ ۽ تعليمدان زياده هئا. البته جيرامداس مختيارڪار ۽ ڀڳوان داس اسسٽنٽ مختيارڪاري جي عهدي تان رٽائر ٿيو. .... شهر ۾ پئنچاتي نظام رائج هو ۽ ان وقت مکي هوتچند ۽ چاندو مل سنڌ ورڪي هئا.“ (سوز هالائي 208، ص ص 33، 34، 35)
    محترم قاضي اميد علي قريشي پنهنجي پڦاٽ قاضي عزيز اختر (جنهن جو ذڪر سوز صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ به ڪيو آهي) جي حوالي سان مون کي ته ٻڌايو ته هن کيس ٻڌايو ته هالا پراڻا ۾ جيڪي هندو هئا، تن مان اڪثريت جو سماجي رتبو وڏو هوندو هو، ۽ مسلمان به وٽن پٽن تي ويهندا هئا.
    ڏاڏا مرحوم حاجي محمد عارب مون کي هڪ ڀيري ڪنهن مکي صاحب جي حوالي سان ٻڌايو ته هو ايترو ته هوشيار هوندو هو جو بيٺل فصل کي ڏسي ٻڌائيندو هو ته ان مان ان ڪيترو لهندو.
    بهرحال هندو صاحبان رڳو ان پاڙي ۾ نه رهندا هئا پر موجوده کيماڻي گهٽي، گمهه گهٽي جي آسپاس وارن پاڙن ۾ جتي ميمڻ رهن ٿا، هندو رهندا هئا. کيماڻي گهٽي ۾ ته چند گهر ستر جي ڏهاڪي تائين رهندا هئا، جن مان تيرٿ داس ۽ هڪ ٻيو ڇوڪرو اسان جا ڇهين ۽ ستين درجي جي شروع ۾ هم ڪلاسي هئا، جيڪي پوءِ هالا لڏي ويا ۽ اتان اجمير پاسي لڏي ويا آهن.

    هالا پراڻا شهر جون اهم ذاتيون:
    هتي جا رهواسي ڏهه ٻارنهن ذاتين ۾ ورهايل آهن. بهرحال اڌ کان وڌ آبادي ميمڻ برادري تي مشتمل آهي. مقامي سطح تي وري ميمڻ صاحبان ڪيترن ئي ذيلي ذاتين يا پاڙن ۾ ورڇيل آهن، جيئن ڏناڻي ميمڻ، دوداڻي ميمڻ، خاقواڻي ميمڻ، آگواڻي ميمڻ، ٻنڌاڻي ميمڻ، ٻوراڻي ميمڻ، رناڻي ميمڻ، ڪوٽار ميمڻ، پلهاڻي ۽ باغائي ميمڻ، کلگور ميمڻ، ڦودي ميمڻ، ڀوڳڙي ميمڻ، ڪاٺوڙا ميمڻ، چاڪي ميمڻ، ڪوري ميمڻ، ڪوابي يا ڪاسائي ميمڻ ۽ سنائي ميمڻ وغيره.
    انهن ميمڻن جا ڪيترائي خاندان هالا پراڻامان لڏي ويا آهن. ڪي حيدرآباد ۾ ته ڪي هالا نوان ۾ وڃي ويٺا آهن. پر اڃان تائين هالا پراڻا ۾ قبرستان رکيو اچن.
    سٺ واري ڏهاڪي ۾ دواداڻي ميمڻن جي اهم فرد مشهور زميندار ۽ واپاري حاجي عبدالعزيز کي ڌاڙيلن شهيد ڪيو هو. ان کان پوءِ هي خاندان حيدرآباد ڏي لڏي ويو، جتي اڳي ئي هنن جو ڪاروبار وغيره هو. حيدرآباد جي سابقه شيراز هوٽل هن خاندان جي ملڪيت هئي. حيدرآباد ۾ ڪاروبار ۽ مختلف ضلعن ۾ زمينداري کان علاوه هن خاندان جون جننگ فيڪٽريون ٽنڊو آدم ۽ شهدادپور ۾ آهن.
    دوداڻي ميمڻن کان علاوه ٻوراڻي ميمڻ به حيدرآباد ۾ وڃي رهيا آهن. ساڳي طور خاقواڻي ميمڻ جي اڪثريت به حيدرآباد ۾ رهي ٿي. حيدرآباد ۾ ڪجهه گهر ڏناڻي ميمڻ جا به آهن.
    ڀوڳڙي، لالواڻي، پلهاڻي ۽ باغائي، ٻنڌاڻي، ڪاٺوڙا، ڪوري ميمڻ جي اڪثريت به هاڻي هالا نوان ۾ رهي ٿي.

    ڀٽي:
    ڀٽي بزرگن جي ذات هتان جي اهم ترين ذات آهي. مقامي روايتن موجب ڀٽي صاحبن پاڻ سان شيدي ۽ صدر آندا هئا. ڀٽي خاندان ٻن پاڙن ۾ تقسيم ٿيل آهن. هڪڙن کي خليفا ڀٽي، ته ٻين کي مخدوم ڀٽي سڏيو وڃي ٿو. مخدوم محمد صالح ڀٽي جي مرتب ڪيل شجري موجب خليفا ڀٽين جو سلسله نسب مخدوم اسحاق جي پٽ مخدوم صدرالدين کان شروع ٿئي ٿو ته ٻئي پاسي مخدوم ڀٽين جو سلسله نسب مخدوم اسحاق جي ٻئي فرزند مخدوم احمد وٽان شروع ٿئي ٿو. ڳالهه جو مقصد اهو آهي ته اهي پاڻ ۾ ويجها عزيز آهن، سندن جد امجد ساڳيو آهي. تنهن ڪري نئين نسل جي ڪجهه ڀٽين ۾ اهو غلط مغالطو آهي ته هڪڙا مخدوم ڀٽي آهن ته ٻيا هنن جا خليفا.

    هالا ارباب:
    هي هتان جي هڪ قديم ترين ذات آهي. هنن جو احوال اڳيان به آيو آهي. اربابن ۾ به ٻه ذيلي ذاتيون سالاريا ۽ ڀينئان آهن.

    قريشي:
    هتي رهندڙ قريشي وري ٽن ذيلي ذاتين عقيلي، قاضي ۽ مولوي ۾ ورڇيل آهن.


    عقيلي قريشي:
    آخوند ملان سانوڻي پاڙي يا ڳوٺ جا رهواسي پاڻ کي عقيلي قريشي سڏين ٿا ۽ پنهنجو حسب نسب حضرت عقيل بن ابي طالب تائين ڳڻين ٿا. مغل دؤر ۾ آخوند عبدالغفور هالائي هن برادري جو اڳواڻ هو. هالا پراڻا جا عقيلي قريشي ان صاحب جو اولاد آهن. هن جي ڀاءُ عبدالسميع خان کي ٺٽي ۾ مغل نواب پنهنجو نائب مقرر ڪيو. جتي هو ٻه سال حاڪم رهيو. انهي صاحب جو اولاد پاڻ کي صرف عقيلي سڏائي ٿو.
    آخوند ملان سانوڻي پاڙي ۾ رهندڙ هي خاندان ڪافي پڙهيل لکيل آهي ۽ اڪثريت نوڪري پيشه آهي ته ڪجهه وري زمينداري وغيره سان لاڳاپيل آهن.

    قاضي قريشي:
    قريشين جي هڪ ٻي ذيلي ذات قاضي قريشي صديقين جي آهي. قاضي قريش صديقين ۾ وري ٽي پاڙا آهن. ٻن پاڙن مان هرهڪ جي دعويٰ آهي ته اهي ئي اصلي هراتي آهن ۽ هرات مان آيل هارون سندن جد امجد آهي. ٽئين پاڙي وارا سيوهاڻي قاضي قريشي آهن.
    بهرحال اهو طيءِ آهي ته اهي سڀ هرات مان آيل آهن، پوءِ هڪڙا سڌو هالا ڪنڊي اچي رهيا ته ڪي وري پهرئين خيبر ۽ سيوهڻ وغيره ۾ رهي هتي پهتا آهن. هنن مڙني جو سلسله نسب حضرت ابوبڪر رضه سان وڃيو ملي، تنهنڪري اهي پاڻ کي صديقي به سڏين ٿا.
    هي خاندان قديم وقت کان ئي خوانده رهيو آهي ۽ ٽالپر حڪومت ۾ قاضي جي منصبن تي رهيو آهي.

    مولوي قريشي:
    قريشين جي ٽين شاخ مولوي قريشن جي آهي. هي بوبڪن مان لڏي هتي اچي ويٺا. هن خاندان عالم سڳورا ته پيدا ڪيا آهن پر هنن جي اهم دين مدرسه محمديه جو اجراءُ آهي. جيڪو سال 1927ع ڌاري قائم ٿيو. هن خاندان جي ڪافي فردن جو ذڪر مختلف جاين تي ڪيو ويو آهي. هالاپراڻا ۾ خواندگي وڌائڻ ۾ هن خاندان جو ڀرپور حصو آهي.

    صدر:
    هالا پراڻا جي سڀ کان متحرڪ ۽ سماجي تعلقات کي وڌائڻ ويجهائڻ واري ماهر ذات صدرن جي آهي. ياد رهي ته ڪجهه صدر ڪاغذ پٽن ۾ پاڻ کي ميمڻ ئي لکائيندا آهن.

    سيد:
    هتي جا سيد سڳورا چئن پاڙن ۾ ورڇيل آهن. پهريون پاڙو سنائي سيدن جو آهي، هي ڪاظمي سيد آهن.
    قاضي صاحبن جي ڀر ۾ رهندڙ سيد صاحبان لڪياري سادات آهن. سيد شمس الدين شاهه ويجهي ماضي ۾ هن خاندان جو اهم شخص ٿي گذريو آهي. نامياري شاعر سيد نور علي شاهه نور جو به هن خاندان سان تعلق آهي.
    ڪوٽار محلي ۾ رهندڙ جيلاني سيد سيد عبداللطيف حسني قادري جا پونير آهن. تازو ان درگاه جو گادي نشين غلام محمد شاهه جيلاني گذاري ويو، جيڪو فارغ التحصيل مولوي به هو ۽ اورنٽيئل ٽيچر به هو. هن وقت سندس وڏو پٽ گادي تي ويٺل آهي.
    سوزڪي اسٽينڊ جي ڀر ۾ رهندڙ شاهه صاحب جرار پوٽا آهن. هن وقت سائين حاڪم شاهه ۽ ٻيا هن خاندان جا اهم فرد آهن.
    مخدوم محمد صالح ڀٽي گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول جي سامهون رهندڙ سبز واري شاهه آهن، جيڪي سيوهڻ مان لڏي هتي پهتا. هن خاندان جو آخري مرد سائين سيد مڱيلڌو شاهه تازو وفات ڪري ويو آهي.

    سرهندي پير:
    سرهندي پير ملان سانوڻي پاڙي ڀرسان رهندڙ هئا. هاڻي انهن جي گھڻائي ڪراچي منتقل ٿيل آهي. سائين عبدالصمد سرهندي نامور تعليمدان هو.

    پير وسو جو ڪٽنب:
    ڳوٺ جي هڪ معتبر شخص پير وسو جو خاندان به پيرن طور ڄاتو وڃي ٿو. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته ذات جا ڏيرا آهن. هي شاهه ديواني جي درگاهه جا مجاور يا متولي آهن.
    پر تاريخ قديم هالا موجب ”هيءُ خاندان اصل پنجاب جو ويٺل هو... (اتان) پيروسو لڏي هالن پراڻن ۾ شاهه ديانه جي مقام ۾ بزرگ جي قبر وٽ مجاور ٿي رهيو. هالن پراڻن ۾ شادي به اتائين ڏيرن فقيرن مان ڪيائين.
    ”مرحوم پيروسو کي ان شادي مان فقط هڪ پٽ پير جمن نالي ٿيو. مرحوم پيروسو وفات به هالن پراڻن ۾ ڪئي.
    ”مرحوم پير جمن پڻ صاحب اخلاق ۽ نيڪ انسان هو. انکي اولاد نرينه ٻه فرزند ٿيا.1. پيروسو 2. پيرالهڏنو. پيرالهڏنو لااولاد گذاري ويو. پير وسو کي ٽي فرزند ٿيا. 1. پير جمن، 2. پير الهه بخش، 3. پير الهه ڏنو. انهن ٽنهين کي پڻ اولاد آهي. اهيو خاندان اڄ تائين پير ڪوٺبا اچن ۽ پشت به پشت بزرگ شاهه ديانه جا مجاور ۽ خذمتگار ٿيندا اچن.“ (مولوي ۽ قاضي، ص 206، 207)

    آخوند:
    آخوند صاحبان ڪوٽار محلي جي ڀرسان رهندا آهن.

    شيخ:
    هتي رهندڙ شيخ صاحب تعداد ۾ گھٽجي رهيا آهن. ڇو ته هو هتان لڏي حيدرآباد وسائي رهيا آهن. هي ننڍڙو ڪٽنب پنهنجي اثر رسوخ جي لحاظ کان مڃيل آهي. شيخن جو هڪ پاڙو ڀنڀرن جي ڀر ۾ آهي. جنهن جا مکيه فرد ماستر گل محمد، سپاهي عطا محمد شيخ، هيڊ ڪانسٽبل فريد احمد شيخ، برڪت علي شيخ (سائفر اسسٽنٽ، فارين افيئرس) آهن.

    ڀنڀرا:
    هن خاندان سوز هالائي کي جنم ڏنو آهي، جيڪو اڄ ڪلهه هن خاندان جو وڏو به آهي. سائين جو هڪ ويجھو عزيز ڪريم ڏنو ڀنڀرو سنڌ جي تاريخ جو وڏو ڄاڻو هو. سوز صاحب جي پٽن جو علحده احوال شامل آهي.

    خاصخيلي:
    خاصخيلن جي اڪثريت ڀٽي محلا ۾ رهندڙ آهي. البت ڪجهه قاضي محلا ۾ رهندڙ هئا. اوستو اوسو خاصخيلي نالي وارو رازو ۽ پينٽر آهي.
    شيدي يا قمبراڻي:
    شيدين جو ويجهي ڇڪ ۾ اهم شخص سائين پيراڻو شيدي هو، جيڪو رٽائرڊ پرائمري ماستر هو. پاڻ ڪهاڻيون به لکندو هو. جن مان ڪجهه خالد صدر واري ڪتابي سلسلي ۾ شايع ٿيون. هن خاندان ۾ رنگ جا ڀلا ڪاريگر آهن. جن ۾ غلام حسين، اياز شيدي، سليم شيدي وغيره آهن.

    سولنگي:
    ڀٽي برزرگن جي پاڙي ۾ رهندڙ سولنگين مان محمد خان تپيدار طور رٽائر ٿيو آهي. سندس هڪ ڀاءُ خادم حسين پوليس ۾ سب انسپيڪٽر ريٽائر ٿيو آهي. خادم حسين جو پٽ صدام حسين ڪمپيوٽر سائنس جو گريجوئيٽ آهي ۽ مختلف اين جي اوز سان لاڳاپيل رهيو آهي.
    اسٽينڊ جي پاسي ۾ رهندڙن سولنگين ۾ پي پي جو جيالو نياز سولنگي، استاد قادر بخش سولنگي، مسلم ليگ جو اڳواڻ محمد انور سولنگي ۽ زنده دل ۽ هرفن مولا بچو گور سولنگي اهم شخص آهن.

    مغل:
    اسٽينڊ جي ڀر ۾ ڪجهه مغلن جا گهر آهن. عرفان مهدي چوڪ جڏهن اڃان غير قانوني قبضن کان پاڪ هو ته اتي مسجد جي ڀانڊن ۾ پوڙهو ۽ خداڏنو مغل هوٽل هلائيندا هئا. پوڙهو مرحوم پنهنجي گهرن پاسي اوطاق ۾ وي سي آر تي انڊين فلمون به ڏيکاريندو هو. ننڍپڻ ۾ اسان به چند فلمون اتي ڏٺيون.

    ڀٽا:
    ماضي ۾ هي خاندان جنڊي جي ڪم سان لاڳاپيل رهيو آهي، پر هاڻوڪي ٽهي نوڪرين ڏانهن راغب آهي. ڄام مٺو ڀٽو، رحمت الله ڀٽو، جهنڊي جا سٺا ڪاريگر رهيا آهن.

    ملڪ، مغل ۽ ڪاشميري:
    ڀٽن جي ڀر ۾ پنجابي پناهگير به وڏي انگ ۾ آباد آهن، جيڪي ملڪ، مغل ۽ ڪاشميري ذاتين ۾ ورڇيل آهن. ملڪ ۽ ڪاشميري زراعت سان گڏ ٽرانسپورٽ وغيره ۾ رنڀيل آهن، ۽ مغلن جي اڪثريت لوهارڪي ڌنڌي سان لاڳاپيل آهي. هن پاڙي جا اڪثر نوجوان ڊرائيوري ڪن ٿا ۽ ان کان علاوه هو ڪچي ۾ ڀاڄيون وغيره پوکي نه صرف حيدرآباد پر پنجاب جي منڊين ۾ به موڪلين ٿا.
    هالا جي نامور آٽو مڪينڪ استاد الياس، سائين غلام دستگير مغل، سماجي ۽ سياسي اڳواڻ ماستر صابر ملڪ مرحوم، پوليس جو صوبيدار پير بخش، ماستر لياقت ملڪ، سابق ڪائونسلر ملڪ علي احمد ۽ ملڪ يونس، جيڪو ٽائون ڪاميٽي هالا پراڻا جو وائيس چيئرمين به آهي، وغيره هن پاڙي جا اهم شخص آهن.

    عمراڻي:
    هالا پراڻا ۾ عمراڻي چئن جاين تي ويٺل آهي. اڪثريت قاضي پاڙي جي ڀرسان رهي ٿي. ان کان پوءِ ڪجهه گهر کيماڻي گهٽي ۾ آهن، ڪجهه بس اسٽينڊ جي پاسي آهي.
    بهترين نوحه خوان علي نواز عمراڻي، اقبال عمراڻي، اوستو دين محمد لاهوتي، پوليس انسپيڪٽر شهاب عمراڻي، بينڪر محمد جعفر عمراڻي، محمد پنيل ۽ سندس پٽ عبدالحميد عمراڻي جيڪو اعليٰ استاد طور مشهور آهي ۽ قمرالدين عمراڻي هن خاندان جا اهم شخص آهن.

    گبول:
    هي بيحد اشراف خاندان آهي. اڌو اڌ پڙهيل لکيل ۽ نوڪري پيشه آهن. گبولن جو هڪ پاڙو ٻيو به آهي، جيڪو ڪڏهن هت ته ڪڏهن سڪرنڊ يا سن پاسي رهي ٿو. ٽي وي ڊرامن جي ڊائريڪٽر ادل گبول جو تعلق ان پاڙي سان آهي. ان پاڙي جو صادق گبول رني ڪوٽ جو گائيڊ آهي.

    ڪنڀار/ پنهور:
    ڪنڀار/ پنهور، سي به چڱي تعداد ۾ هتي رهندڙ آهن. هڪڙا کڏي کٿوري جي ڀرسان رهن ٿا ته ٻيا وري سنائي سيد مسجد جي پويان رهائش پذير آهن. سندن مکيه ڪرت ٿانو ٺپا ٺاهڻ رهي آهي. پر فرجن ۽ پلاسٽڪ جي سامان هنن جي ڌنڌي کي ڌڪ هنيو آهي، سو نئين ٽهي نوڪرين جي ڳولا ۾ آهي.

    مير بحر مهاڻا ۽ ملاح:
    هڪڙا ملاح قاضي محلا ۾ رهن ٿا، ته ٻيا وري آخوند ملان سانوڻي محلي جي ڀر ۾ رهن ٿا.

    تلي يا سکپور جا ماڇي:
    اسپتال جي پويان هن وقت جن سولنگي صاحبن جا گهر آهن، سي اصل ۾ سکپور ٻيلي مان لڏي اچي ويٺا آهن. انهن ۾ اهم ترين وڏيرو عبدالواحد آهي. ان کان علاوه سکپور جو اهم شخص وڏيرو يتيم ماڇي آهي.
    ڪجهه ڌريون ٺلهو ماڇين طور ڄاتيون وڃن ٿيون. جيئن پنهون ماڇي، جيڪو ٽائون ڪاميٽي جو مالهي آهي ۽ اسان جي لائبرري جو اٽيڊنٽ به رهيو آهي.


    باب چوٿون: هالا پراڻا جا اهم مشاهير، عالم ۽ اديب

    مخدوم نعمت الله ڀٽي: (1142/1729-1197/1783)
    مخدوم نعمت الله جي ولادت 29 محرم رات خميس سنه 1142هه / 24 آگسٽ، 1729ع تي هالا ڪنڊي ۾ ٿي. جڏهن هالا ڪنڊي کي دريا پائڻ لڳو ته هي ڀٽي بزرگن جي مسند جو اڳواڻ هو. هن پنهنجي اڳوڻن بزرگن جا نعش مبارڪ لڏائي، مسجدن ۽ گهرن جو سامان کڻائي، 25 ربيع الثاني 1178هه/ 22 آڪٽوبر 1764ع تي اچي، موجوده جاين تي هالن پراڻن ۾ ويٺو.
    هن هالا پراڻا ۾ جيڪا مسجد ٺهرائي، اها اڄ ڪلهه جامع مسجد ڀٽي بزرگان سڏجي ٿي. ان مسجد جو پهريون بنياد 7 محرم سن 1182 هه/ 24 مئي، 1768ع تي وڌو ويو. قربين ٻن سو سالن کان پوءِ ان جو هاڻوڪو يعني ٻيو بنياد مخدوم محمود بن مخدوم دين محمد تاريخ 27 رجب سن 1380 هجري/ 1 جنوري 1961ع تي وڌو.
    انهي مسجد جي حوالي سان ڪتاب تاريخ قديم هالا ۾ لکيو ويو آهي ته ”هڪ ڀيري جڏهن مخدوم نعمت الله مسجد جي تيار ٿيڻ بعد، ٿوري عرصي کانپوءِ اشراق نماز ۽ مراقبه مان واندو ٿيو ته ڏسي ته مسجد جي وچ تي ٻن ٿنڀن جي وچ ۾ حضورﷺجن نماز پڙهي رهيا آهن. ان وقت کانپوءِ مخدوم نعمت الله صاحب ادب خاطر ماڻهن جي اچ وڃ کي روڪڻ خاطر انهن ٻنهين ٿنڀن جي وچ ۾، جتي حضورﷺ جن نماز پڙهي رهيا هئا، رسو ٻڌائي ڇڏيو ته جيئن ماڻهو اتان نه لنگهن.
    ”جڏهن مرحوم مخدوم ميان محمود مسجد جي تبديل جو بنياد ٻيو وڌو ۽ ٿنڀا ڪاٺ جا ڪڍارائي. ان جي جاءِ تي ونگن سان مسجد جو ڪم تيار ڪرايو. ان ڏينهن کان رسو نڪري ويو. ۽ ماڻهن جي آمدرفت جاري ٿي ويئي. اها آمدرفت اڄ تائين هلندي اچي.
    انهي ڪتاب ۾ مدد خان پٺاڻ جي حوالي سان هڪ دلچسپ روايت لکيل آهي ته ”عبدالنبي ڪلهوڙي جي زمانه ۾ مدد خان بادشاهه ظلم ڪندو شهر ڦريندو ماڻهو مارائيندو. هالن پراڻن ۾ اچي پهتو شهر جا ماڻهو ڊوڙي مخدوم نعمت الله وٽ آيا. مخدوم سڄي شهر هالن پراڻن کي علم جي ذريعه ڪوٽ ڦيرائي ڇڏيو. ۽ مدد خان پٺاڻ بادشاهه کي شهر ۾ اچڻ جي ڪٿان به جاءِ نه ملي سگهي.
    ”مخدوم نعمت الله اتان ڪاني هنيس جو مدد خان جي وهڪ واري اگهاڙ جي جاءِ جي اندر لنگهي ويئي. اتي مدد خان ڏاڍو پشيمان ٿيو ۽ مخدوم نعمت الله صاحب کي چورائي موڪليائين ته آئون بد اراده سان نه آيو آهيان مون کي معافي ملي ۽ اندر اچڻ جي اجازت ملي ان تي مخدوم صاحب ڪوٽ لاهي ڇڏيو. ۽ مدد خان اچي مسجد جي نم جي هڪ ڏار ۾ گھوڙ و ٻڌو ته اهو ڏار مدد خان جي ظلمن سبب سڪي ويو.
    ”جڏهن مرحوم مخدوم محمود ان مسجد جي نئين تعمير جو بنياد وڌو ته اها نم پڻ وڍارائي مسجد جي بنياد کي ويڪرو ڪرايو. مدد خان مخدوم نعمت الله بزرگ کان معافي وٺي واپس ويو. “ (مولوي ۽ قاضي، ص 106، 107)
    ياد رهي ته 1781ع ڌاري مدد خان پٺاڻ ميان عبدالنبي ڪلهوڙي سان گڏجي کيس اقتدار ڏيارڻ لاءِ هتي آيو. هو جڏهن بهاولپور پهتو ته هن واعدي ڪيل رقم جو اڌ گهريو. جنهن تي کيس چيو ويوته سموري رقم قلعي ۾ پوريل آهي، في الحال ڦرلٽ تي گذارو ڪيو وڃي. جڏهن اهي ٻئي خدا آباد پهتا ته مدد خان کيس خزاني ڏيکارڻ جو چيو. عبدالنبي پنهنجي ماڻهن کي ڊوڙايو ته آس پاس جي ڳوٺن کي ڦريو ۽ جيڪي ڪجهه هٿ اچي، کڻي اچو ته پٺاڻ جو پيٽ ڀريون. هن افراتفري ۾ خلق خدا وڏي آزار ۽ مصيبت ۾ اچي ويئي.
    (لاکو، 2004، ص 179 ۽ 180)
    هالاپراڻا، خانوٽ، هالانوان، گهوٽاڻا، کيبر، ڳاهوٺ ۽ ڀاڻوٺ وغيره خدا آباد جي پسگردائي ۾ هئا، تنهنڪري اتان جا رهواسي ڪلهوڙن جي ڪارندن توڙي مدد خان جي سپاهين جي ڦرلٽ ۽ آزار جو شڪار ٿيا.
    هن جي وفات پهرين ربيع الثاني سن 1197هه/ 6 مارچ، 1783ع تي هالا پراڻا ۾ ٿي. سندس تربت کڏي کٿوري جي مقام ۾ حجري کان ٻاهر آهي.

    حڪيم محمد فاضل هالائي:
    29 نومبر 2016ع تي اداري سنڌيالاجي ڄامشوري پاران پراڻن ڪتابن، مسودن واري نمائش ۾ هڪ پراڻو مسودو بعنوان بياض محمد فاضل هالائي نظر آيو، جنهن جو مولف محمد فاضل هالائي هو، جنهن هي بياض 1206 هجري يعني 1791 يا 1792ع ۾ فارسي ۾ لکيو.
    انهي مسودي جي تعارف ۾ لکيل هو ته هي جامع مخطوطو سنڌ جي هڪ محقق حڪيم محمد فاضل هالائي جن جو آهي، جنهن هن جي نرالي ترتيب رکي آهي. پهريائين دوائون ۽ انهن جي ٺاهڻ جا مختلف طريقا ۽ فائدا ٻڌايل آهن ۽ مناسبت سان ٻيا نسخا به درج ٿيل آهن ۽ حاشيه تي بيماريون ۽ ان جي علاج جا اصول ٻڌايل آهن. ڪتاب جي سائيز وڏي ۽ ڪافي ضخيم لڳي ٿو.
    انگريزي وضاحت ۾ هن کي هالا پراڻا جو حڪيم ڄاڻايو ويو آهي. پر هو ڪڏهن ڄائو ۽ ڪڏهن فوت ٿيو ۽ سندس ڪهڙي خاندان سان تعلق آهي. سي رخ اڃان اڄاتا آهن.
    تازو (آخري هفتو آڪٽوبر، 2017ع) سنڌيالاجي وڃڻ ٿيو ته جيئن ان ڪتاب کي ڏسجي ۽ ڪا وڌيڪ معلومات هٿ ڪجي، پر اڃا توڻي اهو نمائش ۾ رکيل هو ۽ چاٻين وارو همراه موڪل تي هو.

    آخوند محمود قريشي: (وصال 1172 هجري/ 1758ع)
    تاريخ قديم هالا موجب هي صاحب هڪ بزرگ ۽ عالم هو ۽ سندس تنصنيفات گهڻيون هيون، پر پونيرن جي لاپرواهي سبب اڏوهيءَ جو کاڄ ٿي ويون.
    ”مرحوم آخوند محمود جا هٿ لکيا ڪتاب اساس المصلي در صفت ايمان و احڪام الصلوٰت تي لکيل (آخوند محمود 6 شعبان سن1172هجري) پوين ۾ مولوي آخوند محمود سندس مسڪيني حالت جي هئڻ ڪري سندس وڏي پُٽ محمد حيات جي بيماري ۾ اُهي ڪتاب فروخت ڪري ڇڏيا، مگر مولوي محمود اهڙا نوٽ پاڻ وٽ لکي ڇڏيا، جنهن مان ڪجهه احوال سندس خاندان جو ملي سگهيو آهي.“ (مولوي ۽ قاضي، ص 69 ۽ 70)
    علامه غلام مصطفيٰ قاسمي موجب هي صاحب جيد عالم ۽ نصرپور ۾ مدرس هو. سندس پٽ آخوند محمد قاسم صاحب ديوان فارسي واري وٽس ئي تعليم پرائي. قاسمي صاحب هن جي وفات جو سال 1172هجري/ 1758ع لکيو آهي. هن کي اتي نصرپور ۾ ئي دفن ڪيو ويو. (علامه قاسمي، 2012ع، ص 147)

    آخوند محمد قاسم ولد محمود سانوڻي هالائي:
    (وصال 1248 هجري/ 1832ع)
    جيئن ته آخوند محمد قاسم سانوڻي جي نالي سان ٻه شاعر ٿيا آهن، ڪن ليکڪن ان کي هڪ ڪري سمجهيو آهي. تنهن ڪري مقامي مورخ مولوي محمود قريشي پنهنجي اڻ ڇپيل مضمون ۾ هن کي آخوند محمد قاسم صاحب ديوان پارسي سڏي ٿو ۽ ٻي کي صاحب ديوان سنڌي لکي ٿو. (جنهن جو احوال اڳيان آهي)
    هن آخوند محمد قاسم بن محمود جي ولادت جي تاريخ ته معلوم ڪونهي، پر سائين علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جن هن جي وصال جو سال 1248 هجري بمطابق 1832ع ڄاڻايو آهي. (علامه قاسمي، 2012، ص 147)
    آءِ. ايڇ. سدارنگاڻي پنهنجي ڪتاب Persion Poets of Sindh ۾ هن جو ذڪر ٽالپر دؤر واري باب ۾ ڪيو آهي، ۽ هن کي مير ڪرم علي خان ٽالپر (وصال 1244 هجري / 1828ع) جو همعصر ڪري ڄاڻايو آهي.
    سدارنگاڻي جي لکئي موجب هي صاحب ارڙهين عيسوي صدي جي آخر ۽ اوڻهين صدي جي شروع ۾ شاعريءَ جي افق تي اڀريو. هن جي ديوان جي مسودي جي ڪاپي تي نائين شوال، 1240هه / 27 مئي 1825ع) لکيل آهي، جنهن مان اندازو ڪجي ٿو ته شاعر پنهنجي لکت ان تاريخ کان اڳ پوري ڪئي هوندي. سدارنگاڻي وڌيڪ لکي ٿو ته هن جي زندگي جي باري ۾ وڌيڪ گهڻو معلوم نه آهي. (سدارنگاڻي، 1987، ص 199)
    هن پنهنجي تعليم پنهنجي والد وٽ حاصل ڪئي، جيڪو هڪ جيد عالم هو ۽ نصرپور جي مدرسي ۾ پڙهائيندو هو. مولوي محمود قريشي، جيڪو پاڻ کي هن جو پڙ پوٽو قرار ڏئي ٿو، ان لکيو آهي ته پيءُ جي وفات بعد نصرپور ۾ پيءُ جي جاءِ تي پڙهائڻ لڳو. پر پوءِ وري ٽنڊو ڄام ۾ لڏي آيو، جتي هن مير ڄام خان جي اولاد توڙي ٻين شهرين کي تعليم ڏيڻ شروع ڪئي. پڇاڙي جي عمر ۾ ضعيف الحال هئڻ سبب پنهنجي پٽ آخوند نورمحمد کي تعليم ڏيڻ واسطي ٽنڊو ڄام ۾ رهائي، پاڻ هالا پراڻه ۾ سڪونت اخيار ڪئي، جتي سندن وفات ٿي.
    مولوي محمود جي لکت موجب هن جي تدفين هالاپراڻن ۾ هالن جي رستي تي شيخ صاحب (سيد عبدالطيف حسيني يا قادري يا حسني) واري مقام ۾ شيخ صاحب جي مرقد مبارڪ کان اتر طرف 20 کان 25 قدمن تي ٿي.
    مولوي محمود موجب هن جي شادي خاندان مان ئي ٿي ۽ کيس ٽي پٽ ٿيا: آخوند نور محمد (جو آخوند گل محمد جو نياڻو ٿيو)، ٻيو محمد حيات، جنهن شادي نه ڪئي ۽ ٽيون محمود جو ننڍپڻ ۾ گذاري ويو، جيئن مٿي ان جي وفات تي سندس شعر به ڏنل آهي.
    ديوان قاسم کان علاوه مولوي محمود سندس هڪ ٻي تصنيف دو وايه يعني پارسي ۽ ان جي سنڌي جو ذڪر ڪري ٿو. هي ڪتاب پنهنجي ننڍي ڀاءُ محمد دائم کي پڙهائيندي تيار ڪيو. پر اهو ڪتاب توڙي ٻيون تصنيفون ناياب آهن.
    قاضي غلام محمد قريشي پنهنجي ايم اي فارسي لاءِ آخوند محمد قاسم بن محمود تي انگريزي ۾ مونوگراف لکيو هو. ٻڌايو وڃي ٿو ته ان ۾ آخوند قاسم جي ديوان فارسي جو جائزو، هن جي حياتي ۽ تصنيفات جي تذڪري کان علاوه غزلن جو انگريزي ۾ ترجمو به آهي. مون کي اهو مونوگراف يا ڪتاب ڏسڻ جو موقعو نه ملي سگهيو آهي.
    محترم عبدالله ورياه پنهنجي مضمون هالاڪنڊي ۾ هن جو هالا ڪنڊي جي تعريف ۾ لکيل فارسي شعر سنڌي ترجمي سان (جيڪو ترجمو شايد قاضي غلام محمد قريشي صاحب ڪيو آهي) گڏ ڏنو آهي، سو پيش ڪجي ٿو.
    يا ربّ شگفته باده، گلزار هاله ڪندي
    آباد رکجان سائين گلزار هاله ڪنڊي
    سر سبز و سايه گست را شجار هاله ڪندي
    ساوا هجن سدائين اشجار هاله ڪنڊي
    پروردگار عالم از لطف بي نهايت
    ساري جھان جا مالڪ ڪر ٻاجهه تون مڙن تي
    رونق پذير گرده هر ڪار هاله ڪندي
    سولا ڪجاءِ سڀ ڪم ۽ ڪار هاله ڪنڊي
    با حرمت محمد و اصحاب آل پاکش
    نالي نبيءَ جي ۽ صدقي سندن صحابن
    فضل خدا ست هردم معمار هاله ڪندي
    رب جو فضل آ هردم معمار هاله ڪنڊي
    چون گل شگفته هر دم، باد از نسيم فرحت
    گل وانگي آ ٽڙيل ۽ ٿڌڙي هتي هوائون
    يا رب ز فضل عامت خوشدار هاله ڪندي
    قادر جي آ ڪرم سان خوشدار هاله ڪنڊي
    هريکـ بعلم نامي، هريکـ بفضل سامي
    مشهور آ ملڪن هر ڪو هتي جو عالم
    هر يڪ عديل جامي، ابرار هاله ڪندي
    هر هڪ آ جامي جھڙو ابرار هاله ڪنڊي
    از بس که بي مثال است، اندر بلاد گيتي
    بازار بي مثل آ ناهي سا ڪنهن شــهر ۾
    ورد زمان علام، اذڪار هالـه ڪندي
    دنيا جي آ زبان تي اذ ڪار هاله ڪنڊي
    هر ڪوچه چون گلستان هر خانه کاخ جنت
    هرجاءِ ڄڻ گلستان هر گھر هتي جو جنت
    از روضه ارمبه بازار هاله ڪندي
    آهي ڀلي ارم کان بازار هاله ڪنڊي
    مرغول مهو شانش هر ڪس کة ديد گفتــا
    سهڻن جا پيچ پائڻ هر هڪ ڏسي چيو ٿــي
    از چين و شام بهتر صد بار هاله ڪندي
    آ چين شام کان مٿ سئو بار هاله ڪنڊي
    کر جا ڪني بجنت هر دم ز شوق گوئـــي
    هر وقت شوق مان جي جنت ۾ جاءِ ڳولهين
    با شد که باز بينم ديدار هاله ڪندي
    ات ڀي ڪريا سڌون مان ديدار هاله ڪنڊي
    در ديده سڪندر منشان طبع روشن
    روشن دماغ ماڻهن ۽ سوچن ۾ سڪندر
    آئينه هسته ري کـــدي وار هاله ڪندي
    چمڪي جتي ٿي هر هڪ ديوار هاله ڪنڊي
    قا حشر غم نه بيندز آفات ” قاسما “ او
    ڪوسو ڪو واءُ ڪڏهين ”قاسم“ لڳي نه ڪڏهين
    مخدوم نوح باشد، دار هاله ڪندي
    مخدوم نوح ٿيو آ سردار هاله ڪنڊي.

    خليفو گل محمد گل هالائي: (1784-1858)
    سنڌي زبان ۾ پهريان موزون غزل لکندڙ يا غزلن جو پهريون ديوان لکندڙ طور مشهوري ماڻيندڙ خليفو گل محمد گل هالائي هالا پراڻا ۾ سال 1784ع ڌاري ڄائو. مولوي محمود قريشي جي لکئي موجب هن پنهنجي سموري تعليم عربي، پارسي پنهنجي والد مرحوم مولوي حافظ ولي محمد وٽ ورتي.
    مولوي محمود لکيو آهي ته آخوند گل محمد سدائين رياضت ۽ فقيري ۾ گذاريو. کيس ننڍپڻ کان ئي صوفياڻي طريقي جو شوق هوندو هو ۽ ننڍپڻ کان ئي شعر گوئي جو شوق گهڻو هوندو هو.
    هو پير گوهر علي شاهه اصغر جو مريد ٿيو ۽ اتان ئي کيس خلافت جو درجو حاصل ٿيو. هن ڪافي عرصو پنهنجي مرشدن وٽ گذاريو.
    ڪن محققن جو اهو رايو آهي ته آخوند گل محمد سنڌي غزل کي هڪ نئون روپ ڏنو ۽ الف بي وار هڪ ديوان تيار ڪيو. ان حساب سان کيس سنڌي غزل جو مؤجد به چيو وڃي ٿو. هيءَ صاحب ساڳئي وقت فارسي، عربي جو ماهر پڻ هو.
    هو ڪافي وقت کنڊو يا کيبر ۾ رهيو، جتي بقول ڊاڪٽر مخمور بخاري جي هن کي مجازي عشق ٿي ويو. جڏهن سندس عشق ظاهر ٿيو ته معشوق جي مائٽن کيس مارڻ ٿي گهريو. تنهن ڪري هو ڪافي سال گم رهيو. ڊاڪٽر صاحب جي خيال ۾ هو اهو عرصو ڪنگري يا پيرڳوٺ ۾ وڃي رهيو. ان وقت جو گادي ڌڻي پير پاڳارو به شاعر هو. ڪن جو خيال آهي ته آخوند گل شاعري ۾ هن جي رهنمائي ڪئي آهي. پر اها ڳالهه اڃا تحقيق طلب آهي.
    آخري عمر ۾ کيس حج جو شوق جاڳيو، حج جي راونگي کان اڳ هو بمبئي ويو، جتي پنهنجو ديوان پاڻ 1275هجري بمطابق 1858ع ۾ ڇپايائين. پوءِ هو حج تي روانو ٿيو، جتي وفات ڪيائين.

    آخوند گل جو ديوان:
    سندس ديوان جو اهم حصو 12 صفحن تي ڦهليل سندس مهاڳ هو، جيڪو پهرئين ڇاپي کان پوءِ ٻين ڇاپن ۾ شايع نه ڪيو ويو آهي. ان مهاڳ ۾ هن صاحب سنڌي صورتخطي تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آهي. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي موجب اهو مهاڳ يارهن ننڍن ننڍن بابن ۾ ورهايل آهي. هر هڪ باب کي هن واٽ سڏيو آهي.
    پهرئين واٽ ۾ هن سنڌي صورتخطي تي بحث ڪيو آهي. ان کانپوءِ واٽ ٻي، ٽين، چوٿين، پنجين ڇهين، ستين ۽ اٺين ۾ سنڌي، عربي، فارسي اکرن تي بحث ڪري ۽ انهن جا جدا جدا چارٽ ڏيئي، واٽ نائين ۾ پنهنجي ديوان لاءِ ٺاهيل الف بي جو چارٽ ڏنو اٿس، جو 55 اکرن تي مشتمل آهي. ڏهين واٽ ۾ عربي اکرن جو ابجد جي حساب موجب چارٽ آهي ۽ يارهين ۾ سندس ٺهرايل سنڌي جي پنجونهاهه اکرن جو ابجد جي حساب سان چارٽ آهي. اتي چٽائي يعني مهاڳ پورو ٿئي ٿو. سندس ديوان به انهي صورتخطي ۾ آهي. (ميمڻ سنڌي، ص 262، 263، 272)
    ڪتاب جو مهاڳ اهو ظاهر ٿو ڪري ته هو ماهر لسانيات به هو.

    ديوان گل جا ڇاپا:
    پهرئين ڇاپو ته پاڻ بمبئي ۾ ليٿو تي ڇپايائين. ان جي هڪ اضافي خوبي اها آهي ته هن ٺيٺ سنڌي لفظن جي فارسي معنيٰ حاشيه ۾ ڏني آهي. ان کانپوءِ قريبن چار ڇاپا مارڪيٽ ۾ آيا. ٻيو ڇاپو سال 1915ع تي ليٿو تي هريسنگهه ڪتب فروش ڪراچي مان ڇاپيو. ان ۾ فارسي ۽ هندي قطعه نه ڏنا ويا آهن. ٽيون ڇاپو 1919ع ۾ سنڌي ساهت سوسائٽي شايع ڪيو. ان ڇاپي ۾ بقول ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي جي ايتريون ته غلطيون رهجي ويون، جو ويهن صفحن تي ڀلنامو شايع ٿيو.
    آخري ڇاپو 1933ع ۾ مسلم ادبي سوسائٽي نئين نموني سنواري ۽ سڌاري شايع ڪيو ويو. هن ڇاپي جي خوبي اها آهي ته ڏکين لفظن جي معنيٰ حاشيي ۾ ڏني ويئي. قاضي عبدالغفور هالائي انهي ديوان جو مرتب ۽ شارح هو. ياد رهي ته ان ڇاپي ۾ آخوند گل وارو مهاڳ شايع نه ڪيو ويو آهي.
    ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي هن ڇاپي تي به اعتراض واري ٿو. بهرحال افسوس ته باوجود هن حقيقت جي، ته سندس ديوان سنڌي جي نصاب تي رکيل آهي، پر ان جو نئون ڇاپو 80 سالن کان مارڪيٽ ۾ ڪونهي. مون به ان جا ڪجهه ڇاپا محترم ڊاڪٽر مخمور بخاري وٽ ڏٺا آهن، جنهن کي ڪجهه عرصو اڳ ڪنهن اداري ديوان گل کي سوڌ سنوار لاءِ زباني چيو هو، پر اهو ڪم اڳتي نه وڌيو.
    ديوان گل جي اهميت جي حوالي سان ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي رقمطراز آهي ته ”جيتوڻيڪ هن (آخوند گل) فارسي وزن ۽ هيئت کي قبول ڪيو، تڏهن به فارسي شعر جي اثر ۽ روايتن کي مڪمل نموني اختيار نه ڪيو. ان کان سواءِ هن زور ڪري عربي ۽ فارسي لفظ ڪتب ڪونه آندا آهن، پر تمام گهڻا سنڌي لفظ ۽ محاورا ڪم آندا اٿس. گل مرحوم گهڻو قدر سنڌي ماحول موجب تشبيهون آنديون آهن، ۽ ترڪيبون، استعارا ۽ محاورا به ٺيٺ سنڌي آندائين. هن ايران جي ماحول جي نه پر سنڌ جي ماحول جي عڪاسي ڪئي آهي. ... گل جي غزل ۾ به تصوف جا نڪتا، اخلاقي هدايتون، معاشي ۽ معاشرتي مسئلا اهڙي رنگين نموني ۾ بيان ڪيا ويا آهن، جو غزل جو روح فنا نٿو ٿئي.“ (ص 276، 277)
    ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو هن جي ديوان جو تجزيو ڪندي لکيو ته ديوان ۾ خدا پرستي کان وٺي مجازي عشق تائين سڀ ڳالهيون بحث هيٺ آيل آهن ۽ دنيا جي دستور بابت به ڪيترا اشارا آهن. آخوند صاحب جي ڪلام ۾ ڪٿي مفهوم جي منجهه آهي ته ڪٿي مفهوم تمام سادو ۽ نظم به سليس آهي. پوين شاعرن جي اڳيان ته گل جو مثال هو پر گل جي اڳيان ٻيو ڪوبه سنڌي ديوان نه هو. انهي حالت ۾ گل کان ڪي فروگذاشتون ٿي ويون آهن. جن ۾ مفهوم جو مبهم هجڻ به اچي وڃي ٿو. سادگي سندس ڪلام ۾ گهڻي آهي ۽ ڪٿي به لفظن جي کيڏ نه لڀندي. انڪري قافيي جي تقاضا خاطر غلط قافيا به آندا اٿس. آخوند گل جي ڪلام ۾ فصاحت ۽ بلاغت جي ڪمي بيشڪ آهي، پر گل جا ڪي ڪي خيال نهايت بليغ شعر جي صورت وٺن ٿا. (جوڻيجو، 2000، ص 238)
    نامور مورخ ۽ محقق ڀيرومل مهرچند آڏواڻي صاحب هن جي حوالي سان لکي ٿو ته ”ديوان گل معنيٰ خليفي گل محمد جي شعر جو ڪتاب، پر ديوان لفظ خاص طرح انهي شعر جي ڪتاب کي چئبو آهي، جنهن ۾ سمورو شعر الف بي وار ڏنل هجي. پارسي بحر وزن تي ڪجهه شعر سچل فقير درازن واري جوڙيو هو، پر خليفو گل محمد پهريون ئي سنڌي شاعر هو، جنهن پنهنجا سڀ غزل پارسي بحر ۽ وزن تي الف بي واري بيهاري، ديوان تيار ڪيو.
    ”ديوان گل ۾ جيڪو شعر آهي، تنهن کي مضمون جي مد نظر تي جدا جدا طبقن ۾ وراهي سگهجي ٿو.
    ”ديوان گل ۾ خوبيون به آهن ته خاميون به آهن.منجهس ڪل 172 غزل آهن، جي جدا جدا وقتن تي جڙيل آهن. ڪي اعليٰ درجي جا آهن ته ڪٿي ته رڳو قافيه بيهارڻ لاءِ ڇٻ ڇٻ ۽ ٿٻ ٿٻ لڳي پئي آهي.“
    (رسالو سنڌو ڊسمبر 1938)
    سنڌي ٻولي کان علاوه هن صرف فارسي ۾ شاعري ڪئي آهي، پر فارسي ۾ چند ڪتاب نثر ۾ تحرير ڪيا اٿس، جيڪي هن وقت نٿا ملن. هن جي هڪ فارسي ڪتاب توفيق الطالبين جو سنڌي ترجمو ڪنوز المعرفت انٽرنيٽ تي ميسر آهي. اهو ڪتاب خليفه محمود نظاماڻي جي ملفوظات جو مجموعو آهي، جيڪو پاڻ تحرير ڪيو اٿن.
    سندن وصال مدينه منوره سال 1858ع ڌاري ٿيو.
    ملان سانوڻي محلا ۾ هڪ مسجد هن جي نالي سان مشهور آهي، جنهن جي ڇت عام رواج واري نه پر پاسائين يا gable آهي.
    سائين طلعت جيلاني قريشي ٻڌايو ته هن جي ڏاڍي سٺي بيٺڪ هوندي هئي. چند سال اڳ برطانيه جي ڪنهن چينل آخوند گل محمد تي ڪا ڊاڪيومينٽري ٺاهي هئي، جنهن ۾ سائين انهن کي هي بيٺڪ، مسجد توڙي ان جو گهر ڏيکاريوهو. انهن ٽنهي شين جي ريڪارڊنگ ڪئي هئي.
    آخوند عبدالصمد سانوڻي هالائي: (وصال 1855ع)
    وفائي صاحب جي لکت موجب هي صاحب نه صرف فارسي جو هڪ پختو شاعر هو، پر ساڳي وقت عامل، رمل جعفر جو ماهر بزرگ ٿي گذريو آهي. هي خليفه گل محمد هالائي جو مائٽ ۽ همعصر هو.
    وفائي صاحب سندس دستخط سان هڪ ڪتاب ڏٺو هو، جنهن تي 21 ربيع الاول سن 1224هجري يعني 6 مئي 1809ع لکيل هو.
    آخوند عبدالصمد 22 محرم الحرام سن 1272هجري/ 4 آڪٽوبر 1855ع تي رحلت فرمائي.

    حافظ نصرالله سانوڻي هالائي:
    وفائي صاحب هن کي به خليفي گل محمد جو همعصر قرار ڏئي ٿو، پر هن جي ڄم يا وفات جي تاريخ نٿو ڄاڻائي. وفائي صاحب جي احوال موجب هي صاحب قاري، عالم ۽ شاعر هو. هن جي والد جو نالو حافظ بلال بن حافظ هارون سانوڻي هو.
    تاريخ قديم هالا جي لفظن ۾ سموري زندگي درس تدريس ڏيندي هن فاني جھان مان لاڏاڻو ڪري ويو. جيتوڻيڪ سندس وفات جي تاريخ معلوم نه آهي. مگر هو صاحب 13 صدي هجري جي رجالن مان ۽ آخوند گل محمد ”ديوان گل“ واري جي معاصرن مان آهي. (مولوي ۽ قاضي، ص 45)

    آخوند نور محمد سانوڻي هالائي: (وصال 1865ع)
    وفائي صاحب موجب هي صاحب هڪ پاسي علم تعويذات ۽ عمليات ۽ علم تڪثير جو وڏو ڄاڻو هو، ته ٻئي پاسي. فارسي زبان جو پڻ چـڱو شاعر هو.
    وفائي صاحب هڪ پاسي لکيو آهي ته آخوند نور محمد 2 ذوالحج سن 1281 هجري/ 28 اپريل 1865ع تي رحلت فرمائي، پر ٻئي پاسي جيڪو قطعه تاريخ ڏنو آهي، ان موجب اهو سال 1287هه آهي.

    دينو فقير: وصال 1873ع
    تاريخ قديم هالا موجب هي بزرگ هالا پراڻا جي پينار برادري سان تعلق رکندڙ هو. پينارن جي اصل ذات مولوي محمود موجب ذات چنا آهي، پر جيئن ته اهي تڏا ۽ ڦيسون ٺاهڻ جو ڪم ڪندا هئا، تنهن کي انهن کي پينار سڏيو ويو.
    ”هن بزرگ جو خاندان سيوهڻ جو رهاڪو هو. پوءِ صدين کان هن بزرگ جو اصل وڏو سيوهڻ کان لڏي اچي هالن پراڻن ۾ سڪونت پذير ٿيو.“ (مولوي ۽ قاضي، ص 180، 181)
    سائين عطا محمد جي خيال ۾ هو تيرهين صدي هجري جو بزرگ آهي. هن وٽ ڪتن جو هجوم رهندو هو ۽ سڀني کي هو ماني کارائيندو هو. چون ٿا ته هر ڪتي جو نالو رکيل هو، جنهن جو نالو پڪاريندو هو ته اهو ڪتو ايندو هو. سندس وفات 27 محرم الحرام 1290هجري/ 27 مارچ 1873ع تي ٿي.
    تاريخ قديم هالا ۾ موجب هن جي وفات وقت عمر 105 ورهيه هئي، تنهنڪري اندازو آهي ته هن جي ولادت سال 1185 هجري/1771ع ۾ ٿي هوندي.
    پهريائين سندس مزار دريا جي اندر هئي پر پوءِ دريا جي ٻوڏ سبب سندن نعش مبارڪ کڻي بچاءَ بند جي ڀر ۾ آندو ويو. اهو مزار سيد فيض محمد شاهه جي مزار کان ٿورو اڳتي اتر طرف بند جي ڀرسان آهي.

    آخوند اميد علي سها سانوڻي هالائي: (وفات 1881ع)
    وفائي صاحب لکيو آهي ته هي عالم فاضل، عامل، شاعر ۽ نقشبندي طريقي جو صوفي هو. هن جو تخلص سها هو. هو فارسي جو نهايت عمدو شاعر هو ۽ تاريخي ماده ڪڍڻ جي فن ۾ هڪ بي مثل قابليت جو مالڪ هو. هن قصيده برده جي فارسي ۾ شرح نه صرف نظم ۾ پر نثر ۾ به ڪئي آهي. قاسمي صاحب کيس وقت جو عمدو شاعر قرار ڏئي ٿو ۽ لکي ٿو ته هو خوش نويس ۽ خطاط به هڪ هو. (علامه قاسمي، 2012، ص 151)
    هي صاحب پنهنجو گھڻو وقت حيدرآباد جي ٽالپرن وٽ گذاريندو هو، جيڪي سندس کلي دل سان خدمتون ڪندا رهندا هئا. ياد رهي ته آخوند صاحب بقول وفائي صاحب جي علم جعفر، عمليات ۽ علم تڪثير ۽ اعداد جو وڏو ماهر هو. وفائي صاحب سندس انهيءَ فن تي لکيل رسالو به ڏٺو هو. وفائي صاحب موجب هن رسالي ۾ مستحصله نقش ڀرڻ جون واٽون ڏيکاريل آهن.
    ڊاڪٽر بلوچ جي لکئي موجب هي صاحب عبدالحسين سانگي جو وڏو همعصر ۽ صحبتي هو.
    هن صاحب جي لکيل يا ترجمو ڪيل ڪتابن جا نالا هن ريت آهن: (1) ديوان (2) انشاء (3) سفرنامو ڪلڪته (4) رساله در علم تڪثير 5. قدسياته قيومه 6. قصيده برده جو فارسي ترجمو.
    هن جو وصال اڱاري جي ڏينهن، 15 ربيع الاول سن 1298هه/ 15 فيبروري 1881ع تي ٿيو.

    حافظ غلام محمد سانوڻي هالائي: (وفات 1298هجري / 1881ع)
    هن صاحب جو مختصر احوال علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب ڪيو آهي، جنهن موجب هي مشهور شاعر ۽ عالم آخوند احمد سانوڻي جو پٽ هو ۽ پنهنجي پيءُ کان اڳ جواني ۾ گذاري ويو. هي عربي ۽ فارسي جو وڏو ڄاڻو هو، شعر سان گڏ نثر نويسي ۾ ته کيس وڏي مهارت حاصل هئي. وڏو فصيح ۽ بليغ اديب هو. پر هن جي تنصيفات جي نالن جو ڪو ذڪر نه ڪيو ويو آهي. هن جي وفات تي آخوند محمد قاسم عربي ۾ مرثيو لکيو آهي، جنهن جي آخري مصرع ”محمد قاسم جنان مثواه“ مان تاريخ وفات ڪڍي ويئي. (علامه قاسمي، 2012ع، ص 149)

    آخوند محمد قاسم ولد نعمت الله قريشي: (1881ع - 1806ع)
    هي ٻيو آخوند قاسم آهي، جنهن جو تعلق به هالا پراڻا جي ملان سانوڻي عقيلي قريشين سان آهي. مولوي محمود قريشي هن جي علحده سڃاڻپ لاءِ کيس صاحب ديوان قاسم سنڌي لکي ٿو.
    هن عربي پارسي جي تعليم پنهنجي والد وٽان حاصل ڪئي. شاعر سان گڏ هو، بقول مولوي محمود جي، بهترين خوش نويس به هو. ڪجهه عرصي لاءِ حيدرآباد ۾ رهائش دوران هن پنهنجي خوش نويسي کي روزگار جو ذريعو به بنايو هو.
    آءِ. ايڇ. سدارنگاڻي پنهنجي ڪتاب ۾ انگريز دؤر جي فارسي شاعرن ۾ هن جو احوال لکيو آهي. هو لکي ٿو ”جواني ۾ هو پائونڊ منشي ٿي رهيو، پوءِ هو تپيدار به ٿي رهيو. هو شاعري جو شوقين هو. هي حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ ٿيندڙ مشاعرن ۾ شريڪ ٿيندو هو، ۽ انهن محفلن ۾ هو پنهنجي کليل ۽ ظريف شعرن سان رنگيني وجهندو هو.
    ”فارسي کان علاوه هو عربي، اردو ۽ سنڌي ۾ به شاعري ڪندو هو. ان وقت جي رسالي مفرح القلوب ۾ مستقل سندس شعر ڇپبا هئا. تنهن ڪري کيس ملڪ جي مختلف جڳهين تان داد پيو ملندو هو.“
    (سدارنگاڻي، 1987ع، ص 255)
    ڊاڪٽر جوڻيجي لکيو آهي ته علم عروض جي ڄاڻ هن کي خليفي گل جي نسبت وڌيڪ هئي. سندس ڪتاب ديوان قاسم پهريون ڀيرو 1875ع ۾ شايع ٿيو. ٻيو ڀيرو ان کي مرزا قليچ بيگ ترتيب ڏئي، ان ۾ هر غزل ۾ ڪم آيل وزن ڄاڻائي، شرح به لکي. (جوڻيجو، 2000ع، ص 238)
    روزگار سانگي هو حيدرآباد ۾ وڃي رهيو ۽ اتي ئي سندس وفات ٿي. حيدرآباد ۾ ئي پنهنجي دوست شاعر فاضل شاهه جي تحرڪ تي هن سنڌي ۾ شاعري ڪرڻ شروع ڪئي.
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهرئين (2009ع) موجب ھو انھن سنڌي شاعرن مان ھڪ آھي، جن پھريان رباعي لکڻ شروع ڪئي. ھن ”سنڌي ادب جي تاريخ“ به لکي. ھن سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترا بيت ۽ ڪافيون به لکيون.
    (ص 38)
    مولوي محمود هن جي ولادت توڙي وصال جون ٻه مختلف تاريخون لکي ٿو. هڪ پاسي هن جي ولادت 1221 هجري/ 1806ع ڄاڻائي ٿو ته وري اڳيان 1201 هجري / 1786ع لکي ٿو. ساڳي طرح وصال جو هڪ جاءِ تي سال 1298 هجري / 1881ع لکي ٿو ته ٻي جاءِ تي سال 1309 هجري / 1891ع لکيو آهي. مٿئين تذڪري ۾ اسان پڙهيو ته هن حافظ غلام محمد جي وفات تي، جيڪا 1881ع ۾ ٿي، عربي ۾ مرثيو لکيو آهي. ان حساب سان لڳي ٿو ته هن جي وفات 1891ع ۾ ٿي هوندي. پر سدارنگاڻي امام بخش خادم پاران هن جي وفات تي لکيل ڇهه سٽو ڏنو آهي، جيڪو هيٺ ڏجي ٿو تنهن ۾ سال 1881ع آهي:
    ويو ڇڏي فاني سرا کي ڏنهن بقا
    رب عطا ان کي ڪري خلد و جنان
    جنوري جي اڙهينءَ منگل جي وار
    سال ارڙهن سو اڪاس هو روان
    عيسوي ايهو ٿيو، هجري به ٻڌ
    ورهه ٻارهن سو اٺانوي ٿو چوان.
    (ص 255)

    رانجهو فقير: (وصال 1883ع)
    هن صاحب جي مزار عيد گاهه جي قريب بچاءُ بند جي ڀر ۾ آهي. سائين عطا محمد صدر، احمد فقير جي روايت بيان ڪندي لکي ٿو ته هن، جنهن اسي سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي هئي، کيس ٻڌايو هو ته رانجهو فقير، دينو فقير کان پوءِ آيو هو ۽ موجوده جاءِ جيڪا دينو فقير جي مزار وٽ آهي، آستانو ٺاهيو ۽ وصيت ڪئي ته کيس اتي ئي دفن ڪيو وڃي.
    هن جي حوالي سان اها روايت عام آهي ته هو ڀرپاسي ۾ رات جو نار هلڻ برداشت نه ڪندو هو. سائين عطا محمد جي خيال ۾ هن جي وفات 1300 هجري/ 1883ع ۾ ٿي آهي.

    آخوند احمد سانوڻي هالائي: (وصال 1899ع)
    وفائي صاحب موجب هي عالم، فاضل، شاعر قادريه طريقي جو فقير ۽ پير سيد علي گوهر جي مريدن مان هو. هن پنهنجي سموري زندگي تعليم ڏيڻ ۽ شاعري ڪرڻ ۾ بسر ڪئي.
    ٻڌايو وڃي ٿو ته حيدرآباد جي ٽالپرن وٽ سندس وڏي عزت ۽ مان هو. مير نور محمد ۽ مير محمد حسن علي خان ولد مير نصير خان وٽس تعليم حاصل ڪئي. ميرن جي ڪيترن صاحبزادن جي ڄمڻ جون تاريخون لکيون اٿس. ۽ ڪن جي وفات تي به قطعات آهن. هي به تاريخ جي ماده ڪڍڻ واري فن جو مڃيل ماهر هو.
    وفائي صاحب موجب هن جو پنهنجي همعصرن مان آخوند اميد علي سها هالائي ۽ مولوي احمد ڀٽائي سان شعرن جو تبادلو ۽ تتبع ٿيندو رهندو هو. عربي، فارسي، ۽ سنڌي زبانن ۾ شاعري ڪئي اٿائين.
    پنهنجي همعصر دوست آخوند اميد علي جي وفات جو به پاڻ مرثيو لکيو اٿس. علم جعفر، وظيفن ۽ مسخرات جو ڄاڻو ۽ وڏي ڪماليت وارو بزرگ 1317هه/ 1899ع ۾ وفات ڪري هالن ۾ دفن ٿيو.
    هي صاحب به مير عبدالحسين سانگي جو سهيوڳي ۽ صحبتي هو.
    خليفو حاجي لطف الله سانوڻي هالائي:
    وفائي صاحب موجب لطف الله بن حاجي حافظ نصر الله سانوڻي، هڪ عالم، شاعر، مدرس ۽ نيڪ سيرت بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس ڪلام سنڌي ۽ فارسي ۾ مدح ۽ مناجات ۽ مولودن جي صورت ۾ موجود آهي.
    ”آخوند لطف الله پنهنجي والد جي وفات کانپوءِ هالن پراڻن جي بازار واري مسجد ۾ پنهنجي والد جي جاءِ تي درس تدرس ڏيندو رهيو.
    هن جي وفات جي تز تاريخ معلوم ڪونهي البت چيو وڃي ٿو ته هن 13 صديءَ جي آخر ۾ وفات ڪئي هئي.
    وفائي صاحب هن جي ڪنهن طويل قصيدي جي حوالي سان لکيو آهي ته چيو وڃي ٿو ته مدينه شريف ۾ حاضري واري موقعي تي روضه اطهر جي سامهون پڙهيو هوائين.

    آخوند رحمت الله سانوڻي هالائي: (متوفي 1887ع)
    مولانا وفائي جي لکئي موجب آخوند رحمت الله ولد آخوند محمد شاڪر سانوڻي چـڱو شاعر هو. ڪجهه فارسي، ڪجھه سنڌي ڪلام سندس ڪتبخانه ۾ موجود آهي. هو فارسي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ سرڪاري ملازمت ۾ گھڙيو. ۽ ناري جيل (حيدرآباد) تي جيلر هو. اتان ريٽائرٿي اچي هالن ۾ ياد خدا ۾ مشغول رهيو.
    آخوند صاحب 15 جمادي الثاني 1304هه/ 11 مارچ 1887ع جي هن دنيا فاني مان گذاري ويو. ۽ پنهنجي خانداني قبرستان ۾ دفن ٿيو.

    فقير گدا علي بن غلام:
    روايتن موجب هي صاحب پڻ هڪ وڏو بزرگ ۽ شاعر ٿي گذريو آهي.ڪن راوين جو چوڻ آهي ته مرحوم فقير گدا علي مرحوم فقير احسان لانگاهه جي اولاد مان آهي.
    سندس ولادت توڙي وفات هالن پراڻن ۾ ٿي. تاريخ قديم هالا موجب سندس تربت شاهه ديانه جي مقام يا قبرستان ۾ ڏکڻ ۽ الهندي جي ڪنڊ تي آهي. هن سان گڏ ٻين قبر يوسف فقير جي ۽ ٽين موليڏنه فقير جي آهي. اهي ٽيئي فقير جناب حضرت سيّد شيخ عبداللطيف جي خانقاه جا فقير، ذاڪري ۽ بيت ڏيندا هئا.
    ”مرحوم فقير گدا علي پنهنجي خاندان مان شادي ڪئي. جنهن مان کيس هڪ پٽ بخش علي ٿيو جو لا اولاد گذاري ويو. ۽ ٽي نياڻيون ٿيون، جيڪي ٽيئي پرڻائي ڏنائين. جنهن جو اولاد نمبر پهرين نياڻيءَ مان غلام شاهه ٺوڙهن وارو، نمبر ٻي نياڻيءَ مان جڙيل شاهه شاهه جھانيه پوٽه وارو، نمبر ٽي نياڻيءَ مان صوفن شاهه جھوڪ شريف شاهه عنايت وارو، جن جو اولاد اڄ تائين موجود آهي.
    ”فقير گدا علي جا ٻه شاگرد هڪ عثمان فقير. ٻيو مهرعلي، سي فقير آچر عمراڻي جي والد فقير عبدالله سان گڏ خدا آباد وارن ميرن وٽ ڳائيندا هوا. مرحوم فقير گدا علي اهل الله دعا پٽ جھڙو هو. مرحوم فقير گدا علي، فقير ڀليڏنه ابن ابوبڪر جو شاگرد هو.“ (مولوي ۽ قاضي، ص 203، 204)

    سائين ولايت راءِ: (1825-1887ع)
    سائين حڪيم ليکراج کتري جي پوٽي آڪاش آسواڻي (جيڪو پاڻ قائد عوام يونيورسٽي ۾ بي ايس آءِ ٽي ڪري رهيو آهي) 128 صفحن تي مشتمل هڪڙو ڪتاب ”ڪٿا سائين والايت راءِ جي“ فوٽو اسٽيٽ حالت ۾ ڏنو، جنهن ۾ هالا پراڻا جي رهواسي سائين ولايت راءِ جو احوال ڏنل آهي.
    ان ڪتاب موجب هالا پراڻا جي منشي ڪراڙ مل جي پٽ منشي پرتابراءِ کي 1825ع ۾ هڪ پٽ ڄائو، جنهنجو نالو ولايت راءِ رکيو ويو. ولايت جڏهن پنجن ورهين جو ٿيو ته اسڪول موڪليو ويو، جتي ماستر قاضي مسلمان هوندا هئا.
    ”ولايت راءِ جا وڏا عامل ڪامورا هوندا هئا ... هو ميرن جا منشي هئا ... منشي ڪوٺائڻ ۾ هاڻي ته اهم (عيب) ٿو لڳي، پر اڳي ميرن جي ڏينهن ۾ منشي رياستن جو سٺو ڪاروبار هلائيندا هئا.“
    ڪتاب موجب هي صاحب ننڍي هوندي کان ذهين هو. پنهنجي قاضي استادن جي نظرداري ۽ سنڀال هيٺ عربي، سنڌي، پارسي سکي، پنجون درجو پارسي پاس ڪري پڙهڻ بند ڪيائين. جلدي ۾ سندس شادي ٿي.
    سترهن سالن جي عمر ۾ بوبڪن ۾ هن کي ڪنهن مير وٽ ڪارداريءَ جي ڪم تي رکيو ويو. پر ميرن جي راڄ جي خاتمي سان اها نوڪري ختم ٿي. انگريزن جي دؤر ۾ هي لاڙڪاڻي ۽ ميروخان تعلقي ۾ تپيدار رهيو. ان دؤر ۾ سندس حساب ڪتاب ۾ ڪمي پيشي جي ڪري کيس ڇهه مهينا جيل جي سزا آئي.
    ڪتاب ۾ لکيل آهي ته انهي جيل واري عرصي ۾ هن خواب ڏٺو، جنهن ۾ هن کي چيو ويو ته تون هن جُڳ ۾ انهي ڪم لاءِ نه آيو آهين، سو ان مان جان آجي ڪراءِ. بهرحال سندس ڪيس جي نئين سر جانچ ۾ هي بي ڏوهي ثابت ٿيو ۽ آزاد ٿيو.
    جيل مان نڪري هو هالا پراڻا آيو ۽ ڪتاب جي لکت موجب هو ڪرامت جو ڌڻي ٿي پيو يا ٻين لفظن ۾ هو هندن جو مهاپرش بنجي پيو. ڪجهه عرصو اتي رهڻ کان پوءِ هو سنڌ جي سفر تي نڪتو ته جيئن وري ڪو روزگار حاصل ڪري سگهي. هلندي گهمندي هو قمبر ۾ آيو جتي پهرئين هو پٽواري يعني زمين ماپيندڙ ٿيو ۽ پوءِ وري تپيدار ٿيو.
    اتي سندس پؤلڳن جو حلقو وڌندو رهيو. ڪجهه عرصي کان پوءِ مختيارڪار جي رويي کان تنگ ٿي استيعفا ڏنائين، ۽ پوءِ ڪل وقتي بزرگي جو لبادو اوڍيائين. سندس آخري پساءَ قمبر ۾ پورا ٿيا ۽ اتي ئي سندس سماڌي جوڙي ويئي.
    هن جو تقريبن ساڳيو احوال انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا جي جلد ستين (2013ع) جي صفحي 110 تي ڏنل آهي. پر اتي هن صاحب جو نالو سائين ولايترام لکيو ويو آهي.

    قاضي يار محمد قريشي: (متوفي 8 جنوري 1899ع)
    سروري ٽوڙ ۾ جن شاعرن جا ڏهر شامل آهن، تن ۾ هالا پراڻا جو قاضي يار محمد قريشي به هو. ان صاحب جو جيڪو مختصر احوال پروفيسر محبوب علي چنا قاضي غلام محمد قريشي جي حوالي سان ڪليات امين جي مقدمي ڏنو آهي، سو هتي پيش ڪجي ٿو.
    ”قاضي غلام قريشي موجب هن جي تاريخ ولادت معلوم نه آهي. هن جي والد جو نالو قاضي محمد روشن هو. پاڻ لاولد 25 شعبان المعظم 1316 بمطابق 8 جنوري 1899ع تي گذاري ويا.
    ”هو هالا پراڻا جي هڪ ٻي اديب ۽ شاعر قاضي ابوالمعالي جو ويجهو عزير هو ۽ هن سان علمي ۽ ادبي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي هئس.
    ”پاڻ مخدم امين محمد امين عرف پکن ڌڻي جي حلقه احباب ۾ شامل هو. پاڻ جيڪو سائين پکن ڌڻي جي شان ۾ سنڌي ڪلام چيو اٿس، سو سروري ٽوڙ ۾ ڏهر قاضي يار محمد جي نالي سان مشهور آهي.
    (چنا، 1990ع، ص 61 کان 63)

    قاضي ابوالمعالي قريشي:
    هن صاحب جومختصر ذڪر اسان قاضي يارمحمد قريشي ۾ پڙهيو ته هو هالا پراڻا جو اديب ۽ شاعر هو ۽ قاضي يار محمد جو سهيوڳي هو. باقي وڌيڪ احوال نه مليو آهي.

    قاضي عبدالقوي شريف: (1810-1875ع)
    ڊاڪٽر قاضي خادم صاحب هن جي حوالي سان پنهنجي ڪتاب ”پير اڃان مون پنڌ ۾“ لکيو آهي ته ”محمد ابراهيم خليل ٺٽوي (19صدي) پنهنجي ڪتاب تڪمله مقالات شعرا ۾ قاضي ميان عبدالقوي شريف ساڪن هالا ڪنڊي ڪهنه جو احوال هن جي شاعري سميت ڏنو آهي.
    ”بابا جو پڙ ڏاڏو قاضي عبدالقوي شريف جيڪو 19صديءَ جي شروعات ۾ ميرن جي دؤر ۾ ڪاردار رهيو، جنهن جو عهدو مختيارڪار جي برابر هوندو هو. هو اعليٰ پائي جو شاعر هو ۽ محمد ابراهيم خليل ٺٽوي جھڙو محقق ۽ عالم سندن دوست هو جيڪو ساڻن ملڻ هالا پراڻا ايندو هو.“
    (ڊاڪٽر قاضي، 2012ع، ص 383، 384)
    پنهنجي ٻئي ڪتاب اندر روح رهيام (يادگيريون) (2011ع) ۾ ڪتاب تڪمله مقالات شعره جي واسطيدار پني جو عڪس ڏنو ويو آهي. (ص 175)
    فارسي زبان جو هي شاعر ۽ نثر نويس، پهريائين ملتجي تخلص استعمال ڪندو هو، پر پوءِ آخر ۾ شريف جو تخلص اختيار ڪيائين.
    چاند شاهه خانوٺ واري قبرستان ۾ مسڪين شاهه جي ڀرسان مسڪين شاهه جي والد پير سيد علي حسين شاهه جي قبر تي فارسي ۾ ڪتبو هن صاحب جو لکيل آهي، جيڪو تازو ڪنهن اهڙي شخص لکيو آهي، جو پورو سمجهه ۾ نٿو اچي.

    آخوند مولوي فتح محمد سانوڻي صاحب: (1910ع-1854ع)
    تاريخ قديم هالا موجب هيءُ صاحب عالم هو ۽ سال 1854ع ۾ ڄائو. کيس ننڍپڻ کان ئي علم جو گهڻو شوق هوندو هو، ٿوري وقت ۾ قرآن، فارسي ۽ عربيءَ جو علم حاصل ڪري دستار بنديءَ جي رسم ادا ڪيائين.
    ”ڪيترائي ڪتاب لکيائين، جن مان هڪ ڪتاب ڪاشف الغموض يعني سنڌي لغت تصنيف ڪيل آهي، جيڪا ڇپيل پڻ آهي. هن بزرگ جو وڏو ڪتبخانه هو، مگر هن پنهنجو توڙي ابن ڏاڏن جي ڪتابن جو ذخيرو پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي پير جهنڊي وارن کي ڏيئي ڇڏيو. پوءِ پاڻ جلد ئي گذاري ويو. ياد رهي ته هي پير جهنڊي وارن جو مريد هو.
    هن صاحب سال 1910ع ۾ وفات ڪئي. سندس تربت مقام مخدوم لاخيال ۾ قطب شاھ جي تربت کان اُتر طرف پنهنجن ابن ڏاڏن سان گڏ آهي.
    (مولوي ۽ قاضي، ص 49 ۽ 50)

    مخدوم محمد ابراهيم صوفي ڀٽي: (1865ع 1913-ع)
    ¬¬¬هي بزرگ مخدوم محمد صالح ڀٽي جو والد محترم هو. هن جي تاريخ ولادت 15 ذوالحج 1281هه بمطابق 11 مئي 1865ع آهي. هيءُ سنڌي توڙي فارسي زبان جو سٺو شاعر ۽ اديب ٿي گذريو آهي. هن جا شعر، مداحون ۽ ڪافيون تمام گھڻي انداز ۾ چيل آهن، جي اڻ ڇپيل آهن.
    ھن صاحب هڪ ناول ”نيڪيءَ جو نتيجو ۽ بدي جو ڦل“ اوڻهين صدي جي آخر ڌاري ترجمو ڪيو هو، جنهن لاءِ ڪي شخص ان راءِ جا آهن، ته اهو سنڌي ۾ ڪنهن ناول جو پهريون ترجمو آهي. اهو ناول قلمي صورت ۾ ٻن ڀاڱن ۾ مخدوم محمد صالح ڀٽي جي هٿ اکرن ۾ مخدوم آفتاب ڀٽي وٽ رکيل آهي.
    وفائي صاحب هن صاحب جي تذڪري ۾ ناول جو نالو نشتر ڏنو آهي. ”اردو ۾ هڪ ”نشتر“ نالي ناول پنهنجي زبان ۾ واقعي جي صحت جي لحاظ کان عجيب شيءِ آهي، جنهن جو سنڌي ۾ مخدوم صاحب ترجمو ڪيو ۽ اُن وقت جي سنڌي دانن کيس کي داد ڏنو.“
    وفائي صاحب لکيو آهي ته مرحوم سيد اسدالله ٽکڙائي، قاضي هدايت متعلوي، رئيس شمس الدين بلبل ۽ ٻين وقت جي فاضلن، شاعرن سان طرحي مصرعن تي سندس شاعري يا مشاعرا، رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهندا هئا.
    هن صاحب جو هڪ ٻيو ڪتاب گلستان ولايت به قلمي صورت ۾ آهي. اهو ڪتاب هن 13 شوال 1318 هجري بمطابق 3 فيبروي 1901ع تي پورو ڪيو. هن ڪتاب جي حوالي سان پنهنجي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته ”آئون هن ڪتاب جو نالو گلستان ولايت رکان ٿو ۽ انکي پنجن چمنن تي مترتب ڪئو اٿم ۽ هر هڪ چمن کي چئن چئن گلن تي وراهيان ٿو ۽ ان جي آخري ۾ ضروري فهمائشون وڌايان ٿو.“ هن ڪتاب ۾ مخدوم بهاءُ الدين زڪريا، مخدوم رڪن الدين ۽ صدرالدين جو احوال شامل آهي.
    هن جو وصال 4 ربيع الاول 1331هه/ 11 فيبروري، 1913ع تي ٿيو.

    فقير خالقڏنه:
    تاريخ قديم هالا موجب هيءُ صاحب تمام ڪامل بزرگ ۽ ڪرامت جو صاحب ٿي گذريو آهي. سندس پهرئين تدفين هالا ڪنڊي لڳ ڊيهن ڳوٺ ۾ ٿي. جڏهن اهو ٻڏڻ لڳو ته سندس مرقد کي وري وگھاملن جي اصل ڳوٺ ۽ مياڻيءَ جي ڳوٺ جي وچ تي قائم قبرستان ۾ دفنايو ويو. جيڪو پوءِ سندس نالي (يعني خالقڏنه جي مقام) سان مشهور ٿيو. اهو علائقو وري سال 1952ع ۾ ٻڏي ويو. ڪتاب موجب ميربحرن سندس مرقد مان ايندڙ آواز ٻڌا ته کيس هتان ڪڍي مٿانهين جاءِ تي رکيو وڃي. ان کان پوءِ سندس نعش اتان ڪڍي هالا پراڻا ۾ رکيو ويو آهي.
    ”مرحوم فقير خالقڏنه بزرگ جي اُٺَنِ سان گھڻي محبت هوندي هئي. هيءُ بزرگ قبر کي اصل ٺهڻ پسند نه ڪندو هو. ڪو به جيڪڏهن قبر ٺهرائيندوهو ته اٺ اچي ان کي لتاڙي ڊاهي ڇڏيندا هوا. ۽ قبر جو نشان ئي ڏسڻ ۾ نه ايندو هو. اڪثر ماڻهون اٺن کي اتي ڏسندا هوا ته اٺ ان قبر تي پيا ليٽندا هوا.
    ”هيءُ بزرگ خالقڏنه قديم زمانه جو آهي، هن جي اصلي نسب ۽ ولادت ۽ مماتي ۽ اولاد جي خبر نه ملي سگهي آهي“. (مولوي ۽ قاضي، ص 177، 178)

    سيد فقير علي شاهه ابن فتح محمد شاهه:
    هن صاحب جا وڏا سيوهڻ مان لڏي هتي اچي ورسيا هئا. هي صاحب سيد مسڪين شاهه جو همصر هو ۽ سيد مصري شاهه صاحب سان به سندس تعلق هو.
    تاريخ قديم هالا موجب هن سيّدن کي کاٻروٽي (يعني سبز وارا) سيّد ڪري ڪوٺيو ويندو آهي. سندن اصل آباءُ اجداد جي جاين ڀرسان سيوهڻ ۾ هڪ وڏو کٻڙ هوندو هو. ان کٻڙ هيٺ ڪچهري وغيره ڪندا هوا. جنهن ڪري عام چوندا هوا، ”کٻڙ وارا سيّد“. انکانپوءِ عام مروج ۾ کاٻروٽي سيّد ڪوٺجڻ لڳا. جو اڄ تائين انهئ نالي سان مشهور آهن.“ پر مير علي شير قانع تحفة الڪرام ۾ کاٻروٽي جو سيوهڻ جي ڀرسان هڪ ڳوٺ جي نالي طور ذڪر ڪيو آهي. (ص 352)
    تاريخ قديم هالا موجب ”سندس شجره حضرت امـام جعفــر عليه السـلام سان ملي ٿو. هن بزرگ سيّد فقير علي شاهه جا وڏا قديم زمانه کان هالن پراڻن ۾ لڏي اچي ويٺا. مرحوم سيّد فقير علي شاهه عالم ۽ حافظ القرآن ۽ تمام قابل حڪيم هو. مرحوم شاهه صاحب قابل حڪيم هوندو هو. فقط جيڪڏهن ڪنهن کي ڪوبه ڏس ڏيڻو هوندو هو ته شفاع ٿي ويندي هئي. سندس دعائي ڪافي هوندي هئي. وٽس ماڻهون دوا ۽ دعا لاءِ ايندا هوا.
    سندس صحبت ۽ خذمت ۾ ٻه نامور قابل حڪيم مرحوم آخوند حبيب الله آخوند سانوڻي، 2. ٻيو صوفي آسومل کتري سدائين رهندا هئا. جن پڻ حڪمت جو ڪم وٽائنس حاصل ڪري پنهنجو شفا خانو کوليو.
    (مولوي ۽ قاضي، ص 186)
    هن صاحب جي حوالي سان سائين عطا محمد لکيو آهي ته سندس دعا سان مخدوم محمد زمان سرڪار (1861-1913ع) کي مليل سزا معاف ٿي هئي. (صدر، ص 14)
    هن خاندان جو آخري مرد سيد مڱيلندو شاهه هو، جيڪو چند سال اڳ وفات ڪري ويو آهي، ان جو علحده ذڪر هن ڪتاب ۾ آهي.

    آخوند محمد بچل قريشي:
    تاريخ قديم هالا موجب هيءُ فارسي جو عالم ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. ”هي صاحب انگريز حڪومت جي زماني ۾ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ ماستر هو. مرحوم آخوند صاحب ئي اوائلي شروعات ۾ انگي حساب تيار ڪيو هو. جنهن جو هڪ نسخو يعني ڪتاب مرحوم محمد صالح ڀٽي جي ڪتبخانه ۾ ڪنهن زماني ۾ موجود هو.“ (ص 80)
    تازو 28 آڪٽوبر 2017ع تي مخدوم محمد صالح جي پوٽي مخدوم آفتاب مون کي چند قلمي ڪتاب ڏيکاريا، انهن ۾ هڪ ڪتاب بعنوان ”ليکي جو حساب ڀاڱو ٻيو اڻپورا انگ“ ڏاڍي دلپذير لکت ۾ نظر آيو. ان ڪتاب جي آخري صفحي تي فارسي ۾ اهو لکيل آهي ته هذا ڪتاب الحساب از يد حقير پر تقصير فقير بچل سانوني خلف مرحوم مغفور امين محمد عفي الله متوطن قصبه هالڪندي ڪهنه.... تاريخ 10 جمادي الثاني 1280هجري مطابق 23 نومبر 1863ع.“ جيئن ته هو خوشنويس هو، تنهنڪري اهي هٿ اکر هن جا آهن، البت ڪتاب جي تنصيف وارو نڪتو تحقيق جو متقاضي آهي. ياد رهي ته تاريخ قديم هالا ۾ هن جي ولديت محمد اشرف لکيل آهي، جيڪا ظاهر آهي ته سهو آهي.
    هن صاحب جو ڪتابت ڪيل هڪ ٻيو قلمي ڪتاب حڪايت الصالحين جي نالي سان به ڏسڻ جو موقعو مليو هو. ممڪن آهي ته آخوند صاحب ئي هن ڪتاب جو مولف پاڻ هجي. اصل ۾ ان مسودي جا پهريان ڇهه صفحا غائب آهن. ڪتاب جي سائيز نوٽبڪ جيتري آهي، ڪل صفحا 581 آهن. صفحي 580 تي فارسي ۾ لکيل آهي ته ”تمام شد ڪتاب حڪايت الصالحين سنڌي بروز پنجشنبه وقت ظهر تاريخ دويم ماه ذيقعده 1276 هجري مدم مطابق مؤرخ ست چهارم ماهه مئي 1860عيسوي.“ ان کان پوءِ رڳو ڪاتب طور سندس نالو درج آهي.
    اهو ڪتاب پراڻي سنڌي يعني نظاماڻي نموني تحرير ڪيل آهي، جنهن ۾ بزرگن جون ٻه سو کن حڪايتون درج آهن. پهرئين حڪايت صفحي اٺين کان شروع ٿئي ٿي. ان کان اڳ صفحي ستين جي لکت مان ظاهر آهي ته ليکڪ يا مولف شروعاتي صفحن ۾ هن ڪتاب جو تعارف لکيو آهي، جنهن ۾ هن بابن جو تفصيل ڏنو آهي. صفحي ستين تي باب چوڏهين کان باب ويهين جي موضوعن جو مختصر تعارف آهي.
    آخوند بچل صاحب جي حوالي سان تاريخ قديم هالا ۾ هڪ واقعو بيان ڪيل آهي، جنهن جو اختصار اهو آهي ته آخوند محمد حيات پنهنجي پٽ نورمحمد کي هڪ ڪتاب انشاء فارسي سڄو بي نقطه قلمي (جو پڻ خاندان آخوند سانوڻي جي هڪ فرد جو ٺاهيل هو) هٿ ۾ ڏيئي چيو ته وڃي شهر ۾ جناب مولوي محمد وٽ پڙهه. پر مولوي محمد جن چيو ته اسين هيءُ ڪتاب پڙهائي ڪونه سگهنداسون.
    ”هو جڏهن واپس وريو ته کترين جي بازار مان هندو عاملن جي محلي وٽان لنگھيو ته هڪ هندو عامل وٽس ڪتاب ڏسي انجي پڇا ڪئي. جنهن تي هن سڄي حقيقت ان کي ٻڌائي. عامل اهو ڪتاب ڏسي چيو ته اوهان اسان جا استادي گھر آهيو، نه ته آئون ئي کڻي اوهان کي اهو ڪتاب کڻي پڙهايان. آخر ۾ هو محمد بچل وٽ ويو، جنهن چيو ته ابا آئون نظر کان ويهي رهيو آهيان. هاڻي اُن ڪتاب جا اکر هوبهو منهنجي هٿ تي لکندو وڃ، ته آهستي آهستي اهو ڪتاب پڙهائي پورو ڪريان، نه ته منهنجي حالت ڏسين پيو. (مولوي ۽ قاضي، ص 80، 81)
    هن جي ڄم توڙي وصال جي درست تاريخ معلوم ڪونهي پر تاريخ قديم هالا ۾ لکيل آهي ته شايد هي تيرهين صدي هجري جي اوائل ۾ ڄائو ۽ چوڏهين صدي جي اوائل وفات ڪري ويو. تيرهين صدي جي آخرين چوٿين ۾ سندس ڪتابت ڪيل نسخن جو احوال اڳيان ڏنو اٿئون.
    ڊاڪٽر عبدالحفيظ قريشي صاحب مون سان فون تي ڳالهائيندي هن کي ميان جي ڪوٺيو ۽ پنهنجو وڏو ڏاڏو قرار ڏنو.

    آخوند محمد حسن بن حافظ نور محمد:
    تاريخ قديم هالا ۾ آيل احوال موجب هي صاحب هڪ وڏو عالم، ۽ فارسي جو شاعر هو.
    هن پنهنجي والد جي اڻپوري تصنيف مخمس ڪريما کي مڪمل ڪيو. ”مگر افسوس جي ڳالهه آهي، جو اهڙن بزرگن جون تصنيفون ۽ سندس دستخط پوين کان ضايع ٿي ويا. سندن غفلت کان اهڙو ناياب ذخيرو قُوت به اُڏوهي ٿي ويو، ۽ باقي جيڪو ڪجهه ذخيرو ۽ سندن دستخط هئا، سي سڀ ڦلن جي مُٺ تي فروخت ڪري ڇڏيائون.مرحوم آخوند صاحب جي ولادت ۽ وفات جي تاريخ نه ملي سگھي آهي. سندس تربت مخدوم لاخيال جي مقام ۾ ڏکڻ طرف آهي. هن صاحب جي تصنيف گھڻي آهي، جن مان احسن الفوائد ڪتاب مشهور آهي.“ (مولوي ۽ قاضي، ص 84، 85)

    مجذوب فقير رمضان ڪوري: (وصال 1937ع)
    سائين عطامحمد موجب هي مجذوب ۽ صاحب ڪرامت هو. هي ڪپڙا اڻندو هو تنهن ڪري ڪوري ٿو سڏجي. ياد رهي ته هالا پراڻا ۾ پنجاهه سال اڳ تائين ڪورين جو وڏو پاڙو هو. پر هن وقت صرف چند گهر رهيا آهن. باقي اڪثر هالا ۾ رهن ٿا.
    هو شروع ۾ ڪنهن سيٺ پهلراج جو ڪمدار هو. هڪ ڀيري ڏياري جي موقعي تي ڳائڻن جو ٽولو آيو ته هو ڪنهن ڳائڻي تي فدا ٿي ويو ۽ ٻه ڏينهن هو اتي بيٺو رهيو. جڏهن کيس ڪنهن چيو ته ڳائڻ وارا ته ويا هليا ته هن هائو ڪئي ۽ اچي فقير علي شاهه جي مزار تي ويٺو. جتي سائين عطامحمد جي لکت موجب کيس اشارو ٿيو ته هو کڏي کٿوري هليو وڃي. جتي هو اولهه واري ڀت وٽ ويٺو رهيو، اتي کيس امانت ملي ۽ مجذوب ٿي ويو. اتان پوءِ دينو فقير جي مزار تي اچي ويٺو.
    سائين عطا محمد صدر صاحب مولوي محمود قريشي جي حوالي سان هڪ روايت لکي آهي ته هو ۽ ٻيا رئيس شير محمد قريشي جي اوطاق تي ويٺا هئا. اهو زمانو 1926ع جو آهي. ان وقت پير پاڳارو تي برطانيه حڪومت جو مقدمو هلي رهيو هو. رئيس شير محمد فقير کي چيو ته دعا ڪريو ته پير صاحب پاڳارو مقدمي مان بري ٿئي. تنهن تي فقير وراڻيو ته سائين کيس 7 سال قيد جي سزا ايندي. ۽ پوءِ واقعي به کيس 7 سالن جي قيد سزا ۾ جهونا ڳڙهه اماڻيو ويو.
    سائين عطامحمد جي لکت موجب مخدوم غلام حيدر قريشي و صديقي هن جو وڏو مداح هو. (صدر، ص 17)
    هن جي وفات سائين عطامحمد موجب 1927ع يا 1928ع، ۽ تاريخ قديم هالا موجب سال 1937ع ۾ ٿي.
    کيس دينو فقير واري قبرستان ۾ رکيو ويو. جيڪو دريا ۾ ٻڏي ويو. چيو وڃي ٿو ته جڏهن سندس نعش مبارڪ کڻڻ لاءِ قبر کي کوٽيو ويو ته اها خالي هئي ۽ هڪ دري هئي، جنهن مان پريان کيس ويندي ڏٺو ويو. (صدر، ص 17)

    قابل جيئندو رناڻي ميـمڻ:
    تاريخ قديم هالا موجب مرحوم قابل به ننڍپڻ کان ئي مجذوب ۽ مستانه هوندو هو. ۽ سدائين اگھاڙو هلندو هو. ڪوبه ماڻهو هن کي سٿر ٺهرائي ڏيندو هو ته ان کي ڦاڙي ڏيندو هو.
    ”جيڪڏهن ماني ملندي هيس ته کائيندو هو نه ته ڀلي ڏينهن گذري وڃن. وقتي بازار ۾ نڪرندو هو ته ڪنهن سان به ڪونه ڳالهائيندو هو ۽ سدائين ماٺ ۾ هوندو هو. جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو سوالي وٽس سوال لاءِ ايندو هو ته انکي جيڪڏهن خيال اچي ويس ته بروقت چوندو هو ته اهو ڪم ٿيندو يا ڪونه ٿيندو. بعضي سوالي پنهنجو سوال دل ۾ رکي ان مستانه فقير وٽ اڃا اچي وهندو هو ته انکي چوندو هو ته تون فلاڻي ڪم لاءِ آيو آهين. پوءِ جيڪڏهن راضي ۽ خوش هوندو هو ته سوالي کي سندس مقصد جو جواب بخوبي ڏيندو هو.
    مرحوم قابل مستانه چوڏهين صدي جي اوائل ۾ گذاري ويو. سندس قبر کڏي کستوري مقام ۾ کڏئ جو چـــؤديواري کان 20-25 قدم اڀرندي طرف آهي. (مولوي ۽ قاضي، ص 221 ۽ 222)

    مولوي الحاج محمد قريشي هالائي: (1918ع-1860ع)
    هن بزرگ جو تعلق هالا پراڻا جي مولوي قريشي خاندان سان آهي. وفائي صاحب موجب هن جي وڏڙن جو تعلق شهر بوبڪ ضلع دادو سان هو، جتي هو بوبڪائي آخوند سڏبا هئا. ڪافي عرصو اڳ هي هالا پراڻا ۾ اچي رهيا.
    مولانا مرحوم جي ولادت هالن پراڻن ۾ تاريخ 27 رمضان المبارڪ شب قدر 1276هه/ 18 اپريل، 1860ع تي ٿي. هن صاحب عربي نصاب جا ابتدائي سبق خليفي عبدالطيف وٽ پڙهيا. ان کان پوءِ هو مولانا مرحوم حسن الله صاحب پاٽائي وٽ تعليم وٺڻ لاءِ روانا ٿيا، جتي ٿورو وقت تعليم وٺي، وري حيدرآباد ۾ مولانا محمد حسن صاحب جي مدرسي ۾ داخل ٿيا. اتي سمورا درسي ڪتاب پڙهي نصاب ختم ڪيائون ۽ اتي ئي سندن دستاربندي ٿي.
    ان کان بعد پنهنجي شفيق استاد جي اجازت سان حيدرآباد جي ويجهو ٽنڊي مير نور محمد خان ۾ جدا مدرسو کولي عربي علم جي تعليم ڏيندا رهيا. ٻن ٽن سالن بعد والد صاحب جي حڪم تي هالا پراڻا آيا ۽ هتي مدرسو کولي عربي علم جي تعليم ڏيڻ لڳا. سنڌ جي مختلف علائقن مان ڪيترا پرديسي مسافر طالب به سندن درس علم ۾ اچي داخل ٿيا.
    والد صاحب جي وفات کان پوءِ والد جي ملڪيت مان جيڪو کيس حصو مليو، سو وڪرو ڪري سڀ پئسا پاڻ سان کڻي حج جي ارادي سان ربيع الاول 1309هه ۾ حجاز شريف روانا ٿيا. اتي پورو هڪ سال حضرت مولانا عبدالحق صاحب بن شيخ شاهه محمد بن شيخ يار محمد مهاجر اله آبادي جي خدمت ۾ رهي، علم حديث جو مطالعو ڪيائون ۽ اوليات احاديث جا پڙهي کانئن حديث ۽ اصول حديث ۽ ٻين علمن جا اجازت ناما حاصل ڪيائون. اهي اجازت ناما اڃا تائين سندن ڪتبخانه ۾ موجود آهن. باقي بچيل پئسن مان عربي ڪتابن جو هڪ وڏو ذخيرو مڪي مڪرمه مان خريد ڪري پاڻ سان کڻي اچي پنهنجي وطن ۾ پهتا. اتي دستور موجب وري به تعليم جي ڪم ۾ مشغول ٿي ويا.
    پاڻ ڪافي سارا ڪتاب ۽ رسالا لکيائون. جن مان ٻه ضخيم ڪتاب فتوائن تي مبني آهن. انهن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:
    1. فتاويٰ محمدي: عربي ۽ فارسي ۾ ٻن ضخيم جلدن ۾.
    2. فتاويٰ احمدي:سنڌي زبان ۾.
    3. شرح احاديث،
    4. مسائل اربعين سنڌي،
    5. حقوق الزوجين،
    6. المسائل الخمسته في دفع توهمات الشيعته،
    7. تمام العنايته ترجمه بدايته الهدايته،
    8. حلال ترڪيب منطق،
    9. دووايو عربي و سنڌي،
    10. ڪشف الجان سنڌي،
    11. خلاصته الاصول عربي،
    12. عشرين مسائل فارسي وغيره وغيره .
    پاڻ مورخه 4 ماه ربيع الاخر 1336 هه/ 18 جنوري 1918ع تي جمعي ڏينهن هي جهان ڇڏي ويا.

    صوفي آسو رام: (1941ع-1854ع)
    هيءُ صوفي شاعر سال 1854ع ڌاري هالا پراڻا ۾ ڄائو. سندس ابتدائي تعليم به هتي ٿي. هن سال 1871ع ۾ سنڌي فائينل پاس ڪري ٽيچرس ٽرينگ ڪاليج حيدرآباد ۾ داخلا ورتي. اتان ٽن سالن جو ڪورس پاس ڪري اچي تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو.
    ان کان علاوه پاڻ خانگي طرح حڪمت سيد فقير علي شاهه وٽ سکيو. چيو وڃي ٿو ته ننڍي لاڪون ئي کيس شاعري جو شوق هو، تنهنڪري هو شعر يا ڀڄن پيو جوڙيندو هو.
    نوڪري لاءِ سندس پهرئين مقرري لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ٿي، پوءِ وري جوهي ۾ ماستر ٿيو. آخري وقت ۾ هالا پراڻا ۾ هيڊ ماسٽر ٿي آيو. جتي 1909ع ۾ 55 ورهين کانپوءِ پينشن تي لٿو.
    ڪن جي خيال ۾ نوڪري دوران سندس لاڙو تصوف ۽ ويدانيت ڏي ٿيو. ڪن جي خيال ۾ تصوف ڏانهن سندس لاڙو سيد فقيرعلي شاهه جي صحبت کان وڌيو. ان کان پوءِ هن جو تعلق مصري شاهه سان به ٿيو ته جهوڪ پاسي هن جو وڃڻ ٿيو. تصوف جي اثر ۾ رهي ڪري پاڻ ڪافي ساري شاعري ڪيائون. سندس هڪڙي مناجات نبي سڳورن ﷺ جي بارگاهه ۾ ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي ڪتاب مداحون ۽ مناجاتون (2006ع) ۾ ڏني آهي. (ص 337، 338)
    هن جي شاعري جي پهرئين مجموعي جو نالو هو ”ديوان آسو“، جيڪو 1897ع ڌاري لاڙڪاڻي جي هڪ پبلشر ڇپايو. ان کان علاوه به سندس ڪافي ڪتاب لکيل آهن، جن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:
    1. پريم غنچا 2. رساله آسو. انهن کان علاوه ڊاڪٽر بلوچ هڪ ٻي قلمي مسودي جو ذڪر ڪري ٿو.
    ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي صاحب سال 1946ع ڌاري Encylopedia of Literature واسطي لکيل مختصر ليک ۾ شاهه کان پوءِ ٻين اهم صوفي شاعرن ۾ هن جو نالو به ڄاڻايو آهي.
    هن جو وصال 15 فيبروري، 1941ع تي ٿيو. ڳالهه ٿا ڪن ته چکيا ڏيڻ بعد جڏهن هاٺي چونڊڻ ويا ته هڏيءَ مان ثابت وار نڪتو جو هڪ پهتل شخص جي نشاني آهي ۽ اهو وار ۽ ٻيون سندس ڪم آڻڻ واريون شيون سندس اولاد وٽ رکيل آهن.
    حڪيم ليکراج، سوز صاحب جو دوست ٿانورداس سندس پڙ پوٽا آهن. آڪاش آسواڻي جيڪو حڪيم ليکراج جو پوٽو ٿئي ۽ آسومل جو تڙ پوٽو ٿيندو، تنهن هن جي ڪلام کي باقاعده ڪمپوز ڪيو آهي. پر وٽس ايترا مالي ذريعا نه آهن، جو اهو ڇپجي سگهي.

    مخدوم عبداللطيف ڀٽي: (1857-1918)
    هن صاحب جي حوالي سان سائين جي ايم سيد لکيو آهي ته ”چوڻ ۾ اچي ٿو ته ميان دين محمد کي اولاد ڪونه ٿي ٿيو، ان ڪري شاهه عبداللطيف ڀٽائي عليھ الرحمة جي مقبري تي اچي مراقبو ڪيائين. اتان کيس اشاري ۾ چيو ويو ته توکي فرزند ٿيندو، ان تي اسان جو نالو رکج. سال 1274هه/ 1857ع ۾ ميان عبداللطيف تولد ٿيو، ان ئي سال ميان دين محمد وفات ڪئي. ان کان پوءِ سندس پرورش ۽ تربيت ميان محمد صالح جي ذمي رهي، جنهن کيس پارسي ۽ عربي پڙهائي.
    ”ميان عبداللطيف طب ۽ علم جفر ۾ ڪافي دسترس رکندو هو. اڳين جي دستور موجب پساريءَ ڏي نسخو لکي ڏيندو هو. معاوضو نه وٺندو هو وٽس مريضن جا ميلا لڳا پيا هوندا هئا. دعا به ڪندو هو ۽ دوا به. نماز روزي جو پابند هو. سدائين ذڪر فڪر ۽ وضوءَ ۾ رهندو هو. هن 9 جماد الثاني بروز اربع 1337هه مطابق 8 مارچ 1919ع تي وفات ڪئي.“ (سيد، 2004، ص 599)

    مخدوم محمد صالح ڀٽي: (1887-1953)
    مخدوم محمد صالح ڀٽي صاحب 25 سيپٽيمبر 1887ع مطابق 7 محرم الحرام 1305هه تي ڄائو. مخدوم صاحب جن جو والد محترم محمد ابراهيم صوفي ڀٽي (1865-1913) به هڪ بلند پايه عالم ۽ اديب هو. مطلب ته مخدوم صاحب جنهن خاندان ۾ اک کولي، انهيءَ اندر علم ۽ ادب جو روايتون اڳيئي پڪيون پختيون هيون.
    مخدوم صاحب پنهنجي ابتدائي تعليم هالا پراڻا ۾ حاصل ڪئي، ان بعد هو سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي ۾ داخل ٿيو، جتان هن سال 1909ع ڌاري ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. سال 1910ع ۾ هڪ پاسي کين پوني جي زرعي ڪاليج ۾ وڌيڪ پڙهڻ جي اسڪالرشپ ملي ته ٻي پاسي کين سنڌ مدرسي جي پرنسپل محترم ٽي ايڇ وائنس، ٽيچر جي نوڪري جي آڇ ڪئي. پاڻ ٽيچر ٿيڻ واري آڇ قبولي، مدرسي ۾ درس وتدريس ۾ مشغول ٿيا. اڳتي هلي تعليم کاتي جي انتظامي عهدن تي مقرر ٿيا. سال 1944ع ۾ پاڻ نوڪري تان ريٽائر ٿيا.
    پاڻ شاگرديءَ جي زماني کان ئي لکڻ پڙهڻ جي ڪرت اختيار ڪيائون. جڏهن پاڻ مدرسي ۾ استاد مقرر ٿيا، تڏهن کان مدرسي جي رسالي الاسلام جا ايڊيٽر به بنجي ويا. ان عرصي ۾ هو ڪافي ادبي ۽ تعليمي ڪميٽين ۾ مقرر ٿيا ۽ سرگرم رهيا. محترم ڊاڪٽر ممتاز بخاري پاران هن تي لکيل مضمون ۾ آيل فهرست مان اهو اندازو لڳائجي ٿو ته هن صاحب تقريبن چاليهارو ڪتاب لکيا يا سهيڙيا آهن. سندس ڇپيل ڪتابن جا نالا ڪجهه هن ريت آهن: 1. سيدة النساء 2. صديق اڪبر 3. منهاج المومنين 4. بيبي رابع بصري 5. عروس ڪربلا 6. سقراط 7. اخلاقي جواهر 8. منصور حلاج 9. فاروق اعظم 10. واندڪائيءَ جي وندر 11. فتوحات اسلام 12. اسان جو پيارو آقا 13. المرتضيٰ 14. حيات سعدي 15. ڪلام مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي 16. سنڌ جي تاريخ ۽ شهريت 17. احسان فقير جو ڪيڏارو 18. ڪلام مخدوم عبدالرؤف ڀٽي. 19. مضامين متفرقه.
    ان کان علاوه سندس ڪافي ڪتاب قلمي صورت ۾ ۽ اڻڇپيل آهن، جن مان ڪن جا نالا هن ريت آهن: 1. فقه شريف 2. گلستان فارسي 3. حضرت عالمگير اورنگزيب 4. اسلامي تاريخ (ڇهن جلدن ۾) 5. نسب اولاد مخدوم حضرت عبدالله ڀٽي 6. ابيات مختلف 7. انگي حساب 8. ڪلام صالح 9. مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي جو ناول 10. حڪايت الصالحين 11. نماز 12. مخدوم محمد صالح جا ذاتي خط 13. يوسف زليخا 14. سنڌي شاعري 15. ڪلام مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي.
    مخدوم صاحب رڳو نثر نويس نه هو پر هو هڪ شاعر به هو. هن حمد، نعتون، غزل، مسدسون وغيره ڪافي تعداد ۾ لکيون آهن. شاعريءَ ۾ سندن استاد محمد صديق مسافر صاحب هو. ٻي اهم ڳالهه منهنجي نظر ۾ اها آهي ته هو وڏو پڙهاڪو شخص هو. سندس ذاتي لائبرري هزارين ڪتابن تي مشتمل هئي. سنڌي، انگريزي، اردو، عربي ۽ فارسي زبانن ۾ ڇپيل ڪتاب انهيءَ لائبرري ۾ هئا. انهيءَ لائبرري جي ڪتابن جو ٿورو حصو سنڌيالاجي جي حوالي ٿيو، پر ان کان اڳ ڪافي ڪتاب هن جي ڪجهه وڃائي ڇڏيا. هن وقت تمام ٿورڙا ڪتاب سندس پوٽي مخدوم آفتاب احمد ڀٽي صاحب وٽ محفوظ آهن، جيڪو به مخدوم صاحب وانگيان ڪتابن جو شوقين آهي. ياد رهي ته سنڌيالاجي ۾ مخدوم صاحب جو ڪارنر قائم ڪرائڻ کان وٺي ڳوٺ جي گرلز هاءِ اسڪول تي مخدوم محمد صالح ڀٽي جو نالو رکائڻ ۾ هن دوست ڪافي پاڻ پتوڙيو آهي.
    اسانجو هيءُ پيارو استاد، عالم ۽ اديب بتاريخ 27 ڊسمبر 1953ع مطابق 19 ربيع الثاني 1373 هجري تي طبعي طور اسان کان ڌار ٿي راهه رباني ورتي. پر لکيتن جي صورت ۾ سندس واس اسان کي واسيندو رهندو.

    مولانا احمد قريشي هالائي: (1896-1956)
    هن صاحب جي ولادت، شهر هالا پراڻا ۾ تاريخ 7 جمادالثاني سن 1314 هجريءَ / 13 نومبر 1896ع تي ٿي. سندن والد جو نالو الحاج مولوي محمد قريشي هالائي (1860-1918) هو.
    ارڙهن سالن جي عمر ۾ پنهنجي والد بزرگوار وٽ قرآن شريف، فارسي جو سارو نصاب، ۽ عربيءَ جو جملي نظامي نصاب ختم ڪري دستار فضيلت ٻڌائون. سندن دستاربنديءَ جي رسم، تبرڪاً، حضرت مولانا خواجه حافظ محمد حسن جان صاحب مرحوم سرهندي جن کان ڪرائي ويئي هئي.
    مولانا صاحب جن پنهنجي مدرسي جي مهتمميءَ سان گڏ، پنهنجي والد محترم وانگيان تحرير نويسيءَ ۽ شرعي فيصلن جو ڪم به بلڪل گھڻي انداز ۾ڪندا هئا. سندن فتويٰ واري فن توڙي تحرير نويسيءَ جي هاڪ سڄيءَ سنڌ ۾ هوندي هئي. وفائي صاحب به ڪڏهن ڪڏهن کانئس فقهي تحقيقون ڪرائيندو ۽ مسئلا لکارائيندو هو - ۽ هميشه کين انهي فن ۾ داد ڏيندو هو.
    مولانا صاحب جن پنهنجي سڄي عمر پنهنجي ڳوٺ هالن پراڻن ۾ بسر ڪئي، پر پوءِ به سندن صحبت ان وقت جي چڱن چڱن عالمن سان هئي. انهن بزرگن مان مرحوم مولانا محمد صادق صاحب کــڏي وارو (ڪراچي)، مرحوم مولانا دين محمد ”وفائي“، مرحوم مولوي فتح محمد سيوستاني، مرحوم عبدالقيوم صاحب بختيارپوري، مرحُوم مولانا عبدالرؤف بختيارپوري، مرحوم مولانا حاجي عبدالله ڪبرائي، ۽ مرحوم مولانا محمد سليمان واعظ الاسلام ٿرڙائي جن جا نالا قابل ذڪر آهن.
    مولانا مرحوم جن، 15محرم الحرام سن 1376 هجريءَ/ 22 آگسٽ 1956ع ۾، هالن پراڻن ۾ وفات ڪئي.

    مولوي عبدالله قريشي:
    هي صاحب مولوي احمد قريشي جو وڏو فرزند هو، ۽ وٽس ئي پڙهيو هو. کانئس پوءِ مدرسي جو مدرس ٿيو. ان کان علاوه هو سالن تائين ڀٽي بزرگن واري جامع مسجد جو پيش امام به ٿي رهيو. زندگي جا آخري سال ناگهاني بيماري باعث هن بستري تي گذاريا. ڊاڪٽر عبدالحليم، عبدالرشيد ۽ عبدالرحمان سندس فرزندان گرامي آهن.

    مولوي محمد دوئم قريشي:
    هي صاحب به مولوي احمد قريشي صاحب جو ٻيو پٽ هو. هن جي تعليم به مدرسه محمديه ۾ والد وٽ ٿي. اسان جڏهن ان مدرسي ۾ پرائمري پڙهندا هئاسون ته سائين ان جو منتظم هوندو هو. سائين کي ننڍا توڙي وڏا ڀائو محمد ڪري سڏيندا هئا. مولوي سراج احمد، سائين ظهور احمد، مولوي احمد، مولوي مسعود قريشي سندس پٽ آهن.

    آخوند حاجي ولي محمد: (2002ع - 1902ع)
    هي صاحب هالا پراڻا جي ويجهي دؤر جو اهم ترين بزرگ آهي. هن جو تعلق آخوند خاندان سان آهي، جنهن جو جد امجد پهرئين غير مسلم هو ۽ سيوهڻ ۾ رهندو هو. اهو مخدوم نوح جي خدمت ۾ هالا ڪنڊي ۾ حاضر ٿيو ۽ مسلمان ٿيو. سندس نالو شفيع محمد رکيو ويو. هو صاحب مخدوم نوح جي خدمت ۾ رهيو. مخدوم صاحب پنهنجي مريدن مان، جيڪا ٻانگا طور مشهور هئا، سندس شادي ڪرائي ۽ کيس آخوند جو لقب عطا فرمايو. تنهن ڪري اڄ تائين اهو خاندان آخوند طور مشهور آهي.
    آخوند ولي محمد جي ولادت بروز جمع، 1320 هجري بمطابق 19 نومبر، 1902ع تي ٿي. سندس ابتدائي تعليم پنهنجي والد جي مدرسي ۾ ٿي، جيڪو آخوند يارمحمد جو مدرسو سڏبو هو، ۽ هالا پراڻا ۾ ڪافي وقت کان هلندڙ هو. ان مدرسي ۾ قرآن جي تعليم سان گڏ پرائمري جا چار درجا به پڙهايا ويندا هئا.
    ان مدرسي مان تعليم پرائڻ کانپوءِ آخوند صاحب عربي فارسي وغيره مدرسه محمديه هالا پراڻا ۾ مولوي احمد قريشي صاحب وٽ پڙهيو. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي مامي ۽ سهري آخوند عبدالمجيد جي خانوٽ ۾ قائم مدرسي ۾ پڙهائڻ شروع ڪيائون. ان مدرسي ۾ به قرآن جي تعليم سان گڏ پرائمري تعليم ڏني ويندي هئي.
    آخوند يارمحمد (آخوند ولي محمد جو وڏو ڀائيٽو) آخوند عباس (آخوند ولي محمد جو پڙ پوٽو) کي ٻڌايو ته ان مدرسي جي استاد کي في پاس ٿيل شاگرد جي حساب سان ان وقت جي سرڪار معاوضو ادا ڪندي هئي. پهرئين درجي پاس ٿيل جا 25 روپيه، ٻي درجي واري جا 20، ٽئين درجي واري جا 15 ۽ چوٿين درجي واري جا 10 روپيه ڏنا ويندا هئا. هڪڙي سال انهي مدرسي جي امتحان وٺڻ لاءِ مخدوم محمد صالح ڀٽي آيو، جيڪو آخوند يار محمد جي مدرسي ۾ پڙهيو هو. ان سڀ ٻار پاس ڪيا، تنهنڪري آخوند ولي محمد صاحب کي 450 روپيه معاوضو مليو. ان زماني ۾ حج 500 روپين ۾ ٿيندو هو. سو آخوند ولي محمد صاحب پنجاهه روپيه ڪٿان هٿ ڪري، وڃي حج جي سعادت حاصل ڪئي. غالبن اهو سال 1936ع هو.
    پنهنجي ڀاءُ آخوند الياس جي وفات کان پوءِ پاڻ هالا پراڻا ۾ اچي ويٺو ۽ مدرسه محمديه ۾ استاد طور ڪم ڪرڻ لڳو. گڏوگڏ هوپيراڻي محلي جي مسجد جو پيش امام طور به ڪم ڪرڻ لڳو.
    سيد عبدالطيف حسني جي خانقاه ۾ ٿيندڙ ذڪر اذڪار ۾ سندس خاندان صدين کان ئي اڳواڻي ڪندڙ هو. سائين آخوند ولي محمد آخري وقت تائين وڏي يارهين تي آخري دعا پڙهندو هو. ڊاڪٽر بلوچ ساڻس احسان فقير جي ڪيڏاري جي تحقيق جي سلسلي ۾ 14 آگسٽ 1994ع تي مليو هو، تنهن لکيو آهي ته ”ان هلندڙ سلسلي بابت سڀ کان آڳاٽي خبر راقم کي 14 آگسٽ 1994ع تي هالن پراڻن جي بزرگ آخوند ولي محمد بن آخوند عبدالطيف (عمر چورانوي سال) کان ملي، جيڪو وڏي يارهين تي حضرت سيد عبدالطيف جي مقام ۽ مزار تي دعا گهرندو آهي. چيائين ته اڳ وڏا فقير جڏهن سماع ۾ بيت پڙهندا هئا ته اسماعيل فقير جي ڪن بيتن ۾ امتي اسماعيل چئي نالو ايندو هو ۽ گداعلي فقير جي بيتن ۾ گدا چئي نالو ايندو هو.“ (بلوچ، 1996ع، ص 32)
    آخوند ولي محمد جو مامو آخوند عبدالحميد سنڌ جي هڪ مشهور بزرگ غلام محمد ملڪاڻي جو مريد هو ۽ هرسال وٽس ويندو هو. آخوند ولي محمد جڏهن 17 سالن جو ٿيو ته کيس وٺي ويو. پنهنجي مرشد کي آخوند صاحب جي لاءِ دعا ڪرڻ لاءِ چيائين. تنهن تي بزرگ ملڪاڻي دعا ڪندي فرمايو ته هي اوهان جو ڀاڻيجو ولي الله ٿيندو. واقعي به هو اڳتي هلي ولي الله بنيو. روزانو سوين ماڻهو وٽس دعا واسطي ايندا هئا، جيئن سائين عطا محمد ذڪر ڪيو آهي. هي راقم به ننڍپڻ ۾ وٽس دعا لاءِ ويندو هو.
    نامور سياستڪار ۽ صحافي غازي صلاح الدين به هن صاحب جو معتقد هو ۽ وٽس حاضر ٿي دعا وٺندو هو. تنهن پنهنجي هڪ اردو ليک (روزانه جرات، 24 مارچ، 2002ع) ۾ لکيو آهي ته اوچتو حج تي وڃڻ ٿيو. سائين عطا محمد صدر جي معرفت آخوند ولي محمد کي خبر پئي ته هن چورايو ته ڀلي پار ۾ هن لاءِ دعا ڪئي وڃي. مون کي اهو پيغام مليو. مون سائين واسطي ڪعبت الله جي سامهون دعا پئي گهري ته اوچتو ڏسان ته سائين ولي محمد پاڻ اتي نظر آيو ۽ آئون حيران ۽ پريشان ٿي ويس ۽ هو منهنجي سامهون اچي لنگهيو ته هن جي ننڍي بيگ تي به ولي محمد لکيل نظر آيو. منهنجي حالت خراب ٿي ويئي. مون حرم مان واپس اچي پنهنجي گهر فون ڪئي ۽ اهو قصو ٻڌايو ۽ چيو ته اهو سائين عطا محمد کي ٻڌايو وڃي. پر گهر وارن کي ذهن ۾ نه رهيو. جڏهن حج بعد هالا پراڻا ويس ته آخوند صاحب جي حاضري ۾ اها ڳالهه ڪيم. پاڻ اهو ٻڌي مسڪرايا ۽ شهادت آڱر آسمان ڏي ڪري ڪو اشارو ڪيائون. چند ڏينهن کان پوءِ هي جهان مٽي ويا. “
    سندس ڀائيٽو آخوند يار محمد سندس هڪ ڪرامت اها ٻڌائي ٿو ته جڏهن گهر يا خاندان ۾ ڪو فرد فوت ٿيڻ وارو هوندو هو ته سندن اکين ۾ پاڻي ڀرجي ويندو هو ۽ ان مان کيس پتو پئجي ويندو هو ته ڪو فرد راهه رباني وٺڻ وارو آهي.
    اسان فيض محمد شاهه جي احوال ۾ لکي چڪا آهيون ته اهو 1956ع واري ٻوڏ ۾ سندن خواب ۾ آيو هو ۽ پاڻي هٽڻ جي خوشخبري ٻڌائي هئي.
    سندس ٻين لکڻين جو پتو ڪونهي پر سندس پڙ پوٽي آخوند عباس سندس ڪجهه مولود ۽ مناجات سندس قلمي مسودن مان هٿ ڪيو آهن. هڪ مناجات دعا هيٺ ڏجي ٿي.

    مناجات
    الاهي عاصين مستغفر الله،
    توئي فرياد رس الحمد الله.
    گهرين جيڪي ڪرين منهنجي جان سان تون،
    لڏايي هن هنڌان ايمان سان تون.
    خدا اسلام کي رونق گهڻي ڏي،
    بشارت مومنن کي ايمان جي ڏي.
    الاهي قبر جي سختي نه ڏي مون،
    جوابن تن سندي طاقت ملي مون.
    الاهي واسطي حضرت نبي جي،
    ابابڪر و عمر عثمان علي جي.
    الاهي واسطي خير النساءَ جي،
    شهيد حسين ۽ ڪربلا جي.
    الاهي واسطي خير الوراء جي،
    ... اقضاب ابن مصطفيٰ جي.
    الاهي دور ڪر دشمن جو ڪينو،
    جو نابينو هجي تنهن کي ڪج بينو.
    بروز حشر حضرت پيغمبر،
    پيارين مومن کي جام ڪوثر.
    عزيزو خاتمون آهي هن دعا تي،
    پڙهي ڪلمون محمد مصطفيٰ تي.
    سندس وفات جي تاريخ 25 ذوالحج 1422 هجري بمطابق 10 مارچ، 2002ع بزور آچر تي ظهر نماز کان پوءِ ٿي.

    حاجي الله بچايو صدر: (1989ع - 1905ع)
    ويجهي ڇڪ ۾ هالا پراڻا ۾ جيڪي يگانه شخص پيدا ٿيا آهن، انهن مان هڪ هيءُ محترم حاجي الله بچايو صدر صاحب هو. سندن ولادت هالا پراڻا ۾ سال 1905ع ڌاري ٿي ۽ وصال 5 فيبروري 1989ع تي ٿيو.
    هالا پراڻا ۾ هن جي ناموري جا سبب سندن خوش اخلاقي ۽ پنهنجي خاندان جي انوکي تربيت ۽ ورتاءَ جي ڪري هئي. اڄ به پوڙها پڪا هن جي ان هلت ۽ روش جي ساراهه ڪندي، ان کي ورتائڻ جون صلاحون ڏين ٿا.
    سندس تعليم فائينل تائين هئي. گذر سفر لاءِ هو پسارڪو دڪان هلائيندا هو، پر پنهنجي پر ۾ سٺو عالم ۽ اديب به هو. عربي ۽ فارسي زبان جو سٺو ڄاڻو هو. سندس پونير هن جي ٻن تصنيفات ”شهيد محبت“ ۽ ”هالا کان حرم پاڪ تائين“ جو ذڪر ڪن ٿا. پويون ڪتاب هڪ رسالي ۾ قسطوار شايع ٿيو آهي. منهنجي ذاتي راءِ ۾ سندس پويون ڪتاب سنڌي ٻولي جي ابتدائي سفرنامن ۾ ڳڻي سگهجي ٿو.
    هي جامع مسجد ڀٽي بزرگان جو خدمت گار، ٻانگو ۽ خطيب هو. اسان جي سانڀر ۾ سندس جاءِ تي سندس فرزند سائين عطا محمد جمعي تي خطيب جا فرائض ادا ڪرڻ لڳو. سائين عطا محمد لکيل پندرهن ويهه خطبا پيو پڙهندو هو، جيڪي مون کي ڪنهن ٻڌايو آهي ته حاجي الله بچائي صدر جا لکيل آهن. ياد رهي ته اهي ننڍا واعظ بيحد آسان ۽ معلوماتي هوندا هئا. پر هاڻي سائين عطا محمد جي جاءِ تي هن جو ڀائيٽو حافظ مولوي صبغت الله في البديع خطبو پڙهندو آهي.

    مخدوم رحمت الله ڀٽي: (1981ع - 1907ع)
    هن صاحب جي بنيادي ناموري اعليٰ پائي جي حڪيم طور آهي. بقول مولوي محمود قريشي صاحب جن جي ته ”وٽس ٻاهران پري پري جا ماڻهون علاج لاءِ ايندا هئا ۽ شفاياب ٿي ويندا هئا. هي صاحب مريض کي دوا سان گڏ دعا به ڪندو هو. سندس دعا به قابل قبول هوندي هئي. پاڻ حليم طبع جو، درويش ۽ حسن خُلق انسان هو.“ پر ساڳئي وقت هو اهل الله ۽ ليکڪ ۽ مترجم پڻ هو.
    پاڻ سنڌي تعليم مدرسه محمديه هالا پراڻه ۾ مرحوم مولوي احمد وٽ حاصل ڪيائين، ۽ عربي فارسي ڪجھه پنهنجي وڏي ڀاءَ دين محمد ۽ ڪجھه مدرسه اشرفيه هالا پراڻه ۾ مرحوم مولوي عبدالرؤف بختيار پوريءَ وٽ ورتائين. پاڻ حڪمت جي شروعاتي تعليم حڪيم اجمل وٽ ۽ آخري تعليم حڪيم شمس الدين حيدرآباد وٽ حاصل ڪيائين.
    روايتن موجب هي صاحب علم جعفر ۽ نجوم ۾ به بلڪل ماهر ۽ قابل هو. پاڻ حڪمت جا به ڪيترائي ڪتاب عربيءَ ۾ فارسيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائون. ان کان علاوه هيٺيان ڪتاب عربيءَ ۽ فارسيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمون ڪيا اٿن.
    1. عنايت المطلوب عربي جو سنڌي ترجمو
    2. شرح اسرار الوحي پارسيءَ جو سنڌي ترجمو
    3. شرح حڪم الاهي پارسيءَ جو سنڌي ترجمو
    سندس ولادت جي تاريخ 1 ربيع الاول 1325هه بمطابق 15 اپريل، 1907ع ڏينهن سومر آهي. سندن وصال جي تاريخ 6 شوال 1401هه بمطابق 7 آگسٽ 1981ع هئي.

    فقير عبدالله عرف عبدي عمراڻي:
    تاريخ قديم هالا موجب مرحوم فقير عبدالله جناب حضرت شيخ سيّد عبداللطيف حسني جي خانقاهه جو ذاڪري ۽ بيت ڏيندڙ هو. هو پاڻ به شاعر هو.
    ”مرحوم فقير عبدالله هميشه ۽ سڀ ڪنهن مهيني جي يارهين تاريخ رات جو پاڻ پنهنجن پُٽن فقير محمد يعقوب ۽ فقير غلام محمد سميت گڏ ذڪر ڪندو هو ۽ بيت ڏيندو هو. سندس زبان ۾ ته اهڙو ته ميٺاج هوندو هو جو هزارين ماڻهون مٿس عاشق هوندا هوا، ۽ سندس ڪلام دل سان ٻڌاندا هوا.
    فقير عبدالله نوي (90) ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي.
    (مولوي ۽ قاضي، ص 191، 192)

    محمد عيسى ”عاجـز“: (1985ع - 1908ع)
    محمد عيسيٰ ”عاجز“ صاحب جي اسان وٽ ناموري مرثيه نگار طور آهي. هي صاحب سال 1908ع ڌاري هالا تعلقي جي ڳوٺ سليم راهو ۾ پيدا ٿيو. پر ترت سندس وڏا هالا پراڻا ۾ اچي رهائش پذير ٿيا.
    تاريخ قديم هالا موجب عاجز صاحب کي سال1935ع ڌاري شاعري جو شوق پيدا ٿيو. ڪنهن به ڄاڻوءَ ۽ ماهر کان ڪو نڪتو پڇڻ ۾ عار ڪونه ڪندو هو. اڪثر ڪري سندس نظم مذمت نفس ۽ مدح اهل بيت ۾ چيل آهن. هن جي پسند جا شاعر مرزا دبير لکنوي ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي هئا.
    سندس روزگار جو ذريعو جنڊيءَ جو ڪم هو ۽ ان حساب سان هو اعليٰ درجي جا ڪاريگر پڻ هئا.
    سندس ڪلام هيٺين ڪتابن تي مشتمل آهي.
    1. ڪليات عـاجز 2. ڪشڪـول عـاجز
    عاجز صاحب لسانيت تي به هڪ ڪتاب لکيو هو جنهن جو نالو هو ”تجنيس اللغات“.
    سال 1985ع ڌاري سندس وصال ٿيو.

    مولوي محمود قريشي: (1990ع - 1912ع)
    سنڌ ۾ ڪجھه اهڙا اديب ۽ عالم پيدا ٿيا آهن، جن کي نڪو جيئري، نڪو مئي مناسب پذيرائي نصيب ٿي آهي. اسانجو هي صاحب به انهن عالمن ۽ اديبن ۾ شمارجي ٿو.
    هن صاحب هڪ پاسي اسلامي علمن جي حوالي سان ڪجھه ڪتاب تحرير يا ترجمو ڪيا آهن ته ٻئي پاسي هالا پراڻا جي علمي ۽ ادبي تاريخ تي ڪافي لکيو آهي. ان کان علاوه هن سنڌي توڙي فارسي ۾ شاعري به ڪئي آهي.ڪجھه عرصو اڳ محترم قاضي شوڪت علي قريشي صاحب جن وٽ مونکي هن صاحب جا چند قلمي ڪتابَ ڏسڻ جو موقعو مليو.
    هن جي تصنيفات جا نالا آهن: (1) طراط مستقيم (ڪتاب احاديث)، (2) تعبير نامه، (3) رساله ايمان، (4) رساله جنازه، (5) ڪتاب تعويذات ۽ نجومات ۽ جعفريات، (6) ڪتاب طب، (7) غنچه بي نظير (فقه)، ۽ (8) غنچه سانوڻي( شعر).
    هن صاحب هالا پراڻا جي تاريخ ۽ شخصيتن تي جيڪو ڪتاب لکيو آهي، سو هن وقت قاضي شوڪت صاحب وٽ آهي، جيڪو ان کي سڌاري ۽ وڌائي رهيو آهي. مون کي ڪافي عرصي کان پوءِ عزيزم مولوي حاجي احمد سنائي جي وسيلي ان جي سافٽ ڪاپي تاريخ قديم هالا جي نالي سان ملي آهي. پر انهي حالت ۾ اهو ڪتاب اڻپورو ٿو لڳي.
    چند سال اڳ سندس پاڙي جي هڪ نوجوان مولوي خاور قريشي صاحب (سائين طلعت قريشي جو فرزند) مون کي مرحوم جي ڪنهن ڪتاب جا آخري صفحا فوٽو اسٽيٽ ڪرائي ڏنا هئا، جن ۾ هن پنهنجو مختصر احوال لکيو آهي. ان موجب مولوي صاحب پهرئين ٽنڊي ڄام جي مدرسي ۾، پوءِ بدين جي مدرسي ۾ (جنهن ۾ ان وقت مولوي احمد ملاح به پڙهائيندو هو)، وري جڏهن اهو مدرسو مولوي احمد ملاح ۽ مولوي سعيد جي وچ ۾ فروعي مسئلن جي ڪري ڦٽو ته نصرپور ۽ هالا پراڻا جي مدرسن ۾ پڙهيو آهي. ان کان علاوه هن صاحب حڪمت ۾ سرڪاري سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيو. پاڻ لکيو اٿس ته هو سڄي زندگي فقيرتن رهيو آهي ۽ اولاد لاءِ سواءِ اباڻي جاءِ ۽ پنهنجي قلمي ڪتابن جي، ٻي ملڪيت نه پيو ڇڏيو وڃي.
    مون هن کي ڪجهه ڀيرا حڪيم محمد اشرف ڀٽي وٽ ڏٺو. چيو وڃي ته هو حڪيم رحمت الله ڀٽي صاحب جي حڪمت خاتي تي به ڪم ڪندو هو. منهنجي مامي ٻڌايو هو ته کين مدرسي محمديه ۾ هن صاحب قرآن شريف جا ابتدائي سبق سيکاريا هئا.
    سندن وفات 20 شعبان 1410 هجري بمطابق 18 مارچ 1990ع تي هالا پراڻا ۾ ٿي.

    پروفيسر محمد امين ڀٽي: (1999ع - 1914ع)
    هي صاحب هڪ ٻئي ليکڪ ۽ تعليمي ماهر مخدوم محمد صالح ڀٽي جو پٽ آهي. هيءُ هالا پراڻا ۾ تاريخ 1 آڪٽوبر 1914ع تي ڄائو. سندس ابتدائي تعليم هالا پراڻا ۾ ٿي. مئٽرڪ کان پوءِ هن صاحب کي پوني جي زرعي ڪاليج ۾ وڌيڪ تعليم لاءِ اماڻيو ويو. جتان ڊگري وٺي هتي آيو.
    هي صاحب ٽنڊي ڄام جي زرعي ڪاليج جو، جيڪو هاڻي سنڌ ايگريڪلچرل يونيورسٽي بنجي ويو آهي، جو پرنسپال ٿي رهيو آهي. هن صاحب جو ان اداري جي واڌ ويجهه ۾ ڀرپور حصو رهيو آهي.
    ڀٽي صاحب پنهنجي شعبي جي حوالي سان مضمون ۽ مقالا لکيا آهن. سنڌي زبان ۾ ڪپهه جي ڪهاڻي جي نالي سان هڪ ڪتابچو سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو وارن ڪافي عرصو اڳ شايع ڪيو هو. هن پنهنجي ڀاءُ مخدوم محمد اشرف سان گڏجي مخدوم محمد صالح ڀٽي جا ڪافي ڪتاب ڇپرايا هئا، جن ۾ احسان فقير جو ڪيڏارو اهم ترين آهي. مخدوم آفتاب ڀٽي ٻڌايو ته مخدوم امين ڀٽي جي نياڻي طاهره علم و ادب جي ميدان ۾ بطور شاعره پير رکيو، پر شايد شادي بعد اها مشغولي جاري نه رکي سگهي.
    هن جو وصال تاريخ 2 نومبر 1990ع تي ٽنڊو ڄام ۾ ٿيو.

    مخدوم حڪيم محمد اشرف ڀٽي: (1988ع - 1920ع)
    15 جنوري 1920ع تي جنم وٺندڙ هن صاحب جي هالا پراڻا ۾ مشهوري بحيثيت هڪ جراح حڪيم جي آهي. لاشڪ هي پنهنجي وقت جو وڏو حڪيم هو، جنهن جو مکيه مقصد مريض جي شفايابي هوندو هو. وٽس پهتل مريض کي پنهنجي صحت جو ايترو اونو نه هوندو، جيتري ڀٽي صاحب ۾ هن کي صحتياب ڪرڻ جي اڻ تڻ هوندي هئي. پنهنجي حڪمت جي آڌار تي جيڪر هو چاهي ها ته سٺي ملڪيت جوڙي وٺي ها، پر هن صاحب پئسي جي لالچ نه رکي. جيڪو ڪمايائين سو پنهنجي ۽ ڀينرن جي اولاد تي دل سان خرچ ڪري ڇڏيائين.
    هن پنهنجي والد مخدوم محمد صالح ڀٽي جي علمي ادبي وارثي به ڪئي. جڏهن پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ هتي سنڌي ادبي سنگت قائم ٿي، تڏهن هو قاضي محمد عالم سان گڏ علمي ۽ ادبي محاذ تي سرگرم رهيو. قاضي صاحب هتي ڪافي وڏا پروگرام ڪرايا، سي مخدوم صاحب جي اوطاق ۾ ئي ٿيندا هئا. هو سالن تائين سنڌي ادبي سنگت جو مهندار رهيو. سال 1970ع ڌاري به هو سنڌي ادبي سنگت ساخ هالا پراڻا جو سيڪريٽري هو.
    هن پنهنجي ڀاءُ مخدوم محمد امين سان گڏجي پنهنجي والد مخدوم محمد صالح ڀٽي جا ڪجهه اڻڇپيل ڪتاب جھڙوڪ احسان فقير جو ڪيڏارو ۽ مخدوم عبدالرئوف جا مولود شريف ڇپرايا.
    ان کان علاوه سندس حڪمت خانو سالن تائين شام جو سوز هالائي ۽ ان جي ساٿين جو ٺڪاڻو رهيو، جتي گوڙ گهمسان به ٿيندا هئا. پر پاڻ ڪڏهن به ان تي ارهو نه ٿيو. جيتوڻيڪ پاڻ گرم مزاج طور مشهور هو. سندس وفات 4 ڊسمبر 1988ع بمطابق 30 جمادي الآخر 1409 هجري تي ٿي.
    قاضي محمد حفيظ قريشي: (1997ع - 1920ع)
    هالا پراڻا ويجھي ماضي ۾ هڪ اهڙو شخص پيدا ڪيو آهي، جيڪو جڏهن تقرير ڪرڻ لاءِ بيهندو هو ته مانڊاڻ کي منڊي ڇڏيندو هو. ڀلي پيو ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهائي، پر ماڻهو ساڳي سرجوشي سان هن جو خطاب پيا ٻڌندا هئا.
    چون ٿا ته سائين جي ايم سيد کيس سنڌ جو ابوالڪلام ڪوٺيندو هو. ها اهو شخص حفيظ قريشي صاحب آهي، جيڪو هالا پراڻا جي زميندار گهراڻي ۾ تاريخ 26 جولاءِ 1920ع تي پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم هالا پراڻا مان پرايائين. اڳتي هلي اعليٰ تعليم واسطي علي ڳڙهه ويو، جتي هو خاڪسار تحريڪ سان جڙي ويو. جيسيتائين خاڪسار تحريڪ قائم رهي، هو ان سان ئي جڙيل رهيو. جڏهن علامه مشرقي صاحب 1947ع ۾ ان تحريڪ کي ختم ڪيو ته سنڌ جا پراڻا خاڪسار جهڙوڪ حفيظ قريشي، مير علي احمد ٽالپر، قاضي فيض محمد، غلام مصطفيٰ شاهه سميت 300 کن خاڪسار ڪراچي ۾ گڏيا. اتي وٽن ميان افتخار الدين اچڻو هو، پر ان اچڻ ۾ دير ڪئي، سو بقول قريشي صاحب جي ته اتي هڪ ماستر سائين جي ايم سيد جو ڪو خطبو پڙهيو، ان خطبي کيس ايترو ته متاثر ڪيو، جو ان اتي ئي لبيڪ ثم لبيڪ چيو.
    پاڻ حفيظ صاحب ڪنهن انٽرويو ۾ چيو آهي ته هن اتي تقرير ۾ حاضرين کي سائين جي ايم سيد وٽ وڃڻ جي صلاح ڏني. بهر حال اهي سائين وٽ ويا. ائين خاڪسار تحريڪ جو ڪارڪن قريشي صاحب، سائين جي. ايم. سيد جي سٿ جو ساٿي ٿي ويو.
    ان کان پوءِ اڳتي هلي ڪري جيئي سنڌ تحريڪ جا جلسا يا سائين جي. ايم. سيد جي سالگرهه وارا پروگرام حفيظ قريشي جي تقرير کان سواءِ اڻپورا هوندا هئا.
    سابق وزير، نامياري وڪيل ۽ ڪالم نگار عبدالوحيد ڪٽپر حفيظ صاحب جي حوالي سان لکيو آهي ته 1946ع ۾ جڏهن هو لاڪاليج ۾ ليڪچر ٻڌي رهيا هئا ته انهن بمن جا ڌماڪا ٻڌا، جيڪي ڪياماڙي پاسي ٿيا هئا. اهي شايد نيوي وارن ڪيا هئا، جن انگريزن خلاف بغاوت ڪئي هئي. ٻي ڏهاڙي هڙتال ٿي، شاگردن جلوس ڪڍيو. ان جلوس ۾ سڀني مقررن جوشيليون تقريرون ڪيون. ڪٽپر صاحب لکيو آهي ته هڪڙو ڳاڙهو ڳاڙهو سهڻو ۽ قدا ور شخص جڏهن تقرير لاءِ اٿيو، تڏهن سڀني ماڻهن خاموشي اختيار ڪئي. همراهه جا ڳٽا ايترا ته ڳاڙها هئا، جو ننهه هڻوس ته جيڪر رت نڪري پوين.
    ”حفيظ قريشي صاحب مٺ ڀڪوڙي جوش وڃان چيو ته انگريز اسان جي ڪا ماءُ يا امڙ ناهي جو اسان روئي روئي کائنس پنهنجي ملڪ جي آزادي گهرون. اسان پنهنجي آزادي انگريزن کان زوريءَ ڇني وٺنداسين.“
    (قاضي آزاد، 2001ع، ص 28)
    شيخ اياز پنهنجي آتم ڪهاڻي جي جلد چوٿين ۾ هن جي حوالي سان اهو لکيو آهي ته ”حفيظ قريشي جو پنهنجو مخصوص مزاج هو. هو ماڻهو کي منهن تي چئي ڏيندو هو.“ ان کان پوءِ هن پير علي احمد راشدي سان ملاقات وارو واقعو لکيو آهي، جنهن ۾ قريشي صاحب ان کي چيو هو ته سنڌ ۾ پنج پليت ٿيا آهن، تن مان هڪ اوهان آهيو.
    اهو واقعو رشيد ڀٽي صاحب پنهنجي جيل ڊائري ۾ به درج ڪيو آهي. ان ساڳئي واقعي کي اياز پنهنجي ٻي ڪتاب ساهيوال جيل ڊائري ۾ ائين درج ڪيو آهي ته ”ٿوري دير کان پوءِ حفيظ صاحب اسان کان موڪلائڻ چاهيو، پر مسز راشدي، جا هڪ شفيق ميزبان آهي، هن کي زور ڪيو ته ماني کائي وڃي. .... ڳالهيون ڪندي راشدي صاحب نهايت ذهانت سان ون يونٽ کان اڳ ۽ ون يونٽ کان پوءِ جي حالات جو تجزيو ڪيو ۽ ان ۾ پنهنجي سياسي ڪردار جي وضاحت ڪندي چيو ته ڪائي اخلاقي ٽربيونل ٺاهي، مون تي مقدمو هلايو، گهٽ ۾ گھٽ مون کي بچاءَ جو پورو موقعو ته ڏيو ته پوءِ ڀلي فيصلو ڪيو ته مون جو ڪردار ادا ڪيو آهي، اهو تاريخي طور لازمي هيو يا نه“
    ”فتويٰ اڳ ئي ملي چڪي آهي، رڳو سزا ڏيڻي آهي“ حفيظ صاحب چيو ۽ پوءِ پورو ڪلاڪ سنڌ جي موجوده ۽ گذشته دؤر تي تقرير ڪيائين.“ (ص، 82، 83)
    ”ٻي ڀيري مان، پليجو ۽ حفيظ بدين پئي وياسون.... پليجي صاحب مائو جي سرخ ڪتاب جا اٺ ڀيرا حوالا ڏنا ۽ چيو پئي ته مائو هيئن چيو ۽ هونئن چيو. ان تي حفيظ صاحب چيس ته جي مائو ائين نه چئي ها ته اها ڳالهه اعتبار جوڳي نه هجي ها ڇا؟“ پليجو اهو ٻڌي ڳاڙهو ٿي ويو، پر منهنجي موجودگي ۾ ماٺ رهيو.
    ”حفيظ قريشي ڳالهين ۾ جنهن طريقي سان حوالا ڏيندو هو ۽ انهن جي تشريح ڪندو هو، سو به هن جو خاص ڍنگ هو. هڪ ڀيري هن منهنجو غزل پڙهيو:
    هي هرکر رين بسيرن جي،
    ٿي ويندي ساک سويرن جي.
    پوءِ هن چيو ته هر لفظ منڊيءَ تي جواهر وانگر جڙيل آهي ۽ اوهان جي اکين اڳيان اڄوڪي سنڌ اڀري ٿي ــ هرکر، رين بسيرا، ساک، سويرا انهن لفظن تي سوچي ڏسو. ڇا ته موتي اسان جي شاعر پوتا آهن. اهو شعر پروپيگنڊا به آهي، نه به آهي، پوءِ اڳتي ٻيو شعر پڙهيائين:
    مون مرڪي پنهنجو پاند ڏنو،
    رت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي.
    پوءِ سامعين کان سوال پڇيائين: اوهان کي خبر آهي ته بسنت ۾ ڪهڙو وڻ ڦلاربو آهي؟ بسنت ۾ ٻير اڳ ۾ ڦلاربي آهي ۽ جيئن وقت گذرندو آهي ته ان جا ٻير ڳاڙها ٿيندا ويندا آهن. اهو آهي شاعر جو مشاهدو.“
    (اياز، 2010ع، ص 921، 922)
    جمال ابڙو قريشي صاحب سان گڏ خاڪسار تحريڪ ۾ رهيو. ان پنهنجي آتم ڪٿا جي جلدن ۾ حفيظ صاحب جي حوالي سان لکيو آهي. هڪ جاءِ تي هن لکيو آهي ته قريشي صاحب کي سٺا ۽ سهڻا جملا ڳالهائڻ جي ڏات آهي يا سندس سچو ۽ پرخلوص جذبو آهي جو کائنس اهڙي جملا چورائي ٿو. جهونا ڳڙهه ۾ پڙهندا هئاسون ته ڪارلائيل جو ڪتاب هيروز آف پرافٽس پڙهيوسين. جنهن ۾ حضور ﷺ جن جي شان ۾ تعريف بيان ڪيل آهي. هڪ دوست اها ڳالهه ڪئي. حفيظ صاحب هڪدم چيس ته مهربان رسول الله ﷺ جي ذات کي ڪارلائيل جي سرٽيفڪيٽ جي ڪا ضرورت ڪانهي، البت ڪارلائيل کي اهڙي ڳالهه چوڻ تي چڱي چال جو سرٽيفڪيٽ ڏئي سگهجي ٿو. (اونهي ڳالهه اسرار جي، ص 156)
    ڊاڪٽر قاضي خادم جيڪو قريشي صاحب جو ويجھو مائٽ آهي، تنهن ڊاڪٽر بلوچ جي حوالي سان لکيو آهي ته ان کيس ٻڌايو ته حفيظ قريشي وٽس علي ڳڙهه ۾ اچي رهيو هو ۽ اتي هن سنڌ جي سياست ۾ حصو وٺڻ جي ڳالهه ڪئي. تنهن تي هن کيس سنڌ کي سمجهڻ لاءِ شاهه عبداللطيف کي پڙهڻ جي صلاح ڏني. قاضي خادم هن جي شاهه شناسي جي تعريف ڪري ٿو. سوز هالائي صاحب به هالا جي شاهه شناسن ۾ کيس شمار ڪيو آهي.
    ڊاڪٽر قاضي خادم حفيظ صاحب جو پنهنجي يادگيرين وارن ڪتابن ۾ بار بار ذڪر ڪيو آهي. اندر روح رهيام ۾ هڪ هنڌ لکيو اٿس ته ”حفيظ قريشي هونئن ته هڪ بهادر شخص هو. سياست ۾ به ۽ عام زندگيءَ ۾ به وڏا معرڪا ڪيائين. محنت ۽ جدوجهد سان پاڻ کي ٺاهيائين. اباڻي ملڪيت وڏي ڀاءُ وٽ هئڻ جي ڪري کيس ان جي زندگي ۾ کيس ڪجھه به نه مليو. پهرين ماستري ڪيائين پوءِ ايل ايل بي ڪري وڪيل ٿيو. ڪراچي ۾ ڪم شروع ڪيائين. اتي بندر روڊ تي آرام باغ (اڳوڻو رام باغ) تي آفندي بلڊنگ ۾ گرائونڊ فلور تي هڪ فليٽ هوندو هيس، جتي پاڻ رهندو هو. سندس گهر واري بابا جي ماروٽ هئي ته پاڻ بابا جو سوٽ به هو ته ماسات جو پٽ به هو. تنهن ڪري ڄڻ اسانجو هڪ ئي گهر هو. اتي پوءِ منهنجو وڏو ڀاءُ مشتاق به پڙهائي لاءِ وڃي رهيو ۽ اين جي وي هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتائين. نه صرف اهو پر ٻيا ايندڙ به هن وٽ رهيا پيا هوندا هئا.
    ”وڪالت لاءِ هو ڪراچي کان ٻاهر ٺٽي، حيدرآباد، ميرپورخاص، شهدادپور وغيره به پيو ويندو هو. جڏهن ته ان کان اڳ خاڪسار تحريڪ ۾سڄو ملڪ ڀيٽي چڪو هو. ... ڏکيا سکيا ڏينهن ائين گذاري ڇڏيائين. ڪڏهن خاڪسار ته ڪڏهن جي ايم سيد جي هر تحريڪ ۾ هن جو ساٿي بڻيو رهيو. ليڪن پنهنجي وڏي ڀاءُ جي مرڻ پڄاڻان پاڻ هالا پراڻا ۾ اچي ديرو ڄمايائين ۽ مال ملڪيت جي سار سنڀال لهڻ شروع ڪيائين. سندس وڏو ڀاءُ چاچا فتح الله بغير اولاد جي ئي گذاري ويو هو.“
    (قاضي خادم، 2011ع، ص 59، 60)
    ”حفيظ قريشي صاحب سان سنڌ جي ثقافت تي بحث مباحثو ٿيندو هو. اسين جواني جي جوش ۾ چوندا هياسين ته سنڌ جي ثقافت دنيا جي بهترين ثقافتن ۾ هڪ آهي. تنهڪري اسان کي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي پائڻ گهرجي. ڪورين جي اڻيل آڏاڻي جي کاڌي استعمال ڪرڻ گهرجي ...... ان تي حفيظ قريشي چوندو هو ته ابو، ياد رک ثقافت به هڪ سنڀالڻ جي شئي آهي. بلڪل ائين جيئن ڪو سهڻو خنجر چيلهه ۾ ٻڌل هجي، ليڪن خنجر مياڻ ۾ ٺهي ٿو، جي پيٽ ۾ هڻبو ته ماري وجهندو، تنهن ڪري ثقافت بيشڪ سنڀالجي. پر ان ۾ مناسب تبديلون آڻڻ گهرجن، ڇو ته جيڪڏهن جديد دنيا سان قدم قدم سان ملائي نه هلبو ته اها ثقافت به پاڻمرادو بي معنيٰ ٿي ويندي. اسان کي اقتصادي ميدان ۾ هر فيلڊ ۾ حصو وٺڻو آهي. باقي سنڌو جي ڪپ تي اجرڪ پائي ٺلهيون ڳالهيون ڪرڻ مان ڪجهه حاصل ڪونه ٿيندو.“ (قاضي خادم، 2011ع، ص 160)
    نامياري شاعر ۽ ڪالمسٽ اعجاز منگي سائين جي ايم سيد جي چاليهي جي موقعي تي حفيظ صاحب جي هڪ تقرير مان اهو حوالو ٿو پيش ڪري، جنهن ۾ قوم جي وصف ڪئي آهي: ”قوم لفظ قيام مان نڪتو آهي، قوم اها جيڪا اٿي بيهي ۽ جيڪا لڳي بيهي، هينئن ستل ۽ ڪريل ماڻهن جو انبوه قوم نه هوندو آهي.“ (آزاد قاضي،2001ع، ص 32)
    نامور شاعر، صحافي حسن مجتبيٰ قريشي صاحب جي حوالي سان لکيو آهي ته ”علامه مشرقي ۽ جي ايم سيد جو مداح حفيظ قريشي سنڌ جو اهو ايماندار وڪيل هو، جيڪو سنڌ جو ڪيس وڙهندي پاڻ جيلن ۾ رهيو. هو سنڌ ۾ آڱرين تي مس ڳڻجڻ ۾ اچڻ وارن انهن ماڻهن مان هو، جن کي سچو پچو دانشور چئي سگهجي ٿو، پر هو هڪ عوامي قسم جو دانشور هو، هو سياسي مجرن جو ماڻهو ڪونه هو، جن ۾ سياستدان نه فقط نچندا آهن، پر ماڻهن کي نچائيندا پڻ آهن. اوهين هن کي سنڌ جي سياست جو وتايو فقير چئي سگهو ٿا.
    ”هو جيڪڏهن پنهنجو سمورو وقت پئسي ميڙڻ ۽ وڪالت تي خرچ ڪري ها ته اي ڪي بروهي ۽ خالد اسحاق جھڙي پايي وارن وڪيلن جي قطار ۾ مڃيو وڃي ها، ڇاڪاڻ ته هو ڄاڻو ۽ قابل وڪيل هو.
    ”هن جا چيل ڪيترا جملا ۽ ڳالهيون اڄوڪي سنڌ جي ڄڻ ته هاڻوڪي لوڪ ادب ۽ لوڪ سياست جو حصو بڻيل آهن.
    ”جيڪڏهن ڀٽي سان هڪڙي کٽ تي گڏ سمهندڙ حفيظ قريشي چاهي ها ته هو به پنهنجي ڪن پراڻن يارن جيان حڪمرانن سان انڊر ڊيل ڪري ڪروڙين روپيا پيو ڪمائي ها ۽ سنڌ جي ٺيڪيداري به پيو ڪندو اچي ها. پر هن ائين نه ڪيو. هن جا دوست جڏهن حڪمران بنيا، حفيط قريشي سندن قيدي بڻيو.“ (آزاد قاضي، 2001ع، ص 36، 37)
    سنڌ جي هڪ متحرڪ سياسي جماعت عوامي تحريڪ کي ڊزائين ڪرڻ توڙي ٺاهڻ ۾ هن جو وڏو ڪردار هو. پر پوءِ پليجي سان اختلافن ڪري هي صاحب ان جماعت کان ڌار ٿي ويو. ياد رهي ته پليجو صاحب آخري وقت تائين ساڻس صلاح مشوري لاءِ ايندو رهيو.
    حفيظ قريشي صاحب 29 جولاءِ 1997ع تي وفات ڪئي. کيس شاهه ديواني واري قبرستان ۾ سندس ٻني جي ڀر ۾ دفن ڪيو ويو.

    قاضي غلام محمد قريشي: (1991ع – 1924ع)
    محترم قاضي غلام محمد قريشي صاحب جن جو جنم هالا پراڻا ۾ 14 فيبروي 1924ع (18 جمادي الثاني 1341 هجري) تي ٿيو. پاڻ ابتدائي تعليم هالا پراڻا ۾ حاصل ڪيائون. مئٽرڪ جو امتحان 1955ع ۾ فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ پوزيشن ۾ پاس ڪيائون.
    اڳتي هلي 1962ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ايم. اي. فارسي به فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ پوزيشن ۾ پاس ڪيائون. 1964ع ۾ ايم. اي. عربي پاس ڪيائون ۽ ساڳئي سال ايل ايل بي به پاس ڪيائون.
    قاضي صاحب سروري اسلاميه ڪاليج جا 1953ع کان وٺي 1970ع تائين نه صرف اعزازي سيڪريٽري رهيا، پر جمعي جي ڏينهن سيرت تي ليڪچر به ڏيندا رهيا.
    سندس شاعري تمام ٿورڙي آهي. البت نثر ۾ سندس تحريرون ڪافي آهن. هيل تائين سندس ٽي تصنيفات ”سيرت نبيﷺ“، ”نماز“، ۽ ”تاريخ درگاه شريف هالا“ شايع ٿي چڪيون آهن.
    سندس اهم تنصنيف ”ديوان آخوند محمد قاسم“، فارسي زبان ۾ تصحيح ٿيل، انگريزي مقدمي ۽ ترجمي سان قلمي صورت ۾ اڻڇپيل آهي.انهي سميت اڃان ڇهه کن اڻڇپيل آهن، جن مان هڪ انگريزي ۽ هڪ عربي ۾ آهي. ياد رهي قاضي صاحب مخدوم طالب الموليٰ جي ديوان طالب الموليٰ جو مقدمو انگريزي ۾ لکيو هو.
    قاضي صاحب جن جي علم پروري جي اهم نشاني اها هئي ته سندن دسترخوان تي سڄي پاڪستان جا عالم، اديب ۽ شاعر رونق افروز ٿيندا رهيا. اهڙي هڪ محفل جو ذڪر غلام نبي آگري صاحب ڊاڪٽر محڪري تي لکيل مضمون ۾ ڪيو آهي.
    نه صرف عالمن اديبن سان پر ڪامورن توڙي جج صاحبان سان سندس سٺا تعلقات رهيا. سرڳواسي راڻا ڀڳوانداس، ريٽائر چيف جسٽس سپريم آف پاڪستان آخري وقت تائين قاضي صاحب ۽ ان جي خاندان سان محبت جو ناتو نڀائيندو رهيو.
    قاضي صاحب جن 21 نومبر 1991ع تي رحلت فرمائي.

    لعل محمد لعل: (1961ع - 1926ع)
    مولوي محمود قريشي هن جي حوالي سان لکيو آهي ته ”محترم لعل محمد ”لعل“ ڀنڀرو هالن پراڻن ۾ سال 1926ع ڌاري ڄائو ۽ 5 جون 1961ع تي وفات ڪري ويو. مولوي محمود جي لکت موجب هن جي تعليم صرف چار درجا هئي. پر هو نهايت ئي وڏو علم رکندو هو.
    ”سنڌي ادب سان کيس بي حد چاهه هوندو هو. روايتن موجب کيس سائين لطيف جو ڪلام ڪافي تعداد ۾ ياد هو، جيڪو اڪثر ڪچهرين ۾ ٻڌائيندوهو. کيس ادب سان گڏ موسيقي سان به لڳاءُ هو، ۽ خاصي ڄاڻپ رکندو هو. شاعري جو فن سيد نور محمد شاهه ۽ عاجز هالائي جي صحبت جي اثر هيٺ کيس حاصل ٿيو. اول مجاز جي مهميز به کاڌائين. پوءِ فقير حاجي احمد متقي هالائي جي صوفياڻي صحبت ۾ رهيو. اڃان حقيقت ڏانهن مس قدم رکيائين ته موت کيس مهلت نه ڏني. سندس ڪلام ۾ صوفيانه رنگ نمايان آهي.
    اچي پئي اوچتو مٿي نانگ نظر،
    هيڻاتن جا هڏ ٿيا، کاڌا جي کپر،
    کاجڻ مهل خير، لڳيس ڪين ”لال“ چوي.

    پروفيسر ڊاڪٽر محمد حاجن شيخ: (ولادت 25 اپريل 1933ع)
    25 اپريل 1933ع تي جنم وٺندڙ هن صاحب لاءِ چيو وڃي ٿو ته هي هالا پراڻا ۾ ئي ڄائو هو، پر ننڍپڻ ۾ سندس خاندان مٽياري لڏي ويو.
    بقول محترم منير احمد شيخ صاحب جي هن نوڪري جي شروعات بطور ڪلارڪ ڪئي. پر هن پنهنجي پڙهائي جاري رکي. اڳتي هلي ڪري هن صاحب اسلاميات ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي ۽ تعليم کاتي مان بطور پروفيسر/ پرنسپال طور ريٽائر ٿيو. انهي وچ ۾ هو ڊائريڪٽر جنرل ڪاليجز به رهيو ته وفاقي تعليم کاتي ۾ ڀٽو صاحب جي زماني ۾ شايد 1973ع ۾ ائڊيشنل سيڪريٽري به رهيو، جتي هن اسلاميات جي مربوط نصاب جوڙڻ جي نگراني ڪئي. جڏهن هو واپس پئي وريو ته کيس ليٽرل انٽري ذريعي وفاقي سيڪريٽري طور رکيو پئي ويو، پر هن صاحب اها پوسٽ وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ تعليم کاتي ۾ خدمتون ڏيندو رهيو.
    هو ماهر تعليم سان گڏ ليکڪ به هو. ڪافي مضمون توڙي ڪتاب لکيائين. سندس هڪ انگريزي ڪتاب Maulana Ubaid Ullah Sindi: A Revolutionary Scholar نيشنل انسٽيٽوٽ آف هسٽري ائنڊ ڪلچرل ريسرچ، اسلام آباد پاران شايع ٿيل آهي. ان کان علاوه ٽي ڊبليو آرنولڊ جي ڪتاب Preaching of Islam جو ترجمو 1955ع ۾ ڪيو جيڪو سنڌي ادبي بورڊ پاران اسلام جي تبليغ يعني اسلام جي اشاعت جي تاريخ جي نالي سان سال 1984ع ۾ شايع ڪيو. ياد رهي ته اهو ترجمو هن پنهنجي ايم اي جي تڪميل جي سلسلي ۾ ڪيو هو. ان علاوه قاضي مقصود احمد جي لکت موجب هن جو ٽيون ڪتاب اسلام جي تبليغ جي نالي سان شايع ٿيل آهي.
    هو جواني ۾ ئي تبليغي جماعت سان واڳجي ويو ۽ آخري وقت تائين تبليغي جماعت جو حيدرآباد ۾ روح روان هو.
    هن صاحب پنهنجي توڙي ڀائرن جي اولاد کي بهترين تعليم ڏياري. سندس هڪ ڀائيٽو ڊاڪٽر محمد حسن شيخ ميڊيسن شعبي جو پروفيسر ٿيو ۽ ٻيا ڀائيٽا انجنيئر محمدعلي شيخ، ۽ امدادالله شيخ نامور بينڪر ٿيا. سندس هڪ پٽ ڊاڪٽر عبدالرحمان شيخ نامور آرٿو پيڊيڪ ڊاڪٽر آهي. ان کان علاوه سندس هڪ پٽ ڊاڪٽر روشن شيخ آمريڪا جي ڪنهن يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهي ۽ ننڍو پٽ انجنيئر ڊاڪٽر زبير احمد شيخ هن وقت محمدعلي جناح يونيورسٽي، ڪراچي جو پريزيڊنٽ يعني وائيس چانسلر آهي، جيڪو بقول منير احمد شيخ جي ننڍي ۾ ننڍي عمر جو پهريون پريزيڊنٽ هئڻ جو رڪارڊ آهي. سندن ٻه نياڻيون مشهور گائناڪالاجسٽ آهن.

    قاضي محمد عالم معصوم هالائي: (1991ع - 1935ع)
    21 جولاءِ، 1991ع، هڪ اهڙو ڏينهن آهي، جنهن تي اسان کان اهڙو شخص هميشه لاءِ موڪلائي ويو، جنهن هميشه علمي ۽ ادبي ادارن جي قيام ۽ سارسنڀال ۾ پاڻ پتوڙيو. پر افسوس ته کيس جيئري توڙي هاڻي مرڻ بعد اها مڃتا نه ملي آهي، جيڪا پنهنجي ڪاوشن جي سلسلي ۾، هو اسان کان لهڻي. انهيءَ شخص جو نالو آهي قاضي معصوم هالائي.
    8 مارچ 1935ع تي هالا پراڻا جي قاضي قريشي خاندان ۾ جنم وٺندڙ هي پيارو انسان، ساري زندگي سنڌي ادبي سنگت جي شاخن، لائبرريون قائم ڪرڻ، ۽ ڪتاب شايع ڪرائڻ ۾ لڳو رهيو.
    تعليمي لحاظ کان هن سنڌي فائينل پاس ڪري، زراعت ۽ باغباني ڪورس ۾ داخلا ورتي، پر ان ڪورس ڪرڻ بعد هن اچي ريڊيو جي انائونسري ڪئي، جيڪا کيس راس نه آئي. 1954ع ڌاري نوڪريءَ جي سلسلي ۾ وڃي نوابشاهه وسايائين. انهيءَ وچ ۾ سندس علم و ادب سان پيچ پئجي چڪو هئو. ورهاڱي بعد سنڌي ادبي سنگت جي قيام جي سلسي ۾ جن شخصن ڪوششون ورتيون آهن، انهن مان هڪ قاضي معصوم هالائي به هو. ان ڪري کيس سنگت جي بانيڪارن ۾ به شماريو وڃي ٿو. نواب شاهه ۾ ميونسپل ۾ نوڪريءَ سان گڏ ڪا پريس قائم ڪيائين ۽ اتي موجود ان وقت جي ادبي لڏي جهڙوڪ قمر شهباز، امرجليل، عبدالحڪيم ارشد ۽ ٻين سان ويجھو ٿيو. اتي ان دؤر ۾ هڪ رسالو ”ادا“ نالي نڪتو، جنهن ۾ پاڻ سب ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيائين.
    بهرحال روزگار سانگي کيس سانگهڙ ڏي اچڻو پيو. جتي جھول شهر ۾ سندس ڪوشش سان، ون يونٽ جهڙي قهري دؤر ۾ ڪيترائي سنڌ سطح جا ادبي ميڙاڪا ٿيا. اتي سندس ڪوششن سان سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪئي ويئي، جنهن جو پاڻ ڪيترا سال سيڪريٽري ٿي رهيو. گڏوگڏ مقامي ادب دوست ساٿين جي ڪوششن سان جھول ۾ هڪ لائبرري به قائم ڪرايائين، جا اڄ به علمي اڃايلن جي اساٽ پئي اجھائي. ان دؤر کي ياد ڪندي نامور شاعر الهورايو بهڻ پنهنجي مضمون ”سنڌي ادبي سنگت جهول ڪجهه يادگيريون“ ۾ لکي ٿو ته ”سنگت جي مذڪوره ڪارڪنن ۾ هڪ ٻيو نوجوان جيڪو سڀني کان وڌيڪ نمايان ۽ نرالو ٿي لڳو. ديدار خواه پوشاڪ ۾ مهذب ۽ جاذب نظر ۽ سهڻو پئي ڏسڻ ۾ آيو. تنهن بابت پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته اهو نوجوان قاضي محمد عالم معصوم هالائي آهي ۽ هيءُ ئي همراهه سنڌي ادبي سنگت جو روح روان آهي، جنهن هتي اچي سنگت کي ڪٺو ڪيو آهي.
    ”قاضي معصوم هالائي جو معمول هوندو هو ته صبح جو اٺين وڳي اچي لائبرري کوليندو هو. پاڻ جيئن ته قاضي ڪاٽن فيڪٽري ۾ ملازم هو ۽ اتي سنگت لاءِ وقت ڪڍڻ لاءِ رات جو ڊيوٽي ڪندو هو. تنهن ڪري صبوح جو اچڻ شرط هڪ چانهن ۽ کارو بسڪيٽ گهرائي کائيندو هو ۽ پوءِ اخبار جي مطالعي ۾ مصروف ٿي ويندو هو.
    ”قاضي محمد عالم سنڌي ادبي سنگت جو ڪم ڪار حساب ڪتاب ڪچهرين جو رپورٽون وغيره اهڙي ته باقاعدگيءَ سان لکندو ۽ رکندو آيو، جنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي. هرمهيني سنگت جي آمدني ۽ خرچ جو بلن سميت آنن، پيسن ۽ پائين سميت حساب ڪتاب ماهواري ڪاروباري ڪميٽي ۾ پيش ٿيندو هو، جنهن ۾ ڪڏهن به ڪوتاهي نه ٿي. ڪتابن جا هفتا ملهائي لائبرري لاءِ ڪتاب جمع ڪرڻ، سنڌي زبان جي مڃوتي لاءِ سموري ضلعي جي مشاهير کان دستخط وٺڻ، ادب ۽ موسيقي بابت ڪانفرنسون ڪرائڻ ۽ انهن ڪانفرنسن لاءِ وڏا چندا جمع ڪرڻ ۽ انهن جو خرچ جو حساب ڪتاب پيش ڪرڻ سندس ئي ڪمال هو. “
    (ملوڪاڻي، 2016، ص 155، 156)
    بهڻ صاحب لکيو آهي ته ايوب خان جي ڏهه سالا دؤر تي ضلعي سانگهڙ ۾ صرف اردو مشاعرو رکيو ويو. پر قاضي صاحب جي تحرڪ تي صنعتي نمائش ۾ موسيقي جي پروگرام کان اڳ سنڌي مشاعرو به ٿيو، جنهن ۾ هزارين ماڻهو شريڪ ٿيا. ان جي ڪري پڙهيل لکيل ماڻهن جا حوصلا بلند ٿيا. (ملوڪاڻي، 2016، ص 160)
    بهڻ صاحب توڙي علي مردان ملوڪاڻي جي مضمونن مان جهول سنگت پاران سالياني ڪانفرنسن جو احوال ملي ٿو. جن جي ڪري جهول سنگت سڄي سنڌ ۾ نالو ٿيو. انهن ڪانفرنسن جو روح روان قاضي محمد عالم معصوم ئي هو.
    پنهنجي اصلي ڳوٺ هالا پراڻا ۾ به قاضي صاحب پنهنجي علمي ۽ ادبي سرگرمي جاري رکندو آيو، جتي نه رڳو سنڌ سطح جون ڪانفرنسون ڪوٺايائين پر سنڌي ادبي سنگت جي شاخ 50 واري ڏهاڪي ۾ قائم ڪرايائين. طالب الموليٰ لائبرري ۽ ريڊنگ روم جي قيام ۾ نه صرف حصو ورتائين، پر مرڻ گهڙي تائين ان جا انچارج رهيا.
    قلمي پورهئي جي لحاظ کان هو هڪ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار به هو، مختلف موضوعن تي ننڍا وڏا مضمون به لکيائين. پر افسوس ته اڄ سندس ڪافي لکڻيون دستياب نه آهن. قاضي صاحب هڪ پبلشر به هو. هن وطن پبليڪيشن هالا پراڻا جو بنياد وجھي ٻه ڪتاب ”حسرتناڪ زندگي“ ۽ ”دادلي“ شايع ڪرايا.
    مطلب ته هن پنهنجي سڄي حياتي علمي ادبي سرگرمين کي وڌائڻ ۽ ويجھائڻ ۾ گذاري ڇڏي.

    سيد نور محمد شاهه ”نور الموليٰ“:
    سيد نور محمد شاهه نور هالا پراڻا ۾ پيدا ٿيو. پر اڳتي هلي هو پهرئين ديهه پينگارو جي ڳوٺ پيرو ڪاڪا ۾ وڃي رهيو. پوءِ وري حيدرآباد جي ڀرسان ڳوٺ لالولاشاري ۾ ۾ وڃي رهيو.
    شاهه صاحب فائينل تائين تعليم هالا ۾ ئي پرائي. ۽ ڪجهه وقت تعليم کاتي ۾ استاد به ٿي رهيو.
    بقول مولوي محمود قريشي جي سيد نور محمد شاهه ننڍپڻ کان ئي شعر، سخن ۾ طبع آزامائي ڪندو هو. اڳتي هلي بيت، مرثيه، نوحه، غزل، رباعيون، منقبتون وغيره تحرير فرمايا.
    سندس ڪلامن جو هڪ مجموعو ”گلدسته نوراني حصه اول“ جي نالي سان سندن هڪ معتقد مرحوم مولا بخش ولد خير محمد حسين آباد واري ڪافي سال اڳ ڇپارايو هو. ان کان علاوه سندن ٻئي مجموعي جو نالو ”گلشن نوراني“ ٻڌايو ويو آهي.
    لطيف ڏي لائيٽ، دل ۾ درد عشق جي،
    نور محمد نورسين ناس ٿئي نائيٽ،
    راز تنهنجا رائيٽ پڙهي ڪريان پڌرا.
    سندس ڪافي مرثيا هالا جي مجلسن ۾ پڙهيا وڃن ٿا. چند سال اڳ سندن وصال ٿيو ۽ کين لالو لاشاري ڳوٺ، لڳ حيدرآباد ۾ دفنايو ويو.

    پروفيسر انجنيئر اختر خالد ڀٽي: (ولادت 1937ع)
    محترم اختر خالد ڀٽي پنهجي سر ڄائو ۽ نپنو ته حيدرآباد ۾ آهي، پر جيئن ته ان جو والد ۽ ٻيا وڏڙا هالا پراڻا ۾ رهيا آهن، تنهن ڪري هن صاحب کي اسان هالن جو ڪري ڳڻيون ٿا.
    ڀٽي صاحب جي خاندان کي هالا پراڻا ۾ خليفه ڀٽي طور سڃاتو وڃي ٿو. ڀٽي صاحب مهراڻ يونيورسٽي ۾ سول انجيئرنگ استاد طور ڪم ڪيو جتان پروفيسر طور ريٽائر ٿيو.
    منهنجي عزيز فتح محمد سنائي کي وٽس پڙهڻ جو موقعو مليو آهي. هو سدائين سندس پڙهائي ۽ ڄاڻ جي تعريف ڪندو آهي. ڪافي سال اڳ فتح محمد مون کي سائين جا ماحوليات ۽ روڊ سيفٽي جي حوالي سان لکيل ڪجھه مضمون پڙهڻ لاءِ ڏنا هئا.
    ڀٽي صاحب پنهنجي شعبي جي حوالي سان اڻ ڳڻيا مقالا تحرير ڪيا آهن، جيڪي ملڪي توڙي غير ملڪي رسالن ۾ شايع ٿيا. ان کان علاوه هن صاحب پنهنجي گهرواري محترمه ڊاڪٽر گل جنت جي سهڪار سان قرآن جي حوالي سان مختلف موضوعن جهڙوڪ قرآن ۽ انساني حق وغيره تي اٺ کن ڪتاب لکيا آهن، جيڪي شايع ٿيا آهن. انهن ڪتابن کي عالمي پذيرائي به ملي آهي.
    سندس گهر واري جي به پي ايڇ ڊي ڪيل آهي. اها به رشتي ۾ سندس سوٽ يا ماسات آهي. ائين ان جو به تعلق هالا پراڻا سان آهي.
    ڀٽي صاحب جن اڄ ڪلهه حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهن.
    هن جو هڪ ڀاءُ ڊاڪٽر ظفر ڪمال مشهور آرٿوپيڊڪ سرجن هو، جيڪو چند سال اڳ لنڊن ۾ گذاري ويو.

    مظفر صادق ڀٽي: (ولادت 24 آگسٽ 1947ع)
    هي صاحب جيڪو انجنيئر پروفيسر اختر خالد جو ننڍو ڀاءُ آهي، سو هڪ پاسي سنڌ جو ناميارو وڪيل رهيو آهي ته ٻي پاسي سنڌ جي سياسي ميدان تي به سرگرم رهيو آهي. ايم آرڊي تحريڪ دوران هي صاحب جيل ۾ رهيو. هي صاحب سنڌ نيشنل فرنٽ جو بنياد رکندڙ ۽ اهم ترين اڳواڻ رهيو آهي. جڏهن ممتاز ڀٽو صاحب کي نگران وزير اعليٰ ڪيو ويو ته هو ان جي ڪابينه ۾ قانون جو وزير مقرر ڪيو ويو هو. ان کان علاوه ڀٽي صاحب سياسي مسئلن تي لاتعداد مضمون لکيا آهن، جيڪي سنڌ جي نامور اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن.

    سوز هالائي: (ولادت 5 ڊسمبر 1937ع)
    سوز هالائي 5 ڊسمبر 1937ع تي علمي ۽ تهذيبي طرح بيحد خوشحال گهراڻي ۾ جنم ورتو آهي. سوز صاحب جي والده ماجده کي ڀٽائي جو پورو رسالو ياد هو ۽ سندن وڏو ڀاءُ فن موسيقيءَ جو ماهر هو.
    اهڙي تهذيبي ماحول ۾ جناب سوز اک کولي ۽ کيس ڀٽائيءَ جي شاعري ۽ موسيقي جو فن وراثت ۾ مليو. نتيجي ۾ پاڻ شاعر ٿي ويو. سندس موسيقي شناسيءَ جو اندازو هن حقيقت مان لڳائي سگھجي ٿو ته پاڻ انهن چند شخصن ۾ شمارجي ٿو، جن کي ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي مڙني باريڪين، سر ۽ تال تي دسترس حاصل آهي. سندس پنهنجي شاعري سر ۽ ردم جو انوکو امتزاج آهي، تنهن ڪري ان کي آسانيءَ سان ڳائي سگھجي ٿو.
    سوز پنهنجي خاندان جو پهريون شخص آهي، جنهن پوسٽ گريجوئيشن تائين تعليم حاصل ڪئي آهي. پاڻ سنڌي فائينل امتيازي نموني پاس ڪيو. وڌيڪ پڙهڻ جي سگهه نه هئي، سو نوڪري لاءِ هٿ پير هنيائين. مگر ناڪام رهيو. سو پيٽ گذر لاءِ هن مزدوري ڪرڻ شروع ڪئي. بهرحال هن پڙهائيءَ جو ڪم جاري رکيو. محترم ٿانورداس ۽ ٻين دوستن جي مدد سان هن انگريزي سکي، ۽ ائين خانگي اميدوار جي حيثيت ۾ امتحان ڏيندو رهيو. ۽ آخر ۾ ايم. اي سنڌي ۾ پاس ڪيائين. ان دوران کيس روينيو کاتي ۾ نوڪري ملي ويئي. جتان پاڻ ڏهاڪو سال اڳ ريٽائر ڪيو اٿائين. ڪجهه عرصو وڪالت جي پيشي سان لاڳاپيل رهيو. پر هاڻي بيماري جي باعث گهر ۾ رهي ٿو.
    پاڻ پهريون شعر ان وقت لکيائون، جڏهن سندن عمر ٻارهن سال هئي. باقاعده شاعري ويهين صدي جي سٺ واري ڏهاڪي جي وچ ۾ شروع ڪيائين. ائين هڪ وڏي عرصي کان هو شعرن جي گلن سان فضا کي معطر ڪري رهيو آهي. سال 1981ع ڌاري سندس پهريون شعري ڳٽڪو ”رنگ رتا پيچرا“ شايع ٿيو. ٻيو مجموعو ”درشن ڌارو ڌار“ سال 1992ع ۾ مارڪيٽ ۾ پهتو. ڪافي سالن کان هن جو ٽيون شعري مجموعو من اندر جي موسم تيار آهي، ۽ سنڌي ادبي بورڊ وارن وٽ پيل آهي. ان کان علاوه هو پنهنجي لکيل حمدن نعتن ۽ نوحن تي مشتمل پنهنجو مجموعو به سهيڙي رهيو آهي.
    سوز صاحب پاڻ کي رڳو شاعري تائين محدود نه ڪيو آهي. هو نثر ۾ به پنهنجون ڪاوشون ڪندو رهي ٿو. ڪجهه سال اڳ سندس نثري ڪتاب ”ڪارون وس ڪيام“ ڇپيو هو. ان ڪتاب ۾ سوز صاحب استاد محمد جمن جي شخصيت، فن، همعصرن ۽ دؤر تي لکيو آهي. يقينن اهو ڪتاب موسيقيءَ جي تاريخ سان دلچسپي رکندڙن لاءِ اهم دستاويز آهي. استاد جمن جي حوالي سان سوز هڪ ٻيو ڪتاب يار ڏاڍي عشق آتش لائي جي نالي سان مرتب ڪيو آهي، جنهن ۾ استاد جا انٽرويو ۽ استاد تي ٻين ليکڪن جا ليک شامل آهن. اهو ڪتاب ڪلچر ڊپارٽمينٽ منظور ڪيو آهي. سال ٻن کان ان جي مارڪيٽ ۾ اچڻ جو آسرو آهي.
    ان کان علاوه هن ايف ايم ريڊيو، ڀٽ شاهه لاءِ مختلف گائڪن، سازندن وغيره تي سوانحي خاڪا لکيا، جيڪي ريڊيو تان نشر ڪيا ويا. سال کن اڳ انهن کي ڪتابي صورت ڏئي، ساز ۽ آواز نالي ڪتاب ۾ يڪجا ڪري انسٽيٽوٽ آو سنڌيالاجي جي حوالي ڪيا. تازو انهن اهو ڪتاب شايع ڪيو آهي. آهن. اهو ڪتاب سنڌ جي ڪلچرل تاريخ لکڻ ۾ وڏي مدد ڏيندو.
    سوز صاحب جي پنهنجي آتم ڪٿا يا يادگيرين جو پهريون جلد ڪوي جي ڪٿا جي نالي سان چند سال اڳ مارڪيٽ ۾ نروار ٿيو.
    سوز صاحب نه صرف سنڌي ۾ پر اردو ۾ به ڪافي لکيو آهي، ڪافي غزل ۽ گيت اردو ۾ منظوم ترجمو ڪيا آهن. هن پنهنجي شاعريءَ جو دروازو هميشه کليو رکيو آهي.
    هاڻي هن جي اڱڻ تي ٻه گلاب جا گل ٽڙيل آهي، جيڪي ڪوثر ۽ جاويد جي روپ ۾ خوشبو ڦهلائي رهيا آهن. سندس وڏو پٽ امتياز سٺو استاد ۽ مرثيه ۽ نوحا خوان آهي ۽ ننڍو پٽ تنوير سوز به سٺو علم دوست آهي، ۽ هن وقت سوز صاحب جي تيماداري ڪري ٿو.

    محمد رحيم مسرور دايو: (2008ع – 1940ع)
    مستقبل جي معمارن يعني شاگردن جي زندگي ٺاهڻ يا ڦٽائڻ ۾ استاد جو وڏو رول رهي ٿو. جيڪر استاد قابل ۽ ماهر آهي، تڏهن ڏڏ شاگرد به ڪجهه نه ڪجهه هينئين هنڊائين ٿا، جيڪو اڳتي هلي کين ڪم اچي ٿو. پر جي ڪو استاد بخيل يا اذيت پسند ملي وڃي ته سٺا ذهين ٻار به رستو ڀٽڪيو وڃن. شاگردي دوران ڪافي سٺا استاد نصيب ٿيا، جن جي تاديب اسان جي زندگي کي روشن رکيو اچي. سائين محمد رحيم مسرور به هڪ اهڙو اعليٰ استاد ۽ شاعر هو.
    سائين محمد رحيم ”مسرور“ جن هالا پراڻا ۾ 7 جون 1940ع تي ڄاوا. سندن فائينل تائين تعليم هالا پراڻا ۾ ئي ٿي. ان کان پوءِ هو مدرسه محمديه اسڪول ۾ استاد ٿيا، جتي ريٽائرمينٽ تائين پڙهائيندا رهيا. نوڪري دوران ئي هن مئٽرڪ ڪئي، جنهن ۾ بقول سوز هالائي جي ته سندس جيان ٿانورداس سهائتا ڪئي.
    سائين مسرور انتهائي بهترين ۽ محنتي استاد رهيو آهي، جنهن وٽ نه رڳو آئون، پر منهنجا سڀ ڀائر توڙي ٻيا مائٽ پڙهيا آهن، جيڪي هينئر مختلف ادارن ۾ سٺن عهدن تي ڪم ڪري رهيا آهن. ذاتي طرح مون تي سندس هڪ وڌيڪ مهرباني اها به آهي ته آئون جڏهن چوٿين درجي ۾ پهتو هوس، تڏهن منهنجي ذهانت ڏسي ڪري، مٿين آفيسرن سان ڳالهائي منهنجو ڊبل پروموشن ڪرايائين. هتي اهو ٻڌائڻ بيجا نه رهندو ته مون کي ٻاراڻي درجي ۾ ٻه سال کن رکيو ويو هو. ياد اٿم ته ڊبل پروموشن واسطي انٽرويو هالا جي ارباب محلا اسڪول ۾ ٿيو هو، سائين مون کي پاڻ سان وٺي ويا هئا. رستي تي به پڙهائيندا ۽ سيکاريندا رهيا.
    آئون وٽن پنجون درجو پڙهيو آهيان. سائين ورهين کان پنجين درجي وارن شاگردن کي اسڪالرشپ جي امتحان جي تياري ڪرائڻ لاءِ رات جو دير تائين پڙهائيندو هو ۽ ان لاءِ ڪو اجورو به نه وٺندو هو. سندس ان محنت جي نتيجي ۾ ڪافي شاگرد هڪ پاسي اسڪالرشپ حاصل ڪندا هئا، ته ٻئي پاسي اها محنت کين اڳتي واري پڙهائي جي مرحلي ۾ مددگار ٿيندي هئي.
    پنهنجي وڏي عيال جي پورائي واسطي وري رات جو دير تائين ٻيڙيون ٻڌندو هو. جيتوڻيڪ هو چاهي ها ته ٽيوشن ڏيئي ڪافي پئسا ڪمائي سگهي ها، پر هن صاحب تعليم کي تجارت نه بنايو.
    سائين نه رڳو سٺو استاد هو، پر سٺو شاعر، نعت خوان ۽ نوحه خوان به هو. پاڻ سنڌي ٻولي جي گرامر جو ماهر هو.
    سندن شاعري تصوف جي اثر هيٺ آهي. کين شعر جو شوق ۽ ذوق صوفي بزرگن جي ڪتابن ۽ ڪلام جي مطالعو ڪندي جاڳيو. سندن وفات کان اڳ سائين کان پڇيم ته سندس شاعري ڪٿي آهي ته ٻڌايائين ته سندس بيماري ۾ گھروارن گم ڪري ڇڏي ۽ کيس هاڻي ياد به نه رهي آهي. تنهن ڪري هن وقت ٿوريون ڪي شيون بچيون آهن.
    سخت پورهين جي ڪري، سندس صحت تي اثر پيو ۽ هو ڪافي عرصو بيمار به رهيو. سائين مسرور صاحب اسان کان نائين سيپٽمبر 2008ع تي هميشه لاءِ جدا ٿي ويو.

    ڊاڪٽر عبدالحليم قريشي: (2015ع - 1942ع)
    ڊاڪٽر عبدالحليم قريشي صاحب جو تعلق هالا پراڻا جي هڪ علمي گھراڻي مولوي قريشن سان آهي. سندن ولادت هالا پراڻا ۾ تاريخ 16 مئي 1942ع تي ٿي. انٽر تائين هالا ۾ پڙهيا. اڳتي هلي لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان ايم بي بي ايس پاس ڪيائون. ان کان علاوه آرمڊ فورسز ميڊيڪل ڪاليج راولپنڊي مان ايم ايس سي جي ڊگري به ورتائون.
    پاڻ صحت کاتي ۾ ڪافي انتظامي عهدن تي رهيا. جهڙوڪ پاڻ حيدرآباد سول اسپتال جا سپرنٽنڊينٽ به رهيا ۽ هليٿ ڊپارٽمينٽ ۾ ائڊيشنل سيڪريٽري به ٿي رهيا. ريٽائرمينٽ وقت هو نفسياتي مرضن جي اسپتال، ڪائوسجي اسپتال حسين آباد جا سربراهه هئا.
    سندس يادگيرن تي مبني ڪتاب ”ياد ايام“ سنڌي ادبي بورڊ وارن سال 2006ع ڌاري ڇپايو آهي.
    پاڻ 16 جنوري 2015ع تي وفات ڪئي. سندس تدفين 17 جنوري تي هالا پراڻا جي مشهور قبرستان کڏي کٿوري ۾ ٿي.

    پروفيسر ڊاڪٽر قاضي خادم حسين قريشي:
    (ولادت 21 نومبر، 1945ع)
    سنڌ جو هيءُ نامور ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ڊرامه نگار، محقق ۽ استاد جيتوڻيڪ ڄائو الهداد چنڊ ۾ آهي، پر هالا پراڻا جو سندس نيپاج ۾ حصو رهيو آهي. اصل ۾ هن جي والدين ۽ ٻين عزيزن جو تعلق هالا پراڻا سان آهي، جنهن جو اظهار پنهنجي ساروڻين وارن ڪتابن، جهڙوڪ دل جي دفتر سان، ساروڻيون ۽ اندر روح رهيام وغيره ۾ بار بار ڪيو اٿس.
    قاضي صاحب جن سنڌي توڙي انگريزي ادب ۾ ماسٽرس ڪئي آهي. ان علاوه هنن سنڌي ۾ داستان گوئي تي به پي ايڇ ڊي ڪئي آهي.
    جيتوڻيڪ قاضي صاحب صوبائي توڙي وفاقي سول سروس جا امتحان پاس ڪيا، پر پاڻ استاد بنجڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏنائون. پهرين هو حيدرآباد جي مسلم ڪاليج ۾ استاد ٿيا، پوءِ وري سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ استاد مقرر ٿيا، جتي ريٽائرمينٽ تائين پڙهائيندا رهيا. آخري وقت ۾ ستن سالن تائين پاڻ آرٽس فئڪلٽي جي ڊين طور ڪم ڪندا رهيا.
    هن وقت جيتوڻيڪ هو ريٽائر آهن، پر علامه غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر جا اعزازي سربراه پڻ آهن. ياد رهي ته ان چيئر تمام ٿورڙي عرصي ۾ ڪافي سارا علمي ڪتاب شايع ڪيا آهن.
    سائين جي ٽهي وارا ليکڪ اڪثر خاموش آهن، ۽ پنهنجي ماضي وارين ڪوششن جي ڪمائي پيا کائين، پر قاضي صاحب اڃان به بي بها تخليقون اسان کي آڇي، اسان جي تهذيبي ۽ روحاني آسودگي ۾ اضافو ڪري رهيو آهي.
    سائين لکڻ جي شروعات اردو ۾ ڪئي، ۽ سندس پهريون اردو ناول شمع هر رنگ مين جلتي هين ”سحر هوني تڪ“ 1962ع ۾ شايع ٿيو. پر پوءِ سنڌي ۾ لکڻ شروع ڪيو. ”پيار ۽ سپنا“ (1997ع)”درد جي خوشبو“ (1981ع) سندس طبعزاد ناول آهن. ان کان علاوه قاضي صاحب جن پنج ناول ترجما ڪيا آهن.
    سندن ڪاوشن جي سلسلو اتي ختم نٿو ٿئي، پر اڃان اڳتي وڌي ٿو: سندن هڪ ڪهاڻين جو مجموعو ”سمنڊ ۽ اپسمنڊ“ (1983ع)، ڊرامن جو مجموعو ”لڙڪ لڙڪ زنجير“ ۽ مضمونن جو مجموعو ”ادب ۽ روايتون“ پڻ شايع ٿيا آهن.
    ڪجهه عرصو اڳ هن جو انگريزي زبان ۾ هڪ اعليٰ ڪتابThe Glorious Past به شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ هن صاحب سنڌي ۾ لکيل آتم ڪهاڻين جو جائزو ۽ تت پيش ڪيو آهي. انکان علاوه هن صاحب 200 کان وڌيڪ ريڊيو ۽ ٽي وي ڊراما لکيا آهن.
    هن وقت تائين سائين جا ٻن درجن کان وڌيڪ ڪتاب شايع ٿيا آهن.

    نور محمد ولد مهر علي ڀٽو:
    تاريخ قديم هالا ۾ هن جو ذڪر شاعر ۽ گائڪ طور ڪيو ويو آهي. هنن جا وڏڙا ڪچي ۾ قائم هڪ ڳوٺ، جيڪو وگھاملن جي ڳوٺ جي نالي سان مشهور هو، ۾ رهندا هئا، سال 1956ع ۾ درياءَ خوردي سبب اچي هالا پراڻا ۾ ويٺا ۽ پنهنجو اباڻو ڪم جنڊي ڪندا رهيا.
    هن صاحب جي ڪچي واري ۾ ڳوٺ ۾ هن جا پاڙيسري ۽ دوست صوفي دين محمد شيخ ۽ ٻيا ويراڳي فقير پڻ هئا، جن جو هن تي ڪافي اثر رهيو. هن به راڳ ويراڳ واري واٽ اختيار ڪئي. (مولوي ۽ قاضي، ص 216، 217)

    سيّد مڱيلڌو شاهه سبزواري ”مڱيل“: (2004ع - 1946ع)
    سيد مڱيلڌو شاهه سبزواري ”مـڱيل“ 23 جولاءِ 1946ع تي پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم هالا پراڻا مان حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ تپيداري جو ڪورس ڪري روينيو کاتي ۾ تپيدار مقرر ٿيو. پر ڪجهه سالن بعد اها نوڪري ڇڏي ڏنائين. وري ڪجهه عرصو پورٽ قاسم اٿارٽي ڪراچي ۾ به نوڪري ڪيائين، پر اها به ڇڏي ڏنائين.
    سيد مڱيل شاهه صاحب غزل، مداحون، سلام، نوحه ۽ مرثيه ڪافي تعداد ۾ لکيا آهن. کيس پينٽنگ وغيره جو به شوق رهيو.
    سندن وصال 29 فيبروري 2004ع تي ٿيو.

    احمد ڪوري: (2008ع – 1946ع)
    هالا رڳو غزل گو شاعر نه پيدا ڪيا آهن، پر هن ٻين صنفن جا بي مثال شاعر به پنهنجي هنج ۾ سنڀاليا آهن.
    محترم احمد ولد محمد صديق ڪوري صاحب بنيادي طرح مرثيه گو شاعر هو. هن جو جنم هالا پراڻا ۾ سال 1946ع ڌاري ٿيو.
    هن صاحب 50 کن مرثيه لکيا. پر مرزا انيس ۽ دبير جا مرثيه به سنڌي ۾ منظوم ترجمو ڪيا آهن. ان کان علاوه سلام، نعتون، منقبتون، نوحه وغيره به ڪافي تعداد ۾ لکيائين. هن جا مرثيه، سلام ۽ نوحا اسان جي تر جي مجلس عزا ۾ پڙهيا ويندا آهن.
    سيپٽمبر 2008ع ۾ سندس وفات ٿي.

    عطا محمد صدر: (ولادت 1952ع)
    سائين عطا محمد صدر جو جنم هالا پراڻا جي علمي ۽ مذهبي گھراڻي ۾ 12 جنوري 1952ع تي ٿيو آهي. سندن ڪاليج تائين تعليم هالا ۾ ٿي آهي. پاڻ ايم. اي ۽ ايم. ايڊ آهن. تازو هو هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر طور ريٽائر ٿيا آهن.
    سائين جن سٺا نثر نويس آهن. سندس ڪافي مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سنڌي توڙي اردو ۾ شايع ٿيا آهن. ”هالا پراڻا جو احوال“، ”هالا کان حرم پاڪ تائين قسط ٻي“ ۽ ”مولانا طارق جميل جا خطبا“ سندس تصنيفات جا نالا آهن. ان کان علاوه هالا پراڻا جي مختلف ذاتين تي ڪجھه مواد لکيو آهي.
    سندس هالا پراڻا جي تاريخ تي لکيل مضمون مان ڪافي حوالا هن ڪتاب ۾ استعمال ڪيا ويا آهن.

    قاضي شوڪت علي قريشي: (ولادت 6 جون 1953ع)
    هي صاحب پنهنجي والد محترم وانگيان هڪ عالم ۽ اديب آهي. هيءُ اسلامي علوم ۽ تاريخ تي وڏي دسترس رکي ٿو. هيل تائين سندس ٽي تصنيفون ”دنيا جي حقيقت جلد اول“، ”دنيا جي حقيقت جلد ٻيو“ ۽ ”چونڊ ملفوظات حضرت مخدوم نوح “ شايع ٿي چڪيون آهن. پروفيسر ڊاڪٽر اسرار احمد علوي جو ڪتاب راحت الروح سندن نگراني ۾ لکيو ويو آهي. مخدوم فتح محمد فقير جي ڪتاب رساله فتحيه جو سنڌي ترجمو به هن جي نگراني ۾ ٿيو آهي.
    قاضي صاحب ڪافي سالن کان هالا پراڻا جي جامع تاريخ تي ڪم ڪري رهيو آهي. ان سلسلي ۾ هن ڪافي عرصو اڳ مولوي محمود قريشي جي ڪتاب کي ڪمپوز به ڪرايو هو ته جيئن ان جي ايڊيٽنگ ڪري ان ۾ مناسب اضافا ڪيا وڃن.

    عقيلي عبدالحفيظ قريشي: (ولادت 8 جولاءِ 1959ع)
    جيتوڻيڪ هي صاحب ڄائو ڪراچي آهي، ۽ پوءِ پليو حيدرآباد ۾ آهي، پر هن جي خاندان جو تعلق هالا پراڻا جو آخوند سانوڻي عقيلي قريشين سان آهي. هن جو ڏاڏو حافظ عبدالحق نيا آباد، ڪراچيءَ جي لياري واري علائقي جي خيراڻي مسجد ۾ درس ڏيندو هو ۽ 1914ع کان 1920ع تائين شهر جو قاضي رهيو. هن جو والد قاضي عبدالرحمان برٽش آرمي ڇڏڻ کانپوءِ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سيڪشن آفيسر ۽ بجيٽ آفيسر ٿي رهيو.
    تازو هن صاحب کي سنڌ يونيورسٽي پاران شاهه لطيف جي شاعري جو تاريخي ــ سماجياتي اڀياس جي عنوان تي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ڏني ويئي آهي. هن صاحب ڪافي سارا علمي مقالا، ڪهاڻيون ۽ سياسي مضمون تحرير ڪيا آهن. انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا ۾ سائنسي مضمونن واري سيڪشن جو ايڊيٽر ٿي رهيو آهي. ان کان اڳ سنڌي ادبي بورڊ ۾ نوڪري دوران ڪافي ڪتاب ايڊٽ به ڪيا آهن.
    هو ليکڪ سان گڏ هڪ سٺو آرٽسٽ به آهي. بحيثيت آرٽسٽ هن سنڌ جي ڪيترن ئي مشاهيرن جهڙوڪ، علامه آءِ. آءِ. قاضي، سائين جي. ايم. سيد وغيره جا پورٽريٽ ٺاهيا آهن، جن جا نماءَ به ٿيا آهن.
    ماضي ۾ هو سياسي فرنٽ تي وڌيڪ سرگرم رهيو آهي، جنهن جي ڪري هڪ پاسي سال کن جيل ۾ رهيو آهي، ته ٻي پاسي ڪوڙا کائي چڪو آهي. هن پنهنجي ڀيڻ فهميده قريشي سان گڏ سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. 90-1988ع جي نسلي فسادن جي متاثر سنڌين لاءِ حيدرآباد ۾ سحرش نگر آباد ڪرايو، جنهن لاءِ هي ٻئي ڀاءُ ڀيڻ اڃا تائين قانوني جاکوڙ ڪري رهيا آهن.
    سنڌي وڪي پيڊيا تي رکيل هن جي پروفائيل موجب هن 1988ع ۾ ٿيل لساني فسادن تي ’ڌرتيءَ ڌڪاڻا‘ ڊاڪيومينٽري فلم ٺاهي. ٽنڊي بهاول واري مشهور سانحي ۾ جڏهن قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي هڪ ميجر هٿان 10 بيگناهه هارين ۽ پورهيتن جو قتل ٿيو ته هن ۽ سندس ڀيڻ فهميده قريشي ڳوٺاڻن سان گڏجي آواز اُٿاريو ۽ ٽنڊي بهاول کان حيدرآباد ۽ حيدرآباد کان ايوان صدر- اسلام آباد تائين لاڳيتو جاکوڙ ڪئي ۽ حڪمرانن پاران انصاف جي رستي ۾ رڪاوٽون وجهڻ تي ٻن ڀينرن حاڪمزادي ۽ زيب النساءِ جي خودسوزيءَ کانپوءِ قاتل ميجر ارشد جميل منطقي انجام تي پهتو. اهڙي جاکوڙ جي ڪري رياست پاران قومي ساٿ جي سوين ڪارڪن هارين ۽ ٻين ڪارڪنن سوڌو، حفيظ قريشي، فهميده قريشي، مائي جندو ۽ ٻين تي 19 جڙتو ڪيس مڙهيا ويا، جيڪي 1996ع کان 2000ع تائين هلي پورا ٿيا.
    هن جي والده محترما هن جي علمي ۽ ادبي تربيت ۾ ڀرپور حصو ورتو آهي.

    منير احمد شيخ منيرهالائي: (ولادت 1961ع)
    ¬¬¬جناب منير احمد شيخ المعروف منير هالائي جو جنم پهرئين جنوري 1961ع تي هالا پراڻا ۾ ٿيو.
    پاڻ سال 1981ع ڌاري ’گل پبليڪشين‘ جو بنياد وجهي ”ساهه ڏينداسين سڏ تي“ نالي وارو ڪتاب شايع ڪيائين. ان کان اڳ هو ’صداءِ وطن پبلڪيشن‘ جي رسالي جا معاون ايڊيٽر به رهي چڪا هئا. ياد رهي شيخ صاحب ئي شروعات ۾ عرفان مهدي جي ڪتاب ڇپائي يا ايڊيٽنگ ۾ رهنمائي ڪئي هئي. اها ساڳي مهرباني هن محترم خالد صدر ۽ محترم فضل قادر ميمڻ سان پڻ ڪئي، جن به پنهنجا اشاعتي ادارا انهي ساڳئي عرصي ۾ قائم ڪري ڪتاب ڇپرايا هئا.
    انهي ڏهاڪي ۾ هن شاگردن جي رهنمائي حساب ۽ انگريزي سکڻ جا مختصر مدتي ورڪشاپ ڪرايا.
    پاڻ شاگردي واري زماني جي شروع ۾ شاعري به ڪندا رهيا ۽ بزم طالب الموليٰ هالا پراڻا شاخ جا باني سيڪريٽري ٿي رهيا.
    سندس ابتدائي تعليم هالا پراڻا ۾ ٿي. انٽر ڪرڻ کان پوءِ مهراڻ يونيورسٽي مان مڪينيڪل انجنيئرنگ ۾ بي اِي جي ڊگري ورتائون. ان بعد هن صاحب سنڌ يونيورسٽي مان ايم بي اي به ڪئي آهي.
    نوڪري جي سسلي ۾ پهريائين پاڻ مهراڻ يونيورسٽي ۾ ليڪچرر رهيا، پوءِ هڪ سرڪاري بئنڪ ۾ ڪم ڪيائون ۽ اڄ ڪلهه هو مهراڻ يونيورسٽي ۾ ڊائريڪٽر فنانس آهن.
    باوجود سرڪاري مصروفيتن هوندي به هو اڄ تائين ڪافي ادارن جهڙوڪ علامه اقبال يونيورسٽي، آءِ. بي. اي ڪراچي، سنڌ يونيورسٽي وغيره ۾ وزيٽنگ فئڪلٽي طور ڪم ڪري استادي پيش سان پنهنجو تعلق نڀائيندا اچن.

    عاشق حسين عاشق هالائي: (ولادت 29 جولاءِ 1961ع)
    مون کي پوري طرح ياد نه آهي ته محترم عاشق هالائيءَ سان منهنجي پهرئين ملاقات ڪڏهن ٿي. پر اندازو اٿم ته 1981ع ڌاري ساڻس ويجهڙ ٿي. ان وقت ميان محمد اشرف ڀٽي ۽ ميان رحمت الله ڀٽي اسان جي ڳوٺ توڙي پوري تر جا ناميارا حڪيم هئا. ڳوٺ جا اڪثر ماڻهو انهن کان علاج ڪرائيندا هئا. اسان جو ته حڪيم مخدوم محمد اشرف ڀٽي سان پراڻو خانداني تعلق هو، سو سندس ڪلينڪ تي پيو وڃبو هو. انهيءَ ڪلينڪ تي عاشق، سوز هالائي، ميوو خان واڍو ۽ سائين گل محمد ڪوٽار روزانو رات جو منڊلي مچائيندا هئا. ويڪ اينڊ تي ڊاڪٽر غلام علي ارباب به ان محفل ۾ شرڪت ڪندو هو. اتي ويٺي عاشق صاحب پنهنجي خوبصورت لکائي سان سوز صاحب جي شاعري کي فيئر ڪندو هو. ميوو خان واڍو عاشق ۽ سوز صاحب جي شاعري کي ڳائي ٻڌائيندو هو. ادب سان ناتو جڙڻ کان پوءِ روزانه کڻي نه، پر هفتي ۾ ٻه ٽي ڏينهن آئون به ان منڊلي ۾ شريڪ ٿيندو هوس.جڏهن عاشق صاحب انجنيئرنگ ۾ سليڪٽ ٿيو ته ان منڊلي جا ڪجهه ميمبر بدلجي ويا.
    يونيورسٽي واري دؤر ۾ هن ريڊيو پاڪستان جي يونيورسٽي مئگزين ڀرپور حصو ورتو. عاشق صاحب انجنيئرنگ جي پڙهائي ڪري ۽ پوءِ نوڪري جي مصروفيتن جي ڪري شاعري تي توجه گھٽائي ڇڏيو. پر سندس اندر ۾ شاعر زندهه رهيو ۽ ورهين کان پوءِ وري اهو نروار ٿيو ۽ عاشق جي اظهار جي صورت ۾ اسان جي آڏو آيو آهي.

    مخدوم آفتاب احمد ڀٽي: (ولادت 23 فيبروري 1963ع)
    مخدوم محمد صالح ڀٽي صاحب جو پوٽو ۽ حڪيم مخدوم محمد اشرف جو پٽ هي صاحب ستين درجي (1977ع) کان ميٽرڪ تائين منهنجو ڪلاس فيلو رهيو. سائين علي محمد ميمڻ جيڪا ٻارڙن جي ٻاري ٺاهي، تنهنجو هي عهديدار ٿيو. ان کان اڳ عزيز مگسي جي تنظيم ٻالڪ ادبي سنگت ۾ به عهديدار رهيو. نائين درجي ۾ اسان جي ڪلاس فيلو خالد صدر روشن تارا ڪتابي سلسلو شروع ڪيو ته مخدوم آفتاب هن جو مکيه ساٿي بنيو. ميٽرڪ کان پوءِ ترت هو وڃي نوڪري ۾ لڳو، پر وري به ادبي ۽ سياسي ميدان تي سرگرم رهيو.
    هو سالن تائين عرفان مهدي جو مکيه ساٿي ٿي رهيو. ٽوڙي ڦاٽڪ توڙي ٻين مامرن ۾ قيد قومپرست اڳواڻن سان جيلن ۾ مستقل ملاقاتي رهيو ۽ انهن جا پيغام توڙي بيان وغيره اخبارن ۾ پهچائڻ هن جي ذمي رهيو. هن ٽوڙي ڦاٽڪ واري ڪيس جي حوالي سان هڪ پورو فائيل به ٺاهيو هو.
    گل محمد جکراڻي توڙي بشير قريشي جو هن سان خاص سنٻنڌ رهيو. جيسيتائين عرفان مهدي حيات رهيو ۽ سياسي ميدان تي سرگرم هو، مخدوم آفتاب سندس ڪارائتو ساٿي رهيو.
    هالا پراڻا جي علمي، ادبي توڙي سماجي پروگرامن ۾ به هن جو ڀرپور ساٿ هوندو آهي.
    ذاتي طرح هن مون سان ڪيترائي ڀال ڀلايا آهن. حيدرآباد مان ڪو ڪتاب يا رسالو يا ڪا دوا درمل گهرائڻي هوندي آهي، ته مخدوم صاحب اسان سان وڙ ڪندو رهندو آهي. الله پاڪ کيس وڏي ڄمار ۽ صحت سلامتي عطا ڪري.

    عرفان مهدي: (1991ع - 1966ع)
    اسانوٽ عام طور عرفان مهدي جي سڃاڻپ صرف قومپرست سياستڪار ۽ بي بها مقرر طور آهي. پر آئون سمجھان ٿو ته هو رڳو سياستدان نه هو. ان کان به وڌيڪ هو هڪ ليکڪ ۽ جاکوڙي پبلشر به هو. مون کي ساڻس ڪافي وقت گڏ گذارڻ جو فخر حاصل آهي.
    31 جولاءِ 1966ع تي پيدا ٿيل عرفان مهدي 4 آگسٽ 1991ع تي اسان کان ڀرپور جواني ۾ وڇڙي ويو. پنهنجي مختصر زندگي ۾ هن هڪ پاسي سياسي ميدان ۾ سوين في البديهه عاليشان تقريرون هوائن حوالي ڪيون آهن ته ٻئي پاسي ادبي ميدان ۾ هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ ڪافي نظم ۽ غزل، ڪهاڻيون ۽ امرتا پريتم جي هڪ ناول جو بطور هڪ اداس ڇوڪري ترجمو اسان جي لاءِ ڇڏي ويو آهي. ۽ بحيثيت هڪ پبلشر جي، آمر ضيا جي ڪاري دؤر ۾، چوڏهن پندرهن ورهين جي عمر ۾ وک وڌايو پبليڪيشن قائم ڪري، ڪتابي سلسلو جاري ڪيائين ۽ ڇهه کن ڪتاب ڇپايائين. اهي ڪتاب پاڻ کڻي مختلف شهرن جهڙوڪ هالا، ٽنڊو، سانگهڙ، سڪرنڊ، نواب شاهه، ڄام شورو، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان جي اسڪولن ۾ کپايائين.
    مون کي ته يقيناً ادبي دنيا ۾ متعارف ڪرايائين، پر ٻي منهنجي ذاتي راءِ اها آهي ته اها عرفان جي صحبت هئي جو منهنجي ڳوٺ جو ڀلوڙ شاعر سوز هالائي محدود طرحي ۽ روايتي ادبي نظام کان ڌار ٿي وسيع ۽ جديد ادبي ميدان تي پاڻ کي پيش ڪيو ۽ جديد ادبي روايتن سان نئين سر ڳانڍاپو قائم ڪيو.
    اڄ عرفان کي اسان کان طبعي طور جدا ٿئي ڪافي عرصو گذريو آهي. پر ادبي توڙي سياسي ميراث جي صورت ۾ سندس موجودگي اسان جي لاءِ سرهائيءَ جو سبب رهندي اچي. کيس ۽ اهڙن ٻين عالمن ۽ اديبن کي ياد ڪرڻ جو بهترين طريقو اهو آهي، ته هنن جن آدرشن ۽ مقصدن لاءِ پاڻ پتوڙيو، تن کي اڳتي وڌائجي ته جيئن ڪوڙ ۽ ڪدورت، بک ۽ بدحالي کان آجو ۽ امن ۽ آشتي وارو سماج اڏجي پوي.
    عرفان پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول هالا پراڻا مان ورتي. سيڪنڊري تعليم لاءِ هو ان وقت جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۽ هاڻوڪي شهيد اسلم ميمڻ هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو. انٽرميڊيٽ پري انجنيئرنگ ۾ سروري اسلاميه گورنمينٽ ڪاليج مان ڪيائين. دائود انجيئرنگ ڪاليج ۾ سندن داخلا ٿي هئي پر سياسي سرگرمين توڙي جلدي شادي ڪري اها ڊگري حاصل نه ڪري سگهيا.
    سندن شادي ڊاڪٽر رومانه هاليپوٽه سان ٿي. کيس ٻه پٽ ۽ هڪ نياڻي ٿي.

    فهميده قريشي:
    هالا پراڻا جي عقيلي قريشي خاندان سان تعلق رکندڙ هي ادي حيدرآباد ۾ ڄائي آهي ۽ اتي ئي پڙهي آهي. هي محترمه پنهنجي ڀاءُ عقيلي حفيظ قريشي سان گڏجي نوي واري ڏهاڪي ۾ سياسي ۽ سماجي ميدان تي ڪافي سرگرم رهي آهي. لساني فسادن جي متاثرين جي آبادڪاري کان وٺي ٽنڊوبهاول جي بي سهارا عورتن جي انصاف حاصل ڪرڻ واري تحريڪ ۾ هن جي ڪردار نامور رهيو آهي.

    ڪوثر هالائي: (ولادت 1971ع)
    ڪوثر حسين ڀنڀرو المعروف ”ڪوثر هالائي“ هالا پراڻا ۾ 11 اپريل 1971ع تي نامور شاعر ۽ نثر نويس سوز هالائي صاحب جي گهر ۾ ڄائو.
    ڪوثر صاحب جي ابتدائي ۽ ثانوي تعليم هالا پراڻا ۾ ٿي. سنڌ يونيورسٽي مان بي اي ڪئي اٿس ۽ هن وقت لوڪل گورنمينٽ کاتي ۾ ملازم آهي.
    ڪوثر پنهنجي والد صاحب جي پيروي ڪندي شاعر ضرور ٿيو آهي، پر شاعري ۾ هن جو لهجو پنهنجو آهي. ۽ هن جيتوڻيڪ سڀني صنفن تي لکيو آهي، پر هن جو وڌيڪ رجحان وائي طرف آهي. پاڻ سٺو نثر نگار به آهي. سندس ڪافي مضمون مختلف رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا.
    ڪجهه عرصو اڳ ٻڌايو هئائين ته هو پنهنجو شعري مجموعو مرتب ڪري رهيو آهي.

    مولوي حاجي احمد سنائي: (ولادت 1974ع)
    محترم حاجي احمد سنائي هالا پراڻا ۾ 2 ماچ 1974ع تي پيدا ٿيو. هو مئٽرڪ تائين هالا پراڻا ۾ پڙهيو آهي. ان کانپوءِ دارالعلوم حسينيه شهدادپور ۽ دارالعلوم فاروقيه ڪراچي ۾ پڙهيو، جتان شهادت عالميه جي ڊگري ورتي اٿائين.
    هن وقت هو دارالعلوم اسلاميه هالا ۾ استاد طور فرائض سرانجام ڏيئي رهيو آهي.
    پاڻ ڪتب بيني ۽ لکپڙهه سان وڌيڪ شوق رکن ٿا. هن وقت تائين سندن چار تصنيفات ”امان فاطمه“ ۽ ”مٺي محمد ﷺجا ماڻڪ موتي“، ”مقام صحابيه“۽ ”شهيد ڪربلا“ شايع ٿي چڪيون آهن ۽ ٻه ٻيون تصنيفات ڇپائي هيٺ آهن.
    ڪجهه عرصو اڳ هنن ڊاڪٽر حميدالله جي سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪيل تقريرن کي ڪئسٽن تان اتاري، قاضي شوڪت کي ڏنيون، جيڪي هن صاحب پنهنجي اداري پاران شايع ڪيون آهن.
    هي صاحب ننڍپڻ کان تبليغ جماعت سان لاڳاپيل آهي ۽ تبليغي سرگرمين ۾ هر وقت مگن رهي ٿو. ان سلسلي ۾ مختلف عرصن وارا ويندي هڪ سال وارا چلا لڳائي چڪو آهي.

    جاويد سوز هالائي: (ولادت 1978ع)
    جاويد حسين ڀنڀرو صاحب به محترم سوز هالائي جن جو فرزند آهي. جاويد صاحب هالا پراڻا ۾ 1 مارچ 1978ع تي پيدا ٿيو. هن پڻ والد صاحب جي پيروي ڪندي علم ۽ ادب جي ميدان ۾ پير پاتو آهي. هيءُ نه رڳو شاعر آهي، پر ساڳئي وقت نثر نويس به آهي.
    سندس ڪاليج تائين تعليم جو سلسلو هالا ۾ رهيو ان بعد هن سنڌ يونيورسٽي مان سوشيولاجي ۾ ماسٽرس ڪئي آهي.
    اڄ ڪلهه هو سنڌ ڪميونٽي ڊولپمينٽ سوسائٽي نالي واري ڪنهن غير سرڪاري تنظيم جي سربراهه طور ڪم ڪري رهيو آهي. ان کان اڳ هو ڪافي ٻين اين جي اوز توڙي اخبارن ۾ ڪم ڪري چڪو آهي. هن وقت هو اين جي او سيڪٽر جو اهم ترين نالو آهي. فيسبوڪ ۽ اخبارون سندس سرگرمين سان ڀريل هوندا آهن. هن وقت سندس رهائش قاسم آباد حيدرآباد ۾ آهي.
    هيل تائين سندس ٽي شاعري جا ڪتاب شايع ٿيا آهن. جن مان سندس پهريون اردو ۾ نوحن جو مجموعو هو، ان کانپوءِ هن سال برف سي لڙڪي جي نالي سان سندس اردو شاعري جو ڪتاب ڪويتا پبليڪيشن وارن شايع ڪيو آهي. سندس سنڌي شاعري جو مجموعو جاڳ ازل جي سمبارا پبليڪيشن وارن ڇپايو آهي. هن سنڌي ۾ به مرثيه، نوحا ۽ سلام لکيا آهن، جيڪي سندس ڀائر هالا پراڻا جي عزاداري مجلس ۾ پڙهيا ويندا ويندا آهن.
    ان کان علاوه سنڌ جي سماجي اقتصادي صورتحال تي ڪافي مضمون لکي چڪو آهي.

    مولوي ظهور احمد ميمڻ:
    هي صاحب ڄائو هالا پراڻا ۾ آهي، پر ننڍپڻ ۾ هالا نوان ۾ لڏي ويو آهي. سندس ابتدائي تعليم هالا پراڻا ۾ ٿي آهي. جيتوڻيڪ هن جي ناموري آتش فشان مقرر طور آهي، پر هن جا ڪجهه ڪتابچا به شايع ٿيا آهن. شروع ۾ هو دارالعلوم اسلاميه ۾ پڙهائيندو هو. پر هاڻي دارالفيوض جي نالي سان علحده مدرسو قائم ڪيو آهي، جنهن جي هڪ شاخ هالا پراڻا ۾ پڻ ڪم ڪري ٿي.
    هن صاحب جو ننڍو ڀاءُ مولوي عبدالله صاحب به فارغ التحصيل مولوي آهي پر سندس وقت تبليغ ۾ گذري ٿو. هن صاحب جي بزرگ طور ناموري آهي. آئون سمجهان ٿو ته هن دعائن جا ڪتابچو ترتيب ڏنو آهي.


    باب پنجون: هالا پراڻا جون متفرق نامور شخصتيون

    هالا پراڻا جون متفرق نامور شخصتيون استاد ۽ تعليم کاتي جا عملدار


    * استاد ۽ تعليم کاتي جا عملدار

    حاجي علي اڪبر ميمڻ:
    هيءُ صاحب پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ تعليمي کاتي ۾ اعليٰ عملدار هو. مخدوم حڪيم نور محمد ڀٽي جي ڪاڳرن ۾ خطن جي صورت ۾ هن جو ايران عراق ۽ سعودي عرب جو سفرنامو موجود آهي. اهي خط هن پاران جان محمد جمالي کي لکيل آهن. پهريون خط 14 سيپٽمبر 1954ع تي لکيل آهي ۽ هن جو عهدو ڊيپوٽي ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر لکيل آهي. آخري خط نمبر 8 جده مان 30 سيپٽمبر 1954ع تي لکيل آهي. هن جو هڪ شعر ناله فراق جي عنوان پنهنجي ڀاءُ ڊاڪٽر حاجي محمدعلي ميمڻ جي ياد ۾ لکيل آهي، سو مخدوم صالح ڀٽي جي ڪتاب فاروق اعظم 1952ع ۾ ڏنو ويو آهي. هن جو ننڍو پٽ حاجي علي احمد، ايوب خان جي زماني ۾ هالا پراڻا جي يونين ڪائونسل جو چيئرمين ٿيو. هن جي نياڻي سليم احمد جي ڊي ميمڻ جي گهر ۾ هئي. ان کان علاوه سندس ٻيو پٽ ڊاڪٽر بشيراحمد هو، جيڪو ڊاڪٽر جان محمد ميمڻ جو سهرو هو. ڪافي عرصي کان هن جو خاندان حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.

    سائين محمد يوسف قريشي:
    هي صاحب نه صرف ٻاجهارو استاد رهيو آهي، پر انتهائي سٺو منتظم رهيو آهي. جنهن جنهن اسڪول ۾ هي رهيو، اتي جو داخلا يا امتحاني رڪارڊ ٺاهڻ هن جي حوالي رهيو. گھڻو ڪري ان اسڪول جو فرسٽ اسسٽنٽ هي رهيو. جڏهن هالا پراڻا وارو مڊل اسڪول اپگريڊ ٿي هاءِ اسڪول ٿيو ته هي صاحب هالا نوان مان بدلي ٿي آيو. جيسين سائين نوڪري ڪندو رهيو اسڪول جو انتظام، لکپڙهه وغيره سائين جي بلي هوندي هئي.
    سوز صاحب جي لکئي موجب روزانو رات جو سندس اوطاق تي ڪچهري مچندي هئي، جتي هر ڳالهه تفصيلي نموني پيش ٿيندي هئي. سائين جو ننڍو ڀاءُ مولوي خليل احمد قريشي به پرائمري استاد هو. پر ان سان گڏ هو مسجد ڀٽي بزرگان جو پيش امام ٿي رهيو. سائين جو هڪ ڏوهٽو مولوي شارق اسلاميات جو ليڪچرار آهي ۽ ٻيون سلمان قريشي صاحب جيڪو بي ايس ڪميپوٽر سائنس آهي، سو اسڪول ٽيچر آهي.

    غلام رسول شيخ:
    محترم مرحوم غلام رسول شيخ صاحب به ڪافي سالن تائين تعليم کاتي ۾ بيٽ آفيسر ٿي رهيو. سوز صاحب لکيو آهي ته سنڌي ادبي سنگت جڏهن هتي 1956ع ۾ قائم ٿي هئي ته ان جو هي جوائنٽ سيڪريٽري هو. ان زماني ۾ ان سنگت ڪافي سارا پروگرام ڪرايا هئا. يقينن انهن ۾ هن جو به ڀرپور حصو هو. سندس هڪ ڀاءُ غلام نبي شيخ ايگريڪلچر بئنڪ ۾ آفيسر هو ته ٻيو ڀاءُ غلام الله شيخ يوبي ايل بئنڪ ۾ آفيسر ٿي رهيو. محترم غلام الله شيخ جي هڪ فرزند اسدالله ملائيشيا مان انجنيئرنگ ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي.

    سائين نور حسين ميمڻ:
    هي به هالا پراڻا جو هڪ بهترين استاد هو هو. گهڻو ڪري ڇهين جماعت جو ڪلاس ٽيچر ٿيندو هو. ڪافي عرصو اڳ هو گذاري ويو.

    قاضي مريد علي قريشي:
    مرحوم قاضي مريد علي قريشي صاحب سالن تائين گورنمينٽ پرائمري اسڪول جو هيڊ ماسٽر ٿي رهيو. هو نامور استاد به رهيو. ماضي ۾ هو قاضي معصوم هالائي سان گڏ ادبي ميدان تي به سرگرم رهيو. سندس وڏو پٽ قاضي اشتياق صاحب ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۾ آفيسر آهي. ٻيو نمبر پٽ قاضي اياز حسين قريشي ورڪرس ويلفيئر بورڊ جي ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر ۾ انسٽرڪٽر آهي. اياز صاحب جو مذهبي ۽ ادبي مطالعو بيحد وسيع آهي، ۽ هي سماجي ڀلائي جي ڪمن ۾ حصو وٺندو رهي ٿو.

    سائين عبدالخالق ميمڻ:
    سائين عبدالخالق ميمڻ به هاءِ اسڪول ۾ استاد هو، پر طبعتين سخت گير هو. سندس وڏو ڀاءُ عبدالقادر سنڌ سيڪريٽريٽ مان سيڪشن آفيسر طور ريٽائر ٿيو، ۽ آخري وقت ۾ اچي هالا پراڻا رهيو. هن جو ٽيون ڀاءُ عبدالمالڪ به لوڪل گورنمينٽ ۾ اڪائونٽنٽ هو. جيتوڻيڪ هو ٿورو معذور هوندو هو، پر سدائين ٽپ ٽاپ رهندو هو ۽ طبيعتن به ڀوڳائي هو. سدائين پيو کلندو ۽ کلائيندو هو. سائين جو وڏو پٽ سائين نجم الدين ميمڻ اصل ۾ ائگريڪلچر ۾ گريجوئيٽ هو پر استادي پيشي سان لاڳاپيل هو. طبعيت جي لحاظ کان پنهنجي والد جي بلڪل ابتڙ بي حد نرم مزاج هو. چند سال اڳ هو گذاري ويو. هن جو ٻيو پٽ قمرالدين ميمڻ تازو هاءِ اسڪول ٽيچر طور ريٽائر ٿيو آهي، ۽ سائين جو ٽيون پٽ نورالدين وٽنري ڊاڪٽر آهي.

    عبدالله قريشي:
    ملان سانوڻي پاڙي جو سائين عبدالله قريشي صاحب آخري وقت ۾ ڀٽ شاهه جي هائر سيڪنڊري اسڪول جو پرنسپل هو. سائين جي ٻي مکيه سڃاڻپ ناموري شڪاري طور به آهي. انهي مشغولي جي باعث هن وقت به سندس صحت قابل رشڪ آهي.

    محمد اسماعيل ميمڻ ضيغم هالائي:
    ڀوڳڙي ميمڻ خاندان سان تعلق رکندڙ هي شخص نامور تعليمدان ٿي رهيو آهي. سائين شاعري ۾ ضيغم هالائي جو تخلص استعمال ڪندو آهي.

    عبدالقادر قريشي: (ولادت 6 جنوري 1930ع)
    سائين عبدالقادر قريشي جيڪو اسان جو نائين ۽ ڏهين درجي ۾ ڪلاس ٽيچر ٿي رهيو. هن اسان تي سختي نه ڪئي، تنهن ڪري اسان مان ڪجهه شاگرد ان آزادي جي ڪري ڇڙواڳ ٿي پيا ۽ تعليم تي توجه نه ڏئي سگهيا. هو هاءِ اسڪول جو هيڊ ماسٽر ٿي ريٽائر ٿيو. ڊسمبر 2017ع ۾ سائين وفات ڪئي.

    سائين طلعت قريشي: (ولادت 8 ڊسمبر 1942ع)
    آخوند سانوڻي پاڙي جو سائين طلعت قريشي به نامور تعليمي ماهر رهيو آهي. ان سان گڏ هن صاحب جو هالا پراڻا ۾ تبليغي جماعت جي اثر رسوخ وڌائڻ ۾ اهم ڪردار رهيو آهي. سائين جو والد به هڪ علمي ادبي شخصيت هو ۽ وٽس سنڌي انگريزي ۽ فارسي جي ڪتابن جي لائبرري به هئي. سائين شروعاتي تبليغ جماعت جي جنون ۾ ڪافي فارسي قلمي ڪتاب ۽ ڪجهه سنڌي ڪتاب دريا جي حوالي ڪري ڇڏيا. جيتوڻيڪ اڳتي هلي سندس ٻه فرزند عالم ٿيا ۽ فارسي به پڙهيا. پر هاڻي سائين تاريخي ڪتابن جو مطالعو ڪندو رهي ٿو. سائين طلعت جو ڀائيٽو امان الله قريشي اريگيشن کاتي ۾ سپرنٽنڊنگ انجنيئر آهي. ٻيو ڀائيٽو ايجوڪيشن ورڪس ۾ انجنيئر آهي ۽ ٽيون ڀائيٽو سعودي عرب ۾ ڊاڪٽر آهي. چوٿون ڀائيٽو انجينئر نورالله آن فارم واٽر مئنيجمينٽ ۾ انجنيئر آهي.

    سيد سڪندر علي شاهه ۽ سندس ڀائر:
    سيد سڪندر علي شاهه صاحب ڊسٽرڪٽ ايجوڪيش آفيسر طور ريٽائر ٿيو. سندس هڪ ڀاءُ مرحوم احمد شاهه حبيب بينڪ ۾ آفيسر هو. سندس ٽيون ڀاءُ انجنيئر اميد علي شاهه انڊسٽريل ڊولپمينٽ بينڪ ۾ مئنيجر هوندي اڳواٽ رٽائرمينٽ ورتي آهي. سندس چوٿون ڀاءُ سيد نظر محمد شاهه هن وقت سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سيڪشن آفيسر آهي. سائين سڪندر جا ٽئي وڏا پٽ به تعليم کاتي ۾ آهن. سندس هڪ ڀاءُ پيرل شاهه پرائمري ٽيچر آهي.

    نصير احمد ميمڻ ۽ ربڏنو ميمڻ:
    محترم نصير احمد ميمڻ تعليم کاتي ۾ هيڊ ماسٽر ۽ ايس ڊي او ايجوڪيشن ٿي رهيو. سندس ڀاءُ ربڏنو ميمڻ مهراڻ يونيورسٽي مان ڊپٽي ڪنٽرولر يا ڊپٽي رجسٽرار طور رٽائر ٿيو آهي. سائين نصير جو پٽ بصير احمد ائگريڪلچر کاتي ۾ اسسٽنٽ انجيئر آهي. سندس هڪ نياڻي ڊاڪٽر آهي.

    منظور حسين ميمڻ:
    سائين منظور حسين ميمڻ نامورتعليمي ماهر هو. هو آخري سالن ۾ شهيد محمد اسلم ميمڻ گورنمينٽ هاءِ اسڪول هالا پراڻا جو هيڊ ماستر هو. هو ڏاڍو سٺو منتظم هو. هن جو ننڍو ڀاءُ سائين عبدالحسين ميمڻ سينئر پرائمري ٽيچر آهي.

    پروفيسر خدابخش ميمڻ:
    سائين خدابخش ميمڻ صاحب مئٿميٽڪس جو پروفيسر ٿي ريٽائر ٿيو آهي. هن جو هڪ پٽ وسيم احمد تعليم کاتي ۾ ڪميپوٽر آپريٽر آهي ته ٻيو پٽ نسيم احمد اليڪشن ڪميشن آو پاڪستان ۾ اسسٽنٽ آهي.

    مخدوم عبدالرئوف ۽ مخدوم انعام الله ڀٽي:
    حڪيم مخدوم ميان رحمت الله ڀٽي جو پٽ ميان عبدالرئوف هيڊ ماستر طور ريٽائر ٿيو ۽ ٻيو پٽ انعام الله صاحب ٽيڪنيڪل ايجوڪيش کاتي مان پرنسپل طور ريٽائر ٿيو.

    علي اختر ميمڻ:
    هي صاحب هن وقت اڏيرو لال وليج جي گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ فزڪس جو سبجيڪٽ اسپيشلسٽ آهي. ان کان اڳ هو ڪافي وقت تائين شهيد محمد اسلم ميمڻ هاءِ اسڪول جو هيڊ ماسٽر رهيو آهي.

    ٻيا استادان گرامي:
    ويجهي ماضي ۾ جيڪي نامور استاد رهيا آهن، تن ۾ سائين لقمان قريشي، سائين نبي بخش عمراڻي، نور محمد نورل ميمڻ، سائين محمد قاسم ميمڻ، سائين نذير احمد ميمڻ رهيا آهن،
    ان کان علاوه هن وقت جا جيڪي نامور استاد آهن، تن مان ڪن جا نالا هي آهن: مولوي مسعود قريشي، مولوي سلمان قريسي، نديم سنائي، خادم حسين ڀٽو، علي بخش ميمڻ، وغيره آهن.

    عورت ٽيچرون:
    هالا پراڻا ۾ خواندگي وڌائڻ ۾ عورت ٽيچرن جو به اهم رول رهيو آهي. آئون هتي چند نامور فيميل ٽيچرن جا نالا لکان ٿو: آپا رضيه ڀٽي، آپا رضيه صديقه قاضي، آپا شاهده، آپا نرگس، آپا رضيه قريشي، آپا تسليم صدر، آپا فرزانه ارباب، آپا سنڌيا، آپا شينا ارباب (جنهن کي تازو هيڊمسٽريس جي نوڪري حاصل ٿي آهي.
    هلال احمر ايليمينٽري اسڪول ۾ پڙهائيندڙ عورت ٽيچرن جو به هالا پراڻا جي ڪوالٽي ايجيوڪيشن ۾ وڏو رول رهيو آهي.


    * ڪامورا ۽ ٻيا عملدار

    خانبهادر قاضي محمد لائق قريشي اول: (ولادت 8 جنوري 1843ع)
    هي صاحب ڊاڪٽر قاضي خادم جو پڙڏاڏو هو ۽ انگريزن جي وقت ۾ مختيارڪار ۽ آخري وقت ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو. هن جي وصال جي تاريخ معلوم نه آهي.

    قاضي محمد بچل قريشي:
    ڊاڪٽر قاضي خادم جي لکت موجب هي صاحب به قاضي عبدالقوي شريف جو پٽ هو ۽ انگريز دؤر ۾ مختيارڪار ٿيو.

    نورالدين قريشي:
    قاضي خادم صاحب جي لکئي موجب هي به ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو.

    قاضي عبدالواحد قريشي:
    هي صاحب انگريز جي دؤر ۾ مختيارڪار ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر هو. هن جي گهر ۾ خانبهادر عظيم خان دراني جي ڀيڻ هئي. تنهن ڪري هن ئي ان کي نپايو هو. هن جا تڙپوٽا عظيم خان، ڊاڪٽر افضل قريشي آهن. اسان جي ڳوٺ ۾ هن جي نالي جي نسبت سان جيڪي ٻين خاندانن ۾ عبدالواحد نالي وارا شخص هوندا هئا تن کي به قاضي ڪري سڏيو ويندو هو. اسان جي خاندان جي عبدالواحد، جيڪو انجنيئر فتح محمد، محمد انور ۽ احسن خان جو والد محترم آهي، کي به قاضي ڪوٺيو ويندو هو. ميمڻن ۾ هڪڙو عبدالواحد به قاضي طور مشهور هو.

    خانبهادر عظيم خان عنايت علي خان دراني: (1938ع – 1882ع)
    جيتوڻيڪ هي شخص هالا پراڻا ۾ ڄائو ڪونهي، پر هالا پراڻا جو هن جي نيپاج ۾ هڪ اهم رول رهيو آهي، تنهن ڪري هن کي اسان هالا پراڻا جو ڪري سمجهون ٿا. سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب جنب گذاريم جن سين ۾ هن جي حوالي سان لکي ٿو ته ”خانبهادر عظيم خان جو والد، عنايت علي خان دراني پٺاڻن مان هو. سندس ڏاڏي جو نالو به عظيم خان هو. ميان عنايت علي خان پوليس ۾ نوڪريءَ خاطر سنڌ ۾ سڪونت اختيار ڪئي هئي. چوڻ ۾ اچي ٿو ته جڏهن هو ماتليءَ ضلعي حيدرآباد، ۾ سب انسپيڪٽر پوليس هو. ان وقت هالن جو قاضي ميان عبدالواحد اتي مختيارڪار هو. ٻنهي جو پاڻ ۾ دوستيءَ جو رستو ٿي ويو. انهيءَ رستي ڪري هن پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ قاضي عبدالواحد کي ڏنو. (هن جي ٻي نياڻي قاضي اميد علي قريشي، جيڪو هاڻوڪي اميدعلي قريشي جو ڏاڏو ٿئي، جي گهر ۾ هئي) انهيءَ لحاظ ڪري پوءِ هن جي رهائش به هالن پراڻن ۾ ٿي. ميان عظيم خان 1882ع ۾ هوسڙيءَ منجھه ڄائو. هي ساڍن چئن ورهين جو هو ته سگهوئي 1886ع ۾ سندس پيءُ وفات ڪري ويو. هن جي ۽ هن جي ڀائرن ڀينرن جي پرورش پوءِ قاضي عبدالواحد جي هٿ هيٺ ٿي.
    ”ميان عظيم خان سنڌي پڙهي، انگريزي پڙهڻ ويٺو. مئٽرڪ تائين پڙهي، ريوينيو کاتي جي نوڪريءَ ۾ 1 آڪٽوبر 1900ع تي گھڙيو. پهرين نواب شاهه ضلعي ۾ شايد ڪلارڪ هو، پوءِ آهستي آهستي چڙهي 1914ع ۾ مختيار ڪار ٿيو. ان کان پوءِ کيس بمبئي ۾ 1917ع ۾ ڪوآپريٽو ٽريننگ لاءِ گھرايو ويو، جتي ٽريننگ ڏيڻ کان پوءِ 1918ع ۾ کيس ڪو آپريٽو سوسائٽين جو اسسٽنٽ رجسٽرار ڪري سنڌ ۾ رکيو ويو. 1921ع ۾ سٺي ڪم ڪار ڪري سرڪار طرفان کيس خانصاحبيءَ جو لقب مليو. 1923ع ۾ کيس خانبهادريءَ جو لقب مليو. انهيءَ کان پوءِ کيس سوسائٽين جو ڊيپوٽي رجسٽرار ڪيو ويو، جنهن عهدي تي هو 22 جنوري 1921ع کان 31 مئي 1930ع تائين رهيو. پوءِ 1934ع ۾ وري ريوينيو کاتي ۾ ميرپورخاص جو ڪليڪٽر ڪري کيس رکيو ويو. ان کان پوءِ هو مئنيجر انڪمبرڊ اسٽيٽس ٿي رهيو. ڪجھه وقت سرڪار طرفان بمبئي ڪائونسل تي نامزد ميمبر به ٿي رهيو. نيٺ 1937ع ۾ پينشن تي لٿو. پر سرڪار کيس وري ڳوٺ سڌار هلچل جي پروپيگنڊا لاءِ 1938ع ۾ عملدار ڪري مقرر ڪيو، جنهن ڪم جي سلسلي ۾ هي سڪرنڊ تعلقي ۾ شورا ڳوٺ (کنياريون) ۾ گشت ڪندي دل جي بيهڻ ڪري 19 ڊسمبر 1938ع تي وفات ڪري ويو.
    ”سنڌ جي اڪثر مصيبتن جا ڪارڻ پير، زميندار ۽ جاگيردار ۽ ڪاموري ڪلاس جا ماڻهو رهيا آهن. پيرن مان اڪثر بداخلاق، خود مطلب، غريبن جو رت چوسڻ واريون ڄرون ٿي ڪم ڪن ٿا. زميندار طبقو زياده تر بزدل، خود مطلب، ظالم ۽ هر حاڪم جو موچڙي ڪٽ غلام ٿي رهيو آهي. سنڌي ڪامورن جي ته ڳالهه ئي نه ڪجي. هو اڪثر رشوتي، طاقت جا سلامي، خود غرض، ملڪ ۽ عوام جا دشمن ۽ وڏا طوطي چشم پئي رهيا آهن. ايتري قدر جو سنڌي ۾ هيءَ عام چوڻي ٿي ويئي آهي ته ”ڪامورو نه دوست، اوجھري نه گوشت“. پر ان صحرا ۾ ڪيئي ناياب ۽ قدآور درخت پيدا ٿيا، جن نه صرف ملڪ ۽ ماڻهن لاءِ آسائش جو ڪم ڏنو، پر رشوت کان پري، محبتي، اديب، صاحب اخلاق ۽ مهذب ٿي گذريا آهن. اڳئين وقت جي ڪامورن ديوان ڏيارام، ديوان ڪوڙومل، قادر داد خان، سردار محمد ابرهيم، سردار محمد يعقوب، ميرزا قليچ بيگ صاحب وغيره کي ڇڏي، تازي دؤر جي عملدارن تي اچبو، ته خانبهادر عظيم خان جو درجو منجھن وڏو ليکجڻ ۾ ايندو. هو رشوت کان پري عوام جو خادم، ڪو آپريٽو تحريڪ جو مشنري، ملڪ جو خير خواهه، مدبر، دوستي جو سچو، ڪم آزار، مهل سر ڪم ايندڙ ۽ ملڪ جي اڪثر ڀلي جي ڪمن ۾ اندروني مدد ڪندڙ هو. موجوده دؤر جي اڪثر سياستدان سان هن جا دوستانا تعلقات هئا. ڪو ڪانگريسي هو يا مسلم ليگي، شهري هو يا ٻاهر وارو - هر هڪ جي واتان سندس تعريف ٻڌڻ ۾ ايندي هئي. جڏهن به ڪاموري ڪلاس جي ڪافر ماجراين تي نظر پوندي آهي ته دل تي ايڏو غصو ايندو آهي، جو ڀانئجي ته انهن ڏي منهن کڻي نه نهارجي، پر خانبهادر جھڙا ماڻهو جڏهن ياد اچن ٿا ته اهو غصو گهڻو گهٽجي ويندو آهي.“
    ”سنڌ جي جدائيءَ واري تحريڪ، مسلمان جي آدمشماريءَ کي پوري لکائڻ جي ڪوشش، مسلمانن جي انگريزي اخبار جاري ڪرڻ جي تجويز، ڳوٺ سڌار تحريڪ، سڀ ۾ خانبهادر جو مخفي هٿ ڪم ڪندو هو. سنڌ جي اڪثر ڪامورن ۽ زميندارن سان سٺا تعلقات هئڻ سبب، انهن جي ذريعي ماڻهن جا اڪيچار ڪم ڪرائيندو هو. مون لاءِ محبت ۽ عزت هوندي هيس ۽ مون کي به سندس لاءِ ساڳي محبت ۽ عزت هوندي هئي. هن جا سوين خط مون وٽ محفوظ آهن، جن مان پتو پئجي سگھندو ته هو ڪهڙيءَ طرح منهنجي همت افزائي ڪندڙ هو.“ (سيد، 2004ع، ص 703 کان 705)
    خانبهادر عظيم خان جو ڀاڻيجو منور حسين به پنهنجو وارو وڄائي راهه رباني ورتي. اهو ڊاڪٽر طاهر قريشي جو مامو ۽ سهرو هو.
    هالا پراڻا ۾ ورهاڱي کان اڳ هڪ وڏو پارڪ هن جي نالي سان هو. هاڻي اتي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۽ ٽائون ڪميٽي جي آفيس آهي. ٽائون ڪميٽي جي مين دروازي تي اڃان به ٻه پٿر لڳل آهن. دروازي مٿان جيڪو پٿر آهي ان تي لکيل آهي ”خانبهادر عظيم خان پارڪ 1941ع ۽ دروازي جي ساڄي ٿنبي تي لڳل سر تي لکيل آهي ڳوٺ سڌار کاتو 1942-43.
    انهيء پارڪ جي حوالي سان قاضي محمد عالم صاحب مون کي ٻڌايو ته ڏاڍو سٺو پارڪ هوندو هو، پر بي ڌياني سبب اجڙي ويو.
    هن صاحب جو تلوارون، تغما ۽ قرآن پاڪ جا نسخا سندس ٽڙڏوهٽي قاضي محمد عظيم قريشي وٽ رکيل آهن.

    خانصاحب قاضي محمد لائق قريشي دوئم:
    هي صاحب به انگريز حڪومت کان وٺي ايوب خان جي ابتدائي دؤر تائين ڊپٽي ڪليڪٽر هو. ايوب خان جي دؤر حڪومت ۾ نڪتل آفيسرن ۾ هڪ صاحب هي به هو. قاضي مشتاق قريشي، ڊاڪٽر قاضي خادم، منظور قريشي ۽ الطاف قريشي هن جا پٽ آهن.

    خليفو ابوبڪر ڀٽي: (1977ع - 1905ع)
    هي صاحب مخدوم آفتاب احمد ڀٽي جو نانو آهي. پوليس کاتي مان ڊي ايس پي ٿي ريٽائر ٿيو. پاڻ جواني ۾ ئي هتان لڏي وڃي حيدرآباد ويٺو. سندس ننڍو ڀاءُ غلام محمد (1908-1991ع) وري روينو کاتي ۾ ملازم ٿيو. هن صاحب هڪ هندو عامل خاندان جي عورت سان شادي ڪئي، جنهن جي ڪري ٿورو گهڻو گوڙ به ٿيو. ڊاڪٽر اختر خالد، ڊاڪٽر ظفر ڪمال ۽ ائڊووڪيٽ ۽ سياسي اڳواڻ مظفر صادق ڀٽي انهي صاحب جا نامور پٽ آهن.
    مخدوم آفتاب ٻڌائي ٿو ته سندس ناني شاهه صاحب جي حوالي سان ڪو ڪتاب تحرير ڪيو هو، جيڪو ڪو ٻيو تڳائي ويو ۽ پنهنجي نالي سان شايع ٿي ڪرڻ گهريو، بهرحال محترم مظفرصادق ڀٽي قانوني ۽ ٻيو اثر رسوخ هلائي اهو ڪتاب حاصل ڪيو، ۽ اهو هن وقت انهي صاحب وٽ قلمي صورت ۾ رکيل آهي. ان کان علاوه هن جي ٻي ڪنهن تصنيف جي خبر نه آهي. ان سلسلي ۾ مون سائين مظفر صادق ڀٽي، جيڪو هن صاحب جو ڀائيٽو ۽ نياڻو آهي، کان پڇيو ته هن ٻڌايو ته اهو ڪتاب اصل ۾ شاهه صاحب جي لغت آهي، جيڪا سندن چاچي ورهين جي عرق ريزي ۽ مشقت بعد تيار ڪئي هئي.
    هالا پراڻا وارو مشهور خليفن وارو باغ هن صاحب جي ملڪيت هو، جيڪو هن پنهنجي نياڻيءَ يعني مخدوم آفتاب جي والده کي ڏنو.

    غلام الله دين محمد ميمڻ: (2011ع - 1915ع)
    هي صاحب پنهنجي تر توڙي سڄي پاڪستان ۾ جي ڊي ميمڻ طور سڃاتو وڃي ٿو. جي ڊي صاحب پاڪستان جو نامور ڪامورو هو. هي صاحب وفاقي سيڪريٽري ٿي ريٽائر ٿيو. ان بعد هو فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر به رهيو. ان کان علاوه نيشنل فنانس ڪميشن ۾ سنڌ جو نمائندو ٿي رهيو ۽ بقول نامور صحافي جي اين مغل جي ته سنڌ جو ڪيس شاندار طريقي سان وڙهندو رهيو.
    هن جي ولادت 1915ع ۾ هالا پراڻا ۾ ٿي. ابتدائي تعليم هالا ۾ ورتائين. ان بعد هو بمبئي يونيورسٽي توڙي رويل انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ ائڊمنسٽريشن، لنڊن ۾ پڙهيا.
    نامور ڪاموري ۽ ليکڪ ڪنورادريس روزانه ڊان اخبار ۾ 9 ڊسمبر 2011ع ۾ جي ڊي صاحب جي مرتئي جي حوالي سان لکيو آهي ته 1960ع ڌاري جڏهن ويسٽ پاڪستان سيڪريٽريٽ ۾ هو بجيٽ آفيسر مقرر ٿيو ته اتي جي ڊي صاحب ڊپٽي سيڪريٽري هو. هن لکيو آهي ته هن کي خبر نه پوندي هئي ته جي ڊي صاحب ڪيئن ٿي آفيس پهتو، ڇو ته سندس چواڻي جڏهن هو آفيس ايندو هو يا ڇڏيندو هو ته جي ڊي صاحب آفيس ۾ هوندو هو. هن وڌيڪ لکيو آهي ته ان زماني جي سوين پگهار وارن اسڪيلن کي منظم ڪرڻ توڙي چئن صوبن ۽ رياستن جي خرچ ۽ آمدني جو حساب ڪتاب رکڻ واري عمل ۾ جي ڊي صاحب جي اقتصادي مهارت عيان هئي.
    پنهنجي ايامڪاري ۾ هن هالا پراڻا جي لاءِ ڪافي اسڪيمون منظور ڪرايون، جن مان مکيه هالا پراڻا کان هالا نوان تائين پڪو روڊ هو، جيڪو سپرهاءِ وي جهڙو لڳندو هو. پر چند سال اڳ ڳوٺ جي هڪ ڪاموري جي نااهلي ۽ اسان رهواسين جي لاتعلقي ڪري اصلي صورت وڃائي ويٺو. ڳوٺ لاءِ بجلي منظور ڪرائڻ توڙي پرائمري اسڪول لاءِ عمارتون منظور ڪرائڻ هن صاحب جو اهم ڪردار رهيو آهي.
    صحافي حفيظ تنيو ڊيلي ٽريبيون ايڪسپريس ۾ لکيو آهي ته هن جي سخت دليلبازي جي ڪري 10 ملين ايڪڙ فيٽ پاڻي کي ڪوٽري کان هيٺ ڇوڙ لاءِ مڃيو ويو.
    جي. ڊي. صاحب جا چار ڀائر ٻيا به هئا. جن مان هڪ سائين غلام دستگير هو، جيڪو رٽائر ٽيچر هو. ٻيو خانصاحب غلام نبي هو، جيڪو ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي ريٽائر ٿيو، ۽ ڄام صادق جي دؤر ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر ۽ چيئرمين به ٿيو. ٽيون غلام قادر صاحب هو، جيڪو فاريسٽ ڊپارٽمينٽ ۾ آفيسر هو ۽ چوٿون رئيس غلام مهدي هو، جيڪو اسانجي پياري دوست عرفان مهدي جو والد محترم هو.
    هن صاحب ٽي شاديون ڪيون، جن مان 11 ٻارن جو اولاد ٿيو. سندس وڏو پٽ سليم احمد ميمڻ به سنڌ جو وڏو بيوروڪريٽ ٿيو، ٻيو نمبر پٽ نسيم احمد ميمڻ صاحب ڊائريڪٽر ليبر طور ريٽارئر ٿيو. سندس ٽيون پٽ محمد اسلم ميمڻ ڌاڙيلن جي هٿان شهيد ٿيو. تڏهن هو ائڊيشنل سيشن جج هو. سندس چوٿون پٽ محمد ارشد ورڪس ۽ سروسز کاتي مان چيف انجنيئر طور ريٽائر ٿيو آهي. سندس هڪ پٽ بلاول ڊيلي ٽريبون ايڪسپريس ۾ اسپورٽس شعبي ۾ صحافي آهي. سندس هڪ ڌيءُڊاڪٽر سيمين جمالي جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ جي سربراه آهي.
    حڪومت پاڪستان سندس خدمتن جي صلي ۾ کيس تغمه پاڪستان سان نوازيو. سندس وصال 96 سالن جي عمر ۾ 2 ڊسمبر 2011ع تي ڪراچي ۾ ٿيو. کين هالا پراڻا جي مشهور قبرستان کڏي کٿوري ۾ دفن ڪيو ويو.

    خليفو عاشق علي ڀٽي:
    هي خليفي ابوبڪر ڀٽي جو پٽ هو ۽ والد وانگيان پوليس کاتي ۾ رهيو، جتان هن صاحب بطور ڊي ايس پي ريٽائرمينٽ ورتي. هن جو اولاد ڪوٽڙي ۾ رهي ٿو.

    رحمت الله قريشي: (ولادت 1 جنوري 1931ع)
    آخوند ملان سانوڻي عقيلي قريشي پاڙي جو محترم رحمت الله قريشي صاحب رٽائرڊ ڊپٽي ڪمشنر آهي. سندس آخري پوسٽنگ مئنيجنگ ڊائريڪٽر سنڌ سيڊ ڪارپوريشن هئي. سندس ڀاءُ مرحوم عبيدالله قريشي، ڊائريڪٽر فوڊ هو. هن جو وڏو پٽ ڊاڪٽر نعيم آفتاب پروفيسر آف سرجري طور ريٽائر ٿيو آهي، ۽ نامور پوليس آفيسر نجف علي مرزا هن جو نياڻو آهي. هن جو ڀاءُ غلام حسين به ڊپٽي ڊائريڪٽر فوڊ طور ريٽائر ٿيو. سندس ٻيو ڀاءُ رئيس گل محمد پنهنجي پاڙي جو اڳواڻ هو، سو ڪائونسلر ۽ هالا پراڻا يونين ڪائونسل جو وائيس چيئرمين به رهيو آهي. هن صاحب جو ڀائيٽو فرخ قريشي صاحب جيڪو هالا جو اسسٽنٽ ڪمشنر به رهيو آهي، هن وقت ائڊيشنل ڪمشنر آهي. رئيس گل محمد جو پٽ مرحوم انور علي پاسڪو ۾ اڪائونٽنٽ هو. مرحوم جو پٽ اويس قريشي لوڪل گورنمينٽ ۾ ملازم آهي ۽ ٻيو پٽ اسد بينڪ الحبييب ۾ ڪئش آفيسر آهي.

    قاضي مشتاق احمد قريشي:
    هي صاحب ڊاڪٽر قاضي خادم جو پيئتو ڀاءُ هو. هيءُ صاحب پهريائين خانگي شعبي ۾ نوڪري ڪندو هو ۽ سينڊوز ڪمپني جو مئنيجر هو. لڳي ٿو ته هي صاحب انسٽيٽيوٽ آو بزنيس ائڊمنسٽريشن جي ماسٽر پروگرام جي پهرئين بينچ مان ايم. بي. اي. ڪيل آهي.
    شهيد ڀٽو جي دؤر حڪومت ۾ ليٽرل اينٽري ۾ گورنمينٽ آفيسر بڻيو. هو ڪافي اعليٰ عهدن جهڙوڪ ڊائريڪٽر جنرل نيشنل سيونگز، ڊائريڪٽر فنانس سول ايويئيشن اٿارٽي، ڊائريڪٽر فنانس ڪراچي اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪارپوريشن رهيو.
    ڊاڪٽر قاضي خادم جي لکت موجب هو هڪ ليکڪ به هو، سندس ڪهاڻيون فردوس ۽ شاعر ۾ شايع ٿيون. ان کان علاوه نئون نياپو رسالي لاءِ ڪهاڻي به لکي.
    هي صاحب سوز صاحب جو ڪلاس فيلو به رهيو. هن حساب سائين ائين کڻي چئجي ته هو ان جو هم عمر هوندو. ڪجهه سال اڳ هو وفات ڪري ويو.

    حاجي عبدالغفور ميمڻ ۽ سندس پٽ:
    مرحوم حاجي عبدالغفور ميمڻ جڏهن اسسٽنٽ ڪمشنر هو ۽ سندس ريٽائرمينٽ ۾ باقي ٻه مهينا هئا ته فوت ٿي ويو. سندس وڏو پٽ حاجي غلام حسين دودو ميمڻ به روينو کاتي مان اسسٽنٽ مختيارڪار طور ريٽائر ٿيو آهي. هي صاحب هالا پراڻا ۾ سياسي ۽ سماجي سطح تي ڪافي سرگرم رهيو آهي ۽ جڏهن هو ڊي سي حيدرآباد جي آفيس ۾ هوندو هو، ته هالا پراڻا جي سوين ماڻهن کي گهر ويٺي ڊوميسائيل ٺهرائي ڏنائين. هن جو ننڍو ڀاءُ مرحوم عبدالقادر ائگريڪلچر کاتي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر هو ته جواني ۾ گذاري ويو. ٽيون ڀاءُ محمد اشرف نيشنل بئنڪ مان مئينجر طور ريٽائر ٿيو آهي ۽ چوٿون ڀاءُ نياز احمد ايجوڪيشن ورڪس ۾ اسسٽنٽ انجنيئر آهي.

    انجنيئر مخدوم ولي محمد ڀٽي:
    مخدوم ولي محمد ڀٽي صاحب پهريائين فوج ۾ انجنيئر هو، پوءِ وري پي. آءِ. اي. ۾ نوڪري ڪيائين، جتان جنرل مئينجر طور ريٽائر ٿيو. چند سال اڳ هو گذاري ويو.
    هن جو ننڍو ڀاءُ مخدوم منصور احمد ڀٽي صاحب سالن کان هالا پراڻا جي سياسي ميدان تي سرگرم رهيو آهي. هو ماضي ۾ خدمت ڪميٽي جو چيئرمين ۽ يونين ڪائونسل جو رڪن به رهيو آهي.
    هن جو ٻيو ڀاءُ بشير احمد حيدرآباد ۾ ٺيڪيدار ڪري ٿو. ان صاحب جو هڪ پٽ ڊاڪٽر طفيل احمد صاحب تازو وفات ڪئي آهي، جنهن پبلڪ هيلٿ جي شعبي ۾ پي ايڇ ڊي پئي ڪئي. ڊاڪٽر طفيل جو ڀاءُ انجنيئر سهيل احمد آمريڪا ۾ رهي ٿو.

    انجنيئر علي اڪبر شيخ:
    محترم علي اڪبر شيخ صاحب چند سال اڳ بطور ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان ورڪس ڊپارٽمينٽ حڪومت پاڪستان مان ريٽائر ٿيو پر پوءِ به هو ڪانٽريڪٽ تي اُتي ڪم ڪندو رهيو.
    سندس پٽ شاهزيب شيخ هن وقت ڪراچي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر آهي ۽ سندس هڪ ڌيءَ به سنڌ حڪومت ۾ ڊپٽي سيڪريٽري آهي. جنوري 2018ع ۾ سندس وفات ٿي.

    محمد حسين سنائي: (ولادت 28 جولاءِ 1948ع)
    محمد حسين سنائي صاحب لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ مان ڊائريڪٽر طور ڪافي سال اڳ ريٽائر ٿيو آهي. ان کان پوءِ هتان جي مقامي سياست ۽ سماجي شعبي ۾ سرگرم رهي ٿو. اڳوڻي دؤر حڪومت ۾ هو سائين مخدوم محمد امين فهيم جو ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر هو. هن وقت به هي مخدوم هائوس جي فيصلن واري ڪميٽي جو منتظم آهي.
    هو هر دم پنهنجي خاندان توڙي ٻين جي سهائتا ڪندو رهي ٿو. ماضي ۾ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسئشن جو سرگرم عهديدار به رهيو آهي. ان کان علاوه پاڻ والي بال جو سٺو رانديگر به رهيو آهي.
    هن جو وڏو پٽ سائينڏنو جيتوڻيڪ وٽنري ڊاڪٽر جي ڊگري ورتي آهي پر هو ايڪسائيز کاتي ۾ انسپيڪٽر آهي. هن جو ٻيو پٽ انجنيئر اسدالله ميمڻ نيشنل انشورنش ڪارپوريشن ۾ اسسٽنٽ مئنيجر آهي.

    غلام حسين ميمڻ:
    محترم غلام حسين ميمڻ پاپوليشن کاتي مان اڪائونٽس آفيسر طور ريٽائر ٿيو آهي. سندس هڪ ڀاءُ مرحوم عبدالواحد ائگريڪلچر انجنيئرنگ کاتي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر هو. سندس ٽيون ڀاءُ ڊاڪٽر امير اختر سينيئر ميڊيڪل آفيسر آهي. سندس ڀائيٽو نعمان واحد انٽيليجنس بيورو ۾ اسٽينو گرافر آهي.

    آخوند عبدالواحد:
    آخوند عبدالواحد صاحب نيشنل سيونگز کاتي مان ڊائريڪٽر طور ريٽائر ٿيو آهي. سندس ننڍو ڀاءُ آخوند محمد هن وقت وڪيل ۽ هوميوپيٿڪ ڊاڪٽر آهي. سندس ننڍو پٽ آخوند عباس هڪ هالا پراڻا جو نوجوان اديب ۽ شاعر آهي. آخوند صاحب جو وڏو ڀاءُ آخوند يار محمد هالا پراڻا جو انتهائي ڄاڻو ۽ ايماندار اليڪٽريشن آهي.

    قمرالدين ميمڻ ۽ قربان ميمڻ:
    محترم قمرالدين ميمڻ صاحب روينو کاتي مان اسسٽنٽ ڪمشنر طور ريٽائر ٿيو آهي. سندس ڀاءُ قربان ميمڻ يو بي ايل مان آفيسر طور ريٽائر ٿيو آهي. قربان جو پٽ عامر وڪالت ڪري ٿو.

    محمد ايوب گبول:
    هي صاحب جڏهن ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ آو پوليس طور ڪراچي ۾ مقرر هو ته گذاري ويو. هن جو هڪ پٽ رشيد ڪراچي ۾ ڪاروبار ڪري ٿو.

    ولي محمد ميمڻ:
    محترم ولي محمد ميمڻ سنڌ ايمپلائيز سوشل سيڪيورٽي کاتي مان اڪائونٽس آفيسر طور ريٽائر ٿيو آهي. هن جو هڪ پٽ وسيم احمد آن فارم واٽر مئنيجمينٽ ۾ انجينئر آهي. ٻيو پٽ ڊاڪٽر فهيم آرٿو پيڊڪ سرجن آهي ۽ هن وقت سعودي عرب ۾ آهي ۽ ٽيون پٽ مولوي خير محمد آصف جونيئر اسڪول ٽيچر آهي ۽ اسلاميات ۾ ايم فل ڪري رهيو آهي.

    قاضي منظور حسين قريشي: (ولادت 4 جنوري 1950ع)
    هيءُ صاحب قاضي خادم جو ننڍو ڀاءُ آهي. هي صاحب سينٽرل سپيريئر سروس جو امتحان پاس ڪري انڪم ٽيڪس کاتي ۾ عملدار ٿيو هو. چند سال اڳ هو ڪمشنر جي عهدي تان رٽائر ٿيو آهي.
    قاضي صاحب هڪ سٺو ليکڪ به آهي. تاريخ ۽ ٻين موضوعن تي سندن انگريزي ۾ لکيل ليک نامور اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. سندن وڏو ڀاءُ ڊاڪٽر قاضي خادم پنهنجي ڪتاب پير اڃان پنڌ ۾ سندس حوالي سان لکي ٿو ته هن پنهنجي تحقيق جي زور تي ڪئين ڳالهيون رد ڪيون آهن. مثال طور اها ڳالهه ته طارق بن زياد، اسپين جي ساحل (جبرالٽر) تي پنهنجي ٻيڙا ساڙائي ڇڏيا هئا ته جيئن سندس فوج واپس ورڻ جو سوچي به نه ۽ دل لڳائي فتح حاصل ڪري. هن جو چوڻ آهي ته ڪوبه جنرل اهڙو بيوقوف نه ٿو ٿي سگهي، جيڪو واپسيءَ جو يا پسپائي جو رستو بند ڪري پنهنجي فوجن جي جان خطري ۾ وجهي. جن ٻيڙن ۾ هو اتي پهتا هئا سي وري واپس ٻي مدد آڻڻ لاءِ روانا ڪيا ويا هئا.
    ”اهي ٻيڙا طارق بن زياد جا نه بلڪه اسپين جي الفانسو طرفان موڪليل هئا، جنهن موسيٰ بن نصير کي اسپين جي باد شاهه خلاف سندس مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي.
    ”آخري ڳالهه اها ته اسپين جي فتح کان ٻه سو سال پوءِ تائين جي تاريخ جي ڪابه تاريخ هن واقعي جي تصديق ته ڇا پر ذڪر به ڪونه ٿي ڪندي نظر اچي.
    ”اهڙي طرح هن مغليه سلطنت سان گڏ لوڌي خاندان، تاتاري خاندان، قبلائي خان، چنگيز خان، هلاڪو خان، تيمور لنگ، ۽ هندستان جي مغل بادشاهن بابت به تمام دلچسپ حقيقتون ۽ وضاحتون سامهون آنديون آهن. هن ڪئين لفظن جي استعمالي معنيٰ ۽ اصلي معنيٰ تي به وڏو ڪم ڪيو آهي.“ (ص ص 69،70)
    منان احمد آصف آمريڪا جي ڪنهن يونيورسٽي ۾ تاريخ جو اسسٽنٽ پروفيسر آهي، تازو هن جو هڪ ڪتاب A book of Conquest شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ هن چچنامه عرف فتح نامه سنڌ واري ڪتاب جو تاريخي ۽ سياسي جائزو ورتو آهي. ان ڪتاب تي قريشي صاحب پنهنجي هڪ خط ۾ تبصرو ڪندي ان ۾ ٿيل ڪجهه غلطين جي نشاندهي ڪئي آهي. اهو خط 28 اپريل 2017ع جي ڊان جي خطن واري سيڪشن ۾ شايع ٿيو آهي.

    بشير احمد ميمڻ: (ولادت 17 ڊسمبر 1959ع)
    هالا پراڻا جي دوداڻي ميمڻ خاندان سان تعلق رکندڙ نامور پوليس آفيسر محترم بشير احمد ميمڻ هن وقت ڊائريڪٽر جنرل، ايف. آءِ. اي آهي. هن جي ابتدائي تعليم حيدرآباد ۽ پوءِ پيٽارو (ڪٽ نمبر 7238) ۾ ٿي آهي. سال 1986ع ڌاري هن سول سپريئر سروس جو امتحان پاس ڪري پاڪستان پوليس سروسز گروپ حاصل ڪيو.
    ڊائريڪٽر جنرل، ايف. آءِ. اي. ٿيڻ کان اڳ هو آءِ. جي. پوليس آزاد ڪشمير، حيدرآباد جو ڊي. آءِ. جي، ڊي. آءِ. جي موٽروي پوليس، ايف. آءِ. اي. جو ڊائريڪٽر ۽ انٽيلجنس بيورو جو ڊائريڪٽر رهيو آهي. کيس پريزيڊنٽ پوليس ميڊل به مليل آهي. تازو کيس 22 گريڊ ۾ ترقي ڏني ويئي آهي.
    هي صاحب جتي جتي به رهيو آهي، اتي عام ماڻهو کي رليف ڏنو آهي. سندس شمار سنڌ جي ايماندار آفيسرن ۾ ٿئي ٿو. هن تر جي ڪافي غريب نوجوانن کي زورگار ڏيارڻ ۾ مدد ڪئي آهي. ان کان علاوه هو پنهنجي برادري توڙي ٻين ڌرين جا مختلف مسئلا به حل ڪندو رهي ٿو. هن جو خاندان زمينداري سان گڏ واپار سان به لاڳاپيل آهي. سندس ننڍو ڀاءُ نصير احمد ميمڻ مٽياري ضلعي جي سياسي ميدان تي سرگرم آهي. ان جو احوال اڳيان ڏنل آهي.

    ڊاڪٽر طاهر قريشي: (ولادت 23 جولاءِ 1968ع)
    قاضي محمد حفيظ قريشي جي علمي، ادبي ۽ سياسي روايتن جو وارث ۽ امين سندس ننڍو پٽ ڊاڪٽر قاضي طاهر قريشي صاحب آهي. ڊاڪٽر طاهر قريشي ايل ايم سي مان ايم بي بي ايس ڪرڻ کان پوءِ سول سپيريئر سروس CSS جو امتحان ڏئي ڪسمٽز گروپ ۾ آفيسر ٿيو. تازو سندس ويهين گريڊ ۾ پروموشن ٿيو آهي. ۽ سندس مقرري ڪراچي ۾ ڊائريڪٽر ڪسٽمز انٽيلجنس طور ٿي آهي.
    انهي وچ ۾ هو ڊيپوٽيشن تي پرائم منسٽر پبلڪ هيلٿ انيشيٽو ۾ پهرئين ڊپٽي چيف ايگزيڪٽو ۽ پوءِ وري ٿوري عرصي لاءِ چيف ايگزيڪٽو طور ڪم ڪري چڪو آهي. پي. پي. ايڇ. آءِ جي زير انتظام ڪم ڪندڙ بنيادي صحت يونٽن ۾ جيڪا هن وقت بهتري نظر اچي ٿي، ان ۾ هن صاحب جو اهم ڪردار آهي.
    هي صاحب شاگرد دؤر ۾ هو شاگرد سياست توڙي سماجي سڌار شعبي ۾ ڪندو رهيو آهي. هن وقت پاڻ تعليم جي ميدان ۾ پاڻ پتوڙي رهيو آهي. ڪافي سالن کان هن گورنمينٽ پرائمري اسڪول، هالا پراڻا کي ائڊاپٽ ڪيو آهي. ان اسڪول ۾ ڪيل سندس خدمتن جو وچور اسڪول واري احوال ۾ شامل آهي.

    ڊاڪٽر قاضي افضل قريشي:
    هي صاحب هن وقت ڪمشنر انڪم ٽيڪس آهي. ايم بي بي ايس ڪرڻ کان پوءِ هن صاحب سول سپيريئر سروس جو امتحان پاس ڪيو ته هن کي انڪم ٽيڪس گروپ ۾ رکيو ويو.

    رئيس عمران مهدي:
    هي عرفان مهدي جو وڏو ڀاءُ آهي ۽ تازو ڊائريڪٽر ڪوآپريٽو سوسائيٽيز طور ريٽائر ڪيو آهي. هن جو وڏو پٽ ڪامران مهدي موٽروي پوليس ۾ پيٽرولنگ آفيسر آهي، ۽ ننڍو پٽ ڪوآپريٽو کاتي ۾ انسپيڪٽر آهي.

    آخوند محمد حنيف:
    هي صاحب هن وقت ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ سينئر ريڊر يا ائڊمن آفيسر آهي.

    سيد نظر محمد شاهه:
    هي صاحب ڪافي عرصي کان سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سيڪشن آفيسر طور ڪم ڪري رهيو آهي.
    مخدوم رڪن الدين ڀٽي:
    هي صاحب فيڊرل بيورو آف روينيو جي انڪم ٽيڪس کاتي ۾ انسپيڪٽر آهي.

    قاضي ظهير احمد قريشي:
    هي صاحب قاضي بشير احمد جو ننڍو ڀاءُ آهي ۽ هن وقت سنڌيونيورسٽي ۾ ائڊيشنل رجسٽرار يا ڪنٽرولرآهي.

    محمد اجمل عمراڻي:
    هي صاحب هن وقت سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سيڪشن آفيسر آهي. سندس پٽ تحسين ۽ محسن علي به سنڌ سڪريٽريٽ ۾ اسٽينوگرافر آهن.

    لياقت علي ملاح:
    هي صاحب هن ڊسٽرڪٽ ڪورٽ مٽياري ۾ ائڊمن آفيسر آهي. هن جو هڪ ڀاءُ پرويز احمد به ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ سينئر ڪلارڪ آهي.

    حاجي محمد سنائي:
    هي صاحب هن وقت ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۾ اڪائونٽس آفيسر آهي. هن جو پٽ تنوير احمد سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪلارڪ آهي.

    ثناءُالله صدر: (ولادت 23 نومبر 1968ع)
    هي صاحب هن وقت ڊگهڙي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر آهي، ان کان اڳ هالا ۾ اي سي رهيو آهي. هن اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ بي اي ڪئي، پر نوڪري روينو کاتي ۾ ڪئي، جتي هاير جو امتحان پاسي ڪري مختيارڪار ٿيو.
    ماضي ۾ هو علمي ۽ ادبي فرنٽن تي ڪافي سرگرم رهيو آهي. ثنا هالائي جي نالي سان شاعري ڪندو رهيو آهي. مخدوم طالب الموليٰ لائبرري جي قيام ۾ هن جو ڀرپور حصو رهيو آهي.
    هالا پراڻا کي ٽائون ڪرائڻ ۾ محمد حسين سنائي ۽ نورالدين سنائي کان پوءِ هن جو به اهم رول رهيو آهي.

    انجنيئر شهاب الدين ميمڻ ۽ ڀائر:
    هالا پراڻا ڄائو هي صاحب هن وقت پاپوليشن کاتي ۾ ڊائريڪٽر آهي.
    سندس ننڍو ڀاءُ فهيم الدين ميمڻ هن وقت اسسٽنٽ ڪمشنر، کپرو آهي. سندس هڪ ٻيو ڀاءُ فرحان پوليس کاتي ۾ سب انسپيڪٽر آهي.

    جھانگير ميمڻ:
    هي صاحب انڊسٽريز کاتي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آهي.

    قاضي محمد تقي عرف احمد قريشي:
    قاضي محمد تقي جو پوٽو ۽ سندس همنام قاضي محمد تقي دوئم عرف احمد قريشي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ائڊيشنل رجسٽرار آهي.
    سندس ٻه ننڍا ڀائر قاضي ڪامران ۽ قاضي حامد علي جيڪي ڪاروبار ڪندا هئا، سي تازو هڪ هفتي اندر گذاري ويا. قاضي اميد علي قريشي هنن جو مامو ٿئي.

    اطهر بهزاد ميمڻ:
    محترم اطهر بهزاد ميمڻ هن وقت سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ڊپٽي سيڪريٽري آهي. جڏهن هي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ مٽياري ۾ ڊپٽي ڊسٽرڪٽ آفيسر هو ته سندس ڪوششن سان ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ، مٽياري پاران ڪجهه ڪتاب شايع ٿيا، جن ۾ منهنجو مرتب ٿيل ڪتاب ”هالا جا رنگ هزار“ به هو. ان زماني ۾ هن جي ڪوششن سان هڪ پاسي مخدوم محمد صالح ڀٽي گورنمينٽ گرلز اسڪول هالا پراڻا ۾ ڪمپيوٽر ليب ٺاهي ويئي، ته ٻئي پاسي مخدوم شفيق الزمان آڊيٽوريم لاءِ فرنيچر ورتو ويو.
    هي صاحب به هر وقت هالا جي بهتري لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهي ٿو.

    عبيدالله صدر: (ولادت 5 سيپٽمبر 1970ع)
    هن صاحب سنڌيونيورسٽي مان ايم. بي. اي ڪئي آهي. ڪافي عرصي تائين هو مختلف اين. جي. اوز ۾ ڪم ڪندو رهيو آهي، پر هاڻي ڪجهه سالن کان هو صحت کاتي ۾ فنانس آفيسر آهي. هي به پنهنجن ڀائرن جيان علم ۽ ادب دوست آهي.

    نورالدين سنائي: (ولادت 26 جون 1972ع)
    محترم نورالدين سنائي جيڪو هن وقت ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ، سانگهڙ آهي. ان کان اڳ ڪافي سالن تائين هو ٽنڊوالهيار ۽ هالا جي تعلقه ميونسپل ائڊمنسٽريشن ۾ ٽي ايم او ٿي رهيو.
    ٽي. ايم. او هالا طور هن جو دؤر مثالي رهيو آهي، ڇو ته سندس دؤر ۾ هالا تعلقي ۾ ڪافي گهٽيون ٺهيون، ناليون پڪيون ٿيون ۽ ان سان گڏو گڏ صفائي سٿرائي جو انتطام خاص ڪري مينهوڳي ۾ پاڻي جو جلد نيڪال ٿيندو رهيو.
    هالا پراڻا جي کڏي کٿوري کي چوديواري ڏيارڻ سان گڏ جنازي نماز پڙهڻ واري جاءِ کي پڪي تعمير ۾ هن جو ڀرپور حصو رهيو آهي.
    هن صاحب به ڪافي ماڻهن کي روزگار ڏيارڻ ۾ حصو ورتو آهي ۽ ان سان گڏ هي پڻ سماجي ڀلائي وارن ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺندو رهي ٿو.

    غلام مصطفيٰ سنائي: (ولادت 26 جون 1969ع)
    هي صاحب سماجي اڳواڻ وڏيري طيب سنائي جو ننڍو ڀاءُ آهي، ۽ هن وقت ڊسٽرڪٽ ڪائونسل حيدرآباد ۾ اڪائونٽس آفيسر آهي. ماضي ۾ ڪجهه عرصي لاءِ هالا ميونسپل جو ٽي ايم او به رهيو آهي. ان کان علاوه هي سماجي ۽ سياسي سطح تي به سرگرم رهيو آهي.
    هن جو ننڍو ڀاءُ غلام رسول سنائي سوئي سائودرن گئس ۾ اسسٽنٽ آهي.

    مصدق ميمڻ:
    هي صاحب هن وقت سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سروسز کاتي جي ريگوليش ونگ ۾ سيڪشن آفيسر جون ذميواريون نڀائي رهيو آهي. ننڍي عمر ۾ ئي هن جو گورنمينٽ سروس رولز ۽ ريگوليشن تي ڪافي عبور آهي. هي صاحب به ڳوٺ جي ماڻهن جا سيڪريٽيريٽ ۾ ڪم اڪلائڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
    هن جو وڏو ڀاءُ انجنيئر جميل احمد تعليم کاتي ۾ هاءِ اسڪول ٽيچر آهي. ٻيو ڀاءُ تعليم کاتي ۾ سپرنٽڊنٽ آهي. سندس هڪ ڀاڻيجو توقير گل ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ ڪلارڪ آهي.

    مشرف احمد ڀٽي ۽ امان الله ڀٽي:
    جيتوڻيڪ مشرف احمد سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ پرائيويٽ سيڪريٽري آهي، پر هن وقت ڪنهن پروجيڪٽ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر پروڪيومينٽ طور مقرر آهي. هي به عوامي ڀلائي جا ڪم ڪري ٿو ۽ ڪافي ماڻهن جي سيڪريٽريٽ ۾ رهنمائي ڪري ٿو. سندس ننڍو ڀاءُ امان الله به سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ پرائيوٽ سيڪريٽري آهي، پر هن وقت ڪنهن پروجيڪٽ ۾ ڪنسلٽنٽ آهي. هنن جو هڪ ڀاءُ انجنيئر غضنفر پرائمري اسڪول ٽيچر آهي ۽ ٻيو ڀاءُ محمد اشرف ڀٽي ميل نرس آهي.

    جج شفيق الله ميمڻ:
    هالا پراڻا ڄائو هي صاحب هن وقت ائڊيشنل سيشن جج آهي، ۽ شايد ڪراچي ۾ مقرر آهي. هن جو هڪ ڀاءُ سيف الله مهراڻ يونيورسٽي ۾ ڊپٽي ڪنٽرولر آهي.

    جج محمد اڪمل ميمڻ:
    هي صاحب جيتوڻيڪ ڄائو نپنو هالا نوان ۾ آهي، پر هن جي خاندان جو تعلق هالا پراڻا سان رهيو آهي، تنهن ڪري هن جو احوال شامل ڪجي ٿو. هي هن وقت سينئر سول جج، ٽنڊو الهيار آهي. هن سرڪاري نوڪري ۾ گهڙڻ کان اڳ هالا ۾ هيڪ جي نالي سان هڪ سٺو تعليمي ادارو قائم ڪيو هو، جيڪو اڄ به سٺي نموني ڪم ڪري رهيو آهي. ان اداري کي هاڻي هن جا ڀائر سنڀالين ٿا.

    بشير احمد ڀٽو:
    هي صاحب سنڌ سيڪريٽريٽ جي پلاننگ کاتي ۾ پرائيوٽ سيڪريٽري آهي.

    سيف الله صدر:
    هيءُ صاحب روينيو کاتي ۾ اسسٽنٽ طور ڀرتي ٿيو، ۽ تازو هن مختيارڪاري جو امتحان پاس ڪيو آهي.

    ٻين کاتن جا مکيه ملازم:
    هن جا ڪافي نوجوان سٺن کاتن ۾ مکيه ملازم آهن. جهڙوڪ زوهيب ميمڻ، اشتياق ميمڻ، وقاص قريشي، توقير گل، شهزاد ميمڻ، غفران صدر وغيره مٽياري جي ڪورٽن ۾ اسٽينوگرافر آهن. برڪت علي شيخ، اظهر ميمڻ، فرقان ميمڻ فارين افيئرز کاتي ۾ اسٽينو گرافر آهن. نعمان واحد ۽ عطاءُ رحمان صدر انٽيليجنس بيورو ۾ اسٽينوگرافر آهن.بشارت احمد ڀٽي وفاقي کاتي ۾ سينئر اسسٽنٽ آهي. گلاب ارباب قاضي خرم هاءِ ڪورٽ ۾ سينئير ڪلارڪ آهن. وحيدالله شيخ بورڊ آو روينيو ۾ اسٽينو گرافر آهي. غلام مصطفيٰ صدر رويينو ۾ ڪلارڪ آهي. شاهد احمد سنائي، زبير احمد عمراڻي، نعمان صدر وغيره لوڪل باڊيز ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر يا ڪلارڪ آهن.


    * سماج سڌارڪ، سياسي اڳواڻ ۽ منفرد شخص

    قاضي محمد تقي اين صديقي: (1968ع – 1914ع)
    هالا پراڻا قاضي محمد تقي اين صديقي جي صورت ۾ هڪ يگانو شخص پيدا ڪيو، جيڪو پنهنجي دؤر ۾ هڪ پاسي جديد زراعت جو مکيه نالو ٿيو ته وري ٻئي پاسي واپار ۽ ڪارخانيداري ۾ به نالو ڪمايائين. پهريائين سرڪاري نوڪري ۾ هو، پر اڳتي هلي نوڪري ڇڏي، زمينداري ۽ واپار ڪرڻ لڳو.
    قاضي خادم صاحب هن جي حوالي سان پنهنجي ڪتاب ”ساروڻيون“ ۾ لکي ٿو ته ”قاضي محمد تقي نه صرف هالا پراڻا جو هڪ باعزت واپاري ۽ زميندار هئو پر ڪاٽن جننگ جي حوالي سان هو سنڌ جي وڏن وڏن ڪاٽن جنرز سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ وارو شخص هو. ٻئي طرف ڪيلن جو باغ به هنيائين.
    ”نهايت مانائتو مردانه وجاهت جو مثال. زبان مان ڪوبه لفظ اهڙو نه ڪڍندو هو، جو ڪنهن ننڍي وڏي جي دل آزاري ٿئي. خوش پوشاڪ امير غريب سان هڪ جھڙو.
    ”وقت جو پابند ۽ هميشه ٺهي جڙي هلڻ واري هن شخص ڌنڌي جي لحاظ کان جڏهن رجسٽرار جي نوڪري ڇڏي ته شهدادپور ۾ هڪ ڪاٽن جننگ فيڪٽري مسواڙ تي ورتائين ۽ اتي ئي گهر وٺي ويهي رهيو. اتان جهول، نئون آباد ۽ ٽنڊو آدم ۾ ڪاٽن جننگ فيڪٽريون ۽ زمين به ورتائين ته هالا شهدادپور روڊ تي سئي گئس اسٽيشن وٽ اڍائي سو ايڪڙن جو باغ به لڳايائين جنهن ۾ بيحد خوبصورت رهائش جو به انتظام(فارم هائوس) به هو.“ (قاضي خادم، 2009ع، ص60)
    ياد رهي ته اهو پنهنجي وقت جو جديد فارم هائوس هو، جيڪو اڄ به باوجود غير مناسب سارسنڀال جي، موهيندڙ لڳي ٿو.
    پنهنجي ٻئي ڪتاب اندرو روح رهيام ۾ قاضي خادم لکيو آهي ته هن صاحب ئي کيس مسلم ڪاليج ۾ ليڪچرار جي نوڪري قاضي محمد اڪبر کي چئي وٺرائي ڏني. (قاضي خادم، 2011ع، ص 58)

    ميان محمد عثمان ڀٽي:
    هي صاحب به قاضي محمد تقي جهڙو يگانه روزگار شخص هو. هن به هڪ پاسي ڪاٽن ايڪسچينج ۾ ڪاروبار ڪيو ته ٻئي پاسي سوين ايڪڙ زمينون مقاطعي تي کڻي آباد ڪيون.
    سندس هڪ پٽ طارق احمد ڀٽي جهانگير صديقي گروپ سان گڏ ڪم ڪري ٿو ۽ ٻيو پٽ ٻني ٻارو سنڀالي ٿو.
    ڀٽي خاندان جو پڳدار مخدوم دين ڀٽي ۽ نامور سياستڪار ۽ صحافي غازي صلاح الدين سندس نياڻا آهن.

    پير نور شاهه جيلاني: (متوفي ڊسمبر 2017ع)
    هي صاحب هالا پراڻا جي سياسي فرنٽ تي ڪافي سرگرم رهيو آهي. پر هن جي شخصيت جو اهم پهلو جيڪو عام ماڻهن کان لڪل آهي، سو آهي سندس پڙهاڪو هئڻ ۽ هڪ شاندار لائبرري جو مالڪ هجڻ. چون ٿا ته هو ڪتابن سان گڏ تقريباً سڀ اخبارون خريد ڪر ڪندو هو. پاڻ قريبن نوي سالن جي عمر ۾ ڊسمبر 2017ع ۾ گذاري ويو آهي.

    قاضي محمد اعظم جي قريشي: (2017ع - 1942ع)
    هالا پراڻا جي قاضي قريشي جي علمي خانوادي سان تعلق رکندڙ هي شخص 15 جنوري 1942ع تي ڄائو. تعليمي لحاظ کان بي ايس سي ڪرڻ کان پوءِ هن هڪ پاسي هوميوپيٿي ۾ ڊاڪٽري جي ڊگري حاصل ڪئي ته ٻئي پاسي وري لا جي ڊگري ورتي آهي. جواني ۾ ادب سان تعلق رکيائين، پر جلدي هو ڪل وقتي سماج سڌارڪ بنجي ويو. تنهنڪري هن صاحب جي ناموري بي لوث سماجي اڳواڻ طور رهي.
    هو ڪافي عرصي لاءِ هالا پراڻا جي يونين ڪائونسل جو چيئرمين رهيو آهي. کيس هروقت هالا پراڻاجي سڌاري لاءِ ڪا نه ڪا اسڪيم منظور ڪرائڻ جو اونو رهيو. هالا پراڻا ۾ ڪافي اسڪيمون توڙي اسڪولن جون عمارتون هن صاحب جي ڊوڙ ڊڪ جو نتيجو آهن. اسڪمين جي منظوري کان وٺي ان جي تڪميل تائين هو ماٺ ڪري نه ويهندو هو. خطن فونن ۽ پيغام وسيلي واسطيدار ڌرين کي جلدي اڪلاءَ جي پيو يادگيري ڏياريندو هو. ڪي ماڻهو کيس هالا پراڻا جو ايڌي سڏيندا آهن.
    پنهنجي چيئرميني واري دؤر ۾ سماجي سطح تي ڪافي اسڪيمن کان علاوه هڪ عدد لائبرري ۽ اڀياس گهر قائم ڪرايو. ڪجهه عرصو اڳ هن هڪ پرائيوٽ اسڪول قائم ڪيو هو ته جيئن ڳوٺ وارن کي متبادل ڪوالٽي تعليم جي سهوليت ميسر ٿئي.
    مخدوم محمد صالح ڀٽي گرلز اسڪول جي اڳيان جيڪو پلاٽ هو، تنهن کي اسڪول ۾ شامل ڪرائي چوديواري ڏياريائين. پر ان جو ڪريڊٽ انهن ماڻهن کڻڻ جي دعويٰ ڪئي، جنهن ان سلسلي ۾ ڪوبه رول ادا نه ڪيو. اصل ۾ هن جو مقصد پنهنجي ذاتي ناماچاري نه رهيو. هالا پراڻا ۾ مليل سهوليتن ۾ هن جو ڀرپور حصو رهيو آهي.
    هو سالن کان هلال احمر سب برانچ جو چيئرمين هو، جنهن برانچ هڪ پاسي هالا پراڻا ۾ صحت جون سهوليتون ميسر ڪرايون ته ٻي پاسي سالن تائين ساليانه پروگرامن ۾ هالا تعلقي جي ٻارن کي تقريري مقابلن، ڪوئز پروگرامن جهڙا فورم مهيا ڪري ڏنا. انهن پروگرامن ڪافي نسلن کي ذهني ترقي جا موقعا فراهم ڪيا.
    سندن وصال رات جو ڏهين وڳي بتاريخ 3 جولاءِ 2017ع تي ٿيو، ۽ تدفين 4 جولاءِ تي ٿي.

    حاجي منظور احمد ميمڻ:
    هي صاحب زميندار آهي، پر ماضي ۾ سياسي ميدان تي ڪافي سرگرم رهيو آهي. ماضي ۾ تعلقا چيئرمين به رهيو آهي. 1985ع جي غير جماعتي اليڪشن ۾ ايم. اين. اي جي سيٽ تي اليڪشن وڙهيو ۽ ڪافي ووٽ حاصل ڪيا هئائين.
    هن جو ننڍو ڀاءُ انجنيئر مسعود احمد ڪي. اي. ايس. سي ۾ سينئر انجنيئر هو. پهرين گهر واريءَ مان هن جو اڪيلو پٽ ڊاڪٽر عبدالقيوم آهي. ٻي گهر واري مان هن جو وڏو پٽ مقصود احمد مڊل ايسٽ ۾ ڪنهن ڪمپني ۾ ڪم ڪري ٿو ۽ ٻه ٻيا پٽ مقبول احمد ۽ محفوظ احمد اسٽيٽ لائيف ڪارپوريشن ۾ ڊپٽي مئنيجر آهن.

    محمد يعقوب صدر:
    محمد يعقوب صدر ڪئنال اسسٽنٽ طور ريٽائر ٿيو آهي. پر پنهنجي هلت چلت ۾ هو هالا پراڻا جو هڪ منفرد شخص آهي. شروع ۾ هڪ سماجي تنظيم جوڙي ان پاران ڪجهه گھٽيون پڪيون ڪرايون. پوءِ وري سماجي ميدان ۾ خاموش رهيو آهي.
    تازي بلدياتي اليڪشن ۾ هو ڪائونسلر لاءِ بيٺل هو، پر هارائي ويو. هن وقت هڪ پاسي هو حڪمت ۾ تجربا پيو ڪري ته ٻئي پاسي مصوري يا نقشه نگاري ۾ زور آزمائي ڪري رهيو آهي. ڪافي وقت کان ٻڌائيندو آهي ته هو صاحب هالا پراڻا جي حوالي سان ڪو ڪتاب به تحرير ڪري رهيو آهي.
    هن جو وڏو پٽ نعمان آن فارم واٽر مئنيجمينٽ کاتي ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر آهي.

    مخدوم نذير احمد ڀٽي ۽ مخدوم مظفر احمد ڀٽي:
    هي صاحب ماضي ۾ ادبي ۽ ثقافتي فرنٽ تي سرگرم رهيو آهي. هن وقت هو طبي ڪلينڪ هلائي ٿو. هو ڪافي وقت انشورنس پاليسيون وڪرو ڪندو رهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ هو ايريا مئنيجر به ٿي رهيو.
    هن جو ننڍو ڀاءُ مخدوم مظفر احمد به هالا پراڻا جو هڪ منفرد شخص هو ۽ جواني ۾ جڏهن هو ليبر انسپيڪٽر هو ته گذاري ويو. هو وڏو اوطاقي ۽ بهادر شخص هو.
    مخدوم نذير جو وڏو پٽ راشد بينڪ مان ريٽائرمنٽ وٺي پنهنجو ڪاروبار ڪري ٿو، ٻيو پٽ فهد احمد دبئي ۾ ڪو ڪاروبار ڪري ٿو، ٽيون اجويد احمد سنڌ يونيورسٽي ۾ آفيسر آهي ۽ ٻيا پٽ مختلف نوڪرين ۾ آهن. تازو هن جي هڪ نياڻي جج طور سليڪٽ ٿي آهي.

    سيٺ بدر ميمڻ:
    دوداڻي ميمڻ خاندان سان تعلق رکندڙ هي صاحب هن وقت ڊسٽرڪٽ ڪائونسل حيدرآباد جو چيئرمين آهي. ان کان اڳ هو يونين ڪائونسل ٽنڊوڄام جو ناظم به رهيو آهي.
    هن جو ننڍو ڀاءُ سهيل احمد ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ ڄامشورو آهي. هن جو هڪ سؤٽ خالد احمد ميمڻ هالا پراڻا يونين ڪائونسل جو ناظم ٿي رهيو آهي. هن جو هڪ ٻيو سؤٽ آصف ميمڻ، حيدرآباد اسپورٽس ڪلب جو ائڊمنسٽريٽر آهي.

    نصيراحمد ميمڻ:
    نامور پوليس آفيسر بشير احمد ميمڻ جو ننڍو ڀاءُ نصير احمد ميمڻ زميندار ۽ واپاري سان گڏ هن ضلعي جو مکيه سياسي اڳواڻ به آهي. هن وقت هڪ پاسي فنڪشنل مسلم ليگ جو اڳواڻ آهي ته ٻئي پاسي پروگريسو الائينس مٽياري جو مکيه اڳواڻ به آهي.

    مخدوم دين محمد ڀٽي ۽ مخدوم حسام الدين ڀٽي:
    مخدوم دين محمد ڀٽي خاندان جو پڳدار آهي، جيڪو ڪاروبار ڪري ٿو. مخدوم حسام الدين ڀٽي صاحب هن وقت هالا پراڻا جي ٽائون ڪاميٽي جي وارڊ ٽئين جو ڪائونسلر آهي ۽ ماضي ۾ ڪافي ڀيرا يونين ڪائونسل هالا پراڻا جو ڪائونسلر، چيئرمين ۽ ناظم رهيو آهي.

    حاجي قمرالدين سنائي:
    هي صاحب سنائي برادري جو اهم ترين شخص هئڻ سان گڏ تر جو ناميارو زميندار آهي. ان سان گڏ هو ڪامياب واپاري ۽ اڀرندڙ صنعتڪار به آهي.

    انجنيئر عامر بهزاد ميمڻ:
    جيتوڻيڪ هي ڄائو توڙي پڙهيو هالا نوان ۾ آهي، پر هن جو خاندان نه صرف هالا پراڻا ۾ رهيو آهي، پر اڃا توڻي انهن جون جايون توڙي زمينون هالا پراڻا ۾ آهن. هو زميندار هئڻ سان گڏ هڪ ڪامياب ڪاروباري شخص به آهي. هالا ۾ پهرئين سي اين جي اسٽيشن به هن ئي لڳرائي هئي.
    سماجي سطح تي سرگرم هئڻ کان علاوه هو ڪافي سالن کان سياسي ميدان تي به سرگرم رهيو آهي. ماضي ۾ هالا جي هڪ يونين ڪائونسل جو ناظم رهيو آهي. سال 2013ع کان وٺي هو مٽياري عوامي اتحاد جو اهم اڳواڻ آهي. سندس ڀاءُ ائڊووڪيٽ اظفر بهزاد به ساڻس گڏ هر ميدان تي ڪم ڪري ٿو.

    رئيس مسعود مهدي ۽ ڀائر:
    هي صاحب عرفان مهدي جو پيئتو ڀاءُ آهي. هيءُ زميندار ۽ صحافي آهي. هن جا ٻه ڀائر رئيس مظهر مهدي ۽ رئيس وحيد مهدي پوليس کاتي ۾ سب انسپيڪٽر آهن. هن جو ننڍو ڀاءُ رئيس نديم مهدي لوڪل گورنمينٽ ۾ ملازم آهي ۽ ان کان اڳ هو سياسي ۽ سماجي فرنٽ تي ڪافي سرگرم رهيو آهي.


    * نامور واپاري/ دڪاندار

    سيٺ حاجي رجب علي ميمڻ:
    هالا پراڻا ڄائو هي صاحب هن وقت هالا جو اهم واپاري ۽ ڪارخانيدار آهي. هي ڪافي وقت تائين هالا جي واپاري ائسوسيئيشن جو صدر رهيو آهي. هن جا ٽيئي پٽ حاجي رفيق احمد، حاجي شفيق ۽ حاجي توفيق احمد به هالا جا اهم واپاري آهن.

    سيٺ يارمحمد ميمڻ ۽ سيٺ لالا ميمڻ:
    هي ٻئي ڀائر به هالا جا اهم ترين واپاري آهن.

    سيٺ حاجي قادر بخش ميمڻ:
    هي هالا جو اهم واپاري هئڻ سان گڏ فنڪشنل ليگ جو اڳواڻ به آهي.

    حاجي سهيل احمد صدر:
    هي صاحب ايم بي بي ايس ۾ چونڊيو ويو پر اها ڇڏي اچي والد صاحب جي ڪاروبار ۾ حصو ورتائين. ماضي ۾ روشن تارا پبليڪيشن سان سلهاڙيل رهيو آهي.

    امجد اسلام ميمڻ:
    هي صاحب جيتوڻيڪ ايم. ايس. سي ميٿميٽڪس ۾ آهي، پر هن اسٽيشنري ۽ فوٽواسٽيٽ، ايزي پيمنٽ جو دڪان شروع ڪيو آهي. ان کان علاوه موبائيل پيمينٽ ۽ بلن جي وصولي به ڪري ٿو.


    * بينڪن ۽ ڪارپوريشنس جا آفيسر

    قاضي اعجاز قريشي ۽ ڀائر:
    قاضي اعجاز قريشي نيشنل بينڪ ۾ آفيسر هو، جڏهن هو وفات ڪري ويو. هن جو ڀاءُ قاضي مظفر صاحب يو. بي. ايل ۾ آفيسر هو. هن جو ٽيون ڀاءُ قاضي امداد هن وقت يوبي ايل ۾ آفيسر آهي. سندس چوٿون ڀاءُ قاضي سراج به يوبي ايل ۾ آفيسر هو. هن جو پنجون ڀاءُ قاضي افتخار انڊسٽريل ڊولپمينٽ بئنڪ ۾ آفيسر هو، پر هاڻي ريٽائر ٿيڻ کان پوءِ پيپلز پارٽي جو ڪراچي ۾ سرگرم اڳواڻ آهي. هن جو ڇهون ڀاءُ قاضي عمران يوبي ايل بينڪ ۾ آفيسر هو پر هاڻي هو ڪاروبار ڪري ٿو ۽ ڪراچي ۾ رهي ٿو. قاضي اعجاز جو فرزند قاضي محمد شريف عرف تحسين پاڪستان ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي ۾ آفيسر آهي.

    فتح محمد ڀٽو ۽ جان محمد ڀٽو:
    مرحوم فتح محمد ڀٽو نيشنل بينڪ مان مئينجرطور ريٽائر ٿيو هو. سندس پٽ انجنيئر خالد حسين ڀٽو، جنهن سول انجينئرنگ جي شعبي ۾ انگلنڊ مان پي ايڇ ڊي ڪئي آهي، سو اتي ئي رهيل آهي.
    جان محمد ڀٽو به نيشنل بينڪ ۾ آفيسر آهي، جنهن جو هڪ پٽ ظفر علي ڀٽو زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ ڊيٽابيس مئنيجر آهي.

    مولوي عبدالرشيد قريشي ۽ مولوي عبدالرحمان قريشي:
    هي صاحب ڊاڪٽر عبدالحليم قريشي جا ڀائر آهن. عبدالرشيد قريشي صاحب الائيڊ بينڪ مان آفيسر ٿي ريٽائر ٿيو ۽ عبدالرحمان صاحب نيشنل انويسٽ ڪارپوريشن مان مئينجر طور گولڊن شيڪ وٺي وقت کان اڳ ريٽائر ٿيو آهي. هي صاحب حيدرآباد ۾ رهن ٿا.

    مخدوم رشيد احمد ڀٽي:
    هي صاحب مخدوم منصور احمد ڀٽي جو ننڍو ڀاءُ آهي، هي به حبيب بينڪ ۾ آفيسر هو، جتان اڳواٽ ريٽائرمينٽ ورتي آهي. هن جوهڪ پٽ آءِ. ٽي اسپيشلسٽ آهي، جيڪو ملڪ کان ٻاهر ڪم ڪري ٿو.

    قاضي خالد مسعود قريشي:
    قاضي خالد مسعود قريشي پنهنجي آخري وقت ۾ وفاقي حڪومت ۾ ڊائريڪٽر هو، پر ان کان پهرئين هو مخدوم محمد امين فهيم جو پي آر او به هو. هو ڪافي عرصي تائين يوبي ايل بينڪ ۾ يونين اڳواڻ به رهيو. هي صاحب سن ويجھو روڊ ائڪسيڊنٽ ۾ گذاري ويو. هن جو ننڍو ڀاءُ قاضي خرم هاءِ ڪورٽ ۾ سينيئر ڪلارڪ آهي.

    ڄام لياقت علي ارباب ۽ ڀائر:
    ڄام لياقت علي ارباب يوبي ايل مان گريڊ ون آفيسر ٿي ريٽائر ٿيو ۽ هن وقت حيدرآباد ۾ رهي ٿو. سندس ننڍو ڀاءُ ڊاڪٽر غلام علي صاحب صحت کاتي ۾ سينئر ميڊيڪل آفيسر آهي. هن جو ٽيون ڀاءُ انجنيئر ڄام غلام قادر ارباب اليڪٽرڪ انسپيڪٽر آهي.

    محمد صادق لاکو ۽ محمد صديق لاکو:
    محترم محمد صادق لاکو صاحب هن وقت نيشنل بينڪ جو وائيس پريزيڊنٽ آهي. هن صاحب جي انٽرنيشنل رليشنس ۾ ماسٽرس ڪيل آهي ۽ فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ پوزيش حاصل ڪئي هئي. هن جو وڏو ڀاءُ محترم محمد صديق لاکو صاحب پوليس کاتي مان انسپيڪٽر طور ريٽائر ٿيو. هي صاحب حد درجي جو ايماندار آفيسر رهيو تنهن ڪري هميشه سائيڊ پوسٽن تي رهيو.

    رمضان لاکو:
    هي صاحب به يوبي ايل ۾ آفيسر هو، پر هن وقت زمينداري ڪري ٿو.

    ممتازعلي ارباب ۽ ڀائر:
    هي صاحب يوبي ايل ۾ آفيسر هو. ڪجهه سال اڳ گذاري ويو. هن جو ننڍو ڀاءُ ديدارعلي تعليم کاتي ۾ هيڊ ماسٽر آهي ۽ ٻيو ڀاءُ اختيار علي يوبي ايل بئنڪ ۾ مئنيجر آهي. اختيار علي جو هڪ پٽ آرمي ۾ ڪئپٽن آهي. هي اڄ ڪلهه هالا نوان ۾ رهن ٿا.

    نور محمد ڪامورو ميمڻ:
    چند سال اڳ نيشنل بينڪ مان ريٽائر ٿيو آهي. هي پنهنجي منفرد سڀاءَ جي باعث هالا پراڻا ۾ مشهور آهي.
    نور احمد گبول ۽ ڀائر:
    هي هن وقت الائيڊ بينڪ ڪراچي ۾ مئنيجر آهي. چون ٿا ته هن صاحب پي سي ايس جو لکتي امتحان امتيازي نمبرن سان پاس ڪيو هو پر زباني انٽرويو ۾ فيل ڪرايو ويو هو. هن جو وڏو محمد خان گبول مشين ٽول فيڪٽري ۾ اسسٽنٽ هو.

    مشتاق احمد شيخ ۽ ڀائر:
    مشتاق احمد شيخ الائيڊ بينڪ ۾ آفيسر ٿي رهيو آهي. سندس ڀاءُ محترم پرويز احمد تعليم کاتي ۾ هاءِ اسڪول ٽيچر آهي. هن جو هڪ پٽ بينڪ الاسلامي ۾ ڪريڊٽ آفيسر آهي. هن جو ڀائيٽو انجنيئر شهاب الدين شيخ ايسٽيوٽا کاتي ۾ ڊپٽي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آهي. هي اڄ ڪلهه حيدرآباد ۾ رهن ٿا.

    محمد اسلم شيخ:
    هي يونائيٽيڊ بينڪ ۾ آفيسر رهيو آهي، پر هن وقت هو ڪاروبار ڪري ٿو. سندس ٻه ڀائر اسڪول ٽيچر آهن.

    مخدوم شهاب الدين ڀٽي:
    هي صاحب هن وقت الائيڊ بينڪ ۾ اسسٽنٽ وائيس پريزيڊنٽ آهي.

    غلام رسول ميمڻ:
    هي صاحب مسلم ڪمرشل بينڪ ۾ مئينجر آهي. سندس پٽ غلام مرتضيٰ ميمڻ بينڪ الحبيب ۾ آفيسر آهي.

    قاضي اميد علي قريشي:
    هي صاحب هن وقت سنڌ بينڪ ۾ آپريشن مئنيجر آهي. ان کان اڳ هو يوبي ايل آفيسر هو. سال 1998ع ۾ جيڪي زوريان آفيسر ڪڍيا ويا، تن مان هڪ به هو. هي ادب دوست ۽ سماج سڌارڪ آهي.

    شاهجھان سنائي:
    هي صاحب هن وقت اسٽيٽ لائيف ڪارپوريشن جي آءِ. ٽي سيڪشن ۾ مئنيجر آهي. ان کان اڳ هو پرائيوٽ سيڪٽر ۾ مختلف آءِ. ٽي ڪمپنين ۾ ڪم ڪندو رهيو آهي. هن ڪمپيوٽر سائنس ۾ ايم. ايس ڪئي آهي.

    سيد گلفام شاهه ڪاظمي:
    هن جو اصلي نالو سيد غلام حسين شاهه آهي، جيڪو سندس ڏاڏي جو نالو آهي. ياد رهي ته سيد غلام حسين شاهه صاحب اول هالا پراڻا جو اهم ترين شخص هو، جيڪو نه صرف سائين جي ايم سيد جو ويجهو عزيز هو، پر سڪرنڊ ۽ محراب پور پاسي واريون زمينون پڻ سنڀاليندو هو. سائين اميدر حيدر شاهه صاحب هن جو نياڻو ٿئي، وري هيءُ غلام حسين دوئم عرف گلفام شاهه ڪاظمي سائين امير حيدر شاهه جو نياڻو ٿيو آهي. هي صاحب هن وقت ايس يو پي جو سرگرم اڳواڻ هئڻ سان گڏ نيشنل بينڪ ۾ اسسٽنٽ وائيس پريزيڊنٽ به آهي.

    عزيز احمد سنائي:
    هي صاحب منهنجو ننڍو ڀاءُ آهي ۽ هن وقت اسٽيٽ لائيف ڪارپوريشن ميرپورخاص زون ۾ ۾زونل اڪائوٽنٽ آهي. هن فيلو آف لائيف مئنجمينٽ انسٽيٽيوٽ، يو. ايس. اي آهي، گڏوگڏ هن سنڌ يونيورسٽي مان ايم. بي. اي فنانس ڪئي آهي.

    عبدالستار سنائي:
    منهنجو ننڍو ڀاءُ عبدالستار به اسٽيٽ لائيف ڪارپوريش، حيدرآباد زون ۾ اسسٽنٽ جنرل مئينجر آهي. هي فيلو آو لائيف مينجمينٽ آهي. ان کان علاوه ايم. بي. اي به ڪئي آهي.

    وقاص احمد ميمڻ ۽ انجنيئر وقار احمد ميمڻ:
    هي صاحب پي. ايس. او ۾ آءِ. ٽي اسپيشلسٽ آهي. هن جو ننڍو ڀاءُ انجنيئر وقار احمد ميمڻ ڪراچي اليڪٽرڪ ۾ انجنيئر آهي.


    * انجنيئر

    پروفيسر انجنيئر محمد علي قريشي:
    ملان سانوڻي پاڙي سان تعلق رکندڙ هي صاحب به انوکو شخص هو. پاڻ پهرئين اريگيشن کاتي ۾ انجنيئر هو، پر اها نوڪري ڇڏي، اچي مهراڻ يونيورسٽي ۾ استاد ٿيو. آخري وقت ۾ هو سول انجنيئرنگ شعبي ۾ پروفيسر هو.
    هي صاحب بيحد ديندار ماڻهو هو. چون ٿا ته روزانو سول اسپتال ۾ وڃي مريضن جي تيماداري ڪندو هو. ان کان علاوه پنهنجي پاڙي جي ڪيترن بيروزگارن کي ايريگيشن توڙي ٻين کاتن ۾ نوڪريون حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. هن جو هڪ ڀاءُ ڊاڪٽر هو، جيڪو سجاول پاسي وڃي لڏي ويٺو. ۽ ان جو اولاد هاڻي شايد سجاول يا حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.

    مرحوم انجنيئر قاضي رشيد احمد ۽ انجنيئر قاضي نورالدين:
    نامور سياستدان محترم حفيظ قريشي جو فرزند انجنيئر قاضي رشيد احمد مهراڻ يونيورسٽي ڪاليج نوابشاهه ۾ اسسٽنٽ پروفيسر هو ته بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سان گذاري ويو. ان کان علاوه قريشي صاحب جو هڪ پٽ انجنيئر نورالدين صاحب جيڪو اسسٽنٽ انجنيئر هاءِ ويز هو، سو به تازو روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو آهي.

    انجنيئر عبدالله ميمڻ:
    هي صاحب گهڻو ڪري ٻاهرين ملڪن ۾ نوڪري ڪندو رهيو آهي ۽ ڪجهه عرصي لاءِ هو مهراڻ يونيورسٽي ۾ پڙهائيندو رهيو آهي. هن صاحب جي حوالي سان اڻ تصديق ٿيل خبر آهي ته هن ٻاهران ايم اِي ڪئي آهي. هن جو ننڍو ڀاءُ ڊاڪٽر احسان ميڊيڪل ڊاڪٽر آهي. هنن جي خاندان چاليهارو سال کن اڳ هتان لڏي وڃي حيدرآباد وسائي آهي. عبدالله صاحب جون نياڻيون شايد ڊاڪٽر آهن ۽ پٽ به اعلي ٰتعليم يافته آهن. هن جو ٻيو ڀاءُ عبدالرشيد فارغ تحصيل حافظ هئڻ سان گڏ اورنٽيل ٽيچر آهي. حافظ رشيد جون نياڻيون به اعليٰ تعليم يافته آهن.

    انجنيئر هدايت الله ميمڻ:
    انجنيئر هدايت الله ميمڻ (ٻنڌاڻي) اريگيشين کاتي مان ايس. ڊي. او طور ريٽائر ٿيو آهي. سندس ٻه پٽ عنايت الله ميمڻ ۽ وحيدالله به انجنيئر آهن.

    انجنيئر فيض محمد ميمڻ:
    هي صاحب اريگيشن کاتي مان ايگزيڪٽو انجنيئر ٿي ريٽائر ٿيو آهي. هن وقت هالا نوان ۾ رهائش پذير آهي.

    انجنيئر فاروق احمد ميمڻ:
    هي صاحب به نوڪري جي حوالي سان ٻاهر رهيو آهي. هن جو وڏو پٽ سرفراز احمد ڪراچي اليڪٽرڪ ۾ انجنيئر آهي.

    پروفيسر انجنيئر محمد ايوب ميمڻ:
    پروفيسر محمد ايوب ميمڻ قائد عوام يونيورسٽي جي سول شعبي مان ائسوسئيٽ پروفيسر طور ريٽائر ٿيو آهي. سندس ڀاءُ شمس الدين ميمڻ آن فارم واٽر مئيجمينٽ ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آهي.
    سائين جو پٽ انجنيئر منيب احمد ميمڻ تازو قائد عوام يونيورسٽي جي سول شعبي ۾ ليڪچرر ٿيو آهي.

    انجنيئر هدايت الله ميمڻ (خاقواڻي):
    هي صاحب ورڪس ۽ سروسز کاتي مان سپرنٽنڊنگ انجنيئر طور ريٽائر ٿيو هو. تازو وفات ڪري ويو آهي.

    انجنيئر منظور احمد ميمڻ ۽ ڀائر:
    هالا پراڻا جي ٻوراڻي ميمڻ محلي سان تعلق رکندڙ هيءُ صاحب عاشق هالائي جو وڏو ڀاءُ آهي ۽ تازو اريگيشن کاتي مان اگزيڪيٽو انجنيئر طور ريٽائر ٿيو آهي. هالا پراڻا ۾ پيپلز پارٽي جي بنياد وجهندڙن مان هڪ هي شخص آهي. هن جو هڪ ڀاءُ ارشاد احمد ايگريڪلچر انجينئرنگ کاتي مان اسسٽنٽ انجنيئر طور ريٽائر ٿيو آهي. هن جو ٽيون ڀاءُ سوئي گئس ڪارپوريشن ۾ سينئر انجنيئر هو. هن جو چوٿون ڀاءُ اشتياق احمد پنهجو ڪاروبار ڪري ٿو ۽ تازو بلدياتي ڪائونسلر ٿيو آهي. هن جا پٽ ۽ ڀائيٽا، ڀائيٽيون به انجنيئر يا ائڊووڪيٽ آهن. هي سڀ هاڻي حيدرآباد ۾ رهن ٿا.

    انجنيئر عزيز احمد ميمڻ ۽ ڀائر:
    ڪوٽار محلي جو هي صاحب اريگيشن کاتي ۾ سپرنٽينڊنگ انجنيئر آهي. سندس ننڍو ڀاءُ ڊاڪٽر صاحب ڏنو ميڊيڪل آفيسر آهي. ٽيون ڀاءُ ڊاڪٽر عبدالڪريم گل وٽنري ڊاڪٽر آهي. هڪ ڀاءُ محمد اسلم هاءِ اسڪول ٽيچر آهي. هنن جو والد صاحب حاجي قادرڏنو ميمڻ به منفرد شخصيت جو مالڪ هو. هو نه صرف زميندار ۽ واپاري هو، پر ٽرانسپورٽ ۾ نالو ڪمايائين. هن صاحب وڏي سيڙپ ڪري هالا پراڻا کان حيدرآباد تائين بس شروع ڪئي.

    انجنيئر پروفيسر پير اڪبر سرهندي:
    هي صاحب هن وقت حبيب ڪاليج آو ٽيڪنالاجي، نوابشاهه جو پرنسيپل آهي. هي صاحب بهترين استاد هئڻ سان گڏ پنهنجي کاتي جو انتهائي ايماندار، ڄاڻو آفيسر آهي. هن جو والد سائين عبدالصمد به ناميارو پرائمري ٽيچر ۽ هيڊ ماسٽر هو.

    انجنيئر مسرور احمد ڀٽي:
    هي صاحب هن وقت گورنمينٽ مونوٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ هالا جو پرنسپال آهي. هو ان کان اڳ ٺٽي شگر مل ۾ ڪيميڪل انجينئر هو. سندس گهر واري آپا رضيه تازو ڊپٽي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيش آفيسر طور وقت کان اڳ ريٽائر ڪيو آهي. هوءَ سالن تائين مخدوم محمد صالح ڀٽي گرلز هاءِ اسڪول جي هيڊمسٽريس رهي آهي. سندس اعليٰ انتظام جي ڪري ان اسڪول جو تعليمي معيار سڄي ضلعي ۾ مثالي رهيو. تازو ان اسڪول کي ماڊل اسڪول بنائڻ جو فيصلو ٿيو آهي. هنن جي نياڻي ڊاڪٽر عائشه هالا پراڻا جي پهرئين ڊاڪٽرياڻي آهي، جنهن ايف سي پي ايس پارٽ 1 سرجري ۾ پاس ڪيو آهي.

    انجنيئر آخوند انور:
    هي قائدعوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاهه ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي. ان کان علاوه هو يونيورسٽي جي ٽرانسپورٽ سيڪشن جو به انچارج آهي. هن جو پٽ انجنيئر محمد اڪرم آخوند مهراڻ يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي.

    انجنيئر ممتاز علي ميمڻ:
    هي صاحب هن وقت اريگيشن کاتي ۾ سب ڊويزنل آفيسر آهي. سندس رهائش ڪراچي ۾ آهي.

    انجنيئر خادم حسين عمراڻي ۽ فداحسين عمراڻي:
    هن وقت هي صاحب گوادر پورٽ اٿارٽي ۾ سينيئر انجنيئر آهي. خادم صاحب جو وڏو ڀاءُ فدا حسين عمراڻي چند سال اڳ جڏهن سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ اسسٽنٽ هو ته گذاري ويو.
    مرحوم فدا صاحب حد درجي جو مهمان نواز ۽ يار ويس شخص هو. ڪراچي ۾ ڳوٺ يا تر جو ڪو به ماڻهو مليس ته جيسين ان کي ماني ٽڪي نه کارائي ته سک نه اچيس. مرحوم جو وڏو پٽ ڪامران لا ڊپارٽمينٽ ۾ والد جي ڪوٽا تي ڀرتي ٿيو ۽ هن وقت اتي ڪم ڪري ٿو.

    انجنيئر مشتاق احمد ميمڻ:
    هي آن فارم واٽر مئنجمينٽ ۾ انجنيئر آهي. ڪجهه عرصو هي حيدرآباد اسپورٽس ڪلب جو ائڊمنسٽريٽر رهيو آهي. هن جو هڪڙو ڀاءُ اعجاز احمد پي. آءِ. اي ۾ آهي ۽ ٻيو ننڍو ڀاءُ پرويز احمد ڪي پي ٽي ۾ آهي.

    انجنيئر منظور احمد ارباب ۽ ڀائر:
    هي صاحب هن وقت نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۾ ڊائريڪٽر آهي. سندس وڏو ڀاءُ صاحبڏنو اسٽيٽ بينڪ مان ريٽائر ٿيو آهي ۽ سگا جو سرگرم ڪارڪن آهي، ٽيون ڀاءُ ڊاڪٽر الله بخش سينئر ميڊيڪل آفيسر آهي، چوٿون ڀاءُ اعجاز به يوبي ايل ۾ آفيسر هو پر هاڻي پنهنجو ڪاروبار ڪري ٿو. ڊاڪٽر الله بخش جو هڪ پٽ آرمي ۾ ڪئپٽن آهي ۽ ٻيو پٽ وري سوئي سائودرن گئس ڪمپني ۾ آهي. هي ڪٽنب هاڻي هالا نوان ۾ رهائش پذير آهي.

    انجنيئر امتياز احمد ميمڻ:
    هي ڊاڪٽر مفتون جو ننڍو ڀاءُ هو ۽ تازو وفات ڪري ويو آهي. هو ٽيليفون انڊسٽريز ڪارپوريشن ۾ سينيئر انجنيئر هو.

    انجنيئر بابو عبدالحڪيم ميمڻ:
    هي صاحب ڪافي عرصو ڪراچي انجنيئرنگ شپيارڊ ۾ ڪم ڪندو رهيو، پر هاڻي پنهنجو ڪاروبار ڪري ٿو.

    انجنيئر قاضي نويد مسعود قريشي:
    هي صاحب هن وقت پي. آءِ. اي ۾ جنرل مئنيجر آهي.

    انجنيئر فتح محمد سنائي ۽ ڀائر:
    هي صاحب هن وقت ورڪس ائنڊ سروسز کاتي ۾ ايگزيڪٽو انجنيئر آهي. هي پڻ علمي ۽ ادبي شخص آهي.
    هن جو هڪ ڀاءُ محمد انور اين. جي. آءِ لائيف اشورنس ڪمپني ۾ مئنيجر آهي ۽ سندس ٽيون ڀاءُ احسن خان نيشنل بينڪ ۾ گريڊ ون آفيسر آهي.
    هن جو ڀائيٽو شاهزيب لوڪل گورنمينٽ ۾ ۽ ٻيو ڀائيٽو حامد علي سونهري بينڪ ۾ آفيسر آهي.

    انجنيئر اظهر قادر ميمڻ:
    انجنيئر اظهرقادر ميمڻ ڪافي وقت لطيف آباد ۽ قاسم جي ٽائون ميونسپل ائڊمنسٽريشن جو ٽي. ايم. او رهيو آهي.
    هن جو وڏو ڀاءُ ظفر قادر به ريٽائرڊ ميونسپل آفيسر آهي. هن جو ڀائيٽو مبشر ظفر تعليم کاتي ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر آهي.

    انجنيئر محمد ميمڻ ۽ ڀائر:
    هي صاحب ڪي اليڪٽرڪ ۾ انجنيئر آهي. سندس هڪ ڀاءُ ڊاڪٽر رفيق احمد وٽنري ڊاڪٽر آهي. ٻيو ڀاءُ ڊاڪٽر امير احمد اکين جو ماهر ڊاڪٽر آهي ۽ سعودي عرب جي ڪنهن اسپتال ۾ مقرر آهي. هن جو چوٿون ڀاءُ انجنيئر شفيق احمد اسٽيل ملز ۾ آهي ۽ آخري ڀاءُ تنوير به وٽنري ڊاڪٽر آهي.

    انجنيئر سليم احمد سنائي:
    انجنيئر سليم احمد سنائي هن وقت مهراڻ يونيورسٽي ۾ ڊائريڪٽر آءِ ٽي سينٽر آهي ۽ ان کان اڳ هو پي ٽي سي ايل ۾ سينئر انجنيئر ۽ ڊائريڪٽر هو. ان کان اڳ هو مهراڻ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج، نوابشاهه ۾ ليڪچرار به رهيو.
    هن صاحب ايم. اي انجنيئرنگ کان علاوه ايم. بي. اي مارڪيٽنگ ڪئي آهي.

    انجنيئرالطاف شيخ ۽ انجنيئر نثار احمد شيخ:
    انجنيئر الطاف احمد شيخ سوئي سائودرن گئس ۾ مئنيجر آهي، ۽ انجنيئر نثار احمد شيخ ايڇ ڊي اي ۾ انجنيئر آهي.
    هنن جو ڀائيٽو ۽ منيراحمد شيخ صاحب جو وڏو پٽ حماد ڪنهن بينڪ ۾ آفيسر آهي.

    انجنيئر بشير احمد سنائي:
    هي صاحب ورڪس ۽ سروس کاتي ۾ اسسٽنٽ انجنيئر آهي. سندس ننڍو ڀاءُ نصير احمد سنائي اسٽيٽ لائيف ۾ سيلز مئينجر آهي. ۽ ٽيون ڀاءُ شهمير احمد حيسڪو ۾ روينيو اسسٽنٽ آهي.

    پروفيسر ڊاڪٽر انجنيئر عبداللطيف سنائي: (ولادت 09 اپريل 1970ع)
    هي راقم جو ننڍو ڀاءُ آهي ۽ ننڍپڻ کان علم و ادب سان تعلق رکندو اچي. ماضي ۾ سائنسي ڪهاڻيون توڙي مضمون لکندو رهيو آهي. مهراڻ يونيورسٽي مان بي. اي اليڪٽريڪل انجنيئرنگ، ايم. اي. ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪرڻ کان پوءِ چين جي ڪنهن يونيورسٽي مان ٽيلي ڪميونيڪشن ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي آهي. ان کان اڳ هن آءِ بي اي ڪراچي مان ايم بي اي فنانس به ڪئي. نوڪري جي شروعات اين اي ڊي يونيورسٽي جي ليڪچرار طور ڪئي. وچ ۾ هو پي ٽي سي ايل ۾ ويو. هاڻي چند سالن کان مهراڻ يونيورسٽي ۾ آهي، جتي اڄ ڪلهه ايسوسيئيٽ پروفيسر آهي.

    انجنيئر رئيس شڪيل احمد ميمڻ:
    هي صاحب حيسڪو ۾ اسسٽنٽ انجنيئر آهي. سندس هڪ ڀاءُ عقيل احمد پوليس ۾ سب انسپيڪٽر آهي ۽ ٻيو ڀاءُ وسيم احمد روينيو کاتي ۾ ڊپٽي ڪمشنر آهي. هنن جو هڪ سوٽ سهيل احمد به روينو کاتي ۾ ڊپٽي ڪمشنر آهي.

    انجنيئر عمر ميمڻ:
    هي صاحب ڪنهن پرائيوٽ ڪمپني ۾ سينئر انجنيئر آهي.

    انجنيئر منظور احمد سنائي:
    هي صاحب ائگريڪلچر انجنيئر آهي ۽ آن فارم واٽر مئينجمينٽ ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آهي. هن جو والد ۽ منهنجو مامو محمد عثمان سنائي پوليس کاتي مان سب انسپيڪٽر طور ريٽائر ٿيو آهي.

    انجينيئر غلام الله ۽ انجنيئر غلام محمد ميمڻ:
    انجنيئر غلام الله ته پنهنجو ڪاروبار ڪري ٿو، باقي سندس ننڍو ڀاءُ انجنيئر غلام محمد ميمڻ صاحب پاڪستان اسٽيٽ آئل جي آءِ. ٽي سيڪشن ۾ آهي. هنن جو ننڍو ڀاءُ غلام مجتبيٰ ميمڻ انگلش شارٽ هئنڊ جو انسٽرڪٽر آهي.

    انجنيئر تحسين احمد سنائي:
    هي هن وقت آءِ. بي. اي سکر ۾ اسسٽنٽ انجنيئر آهي.


    * ڊاڪٽر

    ڊاڪٽر محمد علي ميمڻ:
    مخدوم محمد صالح ڀٽي پنهنجي ڪتاب بعنوان فاروق اعظم جي لکڻ جو محرڪ هن صاحب جو وصال ڄاڻايو آهي. اهو ڪتاب 1952ع ۾ شايع ٿيو. ان ڪتاب ۾ هن صاحب جي تصوير به ڏني آهي. اندازو آهي ته هي صاحب ماضي جي تعليمي عملدار حاجي علي اڪبر ميمڻ جو وڏو ڀاءُ يا ويجهو عزيز هو، جنهن مذڪوره ڪتاب ۾ سندس وڇوڙي تي غزل لکيو ويو آهي. هن جو وڌيڪ احوال حاصل نه ٿي سگهيو آهي.

    ڊاڪٽر عبد السلام ميمڻ ۽ سندس پٽ:
    مرحوم ڊاڪٽر عبدالسلام ميمڻ، ڪافي سالن تائين صحت کاتي ۾ انتظامي عهدن تي رهيو ۽ آخري وقت ۾ هو ڪراچي ۾ لڏي ويو. سندس ڀاءُ انجنيئر عبدالفتاح گورنمينيٽ ووڪشينل ٽريننگ سينٽر جي پرنسپل طور ريٽائر ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب جو وڏو پٽ انجنيئر عبدالسميع صاحب اسٽيل ملز ۾ جنرل مئنيجر آهي. سندس ٻيو پٽ ڊاڪٽر عبدالستاراکين جو ماهر ڊاڪٽر آهي. سندس ٽيون پٽ عبدالصمد هاءِ ڪورٽ جو وڪيل آهي. ان کان علاوه سندس ٽي پٽ عبدالشڪور، عبدالغفار ۽ عبدالجبار سول انجنيئر آهن، ۽ روزگار سانگي سعودي عرب يا دبئي ۾ رهن ٿا. سندس ننڍو پٽ عبدالرحيم فشريز کاتي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آهي. هي سڀ اڄ ڪلهه ڪراچي ۾ رهن ٿا.

    ڊاڪٽر پروفيسر رفيق احمد ميمڻ:
    هي صاحب جيڪو حيدرآباد جو مشهور ڊينٽسٽ هو، ۽ لياقت يونيورسٽي ۾ ڊينٽسري جو پروفيسر هو ۽ اتان پروفيسر آف ڊينٽل سرجري طور ريٽائر ٿيو، سو صاحب هالا پراڻا ڄائو آهي. ڊاڪٽر صاحب تازو وفات ڪري ويو آهي. هو ماستر محرم ميمڻ، جيڪو رناڻي محله جو رهواسي هو، جو فرزند هو. مخدوم نذير احمد ڀٽي سندس پڦاٽ ٿئي.
    آئون سمجهان ٿو ته هن جي شروعاتي تعليم هالا پراڻا ۾ ٿي آهي، باقي پوءِ واري تعليم حيدرآباد ۾ ٿي، جتي هن جو والد لڏي ويو. سندس تدفين به حيدرآباد ۾ ڪئي ويئي. سندس خاندان ڪافي سالن کان حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.

    ڊاڪٽر فاروق احمد ميمڻ:
    هن صاحب به پهرئين فوج ۾ ڊاڪٽر هو. جتان رٽائر ٿيڻ بعد سنڌ حڪومت جي صحت کاتي ۾ مقرر ٿيو. اتان به هو تازو ريٽائر ٿيو آهي. ماضي ۾ هو هينڊس سان لاڳاپيل رهيو آهي ۽ هن وقت دارالعلوم اسلاميه جي دارالشفا جو انچارج آهي.

    ڊاڪٽر قاضي نعيم اختر صديقي: (ولادت 01 سيپٽمبر 1956ع)
    هي صاحب قاضي محمد تقي اين صديقي جو فرزند آهي ۽ ڪجهه عرصو اڳ ريٽائر ٿيو آهي. آخري وقت ۾ سول اسپتال حيدرآباد جي اينجوگرافي شعبي جو سربراهه هو. ان کان اڳ به هو انهي ساڳئي اسپتال ۾ انتظامي عهدن تي ڪم ڪندو رهيو آهي.
    هن صاحب سال 1996ع ۾ آسٽريليا جي گرفٿ يونيورسٽي مان ڪميونٽي ائنڊ پبلڪ هيلٿ ۾ ماسٽرس ڪئي آهي ۽ ان کان علاوه آمريڪا جي بارڪلي يونيورسٽي، سان فرانسسڪو مان هاسپيٽل ائڊمنسٽريشن ۾ ٽريننگ ورتي آهي. سندس پٽ به مختلف اهم نوڪرين ۾ آهن.
    هي صاحب اڃان صغير هو ته سندس والد وفات ڪري ويو. ان کان پوءِ سندس پالنا سندس وڏي ڀاءُ امير اختر ڪئي.

    ڊاڪٽر نذير احمد ميمڻ:
    هي صاحب جيتوڻيڪ ڄائو نپنو هالا نوان ۾ آهي، پر هن جي خاندان جو تعلق نه صرف هالا پراڻا سان آهي، پر پاڻ شادي به هالا پراڻا مان ئي ڪئي اٿائين. شروعات ۾ فوج ۾ ڊاڪٽر ٿي رهيو آهي. اتان ريٽائر ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي ڪلينڪ هلائي ٿو.

    ڊاڪٽر قاضي لياقت علي قريشي:
    هي صاحب ٻارن جو ماهر ڊاڪٽر ۽ سرڪاري نوڪري تان تازو ريٽائر ٿيو آهي.

    ڊاڪٽر رشيد احمد ميمڻ:
    هالانوان ڄائي ڊاڪٽر رشيد احمد ميمڻ جي والدين جو تعلق هالا پراڻا سان آهي. هي بيحد بااخلاق ۽ رلڻو ملڻو شخص آهي. تازو سرڪاري نوڪري مان ريٽائر ٿيو آهي.

    ڊاڪٽر نور محمد ميمڻ:
    هالا پراڻا جي ڪوري ميمڻ محلي سان تعلق رکندڙ هي صاحب تازو گذاري ويو آهي. هو ماهر سرجن هو.
    هن جو ننڍو ڀاءُ نذير احمد، تعليم کاتي ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ آهي ۽ هن وقت حيدرآباد ۾ رهي ٿو.

    ڊاڪٽر امتياز احمد ميمڻ:
    هالا پراڻا جي لالواڻي ميمڻ خاندان سان تعلق رکندڙ هي صاحب ڪارڊيالوجسٽ آهي. سندس مقرري ۽ رهائش هن وقت حيدرآباد ۾ آهي.

    ڊاڪٽر مفتون احمد ميمڻ:
    ٻنڌاڻي ميمڻ جي پاڙي سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر مفتون احمد ميمڻ ڄائو توڙي پڙهيو هالا نوان ۾ آهي، پر سندس آڪهه جو تعلق هالا پراڻا سان رهيو آهي. ڊاڪٽر صاحب حڪيم محمد اشرف ڀٽي صاحب جو ڏوهٽو آهي ۽ سندس پيڊياٽرڪس ۾ ڊپلومه ٿيل آهي.

    ڊاڪٽر قاضي عرفان علي قريشي:
    هي صاحب محترم قاضي محمد اعظم قريشي جو وڏو پٽ آهي ۽ هن وقت هالا پراڻا جي سرڪاري اسپتال ۾ مقرر آهي. ان کان علاوه هو پنهنجي والد صاحب جي سماجي سرگرمين وارين روايتن کي جيئاريندو اچي ۽ هن وقت هو هلال احمر اسڪول جي بورڊ آو گورنرس جو چيئرمين آهي.

    ڊاڪٽر رضا محمد صدر:
    هي صاحب هالا پراڻا جو مقبول ترين ڊاڪٽر آهي. سندس گهرواري ادي عظيمه آخوند به ڊاڪٽرياڻي آهي. سندس وڏو پٽ انس رضا به ڊاڪٽري پڙهي رهيو آهي. ڊاڪٽر رضا صاحب سماج سڌار سرگرمين ۾ ڪافي سرگرم رهندو رهيو آهي. ماضي ۾ هلال احمر سب برانچ تنظيم جو مکيه رڪن رهيو آهي. ڪجهه عرصو اڳ انهي تنظيم پاران قائم هيلٿ ڪلينڪ ۾ خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو آهي.

    ڊاڪٽر رفيق احمد سنائي: (ولادت 11 جنوري 1963ع)
    ڊاڪٽر رفيق احمد هالا پراڻا ۾ ڄائو. هن صاحب ايم بي بي ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج ، ڄامشوري مان ڪئي ۽ سال ۾ ايف سي پي ايس ميڊيسن شعبي ۾ ڪئي آهي. ڪافي سالن کان هو نوابشاهه ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ پروفيسر آو ميڊيسن طور ڪم ڪري رهيو آهي. تازو کيس ميڊيڪل فيڪلٽي جو ڊين به مقرر ڪيو ويو آهي.
    هن صاحب عالمي ڪانفرنسن جي سلسلي ۾ ڪافي سارن ملڪن جو سفر ڪيو آهي.

    ڊاڪٽر قمرالدين ميمڻ ۽ ڀائر:
    ڊاڪٽر قمرالدين ميمڻ هن وقت پوليس لائين هاسپيٽل ۾ سينئر ميڊيڪل آفيسر آهي. ڊاڪٽر قمر جي مهارت بيهوش ڪرڻ يعني Aneasthesia آهي. هن جو ڀاءُ شهاب الدين ميمڻ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ حيدرآباد آهي، ۽ ٻيو ڀاءُ انجنيئر فيروز ميمڻ نئشنل هاءِ ويز اٿارٽي ۾ عملدار آهي.
    ڊاڪٽر انور ميمڻ ۽ ڊاڪٽر اصغر ميمڻ:
    ڏناڻي ميمڻ خاندان سان تعلق رکندڙ هي ٻئي ڀائر صحت کاتي ۾ ڊاڪٽر آهن. ڊاڪٽر انور جو هڪ پٽ فهيم ميمڻ جيل کاتي ۾ اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ جيلز آهي. ٻيو پٽ ٻيلي کاتي ۾ آفيسر آهي.

    ڊاڪٽر قاضي محمد علي قريشي:
    قاضي غلام محمد قريشي جي ٽين گهرواري مان پيدا ٿيل ڊاڪٽر قاضي محمد علي صاحب جي ميڊيڪل جي ائناٽامي شعبي ۾ اسپيلزائيزيشن ٿيل آهي، هن وقت هن جي مقرري گمبٽ ميڊيڪل انسٽيٽوٽ ۾ ٿيل آهي. ان کان اڳ پشاور جي ڪنهن خانگي ميڊيڪل ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ڪم ڪري چڪو آهي.

    ڊاڪٽر بشير احمد ميمڻ:
    هن صاحب جي وڏڙن جو تعلق به هالا پراڻا سان رهيو آهي. هن جو هڪ سوٽ فضل عرف شهاب ميمڻ اسٽيٽ لائيف ۾ سيلز مئينجر آهي.

    ڊاڪٽر بشير ڪامل ميمڻ:
    هي هن وقت ته هالا نوان ۾ رهي ٿو ته پر هالا پراڻا ۾ پڙهيو ۽ نپنو آهي. هن جو والد ننڍپڻ ۾ گذاري ويو. پر ان هوندي به هن وڏي محنت ڪري ڊاڪٽري پڙهيو آهي. سندس ننڍو ڀاءُ نذير احمد ڪامل به ڪنهن کاتي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آهي، سو به هالا پراڻا مان لڏي ويو آهي.

    ڊاڪٽر عطاالله صدر: (ولادت 3 آگسٽ 1966ع)
    ڊاڪٽر عطاالله صدر به هالا پراڻا جو مقبول ڊاڪٽر آهي. هي ثناءَ الله صدر جو وڏو ڀاءُ آهي. هن جو وڏو پٽ به ڊاڪٽري پڙهي رهيو آهي.

    ڊاڪٽر حاجي محمد شيخ:
    ڊاڪٽر حاجي محمد شيخ، اسٽيٽ لائيف ڪارپوريشن ۾ ڊپٽي جنرل مئنيجر آهي. هن وقت هن صاحب جي پوسٽنگ اسلام آباد ۾ آهي.

    ڊاڪٽر زاهد احمد صدر:
    هي صاحب هن وقت صحت کاتي ۾ ميڊيڪل آفيسر طور مقرر آهي. پر ان کان اڳ هو ڪافي وقت تائين غير سرڪاري تنظيمن سان گڏ رهيو ۽ پنهنجي تنظيم شيڊس جو سربراهه به رهيو.
    هن جو ننڍو ڀاءُ خالد شفيع به ان تنظيم سان لاڳاپيل رهيو پر هن وقت هو صحت کاتي ۾ سينئر ميل نرس آهي. هن جو ٽيون ڀاءُ ساجد احمد به اين جي اوز ۾ سرگرم رهي ٿو.

    ڊاڪٽر عظيم آخوند:
    هي صاحب آرٿوپيڊڪس شعبي جو ماهر آهي ۽ هن وقت نوابشاهه جي ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ان شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي.

    فيمل ڊاڪٽرس:
    عورت ميڊيڪل ڊاڪٽرن ۾ ادي عظيمان آخوند کان علاوه، ادي عطيه شيخ، جهانگير ميمڻ جي گهر واري، شاهجھان سنائي جي گهرواري، انجنيئر اّظهر قادر جي گهرواري ۽ عرفان مهدي جي هڪ ٻي مرحومه ڀيڻ شامل آهن. محترم صادق لاکي صاحب جو ٻه نياڻيون به فزيوٿراپسٽ ڊاڪٽر آهن. سائين محمد ايوب ميمڻ جي هڪ نياڻي به ڊاڪٽرياڻي آهي. ڊاڪٽر رفيق سنائي توڙي انجنيئر فتح محمد سنائي جو نياڻيون به ايم بي بي ايس ڪري رهيون آهن.ڊاڪٽر اصغر ميمڻ جون به نياڻيون ڊاڪٽري پڙهي رهيون آهن.


    * حڪيم

    ويجهي ماضي ۾ هالا پراڻا سٺا حڪيم پيدا ڪيا آهن. جن ۾ اهم نالا حڪيم نورمحمد ڀٽي، حڪيم رحمت الله ڀٽي، حڪيم مخدوم محمد اشرف ڀٽي، حڪيم ليکراج کتري جن جا آهن.
    حڪيم نورمحمد ڀٽي اڳتي هلي حڪمت ڇڏي ڏني. هي صاحب مخدوم محمد صالح ڀٽي جو ڀاءُ هو. مخدوم آفتاب احمد ڀٽي وٽ هن جو قلمي مسودو بعنوان بهشتي زيور عرف احڪام الاهي آهي، جنهن ۾ قراني آيتون، حديثون ۽ بزرگن جو مختصر احوال شامل آهي. ممڪن آهي ته هن جو ٻيون به ڪي تصنيفون هجن.
    حڪيم ليکراج اڃا تائين روزانو هالا پراڻا ۾ حڪمت ڪري ٿو. سندس حڪمت خانو اخباري اڀياس گهر به رهندو آيو آهي. هي صاحب آسو رام جو پڙ پوٽو آهي ۽ سندس ڏاڏاڻي آڪهه جا اڪثر ماڻهو هندستان ۾ رهن ٿا. حڪيم ميان حماد ڀٽي ۽ مشتاق احمد ڀٽي به پنهنجي والدن جي ڪرت کي اختيار ڪيو آهي.


    * وڪيل

    قاضي رحمت الله قريشي: (1975ع - 1914ع)
    هي صاحب منهنجي خيال ۾ هالا پراڻا جو پهريون شخص آهي، جنهن بمبئي يونيورسٽي (ڊي جي سائنس ڪاليج) مان سال 1938ع ۾ بي. ايس. سي ڪئي. ٻڌايو وڃي ٿو ته ان کان پوءِ هن انگلنڊ انڊين سول سروس جو امتحان ڏيڻ ٿي گهريو، پر سندس والد صاحب کيس ملڪ کان ٻاهر نه ڇڏيو. هن صاحب پوءِ سال 19941ع ۾ ايل. ايل. بي ڪئي. ان کان پوءِ هو هالا ۽ حيدرآباد جي ڪورٽن ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو. جسٽس راڻا ڀڳوانداس، جسٽس حامد علي مرزا هن جا پراڻا دوست هئا.

    قاضي عبدالواحد قريشي:
    قاضي عبدالواحد قريشي سرڪاري وڪيل ٿي رهيو آهي. هن جو وڏو پٽ قاضي شهاب الدين نيشنل بئنڪ ۾ اسسٽنٽ وائيس پريزيڊنٽ آهي ۽ ٻيو پٽ شڪيل ڪي پي ٽي ۾ آفيسر آهي.

    ائڊووڪيٽ قاضي شفيع محمد ضيغم قريشي:
    هي صاحب محترم حفيظ قريشي جو وڏو پٽ هئو. هن ئي پنهنجي والد جي پيشي کي اپنايو.

    ائڊووڪيٽ مشتاق احمد ميمڻ:
    هي صاحب ائڊووڪيٽ بشارت احمد جو وڏو ڀاءُ هو ۽ ڪافي عرصو اڳ گذاري ويو آهي. هالا ۾ پيپلز پارٽي جي بنيادي ميمبرن مان هڪ هو. هن جو وڏو عشرت احمد به وڪالت جي پيشي سان لاڳاپيل آهي.
    ائڊووڪيٽ خداڏنو صدر:
    هي صاحب فاريسٽ کاتي مان ائڊمن آفيسر طور ريٽائر ٿي پوءِ وڪالت ڪرڻ لڳو آهي. سندس وڏو پٽ فهيم احمد فشريز کاتي ۾ آهي. ٻيو پٽ فيصل احمد نيشنل بينڪ ۾ گريڊ ون آفيسر آهي.

    ائڊووڪيٽ فضل قادر ميمڻ:
    هي صاحب ڄائو نپنو حيدرآباد ۾ آهي، پر هڪ ته سندس والدين جو تعلق هالا پراڻا سان آهي ۽ ٻيو ته پاڻ به نائين ڏهين جماعت هالا پراڻا ۾ مون سان گڏ پڙهيو آهي. ماضي ۾ هن سڳنڌ پبليڪشن قائم ڪري ٻه رسالا شايع ڪيا آهن. هن وقت هو نالي وارو ائڊووڪيٽ آهي، ڪافي ڀيرا سنڌ بار ڪائونسل جو رڪن به چونڊبو رهيو آهي.
    هي صاحب عبرت گروپ وارن جو قانوني صلاحڪار به آهي. هن جو هڪ ڀاءُ پرويز قادر اسلام آباد ۾ ائڊيشنل سيشن جج آهي ۽ ٻيو ڀاءُ سرڪاري وڪيل آهي. سندس هڪ ڀاءُ ڊاڪٽر آهي جيڪو هن وقت سعودي عرب ۾ ڪم ڪري ٿو.
    هن جو والد عبدالقادر ميمڻ به اريگيشن کاتي مان انجنيئر ٿي ريٽائر ٿيو. هالا پراڻا جي ٻوراڻي ميمڻ کي حيدرآباد ۾ورسائڻ ڪرڻ ۾ هن جو وڏو رول رهيو آهي.

    ائڊووڪيٽ بشارت احمد ميمڻ:
    هي صاحب هن وقت حيدرآباد ۾ رهي ٿو پر ڄائو نپنو هتي هالا پراڻا ۾ آهي. ڪافي ڀيرا حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بار جو صدر چونڊيو ويو آهي.

    ائڊووڪيٽ نياز حسين ڀٽو:
    هي صاحب ڪافي عرصو ڪراچي ۾ پرئڪٽس ڪندو رهيو آهي، پر هاڻي هتي ڪري ٿو. هن جو والد جنڊي جو ڪاريگر هو ۽ سٺو گائڪ به هو.

    ائڊووڪيٽ قربان ڀٽو ۽ سندس ڀائر:
    هي صاحب هن وقت مخدوم طالب الموليٰ گورنمينٽ لا ڪاليج هالا جو انچارج پرنسپل آهي. هي به ماضي ۾ ادبي ميدان تي سرگرم رهيو آهي. هن جو وڏو ڀاءُ مرحوم عبدالله پوليس پراسيڪيوٽر هو ۽ سندس ٻيو ڀاءُ پير بخش تعليم کاتي ۾ سپرنٽنڊينٽ آهي.
    هن جو ڀائيٽو غلام اڪبر ڀٽو مخدوم فخرزمان، چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل مٽياري جو پرائيوٽ سيڪريٽري آهي.

    ائڊووڪيٽ آخوند محمد:
    هن صاحب به ٿورو عرصو وڪالت ڪئي آهي. هي ساڳئي وقت هوميوپيٿڪ ڊاڪٽر به آهي.

    ائڊووڪيٽ يارمحمد سولنگي:
    هي صاحب به حيدرآباد ۾ وڪالت ڪندو هو. چند سال اڳ جواني ۾ گذاري ويو.

    ائڊووڪيٽ فهد شاهه جيلاني:
    هي صاحب به نوجوان وڪيل آهي.

    ائڊووڪيٽ فيص محمد ارباب:
    هي نوجوان وڪيل آهي ۽ حيدرآباد ۾ ئي وڪالت ڪري ٿو. (تازوهن سول جج جو امتحان پاس ڪيو آهي)


    * ڏيساور ۾ ڪم ڪندڙ انجنيئر ۽ پروفيشنلز

    انجنيئر عنايت الله ميمڻ:
    هي صاحب ڪافي وقت کان سعودي عرب ۾ ڪم ڪري ٿو. هاڻي ته هن جا پٽ به اتي ڪم ڪن ٿا.

    رشيد احمد سنائي:
    منهنجو ڪلاس فيلو ۽ مائٽ رشيد احمد سنائي هن وقت دبئي جي ايمريٽس ايئر لائينز ۾ ائسوسئيٽ انجنيئر آهي. ان کان اڳ سعودي عرب جي ڪنهن ايئر لائين ۾ ڪم ڪندو هو. هتي پاڪستان ۾ هو سالن تائين پي. آءِ. اي ۾ ڪم ڪندو رهيو. سندس ننڍو ڀاءُ نديم احمد هاءِ اسڪول ٽيچر آهي ۽ آخري ڀاءُ سجاد احمد لوڪل گورنمينٽ کاتي ۾ اسسٽنٽ آهي.

    قاضي محمد عظيم قريشي:
    هي صاحب ابوظهبي يا قطر جي ڪنهن انويسٽمينٽ ڪمپني ۾ ڪم ڪري ٿو. انٽر ڪرڻ کان پوءِ هن آرمي ۾ ڪميشن حاصل ڪئي پر اها ڇڏي آيو. پوءِ هو يو بي ايل بينڪ ۾ ڪم ڪندو رهيو. ان کان پوءِ ڪراچي جي انويسٽمينٽ ڪمپني ۾ ڪم ڪندو رهيو. هاڻي چند سالن کان هو قطر، دبئي ۽ ابوظهبي ۾ ڪنهن انويسٽمينٽ ڪارپوريشن يا بينڪ ۾ ڪنسلٽنٽ آهي. کيس پنهنجي خاندان جي قديم نوادارت جهڙوڪ تلوارون، قرآن پاڪ جو قلمي نسخو وغيره کي محفوظ ڪرڻ جو اونو رهندو آهي.

    گل محمد گل سنائي:
    هي صاحب هن وقت انگلينڊ ۾ ڪنهن اسپتال ۾ ڪم ڪري ٿو. هن صاحب نرسنگ ۾ بيچلر آف سائنس جي ڊگري آغا خان يونيورسٽي مان ورتي آهي. هو ڪافي عرصو هينڊس ۾ نرسنگ انسٽرڪٽر طور ڪم ڪندو رهيو. ڪافي سال اڳ هو انگلينڊ ويو. هو اتي سياسي ۽ سماجي سطح تي بيحد سرگرم آهي.

    انجنيئر عبدالغفار ميمڻ ۽ سندس انجنيئر ڀائر:
    هي صاحب توڙي سندس ٻه ٻيا ڀائر انجنيئر عبدالشڪور ۽ انجنيئر عبدالجبار به سعودي عرب جي ڪمپين ۾ ڪن ٿا. هونئن هي خاندان ڪراچي ۾ وڃي رهيو آهي.

    حاجي محمد پريل سنائي:
    هي صاحب دبئي جي ڪنهن سافٽ ويئر هائوس ۾ ويب ڊوپلر آهي.


    * صحافي

    عبدالڪريم ميمڻ:
    هي صاحب هڪ وڏي عرصي کان عبرت اخبار جو تعلقه رپورٽر آهي. هو ماضي ۾ عزيز مگسي جي تنظيم پاران نڪرندڙ رسالي صداءِ وطن جو ايڊيٽر رهيو. شروع ۾ سندس لاڙو ادب ڏانهن به رهيو. پر پوءِ هو ڪل وقتي صحافي ٿي ويو. سندس والد محترم حاجي ڪارو ميمڻ هالا جو نالي وارو واپاري ۽ منفرد سڀاءَ وارو شخص هو.

    الطاف حسين ميمڻ: (ولادت 30 اپريل 1973ع)
    هي صاحب به ڪافي عرصي کان ڪاوش اخبار جو تعلقه رپورٽر آهي. هو ڪاوش اخبار سان ڪي ٽي اين نيوز چينل جو به نمائندو آهي. ضلعي مٽياري جي اهم ترين صحافين ۾ هن جو شمار ٿئي ٿو.
    صحافتي ميدان کان علاوه هو سماج سڌار سرگرمين ۾ به مشغول رهي ٿو. ان حوالي سان هو پنهنجي پاڙي ڪوٽار محلي جي مسئلن سان گڏ هالا پراڻا جي مکيه مسئلن کي حل ڪرائڻ ۾ ڪوشان رهي ٿو. ماضي ۾ هي صاحب به شاعري ڪندو رهيو آهي.

    رحمان ڪاشميري:
    هي هالاپراڻا جو سرگرم صحافي آهي. سياسي ميدان تي هو ايم ڪيو ايم جو اڳواڻ به رهيو آهي ۽ وفا جو تخلص استعمال ڪندو آهي.

    افتخار ميمڻ:
    هي صاحب پي. ٽي. وي کان علاوه امت اخبار جو نمائندو آهي. سندس ڀاءُ عمير احمد به ڪنهن چئنل يا اخبار جو نمائندو آهي.

    انجنيئر گلشن صدر:
    جيتوڻيڪ هاڻي هو سرڪاري نوڪري ۾ آهي، پر ورهين تائين هالا جو اهم اخباري نمائندو ٿي رهيو آهي.


    * نوجوان اڀرندر اديب ۽ پروفيشنل

    رضا محمد ميمڻ: (جنم 6 مئي 1968ع)
    محترم رضا محمد صاحب هن وقت الهڏني ساند جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ هاءِ اسڪول ٽيچر آهي. پر ان سان گڏ هي نه صرف هڪ ليکڪ پر هڪ سماجي اڳواڻ به آهي. هيل تائين مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس 70 کان مٿي آرٽيڪل شايع ٿيا آهن.
    هو ماضي ۾ مختلف سماجي تنظيمن سان به ڪم ڪري چڪو آهي. هالا پراڻا جي ادبي، علمي ۽ سماجي پروگرامن ۾ هو ڀرپور ساٿ ڏيندو آهي. تازو روز انٽرنيشل تنظيم مٽياري پاران کيس حسن ڪارڪردگي جو ايوارڊ ڏنو ويو آهي.

    غلام قادر عرساڻي:
    هي هالا پراڻا ڄائو به شاعري جو شغف رکي ٿو. هالا جي طرحي مشاعرن ۾ باقاعدگي سان شريڪ ٿيندو رهي ٿو. غزلن کان علاوه هن نوحا، سلام به لکيا آهن.

    امان الله صدر: (ولادت 26 آگسٽ 1985ع)
    هي صاحب نه صرف سماجي سطح تي پر ادبي فرنٽ تي به سرگرم آهي. هن سال سنڌي ادب ۾ ايم. فل ۾ داخلا ورتي آهي. ڪاوش ۾ سندس ڪهاڻيون ۽ مضمون شايع ٿيا آهن. هو حاجي يار محمد اڪيڊمي جي فورم تان معلوماتي سوال جواب يعني ڪئز پروگرام ڪرڻ سان گڏ سرڪاري اسڪولن جي امتحانن ۾ پوزيشنون کڻندڙ شاگردن کي همٿائڻ لاءِ انعامات ڏيڻ جا پروگرام ڪندو به رهي ٿو. ويجهڙائي ۾ اسان جيڪي ڪجهه ادبي پروگرام ڪيا آهن، تن ۾ هن جو سهڪار رهندو آهي. تازو 5 ڊسمبر 2016ع تي سوز هالائي صاحب جي اسي سالگرهه جو پروگرام به سٺي نموني ڪرايائين.

    طارق سنائي: (ولادت 17 مئي 1986ع)
    هالا اندر ڊجيٽل صحافت يا سوشل ميڊيا ايڪٽيوزم کي هٿي ڏيارڻ ۾ هن جو ڀرپور حصو رهيو آهي. هي گهڻن سالن کان سوشل ميڊيا تي ڪافي گروپن کي منظم ڪرڻ جو ڪم ڪندو رهيو آهي، ۽ سوشل ميڊيا جي ذريعي هو هالا توڙي ڀرپاسي جي نوجوانن کي اهم خبرون، روزگار جا اشتهار ۽ سرڪاري نوٽيفڪيشن مهيا ڪندو رهي ٿو. ان کان علاوه هو هالا پراڻا جي سماجي سياسي توڙي ادبي ميدان تي به سرجوشي سان ڪم ڪندو رهي ٿو.

    آخوند عباس: (جنم 14 جولاءِ 1992ع)
    ادب ۾ مختصر ترين ڪهاڻين جي هڪ نئين صنف متعارف ٿي آهي، تنهن کي ڪي فليش ادب به چون ٿا. هالا پراڻا ڄائو آخوند عباس انهي صنف جو انتهائي اهم نالو آهي. هن جون سوين کن روز ڪهاڻيون ڪاوش ۽ ٻين اخبارن کان علاوه سوشل ميڊيا ۾ شايع ٿيون آهن. هي صاحب نثر سان گڏ شاعري به ڪري ٿو. سندس نثر جو هڪ ڪتاب ڇپائي لاءِ تيار آهي. آخوند ڊاڪٽر عبدالقيوم زخمي صاحب هن جو نانو ٿئي. هن جو ڏاڏو آخوند ولي محمد هالا پراڻا جي هڪ وڏي بزرگ هستي ٿي گذريو آهي.
    هي سٺو چترڪار توڙي ڀلوڙ گائڪ به آهي.
    هن جي حقيقي جنم تاريخ 14 جولاءِ 1992ع آهي، پر اسڪولي رڪارڊ ۾ 20 فيبروري 1992ع آهي.

    حافظ ۽ مولوي:
    اسان جو شهر حافظن ۽ مولوي سڳورن جي پيدائش ۾ به خود ڪفيل رهيو. انهن ۾ مرحوم حافظ شفيع محمد صدر، حافظ امير احمد ڀٽي، حافظ عبدالرزاق سنائي، حافظ ۽ مولوي صبغت الله صدر، مفتي نعيم احمد صدر، حافظ محفوظ احمد صدر، حافظ افضل سنائي، حافظ وسيم صدر، مولوي اسامه صدر، حافظ احسن رضا صدر شامل آهن.

    هالا پراڻا جا گائڪ ۽ ساز ڪار:
    محترم سوز هالائي جو ڀاءُ ابراهيم سٺو گائڪ هو. ان کان علاوه ڀٽا برادري ۾ علي بخش، نورمحمد ڀٽو سٺاگائڪ هئا. شوقيا گائڪن ۾ ميدو، چاند عمراڻي، استاد ميوو واڍو شامل آهن.

    نوحا خوان ۽ مرثيا خوان:
    سائين نبي بخش عمراڻي، علي نواز عمراڻي، اقبال عمراڻي، اوستو دين محمد عمراڻي، علي اڪبر ميمڻ، امتياز سوز، عطا محمد شيخ ۽ ٻيا هتان جا مرثيه خوان، نوح خوان ۽ نعت خوان آهن.


    باب ڇهون متفرق ادارا ۽ آثار

    متفرق ادارا، آثار، جايون وغيره


    * تعليمي ادارا

    هالا پراڻا جو قديم سرڪاري پرائمري اسڪول:
    منهنجي خيال ۾ هالا تعلقي ۾ سڀ کان پهرين هالا پراڻا ۾ ئي سال 1855ع ۾ انگريز سرڪار گورنمينٽ ورنيڪيولر اسڪول قائم ڪيو. جنهن جو هاڻوڪو روپ گورنمينٽ مين بوائز پرائمري اسڪول آهي.هن اسڪول جي موجوده عمارت جو افتتاح محترم غلام الله دين محمد ميمڻ صاحب 10 شوال، 1391هجري/ 29 نومبر 1971ع تي ڪيو.
    هن اسڪول مان هيسيتائين هزارين شاگرد پڙهي نڪتا آهن، جن مان ڪافي اڳتي هلي هالا پراڻا جي ناماچاري جو سبب بنيا.
    گذريل ٻن ٽن سالن کان ڊاڪٽر طاهر قريشي صاحب هن اسڪول کي اپنايو آهي. پهرئين سال ٽي سؤ کن ٻارن کي نوٽبڪ ۽ پينسلون ڏنيون ويون. چوٿين ۽ پنجين ڪلاس ۾ 30 نيون ڊيسڪون ڏنيون ويون. اسڪول جي سڀني ٻارن جا درسي ڪتاب جلد ڪرائي ڏنا ويا.
    گذريل سال ٽن ڪمرن ۾ مرمت ڪرائي نرسري سيڪشن شروع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ حفيظ قريشي ميموريل ٽرسٽ پاران ٽي خانگي ٽيچر رکيون ويون آهن. گذريل سال هڪ ڪمپني جي مدد سان ٻارن ۾ هرروز بسڪوٽ ورهايا ويا.
    ان کان علاوه ان اسڪول ۾ لائبرري جي قيام واسطي ڊاڪٽر طاهر قريشي صاحب لائبرري لاءِ ٻه وڏيون الماريون، ويهه ڪرسيون ۽ چار ميزون ڏنيون ۽ ان کان علاوه سو کن ڪتاب جيڪي تعليمي ۽ ٻارن جي حوالي سان آهن، سي پڻ ڏنا آهن.
    هن سال به ٻارن کي نه صرف اسٽيشنري مهيا ڪئي ويئي آهي، پر 10 نيون ڊيسڪون به ڏنيون ويون آهن.
    تازو هن اسڪول کي ڪئمپس اسڪول جو درجو ڏنو ويو آهي، جتي سترهين گريڊ جي هيڊ مسٽريس مس شينا ارباب مقرر ڪئي ويئي آهي. جنهن اچڻ سان اسڪول جي ڪلچر کي بدلائڻ جي سٺي ڪوشش ورتي آهي. ان کان اڳ هن اسڪول جو هيڊ ماستر لکاڏنو ارباب هو.

    مدرسه آخوند يارمحمد:
    منهنجو ذاتي خيال آهي ته هي مدرسو اوڻهين صدي جي آخري ڏهاڪن ۾ ٺاهيو ويو هو. هن مدرسي ۾ قرآن جي تعليم سان گڏ پرائمري جا چار درجا به پڙهايا ويندا هئا. هي مدرسو بقول آخوند يار محمد دوئم جي ته آخوند صاحبن جي گهرن جي پويان، جتي هينئر اربابن جا گهر آهن، اتي هوندو هو. اهو هالا پراڻا جو پهريون سرڪاري طرح رجسٽر ٿيل مدرسو هو. هن پاڻ جيڪي داخلا رجسٽر ڏٺا هئا، تن ۾ اسان جي خاندان جي وڏيرو ڄامن سنائي، ڏاڏا حاجي محمد، محمد الياس سنائي، ۽ حاجي پريل وغيره جا نالا شاگردن طور درج هئا.
    بهرحال ڪن اڻٽر سببن جي ڪري آخوند يارمحمد صاحب اهو مدرسو بند ڪري ڇڏيو.

    مدرسه محمديه اسڪول:
    ٻئي پاسي ويهين صدي جي شروع ۾ سال 1927ع ڌاري مولوي قريشي بزرگن ملان اسڪول قائم ڪيو، جيڪو مدرسة محمديه طور ڪم ڪندو رهيو. اڳتي هلي ڀٽي صاحب ان اسڪول کي نيشنلائيز ڪيو. ان هوندي به اهو مولوي صاحبن جي اوطاق ۾ قائم رهيو. چند سال اڳ ان کي سرڪاري عمارت ۾ منتقل ڪيو آهي.
    هالا پراڻا جا صدر، شيخ، ڀٽي ۽ سنائي محلي جا سيد توڙي ميمڻ وغيره، انهي اسڪول ۾ پڙهندا رهيا آهن.
    هنن ادارن هالا پراڻا ۾ خواندگي وڌائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي.

    گورنمينٽ شهيد محمد اسلم هاءِ اسڪول:
    هي پهريائين مڊل اسڪول هو، جيڪو سال 1979ع ۾ هاءِ اسڪول ٿيو آهي، جڏهن آئون اٺين درجي ۾ پڙهندو هوس. سائين فتح محمد شيخ انچارج هيڊ ماسٽر ٿيو. جنهن نيون انڊور توڙي آئوٽ ڊور رانديون جهڙوڪ ڊرافٽ، ٽيبل ٽينس ۽ بئڊمنٽن وغيره شروع ڪرايون.
    ان کان علاوه ڊبيٽنگ ۽ تقريز بازي جا مقابلا شروع ڪرايا. ان صاحب جي ڪوششن سان اسڪول جي شاگردن کي سيوهڻ توڙي ڪراچي جو ٽوئر ڪرايو ويو. سائين فتح محمد شيخ صاحب کان پوءِ سائين محمود ابڙيجو، سائين عبداللطيف ميمڻ، سائين ظفر علي ارباب، سائين محمد يعقوب ميمڻ، سائين نصيراحمد ميمڻ، سائين منظور حسين ميمڻ، ان اسڪول جا نالي وارا هيڊ ماسٽر ٿي رهيا آهن.
    ڪجهه عرصو اڳ هن اسڪول جو نالو بدلائي شهيد محمد اسلم ميمڻ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪيو ويو.
    اسڪول جي ناميارن استادن ۾ سائين نورحسين ميمڻ، سائين فتح محمد شيخ، سائين محمد يوسف قريشي، سائين علي محمد ميمڻ، سائين نبي بخش عمراڻي، سائين محمد صديق چانڊيو، سائين عبدالله ميمڻ سائين طلعت جيلاني قريشي، سائين عبدالقادر قريشي، سائين لقمان قريشي، سائين عطا محمد صدر، سائين مسعود قريشي، سائين خادم ڀٽو، سائين نديم سنائي، سائين علي بخش ميمڻ، سائين سلمان قريشي، سائين حسيب شاهه، ۽ سائين عباس ميمڻ، سائين خير محمد آصف وغيره شامل آهن.

    مخدوم محمد صالح ڀٽي گورنمينٽ گرلز اسڪول هالا پراڻا:
    هي اسڪول پهريائين مڊل اسڪول طور اسي جي ڏهاڪي جي وچ واري عرصي ۾ شروع ٿيو. ان جي قيام توڙي اپگريڊيشن يا نئين بلڊنگ منظور ڪرائڻ ۾ محترم قاضي محمد اعظم جو ڀرپور حصو رهيو آهي. آپه رضيه ڀٽي هن جي اسڪول جي سالن تائين هيڊ مسٽريس رهي، جنهن وڏي محنت ڪري اسڪول کي سڌاريو آهي. سندس محنت جي نتيجي ۾ هن اسڪول کي ضلعي جو ماڊل اسڪول ٺاهيو پيو وڃي. هن وقت هن اسڪول جي انچارج هيڊ مسٽريس آپا شاهده آهي، جيڪا محترم خالد صدر جي گهر واري آهي.

    ٻيا تعليمي ادارا:
    ان کان علاوه هن وقت هالا پراڻا ۾ هڪ خانگي مڊل اسڪول، چار پرائمري اسڪول سرڪاري سطح تي آهن. خانگي طرح پهريون اسڪول ريڊ ڪريسينٽ اسڪول هو، جيڪو سال ۾ 1991ع قائم ڪيو. جيڪو هن وقت ايليمينٽري اسڪول آهي. هن اسڪول جو روح روان ته قاضي محمد اعظم صاحب رهيو آهي. پر علي احمد دايو، ۽ راقم جو انهي اسڪول جي واڌ ويجهه ۾ ڀرپور حصو آهي.
    پنجن سالن کان مدرسه دارالعلوم اسلاميه هالا جي زير انتظام فاطمه زهره اسڪول به هلي پيو. سال اڳ رائيزنگ اسڪول به قائم ڪيو ويو آهي. هن سال کان مدرسه دار الفيوض وارا به هڪ اسڪول قائم ڪري رهيا آهن.


    * مسجدون

    مسجد ڀٽي بزرگان:
    هالا پراڻا جي ٻن قديم ترين مسجد مان هڪ مسجد هي به آهي، جيڪا مخدوم نعمت الله 1182هجري (1768ع) ۾ جوڙائي. سائين عطا محمد صدر لکيو آهي ته هن مسجد جي محراب تي هڪ ڪاشي جي سر لڳائي ويئي هئي، جيڪا پهرئين هالا ڪنڊي جي مسجد ۾ لڳل هئي. اها ڪاشي جي سر اتان ڪڍندي ڀڄي پئي، تنهن ڪري ڇهن ٽڪرن ۾ ورهائجي ويئي. جنهن مان ٻه ٽڪر غائب آهن، باقي چار لڳل آهن. انهن تي لکيل عبارت سمجهه ۾ نٿي اچي. اها سر هن وقت اندر محراب وٽ لڳل آهي.
    هن مسجد جي نئين سر اڏاوت سال 1380هجري/ 1960ع ۾ ميان محمود بن ميان دين محمد ڪرائي. ان نئين سر اڏوات ۾ اندورني عمارت ساڳي رهي، باقي اڱڻ کي وسيع ڪيو ويو. اندروني در ۽ ڪٻٽ ساگوان ڪاٺ مان ٺهيل آهن. هن مسجد ۾ مولانا محمد قريشي، مولانا احمد قريشي، مولانا عبدالله قريشي، مولانا محمد دوئم جهڙا بزرگ امامت جا فرائض انجام ڏيندا رهيا. سائين مولانا محمد دوئم کان پوءِ سائين خليل احمد قريشي صاحب امام ٿيا. اڄ ڪلهه سائين مولوي مسعود احمد ولد مولوي محمد قريشي دوئم امامت جو فرض ادا ڪري رهيو آهي. مولوي مسعود احمد قريشي نامور هاءِ اسڪول ٽيچر به آهي.
    هن وقت مسجد جو خدمتگار حاجي عبدالله سنائي آهي. ان کان اڳ حاجي الله بچايو صدر، محمد قاسم صدر، حافظ شفيع محمد صدر ۽ سائين عطا محمد صدر رهيا آهن.

    جامع مسجد آخوند ملان سانوڻي محلو:
    سائين عطا محمد صدر جي لکت موجب هيءَ مسجد به اوتري قديم آهي، جيتري مسجد ڀٽي بزرگان آهي. سائين عطا محمد جي لکت موجب هيءَ مسجد، ڀٽي مسجد جي اتر ۾ هڪ ميل جي فاصلي تي قائم آهي.
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻئين جي لکت موجب خدا آباد ثاني جوڙڻ واري عرصي ۾ هن پاڙي ۾ مسجد ٺاهي ويئي، جنهن جو بنياد پرهه ڦٽي مهل آخوند خاندان جي 70 حافظ عورتن وڌو. (سنڌيانا، 2010ع، ص 584)
    سائين طلعت جيلاني جي خيال ۾ هي مسجد ڪلهوڙا دؤر جي آهي، ڇو ته ان تي ڪوبه قبو نه آهي. ڇت ساڳوان ڪاٺ جي آهي. جنهن تي گلڪاري ٿيل آهي. ورانڊي ۾ پهريائين ڇپر جا پاسا ساگوان ڪاٺ مان ٺهيل مور هوندا هئا، پر اهي ڪجهه عرصو ڪڍيا ويا. مسجد جي ورانڊي جي ڪجهه نئين سر مرمت ٿي آهي، باقي پراڻي حالت ۾ برقرار آهي.
    آخوند سانوڻي محلي ۾ هڪ ٻي مسجد آهي، جنهن جي ڇت سڌي نه آهي، پر وچ اڀو آهي ۽ پاسا هٿ لٿل آهن. اها مسجد چيو وڃي ٿو ته خليفي گل محمد ٺهرائي هئي. پر هاڻوڪي حالت مان لڳي ٿو ته اها ٻيو ڀيرو ٺهي آهي.
    ان کان علاوه هڪ ٻي مسجد به ملان سانوڻي محلي ۾ آهي.

    قاضي محلا جون مسجدون:
    قاضي محلا ۾ جيڪا مسجد قاضي اميد علي قريشي جي گهرن ڀرسان آهي. سا به ڏيڍ ٻه سو سال پراڻي آهي. ان مسجد جي ڀرسان هڪ مدرسو شايد مدرسه اشرفيه به هوندو هو. جيڪو هاڻي ته نٿو هلي. پر ان جي مدرسي جي آڌار هڪ شخص، قاضي اميد علي قريشي جي پلاٽ تي لڳندڙ ٽيلي نور جي ٽاور کي رد ڪرائي، ان مدرسي جي جاءِ تي لڳارايو ۽ چيو ويو ته اها آمدني مدرسي تي خرچ ٿيندي. پر بظاهر ته اها آمدني مدرسي تي نٿي خرچ ٿئي.
    قاضي محلا ۾ عمراڻي ۽ سيدن جي ڀر ۾ به هڪ مسجد قائم آهي. جنهن مسجد جو ٻانگو ۽ خدمتگار سائين عيدن ڪوري جو والد ۽ سائين رفيق ڪوري جو نانو هو. قاضي غلام محمد قريشي ان مسجد جي سار سنڀال ڪندو هو.

    شهر جو ٻيون مسجدون:
    سنائي محلا ۾ ميدان جي ڀر ۾ به هڪ مسجد قائم آهي. جتي هڪ مسافر جي قبر به آهي. اها مسجد پهريان ترڪن واري مسجد سڏبي هئي، ڇو ته ان پاسي پهريائين ترڪ ڪافي رهندا هئا، جيڪي اڳتي هلي هتان لڏي ويا.
    ميمڻ محلا ۾ ٽي مسجدون آهن. هڪ مسجد جيڪا ڏناڻي ۽ لالواڻي محلي جي ڀر ۾ آهي، ٻي مسجد ڪنڀار محلي ۾ آهي ۽ ٽين مسجد پروفيسر محمد ايوب ميمڻ صاحب جي گهر سامهون، ۽ گمهه گھٽي جي ڀر ۾ آهي.
    هڪ مسجد ڪوٽار محلي ۾ آهي ۽ هڪ مسجد شهيد عرفان مهدي چوڪ جي ڀرسان آهي. ان مسجد جي حوالي سان ٻڌايو وڃي ٿو ته ان کي نئين سر آباد ڪرڻ ۾ سائين مشتاق ميمڻ جو وڏو هٿ هو. پر اهو صاحب اڳتي هلي حيدرآباد لڏي ويو.
    مهاجر محله يا سروري ڪالوني ۾ ٻه مسجدون آهن. هڪ مسجد ڪوري محلا ۾ آهي.


    * امام بارگاهون

    هالا پراڻا ۾ ننڍيون وڏيون ڪافي امام بارگاهون آهن. جن ۾ مکيه امام بارگاه اربابن واري آهي، جنهن جو هن وقت خدمت گار يا متولي ماستر رفيق احمد ارباب آهي. کائنس اڳ سندس ڏاڏو محمد جمن سالن تائين ان امام بارگاه جو خدمت گار رهيو.
    ٻي امام بارگاه سائين فقير علي شاهه يا مڱيلندي واري آهي. هن امام بارگاه جي مکيه خدمتگارن ۾ ماستر قمرالدين ارباب، محمد جعفر عمراڻي ۽ قادر بخش سولنگي آهن.
    ٽين امام بارگاه فيض محمد شاهه جي ڀرسان آهي، جنهن جو متولي امام بخش حيدري صاحب آهي.
    چوٿين وڏي امام بارگاه ڪورين جي آهي، جنهن جي مسجد جو پيش امام سائين نبي بخش عمراڻي ۽ مکي خدمتگار ابي آهي.
    پنجين امام بارگاه امام بارگاه معصومان آهي، جيڪا روڊ تي آهي. ان جي خدمتگارن ۾ انور سولنگي ۽ قادربخش سولنگي آهن. ان کان علاوه هڪ امام بارگاه عمراڻين جي آهي ته ٻي لڪياري سيدن جي آهي.


    * خانقائون ۽ ٻيا آثار

    ڪوٽار محلي ۾ جيڪا سيد عبدالطيف حسني جي خانقاءَ آهي، تنهن ۾ پير سيد عبدالقادر جيلاني جي پير جو نقش پٿر تي اڪريل رکيل آهي.

    قرآن پاڪ لکيل چادر:
    ڀٽي بزرگن وٽ هڪ چادر آهي، جنهن تي سڄو قرآن پاڪ لکيل آهي. ان کان علاوه ڪن قديم خاندانن وٽ قديم قرآن پاڪ جا قلمي نسخا به موجود آهن.


    * اسپتالون

    هلال احمر ڪلينڪ:
    ستر واري ڏهاڪي ۾ هلال احمر جي پليٽ فارم تان قاضي محمد اعظم جي ڪوششن سان هلال احمر سب برانچ هالا پراڻا پاران هڪ ڪلينڪ کولي ويئي.

    سرڪاري بيسڪ هيلٿ يونٽ:
    ان کانپوءِ اسي واري ڏهاڪي ۾ هتي بيسڪ هيلٿ يونٽ قائم ڪيو ويو.
    انهي بيسڪ هليٿ کي قاضي شوڪت علي قريشي صاحب، قاضي محمد اعظم قريشي صاحب جي پروز اپيلن تي ڊاڪٽر ارباب رحيم جي دؤر ۾ رورل هيلٿ سينٽر بنائڻ لاءِ بلڊنگ جي بجيٽ منظور ڪرائي، جيڪا 95 سيڪڙو ان دؤر ۾ جڙي راس ٿي، پر پيپلز پارٽي جي حڪومت رهيل پنج سيڪڙو ڪم ڪرائڻ لاءِ تيار نٿي نظر اچي. جڏهن ته هن ڳوٺ وارن سدائين پي پي ۽ مخدومن کي ووٽ ڏنا آهن. نتيجي ۾ اها بلڊنگ تباهه ٿي رهي آهي.
    ٻڌايو وڃي ٿو ته اليڪشن 2013ع کان پوءِ تر جي ايم. پي. اي کي پورو فائيل ڏنو ويو هو، جنهن ۾ اسپتال، آءِ ٽي سينٽر جو رهيل ڪم ڪرائڻ کان علاوه هالا پراڻا گرلز هاءِ اسڪول کي هائير سيڪنڊري جو درجو ڏيارڻ جو مطالبو هو.

    خانگي ڪلينڪون يا حڪمت خانه:
    ان کان علاوه هڪ پاسي ٽي عدد ڊاڪٽر صاحبان پنهنجن خانگي شفا خانن ذريعي عوام کي صحت صلاحون آڇين ٿا. ٻي پاسي حڪيم ليکراج کتري جو حڪمت خانو به هتان توڙي ٻين پاسن جي مريضن کي يوناني علاج جي سهوليت مهيا ڪري ٿو.


    * مقامي حڪومتن جو نظام ۽ نمائندا

    هالا پراڻا يونين ڪائونسل جو هيڊڪوارٽر:
    ٽائون ڪميٽي ٿيڻ کان اڳ سالن تائين هالا پراڻا يونين ڪائونسل هالا پراڻا جو هيڊ ڪوارٽر هو.ان يونين ڪائونسل ۾ 13 ديهون هيون. سال 1998ع جي آدمشماري موجب هالا پراڻا يونين ڪائونسل جي آبادي 24041 هئي. جڏهن ته هالا پراڻا جي ايراضي 1991 ايڪڙ هئي ۽ آبادي 10،170 هئي، جنهن مان مرد 5165 ۽ عورتون 5005 هيون. خواندگي جي شرع 54.8 سيڪڙو هئي. ميٽرڪ پاس مردن جو تعداد 11 سو ۽ عورتن جو 446 هو.
    (ٽيبل 39، ڊسٽرڪٽ سينس رپورٽ، 1998ع)
    يونين ڪائونسل هالاپراڻا جا ڪجهه نامور چيئرمين يا ناظم علي احمد ميمڻ، قاضي محمد اعظم قريشي، مخدوم ميان نواز ڀٽي، رئيس گل محمد قريشي، مخدوم حسام الدين ڀٽي ۽ خالد ميمڻ رهيا آهن. مکيه ميمبرن ۾ قاضي محمد عالم، نثار احمد ميمڻ، ميرمحمد ميمڻ ۽ تعريف صدر رهيا آهن.

    هالا پراڻا کي ٽائون ڪميٽي جو درجو ملڻ:
    هن وقت هالا پراڻا جي آبادي 15 هزار کان ويهه هزار آهي. انهي آبادي کي ذهن ۾ رکي هتان جي اڪثريت جو ديرينه مطالبو هو ته هالا پراڻا کي ٽائون ڪميٽي جو درجو ڏنو وڃي. عوامي رجحان کي ذهن ۾ رکي، هالا پراڻا جي اهم سياسي ۽ سماجي اڳواڻ محترم محمد حسين سنائي، جيڪو ان زماني ۾ مخدوم محمد امين فهيم جو ضلعي ڪوآرڊينيٽر هو، ۽ محترم نورالدين سنائي، جيڪو لوڪل گورنمينٽ کاتي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر آهي، گڏجي مخدوم صاحبن تي زور وڌو ته عوامي مطالبي کي مڃتا ڏئي هالا پراڻا کي ٽائون ڪميٽي ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ محترم ثناءَ الله صدر صاحب، جيڪو ان زماني ۾ هالا جو اسسٽنٽ ڪمشنر روينيو هو، تنهن به مدد ڪئي.
    بهرحال وڏين ڪوششن بعد پهريائين هالا پراڻا کي سال 2014ع ۾ ٽائون ڪميٽي بنايو ويو. پر هتان جي مخدوم مخالف ڌرين، سرڪاري سطح تي وائڙا اعتراض به داخل ڪيا. پر وري به محمد حسين سنائي ۽ نورالدين سنائي جون ڪوششون ڪامياب ٿيون ۽ هالا پراڻا کي مليل ٽائون وارو درجو بحال رهيو. نيٺ سال 2015ع ۾ هالا پراڻا کي ٽائون ڪميٽي جو درجو ڏنو ويو.
    پهريائين ٽائون ڪميٽي کي چئن وارڊن ۾ ورهايو ويو هو، پر پوءِ ان کي وري پنجن وارڊن ۾ ورهايو ويو.
    سال 2016ع ۾ جيڪا بلدياتي اليڪشن ٿي، تنهن ۾ هالا پراڻا ٽائون ڪميٽي جو پهريون چيئرمين قاضي غلام محمد دوئم عرف قاضي وقار ولد ڊاڪٽر لياقت علي قريشي ٿيو آهي. هي سابقه يونين ڪائونسل هالا پراڻا جي مقبول چيئرمين قاضي محمد اعظم قريشي جو ڀائيٽو آهي. هن نوجوان وارڊ 5 مان جنرل ڪائونسلر يا ميمبر طور پي پي پي جي پليٽ فارم تان اليڪشن وڙهي هئي. سندس مقابلي ۾ فنڪشنل مسلم ليگ جو قاضي حسيب قريشي هو.
    ان کان علاوه، ٽائون ڪاميٽي هالا پراڻا جي وارڊ پهرئين مان پي پي پي جي يونس ملڪ کٽيو ۽ فنڪشنل مسلم ليگ جي اصغر ملڪ هارايو.
    وارڊ ٻئي مان فنڪشنل مسلم ليگ جي الله بخش ميمڻ کلي کٽيو، ۽ پي پي جي زوفشان ميمڻ هارايو.
    وارڊ ٽئين مان پي پي پي جي مخدوم حسام الدين ڀٽي کٽيو. سندس مقابلي ۾ هڪ پاسي مسلم ليگ نواز جو منصور نواز ڀنيون ارباب هو، جنهن کي مسلم فنڪشنل ليگ جي حمايت حاصل هئي، ته ٻي پاسي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو حاڪم سولنگي هو. ميان صاحب ان وارڊ مان سوڀارو ٿيو.
    وارڊ چوٿين مان پي پي پي جو وڏيرو شهاب الدين ارباب کٽي ويو ۽ سندس مقابلي ۾ فنڪشنل مسلم ليگ جي جاويد بابو ارباب هارايو.
    هن اليڪشن ۾ هڪ پاسي پيپلز پارٽي هئي ته ٻئي پاسي فنڪشنل مسلم ليگ، مسلم ليگ نواز ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو پاڻ ۾ گڏيل اتحاد هو.


    * هالا پراڻا جا علمي، ادبي، اشاعتي ادارا ۽ سماجي تنظيمون

    مٿي جيڪو عالمن ۽ اديبن جو احوال پيش ڪيو ويو، ان مان ئي ظاهر آهي ته هي وستي قديم وقت کان علمي ۽ ادبي مرڪز رهي آهي. ورهاڱي کان پوءِ به هتي ڪافي علمي ادبي سرگرميون ٿينديون رهيون آهن. هڪ پاسي ڪافي ادبي ۽ اشاعتي ٺهيا، ته ٻي پاسي سماجي تنظيمن جي به سرگرمي رهي آهي. انهن جو مختصر احوال هيٺ پيش ڪجي ٿو.

    سنڌي ادبي سنگت شاخ هالا پراڻا:
    محترم قاضي معصوم هالائي حڪيم مخدوم محمد اشرف ڀٽي، غلام رسول شيخ ۽ سوز هالائي جي تعاون سان هتي پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ 1956ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪرائي. سوز صاحب موجب ان جو پهريون سيڪريٽري پاڻ قاضي صاحب ٿيو. ان شاخ جي مدد سان نه صرف ڪافي علمي ۽ ادبي ميڙ منعقد ٿيا، پر راڳ رنگ جو رهاڻيون به ٿيون. سوز صاحب جي لکئي موجب ان شاخ پاران ڪرايل ميڙن ۾ سائين جي ايم سيد، مخدوم طالب الموليٰ، محترم غلام محمد گرامي، حفيظ قريشي، محمد ابراهيم جويو، نياز همايوني، امداد حسيني، بلاول پرديسي، مقبول ڀٽي وغيره شريڪ ٿيا.
    سوز صاحب جي لکت موجب هن شاخ 1970ع ڌاري وطن پبليڪيشن جي نالي سان اشاعتي سلسلو جاري ڪيو، جنهن طرفان دادلي ۽ ٻيا ڪتاب ڇاپيا ويا. ان کان علاوه هن شاخ جي تعاون سان هڪ اسٽيج ڊرامو موهني به پيش ڪيو ويو، جنهن کي محترم غلام رسول ابڙو صاحب تحرير ۽ ڊائريڪٽ ڪيو. چيو وڃي ٿو ته ان موهني جو ڪردار سائين نورمحمد نورل ڪوٽار ميمڻ ادا ڪيو هو.
    اها شاخ ڪافي عرصي تائين قائم رهي. 1970ع ڌاري هالا پراڻا جي شاخ جو سيڪريٽري مخدوم محمد اشرف ڀٽي هو. 1980ع کان وٺي 1983ع وارو دؤر هالا پراڻا جي ادبي کيتر جو سونهري دؤر آهي. ان دؤر ۾ مون ۽ عرفان مهديءَ محترم قاضي محمد عالم معصوم هالائي جي رهنمائيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ هالا پراڻا ۾ قائم ڪئي. راقم ۽ عرفان مهدي ان زماني ۾ سنگت شاخ هالا پراڻا جا سيڪريٽري ٿيا. ان کان پوءِ واري نوي واري ڏهاڪي ۾ وري سنگت کي سرگرم ڪيو ويو. ۽ ڪوثر هالائي ان جو سيڪريٽري ٿي رهيو.
    ڪوثر هالائي واري زماني ۾ سوز صاحب جي لکت موجب ان شاخ 1992ع ۾ سوز هالائي جو ٻيو مجموعو درشن ڌار و ڌار ڇپائي پڌرو ڪيو. مرڪز جي ايوارڊ تقريب جو سمورو انتظام هن شاخ ڪيو هو.

    اداره پاسبان ادب:
    سٺ جي ڏهاڪي ۾ اڄڪلهه اين جي اوز سان واڳيل محترم گل محمد مستوئي هتي انگريزي ٽيچر ٿي آيو هو. هن صاحب هتان جي محترم عبدالرشيد قريشي، سائين خليل احمد قريشي مرحوم، حاجي يار محمد صدر ۽ ٻين جي تعاون سان اداره پاسبان ادب قائم ڪيو هو.
    ان اداري پاران ٻه ٽي ادبي ڪانفرنسون ڪرايون ويون. انهن ڪانفرنسن ۾ پير مظهرالحق، بيدل مسرو، رجب علي، سليم چنا ۽ ٻيا نامور شخص شريڪ ٿيا هئا. ان کان علاوه ان اداري پاران رسالي نما ڪتاب به شايع ٿيا هئا. پهريون ڪتاب ڪرائون سائيز ۾ سلسليوار رس رهاڻ 1966ع ۾ شايع ٿيو هو. ان ڪتاب ۾ هالاپراڻا جي غلام حسين ايم ميمڻ جي ڪهاڻي شايع ٿيل آهي. ٻين ڪتابن جي خبر ڪانهي.

    لطيف ڪلب:
    محترم نذير احمد ڀٽي ۽ سوز هالائي صاحب ستر واري ڏهاڪي ۾ لطيف ڪلب جوڙيو هو، جنهن طرفان به مختلف ميڙ منعقد ڪيا ويا.

    پيپلز سوشل ويلفيئر ايسوسئيشن، هالاپراڻا:
    لڳي ٿو ته هي تنظيم ستر واري ڏهاڪي جي شروع ۾ قائم ٿي هئي. مخدوم آفتاب ڀٽي وٽ رکيل هڪ ليٽر هيڊ پني موجب ان جو مکيه سرپرست مخدوم طالب الموليٰ هو. ٻين عهديدارن ۾ مخدوم نواز ڀٽي (صدر)، قاضي محمد اعظم قريشي سينئير نائب صدر، حاجي غلام حسين ميمڻ، جونيئر نائب صدر، ائڊووڪيٽ مشتاق ميمڻ، جنرل سيڪريٽري، نصرالله شيخ جوائنٽ سيڪريٽري، احمد خان ميمڻ خرانچي ۽ مخدوم محمد اشرف ڀٽي آفيس سيڪريٽري هئا.

    هلال احمر سب برانچ هالا پراڻا:
    چاليهارو سالن کان هلال احمر جي ننڍي شاخ به هتي سرگرم آهي. هن شاخ جو روح روان جناب قاضي محمد اعظم قريشي هو. هي صاحب ٻه ڀيرا هتان جي يونين ڪائونسل جو چيئرمين رهيو آهي. هالا پراڻا ۾ جيڪي ترقياتي ڪم ٿيا آهن. تن جي تڪميل پويان هن صاحب جي ولوڙ مکيه عنصر آهي.
    هلال احمر ۽ رورل ويلفيئر آرگنائزيشن پاران پندرهن سالن کان هڪ خانگي اسڪول هتي هلي رهيو آهي. جنهن جو روح روان به قاضي محمد اعظم قريشي صاحب آهي.
    هلال احمر جي ٻي مکيه دين اها آهي ته اها هر سال فائونڊيشن ويڪ ملهائيندي هئي. ان دوران ڊبيٽ، سوال جوابن جا مقابلا، تقريري مقابلا وغيره جهڙا پروگرام ٿيندا هئا. جنهن ۾ هالا پراڻا توڙي هالا نوان جا اسڪولي شاگرد حصو وٺندا هئا. انهن پروگرامن جي نتيجي ۾ عرفان مهدي، پير بخش ڀٽو، غلام قادر جوش ڀٽو، وحيد ميمڻ ۽ ٻيا سٺا ڊبيٽر پيدا ٿيا.

    سنڌ گريجوئيٽس ائسوسئيشن:
    هتي به سگا جي شاخ ستر واري ڏهاڪي ۾ قائم ڪئي ويئي، جيڪا ڪافي عرصو سرگرم رهي. ان پاران نه صرف ڪافي ثقافتي توڙي ادبي پروگرام منعقد ڪيا، جهڙوڪ ڪوڏي ڪوڏي راند جو مقابلو ۽ سوز صاحب جي ڪتاب جي مهورت وغيره. پر تعليمي سطح تي ادارن جي سهائتا ڪئي ويئي.
    ان شاخ ۾ مختلف وقتن تي سوز هالائي، محمد حسين سنائي، غلام حسين دودو ميمڻ ۽ غلام حسين چاڪي ميمڻ وغيره سيڪريٽري ٿي رهيا. اسي واري ڏهاڪي ۾ هڪ اليڪشن ۾ جيڪو صاحب سيڪريٽري ٿيو ته ان سگا شاخ جو سامان کڻائي پنهنجي اوطاق تي رکي ڇڏيو.
    ائين ڄڻ شاخ بند ٿي ويئي. ان کان پوءِ ان شاخ ۾ اهو مزو نه رهيو، وري اڳتي هلي سرڪار سرڪاري ملازمن تي پابندي هنئي ته اُهي ان جا ميمبر نه ٿين. ائين هي شاخ ختم ٿي ويئي.

    بزم طالب الموليٰ شاخ هالا پراڻا:
    محترم عاشق هالائي ۽ محترم منير احمد شيخ، سائين سوز هالائي ۽ مخدوم آفتاب احمد ڀٽي جي تعاون سان سال 1981ع ۾ بزم طالب الموليٰ جي شاخ هالا پراڻا ۾ قائم ڪئي ۽ ان جي افتتاح لاءِ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب جن پاڻ تشريف فرما ٿيا هئا. ان شاخ جو پڪو الحاق 1982ع ۾ منظور ٿيو. ان شاخ سال 1982ع ۾ 8 گڏجاڻيون ۽ 11 مشاعره ڪيا هئا. ان شاخ کي مرڪز پاران بهترين ڪارڪردگي جو سرٽيفڪيٽ مليو هو. سال 1982ع ۾ انهي شاخ جا ڪل 19 ميمبر هئا. شاخ جي ٻين سرگرم ڪارڪن ۾ ڊاڪٽر غلام علي ارباب، پيربخش ڀٽو ۽ مرحوم حبيب الله ڀٽو به شامل هئا.

    مولانا عبيد الله اڪيڊمي، هالا پراڻا:
    نوي واري ڏهاڪي ۾ غلام مصطفيٰ سنائي، منظور احمد ميمڻ ۽ ٻين گڏجي مولانا عبيدالله اڪيڊمي جي نالي سان به هتي هڪ ادارو قائم ڪيو ويو هو. ان جي انتظام هيٺ هڪ لائبرري به قائم ڪئي ويئي.
    حاجي يارمحمد اڪيڊمي، هالاپراڻا:
    هن اڪيڊمي جو روح روان امان الله صدر آهي، پر ڊاڪٽر عطاالله. ثناءَ الله، عبيدالله ۽ حافظ صبغت الله ۽ سيف الله صدر به ان جا اهم ساٿي آهن. هن تنظيم پاران چند سالن کان اسڪولن جي ساليانه امتحانن ۾ نمبر کڻندڙن ٻارن ۾ انعام ورهائڻ سان گڏ ڪوئز پروگرام به ڪرايا ويندا آهن.
    ڪجهه سال اڳ هڪ غير سرڪاري تنظيم سنڌ هيلٿ ۽ ايجوڪيشن سوسائٽي (Sheds) جو قيام عمل ۾ آندو ويو هو. جنهن جا سرواڻ عبيدالله صدر ۽ ڊاڪٽر زاهد صدر هئا.
    محمد يعقوب صدر به نوي واري ڏهاڪي ۾ صدر اتحاد تنظيم قائم ڪئي هئي ۽ ان جي پاران ڪجهه گهٽين کي پڪو ڪرايو ويو هو.


    * ٻيا ادبي ۽ اشاعتي ادارا

    ماهوار سينگار:
    محترم الله رکيو ٻٽ صاحب پنهنجي ڪتاب رسالن جي تاريخ ۾ لکيو آهي ته هي رسالو آگسٽ سيپٽمبر 1952ع کان هالا پراڻا مان شايع ٿيڻ شروع ٿيو. ان جو ايڊيٽر فتح الله قريشي هو. (ص 80). پر اهو ڪيترو وقت هليو يا ان جي ايڊيٽر فتح الله قريشي جون ٻيون ڪهڙيون ڪاوشون رهيون، اهي اڃان معلوم نه ٿي سگهيون آهن.

    وطن پبليڪيشن:
    قاضي محمد عالم معصوم قريشي صاحب هي اشاعتي ادارو ستر جي شروع قائم ڪيو هو ۽ ان پاران ٻه ڪتاب دادلي ۽ حسرتناڪ زندگي شايع ڪيا هئا.

    سنڌي ٻالڪ ادبي سنگت ۽ صدائي وطن پبليڪيشن:
    اسان جڏهن ڇهين درجي ۾ (1977ع) پڙهندا هئاسين ته سڪرنڊ پاسي جي رهواسي عزيز مگسي صاحب، هتي اچي سنڌي ٻالڪ ادبي سنگت قائم ڪئي هئي. جنهن جون ابتدائي گڏجاڻيون مدرسه محمديه ۾ ٿيون. ان ٻالڪ ادبي سنگت جي مرڪزي عهديدارن ۾ محمد صادق بهزاد، منير احمد شيخ. عاشق هالائي، رفيق احمد سنائي، فتح محمد سنائي، عرفان مهدي شامل هئا. مون کي هالا پراڻا شاخ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو هو. ان تنظيم ۾ مخدوم آفتاب احمد ڀٽي، علي اختير ميمڻ، ڊاڪٽر غلام علي ارباب به رڪن بنيا هيا.
    انهي تنظيم پاران هڪ ادارو صداءِ وطن پبليڪشن قائم ڪيو هو. جنهن جي طرفان ٽي ڪتاب ڀيڄ ڀٽائي (اپريل 1977ع)، پتنگن پهه ڪيو ۽ تتي ٿڌي ڪاهه (نومبر 1981ع) نامي ڪتابي سلسلا شايع ٿيا. انهن ڪتابن جو ايڊيٽر محترم عبدالڪريم ميمڻ (هاڻي عبرت جو تعلقه رپورٽر)۽ منير احمد شيخ ۽ مولوي مسعود احمد قريشي پهرين ٻن ڪتابن ۾ ٻانهن ٻيلي هئا.

    ٻارن جي ٻاري۽ ٻارڙا پبليڪيش هالا پراڻا: 1978ع
    اسان جڏهن ستين جماعت ۾(1978ع ڌاري) پڙهندا هئاسون ته تڏهن اسڪول ۾ هالا نوان جو سائين علي محمد ش ميمڻ صاحب بدلي ٿي آيو ۽ اسان جو ڪلاس ماستر ٿيو.
    هن صاحب ٻارن جي ٻاري جي نالي سان هڪ منڊلي ٺاهي. جنهن جي طرفان تقرير بازي، مضمون نويسي ۽ راندين جا مقابلا ڪرايا ويا. ان صاحب ٻارڙا پبليڪيشن هالا پراڻا قائم ڪري هڪ رسالي نما مئگزين نئون نياپو شايع ڪئي، جنهن تي ا اپريل 1978ع جي تاريخ درج آهي.

    وک وڌايو پبليڪيشن، هالا پراڻا: 1979ع
    سائين علي محمد واري تجربي مان اتساهجي ٻي سال عرفان مهدي وک وڌايو پبليڪيشن جو قيام آندو. مون کي ياد آهي ته ان جو پهريون ڪتاب منير صاحب جي گهر جي ڀر واري بيٺڪ ۾ ترتيب ڏنو ويو هو. وک وڌايو پبليڪيشن پاران عرفان ڇهه ڪتاب شايع ڪيا هئا.
    پنج ڪتاب 1. چورن مٿان مور، 2. ميلاپ (اپريل 1980ع)، 3. بوندون بس نه ڪن (مئي 1980ع)، 4.ورهين جا وڇوڙا، 5. پرچن شال پنهوار (مارچ 1981ع) ڪتابي سلسلا هئا ۽ ڇهون ڪتاب بعنوان ههڙو قهر ڪٿي عرفان مهدي جي طويل ڪهاڻي تي مبني هو.
    غلام قادر ارباب، پرويز شيخ هن جا ٻانهن ٻيلي هئا. هتي اهو ٻڌائڻ دلچسپي کان خالي نه رهندو ته شروعاتي ڪتاب ۾ آئون هن جو ٻانهن ٻيلي هوس، پر عرفان ڪنهن ڳالهه تان ڪاوڙجي منهنجو نالو ختم ڪري، پرويز احمد شيخ جو ڏئي ڇڏيو. ان هوندي به منهنجو هن سان قلمي سهڪار رهيو ۽ قريبن هر رسالي ۾ منهنجي ڪاوش شامل هوندي هئي.

    گل پبليڪيشن هالا پراڻا:
    محترم منير احمد شيخ پنهنجي وڏي ڀاءُ مرحوم عبدالستارشيخ جي تعاون سان گل پبليڪيشن قائم ڪري، ان طرفان ”ساهه ڏينداسين سڏ تي“ نامي ڪتاب شايع ڪيو هو. ان ڪتاب جي حوالي سان ڳوٺ ۾ هڪ شاندار پروگرام به ٿيو هو، جنهن ۾ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي خاص مهمان طور شريڪ ٿيو هو. اهو ڪتاب غالباً 1980ع جي آخر ۾ شايع ٿيو هو.

    روشن تارا پبليڪيشن، هالا پراڻا:
    وري عرفان مهدي کان اتساهجي اسان جي ٻين هم ڪلاسين خالد صدر ۽ فضل قادر ميمڻ به اهڙا ادارا قائم ڪيا هئا.
    خالد صدر روشن تارا پبليڪيشن قائم ڪئي. هن صاحب پهريان ٻه ڪتاب زندگي جو روپ (مئي 1980ع)، ”تمنائن جو خون“ (ڊسمبر 1980ع)، سهيل صدر، مخدوم آفتاب احمد ڀٽي، ۽ منهنجي تعاون سان شايع ڪيا هئا. ٽيون ڪتاب اڃايل اکڙيون (ڊسمبر1981ع) ۾ شايع ڪيو ويو، جنهن جو شريڪ پبلشر ۽ ايڊيٽر نثار احمد ميمڻ هو، جنهن چانڊوڪي پبليڪشن قائم ڪئي هئي.

    سڳنڌ پبليڪيشن:
    فضل قادر ميمڻ سڳنڌ پبليڪيشن جي نالي ۾ ٻه ڪتاب سڳنڌ (مئي 1980ع) ۽ واهه سائين واهه (آگسٽ 1980ع) ڇاپيا هئا.

    طالب الموليٰ لائبرري ۽ اڀياس گهر:
    جڏهن قاضي محمد اعظم صاحب سابق هالا پراڻا يونين ڪائونسل جو چيئرمين هو ۽ قاضي محمد عالم ان جو ڪائونسلر هو ته انهن جي سهڪار سان مخدوم طالب الموليٰ ريڊنگ روم ۽ لائبرري جو قيام سال 1989ع ۾ آندو ويو.
    لائبريري جي قيام توڙي هلائڻ ۾ قاضي اعظم قريشي کان علاوه قاضي محمد عالم معصوم جو وڏو ڪردار رهيو. ان کان علاوه هن راقم سان گڏ ثناءُ الله صدر، مخدوم آفتاب ڀٽي، مسرور احمد ڀٽي، علي احمد دايو جن جو به اهم رول رهيو آهي.


    * هالا پراڻا جا قبرستان

    اسان وٽ ڳوٺ ۾ مشهور آهي ته هالا پراڻا جي هرپاسي ۾ بزرگ مدفون آهن، تنهن ڪري هن ڳوٺ کي ڪا لهر لوڏي نه سگهندي. مزارن جو ذڪر ته اسان بزرگن واري احوال ۾ پيش ڪيو. باقي هتي معروف قبرستان جو احوال پيش ڪجي ٿو.

    شيخ صاحب جي مزار سان گڏ وارو قبرستان:
    هالا نوان ڏانهن ويندڙ رستي تي صادق واري موري کان پوءِ چاڙهي چڙهي اوهان کاٻي پاسي هيٺ ڪچي ۾ لهي اڳتي وڌندو ته اتي وڻن جي جهڳٽن ۾ هڪ قبرستان نظر اچي ٿو، جنهن ۾ نه صرف سيد عبداللطيف حسني صاحب المعروف شيخ صاحب مدفون آهي، پر هتي احسان فقير ۽ ملان سانوڻي برزرگ به ابدي آرام ۾ آهن.

    کڏي کٿوري:
    هالا پراڻا جو جيڪو مکيه قبرستان، جيڪودريا جي ڀرسان آهي، تنهن کي کڏي کٿوري سڏيو وڃي ٿو. ان نالي جي حوالي سان سائين عطا محمد صدر جو چوڻ آهي ته ان قبرستان جي وچ ۾ هڪ حجرو يا ڪمرو بغير ڇت جي آهي، جنهن ۾ ڀٽي خاندان جا وڏا بزرگ ۽ عورتون مدفون آهن. انهن جي وڏائي ۽ بزرگيءَ جي شهرت تمام گهڻي آهي، جيئن مشڪ يا کٿوري جي خوشبو. ان ڪري ان کي کڏي کٿوري چئجي ٿو.
    ياد رهي ته اتي رکيل بزرگ پهريائين هالاڪندي ۾ مدفون هئا، پر پوءِ هالا ڪنڊي جي ٻڏي وڃڻ کان پوءِ انهن جا نعش مبارڪ آڻي اچي هتي دفن ڪيا ويا.
    ان حجري جي ديوار تي هڪ ڪتبو آهي، جنهن تي عربي ۾ هيٺيئين تحرير آهي:

    ياد رهي ته هي قبرستان 1182 هجري (1768ع) ۾ ٺاهيو ويو. ياد رهي انهي ساڳئي سال ڀٽي بزرگن هتي اچي جامع مسجد به ٺهرائي هئي.
    ان حجري اندر جيڪي بزرگ مرد ۽ عورتون دفن آهن، تن جو سائين عطا محمد هيٺيون تفصيل ڏنو آهي.
    1. ڌيءَ مخدوم محمد عمر بن مخدوم اسماعيل بن مخدوم عبدالله (باني ڀٽي خاندان ولادت 1065 هجري/ 1654ع سومر رات وفات نامعلوم
    2. ڌيءَ مخدوم محمد شريف بن مخدوم حسام الدين ولادت 24 رجب 1025 هجري، اڱاري رات (1616ع)
    3. دختر ثاني مخدوم محمد شريف ولادت نامعلوم وفات ذوالجح 1122 هجري (1711ع)
    سائين عطا محمد حجري اندر مزارن جي ترتيب هن طرح لکي آهي:
    مزار مخدوم حسام الدين بن مخدوم احمد مزار دختر مخدوم محمد عمر
    مزار مخدوم احمد بن مخدوم محمد اسحاق مزار دختر مخدوم محمد شريف
    مزار مخدوم محمد بن مخدوم محمد اسحاق مزارز دختر مخدوم محمد شريف
    مزار احمد ثاني بن مخدوم فتح الله خالي جڳهه
    مزار مخدوم حميد بن مخدوم احمد ثاني
    مخدوم عمر بن مخدوم حميد
    مخدوم محمد حسين بن مخدوم محمد عمر
    هن قبرستان ۾ ڀٽي بزرگن کان علاوه هالا پراڻا جي اڪثر برادرين جا ماڻهو دفن ٿين ٿا. هتي هر پاڙي جا علحده ٿيل حصا آهن.
    سال 2009ع ڌاري محترم نورالدين سنائي، جڏهن هالا تعلقه ميونسپل ائڊمنسٽريشن جو تعلقه ميونسپل آفيسر هو، تڏهن هن ذاتي دلچسپي وٺي، ان وقت جي ٽي. ايم. اي. ناظم، مخدوم حبيب الله صديقي قريشي جي منظوري سان هن قبرستان کي نه صرف چوديواري ڏياري، پر جنازي نماز پڙهڻ لاءِ پڪي جاءِ جوڙائي، جنهن ۾ بجلي جي بندوبست سان گڏ ماربل به لڳايو ويو.

    شاهه ديانه قبرستان:
    هالا پراڻا جي اوڀر ۾ هي قبرستان آهي، جتي مخدوم عربي ڌيانو، شاهه ديوانو ۽ ٻين بزرگن جون مزارون آهن. ان کان علاوه هتي آخوندن، ڪوٽار ميمڻن، سيدن جون تدفينون آهن.
    هن جي ڀر ۾ ئي هڪ پاسي قاضي قريشين (خاندان قاضي غلام محمد قريشي) جو قبرستان آهي ته ٻي پاسي روڊ سان لڳو لڳ قاضي حفيظ قريشي کي دفن ڪيو ويو آهي. جتي هاڻي ان جي پٽن جون قبرون آهن.

    ملان سانوڻي قبرستان:
    هالا پراڻا جي اتر ۾ موجود هن قبرستان ۾ هڪ پاسي مخدوم محمد شعيب لاخيال رحمت الله جي مزار آهي ته ان قبرستان ۾ ملان سانوڻي قريشين، شيخ (حسن شيخ)، ۽ سرهندي پيرن جون قبرون آهن.

    قاضين جو ٻيو قبرستان:
    هتي هڪ پاسي قاضي قريشن (جيڪي سيوهاڻي قاضي آهن) تن جو قبرستان آهي، جنهنجي ڀرسان هڪ پاسي ماڇين مغلن، خاصخيلن جو قبرستان آهي ته ٻي پاسي پويان پنجابي پناهگيرن جو مقام آهي.


    * ٻوڏون

    هالا ڪنڊي ته 1758ع ڌاري دريا جي حوالي ٿي ويو پر هالا پراڻا به وڏين ٻوڏن کي منهن ڏيندو اچي. ويجهي ماضي ۾ وڏي ٻوڏ 1956ع ۾ آئي، جڏهن هاڻوڪو بچاءُ بند به پڪي طرح نه ٺهيل هو. درياءُ چار پنج ڪلوميٽر پرتي هالا پراڻا جي اولهه ۾ وهندو هو.
    تڏهن هاڻوڪي بند سان لڳ سوين ايڪڙن تي سرسبز زمينون هونديون هيون ۽ ڪافي باغات هئا. اهي سڀ انهي ٻوڏ جي ڪري هميشه جي لاءِ دريا جي پيٽ ۾ اچي ويا. هاڻي رڳو ان ايراضي ۾ خليفن جو کجين وارو باغ بچيو آهي.
    ان زماني ۾ جيئن سائين عطا محمد لکيو آهي ته اڌ هالا پراڻا خالي ٿي ويو. ان زماني ۾ مخدوم طالب الموليٰ صاحب هالا پراڻا جي بچاءَ بند تي ماڻهن سميت اچي ٻوڏ بچاءَ جي اپائن جي نگراني ڪئي. سائين جا مريد توڙي ڳوٺ جا سوين ماڻهو رات ڏينهن پيا ان ڪچي بند جي نگراني ڪندا هئا.
    ان ٻوڏ کان پوءِ سائين طالب الموليٰ ۽ شهر جي ٻين معززين جي ڪوششن سان هن ڪچي بند جي پچنگ ڪئي ۽ هيٺ تائين پٿر وڇايو ويو. تازو جڏهن دريا جو مکيه وهڪرو هالا پراڻا جي ڀر ۾ شروع ٿيو ته ڳوٺ وارن دانهون ڪوڪون ڪيون. ان زماني ۾ اريگيشن جو سيڪريٽري جيڪو پاڻ به اريگيشين جو چيف انجنيئر هو، تنهن اتي موجود ماڻهن کي ٻڌايو ته هتي پچنگ ڪافي اونهي ٿيل آهي مٿان اپران مناسب طرح لڳل آهي، تنهن ڪري دريا بند کي ڪونه پائيندو.
    ٻڌايو وڃي ٿو ته پچنگ لڳڻ واري زماني ۾ انجنيئر محمد موسيٰ ميمڻ مانجهند وارو هو. ان ڪم جو ٺيڪيدار مرحوم مخدوم محمود ڀٽي صاحب هو. انهن خلوص دل ۽ ايمانداري سان اهو پچنگ وارو ڪم ڪرايو.
    ان کان پوءِ 1973ع ۾ وڏي ٻوڏ جو خطرو هو، پر انوقت بچاءَ بند ۾ پچنگ ٿي ويئي هئي.

    2010ع جي مها ٻوڏ:
    سال 2010ع ۾ پاڪستان وڏي ٻوڏ کي منهن ڏنو، ۽ پنجاب توڙي سنڌ جا علائقا ۽ شهر پاڻي هيٺ آيا. سنڌ ۾ گدو بئراج وٽ بند ٽٽو ته جيڪب آباد ۽ ٻيا شهر جهڙوڪ خيرپورناٿن شاهه، جيڪو دريا کان ڪافي پري هئو، ٻڏا.
    شروع ۾ جڏهن سنڌ ۾ پاڻي نه پهتو هو، تڏهن ميڊيا تي وٺ وٺان هئي. ان زماني ۾ آئون پنهنجي گاڏي بند جي ڀر ۾ قائم ماما عثمان جي اوطاق ۾ بيهاريندو هوس ۽ روز صبح شام اتان منهنجو گذر ٿيندو هو. شروعاتي دؤر ۾ ميڊيا تي خبر بعد مون کان اسان جي صحافي دوست جان خاصخيلي خبر ورتي. پر ان وقت هالا تائين ته ڇا پر سنڌ ۾ پاڻي نه پهتو هو. مون کي ياد آهي ته ڪچي ۾ رهندڙ هڪ همراهه کان جڏهن مون پڇيو ته ٻوڏ جي ڇا صورتحال آهي. تڏهن هن وراڻيو ته ميڊيا وارا ڇتا ٿيا آهن، سرڪار کي پئسا کپن وغيره.
    اسان وٽ حالت اها هئي جو اڃا پاڻي نه پهتو هو پر افراتفري مچيل هئي. وري ان وقت جي ڊي سي او جي هڪ خبر ميڊيا تي آئي ته هالا خالي ڪريو. انهن ڏينهن ۾ ڪافي ماڻهو هتان لڏي ويا. پر انهن مان ڪافي وري واپس آيا ۽ جڏهن حقيقي خطرو پيدا ٿيو ته انهن مان ڪجهه ويٺا رهيا.
    ان زماني ۾ ڪافي هفتن تائين روز رات جو بند تي پهرو ڏبو هو. ان وقت ۾ مخدوم محمد امين فهيم صاحب به اچي هالا ۾ ويهي رهيو ۽ روز بندن جو چڪر لڳائيندو رهيو. سندس مريد به سڄي مٽياري جي بندن تي ويهاريا ويا.
    هالا شهر ۾ خالي گهرن جي چوڪسي لاءِ به مخدوم صاحب پنهنجا ماڻهو مقرر ڪيا. ان زماني ۾ هر روز افواه هلندو هو ته سرڪاري ڪارندا وڏن شهرن کي بچائڻ لاءِ هٿ سان ڪٽ ڏيندا. سو هر وقت ساهه ڄڻ مٺ ۾ هوندو هو. بهرحال رمضان ۾ پاڻي جو وڏو ريلو گذريو.
    هڪ رات جو منو ماڇي ڀرسان واري بند ۾ روڻ پئي، پر بروقت مخدوم جميل الزمان پاڻ اچي ان روڻ کي بند ڪرائڻ واري ڪم جي نگراني ڪئي. ٻن ٽن ڪلاڪن جي سخت محنت کان پوءِ اها روڻ بند ٿي ويئي.
    چيو وڃي ٿو ته هڪ پاسي اهو ڪم پئي هليو ته ٻئي پاسي اڪثر ماڻهو ڀڄي رهيا هئا. ان زماني ۾ مخدوم صاحبن کان علاوه محمد حسين سنائي، نورالدين سنائي، قمرالدين سنائي، گل محمد پنهور، فقير حسين علي جعفري، نصير ميمڻ، ادا منير ارباب، عامر بهزاد ميمڻ، ۽ انهن جا ساٿي روزانو رات جو فجر تائين بندن جو چڪر پيا هڻندا هئا. جتي جتي ڪو خطرو محسوس ٿيندو هو، اتي ٻوريون يا پٿر لڳايو ويندو، يا ڪيلي جا پن لڳايا ويندا هئا. ٻڌايو وڃي ٿو ته رئيس علي احمد نظاماڻي ان زماني ۾ ڪيلي جي پنن جو ڪافي گاڏيون بندن جي پاڙڻ ۾ هڻڻ لاءِ موڪليون.
    ٻوڏ جو ايڏو شديد خطرو هو جو روئي پيا دعا ڪندا هئاسون ته مولا هن مصيبت کان اسان کي محفوظ ڪجائين. بهرحال رمضان جي عيد کان چند ڏينهن اڳ وڏو ريلو گذري ويو ۽ اسان سک جو ساهه کنيو ۽ الله جا شڪرانا بجا آندا.


    * هالا پراڻا جون مصنوعات

    جنڊي:
    هن شهر جي ناماچاري جو هڪ سبب جنڊي به رهي آهي. اڃا تائين به هتي جنڊي جو ڪم ٿئي ٿو. هن وقت هالا پراڻا ۾ ڄام مٺو خان ڀٽو (تمغه حسن ڪارڪرگي)، رحمت الله ڀٽو، ارشاد احمد ڀٽو ۽ ٻيا اهو ڪم ڪن ٿا. ماضي ۾ به ان خاندان جا ڪافي نامور ڪاريگر هئا.
    ياد رهي ته جنڊي جو مکيه مرڪز هالا پراڻا جي ڏکڻ ۾ ٻه ڪلوميٽر پرتي ڳوٺ خانوٽ رهيو آهي. پر ڏهاڪو سال کن اڳ اتي جا اڪثر ڪاريگر هتان لڏي وڃي ڀٽ شاهه جي آرٽيزان ڪالوني ۾ ويٺا.
    ڄام مٺا خان ڀٽو جي لکت موجب ”هيءُ هُنر ”سمن“ جي اوائلي دؤر کان ملي ٿو. واپاري اناج جي پيمائش لاءِ جَنڊيءَ تي جُڙيل چوٿايون، پاٽيون ۽ ٽويا استعمال ڪندا هئا، جيڪي حڪومت جي مقرر ڪيل پيمائش مطابق مخصوص ڪاريگر تيار ڪري وقت جي حاڪمن تائين پهچائيندا هئا. ۽ اُنهن حاڪمن جي فرمائش تي شهزادين لاءِ هندورا ۽ درٻار ۾ مهمانن لاءِ مَنجيون ۽ پلنگ (کَٽون) تيار ڪيون وينديون هيون. اهڙيءَ طرح آهستي آهستي حاڪمن ۽ اميرن جي گهرن جي هر شيءِ جَنڊيءَ تي تيار ٿيڻ لڳي.
    ”هالا جي جَنڊيءَ کي ڪلهوڙن جي دؤر ۾ اڃا به وڌيڪ اوج نصيب ٿيو. سنڌوءَ جي ڪناري ڪلهوڙن جي آباد ڪيل نئين گادي واري هنڌ ”خداآباد“ جي ڀر ۾ هزارين ايڪڙن تي درياءَ جي ڪناري تي پوکيل ”بهڻ“ جي ڪاٺ جي ڪري هالا ۽ خانوٺ جَنڊيءَ جو مرڪز بنجي ويا. انگريزن جي دؤر تائين سوين خاندان هن هُنر جي مدد سان پنهنجي زندگيءَ جا مزيدار ڏينهن گذاريندا هئا.
    ”هالا جي جَنڊيءَ جي ڪاٺ ۾ گهڻوڪري بهڻ جي ڪاٺي استعمال ڪئي ويندي آهي، ڇو ته اُن تي رنگ ڪافي عرصي تائين قائم رهي ٿو. اُهو ڪاٺ اڳ ۾ ته سنڌ جي محڪمه جنگلات کان مناسب اگهه تي ٻيلي مان حاصل ڪيو ويندو هو. ۽ ڪاريگر پنهنجي گهُرج مطابق ڪٽي کڻي ايندو هو، پر هن وقت اسان ڪاريگر اُنهيءَ سهوليت کان محروم آهيون.
    ”خميسي خان وگهامل جي لکت موجب ”جَنڊيءَ جو رنگ به خاص طور تي ٺاهيو ويندو آهي. ڪاريگر ٻيلن مان ٻٻر جي وڻن مان لٿل لاک کي سڪائي پوءِ سنهي ململ جو ڪپڙي ۾ وجهي باهه تي پگهاري اُن مان نِج لاک ڪڍندا آهن. اُن نِج لاک ۾ وري جداجدا رنگ ملائي مختلف رنگ ٺاهيا ويندا آهن، پوءِ اُهي ضرورت مطابق استعمال ڪندا آهن.“
    (سنڌ جا هنر، ص 546)
    ”هيءُ رنگ ايترو پڪو هوندو آهي جو اڄ به 20 کان 25 سالن تائين برقرار رهي ٿو. پر هينئر صحيح مزوري نه ملڻ جي ڪري هيءُ هُنر پنهنجي اصليت وڃائي ويٺو آهي، جنهنڪري رنگ 4 يا 5 سالن تائين مشڪل هلي ٿو. اگر هينئر به هن هنر جي صحيح پٺڀرائي ڪئي وڃي ته ٺهندڙ شيءِ جي عمر 50 سال ٿي سگهي ٿي.
    ”هالا جي جَنڊيءَ جو ڪم، ڪاٺ چيرڻ کان وٺي مڪمل رڱائيءَ تائين 13 مرحلن تائين مڪمل ٿئي ٿو. پهرئين مرحلي ۾ ڪاٺ کي ڪٽيو يا چيريو ويندو آهي. ٻي مرحلي ۾ اُن جي گهڙائي يا ڇِلائي ڪئي ويندي آهي. ٽي مرحلي ۾ ٻُور ڪيو ويندو آهي يعني نهو نالي واري اوزار جي مدد سان ڊزائين ٺاهي ويندي آهي. چوٿين مرحلي ۾ رنبي سان صفائي ڪبي آهي، جنهن کي ماٺ چئجي ٿو. پنجين مرحلي ۾ استر يعني رنگ جو پهريون هٿ لڳايو ويندو آهي. ڇهين مرحلي ۾ زردو يا ٻيو ڪو رنگ يعني ٻيو ڪوٽ لڳايو ويندو آهي. ستين مرحلي ۾ لاک روغني جو ڪم (زرداڻ وارا ٽٻڪا) ڪيو ويندو آهي. ياد رهي ته هيءُ ڪم خاص طور رڳو هالا جي جَنڊي ۾ ٿيندو آهي ۽ اها هالا جي جَنڊي جي خصوصي سڃاڻپ آهي. هن مرحلي کي جَنهِوَرُ چيو ويندو آهي. اٺين مرحلي ۾ ڪارو يا ٻيو رنگ لڳايو ويندو آهي، جنهن کي چوٿون رنگ چيو ويندو آهي. نائين مرحلي ۾ رڇي يا پلڪار جي مدد سان گلڪاري ڪئي ويندي آهي. ڏهين مرحلي ۾ گلڪاري تي رنگ لڳايو ويندو آهي. يارهين مرحلي ۾ ڊزائين کي واضح ڪرڻ لاءِ کرچڻي سان کُرچيو ويندو آهي. ٻارهين مرحلي ۾ ڪوئلي، سوٽي ڪپڙي ۽ تيل جي مدد سان چمڪ پيدا ڪئي ويندي آهي. تيرهين مرحلي ۾ خول ڪڍيا ويندا آهن. هن مرحلي کي ٻوراڪي چيو ويندو آهي.
    هالا جي جَنڊيءَ ۾ هُن وقت خاص ڪري صوفا سيٽ، ڊبل بيڊ، هندورو، جهولو، ڊريسنگ ٽيبل، کٽون، ڊيڪوريشن پيس ۾ گلدسته، ٽيبل ليمپ، لاٽما، پائوڊر باڪس، ڪلينڊر اسٽيمپ، جيولري باڪس وغيره شامل آهن.
    (سنائي، 2009ع، ص 151 کان 154 تائين)

    پيهون:
    ويجهي ماضي تائين پيهون هالا پراڻا جي مکيه پيدائش رهي آهي. اسان پاڻ ٽيهارو سال کن اڳ هالا پراڻا ۾ سائين پروفيسر محمد ايوب ميمڻ وارن جو اکر ۽ مرحوم ماستر مختيار ميمڻ جي والد جو اکر ڏٺو.
    پر هاڻي اکرن ۾ ٺهندڙ پيهون ماضي جو قصو بنيل آهن. مشينڪاري هن ڌنڌي کي کائي ويئي، پر 50 يا سٺ سال اڳ هالا پراڻا ۾ پيهن جا ٽيهارو کن اکر هئا.
    سائين سوز هالائي جيڪو فائينل ڪرڻ کان پوءِ ڪافي عرصو بيروزگار رهيو، تنهن پيهن جي اکرن تي به ڪم ڪيو آهي. تنهن سان تازو پيهون ٺاهڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. تنهن مونکي ٻڌايو ته پيهون ٺاهڻ ۾ اتر کان سڳداسي چانور ۽ لاڙ مان رترڙيا ۽ ڪانگڙا چانور گهرائبا هئا.
    وڏي ديڳڙي ۾ چانور ۽ پاڻي وجهي باهه تي ڪاڙهيا ويندا هئا. اٻ تي اچڻ کان پوءِ نادي ۾ وڌا ويندا هئا. جتي اهي ٻئي صبح تائين پيل هوندا هئا. ان کان پوءِ انهن مان پاڻي نيڪال ڪندا هئا.
    اسر مهل باهه ٻاري ويهبو هو ڪم تي. جنهن ڇٻي مان پاڻي سمي ويندو هو، ان مان چانور کڻي، انهن کي تون ۾ ڀڃبو هو، جڏهن ٽڙڪاٽ نڪرندا هئا ته ان کي اکر جي کڏي ۾ وجهندا هئا، جنهن ۾ اُکر ڪرندو هو. ڪافي دفعا اکر سان ڪٽڻ بعد اهي چانور پيهن جي شڪل وٺندا هئا. انهن کي پوءِ اکر مان ڪڍي صاف ڪري ٻورين ۾ ڀربو هو ۽ اهي ٻوريون پوءِ مارڪيٽ ۾ وينديون هيون.
    اکر جي کڏي ڪاٺ مان ٺهيل هوندي هئي ۽ اکر ۾ لوهي ڪڙي لڳل هوندي هئي.
    اهو ڪم اسر کان ٻپهرن تائين هلندو هو. سٺ واري زماني ۾ چانور ڪٽڻ واري کي قريبن ٻه روپيه مزدوري ملندي هئي.
    ان زماني ۾ جڏهن سوز صاحب اتي ڪمائيندو هو، تڏهن لالواڻي ميمڻن جا ٽي کن، سيٺ جمن ميمڻ وارن جا ٽي کن، ڦودي ميمڻ وارن جا ٻه کن، الهورايو ڪاٺوڙي جو هڪڙو، وڏيري ڄامن سنائي جا ٻه، سيٺ خالقڏني خاقواڻي جا ٻه، حاجي قادرڏني جا ٻه، سيٺ جمعي جا ٻه، الهڏني چاڪي ميمڻ جا ٻه، حاجي عبدالصمد جو هڪ، سيٺ جمعي جا ٻه ۽ ڪجهه ٻين ماڻهن جا اکر هوندا هئا. هاڻي ته هڪ به ڪونهي.


    مختصر مختصر

    چند سال اڳ 30 سالن کان قائم يوبي ايل بئنڪ جي برانچ بند ڪئي وئي. هن وقت هالا پراڻا کي ٽائون جو درجو مليل آهي، پر بينڪ ته ڇڏيو پوسٽ آفيس جي برانچ بند ڪئي ويئي آهي. هفتي ۾ ڪو پوسٽ مئن اچي ٿو جيڪو ڪنهن دڪان وغيره تي ڊاڪ ڇڏيو هليو وڃي ٿو.
    شهر جون نوين سيڪڙو آر سي سي بلاڪ سان ٺهيل آهن، 40 سيڪڙو واري ۽ پڪي سر سان جڙيل آهن. ٽائون ڪميٽي جي ڪم ڪرڻ سان صفائي سٿرائي جو انتظام بهتر ٿي ويو آهي.
    واٽر سپلاءِ جون اسڪيمون به ڪافي آيون آهن. پر هاڻي سرڪاري طور پاڻي نٿو پهچايو وڃي. رهواسي پنهنجي مدد پاڻ جي حساب سان پاڻي حاصل ڪن ٿا. ان ڪري اڪثر گهرن ۾ خودڪار پاڻي ڪڍڻ وارا پمپ لڳل آهن. اڪثر گھر گئس استعمال ڪري رهيا آهن.
    ٻارهن کن چانهه جون هوٽلون آهن. جتي صبح کان وٺي آڌي رات تائين ٽي وي تي يا ته ڪئبل جا چينل لڳايا وڃن ٿا، يا وري وي سي آر تي فلمون ڏيکاريون وڃن ٿيون. منهنجي ذاتي اندازي موجب هر وقت انهن هوٽلن تي ٽن کان پنج سون تائين ماڻهو ويٺل هوندا آهن. رات جي وقت اهو انگ هڪ هزار تائين پڄندو آهي. ياد رهي ته هوٽل تي هر وقت ويٺلن جو عمرون 15کان 35 سالن تائين آهن. عمر جو اهو حصو ذاتي توڙي قومي ترقي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندو آهي. پر هي حضرت بجاءِ دل لائي پورهيو ڪري پنهنجي ذاتي يا ڪٽنب جون حالتون سڌارڻ جي، هوٽلن تي چانهيون پي، ڇورن تي خرچ ڪري، پاڻ کي وڌيڪ غريب بنائي رهيا آهن. ياد رهي ته انهن صاحبن جي اڪثر گھرن ۾ ٽي وي موجود آهي. چون ٿا ٿه پنجاب جي هر گهر ۾ هڪ ننڍڙو ڪارخانو اهي، ۽ اُتان جي اڪثريت ڪنهن نه ڪنهن ڪرت ۾ رنڀيل نظر ايندي آهي.
    اسان جو ڳوٺ عمودي طرح يا زمين جي سڌ ۾ ايترو نه وڌيو آهي، پر افقي طرح ڪافي وڌيو ويجھيو آهي. گهڻ ماڙ جاين جو تعداد وڌي پيو. ٻي حقيقت اها آهي ته هر سال ڪل آبادي جو ڏهه سيڪڙو هتان لڏي وڃي ٿو.


    ضميما

    ضميمو پهريون : شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ هالا ڪنڊي

    ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي ڪتاب Life and Thought of Shah Abdul Latif Bhitai ۾ لکيو آهي ته شاهه صاحب پنهنجي روحاني باليدگي لاءِ جن ماڳن ۽ مڪانن جا سير سفر ڪيا، تن ۾ پراڻا هالا جو قديم شهر به شامل آهي، جيڪو هن جي لکت موجب ڀٽ شاهه جي اتر پاسي ڪوٽڙي جي ڀر ۾ هو. ڀٽائي صاحب جي زماني ۾ اهو عالمن ۽ اوليائن جو مکيه مرڪز هو. (ص 60)
    ان ڪري اسان چئي سگهون ٿا ته شاهه صاحب هالا ڪنڊي يا هالا پراڻا ۾ ڪافي ڀيرا آيو هوندو.
    شاهه صاحب جي زندگي ۽ احوال تي جيڪي اوائلي ڪتاب آهن، تن مان هڪ ڪتاب لطائف لطيفي آهي، جنهن کي مير عبدالحسين سانگي صاحب فارسي ۾ لکيو. سانگي صاحب جي انهي ڪتاب جو ترجمو عبدالرسول قادري بلوچ ڪيو آهي. سانگي صاحب ان ڪتاب ۾ هڪ پاسي مير علي شير قانع جي ڪتابن تحفة الڪرام ۽ معيار سالڪان مان استفادو ڪيو آهي ته ٻي پاسي مقامي روايتن کي بنان چون چران جي قبولي ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي.
    ياد رهي ته مير عبدالحسين سانگي جو هڪ استاد آخوند احمد ولد عبدالعليم جو تعلق هالا پراڻا جي ملان سانوڻي خاندان سان هو. پنهنجي ان ڪتاب ۾ ڪافي حڪايتون انهي صاحب کان ٻڌل ڄاڻايون اٿس.
    سانگي صاحب ڀٽائي صاحب جو تعلق هالا ڪنڊي سان ائين ٿو جوڙي، ته هو هڪ پاسي هالا ڪنڊي کي شاهه صاحب جي وڏڙن جو وطن ڄاڻائي ٿو ته ٻئي سندس والده محترمه کي هو مخدوم عربي ديانه جي اولاد مان ڄاڻائي ٿو. پر ان تعلق کي ٻيا عالم رد ڪن ٿا.
    سانگي صاحب ڪوٽڙي واري ڳوٺ کي هالا ڪنڊي جي ويجھو ڄاڻائي ٿو، جتي مغل رهندڙ هئا ۽ جتان ڀٽائي صاحب شادي ڪئي.سانگي صاحب جي استاد جي پڙڏاڏي حاجي متين الدين کي ڀٽائي صاحب پنهنجي گودڙي ڏني هئي. ان جو رنگ ميرانجهڙو خاڪ جھڙو آهي. سانگي جي وقت تائين اها تبرڪ طور رکيل هئي.
    ”چون ٿا ته پراڻن هالن ۾ هڪ زاهد ظاهري علم سان سينگاريل هو، مگر مفلس ۽ نادار هو هو، نه شام جو سامان موجود نه صبح جو. رزق جي ڪشادگي واسطي اولياء صاحب جي خدمت ۾ دعا لاءِ آيو. اولياءَ صاحب حجري ۾ هئا. پاڻ ٻاهر آيا. زاهد کان پڇيائون، مون ٻڌو آهي ته حضور جن جون چاليهه حديثون ياد ڪرڻ ضروري آهن. ان ڪري مون چار ياد ڪيون آهن. جيڪڏهن غلط هجن ته اصلاح ڪريو. زاهد ٻڌڻ لاءِ انتظار ڪرڻ لڳو. حضرت اوليا صاحب هڪ حديث بيان فرمائي. زاهد ان جي معنيٰ ۽ مطلب ٻڌي حيران ٿي ويو ۽ دنيا جي مال گهرڻ جي خواهش جو ارادو ڇڏي ڏنائين. اولياء صاحب جي اڪسير جھڙي محبت تي اڪتفا ڪيائين.“
    (سانگي، 1986، ص 123)
    ”هڪ بزرگ ڀٽي قوم جو، ظاهري علم سان سينگاريل پراڻن هالن جو رهاڪو، سهروردي طريقي جو معتقد هو. هر سومر جو بلاناغي سوئي ڪندر جي اولياءَ جي زيارت تي ويندو هو. جو اتي شاهه لطيف جي ٻن ڀائرن جون قبرون آهن. ٻنهي جا نالا اولياءِ صاحب جا همنام هئا. ان واٽ تي لطيفي حجرو هو، جو اڃا تائين ڀٽ جي دامن ۾ اتر طرف ٺهيل آهي. اهو ڀٽي عالم ان گس کان لنگهندو هو، ان کي سندس شاگردن چيو ته هتي اوليا صاحب آهي، جو ڪمال جو صاحب آهي، سندس خيالي عنقا هڪ پرواز سان عالم مثال کان راز بي نياز جي ڪنگري تي پهچي ٿو. ان ڪري جڳائي ته ان جي خدمت ۾ هلي قدمبوسي جو شرف حاصل ڪجي. جڏهن ته اهو عالم غرور وارو ۽ معرفت کان دور هو. چيائين ته اڃا اها معنيٰ مونتي نه کلي آهي ته هي سيد حقيقي محبت ٿو رکي يا دنياوي سينگار جو طالبو آهي. ائين چئي سوئي ڪندر روانو ٿيو.
    ”انهن (استاد ۽ شاگردن) جي اها گفتگو اولياء صاحب کي معلوم ٿي ۽ پاڻ ڪن ماڻهن کي موڪليائون ته جڏهن اهو عالم واپس ٿئي ته مونکي خبر ڏين. انهن ماڻهن ائين ڪيو. جڏهن اولياء صاحب ان جي اچڻ جي خبر ٻڌي ته گس تي اچي بيٺا. جڏهن اهو بزرگ ويجهو آيو، تڏهن شاگردن اوليا صاحب کي ڏسي ان عالم کي ٻڌايو. ڀٽي بزرگ گهوڙي تان لهي قدمبوسي جي شرف حاصل ڪرڻ لاءِ اچڻ لڳو ۽ اولياء صاحب انهن ڏانهن اڳتي وڌيا ۽ ان کي فرمايائون ته جيڪا وک توڏانهن ٿو وڌايان، اها وک وڏي ثواب ۾ ڳڻجي ٿي ۽ تون جيڪو به قدم مون ڏانهن وڌائين ٿو اهو ڪفر جو سبب ٿئي ٿو. ان کان پوءِ ڀاڪر پائي هڪ ٻئي کي مليا ۽ حجري ۾ ڪچهري ڪيائون.
    ”ڀٽي بزرگ عرض ڪيو ته اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته اوهان ڏانهن منهنجي وک کڻڻ گناهه ۾ شامل پي ٿي ۽ اوهان جي هرقدم تي ثواب پي مليو. هن مشڪل سوال جو حل کولي ٻڌايو.
    ”اولياء صاحب فرمايو ته اوهان مون کي خوف ۽ اميد جي وچ تي تصور ڪري چيو ته خبر ڪانهي ته هي سيد حقيقي عاشق آهي يا مجازي؟ جڏهن توهان هتان سوئي ڪندر ويا ۽ وري جلدي واپس آيا ته هن ٿوڙي وقت ۾ اوهان تي اهو مسئلو نه کليو هوندو ته منهنجو احوال ڪهڙو آهي. ان ڪري مون ڏانهن اچڻ جو اهو سلوڪ خوشامد ليکبو ۽ مون اوهان کي عالم سمجهي وک وڌائي ــ ڀٽي بزرگ سر جهڪائي فڪر ۾ پئجي ويو ۽ هي مصرعه زبان تي آندائين:
    مقصود من آن ست که مقصود تو باشد
    ”مطلب ته منهنجو مقصد به اهوئي آهي، جيڪو تنهنجو مقصود آهي. ان کانپوءِ اهو ڀٽي بزرگ اولياءِ صاحب جي معتقدن جي سنگت ۾ داخل ٿي ويو.“ (سانگي، 1986، ص 132 ۽ 133)
    تاريخ قديم هالا (ص 143) ۾ سيد جلال شاهه جي ذڪر ۾ اها روايت به ڏني ويئي آهي ته هي صاحب شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو وڏو ڀاءُ هو ۽ شاهه عبدالطيف ڀٽائي سندس مزار وٽ اچي ويهندو هو ۽ سماع جو اهتمام ڪندو هو.
    بهرحال اها روايت وڌيڪ تحقيق جي متقاضي آهي. ڇو ته سندن وڏو ڀاءُ ته شاهه عبدالڪريم جي حياتي ۾ مٽياري ۾ وفات ڪري ويو هو.

    شاهه صاحب جي رسالي جا سهيڙيندڙ يا ڪاتب:
    استاد لغاري صاحب پنهنجي مضمون شاهه جي رسالن جي تاريخ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي حوالي شاهه جي رسالي جي ڪجهه قلمي نسخن جو ذڪر ڪيو آهي، جن جا سهيڙيندڙ يا ڪاتب هالا پراڻا سان تعلق رکن ٿا. انهن جو احوال هيٺ پيش ڪجي ٿو.
    (مهراڻ، 2011ع، شمارو 1-2، ص 84)

    خير محمد فقير هالائي وارو قلمي نسخو: (1267 هه/ 1850ع)
    هن نسخي ۾ 35 سر، 2921 بيت ۽ 211 وايون آهن. هن جي شروعات ڪلياڻ سان ٿئي ٿئي. سر بسنت شامل نه آهي. سر کي سرود ڪري لکيو ويو آهي.

    حاجي هدايت الله هالائي جو قلمي نسخو: (1270هجري/ 1853ع)
    هن ۾ 34 سر آهن. بيتن جو تعداد 3247 ۽ واين جو تعداد 226 آهي. شروعات سر ڪلياڻ سان ڪيل آهي. نصرپور جي مشهور حڪيم ۽ فارسي دان ديوان ٺارومل اجورو ڏئي هي نسخو لکرايو.

    محمد صالح مجاور ولد حافظ ربڏنو مجاور وارو قلمي نسخو:
    (1277هجري/ 1860ع)
    هن ۾ 35 سر، 3030 بيت ۽ 215 وايون شامل آهن. شروعات ڪلياڻ سان ڪيل آهي، هن ۾ به بسنت سر نه آهي. اهو رسالو 14 ريبع الثاني، 1277 هجري يعني 30 آڪٽوبر 1860ع تي لکي پورو ڪيو ويو.

    عبدالحق هالائي جو دستخطي نسخو: (1282هجري/ 1865ع)
    هن ۾ 36 سر، 3402 بيت ۽ 246 وايون شامل آهن. شروعات ڪلياڻ سان ٿيل آهي، آخر ۾ سسئي جي ٽيهه اکري آهي. هن نسخي کي 29 ربيع الاول سن 1282 هجري يعني 22 آگسٽ، 1865ع تي لکي پورو ڪيو ويو. هي نسخو مير عبدالحسين سانگي جي ملڪيت رهيو. هن کي ڊاڪٽر هوتچند مولچندگربخشاڻي بلڙي واري نسخي سان ڀيٽيو هو. عبدالحق صاحب هن رسالي جو رڳو ڪاتب هو.

    حاجي ميان خير محمد حڪيم ملان سانوڻي: (راڳي ۽ سهيڙيندڙ)
    هي صاحب شاهه صاحب جو راڳي هو ۽ شاهه جي رسالي جو ڪو نسخو تيار ڪيو هو. انهي نسخي جي آڌار تي بمبئي وارو ڇاپو تيار ڪيو ويو، جيڪو 1292هجري يعني 1876ع ۾ ليٿو تي شايع ٿيو. هن ۾ 36 سر، 4076 بيت ۽ 237 وايون آهن. شروعات ڪلياڻ سان ٿيل آهي ۽ آخر ۾ سسئي جي ٽيهه اکري آهي.

    فقير خير محمد ملاح: (راڳي)
    هن شاهه جي راڳي جو احوال انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا جي جلد ڏهين (2016ع) جي صفحي 126 تي ڏنو ويو آهي، جنهن موجب هن خانوٽ ڄائو فقير 1982ع ۾ گلو فقير چنڊ کان شاهه جي راڳ ۽ دنبوري جي وڄت ۾ مهارت حاصل ڪئي. کيس سر ڪلياڻ، سر يمن ڪلياڻ، سر سهڻي، ۽ سر مارئي کي سهڻي انداز ۾ پيش ڪرڻ جو فن آهي. هو اڱاري ۽ اربعا ۾ راڳ ڳائيندو آهي.
    هن مون کي ٻڌايو ته هو ڄائو ته خانوٽ ۾ آهي، پر ننڍپڻ جو ڪجهه عرصو مٽياري ۾ گذاري اچي هالا پراڻا ۾ رهيو آهي، جيڪو سندن اباڻو ڳوٺ هو. کيس سال اڌ کان ٻوڙاڻ جي بيماري ٿي پئي آهي. سندس چواڻي ته سندس ڏاڏو جيئڻ به شاهه جو راڳائي هو.


    ضميمو ٻيو: هالا پراڻا جي پسگردائي ۾ موجوده شهر ۽ وستيون

    هالا پراڻا جي اتر ۾ هالا نوان شهر آهي ۽ اتر اولهه ۾ ڪلهوڙن جي گادي وارو شهرخداباد ثاني ۽ ڀاڻوٺ آهي ته ڏکڻ ۾ خانوٺ جو ڳوٺ آهي. ڏکڻ اوڀر ۾ گهوٽاڻا آهي ته وري اوڀر ۾ ڪافي پرتي ڀٽ شاهه آهي. انهن مان ڪن شهرن يا وستين جو مختصر احوال پيش ڪجي ٿو.

    هالا نوان:
    هن وقت هالا نوان سڀني کان وڏو شهر آهي، ۽ هالا تعلقي جو هيڊ ڪوارٽر به آهي. هن شهر جو بنياد 3 ڊسمبر 1777ع (2 ذي القعد، 1191هجري) ۾ مخدوم سرور نوح جي اٺين نمبر سجاده مخدوم مير محمد ثاني المعروف مير پير (1738-1789) وڌو. ان وقت ان وستي جو نالو هن پنهنجي فرزند مخدوم غلام مرتضيٰ (مخدوم محمد زمان سوئم) جي نالي سان مرتضيٰ آباد رکيو. پر اڳتي هلي ڪري هيءُ شهر هالا نوان طور مشهور ٿيو. (مخدوم جميل، 2010، ص 446)
    ياد رهي ته اهو مذڪوره مخدوم مير محمد صاحب هالا پراڻا ۾ 10 جون 1738ع ۾ ڄائو هو. سال 1770ع ۾ پنهنجي والد بزرگوار کان پوءِ مخدوم نوح جي مسند جو اٺون سجاده ٿيو. کانئس پوءِ نائون سجاده ميان محمد زمان ثالث ٿيو، جيڪو به هالا پراڻا ۾ پيدا ٿيو. مخدوم نوح جو يارهون سجاده مخدوم امين محمد ثاني (1790-1836) پهريون سجاده هو جيڪو هالا نوان ۾ پيدا ٿيو. (مخدوم جميل، 2001، ص 86)
    ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشي لکي ٿو ته ان هنڌ تي اڳئي مخدوم حامد بن مخدوم نوح مدفون هو. (ڊاڪٽر قريشي، 2010، ص 20)
    انهيءَ سجاده نشين ئي مخدوم نوح ۽ ٻين صاحبن جا نعش مبارڪ هالا پراڻا مان کڻي وڃي هالا نوان ۾ دفن ڪيا. اتي اها مسجد به جوڙائي.
    هالا نوان انگريزن جي دؤر حڪومت ۾ ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ يعني ضلعي هالا توڙي تعلقي هالا جو هيڊڪوارٽر هو. ياد رهي ته انهي هالا ضلعي يا ڊپٽي ڪيلڪٽوريٽ ۾ 4 تعلقه هئا، جن نالا هئا، تعلقو هالا، تعلقو ٽنڊو الهيار، تعلقو شهدادپور ۽ تعلقو مير پور خاص. (گزييٽيئر، 1876، ص 198)
    وقت جي ستم ظريفي چئجي يا اقتدار ڌڻين جي نااهلي، جو ان ضلعي جا ذڪر ڪيل تعلقا اڳتي هلي ضلعا ٿيا، پر پاڻ هالا ضلعي جي حيثيت وڃائي، هڪڙو ننڍو تعلقو ٿي ويو آهي.
    ورهاڱي کان ٿورو اڳ مخدوم غلام حيدر قريشي صاحب هتي هڪ رهائشي هاءِ اسڪول جو بنياد وڌو، جيڪو اڳتي هلي مخدوم غلام حيدر قريشي هاءِ اسڪول جي نالي سان مشهور ٿيو.
    مخدوم غلام حيدر قريشي مخدوم طالب الموليٰ صاحب جي مدد سان پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ هالا نوان ۾ سروري اسلاميه ڪاليج کوليو، جتي پڻ شاگردن جي رهائش لاءِ هاسٽل جو بندوبست ڪيو ويو.
    انهن ٻنهي ادارن ۾ نه صرف هالا جا پر سڄي سنڌ جي پرانهن علائقن مان هزارين شاگرد پڙهيا آهن. بقول ڊاڪٽر سليمان شيخ جي ته اسان ڪورين جا پٽ انهن ادارن جي باعث پڙهي سگهياسون.
    ورهاڱي کان پوءِ هالا نوان هڪ اهم ادبي مرڪز ٿي ويو، جتي ڪيترائي علمي ادبي رسالا جھڙوڪ فردوس، شاعر وغيره ۽ اخبارون جھڙوڪ همدرد جاري ٿيون. سالن تائين هر هفتي نه صرف مشاعره ٿيا ۽ ٻيون ادبي بيٺڪون به ٿيون.
    هن شهر پنهنجي قيام کان وٺي هيسيتائين لاتعداد عالم، اديب، ڪامورا، ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ مختلف پروفيشنل پيد اڪيا آهن.

    خانوٺ يا کاڻوٺ:
    هالا پراڻا جي ڏکڻ ۾ ٻن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي جيڪو ڳوٺ آهي، سو خانوٽ طور ڄاتو وڃي ٿو. ويجهڙائي ۾ اتان جي ڪجهه رهواسين پاران ان کي مسڪين شاهه خانوٺ جو نالو به ڏنو ويو آهي.
    ياد رهي ته انهيءَ ساڳئي نالي سان هڪ ڳوٺ دريا جي پرئين ڀر ۾ ضلعي ڄامشوري ۾ به آهي. تاريخ جي ڪن ڪتابن ۾ جنهن خانوٺ جو ذڪر آهي، سو خبر نه آهي ته ڪهڙو خانوٺ آهي، ڇو ته هالا ڪنڊي ذري گهٽ ٻنهي کان ساڳئي مفاصلي تي هئي. منهنجو ذاتي خيال آهي ته هن پاسي واري خانوٺ جو ذڪر آهي.
    شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي ملفوظات بيان العارفين (جيڪو فارسي ۾ 1038هجري 1629ع ۾ محمد رضا بن عبدالواسع عرف مير دريائي بن داروغا گهر ٺٽوي لکيو، ۽ ان جو مڪمل ترجمو ۽ تشريح محترم ڊاڪٽر عبدالغفار سومري ڪيو آهي) ۾ هڪ روايت آهي ”وقت جي قطب ۽ خدا جي پسنديده ٻانهي مخدوم نوح جو هڪ خاص مريد هو، جيڪو خانوٺ ۾ رهندو، تنهن کي حبس دم جي ايڏي پڪاوت هئي جو جڏهن خانوٽ کان نڪرندو هو ته اچي هالڪنڊي ۾ دم کوليندو هو. اهڙي طرح جڏهن هالڪنڊي مان روانو ٿيندو هو ته حبس دم ڪندو هو، جيڪو وڃي خانوٽ ۾ کوليندو هو. حالانڪ انهي ٻنهي شهرن ۾ اڌ پهر (ڏيڍ ڪلاڪ) جو پنڌ هو.“ (ص 274)
    انگريز دؤر ۾ منشي ٽوپڻ مل حيدرآبادي پاران سال 1292هجري/ 1876ع فارسي ۾ هڪ ڪتاب تاريخ سنڌ ۾ لکيو. ان ۾ لکيو ويو آهي ته ميان غلام شاهه جڏهن 1172هه/ 1759ع ۾ بادشاهه ٿيو ته هن سال 1760ع ڌاري هالا ڪنڊي جي ڀرسان نئون ڳوٺ کاڻوٺ اڏرايو. (حيدرآبادي، ص 108)
    ميجر جنرل ايم آر هيگ پنهنجي ڪتاب دي انڊس ڊيلٽا ڪنٽري ۾ به اهڙو ذڪر ڪيو آهي ته غلام شاهه 1759-60ع ۾ خانوٺ جوڙايو ۽ پوءِ ٻوڏ جي خطري ڪري ان کي ڇڏي سال 1762-63ع ۾ شاهپور جوڙايو، جيڪو هن جي خيال ۾ نصرپور کان چار ميل پرتي اوڀر ۾ وسندڙ شهر آهي.
    (هيگ، 1894، ص، 120)
    رحيمداد مولائي شيدائي به ان کي غلام شاهه جو تخت گاهه سمجهي ٿو. (سنائي 2009، حوالو پهريون ص 42)
    پر ڊاڪٽر لاکو پنهنجي ڪتاب ڪلهوڙا دؤر حڪومت ۾ ان عرصي ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي پاران شاهپور اول جي قيام جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪو ڇهه سال کن تختگاهه رهيو. (لاکو، 2004ع، ص 210) انهيءَ شهر جي حوالي سان ڊاڪٽر صاحب جو خيال آهي ته اهو شهر موجوده وقت ۾ شاهپور درپور جي نالي سان سڏجي ٿو.
    منشي ٽوپڻ مل پنهنجي ڪتاب ۾ اڳتي هلي وري اهو لکيو آهي ته سال 1178هجري/1765ع جي بهار ۾ ميان غلام شاهه خاڻوٺ کي ڇڏي، هاله ڪنڊي جي ويجهو شاهه پور نالي شهر اڏايو. (ص 113) پر ڊاڪٽر لاکو صاحب ان ساڳئي عرصي ۾ شاهپور دوئم جي قيام جو ذڪر ڪري ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته هي شهر تختگاه طور سال 1768ع تائين ڪم ڪندو رهيو. لاکي صاحب جي لکت موجب موجوده دؤر ۾ هن شهر بابت ڪجهه به معلوم ڪونهي. پر اشتياق انصاري لکي ٿو ته ڊاڪٽر بلوچ ان کي شاهپور اول جي ڀر ۾ ٻڌائي ٿو ۽ خداداخان ۽ غلام رسول مهر جي خيال ۾ اهو سڪرنڊ جي ڀر ۾ ننڍي واهڻ جي صورت ۾ موجود آهي. (انصاري، 2011، ص 192)
    مير علي شير قانع به خانوٺ کي هالا ڪنڊي جي پرڳڻي جو مشهور ڳوٺ قرار ڏيندي لکي ٿو ته اتي جا رهاڪو سيد اصل متعلوي (مٽياري) آهن. هن صرف هڪ بزرگ چاندو شاهه جو ذڪر ڪيو آهي. جيڪو سندس لکڻي موجب ”هاڻي تازو ڏاڍو حال جو صاحب ۽ سلوڪ جي رستي جو واقف ٿي گذريو آهي. هو نهال شاهه مداريءَ جو معتقد ۽ خليفو هو.“
    (قانع، 1989، ص 387)
    هي بزرگ خانوٺ جي اتر اوڀر ۾ قائم قبرستان ۾ مدفون آهي، جيڪو سندس ئي نالي سان چاند شاهه جو قبرستان طور مشهور آهي. اتي قبر تي لڳل ڪتبي ۾ لکيل سال مان هڪ انگ ڊهي ويو. 11 کان ڊٺل انگ ۽ پوءِ 5 آهي. امڪاني طور تي اهو سال 1185 هجري/ 1771ع لڳي ٿو.
    هر سال هتي سيد عبدالقادرشاهه جيلاني جي وڏي يارهين ملهائيندي ويندي آهي.
    محترم ساقي هالائي پنهنجي ڀاءُ غلام هالائي تي لکيل مضمون ۾ ڄاڻايو آهي ته ابڙن جو جد امجد ميون عيسو هالائي، جيڪو پريالوءِ خيرپور ۾ رهندو هو، سو حرمين شريف مان واپسي بعد ڪجهه عرصي لاءِ اچي خانوٺ ۾ ترسيو ته ان وقت درگاهه مخدوم نوح جي سجاده ساڻس اچي مليو ۽ کيس هالا ۾ رهڻ جي گذارش ڪئي. تنهن ڪري اهو صاحب اچي هالا ۾ رهيو. (سهيل ابڙو، 2014، ص، 42 ۽ 43)
    خانوٺ جي انهي سيد خاندان جو هڪ ٻيو شخص مسڪين شاهه جي نالي سان انگريز دؤر ۾ ڪافي مشهور ٿي گذريو آهي، جنهن لاءِ سوز صاحب کي اتي جي رهواسي محمد ابراهيم چنا، ٻانهي خان شيخ جي حوالي سان ٻڌايو هو ته ارنيسٽ ٽرمپ واري شاهه جي رسالي جو مسودو مسڪين شاهه تيار ڪيو هو. (سوز هالائي، ص 55)
    هن صاحب جو اصل نالو روشن علي شاهه هو ۽ هو نه رڳو شاعر هو، پر هڪ جراح حڪيم به هو. ٻڌايو وڃي ٿو ته ڪنهن انگريز عملدار جي نياڻي، جنهن جو علاج انگلنڊ ۾ به نه ٿيو، ان کي هن ئي پنهنجي علاج سان چاڪ ڪيو.
    مقامي روايتن موجب هن صاحب جو اثر رسوخ توڙي مال ملڪيت هن تر جي سڀني ماڻهن کان وڌيڪ هو. تنهن ڪري چيو وڃي ٿو ته هنکي هتان جي ڪنهن طاقتور ڌر زهر ڏياري مارايو.
    هن صاحب کي ملتان جي پيرن به هڪ بگي موڪلي، جيڪا سندس بنگلي تي رکيل هوندي هئي. پر هن وقت اها ڀري چڪي آهي.
    خانوٺ مقامي روايتن موجب انگريزن جي دؤر ۾ وڏي آبادي وارو ڳوٺ هو. هتي انگريز حڪومت پاران هڪ سرڪاري پرائمري اسڪول به قائم ڪيو ويو هيو.
    اسان آخوند ولي محمد صاحب جي ذڪر ۾ لکي چڪا آهيون ته هو پڙهائي کان پوءِ پنهنجي مامي جي مدرسي ۾ پڙهائڻ لڳو، جيڪو خانوٺ ۾ موجود هو. اهو مدرسو به قرآن جي تعليم سان گڏ پرائمري جي تعليم به ڏيندو هو.
    سوين سالن تائين هي ڳوٺ جنڊي جي ڪم ڪري به مشهور هو. ايڇ ٽي سورلي جي مرتب ڪيل گزيٽيئر آف ويسٽ پاڪستان ۾ هن واهڻ کي جنڊي جو مرڪز ڄاڻايو آهي. چاليهارو سال کن اڳ تائين هي جنڊي جي ڪاريگرن جو اهم مرڪز رهيو، پر پوءِ هن جي اها حيثيت نه رهي، ڇو ته انهن ڪاريگرن جي اڪثريت هاڻي ڀٽ شاهه آرٽيزان ڪالوني ۾ رهي ٿي. هن وقت هن ڳوٺ جي آبادي پنج هزار کن ٿيندي. سرڪاري اسپتال سان گڏ هتي ٻه سرڪاري پرائمري اسڪول قائم آهن. هي ڳوٺ اڃا تائين سوئي گئس کان محروم آهي.
    هتي قائم مندر جا اوسا پاسا ته قبضي هيٺ آهن ۽ ان ۾ وڃڻ لاءِ ڪنهن جي گهر مان لنگهڻو ٿو پوي. پر ڪجهه عرصو اڳ شهدادپور جي هندو پنچائت وارن سرڪار جي مدد سان ان جي مرمت ڪئي هئي.

    خدا آباد:
    هالا پراڻا جي اتر اولهه ۾ قائم هن شهر کي اڪثر تاريخدان خدا آباد نئين يا ثاني چون ٿا، پر پروفيسر محبوب علي چنا صاحب ان کي خدا آباد ثالث قرار ڏنو هو.
    اشتياق انصاري هن شهر جي قيام جي حوالي سان ڪافي رايا پيش ڪيا آهن. انهن مان هڪڙو اهو آهي ته علي محمد سيال عطر خان ولد ميان نور محمد جي ڪتاب ۾ اهو ٽڪرو لکيو آهي، جنهن موجب شيخ نجيب الدين ڪبير هن جي والد کي حڪم ڪيو ته هو هاله ڪنڊي ڀرسان وڃي خدا آباد کي اڏي. انصاري صاحب مولوي دين محمد وفائي جو اهو رايو به لکي ٿو، جنهن مطابق هن شهر کي ميان نور محمد (1718-1755) اڏايو. وري پنهور صاحب جي حوالي سان لکي ٿو ته جڏهن ٿڌ واري زماني جي حرارت ۾ تبديلي آئي، تڏهن ڪلهوڙن پوکي راهي ڏهن لکن ايڪڙن مان وڌائي ٻاويهه لک ايڪڙ ڪئي... (تنهن ڪري) نوان شهر اسريا، جن ۾ خدا آباد به هو.
    (انصاري، 2011، ص 195، 196)
    بهرحال ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جو خيال آهي ته خدا آباد ثاني ميان سرفرازخان تعمير ڪرايو هو. هن جي والد ميان غلام شاهه جڏهن 13 جمادي الاول 1186هه/ 12 آگسٽ 1772ع تي وفات ڪئي، تڏهن هيءُ سندس جانشين بنجي ويٺو. هن شوال 1188هه/ ڊسمبر 1774ع تائين، حيدرآباد ۾ رهي حڪومت ڪئي. ان کان بعد ڪامياب مهمن کان پوءِ واپس موٽندي پارڪر جو رستو ڏئي، ميان سرفراز نئين تختگاهه يعني ”خدا آباد ثاني“ ۾ داخل ٿيو. ان سلسلي ۾ لاکو صاحب همعصر مورخ مير علي شير قانع جي هڪ فارسي عبارت نقل ڪري ٿو: ”سر انجام، اوايل ماه شوال بخيريت و نصرت روبرو بشهر نو، الموسوم به - خدا آباد - تشريف ارزاني داشته اند“ .
    ڊاڪٽر لاکي صاحب جي خيال ۾ تختگاهه جي حيثيت ۾ هن شهر امن امان جو صرف هڪ سال ڏٺو. ”سرڪاري ۽ سياسي گڏجاڻين کان علاوه، ان هڪ سال ۾ هتي ادبي بيٺڪون به ٿيون، ته مذهبي مباحثا به ٿي گذريا. ڊاڪٽر دائود پوٽي هن شهر ۾ ميين عبدالرحيم گرهوڙي ۽ ٻين مذهبي عالمن ۾، ٿيل هڪ مذهبي بحث جو ذڪر ڪيو آهي.“ (سنائي، 2009، ص 90)
    ان زماني جو حاڪم ميان سرفراز ڪلهوڙو پاڻ به هڪ اديب ۽ سنڌي توڙي فارسي ٻولين جو سٺو شاعر هو. ڊاڪٽر لاکي صاحب هڪ ادبي گڏجاڻي جو ذڪر ڪيو آهي. جنهن ۾ مير علي شير قانع پاڻ کي شيوڪ رام عطارد کان بهتر شاعر ثابت ڪرڻ واسطي، پنهنجي سرپرست ۽ وقت جي حاڪم ميان سرفراز جي شان ۾ هڪ قصيدو پڙهيو هو.
    هتي اهو ٻڌائڻ مناسب رهندو ته سيد حسام الدين راشدي قانع جي سوانح ۾ لکيو آهي ته قانع کي ميان غلام شاهه سندس خاندان جي تاريخ نثر توڙي نظم ۾ فردوسي جي طرز تي لکڻ لاءِ مقرر ڪيو ۽ هو مقرري کان پوءِ خدا آباد آيو. (قانع، 189، ص 32)
    ميان سرفراز ڪلهوڙي جي دؤر حڪومت ۾ هتي هڪ وڏو تاريخي مذهبي مناظرو شيخ عبدالرحيم گروهڙي ۽ ٻين عالمن جي وچ ۾ ٿيو هو. گروهڙي صاحب جي سخت گير خيالن جي ڪري هن جي مخالفت وڌي ويئي هئي. تنهن ڪري هن کي خدا آباد ۾ مخالف عالمن سان مناظري لاءِ سڏيو ويو هو. ان مناظري ۾ 240 عالم شريڪ ٿيا هئا. ان مناظري جو امين يا منصف سيد جمال شاهه گهوٽڪي وارو ٿيو هو. لکيو ويو آهي ته اهو مناظري گروهڙي صاحب کٽيو.
    ڊاڪٽر لاکي صاحب جي خيال ۾ ڪلهوڙا حڪمران خاندان لاءِ هيءُ تختگاهه نڀاڳو ثابت ٿيو. هن شهر جي قيام کان صرف هڪ سال پوءِ، درٻاري سازشون شروع ٿي ويون. ان وقت جي ٻن با اثر قبيلن ليکي ۽ ميرن ٽالپرن ۾ ويڙهه جو آغاز ٿي ويو. راڄو ليکيءَ جي ڀڙڪائڻ تي آخرڪار جمادي الثاني 1189هه/ آگسٽ 1775ع ۾، مير بهرام ۽ سندس پٽ مير صوبدار ڪورٽ ۾ مارجي ويو. ٽالپرن موٽ ۾ محلات تي حملو ڪيو ۽ ميان سرفراز ڀڄي اچي حيدرآباد کان نڪتو. سندس ننڍي ڀاءُ محمود کي حاڪم بنايو ويو. پر ٿوري عرصي کان پوءِ محمود کي هٽائي ميان غلام نبيءَ کي سنڌ جو حاڪم بنايو ويو. جيڪو پنهنجي سپاهين هٿان مارجي ويو. هي واقعو 1190هه/ 1776ع ۾ ٿي گذريو.
    لاکي صاحب لکيو آهي ته ان کان پوءِ ميان عبدالنبيءَ جي چرچ تي حيدرآباد جي قلعي ۾، چار ٻيا شهزادا به قتل ڪيا ويا. انهن ۾ ميان سرفراز، سندس پٽ محمد خان، هن جي ڀاءُ محمود خان ۽ چاچي عطر خان جا نالا اچن ٿا. هي قتل عام 1191هه/1777ع ۾ ٿي گذريو. هن حاڪم بنجڻ بعد سن 1194هه/ 1780ع تائين امن امان سان حڪومت ڪئي. ٽن سالن کان پوءِ وري درٻاري سازشون شروع ٿي ويون. هاڻي مير بجار کي قتل ڪيو ويو. هڪ ڀيرو وري انهي ڪلهوڙا حاڪم کي خدا آباد مان ڀڄڻو پيو.
    هو پوءِ افغانستان ويو، اتان پاڻ سان مدد خان پٺاڻ کي وٺي آيو. جنهن اچي سنڌ ۾ ۽ خاص ڪري هن علائقي ۾ جيڪي ظلم ڪيا، تن جو ٿورو احوال ڪجهه اڳيان ڏئي چڪا آهيون.
    ڊاڪٽر لاکي صاحب جي لکت موجب ٽالپرن جو پهريون حاڪم مير فتح علي خان ٿيو، جنهن سن 1204هه/ 1789ع تائين هن شهر کي تختگاه طور قائم رکيو.
    انصاري صاحب مرزا عباس بيگ جي حوالي سان لکي ٿو ته جڏهن خدا آباد ميان سرفراز جو تختگاه هو، ته شهر ستن ميلن ۾ پکڙيل هو ۽ ٺٽي کان پوءِ ٻيو نمبر وڏو شهر هو. اڳتي هلي 1814ع ۾ مڪمل اجڙي ويو.
    (انصاري، 2011، ص 198)
    ڪئپٽن ووڊ موجب سال 1835-1836ع ۾ اهي کنڊر ٻن چورس ميلن ۾ هئا. پر هاڻي هڪ ميل کان به گھٽ ايراضي ۾ هوندا.
    ڊاڪٽر لاکي صاحب جي لفظن ۾ هتي موجود اڪيلو ۽ نمايان مقبرو مير فتح علي خان ٽالپر جو آهي. مير صاحب 1217هه/ 1802ع ۾ حيدرآباد ۾ وفات ڪري ويو. هن جو پٽ مير صوبيدار خان (وفات: 1262هه/ 1846ع) ۽ مير محمد علي ٽالپر (ولد مير صوبيدار خان)، جنهن 1278هه/ 1862ع ۾ وفات ڪئي، اهي پڻ هن مقبري ۾ پوريل آهن. ٽالپر خاندان جو ٻيو حڪمران مير غلام علي ٽالپر (وفات: 1227هه/ 1811ع) به هن قبي ۾ دفن آهي. هن مقبري ۾ موجوده پنجين قبر بابت خاطري ڪانهي. معلوم ٿئي ٿو ته اها قبر هڪ عورت جي آهي. جنهن سن 1264هه/1848ع ۾ وفات ڪئي هئي.
    ”مقبري جي اوڀر ۾ ٽي چوڪنڊيون آهي. جن ۾ گھڻيون قبرون ڏسجن ٿين، انهن ۾ ٻه قبرون مير بهرام (وفات:1242هه/1826ع) ۽ مير بجار (وفات: 1220هه/1805ع) جون آهن.
    ”چوڪنڊين جي اتر ۾ هڪ وڏي تجر اڄ به ڏسڻ جھڙي آهي. گھڻي خاطري آهي ته هي تجر مائي خيريءَ جي آهي، جيڪا مير فتح علي ٽالپر جي والده هئي.
    ”مقبري جي اولهه-ڏکڻ ۾ ڪجهه وکن تي، سنڌي تعمير جو هڪ عمدو نمونو، اڄ به مسجد جي صورت ۾ موجود آهي. هي مسجد هالاڻي شهر ۾ قائم مسجد محراب وانگر ٺهيل آهي. روايت آهي ته خدا آباد جي هي مسجد، مائي خيريءَ جي هدايت تحت سن 1244هه/1799ع ۾ تعمير ٿي هئي.
    ”مسجد جي اتر-اولهه ۾ ڪجهه مکيه ماڻهو دفن ٿيل آهن. اصفهان جو سيد عبدالهادي ابتدا ۾ مدارس ويو ۽ پوءِ ميان نور محمد جي دؤر ۾ سنڌ پهتو. پاڻ سن 1193هه/1779ع ۾ وفات ٿيو ۽ هتي دفن ٿيو. سندس پٽ ابراهيم شاهه به هن جي پهلوءَ ۾ دفن ٿيل آهي.
    ”مسجد جي اولهه ۾ هڪ چوڪنڊي آهي. جنهن ۾ مير تاج محمد دفن ٿيل آهي. جيڪو غالبن 1212هه/1797ع ۾ وفات ڪري ويو هو. ساڳي ايراضيءَ ۾ ٻه وڌيڪ چوڪنڊيون آهن. انهن مان هڪ چوڪنڊيءَ ۾ مير بهرام ۽ سندس پٽ مير صوبيدار ابدي ننڍ ستل آهن؛ جن کي ميان سرفراز جي درٻار ۾ سن 1189هه/1775ع ۾ قتل ڪيو ويو هو. هتي هڪ قبر مير بجار جي آهي، جنهن کي هن شهر ۾ ميان عبدالنبيءَ جي دؤر ۾، سن 1194هه/1780ع ۾ قتل ڪيو ويو هو. مقامي روايتن موجب هنن آثارن کان اتر طرف، ڪجهه وکن تي ڪنهن وقت ۾ مائي گلان ۽ ميان سرفراز جون ماڙيون موجود هيون.“ (سنائي، 2009، ص 92 ۽ 93)
    مائي گلان ميان غلام شاهه جي والده هئي. هن جي حوالي سان اهو قصو مشهور آهي ته هو پيٽ گذر لاءِ ڳائيندي هئي. اشتياق انصاري مولانا دين محمد وفائي جي حوالي سان لکي ٿو ته ”هڪ ڀيري گلان نالي هڪ نوجوان سونهن سوڀيا واري ڳائيندڙ عورت، شاهه صاحب جي خدمت ۾ دعا پنڻ لاءِ آئي ته هن جي پڇاڙي خير سان گذري. چون ٿا ته هڪ مجلس ۾ هن اهڙي دردناڪ انداز ۾ ڳاتو جو شاهه صاحب ۽ فقيرن جي جماعت ۾ روڄ ۽ بيخودي طاري ٿي وئي. ان موقعي تي گلان عرض ڪيو ته هن ڌنڌي کان بچي پوان، حلال جي روزي کاوان ۽ باقي عمر آسودگيءَ ۽ آرام ۾ گذاريان. شاهه صاحب فرمايو ته: تنهنجي سنڌ جي باد شاهه سان شادي ٿيندي ۽ تنهنجي پيٽان به بادشاهه ڄمندو جو پنهنجي والد کان وڌيڪ نامور ۽ نيڪ هوندو. ڪن چغلن وڃي ميان نور محمد کي ٻڌايو ته هي ڏسو جو شاهه عبداللطيف پاڻ کي درويش ٿو سڏائي، هوڏانهن ڪڃرين جا راڳ ٿو ٻڌي. ڀلا، ڀلارن صوفين ۽ فيض واري فقيرن جا اهڙا پرڪار ٿيندا آهن؟ ميان نور محمد حڪم ڏنو ته هڪدم وڃي حالتون معلوم ڪريو. هڪ پاسي کان ميان صاحب جا ماڻهو روانا ٿيا ۽ ٻئي طرف گلان، حضرت شاهه صاحب کي موڪل وٺي موٽڻ جي ڪري رهي هئي. شاهه صاحب فرمايس ته ڪجهه ڌيرج ۽ دير ڪر، پوءِ ڀلي هلي وڃ. ائين گفتگو ٿي رهي هئي، ته ميان صاحب جا ماڻهو پهچي ويا. گلان کي گهلي وڃي نور محمد جي ڪچهريءَ ۾ کڙو ڪيائون. ٿيو ڇا جو ميان صاحب پهرينءَ نظر جو شڪار ٿي ويو. هن گلفام نازڪ اندام جي ڪارن ڪاڪلن جي ڪاريهرن کيس ڪهي رکيو. آخر گلان کي راضي ڪري انهيءَ رات نڪاح پڙهائي پنهنجين راڄ راڻين ۾ شامل ڪيائين. انهيءَ گلان جي پيٽ مان ميان غلام شاهه ڪلهوڙو پيدا ٿيو. جنهن جهڙو عادل ۽ سخي ۽ خوش بخت باد شاهه سنڌ کي ڪڏهن به نصيب نه ٿيو آهي، ان ڪري هن ڀٽ جي ويجهو ئي پنهنجي رهائش لاءِ اهو ڪوٽ جوڙايو هو، جيڪو اڄ به سندس نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.“
    (انصاري، 2011، ص 202 ۽ 203)
    ڪافي سال اڳ ڊاڪٽر لاکو صاحب هي آثار ڏٺا هئا، تنهن لکيو آهي ته ”تازو مون خدا آباد وڃي هنن آثارن کي ڏٺو ۽ مشاهدو ڪيو. هتي موجود اڪيلو مقبرو، هڪ تجر، هڪ مسجد ۽ ڪجهه چوڪنڊيون - اڄ به پنهنجي شاندار ماضيءَ جي ساک ڀري رهيون آهن. گھڻو ڪري هي سڀ آثار ختم ٿي چڪا آهن. انهن تي لڳل ڪاشيءَ جون خوبصورت سرون ڀڄي ڀُري پيون آهن، پڪيون تعميرات ڊهي ڍير ٿي ويون آهن ۽ مکيه مقبري وارو ڪوٽ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ڪري پيو آهي، جيڪڏهن هي صورتحال ڪجهه وقت به جاري رهي، ته پوءِ ڪوبه تاريخي اهڃاڻ سلامت نه رهندو!“
    (سنائي، 2009، ص 93)
    اسان وٽ لوڪ روايت اها آهي ته خدا آباد جي اوج واري زماني ۾ هالا پراڻا کان وٺي خدا آباد تائين لڳاتار بازار هوندي هئي.

    ڀاڻوٺ ۽ ڳاهوٺ:
    ڀاڻوٺ ۽ ڳاهوٺ ٻئي گڏيل علائقا آهن. ڀٽي بزرگن جو جدامجد مخدوم عبدالله ڳاهوٽ جي ڳوٺ ماڙي محمد خان وٽ اچي رهيو هو، ۽ پنهنجي فيض سان هن علائقي کي منور ڪيو. اڳتي هلي ان جو پڙپوٽو مخدوم اسحاق لڏي اچي هالا ڪنڊي ۾ رهيو.
    ڀاڻوٺ هالا پراڻا جي اتر الهه ۾ پندرهن کن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي سنڌو درياهه جي کاٻي ڪپ تي قائم وستي آهي. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا موجب هي 400 سال پراڻو ڳوٺ آهي.
    سمن جي دؤر ۾ هتي هڪ بزرگ حسن ٻانگو ڀاڻوٺي، جنهن کي پير بلاولي به ڪوٺيو وڃي ٿو، رهندو هو. سيد حيدرشاهه سنائي جي وفات کانپوءِ سندس تعلق مخدوم نوح سان جڙيو. وفائي صاحب لکيو آهي ته درويش حسن جي گھر ۾ ٻير جو وڻ هوندو هو، جنهن جا ڏاڍا مٺا ٻير هئا. اتان ٻير کڻي مخدوم صاحب لاءِ آڻيندو هو ۽ ادب کان سندس فرزندن جا نالا وٺي پيش ڪندو هو. مخدوم صاحب ان مان ڪجھه به نه کائيندو هو. هڪ ڏينهن عرض ڪيائين ته اوهان ٻيرن مان الائي ڇو نه ٿا کائو. حضرت مخدوم صاحب جواب ۾ فرمايو ته اوهان ٻير ٻين جي نالي ڏيو ٿا، تنهن ڪري منهنجو حق نه ٿو رهي. جنهن کان پوءِ درويش حسن پنهنجي هٿن سان ٻير کڻي مخدوم صاحب کي پيش ڪيا، جتان پاڻ ڪجهه کاڌائون.
    هن صاحب جي عادت هوندي هئي جو روزانو هڪ ماني پچرائي پاڻ وٽ رکندو هو ۽ هڪ سئا ٻڪري به وٽس بيٺي هوندي هئي. پوءِ جيڪو به مهمان وٽس هوندو هو، پوءِ کڻي هڪ سؤ هجن، تڏهن به ان ماني مان ٽڪر ڀڄي ۽ کير جو چڪو ڏيندو ويندو هو، جنهن مان سمورا ڍاپي ويندا هئا.
    ڀاڻوٺ متعلوي سيدن جي سنائي شاخ جي سيدن جو قديم مسڪن آهي. انهن مان سائين جي. ايم. سيد 1908ع ۾ شادي ڪئي. سندس پٽ سيد امداد محمد شاهه پڻ هتان ڀاڻوٺ مان سيد شاهه محمد شاهه جي ڀيڻ سان شادي ڪئي.
    هن وقت انهي ڳوٺ جو سيد شاهه محمد شاهه سنڌ جو نامور سياسي اڳواڻ آهي. شاهه صاحب هن وقت مسلم ليگ نون سان لاڳاپيل آهي.

    گھوٽاڻا:
    هي ڳوٺ اندازو آهي ته سال 1956ع ڌاري ٻڏي ويو ته ان جا رهواسي اتان لڏي ويا. ڪافي ته هالا نوان ۾ ورسيا. بهرحال هن جو اڳوڻو اوج ته ورهاڱي کان پوءِ ختم ٿي ويو هو، جڏهن اتي رهندڙ هندو واپاري هندستان هليا ويا.
    هيوز جي گزيٽيئر موجب ”گهوٽاڻا، هالا ضلعي جي هالا تعلقي جو هڪڙو ڳوٺ آهي، جيڪو گهارا محمود واهه لڳ ۽ هالا کان ڏکڻ ۾ رڳو چئن ميلن جي مفاصلي تي واقع آهي. هي هالا ۽ ٽنڊو آدم سان رستن وسيلي ڳنڍيل آهي. هتي ڪو به مکيه سرڪاري آفيسر نٿو رهي، ۽ نه ئي ان لاءِ ڪا سرڪاري جڳهه آهي، پوءِ به هتي پوليس لانڍي سميت هڪڙو ڌرم شالا پڻ آهي، جيڪو 1872ع ۾ جوڙايو ويو هو. ڳوٺ ۾ ميونسپالٽي آهي، جيڪا ڊسمبر 1860ع ۾ ٺهي هئي. هن علائقي مان 1873-74ع ۾ وصول ٿيندڙ محصول 1465 رپيا هو. ماڻهن جي آبادي 953 ڄڻن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ 553 مسلمان ۽ 341 هندو شامل آهن. شهر سنڌو درياهه کان رڳو ٻن ميلن جي مفاصلي تي واقع آهي، اتي هڪڙو گودام آهي، جتي شڪارپور، ٽنڊو آدم، ٽنڊوالهيار وغيره شهرن کان پتڻ وسيلي ايندڙ اناج، ڪپهه، تيل، ۽ ٻيون شيون گڏ ڪيون وينديون آهن.


    ضميمو ٽيون: منهنجو خاندان

    اسان جو خاندان هالا پراڻا ۾ سنائي ميمڻ سڏجي ٿو. اسان جا وڏا پهريائين سن ۾ رهندا هئا، پر پوءِ ٻوڏن جي ڪري روزگار جي سلسلي ۾ محمد عارب ۽ ان جا ڀائر اندازن اوڻيهين صدي جي اڌ ۾ هتي آيا، جتي اسان جي ذات وارا اڳ ۾ ئي رهندڙ هئا.
    محمد عارب اول کي چار پٽ حاجي محمد، محمد الياس، حاجي احمد ۽ حاجي پريل ٿيا. هن جا ٻيا ڀائر محمد صالح، عيسو وغيره بي اولاد گذاري ويا.
    ٻين ميمڻ جي ڀيٽ ۾ اسان جو خانداني روزگار ٻني ٻارو ڪرڻ ۽ اٺ لڏڻ رهيو آهي. اسان جي خاندان جون پهريون زمينون 1956ع واري ٻوڏ ۾ دريا جي پيٽ ۾ اچي ويون. هن وقت واريون ٻنيون ان کان پوءِ سٺ واري ڏهاڪي ۾ ورتيون ويون.
    منهنجو پڙڏاڏو حاجي محمد اول، ٻني ٻاري سان گڏ اٺن تي بار کڻي اڏيرو لال اسٽيشن يا ڀرپاسي جي شهرن ۾ ويندو هو. نامور ليکڪ ۽ ماهر تعليم مخدوم محمد صالح ڀٽي سندس ننڍپڻ جو دوست ۽ پاڙيسري هو. جڏهن اهو صاحب تعليم کاتي ۾ آفيسر ٿيو ته ڏورانهن علائقن جي گشت تي کيس اوٺي ڪري وٺي ويندو هو. هن صاحب پنهنجو ڪتاب صديق اڪبر جو سمورو ثواب ڏاڏا حاجي محمد ۽ ٻئي دوست کي ارپيو آهي. اسان جي ڏاڏا جي جڏهن 22 سيپٽمبر 1951ع تي سول اسپتال حيدرآباد ۾ وفات ٿي ته مخدوم محمد صالح ڀٽي صاحب جن هڪ پُرسوز مسدس به لکي، جيڪا هيٺ پيش ڪجي ٿي. حاجي محمد سنائي کي ٻه پٽ محمد عارب دوئم (راقم جو ڏاڏو) ۽ نبي بخش سنائي ٿيا.
    حاجي محمد سنائي جو ٻيو ڀاءُ حاجي احمد سنائي اول به هالا پراڻا جو نامور شخص هو. هو صاحب ۽ سندس فرزند حاجي ڀليڏنو سن جي مائٽن سان تعلق رکندا آيا. سوز صاحب ڪوي جي ڪٿا ۾ هن صاحب جو ذڪر شاهه جي پارکوئن طور ڪيو آهي. اڳوڻي زماني ۾ اسان جي خاندان پاران جيڪو عام خيرات ٿيندو هو ته خيرات کان اڳ واري رات تي نڙ بيتن وارا فنڪار به ايندا هئا. ان کان علاوه مولودن جي نشست به ٿيندي هئي. صبح جو حاجي احمد جي باغ واري ٻني ۾ خيرات هوندو هو. هن صاحب کي ٽي پٽ عبدالواحد، حاجي ڀليڏنو ۽ محمد سليمان ٿيا.
    هنن جو ٽيون ڀاءُ حاجي محمد پريل به هالا پراڻا جو نامور شخص ٿي گذريو آهي. هي صاحب هالا پراڻا جي انوکي واپاري ۽ زميندار قاضي محمد تقي جو ڪمدار به رهيو. ڏاڏا حاجي پرئي جي واسطيداري تر جي چڱن مٺن سان رهي. هن کي ڇهه پٽ حاجي الله بچايو (والد محمد حسين سنائي)، حاجي محمد صالح، محمد عيسيٰ، محمد رمضان، الله ورايو (والد انجنيئر بشير احمد)، حاجي گل محمد (والد نورالدين سنائي) جي نالي سان هئا.
    سنائي خاندان ۾ مذڪوره آڪهه کان علاوه ٻه ٻيا مکيه پاڙا يا آڪهون به آهن. هڪڙي پاڙي يا آڪهه جو اڳواڻ ڪجهه عرصو اڳ وڏيرو محمد ڄامن سنائي (هاڻوڪي اڳواڻ وڏيري طيب سنائي جو ڏاڏو) هو ۽ ٻئي پاڙي يا آڪهه جو اڳوڻُ وڏو حاجي ڪنڊو (گل سنائي جو ڏاڏو) هو.

    ڏاڏا حاجي محمد اول جي ياد ۾
    مخدوم محمد صالح ڀٽي جي مسدس

    (1)
    ڪهڙو هيءُ سج اڀريو اڄ جنهن سندي بادٖ سَحَر
    هيءَ پکيڙي ملڪ ۾ چو طرف درد افزا خبر
    خود ڏنو سجَ پنهنجي مُنهن کي درد کان آڏو ڪڪر
    باغ بستانن، پکين تي ڏسجي ٿو ڏک جو اثر
    مُلڪ محبوبٖ وطن لئ کڻي واحسرتا
    گل نه ڪوماڻل فقط ٿيا بلڪ ڪوماڻي فضا
    (2)
    هاءِ! محبوبٖ وطن غُربا غني سان يار ويس
    ويو ڇڏي حاجي محّمد سنائي فاني ديس
    يار ڇا اغيار اڄ هاري هنجھون ٿو ساري کيس
    هِن جئان ماري نه هوندي جڳ ۾ هر ڪنهن مرد ميس
    ماڻهو سڀ ماڻهو مگر بُو ۽ بهاري وارو ڪو
    نيڪ نيّت صاف دل هُو مرد بيشڪ يار هو
    (3)
    جهڙو پابند صلواة و صوم تهڙو پاڪباز
    خير ۽ خيرات ڏيندڙ مرد نهٺو با نياز
    باوفا يارن سان، اغيارن سان سو بي حرص آز
    ڪم نه آندو اُن ڪڏهن ڪنهن سان به ڪوڙو ساٽ ساز
    ڇو نه رت رُئندا سڄڻ تنهن مرد ڪارڻ رات ڏينهن
    جو هو سڀ سان صافدل ۽ ربّ سان هو اُن جو نينهن
    (4)
    پنهنجا سو ناتا نباهي دار فاني مان ويو
    ٻاويهين تاريخ سيپٽمبر اچي مهنو ٿيو
    اُوڻويهه سَوَ ايڪونجاهه سال جو پهرو پيو
    ماهه پڻ ذوالحجّ ويهون روز ڇنڇر جو ڪيو
    دلربا دلبر وڃي دارالبقا ڪيو پنهنجو گام
    ’قم‘ بنان مرحوم ”ميان حاجي محمد خوش مدام“
    140 1370=140-1510
    (5)
    ڄاڻي هِنَ دنيا کي سڀڪوئي ٿو دانا سُهڻي پر
    ناهِه هن دنيا ۾ هرگز دائمي ڪنهنجو به گھر
    مرد سو، جو عاقبت تي ٿو رکي غائر نظر
    جئن رهيو مرحوم هئ حاجي محمّد باخبر
    گرچه جهوري ٿي جدائي دل کي پر تسڪين آهه
    جس کٽيو مرحوم بيشڪ منجهه دنيا ۽ دين آهه
    (6)
    اُن جي پسماندن کي بيشڪ صبر گھرجي تنهنڪري
    پاڻ جنهن جيئري ئي جيتيو سو نه هرگز ٿو مري
    هِتِ به راحت هُتِ به اُن کي جاءِ جنت ٿي سري
    خود ڪلامِ پاڪ حق اِئين ذڪر ظاهر ٿو ڪري
    عيش عشرت جڳ سندو پَل ۾ ئي ٿيڻو پائمال
    زندگيءَ ۾ گھرجي ئي مرحوم جو بنجڻ مثال

    (7)
    ڇا سڪندر جڳ منجهان نيو؟ ڇا نيو دارا هتان؟
    سَرد آهُنِ سان لڏيا جمشيد، خسرو جڳ منجھان
    نيڪ ٿي، نيڪي ڪندو رهه، جا پڄي سگهئي هَٿان
    ٻين سان نيڪي ڪرين، سا ڄڻ ڪرين ٿو پاڻ سان
    ڏهه دنيا ۽ آخرت ستر جو گفتو ياد رک
    صبر، شڪر ۽ يادِ حق سان دل کي هردم شاد رک
    (8)
    عاجزي سان عرض دَر تُنهنجي، ته ڪر تون يا خدا
    مغفرت مرحوم هِنَ حاجي محمّد تي سدا
    اُن ڀلايون ڀال ڪيا، تون ڀال ڪج اُن تي ڀلا
    اُن جي پسماندن کي بخشج سوڀ برڪت برملا
    دفع عربي ڄامﷺ جي صدقي ڪجَئين ڀولا ۽ ڀؤ
    ٿو دعا صالح گُهري سڀ دوستو آمين چؤ
    آمين ثم آمين يا رب العالمين


    ضميمو چوٿون: هالا پراڻا جي ويجهي دؤر جا نيارا ۽ منفرد شخص

    محمد عمر ۽ حاجن جي جوڙي:
    اسان جي ننڍپڻ ۾ يعني چاليهه سال کن اڳ اسان جي گهرن ۾ ته ٽي وي ڪانه هوندي هئي پر ان وقت ڳوٺ جي اڪثر گهرن ۾ ٽي وي ڪانه هوندي هئي. اسانجي سانڀر ۾ پهرئين ٽي وي شايد محمد اسماعيل رناڻي ميمڻ (رضا محمد رناڻي جي چاچي) پنهنجي هوٽل تي آندي، جيڪو محمد عمر رناڻي جو سئوٽ هو.
    ڳوٺ جا سڀ پڙهيل ڳڙهيل ننڍا وڏا ان زماني ۾ ان هوٽل تي شام ڌاري ايندا هئاسين، جڏهن سنڌي نشريات پي ٽي وي تي ايندي هئي. اٺين لڳي ڪنهن ڊراما سيرئيل يا سيريز جي ڪا قسط ايندي هئي، گهڻو ڪري نائين جي خبرن کان پوءِ اسان گهر ويندا هئاسين. پر ڪي ڊراما خاص ڪري اور ڊرامي جي نالي سان نشر ٿيندڙ وري نائين بجي جي خبرن کان پوءِ هلندا هئا، سي به ڪافي دلچسپ هوندا هئا. انهن ڊرامن جي ڪردارن يا ڊائيلاگن تي محمد عمر ميمڻ ۽ حاجن ميمڻ جي جوڙي جي خيال آرائي ڪافي دلچسپ هوندي هئي. هو انهن ڊرامن کي ان وقت جي سياسي صورتحال جي تناظر ۾ ڏسندا هئا ۽ اسان ان وقت سياسي سوجهه ٻوجهه کان عاري هئاسين، تنهن ڪري انهن جي خيال آرائي کي صحيح نموني سمجهي نه سگهندا هياسين.
    مون کي ياد آهي ته ان زماني ۾ اشفاق احمد ۽ بانو قدسيا جا ڊراما هلندا هئا، جن کي هي صاحب وڏي شوق سان ڏسندا هئا، پنهنجي پر ۾ انهن تي ٽيڪاٽپڻي ۽ خيال آرائي ڪندا رهندا هئا.
    اسان جي عمر جيئن پئي وڌي، تيئن سياست ۽ ادب ۾ دلچسپي پيدا ٿي. ان زماني ۾ امن اخبار هر هوٽل تي ايندي هئي. آئون سمجهان ٿو ته ان ۾ نامياري اديب احمد سليم جا ٽي وي ڊرامن تي تبصرا ڇپبا هئا، تن کي پڙهڻ کان پتو پيو ته اشفاق احمد ۽ سندس گهرواري بانو قدسيه ضيا جي حڪومت جا ٻولڙيا آهن، ۽ اهي ان حڪومت کي پاڪ پوتي بنائڻ ۾ قلم جو زور لڳائي رهيا آهن. بهرحال اهو ضرور هو ته هو غضب جا ڊراما نويس هئا.
    سوز صاحب ٻڌائيندو آهي ته جڏهن بيروزگار هو، تڏهن اسان جي ڳوٺ ۾ هڪ درزي جو دڪان، اڄوڪي عاشق پپو عمراڻي جي دڪان ۾ هو، اتي شام ڌاري ڪچهري مچندي هئي، جتي اخبارن کان علاوه امر جليل جون ڪهاڻيون به پڙهيون وينديون هيون. اهي اڪثر محمد عمر پنهنجي دلچسپ انداز ۾ پڙهندو هو.
    حاجن ۽ عمر جي وري سنگت هڪ ٻئي شخص غلام حسين ميمڻ دوداڻي سان هوندي هئي، جيڪو ڪافي سالن تائين حيدرآباد جي شيزان هوٽل ۾ مئنيجر ٿي رهيو ۽ اتي ڪميونسٽ اڳواڻن سان لهه وچڙ آيو. پر ڳوٺ ۾ اچي گذر بسر لاءِ هڪ اٽي جي چڪي کوليائين. لڳي ٿو ته هن انهن جي سياسي تربيت ڪئي هئي.
    حاجن جو پيءُ حاجي فيض محمد عرف حاجي فجو ميمڻ جو کلن جو وڏو ڪاروبارو هئو. پر حاجن توڙي سندس ننڍو ڀاءُ محمد صادق (جنهن کي ڊپٽي ڪري ڪوٺيندا هئا)، سي پئسن جو ڍءُ نه جهلي سگهيا، ۽ اجاين علتن ۾ پئجي ويا، ۽ آخر ڪار ڪسمپرسي جي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿيا. حاجن جو والد حاجي فجو به دلچسپ شخص هو. حاجن لاءِ هو چوندو ته حاجن معنيٰ حاج نه.
    حاجي فجو سٺو مولود پڙهندڙ هو. اسان کيس پوڙهپڻ ۾ اڪثر جامع مسجد ۾ نماز پڙهندي ڏٺو. سندس دلچسپ فقرا اڄ به ياد ڪيا وڃن ٿا، جهڙوڪ ”اسان جا ڏند اهڙا ته مضبوط آهن، جو کيچا ڀوريو ڇڏين“. هالا ويندي، هالن کان ٿورو اورتي گهوڙي گاڏي واري کي چوندو هو ته ”روڪ روڪ، اسان پنڌ جا مڙس ماڻهو آهيون“. يا حاجن يا صادق جي لاءِ چوندو هو ته ماڻهو الائي ڇا ڇاکايو وڃن، منهنجا پٽ هَوَ آفيم جي کائين ٿا ته ان تي اعتراض ڪيو وڃي ٿو.“
    ان جي ڀيٽ ۾ عمر ميمڻ وري رناڻي محلي جو هو، جيتوڻيڪ هو هلڪو ڦلڪو نشو ڪندو هو، پر هو آخر وقت تائين پورهيت رهيو، ۽ پنهنجي اولاد کي مناسب تعليم ڏياريائين. اڪثر ڪري ڀرپاسي جي مال پڙين ۾ رڌيل چانور کپائيندو هو. ننڍي هوندي، جڏهن کنڊ ڪوٽا تي ملندي هئي، اسان هر مهيني کائنس کنڊ وٺندا هئاسون. کيس ٻه ٽي پٽ گونگا آهن، پر پاڻ انهن کي پورهئي تي هيرايائين. الحمد الله سندس سڀ پٽ سرڪاري نوڪرين ۾ آهن. سندس وڏو پٽ عرفان احمد پ ٽ الف جو اڳواڻ به رهيو. هاڻي هو هاءِ اسڪول ٽيچر آهي. ٻيو نمبر ڪامران پوليس کاتي ۾ آهي. عمر صاحب سال ڏيڍ اڳ گذاري ويو آهي.
    هي صاحب پيپلز پارٽي جو سرگرم ڪارڪن ٿي رهيو.

    ميوو واڍو:
    جڏهن منهنجي ڏيٺ ويٺ سوز صاحب سان ٿي ته ان زماني ۾ سندس رات جي ويهڪ جو ٺڪاڻو مخدوم محمد اشرف ڀٽي جي ڪلينڪ هوندي هئي، جتي سوز صاحب کان علاوه عاشق هالائي، مشتاق ڀٽي، سائين گل محمد ڪوٽار ميمڻ ۽ استاد ميوو واڍو به انهن ڪچهرين ۾ شريڪ ٿيندا هئا.
    استاد ميوي واڍي کي ڳائڻ جو شوق هوندو هو ۽ پنهنجي پر ۾ هو پاڻ کي سريلو گائڪ به سمجهندو هو. پر هڪ ته هن ۾ مستقل مزاجي نه هئي ۽ ٻيو ته سخت پورهئي کان به ڀڄندو هو. نتيجي ۾ نه هو سٺو واڍو ٿي سگهيو ۽ نه سريلو ڳائڻو. سندس رڳو اهو ٺڪاڻو نه هو. ڏينهن جو ڪڏهن هڪ جاءِ تي ته ڪڏهن ٻي هوٽيل تي يا ڪنهن ٽئين دڪان تي.
    عاشق هالائي سندس ۽ سوز صاحب جو ڪلام هن جي آواز ۾ ڳارائي ڪنهن ڪيسيٽ ۾ رڪارڊ ڪيو هو، ممڪن آهي ته وٽس هجي. بهرحال بازار ۾ جتي ڪچهري جا ٺڪاڻا هوندا، تن ۾ ميوي جي موجودگي ضرور هوندي هئي. سندس وفات به هلندي کلندي ٿي. هن کي هڪ پٽ ۽ هڪ نياڻي جو اولاد ٿيو.

    عبدالزراق ميدو:
    21 جون 2014ع جي ٻپهري جي شروعات هڪ خراب خبر سان ٿي ته اسان جو هڪ ڳوٺائي ميدو ميمڻ راهه رباني اختيار ڪئي آهي. هو ان ڏينهن ئي قلندر جي ميلي تان موٽيو هو، جتي هو هڪ دڪان تي ڪمائڻ ويو هو. لڳي ٿو ته هي به قلندر جي ميلي جي گرمي جو شڪار ٿيو هو. تنوير سوز ڊاڪٽر عطاءُالله صدر جي حوالي سان ٻڌايو ته هن جڏهن ميدو جو بخار چيڪ ڪيو ته اهو 108 کان وڌيڪ لڳو. تنهن ڪري هن مائٽن کي جلد از جلد وڏي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ جو مشورو ڏنو. چيو وڃي ٿو ته هن کي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ لاءِ وٺي وڃي رهيا ته رستي تي ئي دم ڌڻي حوالي ڪيائين. انا لله و انا اليه راجعون. دلبر هن دنيا ۾ وڃي رهندو واس.
    ميدو ڪجهه سال اڳ تائين هالا پراڻا ۾ صبح جو چانور ۽ شام جو ڇولا کپائيندو هو. ان شين جو ذائقو ته چڱو هو، پر سندس وڪري جو انداز ۽ سجاوٽ به دلڪش هوندي هئي. خانداني طرح ڀوڳائي هو. سندس وڏي ڀاءُ محمد صديق مانر لاءِ ته چون ٿا ته هن جو محمد مشڪري سان مقابلو ٿيو هو. ڪو وقت ميدو ۽ مانر پاڻ ۾ چرچن جو مقابلو بازار ۾ شيون وڪڻندي پيا ڪندا هئا. پر ميدو ڀوڳائي کان وڌيڪ چڱيرڙو گائڪ به هو. جيڪر هو هن شعبي کي سنجيدگي سان اختيار ڪري ها ته هوند هن جو نالو سٺن گائڪن ۾ شامل هجي ها. پر همراهه ۾ مستقل مزاجي گهٽ ٿي لڳي.
    ان کانپوءِ سندس سماجي ۽ خانداني ڪردار تي ڪي ماڻهو سوال ڪن ٿا. سندس پٽ ڪافي وقت کان ذهني مريض هو، پر هو چوندو هو ته منهنجي گهر واري هن جو علاج ڪرڻ نٿي ڏئي. پر اها ڇهه ست مهينا اڳ گذاري ويئي هئي، پر پوءِ به هن پٽ جي علاج جي سلسلي ۾ ڪو عمل نه ڪيو.
    پر جيئن ته هو ڳوٺ جي منفرد شخصن مان هڪ هو تنهن ڪري آئون کيس هن لکڻي جي صورت ۾ تاريخ ۾ محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان.
    وڏيرو مينهل ارباب:
    اربابن جي مڱياڻي نک مان هي شخص به پنهنجي سڀاءُ ۽ اٿ ويهه جي خيال کان هالا پراڻا جو هڪ منفرد شخص آهي. الحمدالله اڃان حال حيات آهي. هو ڏاڏا حاجي عارب جو دوست آهي.
    اڳي هالا پراڻا ۾ ڪافي اوطاقون هيون، جتي ڪچهريون مچنديون هيون. هاڻي ته آهستي آهستي اوطاقي ڪلچر ختم ٿي رهيو آهي. پر ماضي ۾ اهو هالا پراڻا ۾ اوج تي هوندو هو. هي صاحب نه صرف مختلف اوطاقن (حاجي منظور ميمڻ، رئيس غلام مهدي، قاضي اعجاز وغيره) پر مخدوم هائوس تي ٿيندڙ ڪچهرين جو به مور رهيو آهي.
    جيتوڻيڪ هو اڻپڙهيل آهي، پر ڳالهين کي پيش ڪرڻ جو ڍنگ يا ڳالهه ٻولهه دوران هن جا نقطا ڪافي دل لڀائيندڙ رهيا آهن. انهي ڪري نه صرف هالا پراڻا جا چڱا مڙس، پر هالا جا مخدومان صاحبان به هن جي ڪچهري مان لطف اندوز ٿيندا هئا.
    منهنجو هڪ مائٽ هن جي حوالي سان ٻڌائيندو آهي ته هڪ فيصلي ۾ رئيس غلام مهدي هن تي وڏي چٽي وڌي. تنهن تي هن جو فوري ردعمل اهو هو ته رئيس فيصلو اٽل آهي، پر رقم وڏي آهي.
    هو جڏهن به ڪچهرين ۾ ويندو آهي ته بوسڪي جو پٽڪو ۽ صاف سٿرا ڪپڙا پهري ايندو آهي.


    ڪم آيل ڪتاب، رسالا ۽ مضمون

    1. بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش. 1961ع. مولود. سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.
    2. الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، 1977ع. سنڌي نثر جي تاريخ (وڌايل ۽ سڌاريل). حيدرآباد. زيب ادبي مرڪز.
    3. ٻٽ، الهرکيو. 1981ع. سنڌي رسالن جي تاريخ (1890ع کان 1980ع تائين). سنڌ پبلشرس، حيدرآباد.
    4. لئمبرڪ، ايڇ ٽي. 1982ع. سنڌ هڪ عام جائزو. (سلسلو تاريخ سنڌ جلد پهريون. مترجم سليم احمد. سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
    5. وفائي، مولانا دين محمد. 1985ع. تذڪره مشاهير سنڌ (جلد پهريون). ڄام شورو. سنڌي ادبي بورڊ. ڇاپو ٻيو.
    6. __________، 1985ع. تذڪره مشاهير سنڌ (جلد ٻيو). ڄام شورو. سنڌي ادبي بورڊ. پهريون ڇاپو.
    7. _____________، 1986ع. تذڪره مشاهير سنڌ (جلد ٽيون). ڄامشورو. سنڌي ادبي بورڊ. پهريون ڇاپو.
    8. Panhwar, M. H., 1983. Chronological Dictionary of Sindh. Jamshoro: Institute of Sindhology.
    9. _________, 2003. An Ilustrated Historical Atlas of Soomra Kingdom of Sindh (1011-1351 AD). Karachi: Sommra National Council-Pakistan.
    10. ________, 20111. Six thousand years of History of Irrigation in Sindh. Karachi: Culture Department, Govt of Sindh.
    11. Halo, Munwar Arbab, 2014& 2016. Halakandi and Halas in Historical Perspective.
    12. https://books.google.com.pk/books?isbn=131215067X
    13. سانگي، مير عبدالحسين، 1986ع. لطائف لطيفي. ڀٽ شاهه، شاهه عبدالطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز.
    14. Sadarangani, I. H. 1987. Persian poets of Sindh. Second Edition. Sindhi Adabi Board, Jamshoro.
    15. نسياني ٺٽوي، سيد طاهر محمد. 1988ع. تاريخ طاهري (ٺٽي شهر جي تاريخ). ڄامشورو. سنڌي ادبي بورڊ
    16. قانع، مير علي شير، 1989ع. تحفة الڪرام (سنڌي ترجمو)، ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.
    17. شيخ، محمد اعظم بن محمد شفيع ٺٽوي. 1990. تحفته الطاهرين. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.
    18. چنا، پروفيسر محبوب علي سيوهاڻي. 1990ع. ڪليات امين. سنڌي ادبي بورڊ.
    19. چنا، پروفيسر محبوب علي سيوهاڻي. 1991ع. مخدوم نوح سرور جا سهيوڳي. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.
    20. ميرڪ، يوسف. 1994ع. تاريخ مظهر شاهه جهاني. ڄامشورو. سنڌي ادبي بورڊ. (مترجم نياز همايوني.)
    21. بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش، 1996ع. شاهه عبدالطيف. مهراڻ اڪيڊمي.
    22. _____________، 1996ع، شاهه جو رسالو جلد ڏهون، رسالي جو ڪلام، حيدرآباد؛ علامه قاضي رسالو تحقيقي رٿا ۽ اشاعت.
    23. جوڻيجو، ڊاڪٽر عبدالجبار، 2000ع. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ. سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد.
    24. قاضي، آزاد، مرتب. 2001ع. سيد جو ساٿي حفيظ قريشي. ڪراچي: جي ايم سيد فائونڊيش ڪراچي.
    25. Baloch, Dr. Nabi Bakhsh, 2002.Sindh: Studies Historical. Jamshoro: PakistanStudy Centre.
    26. قريشي، قاضي غلام محمد. 2006ع. تاريخ درگاهه شريف هالا غوث الحق حضرت مخدوم نوح رحمت الله. پراڻا هالا: ادراه ۽ ڪتب خانه قاضي غلام محمد قريشي.
    27. ٺٽوي، سيد عبدالقادر، نصرپوري. 2007ع. حديقة الاولياء. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ. مترجم ڊاڪٽر عبدالرسول قادري.
    28. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، 2008ع. رهاڻ هيرڻ کاڻ (جلد اٺون) ڄامشورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.
    29. Baloch, N.A., 2010. Life & Thought of Shah Abdul Latif Bhitai. Karachi: Culture Department.
    30. ________ 2010ع. رهاڻ هيرڻ کاڻ (جلد نائون) حيدرآباد: سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم.
    31. _______, 2012. Sindh Studies Eductional and Archeological. Hyderabad: Dr. NA Baloch Institute of Heritage Research.
    32. Boivin, Michel, 2008. Shivaite Cults and Sufi Centres: A Reappraisal of the Medieval Legacy in Sindh.Sindh through History and Representations, French Contributions to Sindhi Studies, Edited by Michel Boivin. Karachi. Oxford University Press.
    33. صديقي قريشي، مخدوم فتح محمد. رساله فتحيه. ڄامشورو. سنڌي ادبي بورڊ.
    34. ________ ليکڪ يا مرتب نامعلوم. ڪٿا سائين ولايت شاهه جي. (هندستان ۾ شايع ٿيل هن ڪتاب جي فوٽواسٽيٽ محترم آڪاش آسواڻي ڏني آهي. هن ڪتاب جا ابتدائي پنا نه هئا تنهن ڪري پتو نه ٿو پوي ته هي ڪتاب ڪنهن لکيو آهي ۽ ڪنهن شايع ڪيو آهي.)
    35. سيد، جي ايم. 2004ع. جنب گذاريم جن سين. (گڏيل جلد ۽ نئين ترتيب). روشني پبليڪيشن.
    36. لاکو، ڊاڪٽر غلام محمد. 2004ع. ڪلهوڙا دؤر حڪومت (1783-1681). ڪراچي. انجمن اتحاديه عباسيه پاڪستان.
    37. مانڊوي، محمد غوثي شطاري. 2009ع. گلزار ابرابر (سنڌي ترجمو). ڄامشورو. سنڌي ادبي بورڊ. (مترجم مخدوم عبدالغفار صديقي).
    38. سنائي، محمد حبيب. 2009ع. هالا جا رنگ هزار. مٽياري. ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ.
    39. قريشي، عبدالرحمان، ڊاڪٽر. 2010ع. گلستان سروري (سروريه خاندان جي پنج سو ساله تاريخ جو مطالعو). هالا: طالب الموليٰ اڪيڊمي.
    40. علوي، اسرار احمد آخوند. 2009ع. تحفة الروح مختصر احوال اجداد و اولاد و خلفا غوث الحق، حضرت مخدوم نوح هالائي. هالا پراڻا: اداره و ڪتب خانه قاضي غلام محمد قريشي.
    41. راشدي، پير حسام الدين. 2010ع. مڪلي نامو. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ. (مصنف مير علي شير قانع)
    42. اياز، شيخ. 2010ع. شيخ اياز نثر 3 (ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر، چار ڀاڱا). ثفافت کاتو، ڪراچي.
    43. وفائي، مولانا دين محمد. 2006ع. راحت الروح (تذڪره مخدوم سرور نوح ). ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.
    44. مخدوم جميل الزمان. 2001ع. تذڪره مخدومانِ هالا (1944-1790). هالا: طالب الموليٰ اڪيڊمي.
    45. Makhdoom, Jamil Zaman. 2010. The Days and Dates. Hala: Talibul Mola Academy.
    46. قدوسي، اعجاز الحق، 2006. تذڪره صوفيائي سنڌ، ڪراچي؛ ادرو اڪيڊمي سنڌ.
    47. سومرو، ڊاڪٽر عبدالغفار. 2007ع. بيان العارفين و تنبيه الغافلين سيد عبدالڪريم بلڙي واري جي ملفوظات. (مصنف محمد رضا بن عبدالواسع) ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ
    48. قاضي خادم. 2009ع. ساروڻيون. ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد.
    49. ڊاڪٽر قريشي، عبدالرحمان. 2010ع. گلستان سروري. هالا: طالب الموليٰ اڪيڊمي.
    50. انصاري، اشتياق. 2011ع. سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا 2. ڪراچي. سنڌيڪا اڪيڊمي.
    51. قاضي خادم. 2011ع. اندر روح رهيام (يادگيريون). حيدرآباد. ڪويتا پبليڪيشن.
    52. قاسمي، علامه غلام مصطفيٰ، 2012ع. چونڊ سوانحي خاڪا. علامه غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو.
    53. ميمڻ،خانبهادر صديق. 2014ع. سنڌ جي ادبي تاريخ. مهراڻ اڪيڊمي.
    54. قاضي خادم. 2012ع. پير اڃا مون پنڌ ۾. حيدرآباد. ڪويتا پبليڪيشن.
    55. ملوڪاڻي، علي مردان، 2016ع. مير الهه بخش خان ٽالپر (جهول وارو). جهول ادبي سنگت ۽ افسرالدين ٽالپر

    مضمون ۽ مقالا:
    1. مولوي، محمود قريشي، مرحوم محمد قاسم(ديوان سنڌي)
    2. ____________، مرحوم محمد قاسم (ديوان پارسي)
    3. صدر، عطا محمد، 1997ع. ميرا سوهنا ديس هالا پرانا. اڻڇپيل.
    4. استاد لغاري. 2011ع. شاهه جي رسالن جي مختصر تاريخ. ٽماهي مهراڻ. شمارو 1-2، 2011ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.
    5. ڪنور ادريس جو مضمون(http://dawn.com/2011/12/09/gd-memon-a-life-of-hard-work/
    6. حفيظ تنيو (http://tribune.com.pk/story/301471/transitions-one-of-sindhs-best-known-bureaucrats-gd-memon-passes-away/)


    ڪجھه رهيل شخصن جو مختصر احوال

    ڪتاب جڏهن شايع ٿي هٿن ۾ پهتو ته خبر پئي ته ڪافي اهم پروفيشنل شخصن جو احوال رهجي ويو آهي. يقين ته اهو ڄاڻي ٻجهي نه ڪيو ويو هو. بهرحال هتي آئون هن اليڪٽرانڪ ايڊيشن ۾ اهو ازالو ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان.
    سڀ کان اول ته منهنجي خاندان جي انجنيئر نذير احمد مرحوم جو ذڪر نه ٿيو. هن صاحب پيٽروليم ائنڊ گئس ۾ بي اي جي ڊگري مهراڻ يونيورسٽي مان فرسٽ ڪلاس ٿرڊ پوزيشن ۾ پاس ڪئي. هن کي ٽيڪنيڪل ايجوڪيش ۾ جونيئر انسٽرڪٽر جي نوڪري ملي، جيڪا هو مرڻ گهڙي تائين ڪندو رهيو.
    انجينئر پروفيسر نياز احمد ميمڻ ۽ ان جي ٻين انجنيئر ڀائرن جو احوال به رهجي ويو. انجنيئر پروفيسر نياز احمد ميمڻ صاحب هن وقت پرو وائيس چانسلر قائد عوام يونيورسٽي، لاڙڪاڻو ڪئمپس آهي. سندس ٻيا ڀائر به واپڊا ۾ انجنيئر آهن.
    پياري طارق احمد صدر،، سندس ڀاءُ صلاح الدين صدر ۽ سندس پٽ انجنيئر ارمغان جو ذڪر نه ٿيو. طارق صدر صاحب پاڻ مهراڻ يونيورسٽي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آهي، ۽ صلاح الدين صاحب ڪمپيوٽر سسٽم انجنيئرنگ ۾ اسسٽنٽ انجنيئر آهي.
    سائين گل محمد ميمڻ سنائي ريٽائرڊ هيڊ ماسٽر هو ۽ سندس پٽ آصف ميمڻ اسٽيل مل ۾ آهي. مرحوم فقير محمد عمراڻي صاحب يوبي ايل بينئڪ ۾ آفيسر هو.
    ٻوراڻي ميمڻ خاندان جي ڪافي اهم شخصن جو احوال رهجي ويو، جن ۾ پيارو ائڊووڪيٽ تنوير احمد ميمڻ، ان جا ڊاڪٽر، انجينئر ۽ وڪيل ڀائر توڙي ڀائيٽا به رهجي ويا آهن.
    انجينئرن ۾ قاضي ريحان صاحب رهجي ويو، جيڪو شايد ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي ۾ آفيسر آهي. پيارو خداڏنو ميمڻ، قاسم پورٽ اٿارٽي ۾ آفيسر آهي. شوقيه گائڪ دوست محمد ڀٽو ۽ شايد ٻيا ڪي منهنجي ڀل چوڪ جو شڪار ٿيا آهن.
    ڪي حافظ ۽ عالم به رهجي ويا آهن. سهيل صدر صاحب جي ٻن پٽن جو ذڪر رڳو حافظ طور ٿيو پر اهي عالم آهن. سندس ڀاءُ انجنيئر طفيل احمد صدر جو ذڪر رهجي ويو.
    اميد ته اهي سڀ منهنجي سهو کي درگذر ڪندا.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 926
    ڪتابن جو مشاهدو: 2942190
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 764559
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ