• اڳياڙي
ھيءَ ھڪ حقيقت آھي ته قوم ۽ ملڪ جي خدمت جي شريف جذبي جو بنياد نيت جي صفائي، خلوص ۽ ايثار جي اصولن تي آھي. ۽ سنڌ جي باشندن ۾ اھڙا ھڪ نه، ٻه نه، پر لکين فردَ ملندا جن پنھنجي وطن ۽ قوم جي خدمت ۽ سالميت لاءِ ھر طاغوتي طاقت سان ٽَڪر کائيندي، لال لھو وھائيندي، ڪال ڪوٺڙين ۾ ھَڏ ٽوڙ سزائون سھندي، آل اولاد جون دربدرون سَٺيندي، اشتھا ۽ پياس جا ڏولاوا برداشت ڪندي، جسماني ۽ ذھني عذاب کِلندي سيني سان لاتا. سنڌ جي انھن مرد مجاھدن ايثار ۽ قرباني جا جيڪي اڻ مٽ نقش ڇڏيا، اھي اسان جي ماضيءَ جا شاندار روشن قنديل آھن.
تاريخ شاھد آھي ته جُڳن کان وٺي سنڌ تي حملا ٿيندا پئي رھيا آھن پر مادرِ وطن جي جوڌن ۽ سورھيه پُٽن انھن لُٽيرن ۽ عالمي درندن جو جھڙي طرح مقابلو ڪيو آھي، تن کين ھڪ فوجي قوم ۽ جنگي جوڌو بڻائي ڇڏيو آھي. ھونئن به ھن ڌرتيءَ جا رھواسي بھادر، جانٺا ۽ پھلوان رھيا آھن آڳاٽي وقت کان ئي سنڌ ۾ پھلوانيءَ جو دور دوره ھو. پھلوانن جو شان شوڪت جاري ھو. جنگ ۾ بھادري ۽ جرئت، جسماني زور ۽ طاقت، کيڏ ۽ راند ۾ قوت ۽ ڪسرت سنڌ ۾ مکيه ڪرتب ڪري شمار پئي ڪيا ويا آھن. ھڪڙا پنجاھيا پھلوان ھئا، جي ھڪئي سِر پنجاھه ڄڻن جو مقابلو ڪندا ھئا ته ٻيا ڏھيسر ھئا، جيڪي ڏھن جا مَٽ ھئا. جسماني زور ۽ طاقت ۾ ھڪڙا اڍائي ونگ ورنھ ھئا، جيڪي پنھنجن ڊگھن وارن کي، ھٿ تي اڍائي وڪڙ ڏيئي، زور ڏيندا ھئا ته وارن، ۾ پيل تيل ٽِمي پوندو ھو ته ٻين ڌڱ مڙسن وري پاڻ کي لوھه مروڙ ٿي چوايو- (ملھ ۽ ملاکڙا – ڊاڪٽر بلوچ صاحب – مھراڻ سالگرھه نمبر 1961ع) سندن انھيءَ پھلواني ۽ زور ھن قوم کي به جنگي جوڌو بڻائي ڇڏيو. سنڌين جي شجاعت ۽ سورھيائيءَ جا قِصا، ڏينھن کان جَڳ مشھور آھن. جيئن ته جين ڊڪشنه چيھنه لکي ٿو ته – ”سنڌي ٺاھوڪا، سھڻي ٽِلندڙ ٽور وارا، راڳ ناچ جا شوقين ۽ ساڻيھ تان سِر گھوريندڙ آھن-“ (سنڌ صدين کان – ممتاز مرزا ص نمبر 162)
ھِت ھن ڳالھ کي به ڌيان ۾ رکڻ گھرجي ته سنڌي عوام جا پيشوا ۽ اڳواڻ، سردار ۽ رھنما خود سورھيه، سخي ۽ سچا ھئا. سورھيائي، سخاوت ۽ سچائي سندن قومي اخلاق جون نمايان خصوصيتون ھيون. ھو قومي ۽ ذھني آزاديءَ جا علمبردار ھئا. جي حاڪم ھئا ته غيرتمند ۽ عادل ھئا. ھو پنھنجن پاڙن ۽ رعيت سان پورا وفادار ۽ سچا ھئا. اھڙي بلند اخلاق ۽ قومي روايات کي برقرار رکڻ لاءِ جيڪڏھن کين وقت به وقت قرباني جي ضرورت سامھون آئي ته جرئت ۽ مردانگي، ھمت ۽ حوصلي، سرويچي ۽ سورھيائي سندن طبع جا فطري جُزا بڻجي ويا. اھلِ سنڌ جي انھيءَ جرئت ۽ بھادريءَ جا بنيادي ڪارڻ قومي آزادي، قبائلي عزت، پاڙيسريءَ جي مدد، پنھنجن سردارن، پڳدارن ۽ دوستن سان وفاداري، خانداني ننگ و ناموس ۽ شخصي غيرت جا جذبات موجود آھن. انھن مڙني جذبن ۾ وطن جي محبت ۽ قومي آزاديءَ جو جذبو سنڌ واسين جي لنؤن لنؤن ۽ رڳ رڳ ۾ سمايل آھي، جنھن جي خاطر، ھنن تاريخ جي ھر دور ۾، وڏيون وڏيون جنگيون لڙيون ۽ قربانيون ڏنيون. سنڌي نه صرف ماحول جي وسعتن تي اثر انداز ٿيا پر تاريخ جو پنو گواھه آھي ته اڪثر وقت گير انقلابن جو آغاز به ھِن سرزمين تان ٿيو. (سماھي مھراڻ – سوانح نمبر 1957 – ص 234) نه صرف ھنن پنھنجي ديس جي آزادي، خودمختياري ۽ قومي غيرت لاءِ ڌارين سان لڙايون لڙيون پر ڪيترن پاڙيسري ملڪن ۽ يار قومن سان ڪلھو ڪُلھي ۾ ملائي، سندن ھر طرح ملڪ جي سالميت ۽ لَڄن جي حفاظت ڪري، دوستي، خلوص ۽ ٻين لاءِ جيئڻ جي رنگين اصولن کي زندھه جاويد بڻائي ڇڏيو. اھوئي سبب آھي جو سندن حب الوطني، جذبئه آزادي، ھمت ۽ مردانگي، سورھيائي ۽ سچائي جي شاندار روايتن کي دنيا جي تاريخ ۾ محفوظ ڪيو ويو آھي.
اڳين صفحن ۾ سنڌين جي انھن عظيم ڪار گذارين جو تاريخ وار جائزو پيش ڪجي ٿو