• دراوڙن جو دور
دراوڙ سنڌ جا اصلي باشندا ھئا ۽ سنڌ جي اولين تھذيب ۽ تمدن جا امين ھئا. موھن جي دڙي ۽ ھڙاپا جي عظيم تھذيب جا باني ھو ئي ھئا. ايس – وي ونڪٽ سوسيرا لکي ٿو ته ”دراوڙي قبيلا، ٻاھران سمنڊ رستي يا خيبر لڪ جي راھه کان، ھن ملڪ ۾ داخل ڪونه ٿيا ھئا، پر ھي ماڻھو اصلي ھتي جا ئي رھاڪو ھئا ۽ سندن خمير ھن ئي ڌرتيءَ جي مِٽيءَ مان ھو“- (بحوالہ سنڌ جي طِبي تاريخ ج اول- نياز ھمايوني ص 50)
دراوڙن صنعتي، تجارتي ۽ زرعي لحاظ کان وڏي ترقي ڪئي. ھي ماڻھو نھايت ئي سُڌريل ھئا. ڌاتو استعمال ۾ آندو ھئائون ۽ خاص طور ٽامي مان ھٿيار ٺاھيندا ھئا. ان ڪري تاريخ ۾ ھن دور کي (Copper Age) ”ٽامي جو دور“ چئجي ٿو. ھو سون ۽ چانديءَ جا زيور به ٺاھي پھريندا ھئا ۽ ٽامي جا سِڪا به ٺاھيا ھئائون. جايون ٺاھي انھن ۾ رھندا ھئا ۽ حفاظت جي خاطر، چوڌاري قلعا ٺاھيندا ھئا. ھو جھاز راني جا ماھر ھئا ۽ تجارت جي مقصد سان، سمنڊن ۾ جھازن ذريعي سفر ڪندا ھئا. اھي لکڻ به ڄاڻندا ھئا ۽ انھن جي ٻولي، علم و ادب خوب ترقي ڪئي. دراوڙن جي ھي عظيم، تھذيب اڍائي يا ٽي ھزار سال قبل مسيح جي درمياني عرصي ۾ پکڙي- ھو پڪن گھرن ۾ رھندا ھئا. ڪڻڪ، ڪپھ، جَون ۽ چانورن جون پوکون ڪندا ھئا. سون، چاندي، ٽامي، ڪانسي جي زيورن ٺاھڻ کانسواءِ زردوزي ۽ ڀرٿ ڀرڻ ۾ ڪاريگر ھئا. دراوڙ اھڙو ته سنھو ڪپڙو تيار ڪندا ھئا جو سڄو تاڪيو، ڇَلي مان ٽپي ويندو ھو. ھِن ڪپڙي جي مصر، بابل ۽ يورپ ۾ وڏي طلب ھوندي ھئي.
دراوڙن جو رنگ ڪارو، نڪ ويڪرو ۽ قدري گھنڊيدار، ڪاريون اکيون ۽ قد ۾ بِندرا ھئا. سنڌ جي ھنن اصلي رھاڪن تي آرين ڪاھه ڪئي. ان دور ۾ دراوڙن جا قبيلا ھي ھئا. (1) ليبيسا (2) ڌني (3) چوموري (4) پيپرو (5) ورچين ۽ (6) سمبارا – آرين جي اچڻ وقت دراوڙ، جنگي فن ۾ به مھارت حاصل ڪري چڪا ھئا. وٽن مضبوط قلعا ھئا، جيڪي دفاع جي لاءِ ڪم آڻيندا ھئا. انھن کي پورا چئبو ھو. اُھي مٽي يا پٿر جا بند ھئا، جيڪي ھنن آبڪلاڻي کي روڪڻ لاءِ پنھنجي شھرن کي ڏنا ھئا. رگويد ۾ انھن بندن ۽ قلعن کي شردي يعني موسمي قلعا ڪوٺيو ويو آھي. (آرياڻي شاعري ۽ قديم سنڌ- محرم خان- سه ماھي مھراڻ 1967)
آرين کان گھڻو اڳ ھندوستان جي ڪن راجائن دراوڙن تي حملا ڪيا. جن ۾ ديو سروا ۽ ديواواتا راجا قابل ذڪر آھن. تراسا داسيو جيڪو پوروڪوٽس جو پٽ ھو سو دراوڙن جو سخت ويري ھو. ھن سمورو وقت سنڌ جي قديم رھاڪن سان وڙھندي گذاريو. دراوڙن خلاف يورو قبيلي ڀارتين جي مدد ڪئي. (تاريخ تمدن سنڌ- مولائي شيدائي ص نمبر 40) پر ڀارتي راجا نه سنڌ تي قبضو ڪري سگھيا، نه وري دراوڙن کي ماري مڃائي پنھنجو غلام ڪري سگھيا. پر آرين دراوڙن سان مسلسل جنگيون جوٽيون ۽ کين ماري مڃايو. سنڌ جي ھنن رھاڪن جھڙي طرح آرين سان بھادري ۽ دليري سان مقابلو ڪيو، اھو ثابت ڪري ٿو ته ھي ماڻھو ڪيڏا نه بھادر ۽ فوجي تربيت يافته ھئا. ھنن آرين سان خوب چڪريون کاڌيون- آرين جو ھڪ بھترين سپھ سالار اِندر ھو، جيڪو ھر جنگ ۾ مقامي ماڻھن سان وڙھڻ لاءِ آرين جي فوج جي اڳواڻي ڪندو ھو. پر سنڌي جوڌا، کانئس قطعاً نه ڊڄندا ھئا، ۽ ساڻس جنگيون ڪندا آيا. آرين جو ھڪ رشي لکي ٿو ته- ”ٽي ھزار ورسي ونت (سنڌي سپاھي) جنگي لباس ڍڪي، پنھنجو بدن ويڙھي، پاڻ ۾ پڪي صلاح ۽ ٻَڌي ڪري، يوياوتي وٽ گڏ ٿيا، پر اِندر جي تيرن تن کي تباھه ڪري موت جي گود ۾ ليٽائي ڇڏيو. ان ھوندي به سنڌين آڻ نه مڃي. وروسين قبيلي مان ھڪ دراوڙ جوڌو نڪري نروار ٿيو، جنھن جو نالو واسو ديو ھو. ھو انگيرس جو ٻالڪو ھو. ھن اِندر سان ايڏو ته سخت مقابلو ڪيو جو آرين جو ھي سپھ سالار شڪست کائي ڀڄي ويو.
ان دور ۾ ٽيھارو کن سنڌي سردار پنھنجي ديس تان قربان ٿيا ۽ ڪيترائي ڪونڌر ڪُسي ويا. سنڌ مان توشٽا ۽ پرترڌن ٻه غدار پيدا ٿيا جن اِندر سان وڃي ياراڻي ڳنڍي- توشٽا، اِندر کي ھڪ ڳجھو ھٿيار ”وجر“ ڏنو، (جيڪو خالص سنڌي ھو) انھيءَ بجليءَ واري ھٿيار سان اِندر ڪئين قلعا ۽ شھر ساڙي ناس ڪري ڇڏيا. ان کانسواءِ ڪيترائي وڏيرا به آرين سان سَنمک ٿي ھڪٻئي کي سوکڙيون پاکڙيون ڏيڻ وٺڻ لڳا.
انھن غدار سنڌين جون سخائون رگ ويد ۾ آرين ھينئن ڪيون- ”سنڌونديءَ جي ڪپ تي رھندڙ، ھڪڙو وڏو پٽيل جنھن کي پنھنجي نالي ڪڍائڻ جي وڏي سَڌ ھوندي ھئي، تنھن اِندر کي املھ سوکڙيون ڏيئي، پنھنجي اڻ مٽندڙ واکاڻ اُڀ تائين اسرائي ڇڏي“ (آرياڻي شاعري ۽ قديم سنڌ- سه ماھي مھراڻ 4/1967ع) انھن وطن جي ويرين ۽ پاڻ وڻائيندڙن جي موجودگي ۾ به سنڌين، آرين جو جنھن بھادري ۽ جوانمرديءَ سان مقابلو ڪيو، تن جو مؤرخن دل کولي داد ڏنو آھي. ڀيرومل مھرچند آڏواڻي لکي ٿو ته ”سنڌو ماٿر جي قديم رھاڪن، آرين کي پنھنجي ملڪ ۾ پير کوڙڻ نٿي ڏنو ۽ ساڻن سخت چڪريون کاڌيون ھئائون. انھن چڪرين کائيندي ھزارين اڻ آريا لوڪ مارجي ويا. ڪن اڻ آرين ٻيلن ۽ جبلن ۾ وڃي پناھه ورتي، جتان پوءِ وجھ وٺي، آرين تي ڪاھي ايندا ھئا. منجھن قربانيءَ جو انگ جھجھو ھو ۽ ديس ڀڳتي ھين. پنھنجي ديس جي بچاءِ خاطر، پنھنجو سِر تريءَ تي رکي، انت گھڙيءَ تائين آرين سان لڙيا“- (قديم سنڌ- ص نمبر 153) جناب نياز ھمايوني لکي ٿو ته ”دراوڙن آرين سان سخت مقابلا ڪيا ۽ ھنن کين جيڪا توڻي تپائي ڏني، تنھن جي موٽ ۾ کين اڻ آريو، ۽ ديئت ڪوٺيو ويو. ھوڏانھن اھي ئي اڻ آريا کانئن وڌيڪ سڌريل ھئا“- (سنڌ جي طِبي تاريخ- ج اول ص نمبر 96)
ھي دستور آھي ته حاڪم قوم کڻي ڪيڏي به وحشي، اڻ سڌريل ۽ ظالم ھجي پر اھا محڪوم قوم تي رعب ضرور رکندي آھي ۽ ان کي جاھل، ڄَٽ ۽ بيوقوف سڏيندي آھي. آرين به پنھنجي ڀرم کي لڪائڻ خاطر دراوڙن کي اسر، دئت، دانو، راڪاس، اڻ آريا ۽ ٻيا اُگرا نالا ڏنا. ھنن کين ڪرشڻ (ڪارو) داس ۽ دسيو سڏيو. حالانڪ اھي دراوڙ کانئن قابل ۽ ماھر ھئا. مسز ماني شاھوڪار لکي ٿي ته ”آرين جي سنڌو ماٿر ۾ اچڻ کان اڳ، دراوڙ، داس ۽ ٻيون پراڻيون ڏيھي قومون، علوم ۽ فنون جي وڏي عروج تي پھتل ھيون-“ پر ھنن ظالمن جي اچڻ سان، ڪسابن کان قائم ٿيل، سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ مذھبي جوڙجڪ درھم برھم ٿي ويئي. گھرن ۽ شھرن ۾ آڏڻ جو ھنر ھزارن سالن تائين وري نه اسريو ۽ کيتيءَ جو ڌنڌو به ڪجھ صدين تائين ڊانوان ڊول ٿي ويو. آرين دراوڙن کي ھولناڪ سزائون ڏنيون، جھڙوڪ: جيئري باھه ۾ ساڙڻ، انھن جي خاص عضون کي بيڪار ڪرڻ، انھن کي درندن ۽ خونخوار جانورن کان ڦاڙائڻ، کين جانورن جي کَل ۾ سبائڻ ۽ کين ٻارن ٻچن سميت ذبح ڪيو. حضرت مولائي شيدائي لکي ٿو ته ”آرين درواڙن جي ٻوليءَ کي 'مير ڌرا واڇا' نالو ڏنو ۽ کين ڌڪار مان 'اناسہ' يعني نڪ ڦٽا سڏڻ لڳا. اھڙي دشمني، نفرت ۽ ڌڪار ھوندي به ھو آڳاٽن درواڙن کي صفحئه ھستي تان مِٽائي نه سگھيا.“ پروشاسوڪتا وارا اشعار ۾ اھو ڏيکاريل آھي ته آريا قومن پھريون دفعو، سنڌ جي آڳاٽن رھاڪن تي شودرا يعني نيچ قوم نالو رکيو ھو. اھي آرين جي صاحبي اندر سماجي طور غلام شمار ٿيڻ لڳا- (تاريخ تمدن سنڌ- ص نمبر 41)
آرين سنڌ جي پر امن سماج ۽ برادرانه سماج ۾ ذات پات جو رواج وجھي، ھتان جي عوام کي پنھنجو خادم بڻائي ذات پات جي طلسمي شڪنجن ۾، اھڙي طرح ڦاسايو جو ھو، انسانيت جي شرف کان محروم رھيا، ھنن ھٿرادو ڌرمي قانون ٺاھي عوام کي مجبور ۽ محڪوم بڻائي ڇڏيو. منوسمرتي موجب ”شودر ماڻھو سوئر ۽ ڪُتي مثل آھن، ان ڪري جڏھن برھمڻ کاڌو کائي ته شودر اھڙي ھنڌ ويھي جو برھمڻ جي مٿس نظر نه پئجي سگھي.“ ٻيو فقرو آھي ته ”جيڪو شخص شودر کي مذھب ۽ عبادت جو سبق ڏئي ٿو اھو شودر سميت دوزخ جو ٻارڻ بڻبو، ڪنھن شودر کي اھو حق نه آھي ته اھو لِکڻ جو خيال به دل ۾ آڻي. جيڪڏھن ڪو شودر لڪي ڪٿي ويد جو ڪو لفظ ٻڌي وٺي ته، ان کي ڪَنن ۾ شيھو پگھاري وجھو“- (تاريخ انقلابات عالم- (اردو) ڀاڱو اول ص نمبر 85) آرين جي ھن تنگ نظري، ٻيائي ۽ تعصب ڪري سنڌ کي وڏو نقصان پھتو ۽ ڊي- سي سين جي لفظن ۾- ”ذات پات جو مت ڀيد ھڪ انسان کي ٻئي انسان کان دور ڪندو رھيو. سماج جو ھيٺيون طبقو اوچي طبقي جي استبداد جي چڪيءَ ۾ پيسجي رھيو ھو ۽ مٿس علم جو دروازو بند رھيو“-
مطلب ته دراوڙن، وطن جي سالميت ۽ بقاءَ لاءِ قربانيون ڏنيون ۽ ھڪ با صلاحيت جنگجو قوم وانگر مقابلا ڪيا.
*