• سمن جو دور
شروعات ۾ سمن، سومرن جي مدد ڪئي، ان ڪري سومرن جي حڪومت مضبوط ٿي ويئي، پر پوءِ ھنن ٻنھين جو پاڻ ۾ ٽَڪر ٿي پيو ۽ سما ڪڇ ڏانھن ويا جتي پنھنجي بادشاھي قائم ڪيائون. ڪڇ جي سمن جو سنڌ جي سمن سان به ناتو ھو، جن جي مدد سان 1351ع ۾، سومرن جي پوئين حاڪم ھمير جي ڏينھن ۾، سڀ سما، ڄام انڙ جي سرداري ھيٺ گڏ ٿيا ۽ سما حڪومت جو پايو وڌائون، سندن اوائلي تخت گاھه سمانگر ھو، جيڪو مڪليءَ کان 3 ميل اتر طرف ھو.
سمن جو دور سنڌ لاءِ رحمت جو دور ھو. ملڪ ۾ امن امان ھو. خير ۽ برڪت جو جواب ڪونه ھو. سنڌ جا ماڻھو سُکيا ستابا ھئا. سڄو ملڪ ريان کيان ھو. ديانتداري ۽ دنيا داري ٻيئي گڏوگڏ ھيون. ديني ۽ دنوي علومن جي اشاعت سنڌ جي چئن ئي ڪُنڊن ۾، انتھائي عروج تي ھئي. اھو دور سنڌ ۾ قومي جاڳرتا جو دور ھو. سنڌ واسين ۾ قوميت جو احساس ڪر موڙي رھيو ھو. علم و ادب گھڻي ترقي ڪئي. اسلامي تعليم لاءِ مدرسا کليا، جن ۾ وڏا وڏا محدث ۽ بلند پائي جا عالم تعليم ڏيڻ لڳا. ٺٽي کي دارالعلوم جي حيثيت ملي، جنھن ۾ خراسان، ايران ۽ عربستان کان عالم لَڏي اچي رھيا. سَمن حاڪمن علم ۽ فَن جي قدرداني ۽ عالم جي عزت افزائي ڪئي.
ھن دور ۾، سنڌ جي گجرات، ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ راجستان سان سياسي، سماجي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيا. سمن فرمانروائن ڌاڙيلن جي بيخ ڪني ڪئي، جن جن واپارين جا مال سنڌ اندر ڌاڙيلن لُٽيا ھئا سي انھن گجرات تائين سندن وارثن کي ڌاڙيلن سميت پھچايا. گجرات نو مسلم مظفريه سلاطين سان، جيتوڻيڪ سمن جي مائٽي ھئي، تاھم سما سلاطين، ٿر ۽ جوڌپور جي سرحد تي سومرن، ڪلھوڙن، سوڍن ۽ بلوچن جي ڪٽڪن کي وھاري ڇڏيو ھو. انھن 1362ع ۾ دھليءَ جي غلاميءَ کان سنڌ کي آزاد ڪرايو. 1459ع ۾ جوڌپور جي راجا راٺوڙ تي ڪاھه ڪئي. ھن جنگ ۾ راجپوتن شڪست کاڌي ۽ راجا جو پٽ سنتل مارجي ويو. سن 1470ع ۾ 24 ھزار سنڌين جي گڏيل فوج گجرات تي ڪاھه ڪئي. سلطان محمود بيگڙھه، سنڌي لشڪر جي سردارن کي سورٺ ۾ جاگيرون ڏنيون.
سمن جي دور ۾، سنڌ جو عسڪري نظام اعليٰ پائي جو ھو. سنڌي فوجن جي ھاڪ ملڪان ملڪ ھئي. ھنن جي بھادري، جرئت ۽ شجاعت جا مثال ڏنا ويندا ھئا. سنڌي فوجن جي ويڙھه جا طريقا نھايت جديد ۽ خوفناڪ ھئا. گوريلا جنگ ۾ سنڌي فوجن جو ڪوبه ثاني نه ھو، سنڌي جڏھن به ڪو دشمن ۽ ڌاريو غنيم پنھنجي ملڪ ۾ ڏسندا ھئا ته تمام زرخيز زمينن ۽ باغن کي اڳواٽ ئي ويران ڪري ڇڏيندا ھئا، جيئن حمله آورن کي کاڌ خوراڪ ۽ گاھه نه ملي سگھي. سمن حاڪمن فوج کي منظم ڪيو. ملڪ جي بچاءَ لاءِ قلعن ۾ فوجون رکيائون. ھنن ملڪ ۾ قلعن جو ڄار وڇائي ڇڏيو. ان زماني ۾ ھي قلعا مشھور ھئا. سوڍن جو قلعو عمر ڪوٽ ۾، نصرپور سرڪار ۾ سانڪره واھه تي قلعو، بٺوره جو قلعو، سيوھڻ جو قلعو، نيرون ڪوٽ جو قلعو، سيوي جو قلعو، بکر جو قلعو. ھنن وڏن قلعن کان سواءِ، ٻيا ننڍا قلعا ۽ ڇانوڻيون انيڪ ھيون. سما سلاطين ملڪ جو گشت ڪري، حالتن کان واقف رھندا ھئا. ڇانوڻين ۽ قلعن کي مرڪز مان فوجن ۽ باربرداريءَ جي جانورن جي امداد ملندي ھئي. سما، فوجي عملدارن کي جاگيرون ڏيندا ھئا. سنڌين جي فوجي قابليت کي نظر ۾ رکي ملتان ۽ گجرات جي حاڪمن کين پنھنجي لشڪر ۾ نوڪريون ڏنيون.
ھن دور ۾، سنڌين تغلقن ۽ ارغونن سان جيڪي لڙايون ڪيون تن مان سندن فوجي مھارت جو چِٽو ثبوت ملي ٿو. دھليءَ جا ٻه تغلق حڪمران محمد شاھه ۽ فيروز شاھه تغلق سنڌ جي سمن کان شڪستون کائي، نامراد ٿي واپس ويا. محمد شاھه تغلق ٻن لکن جي فوج سان 751ھه ۾ ھِت آيو، جنھن سان سنڌي فوج نھايت جوانمردي، ھمت ۽ سورھيائيءَ سان وڙھي ۽ بادشاھه کي اھو ڏسي دلھول وٺي ويو ۽ اتي ئي مري ويو. وري 1361ع ۾ فيروز شاھه تغلق نوي ھزار سوار، چوراسي ھزار پيادا، چار سؤ اسي ھاٿي ۽ پنج ھزار ٻيڙين جي عظيم فوج سان سنڌ تي چڙھائي ڪري آيو. ان وقت ھت ڄام انڙ جو ڀاءُ ۽ ان جو ڀائيٽو ڄام بابينو حڪمران ھئا. تاريخ فيروز شاھي وارو لکي ٿو ته ”ٺٽي ۾ مضبوط قلعو آھي. ھتان جا رھاڪو بھادر، انجام جا پڪا، جنگ جا ڪوڏيا ۽ وطن جي محبت ۾، مرد و زن سرشار آھن.“ عفيف لکي ٿو ته ”سنڌ جا ماڻھو مٿير مڙس آھن، سندن مڙسي ۽ مردانگي جي سڄي دنيا کي خبر آھي. سندن فوج ۾ ويھ ھزار دلير مرد ۽ چار لک پيادا ھئا. ھر سوار زور ۽ طاقت ۾، پنھنجي زماني جو رستم ھو. (تاريخ فيروز شاھي) ھنن دشمن مؤرخن جي بيانن مان، سنڌ واسين جي فوجي مھارت جو چڱي طرح پَتو پئجي وڃي ٿو. ھڪ ڏيھي مؤرخ سنڌ جي عوام جي فوجي مھارت ۽ حب الوطني بابت لکي ٿو ته ”حب الوطني ۽ وطن جي دفاع جي محبت سنڌ واسين کي ايڏي ھئي جو سنڌ جا عام ماڻھو به پنھنجي جان ڏيڻ کان دريغ نه ڪندا ھئا. ٺٽي وارن طرفان، ماڻھن جو وڏو ھجوم ھو. انھن مان ھر ھڪ پاڻ انجمن ھو ۽ وقار ۽ پھاڙ مثل ھو. سڀئي بھادر ۽ جنگجو ھئا. سندن قوت ۽ بھادريءَ جا مثال ھر ھڪ لاءِ روشن ھئا.... ان وقت ٺٽي وارن جو لشڪر ويھ ھزار بھادر سوارن تي مشتمل ھو. ھر ھڪ قوت، دلاوريءَ ۾ يگانو روزگار ھو ۽ پيادل فوج جو انداز 4 لک ھو. ھن بي پناھه لشڪر ۽ بي پايان قوت سان، ٺٽي جا ماڻھو لشڪر جي سامھون آيا.“ (تاريخ سنڌ- جلد اول- مولانا قدوسي ص نمبر 334) ۽ فيروز شاھه کي ھن سنڌي لشڪر، اھڙي ته شڪست ڏني جو ھو گجرات ڏانھن ڀڄي ويو. وري ٻئي دفعي ھو، ٻيڻو لشڪر وٺي آيو. سنڌ واسين فوجي حڪمت عملي کان ڪم وٺي، دشمن جي اڳتي وڌڻ جون راھون بند ڪري ڇڏيون. دشمن جي رسد بند ڪرڻ لاءِ درياھه ۽ سمنڊ جي ڪنارن وارا علائقا خالي ڪري، اتي جو فصل ۽ گاھه ڀيلائي، سموري علائقي کي اجاڙي ڇڏيو. دريائي پلون ۽ تَڙ ناس ڪيا. سنڌي فوج درياھه ٽپي، الھندي پاسي مورچه بند ٿي ويٺي. سنڌونديءَ جي ڪناري تي 160 ميل ويڪري بچاءُ لائين کڙي ڪئي ويئي. ھن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي جوڌا، ملٽري ۽ جنگ جي سڀني جديد لاڙن ۽ طريقن کان واقف ھئا. اھڙي طرح سنڌ واسين اھڙو ته مڙسي سان مقابلو ڪيو، جو بادشاھه شڪست جو اعتراف ڪري، مخدوم جھانيان جھان گشت جي معرفت صلح ڪري واپس ويو. ڊاڪٽر رياض الاسلام لکي ٿو ته- ”فيروز شاھه جون ٻه زبردست ڪاھون، سنڌ کي ڪمزور ڪري نه سگھيون. نه صرف ايترو پر فيروز شاھه جي فوج به کين لوڏي نه سگھي. ان جو ھڪ سبب 14 صديءَ جي ٻئي اڌ ۾ مرڪز جي ڪمزوري ۽ ٻيو سبب سَمن جي وطن دوستي آھي. سمن ۾ وطن دوستيءَ سان گڏ اعليٰ انتظامي صلاحيتون به موجود ھيون، جنھن سبب ھنن عوام جي دلين تي حڪومت ٿي ڪئي.“ (سنڌ ۾ سمن جو اقتدار- ھلال مئگزين سيپٽمبر 1983ع)
ڄام نندي جي ڏينھن ۾ (1520ع) ۾ شاھه بيگ ارغون سنڌ تي حملو ڪيو، جنھن سان سنڌين جنھن جوان مرديءَ سان مقابلو ڪيو سو تاريخ ۾ نمايان آھي. جناب مولانا اعجازالحق قدوسي، ان دور ۾ سنڌين جي بزدلي ۽ مرعوبيت بابت ھڪ ڳالھ لکي آھي، جيڪا تاريخي حقائق جي لحاظ کان صفا غلط ۽ ڪوڙي آھي- لکي ٿو ته- ”سنڌي مرزا عيسيٰ ترخان جي لشڪر کان ايترو ته مرعوب ٿي چڪا ھئا جو ڪنھن به طرح ان جي مقابلي لاءِ تيار نه ھئا. سنڌين جي مرعوبيت جو اندازو، صرف ھن واقعي مان لڳائي سگھجي ٿو ته ھڪ دفعي ھڪ مغل جي گھوڙي جي زين جو پَٽو ڍِلو ٿي ويو ۽ ان جي زين زمين تي ڪري پيئي. مغل گھوڙي تان لھي، زين کي درست ڪرڻ لڳو ته سنڌي فوج جا 40 سپاھي، ھن طرف آيا. انھن مغل کي اڪيلو ڏسي ان تي حملو ڪرڻ جو ارادو ڪيو. مغل جِئين، انھن کي ڏسي، پاڻ ڀڄڻ جي ارادي سان ، رڪيب ۾ پير وڌو ته چاليھ ئي سنڌي فوجي فوراً ڀڄي ويا.“ (تاريخ سنڌ- ج اول- ص نمبر 255) اُف، ڪيڏو نه اُڀ جيڏو ڪوڙ آھي. سنڌين جي تاريخ سان ڪيڏي نه ھٿ چراند ڪئي ويئي آھي. حالانڪ اھو عيسيٰ ترخان، جڏھن شاھه بيگ پاران سنڌ تي، لشڪر ڪشي ڪري آيو، تڏھن دريا خان کيس زبردست شڪست ڏيئي ڀڄائي ڪڍيو ۽ ھن وري اڪيلي سپھ سالار جي حيثيت ۾ سنڌ تي ڪاھه نه ڪئي. جيسيتائين سنڌي فوجن جو تعلق آھي ته تاريخ شاھد آھي ته اھي ھٿ ھٿ تي ڏيئي چُپ ڪري نه ويٺيون، پر شاھه بيگ سان چَپي چَپي تي مقابلو ڪيائون. سنڌين جي شاھه بيگ سان لڙائيءَ جو ڍنگ ۽ طريقو، مير معصوم بکريءَ ھن طرح بيان ڪيو آھي. ”ڪَڇ ۽ ٿَر جي سوڍن ۽ راجپوتن جي پنجاھه ھزار سوارن ۽ پيادن جي جماعت، جڏھن دشمن جي لشڪر کي سامھون ڏٺو، تڏھن گھوڙن تان لھي، مٿا اگھاڙا ڪري، پٽڪا چادرون ۽ ڪمربند، ھڪ ٻئي سان ٻَڌي دشمنن جي فوج ۾ ٽاڪوڙو وجھي ڏنائون.“ ھو وڌيڪ لکي ٿو ته، ”سنڌي جڏھن ڪُسڻ جو پھ ڪندا، تڏھن اِئين وڙھندا آھن. (تاريخ معصومي- ص نمبر 143) مؤرخ سنڌ حضرت مولائي شيدائي لکي ٿو ته، ”شاھه بيگ سان جيڪي سَمن جون جنگيون لڳيون، تن ۾ سھتن ۽ ھندو سوڍن حب الوطني جي جذبي ھيٺ سمن جي مدد ڪئي. پوئين جنگ ۾ سنڌي سورمن ھڪ ٻئي جون چيلھيون پَٽڪن سان ٻَڌي پوءِ مغلن جو مقابلو ڪيو، ان کانسواءِ مخدوم بلاول سمي جي مريدن، مُئي مارڻ کان سواءِ سنڌ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اھڙي طرح محمود، مٺڻ خان، ڄام سارنگ ۽ رڻمل سوڍو، مغلن جي لشڪر سان وڙھيا. ھن جنگ ۾ سنڌين جي شڪست بزدلي ۽ مرعوبيت ڪري نه ٿي پر قاضي قادن جي غداري ۽ ارغونن جو قرآن شريف وچ ۾ آڻي دريا خان کي ٺَڳيءَ سان شھيد ڪرڻ آھي. ان کا علاوه مولائي شيدائيءَ جي لفظن ۾ ”سنڌ جا وڏيرا، جيڪي دستور موجب ابن الوقت آھن، جيڏانھن اڀرندڙ سِج ڏِسن اوڏانھن لاڙو ڪن، سي اندروني طرح شاھه بيگ جا طرفدار ٿي بيٺا ۽ شاھه بيگ کي ٺٽي تي قبضي ڪرڻ لاءِ ترغيب ڏيڻ لڳا. (تاريخ تمدن سنڌ- ص نمبر 374) اھڙي طرح ھن جيڪي ٺٽي ۾ مغل موڪليا ھئا تن به ھن لاءِ ڪافي راھه ھموار ڪئي. باقي سنڌ جو عوام ۽ فوج، پنھنجي پوري صلاحيت ۽ بھادريءَ سان ارغونن سان وڙھيا، جنھن لاءِ تاريخ جو پَنو پَنو گواھي ڏيندو.