• ٽالپرن جو دور
ميان غلام شاھه جي وفات کان پوءِ ڪلھوڙن حاڪمن سماٽ وزيرن جي چُرچ تي ٽالپري سردارن کي مارائڻ شروع ڪيو. ان ڪري ٽالپرن ۽ ڪلھوڙن جي وچ ۾ 1783ع ۾ ھالاڻيءَ جي جنگ لڳي، جنھن ۾ ڪلھوڙن کي شڪست ملي ۽ سندن حڪومت جو بنياد پيو. جملي ڇھن اميرن 1843ع تائين حڪومت ڪئي. سندن ٻه چوياريون مشھور آھن. مير فتح علي خان 1783ع کان 1802ع تائين حڪومت ڪئي. ھن سنڌ کي ٽن خاندانن ۾ ورھايو. جيڪي مير شھداد خان پيڙھي مان ھئا سي شھداداڻي سڏجڻ لڳا ۽ سندن تختگاھه حيدرآباد ٿيو. ماڻڪاڻي ٽالپرن جو ميرپور خاص ۽ سھراباڻين جو خيرپور ٿيو. انھن ٽنھي رياستن جو نظامِ حڪومت ھي ھو ته جڏھن ڪوبه دشمن، حملو ڪندو ته ھو ٽيئي متحد ٿي، ان جو مقابلو ڪندا ھئا ۽ جيڪڏھن ڪنھن ملڪ تي پاڻ قبضو ڪندا ھئا ته اھو انصاف سان پاڻ ۾ ورھائيندا ھئا. ھنن حاڪمن پنھنجي ٻَڌيءَ سان سنڌ جا اصلوڪا علائقا به واپس ورتا، جيڪي ڪلھوڙن جي دور ۾، ٻين جي قبضي ۾ ھئا. مثلاً سبزل ڪوٽ کي نواب بھاولپور کان، ڪراچي ۽ ان جي ٻين علائقن کي خان قلات کان، ۽ ريگستان کي راجا جوڌپور کان واپس ورتو. اھڙي طرح ھنن سنڌ جي حڪومت کي وسعت بخشي مضبوط ڪيو. (لُب تاريخ سنڌ- ص نمبر 145)
ٽالپر بلوچ ھئا. سندن پيشو سپھ گيري ۽ ھٿيار ھلائڻ ھو، ان ڪري ھنن جي ڏينھن ۾ سنڌ جو آرمي فورس مضبوط ھو. مولانا قدوسي صاحب جو ھي چوڻ بلڪل غلط آھي ته ”ٽالپر حڪومت وٽ ڪنھن به قسم جي فوج نه ھئي، صرف چند سپاھي قلعي حيدرآباد ۾ متعين ھئا- (تاريخ سنڌ- جلد 2- ص نمبر 777) پر حقيقت ھن طرح آھي ته وٽن باقائده سِکيا ورتل فوج ھئي. ان دور ۾ ھر سنڌي، سپاھي ھو. نازڪ حالت ۾، سردارن تي سپاھي فراھم ڪرڻ جو تعداد مقرر ھو. ميرن جي گڏيل فوجن جو 11 سوار ۽ 19 ھزار پيادا ھئا. ماڻڪاڻي ۽ سھراباڻي پنجاھه ھزار لشڪر ڏيندا ھئا. قلات ۾ 33 ھزار، بھاولپور ۾، 3 ھزار سوار ۽ 5 ھزار پيادل فوج ۽ جنگ وقت سردار 17 ھزار لشڪر گڏ ڪري ڏيندو ھو. ملتان ۾ 2 ھزار سوار ۽ چار ھزار پيادل فوج ھئي. شھداداڻين، ماڻڪاڻين ۽ سھراباڻين جي گڏيل فوج ھئي. مير فتح علي خان 25 ھزار لشڪر آڻي سگھندو ھو. سھراباڻي لشڪر جو تعداد 10 ھزار ھو. ميرن جي لشڪر ۾ نظاماڻي، لغاري، پتافي، جوکيا، جمالي، ڀرڳڙي، بوزدار، مري، چانگ، کٽياڻ، ڪپري، لاشاري ۽ شيدي وغيره شامل ھئا، جيڪي سڀ سنڌي ھئا. خيرپور رياست جي لشڪر ۾ غير سنڌي فوجي به ڀرتي ٿيل ھئا، جيڪي ھندوستان؛ ڪابل ۽ پنجاب جا ھئا.
ميرن جي دور ۾، سڄي سنڌ ۾ ٽيويھ مضبوط قلعا ھئا. جن ۾ بکر، امام ڳڙھه، شڪارپور، ڪنڌڪوٽ، فتح ياسين ڪوٽ، لاڙڪاڻو، خداآباد، رني ڪوٽ، حيدرآباد، عمر ڪوٽ، سڪرنڊ، اسلام ڳڙھه، فتح ڪوٽ، نئون ڪوٽ، منھوڙو ۽ ڪوٽ ڏيجي مشھور ھئا. منھوڙي، حيدرآباد، عمر ڪوٽ، ڪوٽ ڏيجي، لاڙڪاڻي، فتح ڪوٽ ۽ اسلام ڳڙھه تي توبون رکيل ھيون. منھوڙي جي قلعي ۾ ته ھر وقت ٽي ھزار مسلح لشڪر تيار رھندو ھو. ميرن جا خاص جنگي ھٿيار تلوارون ۽ ڍالون ھيون، جنھن تي ھو وڏو خرچ ڪندا ھئا. ان کان سواءِ ھو بندوق، پستول، ڀالا ۽ خنجر به استعمال ڪندا ھئا. اھي ھٿيار وڏين قيمتن تي خراسان، ايران ۽ عربستان کان گھرائيندا ھئا. جيمس برنس کي سوکڙي طور ڏنل ھڪ تلوار جي قيمت پنجاھه ھزار روپيا ھئي. وٽن ڀرمار بندوقن به ھيون، جن جون ناليون ڊگھيون ھئڻ ڪري پري تائين نشانو چُٽي سگھنديون ھيون. وٽن توبخانو به ھو. حيدرآباد ۾ ھٿيارن ٺاھڻ جا ڪارخانا به ھئا. ميرخاني پٺاڻ توبون به ٺاھيندا ھئا. ڪراچي، ٺٽي ۽ حيدرآباد ۾ بارود ٺاھڻ جا ڪارخانا ھئا. ھر سپاھي جديد ۽ ديسي ھٿيارن سان مسلح ھوندو ھو. رچرڊ برٽن جي بيان مطابق سالار توڙي سولجر رانُن تائين زرھه پھريندا ھئا، مگر ٻانھون کليل رکندا ھئا. امير پاڻ غير ملڪي ريشم جا ڪوٽ ڍڪيندا ھئا، جن سلائي اھڙي قسم جي ھوندي ھئي جو انھن ۾ تلوار جي ھر زخم کان محفوظ رھندا ھئا.
ميرن جي دور ۾ سنڌ ۾ ٻن قسمن جي فوج ھئي. بري ۽ بحري فوج ۾ گھوڙن کي وڏي اھميت ھئي، جيڪي خراسان، ايران ۽ عربستان کان وڏي قيمت تي گھرايا ويندا ھئا. فتح نامي ۾ انھن گھوڙن جي ھن طرح تعريف ٿيل آھي.
م گويم رفتار آن بادپا- که جويد سراغش نسيم ازمبا
به شھباز فکرم ھم آھنگ بود- که بروي فضاءِ زمين تنگ بود.
گھوڙن کان سواءِ ھو لشڪر جي رسائي ۽ رسد جي فراھمي لاءِ اُٺ به ڪم آڻيندا ھئا. بحري فوج کي ٻيڙين جي فوج چئبو ھو، جنھن ۾ دريائن ۾ لشڪر کي جنگ ڪرائي ويندي ھئي. سپاھين کي باقائدي پگھار ملندي ھئي. جنگ جي دوران في پيادي کي ھڪ سير چانور ۽ 5 پئسا روڪ ملندا ھئا. في سوار کي گھوڙي جي خرچ سميت روزانو چار آنا ملندا ھئا. پوسٽنس جي چوڻ مطابق اھا پگھار روزانو 3 پيسن يا ماھيانه 4 روپين کان ڪجھ گھٽ ھئي. گھوڙي سوار کي ٻيڻي پگھار ملندي ھئي. ان کانسواءِ ڊريس ۽ ٻيو روزمره جو سامان به کين حڪومت طرفان ملندو ھو. جنگ کَٽڻ کان پوءِ لشڪر کي انعام به ڏنو ويندو ھو، جيڪو نقد ۽ قيمتي سامان جي صورت ۾ ھوندو ھو.
ميرن جي دور جو سنڌي لشڪر جَري ۽ بھادر ھو. ھو دشمن تي شينھن وانگر حملو ڪندا ھئا. جوش وقت بندوقون ڇڏي، تلوار سان، دشمنن جي وچ ۾ ڪاھي پوندا ھئا ۽ مرندي مري ويندا ھئا، پر پوئتي نه ھٽندا ھئا. سندن ٻارن کي به چيلھ سان لونگين مان خنجر پيا لٽڪندا ھئا. سر ٽامس ھنگر بورڊ لکي ٿو ته ” بلوچ پنھنجي دشمن کي للڪاري، ساڻن کليل ميدان ۾ مقابلو ڪن ٿا. صلح ۽ امن جي زماني ۾، جڏھن پنھنجي قومي پوشاڪ مٿان، چمڪندڙ ھٿيارن کي، زيب تن ڪري نڪرن ٿا، تڏھن سندن ڊگھن لڙڪيل وارن کي ڏسي، انسان پاڻمرادو تسليم ڪندو ھو ته، بلوچ ايشيا جي قومن ۾ انسانيت جي غير معمولي تصوير آھن. ھو بلند قامت ۽ بانڪا بھادر آھن.“ ساڳي طرح ھڪ ٻيو انگريز مسٽر گرئٿن لکي ٿو ته، ”بلوچ ھڪ شريف قوم آھن. جيتوڻيڪ ھو ظاھري طرح خاموش ۽ صابرين نظر اچن ٿا، مگر سندن طبيعت بدلجڻ ۾ ڪا ويرم ئي ڪانه ٿي لڳي. اھي بدن ۾ جانٺا ۽ چست آھن. ھر وقت سجاڳ رھڻ سندن عادت آھي.“
ميرن جو دور، سنڌ ۾ مردانگي، سورھيائي ۽ جنگين جي گھڻائيءَ جو دور ھو. انگريز دشمن ڏکڻ ايشيا ۾ پھچي چڪو ھو ۽ سنڌ تي ڳِجھين وارا لامارا ڏيڻ شروع ڪيا ھئائين، جنھن کان سنڌي لشڪر پوري طرح واقف ھو. ميرن سنڌي فوج کي منظم ڪري، ھر خطري کي منھن ڏيڻ لاءِ تيار رکيو. ان دور ۾، سنڌي فوج جي صلاحيت ۽ بھادري سڄي ڏکڻ ايشيا ۾ مشھور ھئي. 1799ع ۾ جڏھن ٽيپو سلطان، سرنگاپٽم ۾ انگريز سامراج خلاف جھاد بلند ڪيو، ته ان ويڙھه ۾ سنڌي سپاھين سندس مدد ڪئي. جناب ڪريم بخش خالد لکي ٿو ته ”ٽيپو سلطان انگريزي ۽ فرانسسي، واپاري ڪوٺين جي اصول تي، مسقط ۽ ڪراچيءَ ۾ به ڪوٺي قائم ڪئي ھئي. ڪراچي واري ڪوٺي، بندرگاھه تي، نصير خان بلوچ جي ماتحت ھئي. ٽيپو سلطان جي طرفان ڪراچيءَ ۾ ڪوٺي قائم ڪرڻ جو مقصد، محض واپار يا بين المملڪتي تعلقات قائم ڪرڻ کان علاوه فوجي نوعيت پڻ ھو ۽ يقيني طور چئي سگھجي ٿو ته نصير خان جھڙي محب وطن، مشڪل وقت تي ضرور سلطان جي فوجي مدد ڪئي ھوندي.“ وري جڏھن انگريزن جي اشاري تي پنجاب ۾ رنجيت سنگھ جي ڏينھن ۾ مسلمانن سان سِکن ظلم ڪيا ۽ سندس عورتون زوريءَ کڻي ويا، تڏھن سيد احمد شھيد بريلوي فوجي امداد حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ 1824ع ۾ آيو. تڏھن سنڌ جي ھڪ جيد عالم، آزاديءَ جي روح روان، حر فوج جي ڪمانڊر انچيف سيد صبغت الله شاھه بن حضرت محمد شاھهؒ کيس پنھنجي غير سرڪاري فوج مان 5 سؤ مُريد ڏنا ۽ کين خاص قسم جون ڊريسون پارائي روانو ڪيو. پير صاحب ھن قافلي کي ھڪ ھزار روپيا نقد، ھڪ بندوق ۽ ھڪ خنجر جي جوڙِي به سوکڙي طور ڏني. (علماءِ ھند ڪا شاندار ماضي، محمد ميان ص نمبر 520) اھڙي طرح ھي سنڌي فوجي پشاور جي سرزمين ۾ ڪوٽ ادو وٽ ظالمن سان وڙھندي امن ۽ ايڪانت قائم ڪرڻ ۽ مظلومن جي مدد ڪرڻ جي زرين اصولن کي پنھنجائيندي سنڌ جو شان بلند ۽ بالا رکيو ۽ ثابت ڪيو ته ھيءَ فوجي قوم، پنھنجي ڀائرن سان ھٿ ھٿ ۾ ملائي دشمنن سان لڙي سگھي ٿي. ساڳئي طرح انگريزن جي چُرچ تي جڏھن افغانستان جي حاڪم شجاع الملڪ سنڌ تي متواتر چار حملا ڪيا، تڏھن سنڌ جي فوجن جنھن شجاعت ۽ دليريءَ سان مقابلو ڪري، سکر جي کرڙيءَ واري ميدان ۾، شجاع کي جيڪا شڪست ڏني سا ھن دور ۾ سنڌي فوجن جي فوجي مھارت جو زنده ثبوت آھي. انھيءَ زماني ۾ انگريزن جي فوجي ڇانوڻين، ايجنسين، جاسوسن ۽ سندن واپاري قافلن کي ڦرڻ، لُٽڻ ۽ کين قتل ڪرڻ لاءِ انفرادي طور به سنڌي جوڌا شب خون ھڻندا ھئا يا ساڻن مقابلا ڪندا ھئا. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي عوام ڄاتو ٿي ته انگريز سنڌ جي آزادي ۽ خودمختياريءَ جا ظاھر ظھور دشمن آھن. انھن ٽولن ۾ جاني پٽ قنبر جکراڻيءَ جو ٽولو مشھور ھو، جنھن جي نالي ٻُڌڻ سان انگريز ڏڪي ويندا ھئا. ھن افغانستان ڏانھن ويندڙ انگريزن جي ڪابل واري لشڪر جو نڪ ۾ دم ڪري ڏنو ھو ۽ سندن فوجي ڇانوڻين ۽ رسدگاھن تي مسلسل حملا ڪري، انگريزن کي ڪافي نقصان پھچايو. ھن ھڪ ئي وقت انگريزن جي 48 فوجين کي قتل ڪيو ھو. (نئين مصر جا پراڻا ورق- ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ) ان کانپوءِ، سنڌي فوج انگريزن جھڙي سامراج، منظم ۽ جديد اسلح سان آراسته ملٽري سان جھڙي نموني جنگ ڪئي، سا دنيا ۾ پنھنجو مثال پاڻ آھي. تاريخ شاھد آھي ته انگريزن ڪھڙي حرفت، چالبازي، ٺڳي ۽ انسان دوستي جي نالي ۾ سنڌ جي پاڙيسري ملڪن ڪڇ، جوڌپور، جيسلمير، بھاولپور، قلات ۽ ڪابل کي ڪمزور بڻائي ڇڏيو. ان کانسواءِ نوابن ۽ پرڏيھي ماڻھن کي جاگيرون ڏيئي پنھنجو ڪيو. مثلاً باڪاسر جو ٽڪر، جوڌپور جي راجا کي، اتر وارو ٽڪر نواب بھاولپور کي، ۽ ڪراچي اولھ وارو ٽڪر نواب قلات کي ڏنو. ان کانسواءِ سري ۾ مير مراد علي خان، لاڙ ۾ مير صوبدار خان کي خريد ڪيو. ميرن جي پرڏيھي نوڪرن ۾ جان ھاويل ۽ سائمن به انگريزن جي چنبي ۾ آيا. ڏيھي نوڪرن کي لالچون ڏيئي ھنن پنھنجو ڪيو. ميرن سان ھر وقت دوستيءَ جو ڍنڍورو پِٽيندا رھيا ۽ سندن نمڪ کائيندا رھيا. اھو نمونو ۽ طريقو سڄو ان ڪري ڪيو ويو ته ٻاھريان ميرن جي ڪابه مدد نه ڪن ۽ اندروني طرح سندن اتحاد ٽُٽل ھجي، جيئن سندن فوج کي نه ٻاھران امداد ۽ رسد پھچي سگھي ۽ نه اندروني طرح ھن جي ڪو ڪمانڊ ڪري سگھي. ان ھوندي به سنڌين جنھن فوجي مھارت، جنگي سِکيا، بھادري ۽ وطن دوستيءَ جو جيڪو مظاھرو ڪيو، ان کي خود دشمن به تسليم ڪن ٿا. انگريز فوج جو نڪ، نيپئر لکي ٿو ته، ”ھتي بندوقن ۽ سنگينن تي تلوارن ۽ ڍالن جي سبقت ڏسڻ وٽان ھئي. بلوچ جوڌا، پنھنجن پستولن ۽ بندوقن سان وڙھيا ۽ پوءِ وڏي بھادريءَ سان ترارون ھلائڻ شروع ڪيائون.“ پوسٽنس لکي ٿو ته، ”ھو اِئين وڙھيا، جيئن ڪو ماڻھو، پنھنجي اھڙي شيءِ لاءِ وڙھندو آھي، جا کيس زندگيءَ کان وڌيڪ پياري ھجي.“ ميجر وائيڊ گن لکي ٿو ته، ”جنگ تمام ڇِتي ھئي ۽ وڙھندڙ بلوچن، ڪڏھن به پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش نه ڪئي.“ 22 نمبر گوري ريجمينٽ جي ھڪ سپاھي ھڪ سنڌي سپاھي جي سيني ۾ سنگين لنگھائي وڌي ته اھو سنڌي زمين تي ڪرڻ بدران، پنھنجي ڍال کي ڦِٽو ڪري، دشمن جي سنگين کي کاٻي ھٿ ۾ جھلي، بُت کي اڳڀرو ڪري، ساڄي ھٿ سان اھڙو وار ٿو ڪري جو مٿس حملو ڪندڙ، سپاھي ۽ پاڻ ھڪ ئي ھنڌ گڏ مَرن ٿا. سنڌي تلوار جي ھڪ ئي ڌڪ سان ڪم پورو ڪندا آھن ۽ بلڪل ورلي، ھنن کي ٻئي ڌَڪ ھڻڻ جي ضرورت پوندي آھي. جيتوڻيڪ ميرن جنگ ھارائي ۽ سپاھه آھستي آھستي پوئتي ھٽيو، تنھن جي باوجود نه ھو ڇڙوڇڙ ٿيا ۽ نه وري مٿن ڪو خوف ئي طاري ھو. ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي، جٿن جي صورت ۾ ھلندا رھيا. فاتحن ويجھو وڃي مٿن گوليون ھلايون ۽ قتل ڪندي ڪندي ٿڪجي پيا ان جي باوجود به ھي سخت جان جوڌا، پوري صبر ۽ استقلال سان، ساڳي ريت ھلندا رھيا. پر موت جي ڪنڌ تي ھئڻ کانپوءِ به ھو نه ڀڳا ۽ نه سندن رفتار ۾ ڪا تيزي آئي. (مياڻي جي جنگ- باب ٻيو- قادر بخش نظاماڻي)
دُٻي ۽ مياڻي جي جنگين ۾ سنڌي لشڪر جا سپھ سالار ھوش محمد قنبراڻي ۽ شير محمد ملڪاڻي جنھن سورھيائي ۽ بھادريءَ سان وڙھيا ان مان صاف ظاھر آھي ته ھو جديد جنگ جي طريقن ۽ اسلحي جي استعمال کان پوري ريت واقف ھئا. سندن سورھيائي ۽ ويڙھه جي طريقي جي خود انگريزن به تعريف ڪئي آھي. وليم نيپيئر لکي ٿو ته، ”ھوشو شيدي نھايت منظم طريقي سان جنگ ڪري رھيو ھو ۽ ھو جنگ جي فن ۾ ڪنھن به انگريز جرنيل کان گھٽ ڪين ھو. ھن جنگ ۾، ھن ھڪ عظيم توبچيءَ جو ڪردار ادا ڪيو.“ ميجر جيڪب جو چوڻ آھي ته، ”مان 17 جنگين ۾ وڙھيو آھيان پر مون ھوشوءَ جھڙو بي ڊپو ۽ سرڪش جرنيل نه ڏٺو آھي.“
وليم نيپيئر وري ٻيءَ جاءِ تي لکي ٿو ته، ”ھوش محمد شيديءَ جي اھا بھادري بي مثل ھئي ۽ جنگ ڪرڻ، توڙي ٻين کي ھمٿائڻ ۾ ھو ڪنھن انگريز جنرل کان گھٽ نه ھو.“ اھي مثال سنڌي قوم جي شان، مردانگي، سورھيائي ۽ جنگي مھارت تي شاھد آھن، جن کي ھو صدين کان سانڍيندا اچن ٿا. ھن ٽن ڪلاڪن جي مياڻيءَ جي جنگ ۾، سنڌين کي شڪست غدارن جي ڪري ملي. برٽن لکي ٿو ته، ” انگريزن، ميرن جي توبچين کي اڳواٽ روپيا ڏيئي پنھنجي طرف ڪري ڇڏيو ھو. انھن جنگ جي ميدان ۾ توبن جا منھن مٿي ڪري گولا ڇڏيا. ٻيو ته فوج جا سردار عين جنگ جي موقعي تي ميدان ڇڏي ويا.“ سنڌي عوام ۾ پنھنجي جنم ڀوميءَ لاءِ ايڏي ته سِڪ ھئي جو جنگ جي ٻئي ڏينھن ڏھه ھزار لشڪر ميدان ۾ آيو ۽ ڏھه ھزار وڌيڪ ڀر وارن ڳوٺن ۾ موجود ھو، مگر جنھن صورت ۾ ميرن سندن رھنمائي ڪانه ڪئي، ان ڪري ھو واپس گھرن ڏانھن موٽي ويا.(جنت السنڌ- مولائي شيدائي ص نمبر 540)