• ڪلھوڙن جو دور
سنڌ جي تاريخ ۾ ڪلھوڙا دور سياسي، ثقافتي، اقتصادي ۽ فوجي لحاظ کان وڏي اھميت جو حامل آھي، ميان يار محمد، نور محمد ۽ ميان غلام شاھه ھن خاندان جا روشن ستارا ھئا جن سنڌ کي آزاد، خودمختيار، سرسبز ۽ عوام ۾ خوشحالي آڻڻ لاءِ پنھنجي محدود وسيلن ڪتب آڻڻ ۾ ڪابه ڪوتاھي ڪانه ڪئي. ھنن سنڌ جي جاگرافيائي وحدت کي بحال رکڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون. ملڪ ۾ آبپاشي ۽ زراعت کي ترقي ڏيارڻ لاءِ ھنن سنڌ ۾ واھن جو ڄار وڇايو. مسٽر ڊيل ھوسٽ ڪلھوڙن جي ڏينھن ۾ کوٽايل ھي واھه ڄاڻايا آھن. پراڻ، نارو، اڙل، ڦليلي، گوني، پيڃارو، گانگرو، لکي، سيتا، بگھاڙ، داديجي، گھار، امرڪس ۽ نُور واھه. واھن جي انتظام ڪري سنڌ جي آباديءَ ۾ اضافو ٿيو ۽ ماڻھو روزي ڪمائڻ لائق ٿيا. ڪلھوڙن حاڪمن مراد آباد، الله آباد ۽ خدا آباد شھر تعمير ڪرايا. ميان غلام شاھه، شاھبندر جو بندر ٺھرايو ۽ پراڻ جي موريءَ کي بند ڏياريو، جنھنڪري ٿر جي آباديءَ ۾ اضافو ٿيڻ لڳو. ملڪ جي زراعت زور وٺڻ ڪري سنڌ جي سالياني اُپت وڌي اسي لکن تي پھتي. سندس دور ۾ امن امان ھو ۽ عوام اطمينان سان پنھنجي روزاني ڪِرت ۾ رُڌل ھو. گلدسته نورس بھار جو مصنف لکي ٿو ته، ”رستن جو امن ۽ رعيت جي بھبودي تمام اعليٰ درجي تي پھتل آھي. مسافر توڙي مقامي ماڻھو، پنھنجي ڪاروبار کي لڳل آھن. ھِت ايڏي پئماني تي امن امان آھي جو مسافر، ھر انديشي کان فارغ ٿي، رات ڏينھن امن امان سان ھر ھنڌ اچن وڃن ٿا.“
ڪلھوڙن جي دور ۾، سنڌين جي فوجي قوت نھايت مضبوط ھئي. ڪلھوڙا بذاتِ خود ھڪ بھادر ۽ با اثر زميندار ھئا جن ٻه سؤ سالن جي، غير سنڌي حڪومت کان، سنڌ کي پنھنجي سياسي بصيرت، سرجوشي، بھادري ۽ ذھانت سان آزاد ڪرايو ۽ سنڌ ۾ سنڌين جي حڪومت قائم ڪئي. ھنن پنھنجي فوج کي چڱي خاصي تربيت ڏني ھئي ڇوته ھنن کي پنھنجي دور حڪومت ۾ ڪيتريون لڙايون ڪرڻيون پيون. ھنن کي دھليءَ جي مغلن کان سنڌ، انھن جي فوجي ڪارنامن جي ڪري ئي ملي ھئي. ”ڪتاب التبصرة الناظرين“ جي بيان مطابق ڪلھوڙن جي فوج پروري حيرت انگيز ھئي. (سنڌ جو عسڪري نظام- ڊاڪٽر محمد علي قاضي ص نمبر 286) ھن دور ۾ ميان يار محمد، ميان نور محمد ۽ ميان غلام شاھه مشھور فاتح ٿي گذريا آھن ۽ راڄو ليکي، حبيب الله نائچ، محمد حسن کھاوڙ، الله بخش جھنجھڻ، عزت يار خان، تاجو سامٽيو، تاجو جتوئي، بلاول نائچ، شالمين شيدي، ٻڍو خان، ڌڱاڻو خان جتوئي، بجار جوکيو، محراب خان جتوئي ۽ شاھه بھارو مکيه سپھ سالار ٿي گذريا آھن. ڪيترين ئي جنگين ۾ پاڻ موکيو. شاھه بھارو جھنجھڻ ھن دور جو، چانڊڪا پرڳڻي جو ڪمانڊر انچيف ھو، جنھن جي ڪمان ۾ ڏھه ھزار سپاھه ھوندو ھو. ھن 84 جنگيون ڪيون ليڪن ھر جنگ ۾ ڪاميابيءَ سندس قدم چميا.
ڪلھوڙن جي فوج ھڪ طرف بھادر ۽ بي باڪ ھئي ته ٻئي طرف تربيت يافته به ھئي. ھيءَ فوج ھر وقت تيار رھندي ھئي. ان وقت سنڌي فوجن جي طاقت جو اندازو آئين اڪبريءَ ۾ ھِن ريت ڏيکاريل آھي. ڪلمتي بلوچ لکيءَ وارا ويھ ھزار سوار ميدان ۾ آڻيندا ھئا. نومڙيا سيوھڻ جي تَر ۾ سؤ سوار ۽ ست ھزار پيادل فوج جي طاقت رکندا ھئا. مزاري بلوچ ھڪ ھزار جوان وقت سر ميدان ۾ آڻيندا ھئا. ميان يار محمد ڪلھوڙي جو فوجي فورس اعليٰ پائي جو ھو. ھن جي فوج ۾ بلوچ ۽ سنڌي سپاھي ھئا. ھن سنڌي ۽ بلوچن کي دعوتون ڏيئي فوج ۾ ڀرتي ڪيو ۽ سندن سردارن کي جاگيرون ڏنيون. ھن بلوچن جي مدد سان سڄي سنڌ تي قبضو ڪيو. ھن پنھنجي آرمي فورس جي طاقت ۽ سورھيائي سان ئي مغلن کان سنڌ آزاد ڪرائي. ميان نور محمد ڪلھوڙو ھڪ اعليٰ فوجي جرنيل ھو. ھو پنج ھزاري منصب تي فائز ھو. ھن جي فوج ۾ سماٽ ۽ بلوچ سپاھي ھئا. ھن ڌاريجا لاڙ ۾، عمرڪوٽ ٿر ۾، سِري ۾ شڪارپور ۽ لکي ۽ عبدالله خان ”شھباز- ڪوھستان“ کان ڪڇي فتح ڪري، سنڌ جي سرحدي پرڳڻي چانڊوڪي ۾، لاڙڪاڻي کي تختگاھه جوڙي، اتي مٽيءَ جو قلعو تعمير ڪرائي مٿس توبون رکائي ڏھه ھزار لشڪر شاھه بھاري جي نگراني ھيٺ رکيو. ميان نور محمد پنھنجي لشڪر کي جديد اسلح سان آراسته ڪيو. سندس مدراس جي راجا سان دوستي ھئي، جنھن جي معرفت ھن انگريزي قلعي کان پراڻيون توبون خريد ڪيون. ڪي توبون پرچوگيزن کيس سوکڙيءَ طور ڏنيون ھيون. جڏھن سيويءَ کي شڪارپور جي افغانن فتح ڪيو، تڏھن ميان نور محمد، پنھنجي پٽ دائود خان جنھن ترتيب سان ميدان جنگ ۾، کٻي ۽ سڄي کان سپاھه آرائي ڪري، دشمن تي حملو ڪيو، سو قابل تحسين آھي. دشمن کي شڪست ملي ۽ ڪلھوڙن کي فتح حاصل ٿي. ميان نور محمد جو ٻيو پٽ غلام شاھه به نھايت بھادر ۽ دلير جوان ھو. جڏھن ھن عطر خان کي شڪست ڏني، تڏھن قنڌار جي بادشاھه کيس شاھه وردي جو خطاب ڏنو. ان کان سواءِ جڏھن ھن ڪڇ جا بندر فتح ڪيا، تڏھن بادشاھه کيس صمصام الدوله جو خطاب ڏنو. (تحفة الڪرام- مير قانع ٺٽوي ص نمبر 266)
ڪلھوڙن ايشيا جي ٻِن عظيم ڦورن ۽ ڌاڙيلن نادر شاھه ايراني ۽ احمد شاھه ابدالي سان جيڪي جنگيون جوٽيون سي سندن ملٽري فورس ۽ عسڪري نظام جو زنده ثبوت آھن. چون ٿا ته جڏھن نادر عمرڪوٽ وڃي رھيو ھو، تڏھن ماڇي قبيلي جي فوج جو ھڪ دستو نادري لشڪر جي سامھون رستو روڪي بيھي رھيو ۽ وڏي بھادريءَ سان وڙھيو. اھا جنگ اڃا جاري ھئي ته رڻ پٽ جي پاسي کان ھڪ ٻي فوج نمودار ٿي. اھا مھيري قبيلي وارن جي فوج ھئي، جنھن ۾ فقط نو سؤ سوار ھئا پر انھن اھڙي ته تيزيءَ سان حملو ڪيو جو ايرانين جا پير اکڙي ويا. پر وطن جي ويرين نادر کي ڪامياب ڪرايو. ھن دور ۾ پاڻيپٽ جي ٽين جنگ ۾ سنڌي سپاھي وڙھندي نظر اچن ٿا. 1761ع ۾، جڏھن احمد شاھه ابداليءَ کي ھندوستان جي مسلمانن، مرھٽن ۽ سِکن جي تششد کي ختم ڪرڻ لاءِ ھن کي گھرايو تڏھن سرفراز خان ڪلھوڙي، شاھه فقيرالله علوي جي چوڻ تي ڪافي سنڌي فوج ساڻس رواني ڪئي، جنھن اسلام جي بلنديءَ لاءِ، ڪفر جي ڪوٽن کي ڪيرائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري پنھنجي اسلام دوستي جو ثبوت فراھم ڪيو. (ماھنانه نئين زندگي- 1971ع ڪريم بخش خالد. سنڌ ۽ آزادي جي جدوجھد)
ھن دور ۾ جنگي ھٿيارن ۾ تير، تلوار، ڀالا، خنجر، ڍال، توبون ۽ بندوقون ڪم اينديون ھيون. جنگ جي ميدان ۾، گھڻو ڪري گھوڙا استعمال ٿيندا ھئا، وقتي ھاٿي به ڪم ايندا ھئا. ھر سپاھيءَ کي ماھوار پگھار ٽي روپيا ۽ سوار کي گھوڙي لاءِ روزانو ھڪ روپيو ملندو ھو. فوجين کي سرڪاري راشن به ڏنو ويندو ھو.
بھرحال ڪلھوڙن جو دور سنڌ جي عسڪري نظام جي لحاظ کان اعليٰ پائي جي حيثيت رکي ٿو. جنھن جي زور ۽ قوت تي ڪلھوڙن، سنڌ کي دھلي جي مرڪزي تسلط کان آزاد ڪرائي، نادر شاھه، مدد خان پٺاڻ ۽ تيمور شاھه جي شورش کي منھن ڏيئي ھڪ خودمختيار ۽ پاڻ ڀرو ملڪ بڻائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو.