• مغلن جو دور
مغلن جي دور ۾، فوجي قوت مضبوط ھئي. مغليه فوج چئن قسمن ۾ ورھايل ھئي. ”سرڪاري، منصبداري، داخلي ۽ عھدي فوجن ۾ اڪثر افغان، سيد، بلوچ ۽ راجپوت ڀرتي ٿيندا ھئا. سپاھين وٽ بندوقون ھيون. عراقي گھوڙي رکندڙ جي ماھوار پگھار 30 روپيا ۽ رواجي گھوڙي رکندڙ سوار کي ماھوار ٻارھن روپيا پگھار ملندي ھئي. پيادل سپاھيءَ کي ماھوار ويھ روپيا پگھار ملندي ھئي. منصبدار جي ماھوار پگھار ھڪ سؤ کان وٺي ستن سون تائين ھئي. ، منصبدار پاڻ وٽ سوارن جو دستو رکندا ھئا، جن لاءِ کين حڪومت کان پگھار ملندي ھئي. توبخانو ٻن قسمن جو ھو. ھڪڙو وزندار، جن کي ھاٿي ڇڪيندا ھئا ٻيو ھلڪو توبخانو جو ٻيڙين وسيلي کڄي سگھندو ھو. ڪي توبون اُٺن مٿان به کڄنديون ھيون، جھڙوڪ زنبورڪ ۽ شترنال. اھي توبون تيل جون ھيون. فوجي ھٿيارن ۾ خود، چلته، چار آئينه، زرھه، بڪتر، ترار، ڍال، نيزو، قرابين ۽ بندوق ھيون. جنگ ۾ ھاٿي، سوار ۽ پيادا دستا دشمن سان لڙندا ھئا. مغليه لشڪر خندقن کوٽڻ ۽ قلعن کي بارود سان اڏائڻ کان به واقف ھئا. ھنن مغربي سفيد فام قومن کان به ڪم ورتو، جن آگري ۽ لاھور ۾ توبن ڍالڻ جا ڪارخانا کوليا، ۽ وڏين پگھارن تي مغليه توبخاني ۾ ڪم ڪندا ھئا. ھر ھڪ فرنگي توبچيءَ کي ماھوار ٻه سؤ پگھار ملندي ھئي. فوجي منصبدارن وٽ نقارا ۽ جھنڊا به ھئا. سنڌ جي عوام کي ھنن پنھنجي فوج ۾ ڀرتي ڪرڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي. اورنگزيب پنھنجي ملتان جي نائبي جي زماني ۾، بلوچن کي ويڙھائي، نوحاڻين، ھوتن، نومڙين ۽ جوکين کي ڪمزور ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو پر پوءِ سنڌ جي مغليه نوابن کي مجبورن بلوچن سان دوستي رکڻي پيئي. (جنت السنڌ- مولائي شيدائي ص نمبر 425)
مغل حڪمرانن، سنڌين کي پنھنجو ڪرڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر سندن نوابن سنڌ جي مسلمانن سان ڍورن کان بدتر ورتاءُ ڪيو. جھانگير پنھنجي تزڪ ۾ پنھنجي ٺٽي جي نواب مرزا رستم لاءِ لکيو آھي ته- ”ماڻھن سان ھن ايڏا ظلم ۽ تعديون ڪيون، جو چؤطرف دانھن پئجي ويئي، ۽ ٻيون به ڪيئي خرابيون ھن بابت ٻڌڻ ۾ آيون.“ سندس ھڪڙي مغل نواب فوج علي بابت جيڪو بکر جي ماتحت ھڪ جاگير جو حاڪم ھو، ان لاءِ ذخيرة الخوانين ۾ آيل آھي ته ”ٻه ڪڻاھه پاڻي جا، سدائين وٽس باھه تي پيا ٽھڪندا ھئا ۽ ڪوبه چور يا ساڌو يا ٻيو ڪو ڏوھي يا بيڏوھي ھٿ چڙھيس ته، ان جا ھٿ پير ٻَڌي، انھن ڪڻاھن ۾ اڇلارائي ڇڏيندو ھو ۽ اھي اتي ئي رَجھي پاھه ٿي ويندا ھئا. اٽڪل ھڪ ھزار کن ماڻھو، اُن پٽ جا ھن اِئين ماريا. ڪميڻپ ۽ بي پرواھي ۾ ھن جو ٻيو ڪو مثال نه ھو.“ شاھجھان جي دور ۾، نواب احمد بيگ، جيڪو سيوھڻ جو گورنر ھو، بيحد سُست، نااھل ۽ نڪمو ھو، جنھن حڪومت جون واڳون، پنھنجي ڀاءُ مرزا يوسف جي حوالي ڪيون، جنھن پنھنجي ظلم ۽ ڪٺورتا سان، سڄي صوبي کي ھيٺ مٿي ڪري ڇڏيو. ھو ھر روز شھر جي بي گناھه ماڻھن کي (ڪوڙا) ھڻائيندو ھو. دُرن جي لڳندي لڳندي مظلومن جي کَل لھي ويندي ھئي ۽ اڪثر اھي مري ويندا ھئا. ائين ٻن ٽن سون بي گناھن جو مرڻ، ھن لاءِ روزانو جو معمول ھو. صوبي ۾ جنھن به ماڻھو بابت خبر پوندي ھيس ته مالدار آھي، ان تي ڪوڙيون تھمتون رکي، پاڻ وٽ گھرائيندو ھو ۽ معمولي سوال جواب کان پوءِ، پھريون ته ھن کي خوب دُرا ھڻائيندو ھو. ان کان پوءِ ھن جو سڄو مال اسباب ضبط ڪري وٺندو ھو. سندس ھي سلوڪ نه رڳومَردن سان ھوندو ھو، پر مالدار عورتن سان به اھائي ڪار ڪندو ھو. (تاريخ مظھر شاھجھاني- مترجم. نياز ھمايوني ص نمبر 133)
سنڌ جي عوام، جنھن دلي طرح مغل راڄ کي قبول نه ھو، تنھن پنھنجي فوجي صلاحيت کي ڪم آڻيندي، مغل سامراج خلاف بغاوت شروع ڪئي. پير حسام الدين راشدي لکي ٿو ته- سنڌ جا طاقتور ۽ نامور قبيلا، شروع کان وٺي، مغلن جي تسلط کي ذھني طرح سان قبول ڪري نه سگھيا ھئا. مرڪز جي ڪمزوري ۽ ڀائرن جي جنگ و جدل ۽ ھڪ ٻئي خلاف، سازشن جو فائدو وٺي، سنڌين ازسر نو پنھنجي ھلچل جو آغاز ڪري ڏنو. اورنگزيب انھن آزاديءَ جي سورمن کي، متمردن جي شرارت ۽ رھزنن جو فساد سڏي ٿو. حالانڪ شاھجھان جي زماني اندر به اھا تحريڪ موجود ھئي. اورنگزيب 28 نومبر 1650ع ۾ سنڌ جي صورتحال بابت، شاھجھان کي جيڪو خط لکيو. ان ۾ سنڌ جي سورھين بابت ھيٺيان نقطا واضح ٿين ٿا: 1- سنڌ تي ڌارين، ارغونن جي دور ۾ قبضو ڪيو ۽ سنڌين جي جدوجھد آزادي جو آغاز، ارغونن جي دور کان شروع ٿيو، سو ترخانن کان ٿيندو اڪبر ۽ جھانگير جي دور ۾ قائم رھندو، شاھجھان جي آخري ايامن تائين اچي پھتو ھو. ۽ انھيءَ سلسلي ۾ تقريباً سمورا قبيلا متحد طور، برسر پيڪار ھئا. 2- عالمگير تسليم ڪري ٿو ته مغلن کان اڳ به، سنڌ جي قبيلن ڪنھن جي اڳيان ڪنڌ ڪونه نِوايو ھو- (تذڪره امير خاني- ص نمبر 352) جناب غلام حيدر گبول لکي ٿو ته، ”سنڌ جا آزاد، فارغ البال باشندا، مغلن جي اثر ۽ اقتدار کي پسند ڪونه ڪندا ھئا. سنڌين جي طبيعتن مان آزاد زندگيءَ جو روح فنا ڪونه ٿيو ھو. مغلن جي طرز حڪومت سان سنڌين جي ڪا گھڻي دلچسپي ڪانه ھئي.“
ان دور ۾ سنڌ جي سميجن، انڙن، ڌاريجن ۽ ٻين سنڌي ذاتين، جيڪي مغليه گورنرن، انھن جي لشڪرن، نوابن ۽ جاگيردارن سان لڙايون لڙيون، سي سندن فوجي مھارت، پنھنجي انانيت، خودداري ۽ قومي غيرت جو زندھه ثبوت آھن. جناب رسول بخش پليجو لکي ٿو ته، ”سنڌ جي وطن دوست ماڪوڙين، سامراجي ھاٿين سان نه رڳو وڙھڻ جي جرئت ڪئي پر ھنن کين اھڙا ٽوٽا چٻايا، جو سامراج جي بدن مان سدائين سوٽون اڀرنديون رھيون. بي واجبي ڍلن مڙھڻ، بي واجبي گرفتارين ۽ ٻين ظلمن خلاف اٿي کڙا ٿيندا ھئا ۽ سامراجي ڪامورن کانوٺي ويندي سامراجي حاڪمن تائين، ڪنھن تان ڪونه ٽرندا ھئا. ھڪڙو سنڌي قبيلو اھڙو ھوندو ھو، جنھن جي سامراج دشمن ويڙھه جي ڀيٽ، اسين سڄي ھندوستان توڙي ٻي دنيا جي نامور آزادي پسند، قبيلن جي ويڙھه سان ڪري سگھون ٿا.“ (جن جھونا ڳڙھ جلايو- ص نمبر 52) ان دور ۾ نومڙيا ۽ جوکيا ٻين قبيلن سان متحد ٿي، ملڪ اندر منتشر لڙائي لڙي رھيا ھئا. ھارون، کڙتل، ڪانڀو، نومڙين مان ۽ جوکين مان مريد جوکيو، پنھنجي ھمراھن سان انھيءَ تحريڪ جي، مھنداري ڪري رھيا ھئا. جن جي جدوجھد جو دائرو، سنڌ مان وڌي، ھڪ طرف ڪيچ مڪران ۽ ٻئي پاسي ڪَڇ ڀڄ تائين پھچي چڪو ھو. جعفر نومڙيو، علي جا پٽ، حاجي رونجھو، ڄام جمعو، ٻڍو نھمردي وغيره پڻ ساڳئي تحريڪ جا معاون ۽ مددگار ھئا. خاص ٺٽي جي، علائقي ۾ ڪڪرالي جا ڄام، جھڙوڪ: ستابو، ھالو ۽ گاھي ھالو عالمگير جي قول مطابق دست اندازي ڪري رھيا ھئا. سنڌين جي ان خودمختياري ۽ آزاديءَ واري تحريڪ کي منھن ڏيڻ لاءِ مرڪز طرفان، ملڪ حسين کي موڪليو ويو. پر سنڌين جي فوجي قوت ايڏي ته مضبوط ۽ قوي ھئي جو مغلن جو لشڪر کين دٻائي نه سگھيو. پير حسام الدين لکي ٿو ته- ”باوجود وڏي لشڪر، توبن، تفنگن، غرابن ۽ غورابن جي به ملڪ حسين، سنڌي قبيلن جي پٺيان ناڪام ھلندو رھيو.“ (تذڪره امير خاني- ص نمبر 353)
ٺٽي جي صوبيدار جوکين تي غير واجبي ڍل مڙھي، پر ھنن اھا ڦرلٽ قبول نه ڪئي ۽ پنھنجن ڳوٺن مان لڏي جبل طرف روانا ٿي ويا. ان تي شاھه محمد فوجون وٺي سندن پٺيان ويو. مغلن تلوارن ۽ نيزن جي لڙائي ڪئي ۽ جوکين تيرن جي. آخر جوکين، شاھه محمد کي 50 فوجين سميت قتل ڪري، سندن گھوڙا ۽ ھٿيار لُٽي جبل ۾ گھڙي ويا. نومڙين جي ٽن سون سوارن ۽ اٺ سؤ پيادن سان مغلن جي لشڪر بندوقن سان مقابلو ڪيو، پر مغلن جي ازبڪ فوج کان ڪوبه کڙ تيل نڪري نه سگھيو. شاھجھان جي ڏينھن ۾، شورا، دل ۽ ٻٻر ٽن قبيلن سندن حڪومت کي تباھه ڪري ڇڏيو. ٺٽي جي گورنر خسرو بيگ جو پٽ رستم سندن ھٿان قتل ٿي ويو. ان ڪري ھو فوج وٺي مٿن ڪاھي ويو پر ناڪام وريو. جھانگير جي ڏينھن ۾، ھنن ٽولن جي قوت کي ختم ڪرڻ لاءِ وڏي فوج رواني ڪئي ويئي. سنڌين کي به خبر پئجي ويئي ۽ ھو گھَٽ وٺي ويھي رھيا، تان جو نيرون ڪوٽ جي آسپاس اچي پھتا. سنڌين ھر سوار سان چار پيادا، يعني ٻه سوار ھڪ پاسي ۽ ٻه ٻئي پاسي ڪري بيھاريا. جيئن مغلن حملو ڪيو ته سنڌين جي پيدل فوج دشمنن جي گھوڙن جو ٽَنگون ڪپي ٿي ڇڏيون ۽ مغليه فوجن گھوڙن جي پُٺن تان اچي ٿي پَٽ تي ڦھڪو ڪيو.
مغلن جو سپھ سالار خواجه محمد سلطان مارجي ويو ۽ ٻيا شڪست کائي وڃي نيرون ڪوٽ ۾ لڪا (تاريخ مظھر شاھجھاني- سنڌي ترجمو- نياز ھمايوني- ص نمبر 241) مغلن جي دھليءَ واري مرڪزيت جي دور ۾ سنڌين جي ھنن مسلسل جنگين، راتاھن، شب خونن، دوبدو لڙاين مان، سنڌ واسين جي فوجي مھارت ۽ آزاديءَ لاءِ محبت جو ثبوت ملي ٿو ۽ پتو پوي ٿو ته ھيءَ قوم، پنھنجي بھادري، سورھيائي ۽ شجاعت جي لحاظ کان ھڪ غير معمولي ۽ شاندار روايتن جي وارث رھي آھي. اھڙين شڪستن ۽ سنڌين جي روزانه جنگين ۽ جھڙپن کان ڪَڪ ٿي، سندن آزاديءَ جي جدوجھد کي تسليم ڪندي، آخر مغلن سنڌين کي خودمختياري ڏيئي ڇڏي ۽ اھڙي طرح سنڌ وري به ھڪ آزاد ملڪ جي حيثيت ماڻي، جنھن ۾ مادرِ وطن جي فرزندن جي عظيم قربانين کي بنيادي حيثيت حاصل آھي.