• راءِ گھراڻي جو دور
راءِ گھراڻي وارن سنڌ جي دفاع لاءِ وڏا ڪم ڪيا ۽ ھنن دفاعي نوعيت جا اھم قدم کنيا. ھنن مختلف جنگجو قبيلن کي منظم ڪيو. ڪيترن قلعن جي مرمت ڪئي ۽ متعدد نوان دفاعي مرڪز ۽ ڪوٽ تعمير ڪيا. ان دور ۾ سنڌ اندر آسودگي ھئي ۽ ڏُک ڏڪار جو نالو به نه ھو. فوجين کي بروقت پگھار ڏيڻ جو بندوبست ٿيل ھو. صوبن جي بچاءِ لاءِ مصبوط قلعا اڏيل ھئا. جھڙوڪ: سيواراءِ، ماٿيلو، الور، برھمڻ آباد، سيوستان، لورالائي ۽ ديبل. برھمڻ آباد جو قلعو برصغير ۾ مشھور ھو. ان جي بچاءَ لاءِ بھرور ۽ دھليلا ٻه ننڍا قلعا به ھئا. ھي قلعو ان دور ۾ وڏي دفاعي حيثيت جو مالڪ ھو. ابن خلدون ان کي، ھند جي مضبوط قلعن مان ھڪ سڏي ٿو. ابوالفضل لکي ٿو ته- ”برھمڻ آباد جو قلعو، ڪافي ايراضيءَ ۾ پکڙيل ھو، جنھن کي 14 سؤ برج ھئا. ھن ۾ ھڪ ئي وقت چاليھ ھزار لشڪر سمائجي سگھندو ھو.“ (برھمڻ آباد قلعي جي دفاعي حيثيت- غلام محمد لاکو. ماھوار پيغام- مارچ 1984ع) ھتان جا فوجي اعليٰ پائي جا تربيت يافته ھئا. ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ لکي ٿو ته، ”برھمڻ آباد جي قلعي جا ماڻھو، تِير ڪمان سان ليس ٿي، جنگي ھاٿين، گھوڙن ۽ پيرين پيادل، جنگ لاءِ ميدان ۾ ايندا ھئا. ڏينھن جو دشمن کي للڪارڻ، رات جو قلعه بند ٿي، شھر جي حفاظت ڪرڻ، راتاھا ھڻي دشمن جي رسد ۽ جانورن جو چارو بند ڪرڻ مخصوص قسم جي ٿري جنگ ڪرڻ، ھتي جي جنگي طور طريقن ۾ شامل ھئا.“ (برھمڻ آباد قلعي جي دفاعي حيثيت- غلام محمد لاکو. ماھوار پيغام- مارچ 1984ع)
ھن دور ۾، ايران جي حاڪم نيمروز سنڌ تي حملو ڪيو، جنھن جي حڪومت فارس، اصفھان، اھواز، بست زابل، سجستان، مڪران ۽ ڪرمان تائين ڦھليل ھئي. نيمروز ڪرمان جي رستي سنڌ ۾ آيو. ان وقت راجا سھيرسد اعليٰ لشڪر وٺي، نيمروز جو مقابلو ڪيو. (چچ نامو- سنڌي ترجمو- صفحو نمبر 15) تاريخ معصومي وارو لکي ٿو ته- ”ھو وڏي بھادريءَ سان وڙھيو“- ۽ اھڙي طرح پنھنجي ملڪ جي دفاع لاءِ وڙھندي مارجي ويو، پر نيمروز کي ڀڄائي ڪڍيو.
اھڙي طرح ھن دور ۾ به سنڌين پنھنجي اعليٰ فوجي مھارت جو ثبوت ڏنو.