• آرين جو دور
آريا ھڪ جنگجو قوم ھئا. سندن فوجي نظام ۽ وڙھڻ جو طريقو انوکو ھو. ھنن جنگ جو ھڪ ڌار شعبو قائم ڪيو ۽ اھو ڪم ڇتري (کتري) جي حوالي ڪيو. مگر ھر ذات وارو تربيت يافته ھو. رشِين ۽ برھمڻن جو گھڻو ڌيان ڌرمي ڳالھين ڏي ھوندو ھو ته به ھٿيارن ھلائڻ ۾ ڀڙ ھوندا ھئا. فوجن ۾ زرعي پيشه ور ۽ ھنرمند ڀرتي ڪيا ويندا ھئا، سنڌ جا راجا پاڻ لشڪر وٺي دشمن سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪرندا ھئا. ان وقت ڪمانڊر به مقرر ڪيا ويندا ھئا، جن کي سيناپتي چئبو ھو.. ننڍي فوجي عملدار کي گراماني چوندا ھئا. يروھتا ڪٽنبن جا برھمڻ جنگين جي نگراني ڪندا ھئا، جن کي وڏا برھمڻ پنھنجي طرفان، جنگين ۾ موڪليندا ھئا. برھمڻن جا ايجنٽ پروھت، جنگ جي ميدان ۾ راجائن جي سوڀ لاءِ پرارٿنائون ڪندا ھئا. (قديم سنڌ- ڀيرومل آڏاوڻي ص نمبر 224) لشڪر سان پروھت ھم رڪاب ھوندا ھئا. راجائون ۽ امير کشتري سادن رَٿن تي سواري ڪندا ھئا.
رَٿن جي کاٻي پاسي کان، فوجي ھلندا ھئا، رَٿن ھلائڻ وارا تجربيڪار ھئا. پيادا دوبدو لڙندا ھئا. مگر ھٿيار وٽن تير ڪمان ھئا ۽ ڪمانن کي ھو ڪَن تائين ڇڪيندا ھئا. تير ڪمانن کان سواءِ نيزن، ڀالن، ترارن، ڪھاڙين ۽ کانڀاڻين وسيلي پٿرن اڇلائڻ جو به ڏَس ملي ٿو. سپاھي زرھون ۽ خود ٻانھن تي غلاف به چاڙھيندا ھئا. تِير ڪانن جا ھئا، جن جو نوڪون سِڱن يا ڪنھن ڌاتوءَ جون جڙيل ھيون. ڪن ڪن موقعن تي، زھرناڪ تِير به استعمال ڪندا ھئا. جنگيون درياءَ جي ڪَپن تي لڳنديون ھيون. (تاريخ تمدن سنڌ- مولائي شيدائي- ص نمبر 51) جنگي جوڌا مخالف ڌر جي پٺيان جوش منجھان ڪاھي پوندا ھئا. جڌ مھل، سورھيه سپاھي پنھنجا جھنڊا کڙا ڪندا ھئا. جنگ شروع ڪرڻ مھل ڀيريون يا نغارا وڄائيندا ھئا ته پريان ئي سُڌ پوندي ھئي ته ھاڻي جنگ لڳي ٿي. جنھن مھل ڌوم مان ڌمالون وڄنديون ھيون، تنھن وقت مانجھي مڙس، شور مچائي، تِکا تِير کڻي، جنگ جي ميدان ۾ ڪاھي پوندا ھئا ۽ سندن شور پرانھن پَٽن ۾ پڙاڏا پيو ڪندو ھو. اوڏي مھل سارٿي، پنھنجا رَٿ تڪڙا تڪڙا ڪاھي، ناھموار پَٽن تان به ائين تِکا ويندا ھئا، جيئن ندين جو پاڻي ڪنھن وڏي لاھه تان لھي، تڪڙو تڪڙو وھندو آھي. پنھنجن گھوڙن جون واڳون، ٻنھي ھٿن ۾ قابو جھلي، دشمنن تي ائين وڃي پوندا ھئا، جيئن باز ڪنھن شڪار کي وڃي جھٽ ھڻندو آھي. گھڻن سوارن جا گھوڙا، ھڻڪارون ڏيندا، ھڪڙي ئي وقت، تڪڙا ڊوڙندا ھئا ته گھڻي لٽ اٿندي ھئي. ڪن جنگي جوڌن کي، ڪلھن تي ڀالا ھوندا ھئا ۽ جيڪي زيور پيل ھوندا ھئا، تن جو چمڪو پريان پيو پسبو ھو. ڪيترن جوانن کي پيرن ۾ ڪڙيون پيل ھونديون ھيون. ڪن جون سونيون زنجيرون، ڇاتيءَ تي پيون لڙڪنديون ھيون، ٻانھن ۾ پٽا پيل ھوندا ھئا. ڪن کي زرھه پيل ھوندا ھئا ۽ ڪمانون ڪلھن تي پيل ھونديون ھيون. سندن گھوڙن ۽ گھوڙين کي موتين جون ڪنٺون پيل ھونديون ھيون. جنگي سپاھين مان ڪي ھاٿين، گھوڙن ۽ رَٿن تي سوار ھوندا ھئا ته ڪي پيادا ھوندا ھئا. پٿرن رکڻ لاءِ تيرڪش يا بٿيون ھونديون ھيون. دوبدو لڙڻ مھل ڪھاڙا، نيزا ترشولن نموني جڙيل ھٿيار ڪم آڻيندا ھئا. ڪنھن جڌ ۾ سوڀارا ٿيندا ھئا ته ڀيرون يا نغارا زور سان وڄائيندا ھئا ۽ بلند آواز سان- ”جئي جئي ڪار“- منائيندا ھئا. (قديم سنڌ- ڀيرومل ص نمبر 398) جڏھن سوڀ ٿيندي ھئي ته انھن جي مال ملڪيت آل اولاد راجا جي غلامي ۾ اچي ويندي ھئي.
ان وقت سنڌ جي راجائن جا جنگ بابت ٻه ڌار اصول ھئا. ھڪڙن جو اصول اھو ھو ته پنھنجو ملڪ سنڀالي وھجي، ۽ ڪنھن ڌارئي کي پنھنجي ملڪ ۾ پير پائڻ نه ڏجي، تنھن ڪري جنگ فقط تڏھن ڪجي جڏھن غنيم ڪاھي اچي. ٻين جو مَتو ھي ھو ته خوامخواه به ٻين ملڪن تي ڪاھي کين پنھنجو ڏَن ڀرو ڪجي. ان زماني ۾ آرين جا سنڌ ۾ مختلف قبيلا ھئا. ھڪ قبيلو وشاني ھو، جيڪو سنڌ جي ھڪڙي ڀاڱي تي حڪومت ڪندو ھو. ٻيو قبيلو آنو ھو، جيڪو راوي نديءَ تي رھندو ھو، جنھنجو پنڊت پريگو خاندان مان ھو. دروھيو سندن ڀر ۾ رھندڙ ھو. سرسوتيءَ تي رھندڙ ترواسا ۽ يادو سندن طرفدار ھئا. سرسوتي پريان پورو ڀارتين جا پاڙيسري ھئا. ھنن قبيلن کان سواءِ، الينا ڪافرستان جي اتر اڀرندي ۾ رھندا ھئا. پڪٽا، (پختون) افغان، بھالاوا بولان دري تي رھندا ھئا، سيوا سيوستان، سيوي ۽ ھاڻوڪي قلات ۽ سيوستان (يوب ۽ لورالائي) پرڳڻن جا حاڪم ھئا. (تاريخ تمدن سنڌ- مولائي شيدائي- ص نمبر 33) آرين جي دور ۾، سنڌ واري ميدان ۾ ڏھن راجائن جي جنگين جو ذڪر ملي ٿو، جنھن کي ”دش راجن“ چئجي ٿو. اھي جنگيون ڀارتا يعني برھم ورتا جي رھاڪن ۽ اتر الھندي وارن قبيلن جي وچ ۾ لڳيون. ڀارتا وارن قبيلن جو راجا سوداس ھو، جيڪو ترتسو خاندان مان ھو. ھن جي ساراھه ۾ ڀنڊت وششارزمي گيت چيا آھن. وششا کانپوءِ وشامترا پنڊت ھو، جنھن جي نگراني ھيٺ ڀارتين بياس ۽ ستلج وارن سان جنگ جوٽي ھئي. پوئين جنگ پروشني (راوي) جي ڪپ تي لڳي ھئي، جتي سنڌو جي رھندڙ ڏھن آرين قبيلن مقابلو ڪيو ھو. پروشني واري جنگ سوداس، داسا، سمبارا، پني، پاراوات ۽ بريسايا قبيلن سان جنگيون ڪيون ھيون. سنڌ جي پراڻن رھاڪن مان دسيو راجا به آرين جو حمايتي ھو ۽ ان پنھنجي قبيلي سان گڏجي پنجاب جي پنجن راجائن سان جنگ ڪئي. ان کانسواءِ پني قبيلو به دراوڙن مان ھو، جنھن کي يونانين پرنيمي سڏيو آھي. ھي به ھڪ جنگجو قبيلو ھو، جنھن آرين جي جنگي مدد ڪئي.
آرين نه صرف سنڌ جي بقاءَ ۽ سالميت لاءِ جنگيون ڪيون. پر سندن سپاھيانه خصوصيت کي ڏسي ڀر وارا ملڪ به ساڻن ”دفاعي معاھدا“ ڪري، سندن فوجي خدمتون حاصل ڪري، پنھنجي سلطنت جي توسيع ۽ دفاع کي مضبوط ڪرڻ لڳا، جيڪا قديم سنڌين جي فوجي مھارت جي ھاڪ ۽ مقبوليت جي گواھي آھي.