• پَڇاڙي
سَرھا ڏٺم سي، جن ساڃاءِ سِراڻ سين،
تيغ تنين جي کي، ڪَٽُ نه لڳي ڪڏھين.
-
چار تراريون چيلھ سين، ٻَڌي ٻه پاڳون،
ايءَ اڳين جون آڳون، ڪانڌ قلعي ۾ موکيون.
خليفي نبي بخش چيو ته:
ڪٽاري ۽ ڪات، مَن مرادون پنيون،
رَت ڀريائون وات، مانجھين ھڏ مڇائيا.
سنڌي عورت جي بھادري ۽ سورھيائي به ضرب المثل آھي. ڀِٽ ڌڻي سنڌي عورت جي جذبءِ غيرت کي ھن طرح پيش ڪري ٿو:
ڀڳو آءٌ نه چوان، ماريوسين وسھان،
ڪانڌ منھن ۾ ڌَڪڙا، سيڪيندي سونھان؛
ته پڻ لڄ مران، جي ھوئنس پُٺ ۾.
خليفي نبي بخش چيو ته:
جي تون ڀَڄي آئين ڀڄڻا، ته آئون تنھنجي ڀيڻ،
نَٿ تنھنجي نَڪ ۾، وجھان ڏيئي ويڻ،
جي توڏي کڻان نيڻ، ته پَسان پنھنجي پُٽ کي.
سنڌي قوم جي انھيءَ بھادرانه صلاحيت ۽ قرباني جي انگ کي؛ انگريزن پنھنجي پاند وٺڻ لاءِ غلط پروپئگنڊا ڪري سندن فوجي معيار کي ڌَڪ لڳايو. روزانه ڪاروان جو ايڊيٽر لکي ٿو ته، ”انگريزن کي سنڌ جي متعلق جيڪي بدگمانيون ھيون، تن جي پيش نظر ھنن نه فقط سنڌ جي ماڻھن کي، فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ جو موقعو نه ڏنو پر ھنن کي سنڌ جي انتظامي طرح الڳ صوبو بڻائڻ يا مغربي پاڪستان جي ڪنھن ٻئي قريبي علائقي سان ڳنڍڻ بدران ان کي بمبئي جي ھندو اڪثريت واري صوبي جو حصو بڻائي ڇڏيو.“ ساڳئي طرح روزانه مھراڻ جو ايڊيٽر لکي ٿو ته- ”انگريزن ڏٺو ھو ته سنڌي محب وطن ۽ غيور قوم آھي ۽ ڪنھن به قيمت تي پنھنجي عزت ۽ غيرت کي وڪڻڻ وارا نه آھن. اھو اندازو ھنن انھيءَ امر مان لڳايو ته اُھا سنڌ ئي ھئي، جيڪا ھندوستان جي ٻين سڀني علائقن کان پوءِ قبضي ۾ آئي ۽ اُھي سنڌ جا احرار ئي ھئا؛ جيڪي انگريزن جي حڪومت سان آخري وقت تائين لڙندا رھيا. ليڪن انگريز وڏا سياستدان ھئا، جن سنڌين کي فوج ۾ ڀرتي نه ڪرڻ جو عذر اِھو پيش ڪيو ته سنڌي بزدل ۽ تن آسان آھن ۽ نه صرف اھو پر انگريزن سنڌين جي دل ۽ دماغ ۾ پڻ بزدلي ۽ تن آسانيءَ جي اثرات کي داخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ساڳئي وقت پروپئگنڊا جي مھم کي ايترو ته تيز ڪري ڏنو جو بيرون سنڌ ۾ پڻ اھو تاثر پئدا ٿي پيو ته سنڌي گِيدي ۽ سست آھن.“ انگريزن جي انھيءَ پروپئگندا جو اھو نتيجو نڪتو جو سنڌين لاءِ عام چوڻ ۾ آيو ته اھي بزدل آھن، ڪانئر آھن، ڊڄڻا آھن، چُلھ جا مارنگ آھن ۽ مارشل ريس نه آھن، ان ڪري کين فوج کان پري رکيو ويو.
1947ع کان پوءِ، جڏھن انگريزن جو منحوس ۽ ملعون پاڇو، اسان تان ھٽيو تڏھن سنڌ جي عوام پر زور مطالبو ڪيو ته کين فوج ۾ شامل ڪيو وڃي. سنڌ جي روزانه اخبارن جا ادارتي نوٽ ھن امر جي نشاندھي ڪن ٿا ته سنڌين فوج ۾ شموليت لاءِ ھر وقت پئي رڙيون ڪيون آھن. پاڪستان جي حڪومت، سنڌين کي فوج ۾ شامل ڪرڻ لاءِ، پيٽارو ۾ 1959ع ۾ ھڪ فوجي تربيت گاھه قائم ڪئي. ان موقعي تي روزانه ڪاروان جي ايڊيٽر لکيو ته، ”غلاميءَ جي منحوس ۽ ملعون دور جي خاتمي ۽ فوجي قيادت جي بر سر اقتدار اچڻ کان پوءِ، سنڌ کي موقعو مليو آھي ته ھو پنھنجي تاريخ ڏانھن موٽي ۽ سنڌي جوان پنھنجي وطن جي ناموس لاءِ بھادري ۽ قربانيءَ جا اھي ساڳيا جوھر ڏيکارين، جيڪي سؤ ورھيه اڳ ھنن کان سندن مائرون، ڀينرون ۽ زالون طلب ڪنديون ھيون. اسان کي اميد آھي ته، پيٽاري جو فوجي ڪاليج، سنڌ جي سُتل فوجي روح کي جاڳائيندو ۽ ھن ڪاليج مان تربيت حاصل ڪري اھڙا جوان نڪرندا جيڪي ملڪ ۽ قوم جي اڳواڻي ڪندا ۽ ملڪ کي ترقي ۽ خوشحاليءَ ڏانھن وٺي ويندا.“
سنڌين کي فوج ۾ ڀرتي ڪرڻ لاءِ روزانه الوحيد 12 مارچ 1952ع تي ڪي رِٿون ۽ مشورا پيش ڪيا ھئا جن جي ايتري ئي اھميت آھي جيتري اڳ ھئي. ان ڪري مان اھي ھِت پيش ڪريان ٿو ته، جيئن حڪومت انھن تي غور ڪري.
(1) پاڪستاني فوج ۾، سنڌ مان سپاھين جي ڀرتيءَ لاءِ ھڪ بورڊ قائم ڪرڻ گھرجي، جنھن تي سنڌ جي سڀني اثر رسوخ ۽ معزز ھستين کي نامزد ڪيو وڃي ته جيئن ھو پنھنجي اثر رسوخ ذريعي، سنڌي نوجوانن کي پاڪستاني فوج ۾ ڀرٿي ٿيڻ لاءِ شوق ڏيارين. جيڪڏھن ائين ڪيو ويو ته، سنڌ جي ڪافي نوجوانن کي پاڪستاني فوج ۾ ڀرتي ڪري سگھبو.
(2) سرڪار طرفان، سنڌ جي مشھور ۽ مصروف اديبن ۽ شاعرن تي، مشتمل ھڪ ڪميٽي مقرر ڪرڻ گھرجي جا سليس سنڌي مضمونن، شعرن، غزلن، بيتن، نظمن وغيره ذريعي سنڌي نوجوانن ۾، فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ، چاھه پئدا ڪرائي. ان ڪميٽي طرفان ڪي دلچسپ ۽ دلپذير اشتھار وغيره پڻ شايع ڪرائي سنڌ جي مختلف حصن ۾ تقسيم ڪرڻ گھرجن ۽ اھي سنڌ جي جدا جدا اخبارن ۾ شايع ڪرائڻ گھرجن.
(3) سنڌ جي مختلف ڪاليجن ۽ ثانوي اسڪولن جي سمجھدار شاگردن کي درخواست ڪئي وڃي ته ھو رضاڪارن جا جٿا ٺاھي، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گشت ڪري ۽ مختلف ھنڌن تي ميٽنگون ۽ جلسا ڪري، تقريرن ذريعي سنڌين ۾ فوجي روح پئدا ڪن ۽ سنڌين جي دلين ۽ دماغن مان فوجي زندگي متعلق غلط فھمين دور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪن.
(4) جيڪي به سپاھي ڀرتي ٿين، تن لاءِ لوئر سنڌ بئراج واري زمين مان ڏھه ايڪڙ في سپاھي جي حساب سان مخصوص ڪري، اھا کين پينشن طور عطا ڪرڻ گھرجي.
(5) ڀرتي ٿيندڙ سپاھين کي پنجن سالن جي عرصي لاءِ سنڌ کان ٻاھر نه موڪليو وڃي ۽ انھن کان فقط سنڌ جي سرحدن جي حفاظت جو ڪم ورتو وڃي.
آفيسرن جي لاءِ ضروري آھي ته اھي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سفارشن موجب ڪرڻ گھرجن ۽ خاص سنڌ لاءِ فوجي آفيسرن جي لياقتن ۾ ترميم ڪئي وڃي. مثال طور موجوده وقت ۾ فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ جيڪا 21 سال عمر آھي، تنھن کي وڌائي 30 سال ڪيو وڃي. آفيسرن کي ڀرتي ڪرڻ وقت تمام سخت حلف نامن تي صحيحون ڪرايون وڃن ۽ انحرافي ڪندڙ کي سزا ڏني وڃي.
1952ع ۾ حڪومت پاڪستان، فوج ۾ سنڌين کي ڀرتي ڪرڻ لاءِ ھڪ رڪروٽمينٽ انڪوائري ڪميٽي قائم ڪئي، جنھن سنڌين کي فوج ۾ ڀرتي ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ سنڌ ريجمينٽ ٺاھڻ جي سفارش ڪئي، پر پوءِ مجاھد فورس قائم ڪري، سنڌين کي ڀرتي ڪيو ويو. سنڌ جي اخبارن سنڌ ريجمينٽ قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي لکيو ته، ”سنڌ واسي، جداگانه ريجمينٽ جي تقاضا ان ڪري، ڪري رھيا ھئا جو ھنن محسوس ٿي ڪيو ته انھيءَ ريجمينٽ جا آفيسر خواھه انسٽرڪٽر به سندن پنھنجا سنڌي ھوندا، جيڪي نه صرف سندن غيرت ۽ عزتِ نفس جو خيال رکندا پر کين ٽريننگ جا اشارا وغيره به آسانيءَ سان سمجھائي سگھندا. ائين ڪرڻ سان سنڌين کي اھو يقين ٿي ويندو ته سندن جذبات جي مجروح ٿيڻ يا سندن روايات جي توھين ٿيڻ جو امڪان نه رھندو.“ اھڙي طرح روزانه الوحيد، ڪاروان، نواءِ سنڌ، ھفتيوار آزاد، سنڌ ريجمينٽ جي قيام لاءِ لکنديون رھيون ۽ عوام به پر زور مطالبو ڪندو رھيو. آخر 1973ع ۾ سنڌ ريجمينٽ وجود ۾ آئي، مگر اڃا تائين ڪو خاطر خواه نتيجو نه نڪتو آھي. فوج ڀرتي ڪرڻ لاءِ، ڪيترائي دفعا ڀرتي ڪاميٽين، سنڌ جي ڳوٺن ۾ چڪر لڳايا آھن، پر سنڌين ان ۾ گھٽ چاھه ورتو آھي.
ھيءَ ھڪ حقيقت آھي ته سنڌ ۾ اڃا به نيم جاگيردارانه نظام موجود آھي. ھتان جو عوام وڏيرن، پيرن، سيٺين ۽ زميندارن جي ظالمانه چنبي ۾ جڪڙيل آھي. ان ڪري ضروري آھي ته حڪومت، سنڌ جي پيرن، سيدن، زميندارن ۽ سردارن جو مڪمل تعاون حاصل ڪري. پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ به اتان جي عوام کي، معزز ۽ اثر رسوخ وارن ماڻھن جي معرفت ئي فوج ۾ ڀرتي ڪرايو ويو آھي. اھڙي طرح جيڪڏھن سنڌ جا اھي افراد، فوج ۾ دلچسپي وٺندا ته شايد سٺو نتيجو نڪري سگھندو ۽ عوام فوج ۾ دلچسپي وٺندو.
(1) سنڌ جي سڀني اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ فوجي تربيت لازمي قرار ڏني وڃي ۽ تيستائين ڪنھن به شاگرد کي امتحان ۾ ويھڻ جي اجازت نه ڏني وڃي، جيستائين ھو پنھنجي ڪاليج، يونيورسٽي يا اسڪولن لاءِ مقرر ڪيل فوجي عملدارن طرفان فوجي ڪورس پوري ڪرڻ متعلق، سرٽيفڪيٽ پيش نه ڪري.
(2) سنڌ جي مختلف سياسي جماعتن طرفان متحده طور ساري سنڌ ۾ يومِ سنڌ ريجمينٽ ملھايو وڃي ۽ ان ڏينھن تي صوبي جي ھر ڳوٺ ۽ شھر ۾ جلسا ۽ ميٽنگون ڪري، اھڙيون تقريرون ڪيون وڃن، جيئن سنڌي نوجوانن ۾ فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ جو شوق ذوق پئدا ٿئي. اھو سارو انتظام يونين ڪائونسلن ۽ تعلقي ڪائونسلن جي حوالي ھجي.
(3) سنڌ جي وڏن ميلن ۽ ملاکڙن جي موقعن تي اتان جي ضلع ڪائونسل، ادبي ۽ سماجي تنظيمن جي تعاون سان فوج ۾ ڀرتي ڪندڙ ڪاميٽي، فوجي پريڊن، فوجي ڪرتبن ۽ ورزش جو انتظام ڪري ۽ فوجي ڀرتي لاءِ زور شور سان پروپئگنڊا ڪري.
(4) اخبارن، ريڊيو ۽ ڪتابچن ذريعي سنڌ جي نوجوانن ۾ حب الوطني، مردانگي، فوجي لوازمات ۽ انعامات جو پرچار ڪري، سنڌين کي آماده ڪيو وڃي.
(5) سنڌين جي ذاتي وير ۽ ڪيني، پراڻن پلاندن، قبائلي لڙاين، چورين ۽ ڌاڙي واري رجحان کي ختم ڪرڻ لاءِ ضروري آھي ته تعليم کي عام ڪيو وڃي ۽ تَر جي با اثر ۽ مقتدر شخصيتن تي ضابطو رکجي. اھڙي طرح سنڌين ۾ قومي ۽ سياسي شعور پئدا ڪري، سندن بھادري ۽ سورھيائي واري عنصر کي منظم ڪري ملڪ ۽ ملت جي اصلاح لاءِ ڪم وٺڻ لاءِ فوج ۾ ڀرتي ڪجي.
ھنن چند تجويزن تي جيڪڏھن عمل ڪيو ويو ته لازمي طرح سنڌي، فوج ۾ شامل ٿي، پنھنجون سابقه روايات کي بحال رکي، پنھنجي جنم ڀوميءَ لاءِ سِر ڌڙ جي بازي لڳائڻ کان نه ھٽندا. ھن وقت به، سنڌين ۾ اھائي بھادري ۽ سورھيائي موجود آھي. ميجر جنرل وصال محمد لکي ٿو ته: ”آئون سنڌ جي بھادر ماڻھن جو قدر ڪريان ٿو، جيڪي سنڌ جي فتح يعني 1843ع کان وٺي ڌارين اڳيان نه جھڪيا آھن.“ ان ڪري لازمي آھي ته سنڌ جي ھر فرد کي محب وطن سمجھي سندس قدر ڪيو وڃي ۽ کين بزدل، ڪانئر، ٽوٽي ۽ وطن دشمن جھڙا حقير ۽ برطانوي حڪومت جي غلامانه دور وارا لفظ استعمال نه ڪيا وڃن. سنڌي محب وطن، سورھيه ۽ بھادر آھن. سندن اعلان آھي ته:
بہ گريز دا از صف ماھر که غوغا نيست،
کسي که کشتا نه ثه از قبيلهءِ ما نيست
يعني ڀاڙيو اسان جي صِفن مان ڀڄي وڃي ۽ جيڪو سِر اڏيءَ تي رکڻ لاءِ تيار نه آھي، سو اسان جي ڪٽنب مان نه آھي.
تاريخ ھڪ منتقل فن آھي. تاريخ قوم جو عظيم ورثو آھي. تاريخ قوم جي تجربي گاھه آھي. تاريخ جي لئبارٽريءَ ۾، قوم جي نسل کي عظيم درس ڏنو وڃي ٿو. قوم افراد جو مجموعو آھي ۽ فرد تاريخ جي پئداوار آھي. تاريخ نئين نسل جي تعمير ڪندي آھي. تاريخ فرد ۾ حب الوطني جو جذبو، ٻَڌي، اتحاد، کَري ۽ کوٽي جي سُڃاڻ، پنھنجن ۽ پراون جي پَرک، احساس خود شناسي، احاس بالاتري ۽ غدارن جي ڄاڻ پئدا ڪندي آھي. تاريخ ھڪ روشن مينار آھي جيڪو پُٺيان ايندڙ افراد جي رھنمائي ڪري، منجھن اباڻي ورثي جي ساڃھ پئدا ڪندي آھي. تاريخ زندھه قومن جي جيون جو نشان آھي. قوم جي زندگيءَ جو اھڃاڻ آھي. جنھن قوم جي تاريخ نه آھي اھا قوم دنيا ۾ پنھنجو وجود برقرار رکي نٿي سگھي. تاريخ اھو روشن ڏيئو آھي، جيڪو ملڪ ۽ ملت جي بقا جو راز ٻڌائي ٿو. تاريخ اھو آئينو آھي، جنھن ۾ قوم جي شاندار ماضي جو اولڙو نظر اچي ٿو ۽ اھا قوم ان اولڙي جي رھبريءَ ھيٺ حال ۽ مستقبل جي تعمير ڪري ٿي. تاريخ ھڪ قوم جي نئين تعمير ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿي ۽ نئين نسل جي تربيت ڪري ٿي. اھوئي سبب آھي جو زندھه ۽ خوددار قومون، پنھنجي تاريخ کي محفوظ ڪنديون آھن. پنھنجون تاريخي روايتون نئين نسل تائين پھچائڻ لاءِ وڏا وڏا ادارا قائم ڪنديون آھن.
اسان جي تاريخ عظيم آھي. اسان جو تاريخي ورثو قابلِ فخر آھي. اسان زندھه قوم جا فردَ آھيون، اسان جي قوم تاريخ ۾ اڻ مِٽ نقش ڇڏيا آھن. اسان ھڪ فوجي ۽ جنگجو قوم جا وارث آھيون. اسانجن وڏن، پلنگن ۽ سيجن تي رڳڙي رڳڙي، عزرائيل سان منھن نه ڏنو پر ھنن جنگ جي ميدان تي دشمنن سان لڙندي، گھاءَ کائيندي ۽ ترارون ھلائيندي، جان قربان ڪئي. ھو موت کان نه ڊنا پر ان جي مُرڪندي آجيان ڪيائون. اسانجن ننڍڙن نؤنھالن، ٻارن ۽ مکڙيءَ جھڙي زندگي گذاريندڙن، ننگر سومري، خاڪي لنگ، مير حسين علي ٽالپر جھڙن اکين ٺارن ۽ ھِئين جي ھارن کي به مائرن ۽ ڀينرن ھٿيارن سان ليس ڪري ڳراٽڙي پائي وطن جي ويرين ۽ ديس جي دشمنن سان وڙھڻ لاءِ روانو ڪيو.
سماج تغير پذير آھي. اڄ جو دور سائنٽفڪ دور آھي. صدين واريون ڳالھيون اڄ نه آھن. اسان سنڌي پنھنجو وجود، ھن سنگلاخ زمين تي تيستائين سلامت رکي نه سگھنداسين، جيستائين پاڻ ۾ فوجي صلاحيت ۽ سپاھيانه شعور پئدا نه ڪنداسين. فوج ۾ شامل ٿيڻ اسان جي روايت آھي ۽ دشمن سان منھن ڏيئي وڙھڻ اسان جو شيوو آھي. ترارن جا گھاءَ کائڻ اسان جو مَرڪ آھي ۽ موت سان لائون لھڻ اسان جي تھذيب آھي ۽ ھا، سپاھي ٿي ڀينرن ۽ مائرن جي حفاظت ڪرڻ اسان جي ثقافت آھي.
اھي ڳالھيون ڌيان ۾ رکي، مون ھي مختصر ڪتاب تاليف ڪري، نوجوانن جي خدمت ۾ پيش ڪندي عرض ڪريان ٿو ته اچو- اڳڀرا ٿيو، وِک وڌايو پنھنجو اباڻو ورثو سنڀاليو. وَر وَر ڪري اوھان کي سڏيو ٿو وڃي. سنڌ ريجمينٽ ۾ شامل ٿيو. فوج ۾ ڀرتي ٿيو. اھڙي طرح اوھان پنھنجو ۽ ملڪ ۽ ملت جو مستقبل روشن ڪري سگھندؤ.
دادا سنڌي
جنوري 1985