سنڌ شناسي

سُکاري سنڌ ڏکارا ماڻهو

جيمس مئڪمرڊو جو هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙيون جهاتيون آهن، جن ۾ هن حڪمرانن جي سياسي سازشن ۽ گهرو جنگين جي بجاءِ سنڌ جي تمدني حالتن، معاشرت ۽ صدين کان ڏکن ڏولاون ۾ گهاريندڙ سنڌي ماڻهن جو احوال قلمبند ڪيو آهي.
Title Cover of book سُکاري سنڌ ڏکارا ماڻهو

مهاڳ

انگريز جڏهن هندستان ۾ آيا هئا ته ان وقت ارادو هو ته واپاري سگھ طور هو هتي پنهنجا پير ڄمائن. ان ارادي سان هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ جاچي ڏٺي هئائون. جڏهن مغل طاقت پنهنجي سگهه وڃائي ته هندستان ۾ وڳوڙي وايومنڊل پئدا ٿي پيو. ايسٽ انڊيا ڪمپني ان منجهيل صورت حال جو فائدو وٺي، پنهنجي تجارتي مفادن کي وڌيڪ مظبوط ڪرڻ لاءِ هندستان جي سياست تي قبضو ڪري ورتو. اهڙي ريت ارڙهين صدي ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني، هندستان جي مختلف ملڪن خلاف وڏي طاقت ٿي اڀري. هندستان ۾ پنهنجي ۾ پنهنجي سياسي سگهه کي پختي ڪرڻ کانپوءِ، خاص طور تي سندن سنڌ ڏانهن رويو هڪدم ڦري ويو. پهريائين ايسٽ انڊيا ڪمپني جا سنڌ سان ناتا ۽ لاڳاپا واپاري هئا جيڪي مٽجي سياسي ٿي ويا. اهڙن سياسي/ واپاري لاڳاپن جي شروعاتي نمائندگي ناٿن ڪروNathan Crow ڪئي، جيڪو 1799ع کان 1800ع تائين سنڌ جي درٻار ۾ انگريزن جي عيوضي هو. جڏهن انگريزن جي سياسي سگھ اڃا به مضبوط ٿي ۽ اهو نه محسوس ڪيو ويو ته ايران، روس ۽ افغانستان، هندستان تي حملو ڪرڻ وارا آهن، ته سنڌ ۾ سندن مفاد ويتر وڌي ويا ۽ پهرين واپاري لاڳاپن کي نظر انداز ڪري سياسي لاڳاپين کي فوقيت ڏني ويئي.
هي اهو دور هو جو برطانيه جي لنڊن وارن حڪمرانن ۽ هندستان جي اعلى اختياري وارن کي سنڌ باب معلومات جي اچي هورا کورا لڳي هئي ۽ اهو ڄاڻڻ پئي چاهيون ته هن ملڪ جي تاريخ ڇا آهي، پيداواري ذرئعا، زرعي اپت، ڍل ۽ فوج، ڪيتري آهي، سياسي حالتون ڪهڙيون آهن۽ حڪومت ڪرڻ جو نمونو ڪهڙو آهي. ناٿن ڪرو پهريون انگريز آفيسر هو جنهن بابت سياست سان لاڳاپيل ڳالهيون قلمبند ڪري انگريزن جي بمبئي حڪومت کي پيش ڪيون. اهڙين حقيقتن کي قلمبند ڪرڻ جي ٻئي ڪوشش ڪئپٽن جيمس مڪمرڊو جو لکيل احوال سندن ذاتي مشاهدي ۽ مطالعي سان واسطو رکي ٿو، پر سندن احوالن ۾ ڪجھ اختلاف به نظر اچي ٿو. ڪرو جيڪو حال احوال سيڙي ڪٺو ڪيو آهي، سو سياست سان وڌيڪ لاڳاپيل آهي. ان جي ڀيٽ ۾ مڪمرڊو جو قلمبند ڪيل احوال عالماڻو آهي.پر هن جيڪا به جاچ پڙتال ڪئي آهي، تنهن ۾ سياسي پهلو به مضمر آهي، جيڪا ان زماني ۾ هندستان اندر انگريز آفيسرن جي نمايان خوبي هوندي هئي.
ڪئپٽن جيمس مڪمرڊو ڊمفري شائر Dum Fire Shire جي ميجر مڪمرڊو جو ننڍو پٽ هو. جڏهن هو ننڍو هو ته سوچيندو هو ته هو به جيڪر پنهنجي پيءُ جيان فوجي ٿئي ۽ ويچاريندو هو هو وڏو ٿي خشڪي يا بحري فوج ۾ نوڪري ڪندو. اهو انگريز سامراج جي اوج جو دور هو. ان زماني ۾ هر انگريز نوجوان جي خواهش هوندي هئي، ته هو فوج ۾ ڀرتي ٿي غلام ملڪن ۾ وڃي پنهنجو نالو ڪڍي ۽ وڌ کان وڌ ناڻو ڪمائي. مڪمرڊو به اهڙي مقصد سان فوج ۾ ڀرتي ٿي هندستان آيو ۽ جنرل اليگزينڊر واڪر جي هيٺيان ڪم ڪرڻ لڳو، جيڪو ان زماني ۾ بڙودا ۾ ريزيڊنٽ هو. هو پنهنجي نوڪري واري زماني ۾ هندستان جي ٻولين جهڙوڪ فارسي ۽ اڙدو جو گهڻو اڀياس ڪيو. ٿوري عرصي کانپوءِ هيءُ سر جان ايبرڪرومبي، Sir Jhon Abercom bie هيٺيان ڪم ڪرڻ لڳو ۽ هن سان گڏجي ماريشيس Maurtious expendition ۾ شريڪ ٿيو. هن سنه 1812ع ۾ وري هندستان موٽي آيو ۽ کيس ڪڇ جو پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ڪيو ويو. ان حيثيت ۾ هن ڪڇ، سنڌ ۽ مڪران جي سامونڊي ڪناري کي گهمي ۽ جاچي ڏٺو. جڏهن هن سنڌ جو سامونڊي ڪنارو ڏٺو ته کيس سنڌ جي تاريخ بابت معلومات هٿ ڪرڻ لاءِ اڻ تڻ لڳي. هن سنڌ جي تاريخ تي فارسي ٻولي ۾ ڪتاب گڏ ڪرڻ شروع ڪيا ۽ ان بابت ويساه جوڳي ڄاڻ حاصل ڪري ورتائين، هن کي 1814ع ۾ ڪڇ جي دنگ جهلواڙ Jhalwar ۾ پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ٿيو. 1816ع ۾ هو هڪ وفد ساڻ ڪري ڪڇ جي راءِ ڏانهن روانو ٿيو، انهن مقصد سان ته جيئن کي انهن ڌاڙيلن جي سهائتا کان روڪي، جيڪو بمبئي جي انگريزي سرڪار جي اتر اولھ واري دنگ سان کئونس مچايون بيٺا هئا. ان کان پوءِ کيس ڪڇ جو ريزينڊٽ آفيسر به مقرر ڪيو ويو. مڪمرڊو کي هڪ اهم سياسي حيثيت حاصل هئي ۽ وقت به گهڻو هئس، تنهن ڪري سنڌ جي جاگرافي ۽ تاريخ جي مطالعي ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺڻ لڳو. سنڌ جو احوال ۽ سنڌو بابت سندس يادگيريون ان کوجنا جو نتيجو آهن. ڪئپٽن مڪمرڊو گهڻو وقت زنده ڪانه رهيو. هن 26 اپريل 1820ع ۾ مهامري ۾ وفات ڪئي ۽ ان وقت سندس ڄمار 35 ورهيه هئي.
مڪمرڊو جو سنڌ بابت قلمهند ڪيل احوال سنڌ جي جاگرافي ۽ تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. جڏهن هو سنڌ جي تاريزخ بيان ڪري ٿو ته حڪمرانن کي ته ڇهي به ڪونه ٿو، نه يوري سنس درٻارن، سياسي سازشن ۽ گهرو جنگين ڏانهن ڌيان ڏئي ٿو. پر ملڪي آبهوا، پئدائش، جانورن ۽ ماڻهن ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏئي ٿو. مڪمرڊو ان تاريخ کي آڏو آندو جنهن کي شاهي مورخ پاسو ڪندا هئا. سندس مشاهدو تيز هو ۽ کوجنا ۾ ڏاهپ کان ڪم ورتو اٿائين. هو رڳو واقعن جو بيان ڪونه ٿو ڪري پر انهن کي چڱي ريت ڇنڊ ڇاڻ ڪري ٿو ۽ جاچي پرکي ڏسي ٿو. پر ان هوندي به سندس سامراجي سوچ ۽ گوري نسل سان تعلق هجڻ الڪاري به سگهجي ٿو، پر مجموعي طور تي سندس سنڌ بابت ڏنل احوال گهڻو ڪارائتو آهي ۽ هن احوال جي مدد سان سنڌ جي تاريخ کي چڱي ريت سمجهي سگهجي ٿو.
مڪمرڊو، سنڌي سماج جي ريتن رسمن جو ڏاڍي ڌيان ۽ گيان سان مطالعو ڪيو آهي. ان جو مثال اهو آهي ته جڏهن هن اٺن جو ذڪر ڪيو آهي تڏهن هو ٻڌئي ٿو ته سنڌ جا ماڻهو اٺن تي سواري ڪرڻ عيب ڪرڻ ڪونه سمجهندا آهن. پر پلاڻڻ مهل هن ڳالھ ڏانهن ڌيان ضرور ڏيندا آهن ته پاکڙو سهڻو گاشو ٺاهوڪو ۽ تنگ موهيندڙ هجي. مهار ۾ ٽؤنر لڳل هجن. ناڪيلي ۾ نفاست ۽ نزاڪت هجي، ڳچي ۾ ڳانيون ۽ مئنڌ هجن جن ۾ ڪوڏن ڪوڏين ۽ ٽئورن جي لڙه لڳل هجي ۽ آڏو ڳوربند ۾ جهاٻا جهائين جهالر لايو بيٺا هجن. رڪيب نوان ۽ دوالن تي سيم جي سنجهٽ ٿيل هجي. حڪمران طبقي بابت احوال اوريندي بيان ڪري ٿو ته اسان جي سياسي سگھ فوجي طاقت ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ تي رکيل آهي. انهن ڳالهين مان اسان کي چڱي ريت پوي ٿو ته، ان وقت سنڌي سماج ڄڻ قديم دور سان واڳيل هڪ پوکي راهي واري نيگات هئي. وڻج ۽ واپار جيڪو سترهين صدي تائين جاگيردار طبقو پراڻين ڳالهين کي چچڙ جيان چنبڙيو پيو هو ۽ سنڌي سماج کي نواڻ ڏانهن نيڻ لاءِ ڪنهن کي به اون ڪونه هئي. توڙي جو يورپي قوموي نئين دور جي نواڻ جي سنهيا کڻي وٽن اچي سهڙيو هيون، ان هوندي به سياسي واڳ ڌڻين پنهنجي قوم جي ماڻهن جي پٺڀرائي ڪري نئين صنعتي کيتر ۾ پير پائڻ ساڃھ نه ڏني نه ۽ وري واپار ۽ تجارت جي همت افزائي ڪئي.
مڪمرڊو سنڌين جي سستي ۽ ڪاهلي ڏانهن به اشارو ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته اهڙي سستي ۽ ڪاهلي جا الائي ڪهڙا سبب آهن؟ ڪوبه ماڻهو پنهنجي سڀاءُ ۾ سست ۽ ڪاهل نه هوندو آهي پر ماحول، سماجي ۽ سياسي حالتن سبب ماڻهن مٿان ڪا ڳهر ڇائنجي ويندي آهي. جيڪڏهن سنڌ جا ماڻهو سست ۽ ڪاهل آهن ت اهو ملڪ جي سياسي ۽ سماجي وايومنڊل جو ڏوه آهي. صدين کان وٺي هتان جي مدي خارج جاگيرداري نظام پورهيت ۽ هاري جو رت ۽ ست چوسي پنگلو ڪري ڇڏيو آهي. ائين کڻي چئجي ته وڏيرا شاهي جي مُٺيءِ مَمَ عام ماڻهو جا گوڏا چٽي کيس ٻرهن تائين پهچڻ کان پري ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن هڪ ڀيرو ان ماڻهو کي پنهنجي پگهر ۽ پورهئي جي پتي نه ملي ته هن لوچ ۽ سوچ ڇڏي ڏني ۽ ويڳاڻو ٿي پورهئي کان ورچجي ۽ وانجهجي ويو. هو سوچڻ لڳو ته جيڪو پورهيو آتما کي اتمتا نه ٿو ڏئي ۽ پيٽ جو پورئو به نه ٿو ڪري سگهي ته پوءِ اهڙي لوچ مان ڪهڙو لوڀ؟ سنڌي ماڻهن جي غربت افلاس، جهل، سستي ۽ ڪاهلي جاگيرداري نظام ۽ حڪمران طبقي جي ڏاڍ ڏهڪاءِ ۽ ڪلور جو نتيجو آهي. سندس خيال آهي ته اهڙي ريت سنڌي به هندستان جي ٻين علائقن جي ماڻهن جيان نئين سوچ ۽ سرگرمي جي نت نڪور لاڙن کان پري رهجي ويو ۽ ان ويڳاڻپ ڪري سماج جي ترقي ۽ تعمير واسطي ڪو اهم ۽ تمايان ڪردار ادا ڪونه ڪري سهگيو. ڪنهن نئين سياسي سماجي ڦير گهيرسندن زندگي ۾ ڪا تبديلي ڪانه آندي. تهن ڪري هتان جي عام ماڻهو تاريخ نقطئه نگاه سان ڪو به نمايان ڪم سرانجام ناهي ڏنو. هو ماٺ ڪيو ويٺا ڏسندا هئا ته ڪيئن راڄ ڀاڳ هڪ گهراڻي کان منهن مٽي ٻئي گهراڻي جي در تي دستڪ ڏئي ٿو. پر ڪنهن به حڪمران گهراڻي سان ڏنڊا باٺا کڻي بانهن ٻيلي ڪونه ٿي بيٺا. مڪمرڊو جو هي بيان ڪيڏو نه صحيح نه آهي ته “اهم حقيقت اها آهي ته ايشيا جي ماڻهن حڪمرانن جي تبديلين ۾ ڪو به ڪردار ادا ناهي ڪيو. ڪنهن ننڍي وڏي جذبي امنگ ۽ اتساه کين ڪجھ ڪرڻ لاءِٰ ڪونه اڀريو آهي. انهن اهم واقعن کان به ڄڻ هو اڻ ڌريا رهيا جيڪي سندن ملڪ لاءِ ضروري ۽ خوشحالي لاءِلازم ملزوم هئا،” هن بيان تي ويچارجي ٿو ته هتان جي ماڻهن جي ويڳاڻپ جو صحيح اندازو ٿي وڃي ٿو.
هتان جي هندن، مسلمانن جي لاڳاپن تي به مڪمرڊو پنهنجي خيال جو اظهار ڪيو آهي جيڪو دلچسپي کان خالي ڪونه آهي. هن ڏاڍا جتن ڪيا آهن ته ساڙ سڙين ۽ ڪينا پرور حڪمرانن جي دور ۾ هندن خلاف تعصب جو لينگهو به لڀي پوي، پر اهڙي ثابتي ڳولي لهڻ م سوڀارو ڪونه ٿيو آهي ۽ ان ڪري ڏاڍو ڏکيو به ٿيو آهي. سندس بيان هن ريت آهي، “سنڌ جي هندن ۾ ذات پات وارو ويڇو نظر ئي ڪونه ايندو، جيڪو ٻئي هنڌ بدرجه اتم ڏسڻ ۾ اچي ٿو.” هو پاڻ به اها حقيقت قبول ڪري ٿو ته سنڌ ۾ هندن خلاف ڪا به نفرت ڪونه آهي. کين گهڻي مذهبي آزادي هئي. سنڌ جي حڪمرانن جي هندن تي گهڻو ويساه هوندو هو۽ هندو اهم سرڪاري عهدن تي مقررڪيا ويندا هئا. مسلمانن ۾ شيعي سني فرقي ۾ ڪو به ڪو متڀيدڪونه هوندو هو ۽ سڀئي ميٺ محبت سان گذاريندا هئا.
مڪمرڊو سنڌ جي فوجي طريقئه ڪار تي به پنهنجي خيالن جي روشني وجهي ٿو پر ان ۾ به سندس انگريز شاهي واري سوجهي لکي سگهجي ٿي. ان متعلق سندس بيان هن ريت آهي ته، “دنيا اندر جنگجو قومن جي جاگيردارنه فوجي نظا م گهڻو ڪري ٻٽاڪي هوندو آهي.” جيڪڏهن مٿن هڪ باظبطه منظم فوج حملو ڪندي ته ڀڄن لاءِ گس پيا گهاڙيندا. هن بيان ۾ هڪ سچي ۽ کري ڄاڻ ملي ٿي ته هندستان جي انگريز سرڪار سنڌ کي والارڻ جي تکي تاڙ ۾ ويٺي هئي.
اسان سمجهون ٿا ته هن سنڌ بابت جيڪا ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، سا پنهنجي پارئون ڪئي آهي پر هن انگريزن جي حڪمرانن طبقي کي اهم معلومات به فراهم ڪئي آهي، جيڪي سنڌ کي فتح ڪرڻ جا گهاٽ گهڙي رهيا هئا. سندس ڏنل معلومات وسيلي سنڌ جي حالتن کي جاچڻ ۽ پرکڻ لاءِ ڄڻ کين وڏي سهائتا ملي. خير! ڪن اوڻاين جي هوندي به، سندس بيان ڪيل حقيقتون سنڌ جي تاريخ جي شاگرد ۽ استاد لاءِ ڏاڍيون ڪارائتيون آهن
ڪئپٽن مڪمرڊو جي سنڌ بابت هيءَ معلومات برطانيه ۽ آئرلينڊ جي رايل ايشياٽڪ سوسائٽي 1834ع جي جلد I ڀاڱي II ۾ ڇپي هئي. اهڙي ريت سنڌ بابت معلومات جو ٻيو حصوجنهن کي هن “سنڌو جون ساروڻيون” جو عنوان ڏنو آهي، سو به ساڳي جرنل جي جلد I جي ڀاڱي I ۾ چپيو هو.

مبارڪ علي