جانور
سنڌ جهڙي ملڪ ۾ اٺ جو ڪارج گهڻ پاسائون آهي. خشڪي رستي ڏيهي واپاري مال اٺ وسيلي پيو ايندو ويندو آهي. سامونڊي ڪناري کان وٺي قنڌار تائين تجارتي مال اٺن ذريعي نيو ويندو آهي. ايڏي ڊگهي سفر تي هر هڪ اٺ تي ٻارهن اسٽون وزن سٿيو ويندو آهي. اٺن وارا قافلا سفر رات جو ڪندا آهن ۽ سورهن يا ويهه ميلن جي منزلن ڪري ڏينهن جو آرام ڪندا آهن. هي جانور جهنگ چري ڍوءُ ڪندو آهي. هنن حالتن ۾ ٻيو جانور بک ۾ مري ختم ٿي وڃي. اٺ اڃا ننڍو گورو هوندو آهي جو پاکڙي ۽ پلاڻ تي هيرايو ويندو آهي ۽ پوءِ جيئن گهوڙو هني تي هري ويندو آهي، تيئن اٺ به پاکڙي تي هري مري ويندو آهي ۽ ناقابل سفر تي يقين سفر تي به يقين ٿي ويندو آهي. اٺ جو وک وک پنڌ سوار لاءِ ٻَرو هوندو آهي، پر لَس يا ڪاھ وارو پنڌ سنجهو ٿئي. سنڌ ۾ وڏ گهراڻا ماڻهو اٺ جي سواري مان وڏ ڪونه ڪڍن ۽ نه وري ان کي گهٽ ڄاڻن. سفر کي سنجهي ڪرڻ لاءِ جتن ءِ جهد ڪيا ويندا آهن. پاکڙي کي سنجهو ۽ پٽ جهڙو ڪئنرو رکيو ويندو آهي. ان کانپوءِ اٺ جو هلڻ مس وڃي سهڻ جوڳو ٿيندو آهي. ٻين ملڪن جا اٺ سنڌ جي اٺ جهڙا سنجا ڀلا ۽ شاندار ڪونه آهن. اٺ جي پاکڙي ۾ وهن جا ٻه خانا ٿيندا آهن ۽ ان ڪپڙي مان ٺهيل هوندو آهي، جنهن جو بر ويڪرو هوندو آهي. مٿس ڀرت جو نازڪ ۽ نفيس ڪم ڪيو ويندو آهي . اڳئين خاني ۾ جت وهندو آهي. اٺ کي هلائڻ لاءِ مهار سندس هٿ ۾ هوندي آهي. ان مهار جا ٻئي ڇيڙا ، اٺ جي نڪ جي ٻنهي پاسي لڳل لاٽين ۾ ٻڌل هوندا آهن. جيڪي ڪاٺ جون هونديون آهن. انهن جي ڊيگھ ٻه انچ ٿيندي آهي. مٿان چوٽي وٽ بونبڙي هوندي اٿن. پٺئين خاني ۾ هٿيار بند همراھ ويٺل هوندو آهي، جيڪو پهريدار يا خدمتگار هوندو آهي. ايشيا ۾ لڳندڙ جنگين ۾ ڪتب ايندڙ “چڪر” اٺ تي ويهي سولائي سان ڪم آڻي سگهجي ٿو. سنڌ ۾ هن جنگي اوزار کي اٺ تي ويهي استعمال ڪرڻ جو گهڻو رواج آهي.
اٺ ٻئي ڪم ۾ به استعمال ڪيو ويندو آهي، جيڪو اڃا اوهان کي ٻڌايو ئي ڪونه اٿئون. اٺ کي نار ۾ جوٽي پوکي راهي پڻ ڪئي ويندي آهي. ڪاٿي وري هر کيڙيندي ۽ ڪاٿي وري گهاڻي ۾ گهمندي تيل پيڙيندي به ڏٺا ويا آهن. جن ماڻهن وٽ اوٺا وڳ هوندا آهن، سي ڏاچين جو کير به پيئندا آهن. چوندا آهن ته ڏاچي جو کير نرويو ۽ ڏپ وارو ٿيندو آهي. اوٺو کير ڏهڻ شرط ڪتب آندو وڃي ته ڀلو، جي گهڻو رکبو ته ٻين کيرن کان هجٽ ڦٽي ويندو آهي.
سنڌ جا گهوڙا ڏکن ڏاکڙن جا هيراڪ هوندا آهن ۽ مسافري ۾ پنهنجو پاڻ ۽ سوار واسطي ڏاڍا سنجها هوندا آهن. سوار هن کي جيڪي لاءِ، مُنَ سيکاريندو آهي، تنهن تي پيو هلندو آهي. هتي گهوڙا به جهجهي انگ ۾ پيا ڏسبا آهن. تجربي مان ثابت ٿيو آهي ته اتر سنڌ جي آبهوا گهوڙن جي موافق آهي. جيڪڏهن هن جانورن جي پالڻ تي چڱي ريت ڌيان ڏبو، ته هي اڃا به وڌي ويجهي سگهي ٿو.
سنڌ جا وڏا گهراڻا ماڻهو جنگي جوڌا ڏاڍا ويڙهاڪ هوندا آهن. جيڪڏهن ڪو ٺاهوڪڙو گهوڙو اک تي چڙهين ته بَها کي ڪونه ڏسندا قلال(7) جو گهوڙو وڌيڪ پسند ڪندا آهن، ايران ۽ قنڌار جي گهوڙي کي به گهٽ ڪونه سمجهندا آهن. انهن جي جوڙن مان جيڪي ٻهاڻ پيدا ٿيندا آهن، سي اهڙا ته ڀلا ٿيندا آهن، جو نه ڏي نه ڏس. هن ملڪ ۾ خچر جو نسل به سٺو ٿيندو آهي. هندستان جي خچر کان هتان جو خچر وڌيڪ ڀلو ٿئي ٿو. سنڌ جا خچر پانجيرا، قد وارا، سگهارا ۽ ڏاڍا سهڻا ملوڪڙا ٿيندا آهن. سفر ۾ سامان به ڏاڍو سولو هوندو آهي، جيڪي پنهنجي مالڪن سان گڏ ڊگهن سفرن تي هوندا آهن.
جيڪا جُوءِ درياھ کان دور هوندي آهي، اتي وري ڳائو مال جام هوندو آهي. خاص ڪري ملڪ جي اوڀارئين دنگ سان هڪ وسيع ڪشادو علا.ئقو جالاري جُوءِ آهي، جتي هر جنس جو ڳائو مال پيو ڇيڪ چرندو آهي. سنڌ جا مسلمان هن کي ڪهي کائيندا به آهن، ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات جا واپاري هي مال خريد ڪري اوڏانهن ڪاهي ويندا آهن. ڏاند قد جو پورو پنو ، سگهو متارو ۽ ڪم جو پهلوان ٿئي ٿو. ماهيو مال به تمام گهڻو آهي. غريب ۽ شاهوڪار وٽ هيءَ مال ملندو پر ماڻهو جي شاهوڪاري جو انداز مينهن، اٺن ۽ ٻڪرين جي تعداد مان ڪري سگهبو آهي. هندستان جا جيڪي به گهرو جانور آهن سي، سنڌ ۾ تمام گهڻا لڀندا. سنڌ جي ڌرتي تي شڪار جا جانور ايترا ته گهڻا آهن، جن جو ته ڪاٿو ئي ڪري ڪونه ٿو سگهجي. سنڌ ۾ پاڻي جا پکي ايترا ته گهڻا آهن جو دنيا ۾ ٻئي هنڌ ڪاٿي به ڏسڻ ۾ ڪونه ايندا. ڍنڍون، ڍورا، تلاءِ، ڇرون، سڀ هنن پکين سان ڀريل ڏسڻ ۾ ايندا ۽ هتان جي پورهيت طبقي جي پيٽ پالڻ جو ڄڻ هڪ وسيلو آهن. شڪاري جانورن مان بگهڙ ۽ گدڙ ته تمام گهڻا آهن، پر مير خان صاحب خان واري حصي ۾ چيتا به ڏٺا ويا آهن. سامونڊي کاريون ۽ درياھ جا ڦاٽ واڳن سان ڀريا پيا آهن. سنڌي ماڻهو واڳون جو احترام ڪندا آهن. کلن واسطي بجو ۽ ٻين جانورن جو شڪار ڪيو ويندو آهي. مذڪوره جانورن جي کلن جو اترئين علائقن ۾ وڏو اگھ آهي. هتي سوئر جام آهي. سنڌ جو ڇوٿون حصو ڍنڍن تلائن ۽ ڇرن جي والار هيٺ آهي. ۽ ان حساب سان هيءَ جانور به ايترو ئي گهڻو آهي. هتان جي شهزادن ۽ وڏ گهراڻن جو ڌنڌو ئي سوئر جو شڪار ڪرڻ آهي. مذهبي طور مسلمان آهن، پر هن ئي جانور جي شڪار واسطي گابن جيڏا وڏا ڪتا پاليندا آهن، جو ڏٺي پيو ڏيل ڏڪندو آهي. سنڌ ۾ سيبل(Sable) مڇي ٿيندي آهي جيڪا يورپي ڏاڍا پسند ڪندا آهن. سنڌي هن کي “پلو” سڏيندا آهن. ان جو ساءُ سواد سامن يا رانوس مڇي جهڙو ٿئي، پر ٻسانگن ڪنڊن سان ڀريل هوندو آهي، جيڪي پلي کائڻ ۾ تڪليف ڏيندا آهن.