برآمد ۽ درآمد
سمنڊ وسيلي جيڪو خاص واپار ٿيندو آهي، سو ڀاٽي ۽ لوهاڻا هندو ڪندا آهن، جيڪي سنڌ جا قديم رهاڪو آهن. ميمڻ ذات جا ڪي ٿورا مسلمان آهن، جيڪي تجارت جو ڌنڌو ڪندا آهن. باقي سنڌ جو اندروني واپار بنا فرق جي جيڪو چاهيندو ، سو ڪندو آهي. هنن کانسواءِ ڪي ملتاني آهن، سي به ڏوڪڙ پئسي جي ليکي چوکي ۾ ڀڙ آهن. پئسو پنجڙ به جام اٿن. سنڌ ۾ گهڻي وقت کان وٺي آباد آهن. دولت ڪري سندن سنڌ ۾ وڏي بيٺلائپ آهي، صراف آهن، پئسي جي ڏيتي ليتي ڪندا آهن. حڪومت تي چڱو خاصو اثر سروخ اٿن. اهي ملتاني، ڪابل، قنڌار، ملتان، قلاوت ۽ بهاولپور سان واپار ڪندا آهن. سندن واپار خشڪيءَ ۽ درياھ وسيلي هلندو آهي. هنن جي ماڻهن وسيلي مال جي درآمد ٿيندي آهي ۽ سڄي صوبي ۾ کپائي ويندي آهي.
پوري پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌ جي واپار کي تمام گهڻو وڌائي سگهجي ٿو. منجهس اهڙيون ڪي قدرتي نعمتون آهن، جن وسيلي يورپ ۾ تيار ٿيل تجارتي مال هنڌين ماڳين موڪلي سگهجي ٿو. سنڌ ان جاءِ تي واقع آهي، جتان هندستان جي اترئين علائقن ۾ ايران تائين پهچڻ ۾ دير ڪانه ٿي ٿئي. هتان جي آبهوا، ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي به ذري گهٽ يورپ جي ماڻهن جهڙي آهي. هتان جي ماڻهن جون ضرورتون به يورپ جي ماڻهن جهڙيون ۽ ڏکڻ هندستان جيان آهن. پر هتان جي اڀاڳي سرڪار اهڙي آهي، جنهن مان چڱائي جي اميد آسرو رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي. هتي نه شخصي تحفظ آهي ۽ نه وري سڪون ۽ اعتماد. اهڙيون ڳالهيون آهن، جن وسيلي تجارتي وايومنڊل کي هٿي ملي سگهي ٿي.