محصول ۽ ڍل
ڪمند في بيگه 12 روپيه في سال
تماڪ في بيگه 2 /71 روپيه في سال
سايون ڀاڄيون في بيگه 2 /71 روپيه في سال
آفيم في بيگه 21 روپيه في سال
نير في بيگه 80 روپيه في سال
اناج في بيگه 6 روپيه في سال
في بيگه زمين جي ماپ چاليهه وکون هم چورس آهن. جيڪڏهن نير جي پوک هوندي آهي ته بيگه جي ماپ ٻيڻي ڪئي ويندي آهي. هتان جي هن قسم جي جمع بنديءِ کي هندستان جي ٻين علائقن جي جمع بندي سان ڀيٽائي ڏٺو ويو ته اسان کي سنڌ وري مناسب ڏسڻ ۾ ائي. ڍل ايتري ٿوري آهي جو نالي ماتر پئي ڏسبي آهي. هٻڇي ۽ ظالم وڏيرو ڪڙمي جو حق ماري پهنجو ڀڀ ڀريندو آهي. هن ڏچي کان سواءِ ڏکيو مامرو فوج لاءِ اناج ڪٺو ڪري سانڍي رکڻ آهي . سنڌ جي حڪومت هن ڏچي کان آجي ڪونه آهي. جڏهن، ڪيڏانهن پيدل فوج جي چڙهائي ٿيندي آهي ته ملڪ جو اڌ اُن سرڪار کڻي ويندي آهي پوءِ زمين جو مالڪ هاري کي ڪيترو ڏئي نه ڏئي، سڪار جي مٿي جو سور ڪونه آهي. جن علائقن ۾ ڍل ٻڌل ڪانه هوندي آهي ته اتان ٽالپر مير حڪومت سان حصيدار ٿي ڍل ۾ ان خريد ڪندا آهن ۽ وڃي ڀانڊن ۾ سانڍي رکندا آهن. بعد ۾ ساڳيو ان پنهنجي رعيت کي وڏن اگهن تي وڪڻندا آهن. هن قسم جي ڳالهين مان ڪيتيريون برايون پيدا ٿين ٿيون. وڏي ڳالھ ته اها پئسي جي هٻڇ ۽ لالچ آهي، جنهن وسيلي خريدي وارو پئسو سون ۽ هيرن جواهرن ۾ بدلجي وڃي ٿو ۽ ڪيترن ئي سرڪاري ماڻهن جي خزانن ۾ گڏجي وڃي ٿو. ان کانسواءِ هيءِ خانگي قسم جي ذخيره اندوزي آهي، جنهن ۾ پئسو هڪ جاءِ تي ڪٺو ٿي ويندو آهي ۽ عوام ۾ ڦرڻ کان بيهي ويندو آهي.
ضميمي ۾ هڪ جدول ڏني وئي آهي، جنهن ۾ مختلف علائقن مان گڏ وصول ٿيندڙ ڍل جو انگ جو به ترتيبوار ڏنو ويو آهي. ڍل جا اهي انگ اکر انهن ماڻهن وٽان معلوم ڪيا ويا آهن، جيڪي پاڻ زمين تي ڍل ٻڌندا آهن. معلوم ٿئي ٿو ته ڍل جا انگ اکر زمين جي اصلي اپت کان ٿورو ڪجھ وڌيڪ آهن ۽ موجوده دور کان ڪجھ سال به آڳاٽا به آهن، پر ٻئي نقطئه نظر کان سنڌ ۾ ڍل گهٽ ورتي وڃي ٿي.
اها جدول جنهن جو مٿي بيان ڪيو ويو آهي، تنهن جو مطالعو ڪري ڏسبو ته حيدرآباد جي ميرن، مير سهراب، مير ٺاري ۽ ٻين ميرن جي اڳڙندڙ ڍل، اڌ ڪروڙ تي به ڪاٿي پهچي ٿي. ڍل جي هن انگ ۾ انهن جاگيردارن جون جاگيرون به شامل ڪيون وڃن، جيڪي ڪن صدين کان وٺي هر پيڙهي سنڀاليندي اچي ٿي ۽ هو انهن جي عيوض سرڪار يا ملڪ ج آئي ويل سهائتا به ڪانه ڪندا آهن.
اها کان سواءِ اهي زمينون يا ڍل جا ڪي ٻيا وسيلا، جيڪي سيدن ۽ اسلام سان لاڳاپيل ملن مُلن موراڻن، پيرن ۽ فقيرن کي ڏنا ويا آهن، تن کي به مٿي ڏنل ڍل جي انگن ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. اهڙي قسم جي ذريعن مان ڪيتري ڍل اڳڙي ها، تنهن جو پتو ڪونه آهي، ايشيا جو اهڙو ڪو ملڪ آهي ئي ڪونه، جيڪو ٻٽاڪ هڻي سگهي ته وٽس اهڙو مذهبي طبقو ڪونه آهي، جيڪو ائين ملڪي پيداوار کائيندو هجي.
هن حقيقت ۾ ڪنهن به قسم جو وڌاءُ ڪونه آهي ته مذڪوره سيدن، پيرن، فقيرن کي ڏنل زمين جي ڇوٽ جو حساب ڪبوته ڪل اپت جو ٽيون حصو وڃي بيهندو. اهڙو سلسلو اسلام جي اچڻ کان وٺي هتي شروع ٿيو آهي. ڪي ڏنل رعايتون چوٿين صدي هجريءَ سان واسطو رکن ٿيون. معلوم ائين ٿئي ٿو عربن سنڌ ۾ پهچڻ سان سرڪار کان اهڙيون زمينون ورتيون جن تي ڍل ۽ محصول وغيره ورتو ئي ڪونه ويندو هو. ڪاغذن ۾ اهي ڳالهيون به موجود آهن ته ڪن عربن جو پهرئين دور سان واسطو آهي ۽ ڪي وري بعد ۾ ايندا آباد ٿيندا ويا آهن. ڇاڪان ته اسلام جي ناتي سان عربن جي عزت ڪئي ويندي هئي ۽ اسلام پکيڙڻ جي ارادي سان کين ڏوڪڙ پئسو به ججهو ملندو هيو.