سنڌ شناسي

سُکاري سنڌ ڏکارا ماڻهو

جيمس مئڪمرڊو جو هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙيون جهاتيون آهن، جن ۾ هن حڪمرانن جي سياسي سازشن ۽ گهرو جنگين جي بجاءِ سنڌ جي تمدني حالتن، معاشرت ۽ صدين کان ڏکن ڏولاون ۾ گهاريندڙ سنڌي ماڻهن جو احوال قلمبند ڪيو آهي.
Title Cover of book سُکاري سنڌ ڏکارا ماڻهو

سامونڊي بندر

مکيه سامونڊي بندر ڪراچي ۽ ڌاراجا آهن. ڪراچي جو بندر ته تمام پراڻو آهي، جنهن کي هندن جي پراڻن ۾ ‘رام باغ’ جي نالي سان لکيو ويو آهي. ساڳيو ڦاڪ اڄ به انهي نالي سان مشهور آهي. هيءُ ماڳ 24 ڊگريون 51 فوٽ اتر، ويڪرائي ڦاڪ ۽ 67 ڊگريون ۽ 16 فوٽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهي. شهر هڪ سامونڊي کاريءَ ۽ راس مونزي واري ماڳ تي اڏيل آهي. هن بندر وسيلي بمبئي، ملبار ۽ عربستان سان واپار هلندو آهي. بندر ڏانهن ويندڙ سامونڊي رستي وارو لنگھ سوڙهو آهي. پاڻي تانگهو اٿس. ڪناري وٽ ڏيڍ فوٽ پاڻي مس ٿيندو. پر جڏهن وپر چڙهندي آهي ته سيپٽمبر کان مئي مهيني تائين 400 ٽن وزني جهاز هتي بيهي پاڻ بچائي سگهندا آهن. ٻئي موسم ۾ جيڪڏهن جهاز هتي پهچندو ته نقصان کان بچي ڪونه سگهندو. ڪراچي اصولي طور مڪران جي حڪومت ۾ شامل هئي، پر پوءِ سڌ وارن ان کي فتح ڪري ورتي. هتان سال م معصول جي اوڳڙ هڪ لک رپيا ٿئي ٿي. جيڪڏهن حڪومت سياڻپ کان ڪم وٺندي ته معصول گهڻو ڪجھ وڌي سگهي ٿو.
ھتي ڌنجي(Dhiniji) نالي وڏا ٻيڙا آهن، جيڪي اڏاوت ۽ روپ ۾ ڪجھ بي ڊولا لڳندا آهن ۽ پنجاھ سالن کان ٻه سئو ٽن بار کڻي سگهندا آهن. هاڪاريندا تڏهن آهن، جڏهن سمنڊ سانتيڪو هوندو آهي. جيڪڏهن موسم خراب ٿي ويندي ته ڀڄي ٽٽي ويندا آهن.
ڌاراجا، ٺٽي شهر جو بندر آهي ۽ لاهري بندر وانگي آهن، جنهن جا پراڻا ٿرڙ ڌاراجا ڀرسان موجود آهن. هي شهر سنڌوءِ جي مکيه ڇوڙ واري ماڳ کان ويھ ميل کان مٿي آهي. هن بندر سان وڌيڪ تجارتي سهولتون موجود آهن. ٿورا ڪي ورھ ٿيندا جو ڌاراجا جو بندر شاھ بندر کان گهڻو وڌي ويو آهي. شاھ بندر سنڌوءَ جي ڦاٽن ۾ گهٽ وڌ پاڻي هجڻ ڪري ناس ٿي ويو آهي.