سنڌ شناسي

سُکاري سنڌ ڏکارا ماڻهو

جيمس مئڪمرڊو جو هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙيون جهاتيون آهن، جن ۾ هن حڪمرانن جي سياسي سازشن ۽ گهرو جنگين جي بجاءِ سنڌ جي تمدني حالتن، معاشرت ۽ صدين کان ڏکن ڏولاون ۾ گهاريندڙ سنڌي ماڻهن جو احوال قلمبند ڪيو آهي.
Title Cover of book سُکاري سنڌ ڏکارا ماڻهو

پيداوار

لااڙ جي سڄي هيٺين علائقي ۾ سال جا ٽي مهينا پاڻي اک لڳو پيو هوندو آهي. اتي ساريون ايتريون ته گهڻيون پوکيون وينديون آهن، جو مون ڪڏهن ڪونه ٻڌيون سڻيون. ڪڪرالي ۽ ڪچي وارو علائقو ته ساريون تمام گهڻيون اپائيندو آهي، پاڻي جو پهريون لڙهو ايندو آهي ته ٻيجو پوکي ڇڏيندا آهن. رونبي کان پوءِ پاڻي به ويندو مٿي چڙهندو ته ساريون به وينديون قد ڪنديون. ڪڏهن ته وري حالت اهڙي ٿيندي آهي، جو ڪڪرالي پرڳڻي جي هڪ ديھ ايتريون ساريون پيدا ڪيون جو سرڪار کي ڍل ام ٽئين حصي طور مڪ هزار خرار ساريون مليون.(3)
هيٺين پرڳڻن ۾ خشڪ فصل تمام گهٽ ڪاهيا ويندا آهن، باقي، امام واھ بدين واري پاسي، ڪڻڪ، جو، جوئر، ٻاجهري، ڪمند ۽ تماڪ وغيره آبپاشي نظام وسيلي ڪاهيا وڃن ٿا.
چچ گام(4) علائقي جو وڏو حصو، جيڪو سنڌو جي هڪ ڇاڙھ گونيءَ جي اڀرندي پار آهي، ان تائين سنڌو جي اٿل جو پاڻي پهچي نه سگهندو آهي ۽ موسم مطابق ٻاجهري، مڱ، ڪڻڪ، جوئر ۽ ٻيا فصل واهيندا آهن. فصلن واسطي اهو پاڻي گوني يا پراڻ مان واھ ۽ ڪسيون کوٽي آڻيندا آهن.
سنڌ جي اترئين علائقن ۾ ڪڻڪ، جَوَ، جوئر ٻيا عام فصل به تمام گهڻا ٿيندا آهن. اهڙا فصل واهن وسيلي پاڻي آڻي ڪاهيا ويندا آهن يا درياھ اٿل وقت جيڪي ڍنڍون ٺاهي ويندو آهي ۽ اهي جلدي جلدي سڪڻ شروع ڪنديون آهن ته انهن جي هيٺين پاسي سان ٻج ڇٽي آبادي ڪندا آهن. ڪاٿي وري ووئڻن جا فصل راڌا ويندا آهن پر اهي ذري گهٽ وڻن جيترا وڏا هوندا آهن ۽ منجهن ٽاريون به جام ٿينديون آهن. پر اهي دائمي وڻن جيان ڪونه هوندا آهن. ڪمند تمام گهڻو ڪاهيو ويندو آهي. جاڏي نظر ڪر تاڏي ڪمند جي پوک پئي ڏسبي آهي. ڳڙ، مٺائي ۽ کنڊ جام ٺهندي آهي. پر هن مٺاڻ جو وڏو حصو يا ته سنڌ ۾ ئي کپي ويندو آهي، يا ته ڀر وارن اترئين علائقن ڏانهن برآمد ڪيو ويندو آهي، جتي ڪمند موافق آبهوا موجود ڪانه آهي. پر کنڊ سٺي وڙ جي ڪانه ٿيندي آهي. هندستان ۾ جيڪي ڀاڄيون ڀتيون ٿينديون آهن، سي سڀئي اسان کي سنڌ ۾ ڏسڻ ۾ اينديون ، پر انهن کي پاڻي هٿ سان پهچايو ويندو آهي. لاهوري گجرونSweet Potato) ) به ڪاهيون وڃن ٿيون. هنن جو فصل تمام گهڻو ڏسڻ ۾ پيو ايندو ۽ ڪن جاين تي ته ماڻهن جي لازمي خوراڪ بڻجي وئي آهي.
اتر سنڌ ۾ نير جي پوک ته خاص ڌيان ڏيئيڪاهي ويندي آهي. اها وٿ هڪ ته هتان جي ماڻهن جي ڪپڙن رڱن ۾ ڪم اچي ٿي ۽ ان کانسواءِ ٻآهر موڪلي چڱو ناڻو به ڪمايو ويندو آهي. نير جي پوک گهڻو ڪري ساهتي، ٽڳڙ، باغبان، چانڊڪا، لوهري ۽ سامتاڻي پرڳڻي ۾ جام ٿيندي آهي. هي پوک ماڻهن ۽ سرڪار ٻنهي لاءِ لاڀائتي آهي. زمين جو هڪ ٽڪر جنهن جي ماپ اٺ گز چورس هوندي آهي ۽ سنڌي ۾ هن کي “بيگو” سڏيو ويندو آهي، جنهن مان حڪومت کي اسي روپيا ڍل ملندي هئي. سنڌ ۾ هي فصل آبپاشي نظام وسيلي ڪاهيو ويندو آهي ۽ هن فصل ۾ ٻين کان وڍيڪ ڌيان ڏيڻ جي گهڻي ضرورت پوندي آهي.
ٺٽي جي ڀر اوسي پاسي ۽ ٻين علائقن ۾ شوري جي گهڻي پيداوار ٿيندي آهي. شروعاتي دور ۾ هي وٿ ڏيساور موڪلي ويندي هئي. هاڻي اولھ هندستان جي منڊي ۾ هن جو وڏو اگھ آهي. پوئين دور ۾ سنڌ جي شوري جو انگ ڪري پيو ۽ تمام گهٽ ڪتب اچڻ لڳو. ان جو سبب اهو ته بنگال ۾ گهٽ وڙ وارو سستو شورو تيار ٿيڻ لڳو هو. شوري جي وڙ کي وڌيڪ سڌارڻ لاءِ پورهئي ۽ ڄاڻ جي گهڻي لوڙ هوندي آهي. ڏيهي استعمال لاءِ به شورو تمام گهڻو ڪم ايندو آهي. سنڌ ۾ سٺو ۽ معياري شورو ٺهندو آهي، جيڪو هندستان ۾ بارود ٺهڻ واري ڪم ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. سنڌ جي سامونڊي ڪناري سان لوڻ گهڻو پيدا ٿئي ٿو جيڪو ملڪ جي اندرئين علائقن ڏانهن سال جا ٻارنهن ئي مهينا پيو ويندو آهي.
جيستائين مون کي ڄاڻ آهي ته سنڌ ۾ عمارتي ڪاٺ گهٽ ٿيندو آهي، ان ڏس ۾ هي ملڪ ڄڻ ته ٻين جو محتاج آهي، ڇاڪاڻ ته ٻيلن جا اهڙا وڻ ئي ڪونه آهن، جن کي عمارتي ڪاٺ جي نالي سان سڏي سگهجي ٿو. ڇوڙ واري سڄي علائقي ۾ پاڻي ۾ ڇرون آهن، جن ۾ هلڪو سلڪو جهنگ نظر ايندو. اهو ڪاٺ وڍي چيري ٻارڻ جي ڪم ايندو ويندو آهي. هن صوبي ۾ عام وڻ لئي جو ٿيندو آهي.(5) سمنڊ جي ڀر واري علائقي ۾ هي وڌي وڻ ڪونه ٿيندو آهي. پر چيو ويندو آهي ته حيدرآباد ۽ سيوهڻ جي وچ تي موجود ٻيلن ۾ هي موجود آهي، جيڪو گهڻو وڏو ۽ ٿلهو ٿيندو آهي.
گهڻن قسمن جي ميوات هتي ڏسڻ ۾ ڪانه آئي آهي. باقي هتان جا انب، ڏاڙهون ۽ گدرا ته واھ جا آهن. انگور، صوف، ناسپاتيون ۽ ڪشمش ڪابل يا اترئين علائقن مان ايندا آهن. ڪشمش ته سڪائي آندي ويندي آهي. باقي ٻيا ميوا ڪپھ سان ٻڌي آندا ويندا آهن ۽ ڇهن مهينن لاءِ تازا رهندا آهن. هتي جهرڻا به گهڻا آهن. ڪن جهرڻن جي پاڻي ۾ دوا جي خاصيت هوندي آهي. ٺٽي جي اولھ پار ٽڪرين ۾ گرم جهڙڻا موجود آهن. خيرپور واري علائقي ۾ مٺي سوڍا، کار ۽ پوٽاش تيار ڪئي ويندي آهي، جيڪا هندستان ڏانهن موڪلي ويندي آهي، اتي صابڻ ۽ لائي ٺاهڻ ۾ ڪتب ايندي آهي.