سنڌ شناسي

سُکاري سنڌ ڏکارا ماڻهو

جيمس مئڪمرڊو جو هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙيون جهاتيون آهن، جن ۾ هن حڪمرانن جي سياسي سازشن ۽ گهرو جنگين جي بجاءِ سنڌ جي تمدني حالتن، معاشرت ۽ صدين کان ڏکن ڏولاون ۾ گهاريندڙ سنڌي ماڻهن جو احوال قلمبند ڪيو آهي.
Title Cover of book سُکاري سنڌ ڏکارا ماڻهو

ميوسي ڪئنس، اوڪسي ڪئنس، سيوي سوي ۽ سيهوڻ

ڊاڪٽر ونيسنٽ لکي ٿو ته “سيوي کي Sevi، شواءِ Sewie ، شواهڻ Sehowan ، سهوڻ Sihwan ۽ سڪوان Schwan جي هجي ۾ به لکيو ويندو آهي. هنن سڀني نالن سان ڪنهن هڪ ماڳ کي صحيح معنٰي ۾ سڃاڻڻ ڪا سولي ڳالھ ڪانه ٿيندي. اسان جا نقشا به هن ماڳ لاءِ اهي سڀئي ساڳيا نالا ڏيکارين ٿا. اَئين اڪبري سيوهڻ ۽ سوي جي وچ تي جبلن جو هڪ ڊگهو سلسلو ڏيکاري ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته اهي ٻئي جدا جايون آهي، توڙي جو هڪ ئي سرڪار ۾ موجود آهي.” سيوهڻ جي مختصر احوال ۾ مان اڳتي ٻڌائي آهيو آهيان ته هن کي ڪڏهن به سيوي جي نالي سان سڏيو ڪونه ويو آهي. هيءُ هڪ جدا علائقو آهي جيڪو بکر جي اولھ پاسي ۾ قنڌاڙ ڏانهن ويندڙ رستي سان آهي. هن علائقي جا اصلي رهاڪو سيوس Sewesيا سئبز Sabizهئا. ڇهين صدي ۾ هن قبيلي جي راجڌاني ڪاڪا راڄ Kakaraj(47) نالي هڪ شهر هوندو هو. مذڪوره علائقي ۾ هڪ وڏو قلعو هوندو هوجنهن جو نالو سوي هو، جيڪو هڪ جبل جي ڪڇ ۾ هوندو هو. هتي هر هڪ پٿر گول شڪل جو هوندو هو. هن مامري مان ايترو چئي سگهندس ته اهو نالو هندن جي مهاديو شوِ تان ورتل آهي، جنهن جي لنگ جي پوڄا ڪئي ويندي هئي. ان ڪري پٿر گول شڪل جا هوندا هئا. مان هن ڳالھ ڏانهن به اشاري ڪرڻ جي جرئت ڪندس ته سيوس يا سئبز اهي ماڻهو آهن جن کي ائرين سلو ڪري سڏيو آهي، جيڪي هرڪيولس Herculesجي پوڄا ڪندا هئا، ۽ پنهنجي چوپائي مال کي ڏنڀ ڏئي ڪي خاص نشان ظاهر ڪندا هئا. هندن ۾ اڄ به عام رسم آهي ته گابي تي ترشول Treidentجو ڏنڀ ڏيندا آهن (48) ۽ ان کان پوءِ شو ديوتا جي ٻل چاڙهڻ لاءِ کيس گور ڇڏي ڏيندا آهن. هي صوي Sewiاصلي سيوي Seeweeآهي جنهن جو ابوالفضل ذڪر ڪيو آهي. هيءُ ٿاڪ سيوهڻ کان ماڳن ٻيو آهي، جنهن کي مون سيوي Sewieجي نالي سان ڪڏهن به ڪونه ٻڌو آهي.
ڊاڪٽر ونيسينٽ جو خيال آهي ته مئسيڪئنس سيوي ۽ سيوهڻ جا امڪاني راجا هئا. مون کي هن ڳالھ تي ڪونه اعتراض ڪونه آهي. مان هنن راجائن جي نالن جي لغت تي ڪجھ بحث ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ حقيقت هٿ ڪرڻ واسطي ڪن اصولن تي مدار رکڻو پوندو. سيوهڻ اهڙو نالو آهي جيڪو سنڌ ۾ تمام گهڻو مشهور آهي. تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته سيوهڻ شهر جي بنياد رکڻ واري ماڻهو جو نالو به اهو هو. پر مان هن شهر کي اوڪس يهوهڻ Ox Sehwanيا مسڪوان Muschwanسڏي ڪونه ٿو سگهان ۽ ائين سمجهڻ لا۽ ڪي سبب به ڏسڻ ۾ ڪونه ٿا اچن ، اوچ outhchلفظ جي معنٰي آهي (49) مڻ Mand۽ هي پنجابي ٻولي جو لفظ آهي. هن زبان سان سنڌي ٻولي به هڪجهڙائي رکي ٿي. مو Muيا موء Mouشهر جو بنياد پنجين صدي عيسوي دوران راءِ سهاسي جي زماني ۾ رکيو ويو هو. پر اڄ ڪلھ واري دور ۾ هن لفظ جي معنٰي جو ڪو به پتو ڪونه ٿو پوي، توڙي اسان کي پڪ آهي ته ان لفظ جو هتان جي ٻولي سان واسطو آهي. ڊاڪٽر ونيسنٽ جي راءِ موجب مان کڻي مئسي ڪئنس کي سيوهڻ جو راجا سمجهان پر هن نظريي ۾ ڪي ڳالھيون اهڙيون آهن، جيڪي منهنجي خيال سان سهمت نه آهن. مثال طور هن جي راڄ جي حد ڪهڙي قائم ڪجي، ٻي ڳالھ اها به ته سندس راجڌاني درياھ جي ڪٺار سان يا ان جي ڀرسان هئي. پر ٻئي پاسي کان مان هن خيال جو آهيان اڳي درياھ سيوهڻ وهندو ئي ڪونه هو. ان ڪري مذڪوره نظريي تان هٿ کڻڻو پوندو. ڊاڪٽر جي قائم ڪيل نظريي بابت بيان ڪندي پنهنجي خيال جو اظهار هن ريت ڪندس ته مان ڊاڪٽر ونيسنٽ جي مئسي ڪئنس ۽ اوڪسي ڪئنس جي حڪومتن ۾ ٿوري بدل سدل ڪرڻ چاهيان ٿو يعني اوڪس ڪئنس کي سيوهڻ واري علائقي ۽ مئسي ڪئنس کي سيوهڻ ۽ پراڻ جي وچ تي، الور ۽ بهمانا جي وچ واري علائقي جو راجا سمجهان ٿو. هن جوڙجڪ سان هي ڳالھ طئه ٿي ويندي ته راجا اوڪسي ڪئنس جو راڄ لڪي Lakhiجي جابلو سلسلي ۾ مئسي ڪئنس جي راڄ جي وچ تي هو. جيڪڏهن مئسي ڪئنس کي سيوهڻ وارين حدن ۾ رکنداسين ته فاضل مصنف لاءِ اهڙو علائقو رهندوئي ڪونه جنهن لاءِ پڪ سان چئي سگهي ٿو ڪهڙو علاقو راجا جي راڄ ۾ هو. مان ڊاڪٽر صاحب سان هن ڳالھ ۾ سهمت آهيان ته راجا سامبس لڪي واري جابلو سلسلي واري علائقي جو راجا هو. هن علائقو جو بيان ايترو چٽو آهي جو ان علائقي جون جاگرافيائي حالتون ايتريون پڪيون آهن جو هزارن سان جي هيٺ مٿاهين کان پوءِ بدلجي ڪونه سگهنديون آهن. هتي مان هم اهم ڳالھ ڏانهن اوهان جي ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪندس ته سنڌو جي وهڪري ڀرسان لڪي وارو لڪ موجود آهي. جيڪڏهن سنڌو سڪندر جي دور ۾ هتان وهندو هجي ها ته يونان جا مورخ هن اهم لڪ کي ڪونه وسارن ها. هي لڪ لنگهن ۾ ڏاڍو ڏکيو آهي (50) جيڪو لنگهي هڪدم ئي درياھ مٿان اچي بيهبو. جيڪڏهن راجا سامبس کي جابلو علائقي جو راجا سمجهنداسين ته سندس راجڌاني سنڌيماڻ کي سولائي سان ڳولي ڪونه سنگهنداسين. ان جو سبب اهو آهي جو اهو لفظ ملڪ جي نالي سان به واسطو رکي ٿو ته درياھ جي نالي سان به تعلق اٿس ۽ سنڌين جي ابي ڏاڏي ۽ هند ڀاءُ جو نانءُ به سنڌ هو. هنن سڀني ڳالھين ڪري سمجهڻ کپي ته سنڌيماڻ ضرور هڪ اهم شهر هوندو.
ڊاڪٽر ونيسنٽ پٽالا کي ڳولي لهڻ لاءِ واٽون ولاڙيندو ٿو وتي ته آءٌ به هن جا پنڌ پوچرا رَند ۽ راهون پڇائي ڪڍ لڳي پيو آهيان . پت پڇا ڳاڇا ڪرڻ کان اڳ ۾ انهن حقيقتن کي ڀيٽائي ڏسي رهيو آهيان ته سنڏو جي ڦاٽ پراڻ جي موضوع تي ڇا ڇا چيو ويو آهي.
سڪندر جي حملي کان اٺ سئو سال پوءِ سنڌ ۾ مختلف راجائون راڄ ڪري رهيا هئا. اهي ڪنهن سگهاري حڪومت جا ڏن ڀرو ضرور هئا، پر اندروني مامرن ۾ هو خودمختيار ۽ آزاد هئا، يا ائين کڻي چئجي ته الور کي حڪمرانن جي ماتحت هئا. ان سن گڏ اسان کي راءِ ڏاهر جي حڪمت جي حالتن مان پتو پوي ٿو ته هي راجا پنهنجي گهراڻي جي ٻين راجائن جيان سگهارو هو. پر اهو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته سنڌو جي ڇوڙ واري علائقي ۾ رهندڙ سامونڊي ڌاڙيلن تي سندس وس پڄندي ڪانه هئي. ٿي سگهي ٿو ته اتان جا راجا هن جا مقررڪيل ڪونه هئا ان ڪري سندس حڪومت جا تابعدار ڪونه هئا. جنهن دور جو اسان هاڻي ذڪر ڪري رهيا آهيون، تنهن زماني ۾ سنڌ ملڪ جي راجائن جون هيٺين ريت راجڌانيون هوندون هيون.
ديول حڪمران_ جاهين ڀادا Bhada
نيرون ڪوٽ حڪمران (شمني، سمنا Samna)
سيوهڻ حڪمران، بجيراءِ بچوراءِ Batcheraپٽ چود رام (چوئٿ رام)
Chuad rame
الو حڪمران، راجا ڏاهر پاڻ
سيوي حڪمران، ڀادا (ٻڍو) Bhadaپٽ ڪاڪو
هاڻي اسان کي ڀيٽائي ڏسڻو پوندو ته سڪندر واري دور ۾ به سنڌ جي سياسي جوڙجڪ ائين يا ڪنهن ٻئي نموني هئي. ائرين جو بيان آهي ته “ جڏهن سڪندر مئسي ڪئنس جي راڄ ۾ پهتو. مليل اطلاعن مان ڄاڻ پئي آهي ته هند جي سڀني ملڪن مان سندس ملڪ وڌيڪ شاهوڪار هو.” هن معلومات موجب مان هن کي الور جو راجا سمجهان ٿو. ڇاڪان ته ويساھ جوڳن تاريخي حوالن مطابق سڪندر جي حملي کان نو سئو سال پوءِ به هي ٿاڪ هڪ سکي ستابي ۽ دولتمند علائقي جي راجڌاني هو. جيڪڏهن مامرو منجهيل آهي، ته پوءِ اسان کي نو سئو سالن بدران ڇھ سئو سال سمجهڻ گهرجي. الور کي مئسي ڪئنس جي راجڌاني سمجهڻ کان پوءِ، ڏکڻ پار، پراڻ ۽ لوهاڻي دريا وارا علائقا به سندس ملڪ جي دنگ ۾ سمجهان ٿو. ان نقطئه نگاھ کان سوگدي وارو علائقو الور کان اتر درياھ جي ڪناري سان موجود هجڻ گهرجي. منهنجي خيال ۾ اهو خطو ملتان ۽ الور جي وچ ۾ هوندو. مان اڳي به ذڪر ڪري آيو آهيان ته سوڍا راجپوت هڪ وسيع علائقي ۾ رهندا هئا، جتي سندن سگهاري حڪومت قائم هئي. سندن حڪومت بابت اسان کي پوري ريت خبر آهي ته اها الور کان گهڻو اتر طرف هئي. هن قبيلي جي رهڻ واسطي هي به چڱو وسيع خطو آهي.
اوڪسي ڪئنس کي مان سيوي جڳ راجا سمجهان ٿو. ائرين جو بيان آهي ته “سڪندر مئسي ڪئنس جي راجڌاني ۾ هڪ قلعو تعمير ڪرائي اتي پنهنجي فوج رهائي. بعد ۾ هيءَ پنهنجي تير انداز، ائگريان وارو فوجي دستو، گهوڙي سوار دستا ۽ درياھي فوج وٺي ڀر واري راجا اوڪسي ڪئنس تي هلان ڪئي.” سڪندر جو فوجي مهندرا ڪرايٽرس فوج جي وڏي ڀاڱي سان درياھ جي اوڀر يا کاٻي پاسي موجود هو، جنهن ۾ درياهي فوج به شامل هئي. اوڪسي ڪئنس درياھ جي ساڄي پاسي هو ته پوءِ سڪندر کي درياهي فوج وٺي وڃڻ جي ضرورت ڇو محسوس ٿي هئي. ڇاڪاڻ ته اهو ڪم ته ڪرايٽرس جي درياهي فوج به سرانجام ڏيئي پئي سگهي. الور جي ناتي سان سيوي جي جاءِ وقوع، ائرين جي بيان ڪيل ٻين راجائن جي راڄ سان سهمت آهي. جيستائين ڪو قديم شهر ۽ حڪومت سيوهڻ ۽ بکر جر وچ تي موجود نه هوندي، تيستائين مامرو منجهيل رهندو ۽ ڪا ڳالھ سمجھ ۾ ڪانه ايندي. مان راجا اوڪئنس لاءِسيوي کان وڌيڪ ٻي ڪا مناسب جاءِ ڪونه ٿو سمجهان. هن مامري م ڊاڪٽر ونيسنٽ به ڪنهن حد تائين مون سان متفق آهي. سندس بيان آهي ته سيوي ۽ سيوهڻ ٻه جدا ماڳ ثابت ڪرڻا پوندا. سندس دعويٰ آهي ت انهن مان هڪ تي راجا مئسي ڪئنس ۽ ٻئي تي راجا اوڪسي ڪئنس راڄ ڪندو هو.
مان سمجهان ٿو سيوهڻ واري علائقي تي رجا سامبس راڄ ڪندو هو. سمجهيو وڃي ٿو ته هن راجا، سڪندر سان سوگدي واري علائقي ۾ وڃي ملاقات ڪئي هئي. جيڪي ڳالھيون ٻنهي جي وچ ۾ طئه ٿيون تن مان هڪ به سوگدي جي علائقي ۾ مجود ڪونه آهي. انهن مان هڪ ڳالھ اها هئي ته “سامبس کي هڪ جابلو علائقي جو راجا مقرر ڪيو ويو هو.” اهي پارپتا سيوهڻ واري علائقي جا آهن، جنهن ۾ لڪي وارو جابلو سلسلو موجود آهي. سامبس کي ان ڪري اتان جو راجا مقرر ڪيو ويو هوندو . ڇاڪاڻ جو هو اتان جو رهواسي هو ۽ اتان جي قبيلن ۾ سندس اثر رسوخ هوندو. سيوهڻ لاءِ چيو ويندو آهي ته اهو نهايت پراڻو شهر آهي. ان جي قدامت ڪري سمجهيو ويندو آهي ته سنڌين جي ابي ڏاڏي ۽ هند جي ڀاءُ سان سنڌ جي ڦري مان ڪنهن هن جهوني شهر جو بنياد رکيو هو ۽ ان جي نالي پٺيان سڏجڻ لڳو. سيوهڻ کي راجا سامبس جي راجڌاني سمجهي ۽ ان ئي شهر کي اسان سنڊومان به سمجهون ٿا. ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ ٻيو اهڙو ڪو پراڻو شهر موجود ئي ڪونه آهي جو نالي ۽ جاءِ وقوع جي لحاظ کان ايتري هڪجهڙائي رکندڙ هجي.سڪندر سمنڊ ڏانهن ويندي هيٺ سنڌو سان هاڪاريو هو. سفر دوران ڪيترائي راجائون اچي ساڻس مليا هئا ۽ پنهنجي حڪومتن بابت ساڻس ڳالهايو هو. يونان جي مورخن سندس اٿڻ ويهڻ مان سندن ملڪ جي پيدا وارين ذريعن، دولت ۽ زندگي جي معيار کي سمجهي ورتو هو. جيڪڏهن اسان اوڪسي ڪئنس، سيوسي ڪئنس ۽ سامبس کي سيوهڻ ۽ جابلو علائقي جا راجا سمجهنداسون ته مان اعتراف ڪريان ٿو ته مان ڪڏهن به اهو مشهور ملڪ ڳولي لهي ڪونه سگهندس.
هاڻي مان موضوع جي ان حصي ڏانهن اچان ٿو جنهن کي هاڻي سهڻي نموني سمجهي سوچي طئه ڪرڻ گهرجي. هن موضوع جو سڪندر جي سنڌو سان هيٺ هاڪارڻ سان واسطو آهي. ڇوڙ واري علائقي جي نهايت قديم شهر پٽالا جي ڳولا لاءِ وڏي سوچ ويچار کان ڪم وٺي هن جاءِ جو نقشو ڪڍي گهڻو ڪجهه جاکوڙيو ويو آهي. پر پوءِ به سڪندر جي درياهي سفر جو هي ڀاڱو اڃا به اونداهو آهي.
ڊاڪٽر ونيسنٽ هن ويچار جو آهي ائرين وارو پٽالا، برهمڻ آباد کي سمجهڻ گهرجي. سندس هن راءِ سان آءٌ متفق آهيان. پر برهمڻ آباد جنهن جاءِ تي هي مصنف ٻڌائي ٿو ان جاءِ وقوع سان مان اختلاف رکان ٿو. مان هن شهر کي ڇوڙ واري قديم علائقي جي شروعاتي نقطي وٽ سمجهان ٿو. ان جي بدران ڊاڪٽر ونيسنٽ هن شهر کي ننڍي ڇوڙ واري معمولي علائقي جي شروعات وٽ سمجهي ٿو. هاڻي اهو شهر ناس ٿي مٽجي ويو آهي. هن موضوع جي ناتي سان ايشيا جي جن تاريخن جو مون مطالعو ڪيو آهي، تن سڀني جو مولفن جو خيال آهي ته سڪندر جي اچڻ کي ڪي زمانا اڳ زير بحث علائقي تان سمنڊ ڇڏي ويو هو. پنهنجي نقطئه نظر جي اختلاف ڪارڻ مان سنڌو جي ڇوڙ واري علائقي مان پنهنجي سونهين ڊاڪٽر ونيسنٽ کي ڇڏي پنهنجي جاکوڙ ڪرڻ شروع ڪيان ٿو ۽ پٽالا کي اتي ڳولڻ جا جتن ڪيان ٿو، جتي ان کي هجڻ کپي. پر ان جڳھ تي نه، جتي ڊاڪٽر ونيسنٽ سمجهي ٿو جيڪو پوئين دور جو ننڍڙي ڇوڙ واري علائقي جي شروعات وٽ آهي.
پٽالا جو ماڳ ميوسي ڪئنس جي ملڪ کان هيٺيان واقع هو. سڪندر راجا سامبس سان جنگ ڪرڻ ۾ رڌل هو، پٽالا جو راجا وڃي کيس اتي مليو هو. جڏهن ميوسي ڪئنس بغاوت ڪئي ته سڪندر جنرل پيٿان کي اوڏاهن موڪليو. هي فوجي مهندرا پنهنجو لشڪر وٺي ميوسي ڪئنس تي ڪاهي ويو. ميوسي ڪئنس سندس مقابلو ڪيو پر کيس شڪست آئي. پيٿان موٽي سڪندر جي ڪئمپ ۾ آيو. سندس درياهي لشڪر ۾ ميوسي ڪئنس به موجود هو جيڪو سنگهرن م سوگهو هو. مان هنن واقعن مان هي ڳالھ سمجهڻ تي مجبور آهيان ته سمڪندر جو درياهي لشڪر ميوسي ڪئنس جي راجڌاني کين ڪجھ فاصلو هيٺ هليو ويو هو. جڏهن سامبس خلاف حملو ڪيو ويو هو ته درياهي فوج جي موجودگي نظر ڪانه ٿي اچي. ان ڪري امڪان اهو نظر ٿو اچي ته سڪندر برهمڻ جي شهر کي ناس ڪرڻ کان پوءِ پيٿان کي اڳتي روانو ڪري پاڻ ٻيڙين وٽ موٽي آيو، جيڪو سندس انتظار ۾ درياھ اندر بيٺل هيون ۽ پيٿان جي موٽي اچڻ تائين اتي رهيو پيو هو. سڪندر ٽي ڏينهن درياهي سفر ڪيو. جڏهن کيس ڄاڻ ملي ته پٽالا جو راجا ڀڄي ويو آهي ته بکر هاڪاري وڃي پٽالا پهتو. ڊاڪٽر ونيسنٽ جي بيان مان هي حقيقت ظاهر ٿئي ٿي ته هو بکر کان هلي پٽالا تائين پهچڻ ۾ سڪندر کي وقت ڏئي ٿو ۽ پنهنجي حساب سان ميوسي ڪئنس کي سيوهڻ جو راجا سمجهي ٿو. پر جيڪڏهن اسان فرض ڪريون ميوسي ڪئنس سيوهڻ جو راجا آهي ته به سڪندر کي مٿي ڪيل وقت اندر ونيسنٽ جي پٽالا پهچڻ لاءِ ٻه سئو ميل پنڏ ڪرڻو آهي. جيڪڏهن ميوسي ڪئنس کي الور جو راجا سمجهيو وڃي جيڪو ذري گهٽ بکر واري ويڪرائي ڦاڪ ۾ آهي ۽ پٽالا کي قديم برهمڻ آباد سمجهون، جيڪو قديم زماني ۾ ڇوڙ واري علائقي جي شروعات وارو ٿاڪ هو ته نڪ سامهون پنڌ جي حساب سان سڪندر جو هڪ سئو ميل فاصلو گهٽجي ويندو ۽ درياھ جي ورن وڪڙن سان اهو ساڳيو فاصلو وڃي ڏيڍ سئو ميل بيهندو جيڪو وست جي لحاظ سان غير مناسب ڪونه ٿو لڳي. جيڪڏهن سڪندر ميوسي ڪئنس جي راجڌاني کان اڳتي نڪري وڃي ٿو ته پوءِ اهو فاصلو اهميت جو حامل نه آهي.
ٻين به گهڻين ڳالهين ۾ برهمڻ آباد ۽ پٽالا جي وچ ۾ گهڻي هڪ جهڙائي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اهو به چيو ويندو آهي ته پٽالا جو راجا سمڪندر جي پهچڻ کان اڳ اتان نڪري رڻ پٽ ڏانهن هليو ويو. جيڪڏهن اسان ان رڻ پٽ کي واري وارو علائقو سمجهون، (منهنجو پنهنجو ويچار به ائين چئي ٿو) ته غلط ڪونه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته بهمانا جي سامهون پراڻ درياھ جي ڀرسان ان وارياسي علائقي جي شروعات ٿئي ٿي. وڌيڪ ثابتي اسان کي هن واقعي مان ملي ٿي ان علائقي مان وري اڏامي اچي خود ان شهر کي تباھ ڪيو هو. ٻي ڳالھ ته پٽالا شهر جي ويڪرائي ڦاڪ ۾ سارو علائقو وارياسو آهي. ائرين جو به اهڙو ئي بيان آهي ته مذڪوره علائقي ۾ کوھ ڪونه آهن. وارياسي علائقي جو بيان ڇوڙ جي صفا هيٺئين علائقي سان سهمت ڪونه آهي. جيڪڏهن اسان پٽالا کي ٺٽي جي اوسي پاسي واري علائقي ۾ سمجهنداسون، ته اتي ويجهي ڇڪ ۾ ڪاٿي اهڙو وارياسو علائقو نظر ڪونه ايندو جنهن جو مٿي بيان ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن اهو شهر درياھ جي اولھ پاسي هجي ها ته ان تي يونان وارا سولائي سان حملو ڪري سگهن ها. ڇاڪاڻ ته اهي درياھ جي الهندي پاسي سان اڳتي وڌي رهيا هئا. ڊاڪٽر ونيسنٽ جي ٻڌايل ڇوڙ واري علائقي جي صورتحال ۾ اهڙو ٻڌايو ويو آهي جو سمجھ ۾ اچي ٿو ته پٽالا جي اوڀر ۾ ويجهو ڪوبه وارياسو علائقو موجود ڪونه هو. پر ان جي بدران گهڻي فاصلي ته ضرور آهي، جيڪو حقيقي صورتحال سان سهمت نه آهي.
ائرين ٻي حقيقت ڏانهن به ڌيان ڇڪايو آهي جيڪا پيادل، مسلح ۽ نيم مسلح ۽ گهوڙي سوار فوج جي پيش قدمي سان واسطو رکي ٿي. سندس بيان آهي ته مذڪوره، “فوج پٽالا جي ٻيٽ تان پيش قدمي ڪري درياھ جي ٻي ڪناري سان اڳتي وڌندڙ لشڪر سان وڃي ملي هئي.” جيڪڏهن اسان فرض ڪريون ته پٽالا اهو ئي ماڳ آهي، جيڪو ڊاڪٽر ونيسنٽ سمجهي ٿو هڪ سوال ذهن ۾ اڀري ٿو ته نَون هزارن تي مشتمل اهو لشڪر ڪهڙي مقصد سان ٺٽي کان لاهري بندر پهتو۽ وچ وارو رستو، ڪيترين درياهي ڇاڙهن، ڍنڍن، ڍورن ۽ پاڻي جي وڏين ڇَرُن ڪري ڏاڍو ڏکيوبه هو. ان کان علاوه اهو سمجهڻ به ڏکيو آهي ته ٺٽي ۽ لاهري بندرجي وچ ته آخر اهو ڪهڙو ايڏو وڏو اهم علائقو هو، جنهن ڪارڻ فوج کي ايڏا ڪشالا ڪڍنا پيا هئا. ان ڇوڙ واري علائقي، ٺٽي ۽ لاهري بندر جي نقشي جو حوالو ڏيندي ائرين جي مٿئين بيان ڪيل حوالي جي (جيڪڏهن مسٽر روڪ صحيح آهي) غلط معنٰي ڪڍي وئي آهي.
منهنجو پهريون مکيه اعتراض، بهمانا جي سمونڊ لان پري هجڻ واري فاصلي تي آهي جنهن کي مان پٽالا سمجهان ٿو. مان ڪنهن به پراڻي تاريخ ۾ اهو حوالو ڪونه ڏٺو آهي جنهن ۾ ٻڌايل هجي ته پٽالا سمونڊ کان ڪيترو پري هو. پر اسان کي ائرين جي مطالعي مان پتو پئجي سگهي ٿو ته، سڪندر پٽالا مان سنڌو جي ساڄي پاسي واري ڦاٽ سان هاڪاريو هو. پر هن پنهنجي دوست ۽ فوجي مهندار “هيفاسيشن کي پٽالا انهي مقصد سان موڪليو هو ته جيئن هو اتي وڃي قلعو تعمير ڪرائي.” هن مان انومان ڪري سگهجي ٿو ته سڪندر پاڻ شهر ۾ موجود ڪونه هو. پر اتان کان گهڻو پنڌ پري هو ۽ پٽالا جي راجا جو پيڇو ڪري رهيو هو. امڪان آهي ته اهو راجا پنهنجي لشڪر سميت سنڌو جي ساڳي اوڀارين ڇاڙھ ڏئي گهڻو پنڌ اڳتي نڪري ويو هو. هن درياھ جي ناتي سان مون هڪ نقشو (51) ڏٺو آهي، جنهن ۾ سندس قديم وهڪري کي اجاگر ڪرڻ جا جتن ڪيا اٿم. ان نقشي ۾ اوهان کي هي ڳالھ ضرور نظر ايندي ته بهمانا کان سنڌو جي الهندي ڇاڙھ وسيلي سمنڊ تائين فاصلو، ٺٽي کان لاهري بندر وٽ درياهي ڇوڙ تائين پنڌ کان گهڻو قديم ڪونه آهي. حالتن مان معلوم ائين ٿي رهيو آهي ته موجوده دور جي ڇوڙ وارو سارو علائقو سمونڊ هيٺ هو ۽ ڪنهن پوئين زماني ۾ سمنڊ اتان ڇڏي ويو آهي. اهڙو ذڪر ڪيترن مورخن پنهنجن ڪتابن ۾ ڪيو آهي. ان علائقي جي ڌرتي جو مٿاڇرو به اهڙي ثابتي ڏئي ٿو. ماڻهن جي يادگيرين ۾ به اهڙيون ڳالھيون محفوظ آهن. معلوم ائين ٿئي ٿو ته سمنڊ اڃا به هٽندو پوئتي وڃي رهيو آهي.
ٽالمي، سنڌو جي الهندي ڇاڙھ جو نالو ساڳاپا ٻڌائي ٿو. سندس چوڻ آهي مذڪوره درياھ جي قديم اڀرندي ڇاڙھ جو نالو لوڻي ٻاري هو. (52) هو سنڌو جي وهڪري جي جاگرافي ٻڌائيندي چوي ٿو ته هي درياھ ٺٽي کان مٿي ٻه درياهي جي صورت ۾ ورهائجي ويندو هو ۽ ستن ڇوڙن وسيلي وڃي سمونڊ ۾ پوندو هو. پر انهن ڇوڙهن کي درياھ جون ڇاڙهون چئي ڪونه ٿو سگهجي. هن درياھ جي وهڪري جي اصول بابت منهنجا پنهنجا ويچار الڳ آهن جيڪي مان ڪنهن قديم جاگرافيدان کي مطالعي ڪرڻ کان سواءِ پاڻ ٺاهيا آهن. مون سنڌو جي وهڪري بابت جيڪو نقشو تيار ڪيو آهي، سو ڀلي ٽالمي جي تيار ڪيل نقشي سان ڀيٽائي ڏسو ته منجهن گهڻي قدر هڪجهڙائي ڏسڻ ۾ ايندي. ٻن ڀرسان وهندڙ درياهي ڇاڙهن جا نالا به هڪ جهڙا آهن. مان جنهن ڇاڙھ جو نالو ساڱرو يا ساگر ڪري لکيو آهي تنهن جو نالو ٽالمي ساگاپا ڪري ڏنو آهي. سنڌو جي صفا الهندي ڇاڙھ جو نالو اهو هوندو هو. قديم دور ۾ جنهن وهڪري کي لوڻي ٻاري سڏيو ويندو هو، تنهن کي لکپت درياھ به سڏيو ويندو هو. (54) ان جو هاڻي نالو لوڻي آهي. هاڻي مان موٽي پنهنجي اصلي موضوع تي اچان ٿو. منهنجي گذارش آهي ته مون کي هڪ اهڙي علائقي جي نالي جي موڪل ڏني وڃي جنهن جي خبر شايد ماڻهن کي گهٽ هجي.
ڪڇ جي سامونڊي کاري ڪڇ ملڪ ۽ گجرات جي اپٻيٽ کي جدا ڪندي آهي. جتي هي سامونڊي کاري ختم ٿئي ٿي، اتان کان ڌرتي جو هڪ غير آباد پٽو جنهن کي ڀاني ۽ رڻ سڏيو وڃي سو اتر ڪڇ کان ڦري لکپت بندر جي اولھ ۾ اچي پورو ٿئ ٿو. جولاءِ کان وٺي آڪٽوبر مهيني تائين، ڌرتي جو هي پٽو پاڻي هيٺ هوندو آهي ۽ ڪڇ جو ملڪ ڄڻ هڪ ٻيٽ ڏسبو آهي. اهو پاڻي (55) لڪي جي جابلو علائقي جي نئين وسيلي اچي ڪڇ ۾ رسندو آهي.
لڪي جو هي علائقو ڪڇ جي وچ مان اوڀر کان اولھ ويندو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سندس اتر پاسي وارين نئين جو پاڻي ڪڇ جي چوڌاري ڦري ايندو آهي، جنهن جو مٿي بيان اچي ويو آهي. پر ڏاکڻئين پاسي وارين نئين ۾ پلر جي پالوٽ جي رت کان سواءِ سڪل هونديون آهن يا منجهن دُٻا تلاءِ بيٺل هوندا آهن. منن نئين کان علاوه ٻيون به ڪي نئيون هيون جيڪي اتر پار کان اچي رڻ مان ڌوڪي ڌرتي جي هن پٽي ۾ ڇوڙ ڪنديون هيون. منجهانئن هاگرا Haggra(56) (هاڪرو) ۽ نارگلي Nargaliهيون. اهي نئيون هيون جيڪي ٿورو اتر پار کان پراڻ ۾ وهنديون هيون. ٻنهي نئين جا وهڪرا هڪ ٻئي کان ڌار هئا. نارگلي نئن امر ڪوٽ کان ستن ميلن جي فاصلي تي، کيٽي Khettiکان اوڀر پار اچي ڀاني Bhanni۾ چوڙ ڪندي هئي.
مان اڳي به چئي آيو آهيان ته پراڻ جو وهڪرو هن هيٺاهين جوءِ م پهچندو هو ته جاڏي ڪاڏي پکڙجي ويندو هو. پر سندس اَر اوڀر ڏس تي ڪجھ مڙوئي سرس هوندو هو. چاڙھ جي رت ۾ خاص ڪري هتي پاڻي جي وڏي ڇر ٿي ويندي هئي. ان موسم جي ڪنهن خاصي حصي ۾ ان پاڻي جو وڏو ڀاڱو مٺي پاڻي تي مشتمل هوندو هو. جيڪڏهن پاڻي ۾ اڃا به وڌيڪ چاڙھ اچي ويندو هو ته ڌوڪي وڃي ڪڇ جي کار ۾ پوندو هو. ڏکڻ اولھ جي چوماسي جي وڏن وسڪارن ۾ به اڄ سوڌو رڻ جي اولھ واري آريسر نالي حصي مان ڪافي پاڻي ڌوڪي اچي هن کاري ۾ پوي ٿو. جڏهن پراڻ جي ڇاڙھ سمونڊ جي پاڻي کي روڪي ڪانه سگهي. جيڪو ڏکڻ اولھ جي چوماسي دوران ڪاهي اچي ڪڇ جي پٽن تي پوندو هو ۽ جيڪي بيٺل فصل هوندا هئا سي ته ناس ٿي ويندا هئا، پر زمين جي ذرخيزي کي به تباھ ڪري ڇڏيندو هو. (57) آخرڪار اها زمين به ڪڇ جي رڻ جيان غيرآباد ٿي وئي. فرق رڳو ايترو آهي جو رڻ پٽ وارو علائقو ڀٽن سان ڀريل آهي ۽ هن جوءِ جي زمين ڪجھ سزت ۽ سنوت واري آهي. اڳئين علائقي کي ڪڇ جو رڻ سڏيو ويندو آهي. هندي ٻولي ۾ هن کي ارن (آرڻ ) Erun (58) چئجي ٿو. منهنجي خيال ۾ هن لفظ جي معنٰي “رڻ پٽ” ٿيندي جيڪو پار ڪرڻ ۾ ڏکيو ۽ اڻائو هجي. هن کان سواءِ هن لفظ جي معنٰي جنگ جو ميدان به نڪري ٿي يا هو علائقو جتي جن ۽ ديو رهن.
نارائڻ سر ۽ ڪوٽي سر (59) هندن جا مشهور تيرٿ آهن. اهڙو ذڪر مٿي ڪاٿي به ڪيو ويو آهي. هي ٻئي شهي سنڌو جي لکپت ڏانهن ويندڙ ڇاڙھ جي اوڀارئين ڪٺار سان آباد آهن، جيڪي ڇوڙ واري ٿاڪ کان ٻارنهن يا پندرهن ميل مٿي آهن. چيو ويندو آهي ته هي شهر هندن جي ٻين قديم تيرٿ گاهن جيترا پراڻا آهن. اهو به چيو ويندو آهي ته هي اهي مهان ماڳ آهن، جتي ڪنهن سمي ديوتائون اچي ڪٺا ٿيا هئا. هندن جي ڌرمي ڪتابن مطابق هي ٻئي شهر هندو ڌرم جون حدون آهن. واقعاتي شاهدي منهنجي راءِ جي پٺڀرائي ڪري ٿي ته وهڪري جي جنهن ڇاڙھ تي اهي مشهور شهر آباد هئا، سا ڪنهن دور ۾ ڇاڙھ نه پر سنڌو جو مکيه وهڪرو هئو.
سنڌو جي ساڄي پار واري ڇاڙھ جنهن جو ائرين به ذڪر ڪيو آهي، سا پنهنجي جاگرافيائي صورتحال جي نقطئه نظر کان ساڱرو ڇاڙھ معلوم ٿئي ٿي. اها ڇاڙھ ڇوڙ به اولھ پاسي ڏانهن ڪري. نيئرڪس جيڪو سامونڊي ڪناري جو ذڪر ڪيو سو به ڪراچي جي اوسي واري راس مونزي Cape Monze “ڪراکري” واري اپسمنڊ ۽ جابلو ايراضي سان سهمت آهي. ڇاڪاڻ ته سندس درياهي فج جا ٻيڙا سنڌو مان نڪري اچي ڪراچي واري اپسمنڊ ۾ داخل ٿيا هئا. ان کان سواءِ اراس Irasوارو جبل سندن ساڄي پاسي ۽ سنڌو جي ڇوڙ واري ٿاڪ وٽ هڪ ٽڪري به موجود هئي. ڌيان ڏيڻ جوڳي ڳالھ اها آهي ته لکپت کان وٺي ويندي لاهري بندر تائين سنڌو جي ڇوڙن جي ڪنهن به ٿاڪ وٽ اڄ ڪا به ٽڪري ڏسڻ ۾ ڪانه ايندي، پر ڪنارن ۽ ڇوڙن وٽ واري ضرور موجود ملندي. ڪراکري وٽ ڪجھ تبديلي ضرور ڏسڻ ۾ ايندي . اوسي پاسي ٽڪريون پيون ڏسبيون. سامونڊي ڪناري سان واري بدران به ٽڪريون نظر اينديون، جن سان سمنڊ جن ويرون ٽڪرائجي مٿي هوا ۾ پيون اڏامنديون آهي. ڪراکري کاري جي منهن ۾ اڪيلي ٽڪري آهي جيڪا سمنڊ ۾ بيٺل پئي ڏسبي آهي. مذڪوره ٽڪري ۾ آرپار کاڌل آهي. سوراخ ايترو وڏو اٿس جو ننڍي ٻيڙي منجهائس لنگهي سگهي ٿي. جڏهن سامونڊي لهريون هن مار تکيون گذرنديون آهن ته ڊڄ جهڙا آواز ٿيندا آهن. جيڪڏهن نيئرڪس جا ٻيڙا ڪجھ اوڀر طرفان لاڙي بندر کان سمونڊ ۾ داخل ٿين ها ته سمونڊ ۾ گهڙڻ سان هڪدم ئي کيس ساڄي پاسي جبل نظر ڪونه اچي ها ۽ ڪراکي تائين ٽيھ چاليھ ميل سڄي سامونڊي ڪناري سان واري جون ڊٻون ڏسڻ ۾ اچن ها. پر ان جي بدران کاٻي پاسي کيس هڪ وارياسو ٻيٽ ڏسڻ ۾ آيو هو ۽ سامونڊي ڪنارو وارياسي هجڻ بجاءِ ٽڪرائتو هو. (60) جيڪو سندس ساڄي پاسي هو. مان سمجهان ٿو هو ان وقت سامونڊي ڪناري ويجهو سفر ڪري رهيو هو. منهنجو انومان آهي ته ان وارياسي ٻيٽ ڪري لنگھ ڏاڍو سوڙهو ٿي پيو هوندو. ڇوڙ واري علائقي جي هن هيٺئين ڀاڱي ۾ اڄ ان ٻيٽ ۽ قديم نشانن کي پراڻين تاريخن جي حوالن سان ڀيٽي ۽ ڳولي لهڻ ناڪامي ۽ مايوسي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونه آهي. ڇاڪاڻ ته اهڙي قسم جا نشان هر سال پيا بدلبا ۽ نوان جڙندا آهن. چاڙُھ جي رُت ۾ اهڙا ٻيٽ پاڻي هيٺيان اچي ويندا آهن ۽ جڏهن پاڻي هيٺ لهندو آهي ته ٻيا ٻيٽ بڻجي ويندا آهن، جن جي جاءِ وقوع ۽ ويڪرائي مختلف ٿي ويندي آهي. هتي صورتحال ڪجھ اهڙي غير يقيني هوندي آهي جو لاهري بندر جي اوسي پاسي وارو علائقو جيئن ٻه سال اڳ هو تيئن اڄ نه رهيو آهي.
اهڙي قسم جون نيون ڳالهيون ۽ نوان اصول آهن جيڪي سنڌو جي وهڪري بابت مون معلوم ڪري ورتا آهن. اڳين صفحن تي جيڪي مون پنهنجا ويچار پيش ڪيا آهن يا اندازا لڳايا آهن سي اڻ پورا ۽ منجهيل آهن، جنهن کان پوري ريت باخبر آهيان. تنهن ڪري مان اهو ڪونه ٿو چاهيان ته هڪ سڄاڻ عالم ۽ سچيت ڏاهي ماڻهو جي خيالن هي ڀيٽ ۾ منهنجي پيش ڪيل راءِ کي اهميت ڏني وڃي. مان سمجهان ٿو ته جن ماڻهن ۾ تحقيق ڪرڻ جو ڏانءُ ۽ ڏات آهي، تن کي همٿائڻ واسطي گهڻو مواد ڏنو ويو آهي. ڪي دوست هن درياھ جي ڦٽايل پراڻن علائقن کان واقف ڪونه آهن، سي ڪنهن حد تائين ڪتابن جي پنن اٿلائڻ کان آجا ٿي ويا، جو مختلف نظرين کي نوان لاڙا ڏنا ويا آهن. هن موضوع تي وڌيڪ کوجنا ڪرڻ جي ضرورت آهي. درياھ جي هن وهڪري لاءِ آزاد خيال رکڻو آهي ۽ پرجھي پروڙي ۽ پرکي ڏسڻو آهي.
هتي اسان کي اها حقيقت به معلوم ٿيندي ته سومرا ان علائقي ۾ رهندا هئا. جتان ڪڏهن پراڻ وارو وهڪرو وهندو هو. وري اهو دور به آيو جو اهو وهڪرو پراڻ کي ڇڏي ويو. ان ڪري پراڻ صفا سڪي ڪونه ويو. هڪ ٻيو ڦاٽ به هو جنهن وسيلي پاڻي جو وڏو مقدار پراڻ ۾ ايندو هو. ڏسڻ ۾ اهو به اچي ٿو ته هن دور ۾ پراڻ وارو وهڪرو دائمي ڪونه رهيو هو. پر چاڙھ جي رت ۾ جڏهن پاڻي اٿل ڪندو هو ته پران به وهي هلندو هو. اٽڪ Attock(61) وٽان به هن کي ٿورو پاڻي ملندو هو. هن پاڻي کان سواءِ لوهاڻي درياھ وسيلي به کيس ساليانو پاڻي ملندو رهندو هو. پر اهو پاڻي اڳئين کان بلڪل مخالف طرف کان ايندو هو. ڪنهن حد تائين اهو پاڻي ۽ ڪجهه پاڻي ڦٽي درياھ Phita Deriaوسيلي، اچي هن ۾ پوندو هو.
ڦٽو درياھ (وويل درياھ) موجوده سنڌو مان ان جاءِ وٽان نڪرندو هو، جتي لوهاڻو درياھ اچي هن سان ملندو هو. ڪجھ فاصلو اوڀر پار هلي، ڏکڻ تي موڙو کائيندو هو ۽ ڦليلي ڦاٽ جو پيٽ ڪپي ڏکڻ اولھ جو رخ اختيار ڪندو هو. هتي هن وڪري جو نالو گاجيا Gajiaيا گارا درياھ هوندو هو ۽ ٺٽي ڏانهن سندس رخ هو ۽ نالو به ساڳيو هوندو هو. اتان کان پوءِ ڪنهن ٻئي نالي سان لاهري بندر وٽان سمونڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. هن درياهي ڇاڙھ جي ٺهيل ٽڪنڊي، ڦٽي درياھ ۽ حيدرآباد وارين ڇاڙهن جي وچ تي ڪنهن زماني ۾ نصرپور يا منصوره جو هڪ نهايت سر سبز ۽ آباد علائقو هوندو هو. هن موضوع تي مٿي گهڻو ڪجھ لکيو ويو آهي ۽ درياھ جي رخ جي ناتي سان نصرپور جي جاءِ وقوع تي به ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي آهي. هتي اها ڳالھ ضرور ڏسڻ ۾ ايندي ته نوبيا Nubian(62) جي جاگرافي دان جي حوالي جي آڌار تي ايم ڊي اَن ول منصوره کي هن جاٰءِ تي سمجهندي ڪيڏو صحيح لڳي ٿو. اهو پڪ سان ته نٿو چئي سگهجي ته ڦٽي درياھ ڪهڙي دور ۾ وهڻ شروع ڪيو هو. پر ايترو چئي سگهجي ٿو اهو وهڪرو نهايت قديم آهي. شايد ساڱري سان گڏ هڪ دور ۾ وهندو هجي. نصرپور ترخان دور ۾ وڏي اوج تي هئي. ڦٽي درياھ جي سڪي وڃڻ سان نصرپور جون رونقون ۽ رنگينيون ختم ٿي ويون. مون کي معلوم ائين ٿئي ٿو ته اڪبر جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ هيءُ وهڪرو سڪي نصرپور کي ڀينگ ڪري ويو.
سنڌو ۾ دو اَبي پرڳڻي ۾ پهچڻ کان پوءِ ڪيتريون تبديليون آيون ٿيون ڏسجن. هتي سندس انيڪ وهڪرا ڏسڻ ۾ ايندا. ان ڪري هنن وهڪرن جون حدون مقرر ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿيندو، ڇاڪاڻ جو صدين کان وٺي هر سال هن وهڪرن ۾ ڪانه ڪا تبديلي ضرور آئي آهي. معلوم ائين ٿئي ٿو ته اڳئين دور کان هنن نو سئو سالن ۾ گهڻيون تبديليون آيون آهن. انومان اهو آهي ته جنهن هيٺاهين علائقي مان هاڻي سنڌوجا ڦاٽ وهندا آهن، تنهن تان هزار سالن کن ٿيندو جو سمنڊ ڇڏي ويو آهي. اهڙين حقيقتن جو بيان مان مٿي به ڪري آيو آهيان.