سنڌ شناسي

سُکاري سنڌ ڏکارا ماڻهو

جيمس مئڪمرڊو جو هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙيون جهاتيون آهن، جن ۾ هن حڪمرانن جي سياسي سازشن ۽ گهرو جنگين جي بجاءِ سنڌ جي تمدني حالتن، معاشرت ۽ صدين کان ڏکن ڏولاون ۾ گهاريندڙ سنڌي ماڻهن جو احوال قلمبند ڪيو آهي.
Title Cover of book سُکاري سنڌ ڏکارا ماڻهو

ٻولي

سنڌ جي ٻولي پنهنجي لکت واري آهي. سندس لکڻ جو نمونو پنهنجو آهي ۽ کاٻي کان ساڄي طرف لکي ويندي آهي. سندس علامتون اصليت سان واسطو رکن ٿيون ۽ تڪڙي لکي سگهبي آهي. اکر هڪ ٻئي ۾ اندر ويندا پيا پائبا، مٿس ٿورو ويچار ڪري ڏسبو ته هنن جي لکت ٻين لان وڌيڪ ملبار جي ٻولي جي لکت جهڙي آهي. پر جيڪڏهن هر اکر کي ڀڃي جدا جدا ڪري ڏسبو ته ان سان ڪابه هڪجهڙائي ڪانه ٿي رکي. سنڌ ۾ عام طور ٻه ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. انهن مان هڪ ته سنڌي آهي جيڪا سنڌ جي اصلي ۽ بنيادي ٻولي آهي، ٻي ٻاروچي ٻولي آهي جيڪا لکيل صورت ۾ ڪانه ٿي ملي پر مان ڪٿي ڪٿي عربي رسم الخط ۾ لکيل ڏٺي آهي.• جيئن مان مٿي چئي آيو آهيان ته سنڌي ٻولي جي صورتخطي موجود آهي ۽ ان کي پنهنجي الف ب آهي. مان ان جي ٿوري ڄاڻ به رکان ٿو. معلوم ٿئي ٿو ته اها ڄڻ سنسڪرت جي هڪ چاڙھ آهي، جنهن هندستان کي ٻيون ڪيتريون ئي ٻوليون آهن. مان هتان جي عالمن جو هن ڳالھ ۾ قائل آهيان ته سنڌي ٻولي سنسڪرت مان ڦٽي نڪتي آهي. ساڳئي ذريعي جي آڌار تي چئي سگهان ٿو ته سنڌي ٻولي م گجراتيءَ کان وڌيڪ سنسڪرتي لفظ موجود آهن ۽ ٻيو ته سنڌي ٻولي م نئين دور سان لاڳاپيل نوان لفظ گهٽ آهن. مون کي اها ڳالهه به محسوس ٿئي ٿي ته هنن جي ڪن لفظن جا اصل بنياد هڪ جهڙا آهن، پر بولي جي سڀني لفظن ۾ هڪ جهڙائي ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي. گجراتي ته خالص هندي ٻولي آهي. سنڌي ۽ پنجابي ٻوليءَ جي لفظن ۾ گهڻي هڪ جهڙائي نظر اچي ٿي. ائين ٿو ڄڻ ته پنجابيءَ جو لهجو آهي.
سنڌي ٻولي هتان جا رهاڪو هندو ۽ عام ماڻهو ڳالهائيندا آهن ۽ سنڌ جي عام ٻولي آهي. ڏکڻ طرف ٿر واري علائقي ۾ جاڙيجن جي ڪڇ م به ڳالهائي ويندي آهي، پر ان ۾ ٿورو فرق آهي. ڀاٽيا ۽ لوهاڻا هندو به هاڻي اچي ڪڇ ۾ رهيا آهن ۽ پاڻ سان منهنجي نج ٻولي به کڻي آيا آهن. اَبيرا، ڄاڙا ۽ ڌنار پنهوار گجرائتي ڳالهائيندا آهن. هي ڪڇ جا رهاڪو ڪونه آهن، پر ڪيترين صدين کان ٻين کان اڳ هتي اچي ويٺا آهن ۽ ٻين مٿان غالب ٿي ويا آهن. هاڻي ڪڇ ۾ گجراتي ٻولي لکي پڙهي ويندي آهي. ٻروچن جا گهڻا قبيلا ٻاوچي ٻولي ڳالهائيندا آهن. هو بلوچستان مان لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا آهن. سنڌي ٻولي عربي، فارسي، پنجابي ۽ سنسڪرت جي گڏيل کچڻي آهي. هن ٻولي جي ڳالهائڻ جا لهجا به گهڻا آهن. مان ضميمي ۾ سنڌي ۽ ٻاروچي ٻولي جا ڪي لفظ ڏنا آهن، جن جي پاڻ ۾ تمام گهڻي هڪجهڙائي آهي.

____
• امڪان آهي ته هن سنڌي ٻولي عربي لپيءَ ۾ لکيل ڏٺي هوندي.