سنڌ شناسي

سُکاري سنڌ ڏکارا ماڻهو

جيمس مئڪمرڊو جو هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙيون جهاتيون آهن، جن ۾ هن حڪمرانن جي سياسي سازشن ۽ گهرو جنگين جي بجاءِ سنڌ جي تمدني حالتن، معاشرت ۽ صدين کان ڏکن ڏولاون ۾ گهاريندڙ سنڌي ماڻهن جو احوال قلمبند ڪيو آهي.
Title Cover of book سُکاري سنڌ ڏکارا ماڻهو

هندو

هندو، سنڌي معاشري جو هڪ حصو آهن ۽ پنهنجو اصل مذهب سان لاڳاپيل آهن. انهن مان ڪي ڀاٽيا ته ڪي لوهاڻا آهن. انهن جا گرو به جدا جدا هوندا آهن، جن مان پوڪرڻ Pakarna ۽ ڪي سرست برهمڻ آهن. عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ وقت ڀاٽين ۽ لوهاڻن ذڪر گهڻو اچي ٿو. انهن ٻنهي ذاتين جو اصل نصل سنڌي آهي، پر هاڻي وڻج واپار ڪارڻ اولهه هندستان جي ٻين ملڪن ۽ عربستان ڏانهن هليا ويا آهن.
سنڌ جي هندو ڀاٽيا قبيلي کي پنهنجي ريت رسم مطابق فقط سائي ڀاڄي کائڻي ڪونه آهي پر کين مڇي کائڻ به اجازت آهي. پر هن قبيلي مان ڪي ماڻهو لڏي پلاڻي هندستان هليا ويا ۽ اتي وڃي وشنو ڌرم اختيار ڪيائون، جنهن ۾ شخصي صفائيءَ ۽ سٺائي تي گهڻو زور ڏنل آهي. ان ناتي سان هن کاڌي خوراڪ ۾ به هنن پرهيز ڪرڻ شروع ڪئي آهي. سنڌ ۾ رهندڙ ڪي ڀاٽيا پنهنجي اصلي ڌرم تان ڦري ويا آهن.
سنڌ ۾ لوهاڻن هندن جو تعداد تمام گهڻو آهي. هو پنهنجي گذر سفر لاءِ هر ڌنڌ ڪندا آهن ۽ وقت جي حڪومت ۾ شريڪ ٿي وڏا سرڪاري عهدا به ماڻيندا آهن. هن مان اهي ماڻهو جيڪي مسلمانن سردارن ۽ حڪمرانن وٽ وڏن عهدن تي آهن تن جو ويس مسلمانن جيان هوندو آهي ۽ ڏاڍا صاف ۽ معزز پيا لڳندا آهن. باقي ٻيا ڏاڍا گدلا هوندا آهن ۽ سندن ڪپڙا به ميرا ڪنا پيا ڏسبا آهن. سنڌي ۾ پهاڪو ڏيندا آهن ته ‘فلاڻو اهڙو ميرو آهي جهڙوڪ لوهاڻو’. ڀاٽيا ۽ لوهاڻا، ٻئي جڻيو به پائيندا آهن ته مسلمانن جيان ڏاڙهي به رکائيندا آهن، پر هاڻي هنن ڏاڙهي ڪوڙائڻ شروع ڪئي آهي. اهي لوهاڻا جيڪي سرڪاري نوڪرين ۾ آهن، تن کي ڏاڙهي رکرائڻ جي سختي سان تاڪيد ٿيل آهي. اهي پاڻئون ڄاڻئون به ڏاڙهي جو خيال رکندا آهن. لوهاڻن هندن ۾ گهڻين شادين ڪرڻ جو رواج ڪونه آهي. لوهاڻن هندن جو واسطو سرست برهمڻ سان آهي. لوهاڻن ۽ لوهاڻن جي برهمڻن جي هلت چلت اٿڻ ويهڻ ۾ ڪو خاص فرق ڪونه هوندو آهي. سندن برهمڻ به هن جيان مڇي گوشت کائيندو ۽ شراب جا چُڪا به چاڙهيندو آهي. جنم، مرتئي ۽ وهانو جي موقعي تي کيس گهڻو ڪجھ ملي ويندو آهي، جنهن سان سندس پيٽ گذر به ٿيندو آهي. هو هڪ ديوي ماتا جي به پوڄا ڪندا آهن. سمنڊ يا سنڌو درياھ جي پوڄا واسطي هنن جون ڪيتريون پيگوڊائون ٺهيل آهن. سنڌو درياھ جي پوڄا لاءِ ڪنهن ٿانو ۾ درياھ جو پاڻي آندو ويندو آهي. پوڪرڻ، برهمڻ، ڀاٽين جا ٻانڀڻ آهن. اهي سرست برهمڻ کان وڌيڪ پڪا هندو آهن. پوءِ به هندستان ۾ رهندڙ ٻين فرقي جي هندن کان گهٽ ڪٽر آهن.