شهر
اروڙ کان پوءِ برهمڻ آباد يا بهمانا(Bahmana) جو شهر مشهور هو، جيڪو پراڻ جي وهڪري جي ڪٺار سان يا ان جي ويجهو اڏيل هو، بعد ۾ ان جي ماتحت علائقي کي شهدادپور پرڳڻي جا نالي سان سڏيو ويو. ڪنهن زماني ۾ بهمانا کي ديبل ڪانگرا(Debal Kangra) (ڏيڀر گهانگرو) به سڏيندا هئا.
نيرون ڪوٽ به سنڌ جو هڪ مشهور شهر هو، جنهن جي کنڊرن تي هاڻي حيدرآباد جو شهر آباد آهي. هي ماڳ پنهنجي مضبوط قلعي ڪري مشهور هو. مسلمانن جڏهن سنڌ تي حملو ڪيو، ته هي پهريون شهر هو، جنهن سندن آڻ مڃي هئي.
ڀنڀور جو شهر سنڌو جي ان ڇاڙھ جي ڪٺار سان وسندڙ هو، جيڪو ٺٽي ۽ ڪراچي جي وچ تي ڪڏهن سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. هن ڇاڙه جي سڪي وڃڻ کانپوءِ ڀنڀور جا رهاڪو لڏي پلاڻي وڃي ساڪري ۽ ٺٽي پرڳڻي ۾ ويٺا. منهنجو اندازو آهي ته مذڪوره شاخ سترهين صديءِ جي وچ ڌاران سڪي وئي هئي.
ڪلاڻ ڪوٽ يا ڪلان ڪوٽ، جنهن کي بعد ۾ تغلق آباد به سڏيو ويو، سو ٺٽي جي اولھ پاسي ۾ هڪ ٽڪري تي اڏيل هو، پر منهجس رهندو ڪير به ڪونه هو، ڇاڪاڻ ته سمجهيو ويندو هو ته هن قلعي جا ٿرڙ سونڊا پرڳڻي ۾ ڏسي سگهجن ٿا، جيڪو اڃان ان جي نالي پٺيان سڏيو ويندو آهي. هن شهر جي ڀر ۾ هما ڪوٽ نالي مشهور قلعو هوندو هو. سمجهيو ويندو هو ته هن قلعي کي به هندن جي ديوتائن اڏيو هو. هن شهر جي ناس ٿيڻ کان پوءِ هتان جا رهواسي اچي ٺٽي ويٺا.
ديبل سنڌ جو مشهور سامونڊي بندر هو. هي اهو شهر آهي، جنهن کي پهريائين عربن ڳولي لڌو هو، جيڪو هندستان جي سامونڊي ڪناري سان آباد هو. شهر تي اهو نالو هندن جي مشهور مندر تان پيو هو. عربن هن شهر کي تباھ ڪري ڇڏيو.
هيءُ شهر ڪاٿي هو، ان بابت مختلف خيال آهن. مان هن شهر کي انهن بيان ڪيل ماڳن کان ڪنهن مختلف جاءِ تي سمجهان ٿو هن بندر جي ٿيڻ کان پوءِ هتان جا رهواسي لڏي وڃي لاهري بندر ۽ پوءِ ڌاروجا ۾ ويٺا.
منڌرو پٽ هڪ وڏو شهر هو، جيڪو سنڌو جي موجوده ڦاٽ گوني جي ڪٺار سان ۽ لکپت جي سامهون پرٿورڙو مٿي آباد هو. هي شهر اٺين صدي هجري ۾ ناس ٿي ويو.
“طور” سومرن جو مشهور شهر هو، جيڪو ساڳئي علائقي ۾ آباد هو. وجي ڪوٽ سومرن جي حڪمراني جي راجڌاني هو ۽ پراڻ جي ڪناري آباد هو، جيڪو هاڻي بربٽ بيابان علائق لڳو پيو آهي. چيو ويندو آهي ته هن شهر کي علاوالدين اٺين صدي هجري ۾ تباھ ڪيو. منڪاتارا يا منحاتار(ماڻڪ تارو) به هڪ مشهور شهر هو جيڪو روپاھ جي پرڳڻي ۾ ڇهين صدي هجري تائين آباد رهندو آيو. هي شهر ڪيترو پراڻو آهي . تنهن جو پتو پئجي ڪونه ٿو سگهي. پر اڳڙي قبيلي لاءِ چيو ويندو آهي ته اهي سڪندر جي اولاد مان آهن . تحفه الڪرام جي مولف جو بيان آهي ته هي شهر لوهاڻي درياھ جي ڪناري سان آباد هو، جيڪو هاڻ شهدادپور پرڳڻي ۾ آهي، هتي قديم شهرن جي قديم ذڪر ڪرڻ مان ڪوبه فائدو ڪونه آهي، تنهن ڪري مان هاڻي موجوده دور جي شهرن جو ذڪر ڪندس، جن جو ذڪر سنڌ جي تاريخ ۾ به ملي سگهندو.
ڏيهي تاريخ جي حوالن مطابق ،جن ماڳن تي اڄ ٺٽي جو شهر آباد آهي، اتي ڪنهن زماني ۾ سمنڊ ڇوليون هڻندو هو. جڏهن هتان سمنڊ ڇڏي ويو ته اهو علائقو بربٽ بيابان ٿي ويو ۽ منجهس مٺي پاڻي جو نالو نشان به ڪونه رهيو. جڏهن سنڌو پنهنجو وهڪرو مٽائي ٺٽي ڏانهن ڪيو ته اهو علائقوسائو ڍائو بڻجي ويو. جڏهن سنه 700 ڌاران علاوالدين سنڌ تي حملو ڪيو چيو وڃي ٿو ته ان وقت سمن ساموئي شهر ۾ هڪ قلعي مندراسا(Mandrassa) جو بنياد رکيو هو، جيڪو ٺٽي کان پنج ميل پري ۽ مڪلي ٽڪري کان اتر پار هو. تائين صدي هجري جي پڇاڙي ۾ ڄام ندي(ڄآم نظام الدين) هڪ جاءِ جي چونڊ ڪري پنهنجي حڪمراني جي نئين راجڌاني جو بنياد رکيو، جتي اڳ ۾ ماڻهن جو ڳوٺ هو. نئين راجڌاني کي هن ٺٽي جو نالو ڏنو. ڪي چون ٿا ته هي لفظ ٿاب(Thab) مان نڪتل آهي، جنهن جي معني آهي ڳتيل آبادي . ڪن جو چوڻ آهي ته شهر جو بنياد پوڻ کان اڳ ئي هن کي ٺٽو چيو ويندو هو. حقيقت ڇا آهي، تنهن جو پتو ڪونه ٿو پوي. سنڌو جو بگهاڙ ڦاٽ ٺٽي جي اتران وهندو هو. ديبل، ڀنبور، ڀگهاڙ(Bagar) ۽ ٽيرا(Terra) جا رهواسي لڏي اچي ٺٽي ۾ آباد ٿيا هئا. اهي سڀ شهر، سنڌو جي ساگري ڦاٽ تي آباد هئا. انهن ماڻهن پنهنجا اباڻا ڪک پنهنجي رضا خوشي سان ڇڏيا يا مجبور ٿي ڇڏيا، تنهن جو پتو ڪونهي. مير عبدالرزاق اصفهاني، جيڪو “هثرب”(1) جي نالي سان مشهور آهي ، تنهن جو بيان آهي ته هنن شهرن م پهريائين يومن (Yuman) (9) جا ماڻهو آباد هئا. اهو ئي سبب آهي جو ٺٽي ۾ مهان ڏاها ٽ مشهور ماڻهو پيدا ٿيا.
ٺٽو لڳاتار ترقي ڪندو وڌنڌو ۽ ويجهندو رهيو، پر جڏهن مرزا جاني بيگ تي سنه 1000ھ ۾ اڪبر مغل جي فوجن حملو ڪيو ته هن کيس چوچڙي ڏياري ساڙي تباھ ڪرس ڇڏيو ۽ ان کان پوءِ اهو وري ساڳئي اوج تي ڪونه پهتو، توڙي جڳ سنڌ جي راجڌاني هجڻ جو اعزاز به هن شهر کي حاصل هو. جيئن پوءِ تئين پوئتي پوندو ويو. جڏهن ڪلهوڙن جو وارو آيو ته هن گهراڻي ٺٽي کي پنهنجي راڄ جي راڄڌاني ڪونه بڻايو. ان کان پوءِ وري ٺٽي ڪابه ترقي ڪانه ڪئي ۽ رهندو به پوئتي پئجي ويو. تاريخن جا مستند حوالا هن شهر جي آدمشماري ارڙهن هزارن کان مٿي ڪونه ٿا ٻڌائن. سڀئي تاريخون هن ڳالھ تي متفق آهن، هن شهر جو گهير ساڍا چار ميل کن ٿيندو، پر ڪنهن زماني ۾ ٺٽو ان کان چئوڻو وڏو هو.
هي شهر هڪ دڙي تري اڏيل آهي. سنڌو هن کان چار ميل کن وڀر ۾ وهندو آهي. اڄ کان چاليھ سال اڳ درياھ ٺٽي کان مٿي اولھ پاسي هڪ ڦاٽ ڇڏيندو هو ۽ ٺٽي جو شهر ڇوڙ واري علائقي ۾ هوندو هو. پر هاڻي اهي حالتون ڪونه رهيون آهن. پهريائين ٺٽي کي قلعو ڪنه هوندو هو، پر جڏهن پورچوگيزن ٺٽي کي ڦريو لٽيو ۽ رهواسين جو قتل عام ڪيو ته پوءِ مرزا عيسي شهر جي چوڌاري پڪين سرن جو ڪوٽ ڏياريو هو، جيڪو هاڻي ناس ٿي ويو آهي. دولتمند ۽ وڏ گهراڻن ماڻهن جا گهر پڪين سرن جا ٺهيل آهن، باقي مسڪين ماڻهن جا اجها ڪکاوان آهن. منجهن ڪاٺ ڪتب آندل آهي ۽ مٿانئن گارو گنب ڪيل آهي، ان ڪري جهٽ جهري پوندا آهن. ديبل ۾ جيڪو واپار وڙو ٿيندو هو، سو هاڻي ٺٽي ۾ ٿيندو آهي. عرب هن شهر کي “دبيل ٺٽه” ڪري سڏيندا آهن. ڪنهن زماني ۾ ٺٽو هڪ عظيم شهر هوندو هو. شايد ٺٽي جي شهر کي هن کان پوءِ به “ديبل ٺٽه” سڏيو ويندو. هن راڄڌاني جي حڪومت هڪ گورنر جي هٿ ۾ آهي، جنهن کي نواب سڏيو ويندو آهي، پر سندس هٿ هيٺ فوج تمام گهٽ آهي .
سنڌ جي موجوده رجڌاني حيدرآباد آهي ، جيڪو 25 ڊگريون 22 فوٽ ويڪرئي ڦاڪ اتر ۽ 68 ڊگريون 91 فوٽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي ۽ نيرون ڪوٽ جي کنڊرن مٿان اڏيل آهي. هي شهر غلام شاه ڪلهوڙي سنه 1182ھ ۾ تعمير ڪرايو هو. قلعو ۽ برج به سندس دور ۾ ٺهرايا ويا هئا. (10) هي قلعو هڪ ٽڪري تي اڏيل آهي، جيڪا هڪ پاسي کان اڀ ڪپري آهي. هن ٽڪري جي ڪڇ مان سنڌوءَ ج ڦاٽ ڦليلي وهندو آهي. سنڌو جو مکيه وهڪرو حيدرآباد کان ٽي ميل اولھ ۾ وهندو آهي. مذڪوره ٻئي ڦاٽ جهاز راني جي قابل آهن.
هن کانپوءِ ٻيو مشهور شهر سيوهڻ آهي پر ايڏو گهڻو مشهور ڪونه آهي. هن کي نهايت قديم شهرن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. سندس نالا به گهڻا آهن، کيس سيوستان، سيون ۽ سيوهڻ به سڏيو ويندو آهي. معلوم ٿئي ٿو ته سندس پهريون نالو صحيح آهي. ڪڏهن هن کي بغداد به سڏيو ويندو هو. اهو به چيو ويندو آهي ته ڪنهن دور ۾ هتي اهڙا ماڻهو به رهندا هئا، جيڪي آدم خور هئا. اهي روايتون به موجود آهن ته ٺٽي جي ڄامن مان ڪنهن سلطان سيوهڻ جي قلعي کي ڏاڍي ٺاهوڪي نموني سان ٺهرايو هو. جڏهن ڄام فيروز گادي تي ويٺو ته شاھ بيگ ارغون مٿس حملو ڪري کانئس سنڌ جو راڄ ڦري ورتو. سيوهڻ وارو علائقو به ان جي قبضي ۾ آيو. هي قلعو هڪ ٽڪري تي جوڙيل آهي، جيڪا سنڌو جي ڪناري کان وٺي اڀ ڪپري تي آهي. قلعو پنهنجي بنايت ۾ سوڙهو آهي، جيڪو هاڻي ڊهي ناس ٿي ويو آهي. شهر به ڄڻ جهوپڙين جو مچلو آهي. آدمشماري اٺ هزار کن اٿس. شهر ۽ قلعي جي وچ تي هڪ گهارو آهي، جيڪو چاڙھ جي رُت ۾ ڀرجي تار ٿي ويندو آهي. سيوهن جي قلعي جي اهميت ان وقت حاصل هئي، جڏهن ان تي ڪنهن ٻئي حڪمران جي حڪومت هئي. جڏهن انتظامي طور سنڌ ۾ ملي ويو ته سندس اهميت به گهٽجي وئي. شهر ۽ قلعو سنڌو جي اولھ پاسي موجود آهن. موجوده دور ۾ درياھ ڪافي پري وهندو آهي.
بکر شهر جو بنياد عربن رکيو هو جيڪو اروڙ قلعي جي سامان سڙي سان اڏيو ويو هو. تحفه الڪرام جو بيان آهي هيءُ شهر هندو دور ۾ موجود ڪونه هو. سيد محمد مڪيءَ هتي پهچي “بڪر” جو لفظ اچاريو هو، جنهن جي معني آهي “پرھ ڦٽي” ۽ اهو واقعو هن شهر جي بنياد پوڻ کان پوءِ ٿيو. شاھ بيگ ارغون جي زماني ۾ بکر شهر جي چوڌاري سنڌو جو پاڻي ڦري ايندو هو ۽ درياھ ۾ ڄڻ هڪ ننڍڙو ٻيٽ بڻجي پوندو هو. شروعاتي دور ۾ هن ٻيٽ جو چوڌاري سنڌو جو پاڻي ڦري ايندو هو سا نه، تنهن جو پتو ڪونه ٿو پوي. پر مان هن ڳالھ جو قائل آهيان ته اڳي پاڻي چوڌاري ڦري ڪونه ايندو هو. هاڻي به سياري جي رُت ۾ بکر ٻيٽ جي اولھ پاسي کاب پاڻي سڪي ويندو آهي. شاھ بيگ ارغون هن شهر کي راجڌاني بنايو ۽ چوڌاري پڪين سرن جو ڪوٽ ڏياريو. بکر جي ضلعي ۾ قديم دور کان وٺي سيد رهندا هئا،سندن طاقت شاھ بيگ ارغون کي ڀانءِ ڪانه پئي. کين بکر ڇڏن لاءِ مجبور ڪيو ويو، تن به بکر کي ڇڏي اڇي روهڙيءَ ۾ پنهنجا ويڙها وسايا. روهڙي بکر جي ڀرسان هڪ ننڍي وسندي هئي. بکر قلعي کان اڀر واري سنڌوءَ جي ڇاڙھ بکر ۽ روهڙي وچان وهندي هئي ۽ منجهس کان ڇهوڻ تي وڌيڪ ماڻهو آباد هئا. ٻئي پاسي کان سامهون بکر جي ٻي ننڍي وسندي سکر يا سيگر آهي. بکر جي ڀرسان ڀيرلو، پريالو، ٻٻرلوجي جوءِ م عاليشان باغ هئا، جن ۾ ڏاڍو خوبصورت جايون ٺاهيل هيون. جڏهن سلطان محمود ڪولڪتاش ٻڌو ته شهنشاھ اڪبر جو فوجي مهندرا بيرم خان خانان اچي رهيو آهي ته هن اهي باغ ناس ڪرائي ۽ خوبصورت جايون تباھ ڪرائي ڇڏيون . پر سندس وفات کان پوءِ بکر وارو علائقو دهلي جي ڏن ڀرو ٿي ويو ۽ بکر فقط ان جي نالي واري سرڪار جو صدم مقام رهجي ويو. جڏهن نادر شاھ سنڌ تي حملو ڪيو ته بکر جي ضلعي کي ڊاهي ناس ڪري ڇڏيائين . موجوده دور ۾ هيءءُ شهر مير سهراب خان جي راڄ ۾ آهي. سندس اها پراڻي اهميت ڪانه رهي آهي. هي شهر هڪ پاسي کان قنڌار ۽ سنڌ، ٻئي پاسي کان دائود پوٽن ۽ مير سهراب جي وچ ته ڄڻ ته ديوار بڻيو بيٺو آهي. مذهبي نقطئه نگاھ کان بکر کي وڏي اهميت حاصل آهي، ڇاڪاڻ ته هن شهر ۾ حضرت محمد صعلم جا اڍائي وار مبارڪ آهن، جيڪي سوني صندوقڙي ۾ بند آهن. هنن وارن مبارڪن لاءِ چيو ويندو آهي ته منجهن ڪي خاص خوبيون آهن ۽ سندس وڏو ادب ۽ احترام ڪيو ويندو آهي. بکر ۾ ڪي پرا ڻا مسلمان گهراڻا آباد هئا جيڪي پنهنجي دور جا وڏا عالم ۽ اڪابر ماڻهو هئا. جيڪڏهن هن گهراڻي جي ڪتابن ۽ ڪاغذ پنن مان استفادي ڪرڻ جي کلي اجازت ڏني وڃي ته قديم سنڌ بابت گهڻي ڪجھ ڄاڻ ملڻ جو امڪان آهي.
بکر ۾ هاڻي ڦٽي ناس ٿي ويو آهي. پر ڪنهن زماني ۾ سنڌ جو خوبصورت ۽ مشهور شهر هو. ڪن جاگرافيادانن جو خيال آهي ته عربن جو المنصوره به هي ماڳ آهي، منهنجو خيال به اهو آهي ۽ پنهنجي راءِ جي اظهار اڳتي ڪيو ويندو. اها هڪ هڃيل حقيقت آهي ته نصرپور جي موجوده شهر جو بنياد سلطان فيروز شاھ تغلق جي هڪ اعلي عملدار نصير رکيو هو. دهلي جي مذڪوره سلطان 751ع ۾ ٺٽي تي حملو ڪيو هو. سطان دهلي رواني ٿيڻ وقت سنڌ جو انتظام هن عملدار جي حوالي ڪيو هو. نصرپور ان زماني ۾ سنڌوءِ جي سنڌ جو انتظام هن عملدار جي حوالي ڪيو هو. نصرپور ان زماني ۾ سنڌوءِ جي مکيه وهڪري ساڱري جي ڪناري تي آباد هئي. هن شهر جي اوسي پاسي باغ باغيچا ۽ خوشنما ميدان هئا، جن ۾ تفريح لاٰ سهڻيون عمارتون جوڙيل هيون. ارغون ۽ ترخان گهراڻي نصرپور کي گهڻي ترقي ڏياري. اهو شهر ڪهڙي زماني ۾ تباھ ٿيو، تنهن جي ڄاڻ ڪونه آهي، پر امڪان اهو آهي ته سنڌوءِ پنهنجو نصرپور وارو وهڪرو بدلائي حيدرآباد جي اولھ کان وهڻ لڳو ته هيءُ شهر ڦٽي ناس ٿي ويو. دهلي جي فوج جڏهن سنه 1000 ۾ سنڌ تي حملو ڪيو، هيءُ ان کان اڳ جو واقعو آهي.
مان جن شهرن جو هتي ذڪر ڪيو آهي، تن کان علاوه به سنڌ ۾ ڪيترائي شهر آهن، جن مان ڪي هاڻوڪا آهن ۽ ڪي وري اهڙا آهن جن جا نالا بدلجي ٻيا ٿي ويا آهن ان ڪري مون سندن بيان ئي ڪونه ڪيو آهي. جن شهرن جو بيان ڪيو اٿم، سوبه اهڙي ريت آهي، جهڙي ريت هاڻي اُهي شهر آهن. سڀاڻي هي تاريخ جڏهن ڇپجي ماڻهن جي آڏو ايندي ، تڏهن پتو ناهي ته انهن شهرن جو ڪهڙو حال هوندو ، منهنجي خيال ۾ نقشو هجي ها ته نون ۽ پراڻن شهرن جي موضوع تي وڌيڪ چٽائي سان سمجهائي سهگجن ها.