انگريز سرڪار جي حڪمت عملي
سنڌو درياھ جي موجوده وهڪري جي بيان ڪرڻ کان اڳ ۾ مان هن عظيم درياھ جي سڀاءُ ۽ قديم تاريخ جي مختلف دورن ۾ وهندڙ مختلف وهڪرن تي ڪجھ روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪندس. انهي لاءِ ضروري آهي ته هن موضوع تي پنهنجي راءِ جي اظهار ڪرڻ ۾ اڳ ۾ هي ڳالھ به واضح ڪري ڇڏيان ته اهڙي قسم جو مواد مون مختلف قسم جي ڏيهي تاريخن مان ورتو آهي. ٻيو مواد مون انهن ڏيهي ماڻهن وٽان ڊگهي پڇا ڳاڇا وسيلي هٿ ڪيو آهي، جن جي ملڪ مان هي درياھ وهندو آهي. مان کلي دل سان پنهنجي هن گهٽتائي جو اعتراف ڪريان ٿو ته هن درياھ جو فقط پنجويھ سال پراڻي وهڪري جو صحيح نموني سان پتو پئجي ڪونه سگهيو اٿم. تنهن ڪري سندس قديم وهڪري بابت ڪجھ چوڻ غلط ٿيندو. قديم دور جي تاريخي حوالن وسيلي يا موجوده دور جي مشاهدي مطالعي کان سواءِ ڪنهن حتمي نتيجي ڪونه پهچي سگهبو ته پراڻو وهڪرو ڪهڙو هو. سمجهان ٿو ته مان انهن عزت مان مصنفن سان سهمت ڪونه آهيان، جن جا سنڌو جي قديم وهڪرن بابت نظريا ڪجھ ٻيا آهن. منهنجي سوچ مطابق هنن بنا ڪنهن سوچ ويچار ڪرڻ جي پنهنجا اهي خيال قلم بند ڪري ڇڏيا آهن، تنهن مان سندن حوالن ڏيڻ کي ايڏو ضروري ڪونه ٿو ڀانيان. اهي مصنف يورپ ۾ ويهي سنڌو جي وهڪرن تي پنهنجا رايا ڏين ٿا يا اهڙن موضوعن تي ڪڙي ٽيڪا ٽپڻي ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪن ٿا، جن ۾ ڪنهن حد تائين سچائي ۽ تحقيق ڪم ٿيل هوندو آهي. ڪي ماڻهو هندستان ۾ هوندا آهن پر انهن ڪڏهن نه ته سنڏ ڏوري ڏٺي آهي ۽ نه وري سنڌو جي وهڪرن کي اک مان ڪڍيو آهي، تن جون لکڻيون ته فقط اڻ پوريون آهن پر وڌيڪ منجهيل آهن.
سنڌو درياھ کي هندن جي ڌرمي ڪتابن ۾ سنڌ سا سنڌو سڏيو آهي. سن ساڳي زبان ۾ سنڌ يا سنڌو لفظ جي معني سمنڊ آهي. هن درياھ تي اهڙو نالو پاڻي جي ججھي مقدار هجڻ ڪري پيو آهي يا ان ڪري جو چاڙھ جي رت ۾ اٿل ڪري چوڏس ٻوڙان ٻوڙ لائي ڇڏيندو آهي. جڏهن اهو پاڻي سڪي ويندو آهي ته هڪ پاسي گاهن جي گلزاري لڳي ويندي آهي ته ٻئي پاسي کان پوکي راهي ٿيندي آهي ۽ زندگي سان لاڳاپيل هر شئي جا ڍير لڳي ويندا آهن. ان ڏيٺپي سان ٿي سگهي ٿو ته سنڌو جي اصطلاحي معنٰي سمنڊ هجي. ان سبب ڪري هندن جي ڌرمي ڪتابن هن درياھ سان لاڳاپيل ملڪ کي ‘سنڌو ديس’ لکيو آهي يعني سنڌو درياھ واري ملڪ، ديس يا ڏيھ . پتو نه آهي ته سنڌ ملڪ تان درياھ تي نالو پيو آهي يا سنڌو درياھ تان ديس تي نالو پيو آهي، سا غيب جي گدو چئي خانوند کي خبر مان دعويٰ سان چئي ڪونه ٿو سگهان ته ٻين درياهن جي سنگم مٿان به هن دياھ کي سنڌو سڏيو ويندو هو. هن درياھ کي سنڌو ٻين درياهن جي سنگم کان مٿي واري حصي کي سڏيو ويندو هو. منهنجو ذاتي رايو آهي ته ٻين درياهن جي سنگم کان بعد ئي سڀني درياهن جي گڏيل پاڻي جي وهڪري کي سنڌو نالي ڪوٺيو ويندو هوندو. سنڌ تي مسلمانن جي حملي کان اڳ يا ائين کڻي چئيجي ته اسلامي دور کان گهڻو اڳي الور جي حڪمراني وارو ملڪ ڪشمير سان دنگئي هوندو هو. پر ان جو اصل ملڪ ‘سنڌو ديس’ هو. جنهن ۾ ٻه راجڌانيون ۽ ڪيترا وڏا ننڍا شهر آباد هئا. ان ملڪ جي اصلي جاءِ وقوع ملتان کان هيٺ معلوم ٿئي ٿي. اهڙيون روايتون به موجود آهن جيڪي هن نظريي جي تائيد ڪن ٿيون. موجوده دور جي صورتحال مان ائين معلوم ٿئي ٿو سنڌ يا سنڌو ديس، سنڌ جي ڏکڻ واري پاسي ۽ سنڌو جي اڀرندي ڪناري واقع آهي . جڏهن عربن سنڌ فتح ڪئي ته سنڌو درياھ جو نالو ڄڻ ته ختم ٿي ويو هو ۽ درياھ جنهن شهر ۽ ڳوٺ ڀرسان لنگهندو هو ته اتان کيس ان شهر يا ڳوٺ جي نالي پٺيان سڏيو ويندو هو. اهو ساڳيو طريقو صدين تائين هلندو رهيو آهي ۽ اڃا به ساڳي دستور قائم آهي. ان جو سبب شايد اهو آهي جو تحقيق ڪندڙ جي دل ۽ دماغ تي هڪ درياھ جا گهڻا نالا ڇانئجي ويا آهن، تنهن ڪري ويچارومنجهي پوي ٿو ۽ اهڙي ڏچي ۾ اڙجي پوي ٿو، جنهن کي سلجهائڻ جو کيس گس ئي نظر ڪونه ٿو اچي. جيڪڏهن ان ڏچي کي نبيري ٿو ته کيس پوري پڪ ڪانه ٿئي ٿي ته سچائي ڇا آهي.
هن درياھ ۾ ڪي خاص ڳالهيون آهن. گهڻين جاين تي ته کيس ڪنارا آهن ئي ڪونه. ڪٿي وري سندس ڀرپاسي واري علائقي جي زمين کان ايترو مٿي چاڙھ ڪندو آهي جو ٻوڙان ٻوڙ لائي ويندو آهي. جنهن علائقي مان هي درياھ وهندو آهي تنهن جي مٽي وارياسي ۽ نرم آهي، تنهن ڪري وهڪرن بدلائڻ ۾ دير ڪونه ڪندو آهي. اهڙي مٽي ٻين وڏين درياهن جيان فقط سندس ڇوڙ واري علائقي ۾ ڪونه آهي، پر مان اوهان کي هتي اهڙيون حقيقتون ٻڌائيندس ته هن درياھ ڇوڙ واري علائقي کان گهڻو مٿي به هميشه پنهنجا وهڪرا پئي بدلايا آهن. ان ڪري سنس نون ۽ قديم وهڪرن کي سڃاڻي نکيڙ ڪرڻ اڻ ٿيڻي ڳالھ کڻي ڪانه آهي، پر ڏکي ضرور آهي. سنڌ جي تاريخ جو مواد ڪٺو ڪرڻ دوران ڪن ڪتابن مان ۽ پڇا ڳاڇا ڪندي زباني ڳالهين وسيلي ڪي حقيقتون معلوم ڪري اچرج ٿيو ته ٻاهريون صدي اڳ عربن جي هلان ويل، ارغونن جي حملي دوران ۽ موجوده زماني واري سنڌ جي آباد علائقي ۾ گهڻو فرق آهي. سنڌ جي مورخن جو بيان آهي(17) ته الور جي قلعي هيٺيان راءِ ڏاهر Rao Daher۽ عربن جي وچ ۾ جيڪي فيصلاڪن جنگ لڳي هئي، تنهن ۾ سنڌ وارن هارايو هو ۽ عربن جي حملي ڪري وائڙا ٿي پوئتي هٽندا وڃي درياھ ۾ پيا هئا ۽ سندن وڏو انگ درياھ ۾ ٻڏي مري ويو هو. راجا جو مئٿ به هڪ ڇاڙھ مان لڌو، جيڪا وهندي وڃي درياھ ٿي پئي. سنڌ جي ٻي تاريخ مان پتو پوي ٿو ته ته الور (18) سنڌو جي هڪ وهڪري تي آباد هو، جيڪو ويندي سمنڊ تائين جهاز رانيءِ لائق هو. پوئين جي بيان موجب بهمن، Patan Bahmanتي آباد هئي ان کان پوءِ هن کي لوهاڻو درياھ سڏيو ويندو هو. ٻئي مورخ هن ڳالھ تي متفق آهن ته عربن جي فتح کان ڪجھ سال پوءِ ٺٽي جو علائقو آباد ڪونه هو ۽ ماڻهو به منجهس ڇڊا پاڊا رهندا هئا. شروعاتي دور ۾ اهو وارياسو رڻ پٽ علائقو هو يا سمونڊ هيٺيان هو. سنڌ جا وڌيڪ سکيا ستابا ۽ ساوا ڍاوا علائقا، جن ۾ سنڌو جو گهڻو پاڻي موجود هو، سي ديرڪ Dirakجو قديم علائقو يا چچگام Chachgam۽ بادبان Badbanهو. هو ٿر جي ڀرپاسي وارو علائقو هو، جتي هاڻي پاڻي جا اڻاٺ آهي ۽ واھ کوٽي آباديءَ لاءِ پاڻي پهچايو وڃي ٿو.
اڳتي ايندڙ حقيقتون جڏهن مون کي مليون تڏهن مون کي شڪ ٿيو ته سنڌو جي اڀرندي ڇاڙھ الهندي کان وڏي هئي، پر هاڻي وري الهنددي شاخ وڏي آهي. منهنجي پڇا ڳاڇا هلندي رهي جنهن هڻي وڃي هنڌ ڪيو. انهيءَ مليل ڄاڻ مان ڪيئي سوچون اڀريون، پر ڪيترن متضاد خيالن جو نبيرو به ٿي ويو ۽ مونجهاري وارو ڌنڌو پري ٿي ويو. توڙي جو ڪيترا ڀيرا مون سوچيو آهي ته وايچاريل ڪن نڪتن کي پنهنجي طرفان نقشا ڏئي پڌرو ڪيان. جڏهن اهڙي نقشي کي ننڍوڪري پني تي ڪڍڻ جا جتن ڪيم ته منهنجي سوچيل نقشي کان گهٽ لاڀائتا ثابت ٿيا. اهي جڏا سڏا، ڪيئن به آهن پر مان پنهنجي طرفان هڪ ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن اهي سڄاڻ دوست سمجهي ۽ انصاف ڪري سگهن ته هيءُ موضوع ڪيترو منجهيل آهي پر ان سان گڏ دلچسپ به آهي.
هيءُ سڪل پيٽ جنهن کي مان سنڌو جو پراڻو وهڪرو سمجهان ٿو ۽ جنهن جو بيان به مٿي ڪري آيو آهيان ، سو قديم دور سان واسطو رکي ٿو ۽ اڃا به موجود آهي. مذڪوره پراڻو ٻيٽ موجوده درياھ• Puarana Deria کان سٺ ۽ اسي ميل جي وچ تي دور پوروڇوٽ آهي، جنهن کي ماڻهو پرڻو درياھ سڏيندا آهن. ان جي ڪنڌيءَ سان مشهور قديم شهرن جهڙوڪ الور بهمن آباد، اَبپور Abpur۽ وڳھ ڪوٽ جا ٿرڙ ڏسي سگهجن ٿا. پويوم شهر ڪنهن زماني ۾ سومرن جو راجڌاني هو. مان پڪ سان چئي ڪونه ٿو سگهان ته هن قديم شهر جو اصلي ماڳ ڪهڙو آهي. پر مان سمجهان ٿو ته اهو ضرور ان ٿاڪ وٽ هوندو جتان پراڻو درياھ سنڌو جي موجود وهڪري کان ڇڄي ڌار ٿيندو آهي. اها پڪ آهي ته بکر Bhakirکان ضرور مٿان هوندو. گهڻن جو خيال آهي ته اهو شهر گنج بخش ڳوٺ جي ماڳن تي قائم هو، جيڪو بکر کان چاليھ ميل مٿي آهي. ان ڪري مان سمجهان ٿو ته پراڻو درياھ بکر جي موجوده شهر کان ويھ ميل اوڀر ۽ الور ڏانهن وهندو هو. هيءُ شهر سنڌو جي هڪ ڇاڙھ لوهاڻي درياھ تي وسندڙ هو، جيڪو نقشي ۾ سنڌو درياھ کان ڪجھ ميل اولھ ۾ ڏيکاريو ويو آهي. مذڪوره لوهاڻي درياھ کي هاڻي بهمنوا Bahmanaسڏيو وڃي ٿو.
بهمانا کان ويھ ميل اوڀر ۾ ساڳي ئي ڳي ئي ويڪرائي ڦاڪ تي ٻه درياهيءَ جي صورت اختيار ڪندو هو. هڪ ڇاڙھ جو ساڳيو نالو پراڻ هو ۽ ڏکڻ ڏِس تي وهڻ شروع ڪندي هئي. هن وهڪري جي پاڻي سان جُوڻ، بادبان پرڳڻا اباس ٿيندا هئا جيڪي هاڻي سُڃ لڳا پيا آهن. مذڪوره وهڪرو اڳتي هلي الله بندر• Allah Bandarوٽ درياھ سان ملندو هو ۽ هيٺانهن پٽن ۾ پلٽجي لکپت درياھ واسيلي وڃي سمونڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. ائين وهڪرو ائين هو جهڙي ريت ان کي ڏسي سگهجي ٿو ۽ سنڌڳ جو صفا اوڀاريون وهڪرو هو. ائرين Arrianجو بيان آهي ته هي وهڪرو ڇوڙ واري ٿاڪ وت وڏي ڍنڍ ٺاهي پوءِ سمنڊ ۾ پوندو هو ۽ ان ڍنڍ کي نارائڻ سرور Narayana Sirowar(19) سڏيو وڃي ٿو جيڪا ويھ ميل ۽ طرف ڏکڻ اولھ ٿيندو. حقيقتن مان ثابت ٿئي ٿو ته هن علائقي ۾ لکپت ڀرسان ڪا ڍنڍ ضرور موجود هئي. ٻئي ماڳ ڏاڍا قديم آهن ۽ هندو پراڻن ۾ سندن ذڪر موجود آهي. هندو ڌرم سان واسطو رکندڙ ماڻهو هن ماڳن تي پوڄا پاٺ ڪندا آهن. (20) هن بيان کان پوءِ مان موٽي پنهنجي اصلي موضوع تي ايندس، سو اوهان کي هي ڳالھ ٻڌائيندو هلان ته سنڌو جو پاڻي ايترو چاڙھ ڪندو هو جڳ وڏي علائقي تي پکڙجي ويندو هو. ان جا پراڻا نشان اڄ به الله بندر ۽ لکپت جي اوسي پاسي اتر ۽ اوڀر ۾ سنڌو درياھ جي موجوده ڇوڙ واري علائقي ۾ ڪڇ جي رڻ جي وچ تي اڄ به ڏسي سگهجن ٿا، جيڪي ڪڇ جي اتر پاسي، اولھ ۽ اوڀر ۾ پکريل آهن. هاڻي اسان موٽي پراڻ واري علائقي ڏانهن اچون ٿا ته جيئن سنڌو جي صفا الهنديءَ چاڙھ جي ذڪر وڌيڪ چٽائيءَ سان ڪري سگهون.
هن ڇاڙھ کي ڪنهن زماني ۾ لوهاڻو درياھ سڏيو ويندو هو. (21) پراڻ کان ڇڄڻ بعد موجوده خداآباد ۽ هالا ڪنڊي جي وچ تائين اولھ ڏکڻ وارو رخ اختيار ڪندو هو. ان کان پوءِ موجوده وهڪري سان وڃي ملندو هو. گڏيل پاڻي جو اهو وهڪرو ڀنڀور وٽان لنگهي ديبل ڀرسان وڃي سمونڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. ان قديم شهر ڀنڀور (22) جا ماڳ ٺٽي ڪراچي رستي کان ويھ ميل پري آهن. مان پڪ سان چئي ڪونه ٿو سگهان ته درياھ کان هي ڇاڙھ ڪهڙي ٿاڪ وٽان ڇڄي ڌار وهڪرو اختيار ڪندي هئي. پر هڪ تاريخ طبقات اڪبري موجب هيءُ وهڪرو ٺٽي جو اولھ پاسو ڏئي وهندو هو. هي ويساھ جوڳي تاريخ آهي ۽ عام طور تي سمهجيو به ائين ويندو آهي ته ٺٽي جي اولھ کان به ڪڏهن سنڌوءَ جي هڪ ڇاڙھ وهندي هئي. هن وهڪري کي اسان ڪيترو به شڪ جي نگاھ سان ڏسون پر اها هڪ اگري حقيقت آهي ته ٺٽي ۽ ڪراچي جي وچ تي گگهه Gath• جا نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جنهن جي ڪنڌيءَ تي ڀنڀور جا ٿرڙ اڄ به موجود آهن. اتي اسان کي هڪ سامونڊي کاري به ڏسڻ ۾ ايندي جيڪا اچي، ڪنهن درياھ جي وارياسي پراڻي ٻيٽ وٽ کُٽندي آهي. (23) جنهن مان سمجھ ۾ اچي ٿو ته انهي پراڻي ٻيٽ جو سمنڊ سان لاڳاپو هو. سنڌي ماڻهو به اها دعويٰ ڪندا آهن ته اهو سنڌوءَ جو سمنڊ ۾ ڇوڙ وارو ٿاڪ آهي. ايم ڊيلا روڪيٽس M.Dela Rochetiesجي جوڙيل نقشي ۾ به هن ڇاڙھ جي وهڪري کي هالاڪنڊيءَ وٽان گذرندي ڏيکاريو ويو آهي ۽ اڳتي هيٺ ديبل جو اولاهيون پاسو ڏئي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. هن، ساراسان Sarasanکي هن وهڪري سان ڏيکاريو آهي.
ڀنڀور هڪ شهر هو جيڪو راجا ڀنڀي جي راڄ جو راجڌاني هو. (24) هيءُ راجا ڏهين صدي عيسويءَ ڌاران هتي راڄ ڪندو هو. هي شهر چڱو خاصو وڏو ۽ مشهور هوندو هو. تاريخ جي هڪ مولف جي بيان مطابق جڏهن درياھ جي مذڪوره ڇاڙھ سڪي وئي ته ڀنڀور شهر ۽ اوسي پاسي جا ماڻهو لڏي اچي ساڪيا Sakiaجي پرڳڻي ۾ ويٺا.(25) هيءَ اها ڇاڙھ آهي جيڪا ٺٽي جو اولھ ڏئي لاهري بندر وٽان وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي آهي. اها ڳالھ ته ڀنڀور جو شهر سنڌو جي هڪ ڇاڙھ تي آباد هوندو هو، بنا ڪنهن تاريخي شاهديءَ جي بيان ڪئي وئي آهي. تحفه الڪرام Tahfat al Cram ، پراڻين ڏند ڪٿائن، سنڌي بيتن ۽ حالتن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڀنڀور شهر ڀرسان حقيقت ۾ لوهاڻو درياھ هوندو هو. جن حالتن ڏانهن اشارو ڏنو ويو آهي سي هي آهن ته ڪنهن شهر مان هڪ ڇوڪريءَ کي ڪنهن صندوق يا کاريءَ ۾ سمهاري درياھ جي ڪنهن ڇاڙھ ۾ لوڙهيو ويو ته وڃي ڀنڀور جي شهر پهتي هئي. اها صندوق هڪ ڌوٻي کي هٿ لڳي جنهن کڻي وڃي پنهنجي سيٺ کي پهچائي هئي. اها ڇوڪري ان جي گهر ۾ پلجي نپجي نيٺ هن ڏينهن جوان ٿي ۽ سنڌي ٻولي جي بيتن جو هڪ وسيلو بڻي هئي. معلوم ائين ٿئي ٿو ته پنهنجي پيءَ ماءُ هن ٻار کي ٻوڙي ماري ختم ڪرڻ ٿي چاهيو پر اهو خوش قسمتي سان بچي وئي. جنهن جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي.اها ڇوڪري ايڏي ته سهڻي هئي جو نالو “سسئي” رکيو هئائونس جنهن جي معنٰي آهي چنڊ. ڏند ڪٿا مطابق ان سسئي ۽ مڪران جي سردار (26) جي پٽ پنهون جي پاڻ ۾ پريت ٿي وئي. هن سسئي جي حسن جي هاڪ سڻي پنهنجي ملڪ مڪران مان ڪهي اچي ڀنڀور پهتو. پر پنهونءَ جي پيءُ جي ڪٺور دل، ٻنهي کي وقت کان اڳي ختم ڪري ڇڏيو.
ڳالهه اها نه آهي ته اهو عاشقيه داستان سچو آهي يا ايشيا جي ٻين ڪهاڻين جيان ڏند ڪٿا آهي پر هڪ ڳالھ کي اسين بلڪل سچو سمجهون ٿا. ڪهڙي به ڪوڙي ڪهاڻي بهمانا کان ڀنڀور تائين درياھ جي ڇاڙھ وهائي آڻي ڪانه ٿي سگهي. جيڪڏهن هي وهڪروان دور ۾ نه وهندو هو، جنهن دور ۾ هي عشقيه ڪهاڻي وجود ۾ آئي ته ڀنڀور جو ذڪر نه اچي ها. اهو ڌوٻي جنهن جو نالو لکتن ۾ موجود آهي سو ڌن دولت وارو ماڻهو هو. وٽس ڪيئي نوڪر ڌوٻي رکيل هئا، جيڪي سندس گراهڪن جا ڪپڙا ڌوئيندا هئا. هڪڙي ڏينهن جڏهن هو درياھ تي ڪپڙا ڌوئي رهيا هئا ته کين هڪ صندوق پاڻي ۾ لڙهندي نظر آئي، جنهن ۾ اها ڇوڪري رکيل هئي. هن مان اهو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ڀنڀور ڀرسان پاڻي ڪنهن ڍنڍ جي صورت ۾ ته پر وهندڙ حالت ۾ موجود هو ۽ اهو سنڌوءَ جو پاڻي هو. هن ڇوڙ واري علائقي ۾ سنڌو جا ڪيترائي ڦاٽ هوندا هئا. (27)
مٿي جيڪا ثابتي پيش ڪئي وئي آهي، تنهن مان اهو واضع ٿئي ٿو ته سنڌو جي وهڪري ۾ وڏي تبديلي اچي چڪي آهي. هاڻي مان اهڙيون حقيقتون بيان ڪندس ته “پراڻ” وارو وهڪرو هن درياھ جي ڇاڙھ هو.
سنڌو ۾ اهڙي وڏي تبديلي ضرور آئي هئي، جنهن جو ذڪر تاريخ جي گهڻن ئي مولفن ڪيو آهي. (28) پر اهي مولف انهي تبديلي جو سبب اهڙو ٻڌائين ٿا جيڪو حقيقت ۾ ٿي ڪونه ٿو سگهي. ايشيا جي ماڻهن جي اسان کي اڳ ئي خبر آهي ته اُهي ويچارا وهمن ۽ وسوسن جا شڪار هوندا آهن ۽ اهي واقعا جيڪي ماڻهن جي هٿ وس کان وڏاهوندا آهن، تن کي قدرت جا ڪارناما سمجهندا آهن. جڏهن درياھ ۾ هي تبديلي آئي ته درياھ ج هڪ عام تبديلي سمجهڻ بدران هن واقعي کي به قدرت مٿان مڙهيو ويو. مير طاهرن جو بيان آهي ته جنهن زماني ۾ راجا دلوراءِ الور تي راڄ ڪندو هو ته هن پنهنجي رعيت کي ڏاڍو ذليل ۽ خوار ڪيو. واپاري جيڪو پنهنجو مال ٻيڙين وسيلي کڻائي الور وٽان لنگهندا هئا تن تي اڌ مال جيترو سُنگ مڙهيو ويندو هو. ان کان سواءِ وٽن جيڪو قيمتي سامان هوندو هو تنهن لاءِ زور ڀريو ويندو هو ته راجا کي تحفي ۾ ڏين. هڪڙي ڏينهن سيف الملوڪ نالي هڪ مسلمان واپاري پنهنجو تجارتي مال کڻائي ديبل ڏانهن وڃي رهيو هو سو به اچي الور وٽان لانگهائو ٿيو، ساڻس گڏ پنهنجي زال بديع الجمال به هئي. سندس ارادو حج تي وڃڻ جو هو. تنهن زماني ۾ مهراڻ درياھ (سنڌو) الور جي بلڪل ڀرسان وهندو هو. راجا دلوراءِ کي بديع الجمال جي سوائي سونهن جي کُڙڪ پئجي وئي. سو چيائين ته جڏهن سيف الملوڪ جون ٻيڙيون الور ڀرسان لنگهنديون ته بديع الجمال کي کڻائي وٺندو. سيف الملوڪ کي اهڙي ٻاٻور وڃي ڪن پئي، تڏهن ٻئي هٿ کڻي خدا کي ٻاڏايائين ته ڪا سولي ڪري. ان سان گڏ ڇا ڪيائين جو درياھ جي ڪنڌي سان هڪ ٽَڪري کي ٽڪڻ لاءِ کڻي ڪمي ڇڏيائين، جيڪي ٽڪري کي ٽڪيندا ۽ نڪتل پٿر درياھ جي پيٽ ۾ رکندا ويا. جڏهن ٽڪري ٽڪجي پوري ٿي ته درياھ پنهنجو وهڪرو بدلائي اوڏهين وهڻ لڳو، پوءِ سيف الملوڪ پنهنجا ٻيڙا ڇوڙي راهي ٿيو. ان کان پوءِ مهراڻ پنهنجو قديم ٻيٽ ڇڏي اهو وهڪرو اختيار ڪيو جنهن ۾ هاڻي سنڌو وهي رهيو آهي درياھ جي رخ موڙڻ جا ڏاڍا جتن ڪيائون پر سنڌو الور کي هميشه لاءِ ڇڏي ويو. سيف الملوڪ ۽ سندس زال حج تان موٽي آيا. وفات کان پوءِ کين ديري غازي خان سيتا پور جي وچ تي ۽ رتي ڪوٽ ڀرسان دفن ڪيو ويو. سندس ٻن پٽن جو به اتي قبرون آهي. سندن مزارن کي وڏي ادب ۽ احترام جي نظرن سان ڏٺو ويندو آهي. هي ماڳ نهايت قديم ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
تاريخ طاهريءَ درياھ جي هن تبديلي واسطي ساڳيو ئي سبب بيان ڪيو ويو آهي. وڌيڪ ٻڌائي ٿي ته هن واقعي کان پوءِ سنڌو رخ بدلائي بکر سيوهڻ ڏانهن ڪيو، الور ۽ ڀرپاسي وارا ننڍا شهر ۽ ڳوٺ جو جو انگ هڪ هزار ۽ نون سون جي وچ ۾ هو، سُڃ ٿي ويا. راجا دلوراءِ به پنهنجي راجڌاني بدلائي وڃي دلور ۾ ڪئي. جيڪا موجوده ابپور جي شڪل ۾ بهمانا جي ڀرسان ڏسڻ ۾ اچي ٿ. ملڪ جي اهڙي اهم واقعي کي هتان جا مورخ اجهو هيٺن بيان ڪن ٿا. جنهن طريقي سان اها اهم درياهي تبديلي آئي آهي، تنهن کي اسان ڪيترو به شڪ ۽ شهبي جي نظرن سان ڏسون پر هتان جون روايتون ۽ ڏند ڪٿائن اهڙيون آهن، جيڪي حقيقت جي پٺڀرائي ڪن ٿيون، جن جو ذڪر آءٌ مٿي ڪري آيو آهيان. اهي اهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي اسان مان گهڻن کي دل سان لڳنديون هونديون. هن قديم وهڪري جي فائدي ۾ ٻيو هڪ اهم دليل اهو به آهي ته الور بهمانا ۽ وڳ ڪوٽ جا پراڻا شهر ۽ سنڌ هجون مشهور راجڌانيون هن وهڪري هي ڪنڌين سان آباد هيون. الور ۽ بهمانا ته تمام قديم ماڳ آهن، جيڪي هاڻي درياھ جي ڪنهن به وهڪري ۽ آباد علائقن کان تمام پري آهن. مان اها ڳالھ امڪان کان ئي ٻاهر سمجهان ٿو ته سنڌ جا اهي ٻئي مکيه شهر ويران علائقي ۾ ته ڪونه جوڙيا ويا هوندا. پر سڀاويڪ ڳالھ ته اها آهي جو مذڪوره شهر ضرور ڪنهن درياھ جي ڪنڌي سان اڏيا ويا هوندا، جيڪو اتان جي رهواسين جي ڌن دولت، سک ۽ آنند جو ڪارن به هوندو.
مون الور جي ماڳن کي سمجهڻ ۾ غلطي ڪانه ڪئي آهي. مون کي پوري پڪ آهي ته اهو آهر انهن ٿاڪن ۽ ٿاڻن تي وسندڙ هوندو جيڪي آءٌ سوچي ويٺو آهيان . اهو هاڻي بکر سرڪار جي پرڳڻي جي نالي ۾ موجود آهي. (29) بکر جو شهر الوڙ جي ٿرڙ مان ملندڙ ڪچي مال مان اڏيو آهي. سنڌين لاءِ هي ماڳ ايترا مشهور آهن جيترو پاڻ بکر شهر مشهور آهي. بهمانا، ٻاهبيڻا، ٻانڀڻا يا برهمن آباد (مورخن هن لکي مختلف صورتخطي ۾ لکيو آهي) به لوهاڻي دياھ تي آباد هوندو هو. هن شهر کي بعد ۾ بهمنوا سڏيو ويندو هو. هن ڳالھ جي تصديق هن حقيقت مان ڪري سگهجي ٿي ته ان قديم شهر جا ٿرڙ اڄ به ڏسي سگهجن ٿا. ٻي ڳالھ اها آهي ته هتان عام ماڻهو به هن متعلق ٻڌائي سگهي ٿو ته اهو شهر ڪٿي هو. مان پڪ سان چئي سگهان ٿو ته غلطي وچان هن شهر کي ٺٽي ڀرسان ٻڌايو ويو آهي. هن شهر بابت گهڻي پڇا ڳاڇا ڪئي آهي ۽ ان جي نتيجي کان آءٌ بلڪل مطئمن آهيان ته ڪلاڪوٽ ۽ ڀنڀور وارا ماڳ هن شهر جي ٿاڪ نه آهن. (30) منهنجي پڇا ڳاڇا موجب بهمانا ۽ برهمڻ آباد ٻئي، هن ئي شهي جا نالا آهن. بهماني ماڳن لاءِ پڪ سان چئي سگهان ٿو ته مان ڳولي لھڻ ۾ ڪامياب ويو آهيان. راجا دلوراءِ جي پاپن سبب برهمڻ آباد يا ته ڌرتي ڌڏڻ ڪريي ناس ٿي وئي يا ته ٿر جي واري ان کي پوري ڇڏيو. (31) ان جاءِ تي هاڻي نشاني طور هڪ ٺلھ بيٺو آهي، جنهن مان سمجهي سگهجي ٿو ته اهو قديم شهر ڪٿي هو.
اها درياهي تبديلي ڪهري دور ۾ آئي، تنهن جتي گهڻو بحث هلندڙ آهي. اها سو پڪ آهي ته اهو واقعو دلوراءِ جي راڄ دوران ٿيو. مختلف مورخن ۾ راجا دلوراءِ جي دور بابت اتفاق راءِ ڪانه آئي آهي ت اهو ڪهڙي زماني ۾ راڄ ڪندو هو. هڪ مورخ جو بيان آهي ته اهو قديم راءِ گهراڻي سان تعلق رکندو هو. ٻئي مورخ (32) جو چوڻ آهي ته اهو سومرا گهراڻي مان هو. (33) پر انهن مان ڪنهن به واضح ڪري ڪونه ٻڌايو آهي اهو راجا ڪهڙي خاص دور ۾ راڄ ڪندو هو. پر حالتن مان سو ايترو معلوم ڪري سگهجي ٿو ته هو مسلمانن جي قديم دور ۾ راڄ ڪندو هو. ٻئي مورخ، جنهن جو حوالو مٿي اچي ويو آهي، سو ٻڌائي ٿو ته هڪ امير کي ٻه پٽ هوندا هئا، هڪ جو نالو دلو ۽ ٻئي جڳ نالو ڇٽو هو. دلو گادي تي ويٺو ڇٽو حج ڪرڻ لاءِ مڪي هليو ويو. اتي وڃي شادي ڪيائين ۽ 140 ھ ۾ سنڌ موٽي آيو. هن پنهنجي ڀاءُ جي اخلاق سڌارڻ جي ڪوشش ڪئي. راجا دلوراءِ وري سندس گهر واري کي برغلائڻ لڳو. ڇٽو سندس اهو حال ڏسي سندس ملڪ ڇڏي سيوهڻ وڃي ويٺو. اتي ئي وفات ڪيائين. سندس قبر مٿان قبو ٺهرايو ويو جيڪو عام ۽ خاص ماڻهو لاءِ زيارت گاھ بڻيل آهي. تاريخن ۾ ته سندس قصو ائين آهي پر مان راجا دلوراءِ جي دور کي ٻي صدي هجري جي شروعات ۾ سمجهان ٿو. انهي جا ڪي بنيادي سبب آهن جن جو هيٺ آءٌ وستار سان بيان ڪري رهيو آهيان. (34)
اسان اڳي اهڙو بيان ڪري آيا آهيون ته سيف الملوڪ جون ٻيڙيون سنڌو يا پراڻ وسيلي الور مان لنگهي ديبل بندر ڏانهن وڃي رهيون هيون. اهو واقعو ٻي صدي هجري کان پوءِ ڪونه ٿيو هوندو. ڇاڪاڻ ته ستين صدي عيسوي جي پڇاڙي ڌاران اسان هن وهڪري کي سيوهڻ ۽ بکر کان وهندي ڏسون ٿا ۽ ائين هجڻ جو قوي امڪان به آهي. مان اهڙي دعويٰ تي دل ٻڌي ڪونه ٿو سگهان ته اه وهڪرو جيڪو بکر ۽ خدا آباد وٽان مٽي ٿو سو ان دور ۾ موجود ڪونه هو. مان اهڙا دليل ضرور پيش ڪندس جن مان اختلاف راءِ پيدا ٿيڻ جو امڪان موجود آهي.
هن منجهيل مسئلي کي نبير واسطي سنڌ جي قديم شهرن جي جاءِ وقوع کي پڪ سان طئه ڪيو ويندو. هي هڪ اهڙو طريقو آهي جنهن سان هن موِضوع تي وڌيڪ روشني وجهي سهگجي ٿي. اسان پهريون ديبل بندر جو احوال جو اوريندا سون. هڪ نهايت سڄاڻ ۽ سچيت ليکڪ ديبل کي عربي ٻولي جو لفظ سمجهي ٿو ۽ ان کي ديب ال سنڌي ڪري ٿو. (35) يعني سنڌ جو هڪ ٻيٽ جيڪڏهن سندس اهو ويچار صحيح آهي ته پوءِ اسان کي ديبل واري دور جي عربي مورخن ۽ جاگرافي دانن جي لکتن ڏانهن واهجائڻو پوندو. پر جيڪي عربي کان سواءِ ايشيا جون لکتون منهنجي نظرن مان گذريون آهن ته انهن ۾ ديب ال سنڌي جو لفظ ڪٿي به نظر ڪونه آيو آهي. ان جي بدران يا ته دابل ڏٺو اٿم يا ديول، جن ۾ عربي ٻولي وارو حدف ال موجود نظر ڪانه ٿو اچي. ديول جو لفظ گهڻو ڪري هندي لفظ دويپ Dipمان ورتل آهي، جنهن جي معنٰي ٻيٽ آهي. (36) يا ٿي سگهي ٿو ديول مان ورتو هجي، جنهن جي معنٰي هندن جو مندر آهي. ان نالي سان ديبل شهر ۾ هندن جو هڪ وڏو مندر هو. (37) ديبل جو شهر سنڌو درياھ جي صفا اولاهين ڇاڙھ جي اولاهين ڪٺار سان وسندڙ هو. ان وهڪري جو نالو ساڱرو Sagaraهو. اسان اها حقيقت، مٿي بيان ڪيل ليکڪ جي ڏنل احوال کان پاسيرو ٿي قلم بند ڪري رهيا آهيون. اسان حالتن مان اندزو لڳائي رهيا آهيون ته حقيقت بلڪل ائين هئي جيئن اسان ويچاري رهيا آهيون. ڇاڪاڻ ته محمد بن قاسم ديبل تي حملي ڪرڻ کان اڳ ۾ درياھ ڪونه اڪريو هو. ساڱري واري ڇاڙھ ڀنڀور کان مٽيندي هئي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ديبل جو بندر ڀنڀور شهر ڀرسان هو، جنهن کان سمنڊ چاليھ ميل پري آهي. ديبل لاءِ هاڻي چيو ويندو آهي ته ٿس مسلمانن حملا ڪري اجاڙي ناس ڪري ڇڏيو. ٻئي بندر لاءِ ان کان اوڀر طرف ڪنهن ماڳ جي چونڊ ڪئي وئي هئي. ن.ون شهر ۽ بندر به ديبل جي پراڻي نالي پٺيان ديبل ئي مشهور ٿي ويو. اهو شهر ۽ بندر به ٿوري وقت کان پوءِ ائين ڦٽي ويو جيئن ڀنڀور اجڙي ويو هو. ان جي جاءِ اچي لاهري بندر يعنٰي لاڙ جي بندر ورتي. هي نالو ان ايراضي جو آهي جيڪو هاڻي سنڌو جي ڇوڙ وارو علائو آهي (39) پر خاص طور ان جي اولھ وارو ڀاڱو بکر جو شهر سنڌو جي ان جاءِ تي واقع آهي جنهن کي مورخن هميشه گهڻي اهميت ڏني آهي. منهنجي خيال ۾ انهن کي هڪ اجايو خيال ويٺل آهي ته بکر تمام پراڻو شهر آهي. ڏيهي مورخن جي چوڻ مطابق هي موجوده دور جو هڪ نئيون شهر آهي. تحفه الڪرام جي مولف جو بيان آهي ته جنهن ڳوٺ جي پراڻن پڊن تي هي شهر تعمير ڪيو ويو، تنهن جو نالو فرشتا Ferishtaهو. ڳوٺ جي نالي مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو عرب طرز جو نالو آهي. انو مان اهو ٿئي ٿو ته هي ڳوٺ عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ اڏيو ويو هوندو. جڏهن الور جو شهر ڦٽي ناس ٿي ويو ته بکر جي شهر زور ورتو. ساڳي تاريخ جو مولف ٻڌائي ٿو ته بکر، بڪر لفظ جو بگاڙ آهي جنهن جي معنٰي پرھ ڦٽي آهي. هن وسندي تي اهو نالو سيد محمد مڪي رکيو هو. مون کي پڇا ڳاڇا دوران اهو معلوم ڪونه ٿيو ته بکر کي ڪڏهن المنصوره جي نالي سان به سڏيو ويو آهي، جهڙي ريت اَئين اڪبري لکيو آهي. (40) پر ان جي عربي اصليت ڪجھ وڌيڪ ثابتي گهري ٿي.
سيوهڻ لاءِ ته پوري پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته تمام قديم آهي. الور ۽ بهمانا کان وڌيڪ پراڻو آهي. تحفه الڪرام مطابق هي لستان سئوان Lustan Saiwan ، سيهوڻ ۽ موجوده دور جو سيوستان آهي. هن شهر جي نالي جي هِجي مان پتو پوي ٿو ته هي شهر گهنو جهونو آهي. راجا سيوهڻ هن شهر جو بنياد رکيو ۽ ان جي نالي پٺيان مشهور ٿي ويو. هو سنڌ نالي هڪ ماڻهو جي ڦريءَ مان هو، سمجھ ۾ اچي ٿو ته مذڪوره ماڻهو هن ملڪ ۽ ماڻهن جو وڏو هو. ان ناتي سان راجا سيهوڻ ڪنهن قديم دور سان واسطو رکي ٿو. هن شهر جڳ قلعو سما گهراڻي جي ڪنهن ڄام تعمير ڪرايو هو. جڏهن بکر جي حدن ۾ آيو ته ارغونن مٿس قبضو ڪيو. اڪبر جي دور ۾ هڪ آزاد علائقي جي راجڌاني به رهيو آهي.جڏهن ڪلهوڙن سياسي سگھ حاصل ڪئي ته انهن جي راڄ ۾ شامل ٿي ويو.
مون کي شڪ آهي ته قديم زماني ۾ هن ماڳ ڀرسان سنڌو ڪونه وهندو هو، هن موضوع تي پڇاڙي جي ٽيڪاٽپڻي ڪئي ويندي.
حيدرآباد قديم نيرون ڪوٽ آهي. کيس نيرون ڪافري به سڏيو ويندو هو. جنوني مسلمان هن شهر کي ان نالي پٺيان سڏين ٿا. پتو نه آهي ته هي شهر ڪهڙي دور ۾ اڏيو ويو. سيوهڻ بابت ائين چيو ويندو آهي. نيرون، الور جي ماتحت شهر هو. جڏهن راجا ڏاهر کي پتو پيو ته هن قلعي جو سردار ساڻسويساھ گهاتي ڪري رهيو آهي ته هي کيس هي سب لاهي ڇڏيائين ته هو اچي ساڻس گڏجي عربن سان مقابلو ڪري. پر هن جلدي ڪري مسلمانن آڏو آڻ مڃي ۽ قلعو سندن حوالي ڪيو. قديم دوي ۾ ساڱرو درياھ هن شهر جي اولھ پاسي کان وهندو هو.
برهمڻ آباد بهمانا، هي شهر لوهاڻي درياھ جي ڪناري سان آباد هو ۽ ان ماڳ ڀرسان واقع هو، جتان لوهاڻو درياھ پراڻ کان ڇڄي ڌار ٿيندو هو. اگهم ڪوٽ کي ڪلان ڪوٽ به سڏيو ويندو آهي. هي شهر ٺٽي کان اولهه ۾ ستن ميلن تي واقع آهي. عربن جي فتح کان گهڻو وقت پوءِ به هن شهر جو ذڪر ملي ٿو.
ٺٽو، پوئين دور جو تعمير ٿيل شهر آهي. هن شهر جو بنياد سما گهراڻي جي ڪنهن پوئين حاڪم، ساموئي يا ساموئي نگر Samoinagarشهر جي ڀرسان رکيو ويو. ڪنهن زماني ۾ ساموئي نگر سندن راجڌاني هو. سومرن جي سونڊا Sundraپرڳڻي جي ناس ٿيڻ کان پوءِ ماڻهن اچي هن ماڳ کي وسايو. اسان کي هن وقت تائين فقط هي ڄاڻ ملي آهي جنهن وسيلي اسان سنڌ جو جاگرافيائي بيان ڪري سگهنداسون ۽ جيڪو ڪجھ مٿي بيان ڪيو اٿم تنهن کي انهن پراڻين لکتن سان ڀيٽي ڏسندس، جن کي عالمن ۽ ڏاهن ماڻهن ويساھ جوڳو سمجهيو آهي. هن موضوع تي ڳالهائڻ کن اڳ ڪن قديم ماڳن جو ذڪر ڪندس جن کي ايشيا جي چونڊ ڪتابن تمام قديم سمجهيو آهي. پر افسوس آهي ته انهن بابت پڇا ڳاڇا دوران مان ڪو حوال هٿ ڪري ڪونه سگهيو آهيان.
اشڪندرا يا سڪندر جو مشهور ۽ مضبوط قلعو هو. جڏهن عربن سنڌ جي راجڌاني فتح ڪئي ته راجا ڏاهر جي گهراڻي مان ڪن ماڻهن هن قلعي جو بچاءُ ڪيو هو. هتي مسلمانن جي ڏاڍي مزاحمت ڪئي وئي هئي. مزاهمت جو اهو حال ڏسي محمد به قاسم دلشڪستو ٿي پيو هو، جيڪو پاڻ لشڪر جي ڪمان ڪري رهيو هو. اشڪندرا جي فتح کان پوءِ مسلمان ملتان ڏانهن روانا ٿيا هئا. معلوم ٿئي ٿو ته اهو شهر الور ۽ ملتان جي وچ تي ڪاٿي هو.
مان هن کي ڪا اڻ ٿيڻي ڳالهه ڪونه ٿو سمجهان ته سڪندر اعظم سڪندريا نالي جيڪي شهر قائم ڪيا هئا هي به انهن مان هڪ هو. شايد هيءُ اهو شهر آهي جيڪو هن سوگدي Sogdiعلائقي ۾ تعميرڪرايو هو. جاءِ وقوع به سڪندريا نالي شهر سان هڪجهڙائي رکي ٿو. نالي به ذري گهٽ ساڳيو آهي. ايشيا ۾ هن شهر جي نالي جهڙو ٻيو شهر موجود ڪونه آهي. اسڪندر يا سڪندر، اليگزينڊر جو نالو آهي جيڪو عربي ۽ فارسي ۾ ائين لکيو ۽ چيو ويندو آهي. نَوَ سئو سال گذرڻ کان پوءِ هن شهر جي نالي جي اصليت باقي نه رهي هوندي. هن شهر ۾ هڪ خوبصورت بت هو جيڪو گهوڙي تي سوار هو. پوري ريت هٿيار بند هو ۽ سندس پوڄا ڪئي ويندي هئي. هندو ڌرم ۾ اهڙي قسم جي بت بابت پڙهيو سڻيو ڪونه اٿم، دل ۾ خيال پيدا ٿئي ٿو ته اهو مئڪڊوني جهونجهار سڪندر جو بت هو جيڪو هن جي نالي واري شهر ۾ موجود هو ۽ ان جي پوچا وغيره ڪئي ويندو هئي.
هيم ڪوٽ يا جهم ڪوٽ جو شهر راجپوت ملڪ جي راجڌاني هو، جنهن جي ٿرڙ اڄ به پليار پرڳڻي ۾ ڏسي سگهجن ٿا. مون کي سندس وڌيڪ ڄاڻ ڪانه آهي. چيو ويندو آهي ته هندو ڌرم جي دئتن هن شهر جر تعمير ڪئي هئي. ڀر واري ٽڪري جي پٿر ۾ عجيب غريب قسم جي کوٽائي ۽ ٽڪ ٿيل ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جيڪا اڄ سوڌو موجود آهي. مٿي ڇت ۾ وري اهڙي گهاڙ ٿيل آهي جو پٿر، ڳئون جي اوھ ۽ ٿڻن جيان ڏسڻ ۾ ايندو، چوندا آهن ته ڪنهن سمي انهن ٿڻن مان کير وهندو هو، پر هاڻي ان بدران پاڻي وهندو آهي. چون ٿا اها ڪالي يوگا جي موجود هجڻ جي ثابتي آهي. مون کي شڪ ٿئي ٿو ته اهو هيم ڪوٽ ساڳيو ڪلان ڪوٽ ته نه آهي جنهن کي بعد ۾ تغلق آباد به سڏيو ويو جيڪو ٺٽي کان اولھ طرف ٿوري پنڌ تي آهي. مي نگر ٻارهين صدي عيسوي ۾ هي شهر اڳڙي ذات جي ماڻهن جي قبضي هيٺ هو ۽ ملتان جي ماتحت هو. امڪان آهي اَڳڙي ذات وارا ماڻهو، هتي سمندر جي ڇڏيل ماڻهن جو اولاد هجن. (43) لوهاڻي درياھ تي آباد ۽ بهمانا کان تمام پري ڪونه هو ۽ هاڻي لڌي داد پور جي پرڳڻي ۾ آهي.
مٿي جيڪي پنهنجا بيان پيش ڪيا اٿم انهن ۾ سنڌو درياھ جي وهڪري بابت حقيقتون چونڊي پنهنجي راءِ جو اضهار ڪندس. ان سان گڏ هن درياھ جي وهڪرن ۽ سنڌ ملڪ بابت ڪن يورپي عالمن جا بيان ۽ رايا به ڏيندس. انهي مقصد سان ته جيئن ڏسي سگهجي ته ڪٿي اختلاف راءِ آهي ۽ جيڪڏهن اختلاف راءِ آهي ته ان جو سبب ڪهڙو آهي.
مان اڳئي سبب بيان ڪري آيو آهيان ته قديم دور ۾ درياھ بکر ۽ سيوهڻ جي ڀرسان ڪونه وهندو هو ۽ اتان وارو وهڪرو مکيه درياھ نه پر ڇاڙھ هو. مسلمان مورخن جو بيان آهي ته نيرون ڪوٽ جي فتح کان پوءِ محمد بن قاسم سيوهڻ ڏانهن روانو ٿيو. اهڙي ريت هي شهر به فتح ڪيو ويو . ان وقت بغداد مان سندس چاچي وٽان، کيس ڏاهر تي بنا دير حملي ڪرڻ جو حڪم پهتو هو (44) تنهن ڪري هو موٽ اچي نيرون ڪوٽ پهتو. هن هتي پهچي راجڌاني تي حملي ڪرڻ جون تياريون ڪيون. هن مان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته سيوهڻ سنڌو جي ڪکيه وهڪري تي آباد ڪونه هو. اسان هن حقيقت کان بي خبر آهيون ته نيرون ڪوٽ سنڌو درياھ ڀرسان هوو ڇاڪاڻ ته ديبل جي فتح کان پوءِ فوجي سامان ۾ قلعي ڀڃڻ جا اوزار ٻيڙين وسيلي حملي لاءِ نيرون ڪوٽ آندا ويا هئا. اهو سامان سنڌو جي ساڱري نالي واري ڇاڙھ سان آندو ويو هو. جيڪڏهن ان جاءِ جو پورو پتو پئجي وڃي ته عربن سنڌو ڪٿان پار ڪئي هئي ته جيڪر سارا منجهيل مامرا نبري وڃن. هڪ مورخ عربن جي پار اڪرڻ جون ٻه جايون هڪ راوڙ ٻي جيور ٻڌائي آهي پر هن دور ۾ اهي ماڳ ۽ مڪان موجود ئي ڪونه آهن. هتي اها ڳالھ به نظر ٿي اچي ته عرب لشڪر ۾ هڪڙن جو خيال هو ته جتي ڏاهر آهي اتي وڃي مٿس حملو ڪجي. ٻين جو خيال هو ته برهمڻ آباد تي حملو ڪجي. منهنجو رايو آهي ان وقت عرب فوج برهمڻ آباد جي ڀرسان موجود هئي. پار اڪرڻ لاءِ جيڪي ٻيڙيون درڪار هيون تن جي ذميواري به محمد بن قاسم تي رکي وڃي ٿي. پر اها ڳالھ مناسب ڪانه ٿي لڳي. هن مهم بابت پهريون ته اسان کي اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته عرب فوج سان گڏ پنهنجون ٻيڙيون هيون. معلوم ٿئي ٿو ته لشڪر پار اڪرڻ ۾ پنهنجيون ئي ٻيڙيو ڪتب آنديون هونديون.
مون قديم درياھ جي حوالي سان هڪ نقشو ڏنو آهي، جنهن ۾ اها ڳالھ ظاهر ٿي رهي آهي. ته عرب حقيقت ۾ درياھ جي ان پاسي هئا جنهن پسي الور جو شهر واقع هو. پر سيوهڻ کان وٺي الور تائين سارو علائقو برپٽ هو، تنهن ڪري الور ڏانهن انهي طرف کان پيش قدمي ڪرڻ ڏکيو مامرو هو. تنهن ڪري درياھ جي ڀر ڏيئي اڳتي وڌڻ شروع ڪيو هئائون. عرب فوج جا عملدار برهمڻ آباد تي حملي نه ڪرڻ ڪري محمد بن قاسم جي طرز عمل تي اعتراف ڪري رهيا هئا، امڪان آهي ته اهو ماڳ سندن ان رستي ڀرسان هو. مٿين حقيقت مان معلوم ٿئي ٿو ته عرب فوجن کي لوهاڻو درياھ پار اڪرڻو هو. پر پتو ڪونه ٿو پوي ته هنن پنهنجي ٻيڙا ڪتب ڇو نه آندا هئا. هن مان ٻه ڳالھيون واضح ٿين ٿيون هڪ ته اهي ٻيڙا وڏا هئا، جن کي اڪارڻ ۾ استعمال ڪرڻ ڏکيو هو يا ته راجا ڏاهر پنهنجي فوج سان ٻئي ڪناري موجود هو.
مان وڌيڪ واسطي هتي بکر کان وٺي سمنڊ تائين سنڌو جو نقشو ڏيان ٿو. مون سان گڏ ڊاڪٽر ونيسنٽ Dr. Vincentبه گڏ آهي جنهن ائرين ۽ ٻين يوناين جا ٻڌايل پنڌ ۽ پيچرا ڏئي ان دور جي سنڌو جي پراڻي پيٽ وارو وهڪرو ڏئي وڃي سمنڊ تائين نڪتو هو ۽ سردارن ۽ عام ماڻهن کي ائين الوداع ڪئي هئائين جيئن ڄڻ حقيقت هئي. گهڻي زماني گذري وڃڻ کان پوءِ سنڌو جو اهو وهڪرو ڳولي لڌائين، جيڪو سڪندر جي دور جو امڪاني وهڪرو هوندو.