سنڌ شناسي

سُکاري سنڌ ڏکارا ماڻهو

جيمس مئڪمرڊو جو هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙيون جهاتيون آهن، جن ۾ هن حڪمرانن جي سياسي سازشن ۽ گهرو جنگين جي بجاءِ سنڌ جي تمدني حالتن، معاشرت ۽ صدين کان ڏکن ڏولاون ۾ گهاريندڙ سنڌي ماڻهن جو احوال قلمبند ڪيو آهي.
Title Cover of book سُکاري سنڌ ڏکارا ماڻهو

سوگدي ڀڪر

مصنف، جنهن جو مٿي حوالو ڏنو ويو آهي، تنهن سوگدي کي ڀڪر واري جاءِ تي سمجهيو، ڊي ائن ول جي ويچار موجب مذڪوره ٿاڪ هن نسل جي ماڻهن جو راڄڌاني هو. جيڪڏهن ايشيا جي تاريخن تي ويساھ ڪجي ته ڀڪر جي شهر جو اڄ کان ٻارهن سئو سال اڳي وجود ئي ڪانه هو ۽ هي شهر مسلمانن اڏيو هو. مان ساڳي ذريعي جي آڌار تي ايترو چئي سگهان ٿو ته سنڌو جي ڇاڙھ الور کي ڇڏڻ کان اڳ ڀڪر ڀرسان ڪونه وهندي هئي. اهو ئي سبب هو جو ماڻهو الور کي ڇڏي اچي بکر ۾ آباد ٿيا هئا. ان ڳالھ جو امڪان ضرور آهي ته ڀڪر شهر جي ڀرسان ڪاٿي سوگدي جو ٿاڪ به موجود هوندو. هن سمجهڻ لاءِ ڪافي سبب به آهن ته انهن جو علائقو سنڌو جي اوڀر پار پري پري تائين پکڙيل هوندو هو. مون کي هي ڳالھ ٻڌائيندي شڪ ضرور ٿئي ٿو ته جن ماڻهن جو اسين بيان ڪري رهيا آهيون، سي اڄ وارا سوڍا راجپوت هجن ته ڪئت ناهي. موجوده دور ۾ اهو نسل سنڌ ۽ گجرات جي وچ وارا علائقا والاريون ويٺو آهي. پر ڪجھ صديون اڳ انهن ماڻهن جو امر ڪوٽ ۽ ان جي ماتحت علائقي تي قبضو هو ۽ سنڌ ۾ کين سردار سمجهيو ويندو هو. هي روايتون به اعتبار جوڳيون آهن ته قديم زماني ۾ الور کان اتر پارسندن خود مختيار حڪومت به قائم هئي. هن ڳالھ مان معلوم ائين ٿئي ٿو ته سوگدي ۽ سوڍن جو علائقو ذري گهٽ هڪ وڃي بيهي ٿو، جيڪو ڊاڪٽر ونيسنٽ جي خيال جي پٺڀرائي ڪري ٿو، جنهن جو چوڻ آهي ته سندن راجڌاني الور کان اتر ۾ هن شهر ۽ ملتان جي وچ تي هئي.
ڊاڪٽر ونيسنٽ چوي ٿو ته، “اها ڪيڏي خوشي جي ڳالھ ٿئي جيڪڏهن ڪو مورخ چناب جي سنگم واري ٿاڪ کان وٺي ٺٽي تائين سنڌو جي پيٽ ۾ ڪنهن ٻيٽ جو ذڪر ڪري ها پر سندن ماٺ مان ائين لڳي ٿو سڀئي هڪ خيال جا آهن. هن مان اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته اسان انومانن ۽ اندازن کان ڪجھ اڳتي وڌي ڪنهن حيثيت تي پهچي ويا آهيون جنهن مان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته بيڪيئر Bekierسيڪئير Sekier۽ ٽيڪئير Tekierنالي ٽي ماڳ هئا جيڪي منصوره جا ماتحت هئا ” پهريائين نالي (بيڪئير جيڪو بيڪر(بکر) Bekkerآهي ۽ منصوره جو نالو به صحيح آهي) ۾ هي صاحب غلط ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سيڪيئر کي ائين اڪبري ۾ ساڳي هجي ۾ لکيو ويو آهي. ٽيڪيئر کي ساڳئي ڪتاب ۾ هڪ قلعو ڪري بيان ڪيو ويو آهي. اهو ماڳ دي لارو ڪيٽي Dela Rochetteجو لائو هيري Louheriلوهري آهي.
مان سنڌو جي وهڪري جي تبديلي جو ذڪر ڪري آيو آهيان، جيڪڏهن اها حقيقت آهي ته پوءِ اها ڳالھ سمجھ ۾ اچي ٿي ته يونان وارن درياھ جي پيٽ ۾ موجوده ٻيٽ جو ذڪر ڇونه ڪيو آهي. سيڪيئر ته ظاهر ظهور سکر Sacharآهي، جيڪو سنڌو جي اولھ ڪناري ۽ زنق جي سامهون آهي، جيڪي لهري Lahriجي موجود شهر جا نواحي ڳوٺ آهن. ٽيڪيئر بابت منهنجو خيال آهي ٽگر Tiggirجو پرڳڻو آهي، جنهن کي نقشي ۾ درياھ جي اولھ ۽ بکر کان ڏکڻ پاسي ڏسي سگهجي ٿو. مان عجائب المخلوقات Ajaib al Makhlukatجي حوالي جي آڌار تي ڊي اَن ول سان سهمت آهيان . منهنجو خيال آهي ته منصوره جا ماڳ نصرپور وٽ آهن. نيوبيا Nubiaجي جاگرافيدان (46) جي حوالي جي آڌار تي ڊاڪٽر ونيسٽ چوي ٿو ته منصوره جو ماڳ بکر آهي. جڏهن سنڌو جي انهي دور جي ويچار ڪجي ٿو ته مون کي ٻين کان وڌيڪ ڊي اَن ول وڌيڪ صحيح معلوم ٿئي ٿو. مان اڳئي بيان ڪري آيو آهيان ته لهري، لوهر ڪوٽ Loharkot۽ الور مختلف ماڳ آهن.