فوج
سردار، ڪڏهن فوجي سپاهي کي روڪ ڏوڪر پئسا ڪونه ڏيندو آهي پر هر فوجي لاءِ ان ٻڌل آهي، جيڪو هر فصل تي کيس ملندو آهي. ڪلهوڙن جي واري ۾ ، جاگيردارن جهڙوڪ ٽالپر، جاڪيا Jaquias، ليڪي Leckes ۽ کوساب•Khosabs ۾ گهڻيون ڪي اونايون هونديون آهن. اهي ملڪ جا ويڙهاڪ قبيلا هوندا هئا، جن وٽ پنهنجي الڳ جهنڊا هوندا هئا. ان جي ڀيٽ ۾ ٽالپرن هڪ نئون ۽ سٺو طريقو اختيار ڪيو آهي. اهي پاڻ وٽ ڪو وڏو جاگيردار ڪونه رکندا آهن. هر جاگيردار وت هڪ هزار ماڻهو مس هوندا آهن. وڌ ۾ وڌ ٻارهن سئو ماڻهو رکي سگهندا آهن. ڪلهوڙن حڪرانن وٽ ليکي ۽ کوسا قبيلا هوندا هئا. جيڪي آئي ويل پنهنجا ڪونڌر قطاري اچي سرڪار جي سهائتا ڪندا هئا. پر ميرن اهي ٻئي قبيلا پاڻ وٽان ڪڍي ڇڏيا آهن. اڳي جاگيردار خود خيال هوندا هئا، هاڻي انهن کي عملدار طور مقرر ڪيو ويو آهي. جن جو انگ هڪ ٻه سئو ٿيندو. اهڙي ريت نومڙين جي قبيلي مان ٽي سئو ماڻهو کنيا ويندا ويا آهن. حقيقت وري هي آهي ته ٽالپرن کي نومڙين مان ڏٺي پئي بڇان ايندي آهي.
قلعي ۾ رهندڙ فوج هميشه پنهنجي فرض جي ادائيگي لاءِ تيارهوندي آهي، جنهن جو انگ به چئن هزارن کان مٿي ڪونه ٿيندو، اهي حيدرآباد ۾ مقرر ٿيل آهن. انهن جو اڌ گهوڙي سوار دستن تي مشتمل آهي. گهوڙا کين سرڪارر طرفان ڏنا ويا آهن. اهڙي قسم جا ماڻهو ميرن جا ذاتي نوڪر به آهن ته فوجي سپاهي به. هر ڇھ ماهيءِ هرهڪ فوجي سپاهي کي اَنُ ملندو آهي. آئي ويل جڏهن فوج جي ضرورت پوندي آهي ته ساري سنڌ جي جاگيردارن ڏانهن فرمان موڪليو ويندو آهي ته اهي ڪنهن مقرر جڳھ ۽ وقت تي اچي گڏ ٿين ۽ پاڻ سان فوج به وٺيو اچن. سڄي سنڌ ۾ اهڙو حڪم ٽن ڏينهن اندر پهچي ويندو آهي ۽ پندرهن ڏينهن اندر پنجٽيهه هزار لشڪر گڏ ٿي سگهي ٿو، جنهن جو 3/2 حصو گهوڙي سوارن تي مشتمل هوندو آهي. هن ملڪ جو هر ماڻهو ٻٽاڪ هڻندو آهي ته سنڌي فوج هڪ لک آهي. پر پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته مير سهراب وٽ ٻارهن هزار فوج آهي ۽ مير ٺاري وٽ پنج هزار فوج ٿي ته وڏو ڇيھ ٿيو. هي ٻئي مير حيدرآباد جي ميرن جا ٻانهن ٻيلي آهن. سڄيءَ سنڌ جي فوج ٿي ته وڌ ۾ وڌ پنجاھ هزار مس ٿيندي.
هيءَ فوج مسلمانن جي مختلف قبيلن سان واسطو رکي ٿي، جن جو ڪل انگ ڪيترائي سئو آهي. پر انهي سڄي فوج جو مهندار ضرور ڪوٻروچ هوندو آهي، جيڪو گهڻو ڪري ٽالپر چيو ويندو آهي. منجهس سڀني ٽالپرن جو ويساھ هوندو آهي. ٽالپر پنهنجي ٻين ساٿي جي خواهش جو احترام ڪونه ڪندا آهن ۽ پنهنجي مرضي موجب جيڪو پسند پوندواٿن تنهن کي فوجي مهندار مقرر ڪري ڇڏيندا آهن. سارو لشڪر تلوارن ۽ ڍالن سان مسلح هوندو آهي. ٿوريون ڪجھ مُنهن ڀرڻ واريون بندوقون به اٿن. جنگ وقت انهن کي مقرر پگهار کان وڌيڪ ملندو آهي. حڪمراني جي خزاني مان هر پيادي کي ٽي دوهراDohras ملندا آهن. گهوڙي سوار کي ان کان ٻيڻ تي ڏهاڙي ڏجي ٿو. اها ڏهاڙي جنگ دوران هوندي آهي. قبيلن جي سردارن کي سندن عملداريءَ جي عهدي موجب ڏهاڙي ڏبي آهي. سنڌ جو توبخانو افسوسناڪ حد تائين ڪمزور آهي. وٽن ڪي ٽي يا چار توبون هونديون. سنڌي فوج سپاهي جي هن قسم جي مضبوط جنگي هٿيار تي اک ڪانه ٻڏندي آهي. وٽن جيڪي ٻه چار توبون آهن به، سي به خيرن سان ڀڳل آهن.
جيڪو گهوڙي سوار دستو اٿن، تن ۾ مختلف قسم جا گهوڙا شامل آهن. ٽٽو قسم جا گهوڙا ته سنڌي فوج ۾ جام پيا ڏسبا، پر ان ۾ خچرن جو انگ ججھو آهي. اٺ ته ٽالپر امير کان ويندي فقير تائين هر ماڻهو وٽ ڏسبو آهي. وٽن اعليٰ قسم جا شاندار گهوڙا آهن، پر انهن کي ڪيڏاري ڪاڻ سانڍيو ڪونه ويندو آهي. ٻي ڳالھ ته انهن جا سنب وڏا ٿين ٿا، منجهن هڪ ٻيو وڏو عيب آهي ته انهن گهوڙن کي رلاءِ ۽ من سيکاريا ويندا آهن ۽ جڏهن کين سرپور ميدان ڏياريو ويندو آهي ته اهي رلا ۽ مُن ڇڏي ميدان ڪونه ڪندا آهن، جيڪو جنگ ۾ لازمي پنڌ هوندو آهي. هتان جا بندوق باز هٿ جا ڏاڍا سڌا ٿيندا آهن، جن جو مٿي به بيان ڪيو ويو آهي. اهي ٻالجتيءَ کان وٺي هن اوزار سان پيا مشق ڪندا آهن.
سنڌي فوجي سپاهيءِ جي پگهار ڇھ ماهي تي ملندڙ اَنَ ۽ اَنَ جي اگھ مان معلوم ڪري وٺبي آهي. ان ليکي سان هر فوجي سپاهي جي پگهار ٻه يا اڍائي رپيا، مهينو وڃي بيهي ٿي. اها پگهار تمام ٿوري آهي. جنگ وقت کيس واڌو پگهار ملندي آهي، جنهن جو بيان مٿي اچي چڪو آهي ته سندس کاڌ خوراڪ اهو هوندو آهي، جنهن جو مٿي ڪاٿي اچي ويو آهي. پر جڏهن هو گهر کان ٻاهر هوندو آهي ته به سندس کاڌو سادو هوندو آهي.
مٿي ڏنل منهنجي مختصر راءِ جي اظهار مان اهو ڏسڻ ۾ ايندو ته سنڌ ۾ فوج جو انگ ايڏو گهڻو ڪونه آهي ۽ فوج هٿ ڪرڻ جا وسيلا به جام نه آهن. جيڪڏهن سنڌ جا حڪمران جنگ جي ميدان تي ايترا ئي ڪونڌر قطاري سگهن ٿا، جيتري انگ جي هو هام هڻن ٿا ته به ڪا خطري جي ڳالھ نه آهي. ڇاڪاڻ ته جنهن طريقي سان سندن فوجي تنظيم ڪئي وڃي ٿي، پوءِ اها فوج ڪيتري به ججھي هجي، هڪ تربيت يافته لشڪر سان وڙهي پوري پئجي به سگهندي. دنيا اندر جيڪي فوجون، جيگيردار حڪومت کي امداد طور ڏيندا آهن، سي فقط ملڪ جي اندروني وڳوڙ کي منهن ڏيڻ لائق هونديون آهن. پر جڏهن موجوده دور جي هڪ منظم ٻاهرين فوج سان مهاڏو اٽڪائينديون آهن ته هار کائي وينديون آهن. وٽن ڍنگ جا هٿيار ڪونه آهن. منجهن ظابطي، اصول ۽ قائدي نالي ڪا شئي موجود ڪانه آهي. هلڪي سلڪي هار کائڻ تي ٽڙي پکڙي ويندا آهن.
ٻين ملڪن جي ابتڙ، سنڌ ۾ اوهان کي ڪو قلعو بند شهر ڏسڻ ۾ ئي ڪونه ايندو. جيڪڏهن ڪو غنيم مٿس هلان ڪري ايندو ته کيس روڪڻ جي سگھ ڪانه آهي. جيڪي ٿورا گهڻا قلعا آهن، سي به ڪي خاص ڪونه آهن. سنڌو جي اولھ پار ڪي قلعا آهن. اهي بناوٽ ۾ مضبوط نه پر جاگرافيائي صورتحال ڪري ڪجھ اهنجا آهن. هتان جي حڪمرانن جي اها حڪمت عملي رهي ئي ڪانه آهي ته هو ڪو عوام جي بچاءِ واسطي ڪو قلعو جوڙين. ان ڪري سنڌ جا خوشحال علائقا دشمن جي فتح ڪرڻ لاءِ ڏاڍا سولا آهن. هن کان جڏهن سنڌ تو حملو ٿيو آهي ته سنڌ وارن ٿر ڏانهن ڊوڙي وڃي پناھ ورتي آهي. ٿر واسين ڏکئي وقت ۾ سندن جان ۽ مال جو ڏاڍو بچاءِ ڪيو آهي ۽ هنن جا سور ۽ سختيون پنهنجي سر ٿي سٺيون اٿائون پر ڪڏهن به منهن گهنجائي سام جهلڻ کان انڪار ڪونه ڪيائون.
جڏهن خطرو وڌيڪ محسوس ڪندا آهن ته پنهنجون ملڪيتون پاڻ تباھ ڪرڻ جو شاهي فرمان جاري ٿيندو آهي. ان کان پوءِ ٻروچن ۽ ٻين قبيلن جي ٻيگهي مچي ويندي آهي ۽ پنهنجي ماڻهن جي مال مڏيءَ جي ڦرلٽ ڪرڻ شروع ڪندا آهن. دشمن جي ڦرلٽ ڪري سارو قيمتي مال پنهنجي ملڪ کڻي وڃي پنهنجن جا بول ڀري تنهن کان پنهنجا لٽي ڦري پاڻ ڇو نه کائن. اهو ئي سبب آهي جو دشمن هن ملڪ کي سولائي سان فتح ڪري وٺندو آهي. جڏهن علاودين سنڌ تي حملو ڪيو هو ته سومرن به ائين ڪيو هو. همايون جڏهن شيرشاھ کان شڪست کائي سنڌ ۾ داخل ٿيو ته شاھ حسن ارغون به هن رٿ تي عمل ڪيو هو. اڪبر بادشاھ جي زماني ۾ جڏهن عبدالرحيم خان خانان سنڌ تي هلان ڪئي هئي ته مرزا بيگ به ساڳي ڳالھ ورجائي هئي ۽ پنهنجي راجڌاني ٺٽي کي ساڙي تباھ ڪرڻ ۽ ڦري لٽي ناس ڪرڻ جو حڪم صادر ڪيو هئائين.
_____
• امڪان آهي ته اهي ٽئي ذاتيون جوکيا، ليکي ۽ کوسا هجن. (مترجم)