حڪومت تي هڪ نظر
هن گهراڻي سنڌ جي حڪومت ڪرڻ جو فوجي طريقو استعمال ڪيو. راڄ ڪرڻ جي هن طرز کي جيڪڏهن سوچي ويچاري ڏسجي ته سارو کوکلو ۽ نٻل نظر ايندو. سندن حڪومت ڪرڻ جو مول مقصد دولت گڏ ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھ به ڪونه هو. هنن ڌن ڪٺي ڪرڻ ڪارڻ ڏاڍا ۽ ڪٺورتا کان ڪم ورتو. ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو سندن ٽيهن سالن جي حڪومت دوران محصول پورو ٽيون حصو گهٽجي ويو آهي. حڪمران ڇا ڪندو آهي، جو آباد علائقا سرڪاري عملدارن کي ٺيڪي تي ڏئي ڇڏيندو آهي . اهي عملدار زمين جي ڍل ايڏي مٿي وصول ڪندا آهن جو ماڻهو ڏئي ڪونه سگهندا آهن. عدم ادائگي جي حالت ۾ ڏنڊ ۽ ٻيون ڇٽيون ڀري پنهنجي عزت ۽ کَل بچائيندا آهن ۽ ايترا پئسا ڀري ڏيڻ لاءِ تيارٿي ويندا آهن، جيڪي مٿن مڙهيا ويندا آهن. (15)
ٽالپر مير هر جمعي تي درٻار ۾ پنهنجي سامهون، انصاف لاءِ قاضي وهاريندا آهن، انهيءَ لاءِ ته جيئن ڪنهن سان ڏاڍ نه ٿئي. انهيءِ جو مقصد به گڏ ڪرڻ هوندو آهي. فريادي ۽ جوابدر ڌر کان ايتري ته گهڻا پئسا ورتا ويندا آهن، جو ڏني پورا ڪونه ٿيندا آهن. اهڙا ڪي ٿورا مثال ملندا، جو ضمير فروش قاضي ڪنهن ڌر کان پئسا ڪونه وٺندو هجي. اهو تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن ڪو ڌاريو ولايتي ماڻهو ڪنهن سنڌي تي دانهيندو آهي. اهڙي قسم جا مامرا مير غلام علي اُڪلائيندو آهي. ڦاسي جي سزا ڏيڻ جو اختيار ٻن مکيه ٽالپر سردارن کي هوندو آهي. ٻيا عملدار اهڙا ڏوهي هنن ڏانهن موڪلي ڇڏيندا آهن.
ٽالپر خاندان واري موجوده حڪومت فوجي ڏاڍ ۽ جبر واري حڪومت آهي. ايشيا جي ملڪن ۾ اهڙي فوجي ڏاڍ ۽ حڪومت جي ٻين ڪڌن ڪرتوتن جا حوالا تاريخن ۾ درج ڪونه ڪيا ويندا آهن. پر ڪو ماڻهو اهو سوال پڇي سگهي ٿو ته اهڙي ڏاڍ ۽ دٻڙ دئونس واري حڪومت جو ڪٿي لکيل احوال ملي سگهندو يا نه، ٽالپر گهراڻي بابت حقيقت حال اها آهي ته هن مقبول عام حڪومت تي غاصبانه قبضو ڪيو آهي ۽ فوج جي مدد سان جيڪو هو راڄ هلائي رهيا آهن، سو به ان جو ڪارڻ ته جيئن هنن جي خلاف ڪير ٻڙڪ به ٻولي نه سگهي. سندن حڪومت جي موجودگي جو ٻيو سبب اهو آهي ته ڪابل جي پٺاٻ حڪومت ۾ ڦيٽاڙو حڪومت ڪاهي پيو آهي ۽ سنڌ تي اهڙي نموني راڄ ڪري رهيا آهن، جو هنن جي ڪنهن تي اک به ڪانه ٿي ٻڏي. هي گهراڻو پنهنجي رعيت جو گهڻگهرو ڪونه آهي. سندن راڄ کي اڻيهوئي ڊهڻ جو اڊڪو آهي. هو پان به ڍلن، محصولن ۽ پرائي دولت جي ڦرلٽ ڪرڻ مان سمجهن ٿا ته سندن راڄ پوين پساهن ۾ آهي ۽ گهڻو جٽاءُ ڪري ڪونه سگهندو. ان کانسواءِ هنن ٻروچن کي عام رعيت کان وڌيڪ حق ڏئي ڇڏيا آهن، جيڪو گهڻي ڪري فوج ۾ شامل آهن ۽ اهو سٺي ۽ انصاف پسند حڪومت جو طريقو نه هوندو آهي.
اسان ڏسون ٿا ته جنهن خاندان کان حڪومت کسي وئي هئي، جنهن حڪمران گهراڻي کان ٽالپرن ڌڪي اقتدار کسي ورتو، تنهن جو سنڌين مٿان چڱي ريت ضابطو هو. سندن ڪلهوڙا خاندان سان تعلق هو، جنهن سنڌ مٿان گهڻي زماني تائين راڄ ڪيو ۽ ان عرصي دوران سنڌ وڏي ترقي ڪئي. ٻيو هنن جي سردارن جو واسطو مرشد طبقي سان هو، جنهن جي، مسلمان رعيت گهڻي عزت ڪندي هئي ۽ انهن جي جان جو بچاءُ به ڪيو ويندو هو. ڪلهوڙن جي پوئين دور ۾ هندن تي ڏاڍ ۽ ڏمر ضرور ڪيو ويو هو. پر ان جو سبب اهو هو ته ڪلهوڙن جي تخت ۽ تاج لاءِ وڏو ڏچو پيدا ٿيو هو. هندو هميشه امن ۽ شانتي پسند ڪندا آهن. مٿن جيڪڏهن ڏوس ڏمر ٿيندو يا ڪنهن انيتي يا انياءِ ڪيو ته فوج جي سهائتا سان هلندڙ ڏاڍ جي راڄ ۾ سندن ڪوُڪ ڪير سڻندو ۽ ڪير سندن واهر ٿيندو. ڌيان رکڻ جوڳي گالھ اها آهي ته حڪومت جي تبديلي ۾ ايشيا جا ماڻهو بيوس هوندا آهن. سندن امنگن ۽ احساسن کي ڪو ڌوڪو رسندو به آهن ته سندن احساس کين صحيح گس ٻڌائي ته سنگهندا آهن. پنهنجي وطن سان لاڳاپيل اهم معاملن ۾ دلچسپي به گهٽ وٺندا آهن ۽ اهو به ڪونه سوچيندا ۽ ويچاريندا آهن ته سندن خوشحالي ڪهڙين ڳالهين ۾ آهي. سڀاڻي جو کين ڪوبه اونو ڪونه آهي. ٻڌن ٻانهن جيان ڪڍ لڳا وتندا آهن، پوءِ کڻي ڪير به چار ڏوڪڙ ڏئي يا کين ڦري فقير ڪري ڇڏي.
ڪلهوڙن پنهنجي گهراڻي جي وڃايل حڪومت هٿ ڪرڻ واسطي ويهن ئي نهن جو زور لاتو، پر ڪجھ ڪري نه سگهيا. مسلمان گهراڻو جيڪڏهن ڪنهن ٻئي وڏي گهراڻي جو جوڙ جيس جو هوندو آهي ۽ سگھ ۾ هڪجهڙائي رکندو آهي ته ساڙ ۽ ڪيني کان سندس ڄنگهن ڪڍڻ ۾ وسان ڪونه گهٽائيندو آهي. سو ميرن ٽالپرن به ڪلهوڙن سان ائين ڪيو. سنڌ مختلف قسمن جي حڪومت هيٺ رهي آهي، جو هن ملڪ سان ڏاڍ به ڪيا آهن. پر ٽالپرن مذڪوره حڪومتن کان وڌيڪ سنڌ جي رهواسين مٿان ڏاڍ ۽ ڏمر ڪيو آهي.
سنڌ جي هندوءَ ڪيترين صدين کان وٺي اسلامي حڪومتن کان سواءِ ٻي ڪابه حڪومت ڪانه ڏٺي آهي. سندن رشتا ناتا هندستان جي هندو برداري کان ٺٽي ويا آهن. جيڏانهن به اک وتائي ڏسن ٿا ته کين مسلمان ئي اک چڙهن ٿا. هندن مان پنهنجي ذات جي نفاست، نزاڪت ۽ امتياز وارو احساس ڄڻ ته ختم ٿي ويو آهي. سنڌ کان ٻاهر ٻين علائقن ۾ اڃا اهڙيون ڳالهيونن موجود آهن. اتي مسلمان حڪمران ڪيڏي به کڻي هندن کان نفرت ڪندا آهن، پر پوءِ به هندو پنهنجي ڌرم جي متَا ۽ اصول قائم رکندا آيا آهن. اهڙين ڳالهين کي نظر ۾ رکي مسلمان حڪمرانن هندن کي رعايتون ڏائي ڇڏيون آهن. مسلمانن جي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ واري حڪمت عمليءَ ڪري اهڙو ڪو هندو ڪونه اٿيو آهي، جنهن پنهنجي آزاد ملڪ لاءِ جاکوڙيو هجي يا انهن هندن جي آجپي لاءِ هٿ پير هنيا هجن، جيڪي مسلمانن جي ظلم جي چڪي ءَ ۾ پيسجي رهيا هجن.
سنڌ جي ڪهڙي نه گهڻ رنگي تصوير آهي. هن هزار سال جي عرصي دوران ڪو هندو ماڻهو ڏسڻ ۾ ئي ڪونه ٿو اچي. جنهن پنهنجي جان بچائڻ جا جتن ڪيا هجن يا پنهنجي برادري کي هن بدترين غلامي مان آجي ڪرائڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو هجي. سنڌ جي فتح کان پوءِ هتان جي اصلي رهاڪوءَ ڪڏهن به هن ملڪ کي آزاد ڪرائڻ جا جتن ئي ڪونه ڪيا آهن. رڳو سما گهراڻو آهي. جنهن پهريائين مزهب بدلايو ۽ پوءِ سنڌ جي سياسي واڳ سنڀالي هئي.
هندن جا قبيلا جيڪي هتان جي اصلي ڌرتي ڌڻي هئا، سي اڄ مسلمانن جي غلامي ۾ قطارون ٻڌيو بيٺا آهن ۽ مسلمانن سان گڏجي ڄڻ ته مسلمان ٿي ويا آهن ۽ ائين پيو ڀانئبو ته ڄڻ پاڻ به مسلمان ٿي ويا آهن. سندن نالا ۽ ويس سو جدا آهي، جن سان پتو پوي ٿو ته هندو آهن. پنهنجي ڌرمي متن کي نظر ۾ رکي کين مسلمان کان الڳ رهڻ کپي ۽ پنهنجي الڳ وجود جو احساس ڏيارڻ کپي.
ڏسڻ ۾ ائين اچي ٿو ته هڪ ئي گهر جا مختلف ڀاتي هڪ ئي وقت ٻنهي مذهبن جي اصولن جي پوئواري ڪندا آهن. جڏهن به هندو گهراڻو مسلمان ٿيندو آهي ته نالا اهي ئي هندن وارا رکندو آهي. هندو وري پنهنجي مذهب سان به سچا آهن ۽ مسلمانن جو مذهب اسلام جي به دل سان عزت ڪندا آهن. جتي اهڙو قسم جو معاشرو ۽ اهڙي قسم جو اٿڻ ويهڻ هجي ته اتي گهٽ ۾ گهٽ هي ڳالھ به هجڻ کپي ته مذهبن ۽ ذاتين جو فرق ضرور هجڻ کپي ۽ هندو هندو هجي مسلمان مسلمان رهي. سنڌ ۾ هندو ڌرم جي اڃا اها حالت آهي. هي ملڪ هندستان جي ڏکڻ اولھ ڏس تي آهي. سنڌ جا اصلي ماڻهو پري کان ئي سڃاڻي وٺبا آهن.
اسان پنهنجي اصلي موضوع تان ڪجھ ٿڙي ٻئي طرف هليا ويا آهيون. هنن ٻن چئن ٻولين وسيلي اهو ڏيکارڻ ڄڻ ضروري ٿي پيو هو ته سنڌ جو اصلي رهاڪو هندو سنڌ جي حڪومت کي تبديل ڪرڻ جو طاقت رکي ٿو. هن مان اهو مقصد به آهي ته کين ڌرمي اتساھ برغلائي وٺجي ۽ وري آڻي ڪلهوڙن کي سنڌ جو حڪمران بڻائجي.
هتي اسان کي ڪي ڳالهيون ڏسي اچرج به ٿئي ٿو ته ٽالپر غير عوامي ۽ غير مقبول حڪمران هوندي به هندن سان تعصب ڪونه رکندا آهن. هندن تي حڪمرانن جوتمام گهڻو ويساھ آهي. ڪن ڳالهين ۾ ٽالپر مٿن مسلمانن کان به وڌيڪ اعتماد رکن ٿا. ڇاڪاڻ ته هندن کي وڌيڪ اهم ۽ حساس کاتن ۾ وڏيون نوڪريون ڏنيون ويون آهن. سنڌ ۾ شيعن ۽ سنين کي هڪ جهڙا حق آهن. حڪمران پاڻ مسلمانن جي شيعي فرقي سان واسطو رکن ٿا. سنڌ اندر تعداد ۾ سني وڌيڪ آهن.
مٿن مسلمانن کان به وڌيڪ اعتماد رکن ٿا. ڇاڪاڻ ته هندن کي وڌيڪ اهم ۽ حساس کاتن ۾ وڏيون نوڪريون ڏنيون ويون آهن. سنڌ ۾ شيعن ۽ سنين کي هڪ جهڙا حق آهن. حڪمران پاڻ مسلمانن جي شيعي فرقي سان واسطو رکن ٿا. سنڌ اندر تعداد ۾ سني وڌيڪ آهن.
ٽالپر ميرن جو هندو بت پرستن ڏانهن آزاد قسم جو رويو آهي، پر سندن دلي خواهشن کين ملسمان ڪرڻ جي آهي. غريب طبقي واري هندن کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي اسلام جي ويجهو اچڻ تي مجبور به ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن هندو لوهاڻي هڪ مسلمان کي چيو ته “يار تون منهنجو ڀاءُ آهين” يا چوندس ته “مان توسان سفر تي گڏجي هلڻ ٿو چاهيان” پوءِ ان واڻئين جو زوري... وڍي(طهر ڪري) مسلمان ڪري ڇڏيندس . پر اڃان تائي اها ڳالھ ڪانه ٿي آهي جو مذهبي اختلااف جو سبب ڏئي هندن جي مال ملڪيت کي ڇيهو ڪونه رسايو ويو آهي ۽ نه ئي وري سندن ڏيل کي ڪو ڏک پهچايو ويو آهي. ڪلهوڙا گهراڻي جي زوال مان شايد ٽالپر ميرن ڪو سبق سکيو هجي ۽ ان ڪري اڻ ڌري حڪمت عملي اختيار ڪئي هجي. اهو به ٿي سگهي ٿوته هندو پئسي ڏوڪڙ وارا آهن ۽ ڪنهن امڪاني مالي مدد جي آسري تي سهپ واري ڳُجي ڌاري هجين.
ٻئي پاسي کان سندن مقرر ڪيل نواب اهڙو ته ڳاٽي ڀڳو محصول ٿا مڙهين، جو اهڙي ڏاڍ کان سڄي دنيا خبردار آهي. سندن لالچ ج به سنڌو آهي ته سيڙهو. وَڍي(رشوت) جا به واھ جو هيراڪ آهن. ان ڪري وڻج واپار ٺپ ٿي ويو آهي ۽ وڻج واپار سان لاڳاپيل ڪارخانا به پوين پساهن ۾ آهن. جيڪڏهن وقت سر انهن خلا ڪو انقلابي قدم نه کڻبو ته اهي ڪارخانا هلڻ کان بيهي ويندا. هن حڪمت عملي ڪري ٿوري وقت لاءِ ته کين فائدو رسندو پر وڻج واپار ۽ ڪارخانن گهٽ ٿي وڃڻ ڪري سندن محصول گهٽ اڳڙندو ۽ آمدني، جيئن پوءِ تيئن گهٽبي رهندي. اها به هڪ حقيقت آهي ته ٽالپر ميرن پنهنجو گڏ ڪيل پئسو ڏوڪڙ، پنهنجي ٿر ورن قلعن ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي ۽ اتر پار کان ايندڙ حملي آورن کان پاسي تي رکي ڇڏيو آهي. جن جي هلان جو اڊڪو اڻيهوئي سنڌ کي لڳو پيو هوندو آهي. هاڻي وري انگريزن جي فوج به سندن اوڀارئين دنگ وٽ اچي پهتي آهي. ان ڪري به کين اقتدار کسجڻ ۽ خزاني ڦرجڻ جو ڊپ اچي وڪوڙيو آهي ۽ هنن پنهنجو خزانو کڻي جابلو علائقي جي هڪ قلعي ۾ محفوظ ڪرايو آهي، جيڪو حيدرآباد کان اتر الهندي طرف آهي. (16) هي قلعو هاڻي ٺهي تيار ٿيڻ وارو آهي. هن قلعي جي جاگرافيائي صورتحال ۽ تعمير اهڙي آهي جو سنڌ جا حڪمران هن قلعي کي اِجيت سمجهندا آهن. ميرن جو سڄو خزانو سون ۽ هيرن جواهرن تي مشتمل آهي. ملڪ جي ڍل ۽ محصول جيڪو گڏ ٿيندو آهي، تنهن مان سون ۽ هيرا خريد ڪيا ويندا آهن. هن خزاني ۾ جمع ڪيا ويندا آهن. پر سندن هنن ڪرتوتن مان سنڌ جي وڻج واپار صنعت کي ڪيڏو ڪاپاري ڌڪ لڳي رهيو آهي، تنهن جو کين ويچار ڪونه آهي. اهڙي طريقي سان جيڪي سون ۽ چاندي جون ڏيٽيون ۽ نقعد زر هڪ جاءِ تي گڏ ٿيندي رهندي ٿي، سا ملڪ ۾ ڦرڻ کان بيهجي وڃي ٿي. ملڪ جو حقيقي خزانو اهو آهي، جيڪو ڦرندو رهي.هڪ هنڌ بيٺل پئسي جو اندازو ڪرڻ به ڏاڍو ڏکيو آهي. جيڪڏهن اسان سرڪاري ڍل ۽ محصول ۽ سالياني خرچ جو اندازو لڳائينداسين ، جهڙي ريت ضميمي ۾ درج ڪيو ويو آهي، ته پتو پوندو ته ٻارهون عوام ۾ ڦرندڙ دولت تمام گهٽ آهي. ان ليکي سان پتو پوي ٿو ته ميرن وٽ گڏ ڪيل خزانو تمام گهڻو آهي.
ميرن جي اختيار ڪيل حڪمت عملي تمام سادي ۽ کل جوڳي آهي. هو ولايتي ماڻهن جي رلڻ ملڻ کان ائين پيا ونءُ ويندا آهن، جيئن ڪانءُ وڃي ڪمان کان، منجهن شڪ ۽ گمان ڪندا آهن. ساڙ ۽ ڪيني ۾ گهٽ ڪونه آهن. سندن هلت چلت اهڙي هوندي آهي، جو ولايتي ماڻهو پنهنجي بي عزتي پيا محسوس ڪندا آهن. ائين ڪرڻ مان هو ائين سمجهندا آهن ته پنهنجي ملڪ جي آمدني جا وسيلا اسان کان لڪائي سگهڻ ۾ ڪامياب ويندا ۽ سندن رعيت جا ذهني لاڙا ۽ خوهشون ڪهڙيون آهن، تن کن به ولايتي ماڻهو بي خبر رهجي ويندا. سندن اها به عادت آهي ته ولايتي ماڻهو سان ڏاڍي هٺ، وڏائي ۽ آڪڙ سان پيشا ايندا آهن، اهڙيون قسم جون اجايون ڳالهيون ڪري پنهنجي اعلي شان، مان ۽ مرتبي جو ڄڻ اظهار ڪندا آهن، پر اهو ڪڏهن به سمجهڻ نه گهرجي ته سندن حال ۽ مال هڪ جهڙو آهي. سندن ولايتي ماڻهن لاءِ ساڙ ۽ ڪينو ڌيان ڏيڻ جوڳو آهي. جڏهن هو اسان ولايتي ماڻهن کي دڙڪو دهمان ڏين ٿا ته سمجهڻ کپي ته هو اجائي لاف ۽ ٻٽاڪ هڻي رهيا آهن. ڪندا ڪجھ به ڪونه، سکڻي ڪُني گهڻي اڀامي. حقيقت اها آهي ته هو خود پاڻ ڊڄي رهيا آهن ۽ پنهنجي ڊڄ ۽ اڊڪي لڪائڻ لاءِ جتن ڪري رهيا آهن. هو پنهنجي جذبن تي ضابطو رکي ڪونه سگهندا آهن ۽ حقيقي وت کان وڌيڪ هام هڻندا آهن. گڏ ڪيل خزاني بابت مير صاحب چوندا آهن ته اهو تڏهن استعمال ڪيو ويندو جڏهن سنڌ کي ڪنهن ٻاهرئين هلان جو اُڊڪو هوندو ۽ مذڪوره خزانو تڏهن فقط عام ڀلائيءِ واسطي ڪتن آندو ويندو. پر عام طور چيو ائين ويندو آهي ته جڏهن سنڌ کي ڪا سوڙھ پئي ۽ ڪو ڌاريو ديس تي ڪاهي آيو ته ميرصاحب خيرن سان اهڙا ڊڄڻا آهن جو پنهنجي ناڻو ٻيڙن تي رکائي مسقط وڃي ساھ پٽيندا.
انگريزن کانسواءِ ڪنهن ٻئي ولايتي طاقت ميرن جو ڏيل ڪونه ڏڪايو آهي. هو به هميشه هنن کي ڇرڪندا رهيا آهن. گذريل پندرهن سالن ۾ اهڙا ڪي واقعا ٿي گذريا آهن، جن مان کين اهو ٿورو ڪجھ احساس ٿيو آهي ته انگريز اهڙي قوم آهن، جيڪي وڏن بادشاهن ۽ وڏين قومن مٿان سوڀ ماني سگهن ٿا ۽ اهي هاڻي وڏيون وڏيون ٻرانگهون ڀريندا، سندن دنگن جي چوڌاري تڪرو تڪڙو گهيرو ڪري رهيا آهن، سنڌ جي ٻٽاڪي ميرن ۾ هاڻي اچي ڦڦري پئي آهي ۽ اهڙي قسم جي ڊپ ۽ ڊاءِ کي لڪائي به ڪونه ٿا سگهن. اهڙي اڊڪي ۽ ڊپ کي هنن ڪيترن موقعن تي ورجايو به آهي. پر جيئين ته انگريز سرڪار حالتن کان مجبور هئي ۽ ڪڇ ۾ پنهنجي اثر رسوخ کي وڌائڻ ۾ رڌل هئي. ان ڪري سنڌ جي ميرن ۾ ڪنبڻي پئجي ويئي آهي. اها به هڪ حقيقت اها آهي ته هو هاڻي قنڌار جي حڪومت جا ڏن ڀرو ڪونه رهيا آهن. پت انگريزن جي ڪڇ ۾ پهچڻ ۽ اثر وڌائڻ ڪري. سنڌ جا حڪمران چالاڪي ڪري افغان حڪمرانن ۽ انگريز سرڪار جي وچ ۾ غلط فهميون پيدا ڪري رهيا آهن، توڙي هنن سان سندن لاڳاپا ٽٽي به ويا آهن. ان جو اڪيلو سبب اهو آهي ته کين انگريزن جي حملي جو ڊپ آهي. هن ڪنبڻي ڪري هنن ڪڇ جي راءِ کي انگريزن سان دوستاڻن لاڳاپن ڇنڻ جي صلاح ڏني آهي. توڙي جو اها دوستي قائم ٿئي ڪجھ مهينا ئي مس گذريا آهن.
حقيقت به اها آهي ته سنڌ جي حڪمرانن کي اچي ڊپ ورايو آهي ته مٿان ولايتي طاقت حملو ڪري کانئن سنڌ ڦري وٺي. موقعي جي مناسبت سان اها ڳالھ وقتائتي لڳندي ته مير صاحب اهڙي متوقع حملي جي اڳواٽ بچاءِ لاءِ جيڪي سٽون ۽ رٿون سگهندا، تن جي ڪجھ ڇنڊ ڇاڻ ڪجي. موضوع جي لحاظ کان ان کي بلڪل تت جي صورت ۾ پيش ڪندس. ان جو سبب اهو آهي ته پڙهندڙن جي گهڻائي هن قسم جو موضوع ۾ متان دلچسپي نه وٺندي هجي.