سنڌ شناسي

ڳالھيون منھنجي سنڌ جون

پاران نامياري ليکڪ ۽ تاريخدان سيد حسام الدين راشديءَ جي مقالن، تقريرن، خطن، انٽرويوز ۽ مختلف ڪتابن تي لکيل مُھاڳن تي جُڙيل ڪتاب ”ڳالھيون منھنجي سنڌ جون“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو مرتب ڪندڙ غلام محمد لاکو آھي. هن ڪتاب جا سمورا موضوع سنڌ جي تاريخ ۽ ادب جو هڪ ڀرپور جائزو پيش ڪن ٿا. ھن ڪتاب جو ڇپجڻ  اصل ۾ سنڌ جي هڪ تاريخدان، عالم ۽ ڏاهي جي اُملهه پورهئي جي پڌرائي آهي. 

Title Cover of book ڳالھيون منھنجي سنڌ جون

سنڌ جي تاريخ جا ماخذ

( هن مضمون ۾ راشدي صاحب خاص طرح سان انهن عربي ڪتابن جو ذڪر ڪيو آهي. جيڪي سنڌ جي تاريخ لکڻ ۾ اسان جي مدد ڪن ٿا. هي مضمون اصل ۾ اردو زبان ۾ لکيل هو ۽ پوءِ ان جو سنڌي ترجمو ماهنامه ”نئين زندگي“ جي سيپٽمبر 1952ع، ۽ نومبر 1952ع وارن پرچن ۾ ڇپيو هو. علمي دنيا کي هن تاريخي تحرير جي گهٽ ڄاڻ رهي آهي)

(1)
تاريخ سنڌ جي ماخذن جي جيڪڏهن فهرست لکڻ ويهنداسين ته اسان کي چئن ڀاڱن ۾ تقسيم ڪرڻو پوندو. 1 – جاگرافي 2 – ملڪي تاريخ – علمي ۽ تمدني تاريخ 4- تاريخ آثار قديمه. تنهن کانپوءِ وري اسان کي سڀ ڪنهن ڀاڱي جي ماخذن کي جدا جدا عنوانن جي ماتحت لکڻو پوندو.

جاگرافي
جڏهن اسان جاگرافي جي تاريخ مرتب ڪنداسين، تڏهن ان وقت اسان کي ٻن قسمن جي ڪتابن کان مدد وٺڻي پوندي.

(1) سفر ناما: ان عنوان جي ماتحت انهن سمورن سفرنامن کي ٻوليءَ جي لحاظ کان جدا جدا لکڻو پوندو. جن ۾ سنڌ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ اسان کي عربي ۽ انگريزي ۾ وڌيڪ ڪتاب ملندا.
(2) جاگرافي: انهيءَ عنوان جي هيٺ اسان کي اهي سمورا جاگرافيءَ جا ڪتاب ڳولڻا پوندا. جيڪي سنڌ جي متعلق آهن جن ۾ ضمنا سنڌ جو ذڪر آيو آهي تن جي تقسيم به ٻوليءَ جي اعتبار سان ڪرڻي پوندي، جيئن ته عربي ، فارسي ۽ انگريزي جدا جدا ڏيکارڻا پوندا. انهيءَ سلسلي ۾ اسان کي عربي، فارسي ۽ انگريزيءَ ۾ گهڻو مواد ملندو. اردو ۽ سنڌي ۾ شايد ڪي ٿورڙا ترجما ملندا نه ته ڪو خاص ڪتاب انهيءَ موضوع تي نه ملندو. انهيءَ عنوان هيٺ اسان کي انگريزيءَ جا اهي سمورا رسالا، مخزن ۽ جرنل به ڏسڻا پوندا. جن ۾ خاص سنڌ جي جاگرافيءَ تي مضمون شايع ٿي چڪا آهن.

ملڪي تاريخ

عام ملڪي تاريخ لکڻ جي سلسلي ۾ جڏهن ماخذن کي گڏ ڪرڻو پوندو ته ان وقت فهرست هيٺين عنوانن تي ورهائبي:
(1) سنڌ تي خاص ڪتاب: انهيءَ عنوان هيٺ تاريخ جا اهي سمورا ڪتاب درج ڪرڻا پوندا. جيڪي خاص طرح سنڌ تي لکيا ويا آهن. انهيءَ سلسلي ۾ اسان کي فارسيءَ ۾ ڪي ٿورڙا ليڪن انگريزيءَ ۾ گهڻا ڪتاب ملندا. انگريزي ڪتابن جا ماخذ به چند فارسي تاريخ جا ڪتاب آهن جيڪي انهيءَ عنوان هيٺ اسين لکنداسون، ليڪن آخري دور لاءِ انگريزيءَ ۾ خاص طرح سان سنڌ تي وڏي ڪثرت سان ڪتاب آهن. جيڪي اسان کي انهيءَ فهرست ۾ شامل ڪرڻا پوندا. انگريزن ڪلهوڙن جي حڪومت، ٽالپرن جي صاحبي ۽ پنهنجي راڄ جي باري ۾ انگريزيءَ ۾ گهڻو ڪجهه لکيو آهي.
(2) عام تاريخون: انهيءَ عنوان ۾ اهي سمورا تاريخ جا ڪتاب اچن ٿا، جن ۾ ضمنا سنڌ جو ذڪر آيو آهي. انهيءَ باري ۾ عربي ۽ فارسي تاريخن جو تت تيار ڪبو ۽ انگريزي تاريخن جا نالا لکڻا پوندا. اها فهرست به ٻوليءَ جي لحاظ سان ورهائڻي پوندي.
(3) رسالا ۽ مخزن: انگريزي زبان ۾ اسان کي اهڙا رسالا ۽ مخزن ڪثرت سان ملندا. جن ۾ سنڌ تي خصوصيت سان نهايت اهم مضمون لکيا ويا آهن ۽ اهي سمورا مضمون نهايت قيمتي ۽ ناياب مواد جا حامل آهن. عربي ۽ فارسيءَ ۾ انهيءَ عنوان تي ڪجهه به ناهي. اردو ۾ البته چند، مضمون ممڪن آهي ته ملي وڃن.
(4) سياسي رهبرن جون سوانح عمريون: انهيءَ عنوان هيٺ اسان کي سنڌ ۽ هندستان جي سياسي رهبرن ۽ سرڪاري عهدي دارن جي سوانح عمرين تي لکيل ڪتاب، فهرست ۾ شامل ڪرڻا پوندا. انهيءَ عنوان تي فقط انگريزيءَ ۾ اسان کي ڪتاب ملندا.
(5) سياسي خطوط: انهيءَ سلسلي ۾ اسان کي اهي سمورا خط پنهنجي فهرست ۾ شامل ڪرڻا پوندا.، جيڪي سنڌ جي سياسي ۽ ملڪي انتظام جي سلسلي ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني پاران پنهنجي نوڪرن کي لکيا ويا هئا يا وري ڪمپني جي نوڪرن، ڪمپني ڏانهن خط لکيا آهن. انهن خطن ۾ ڪي نادر ترين تاريخي شيون ملن ٿيون، جيڪي عام تاريخ جي ڪتابن ۾ نه ٿيون ملن، ليڪن انهيءَ قسم جا ڪتاب انگريزن جي صاحبيءَ سان تعلق رکن ٿا. عربي ۽ فارسيءَ ۾ انهيءَ موضوع تي مواد نه آهي.

علمي ۽ تمدني تاريخ
تمدن و تهذيب ۽ سنڌ جي علم و ادب جي تاريخ جي سلسلي ۾ اسان کي جن ڪتابن کان مدد ملي سگهي ٿي، تن کي هيٺين ستن عنوانن ۾ تقسيم ڪري سگهجي ٿو.

(1) علمي مڪتوبات: انهيءَ عنوان هيٺ ولين بزرگن جا مڪتوبات ۽ ڪي علمي مڪتوبات درج ٿيندا. انهيءَ قسم جا مڪتوبات گهڻو ڪري فارسي ۽ سنڌي ٻولي ۾ آهن.
(2) ملفوظات: انهيءَ سلسلي ۾ اسان کي اولياءَ ڪرام ۽ اڪابر اسلام جا ملفوظات درج ڪرڻا پوندا. ملفوظات جا ڪتاب گهڻو ڪري فارسيءَ ۾ آهن ۽ سنڌيءَ ۾ بلڪل گهٽ آهن.
(3) علمي سوانحات: انهيءَ هيٺ اهي سمورا ڪتاب شامل ڪرڻا پوندا. جيڪي ڪنهن مصنف يا عالم جي سوانح عمري جي متعلق لکيا ويا آهن. انهيءَ قسم جا ڪتاب عربي، فارسي ، انگريزي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ آهن.
(4) تذڪرا ۽ طبقات: انهيءَ سلسلي ۾ اسان کي ڪثرت سان ڪتاب ملندا. ڪي عام تذڪره آهن. جن ۾ ضمنًا سنڌي مشاهيرن جو بيان آيو آهي ۽ ڪي ڪتاب خاص سنڌي مشاهيرن جي سلسلي لکيا ويا آهن. عربي، فارسي، اردو، انگريزي ۽ سنڌي ۾ ڪافي ڪتاب انهيءَ موضوع تي موجود آهن.
(5) ديوان: انهيءَ سلسلي ۾ اسان کي اهي سمورا فارسي، عربي ۽ سنڌي ديوان گڏ ڪرڻا پوندا، جيڪي سنڌي شاعرن مرتب ڪيا آهن ۽ اهڙن ڪتابن جو تعداد سون تائين پهچي وڃي ٿو.
(6) سنڌين جون تصنيفون: جڏهن اسان علم و ادب جي تاريخ مرتب ڪنداسون ته اسان کي سنڌي بزرگن جي تصنيفن تي هڪ نگاهه وجهڻي پوندي ۽ اهي تصنيفون اسان کي علم و ادب توڙي مذهب جي متعلق ملنديون. عربي فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ انهيءَ موضوع جا هزارن جي تعداد ۾ ڪتاب موجود آهن.
(7) فنون لطيفه: انهيءَ عنوان هيٺ به گهڻا ئي ڪتاب اسان کي فهرست ۾ شامل ڪرڻا پوندا.

قديم آثار

قديم آثارن جي سلسلي ۾ اسان کي ٽي عنوان قائم ڪرڻا پوندا. ملڪي توڙي علمي تاريخ انهيءَ وقت تائين مڪمل نه ٿي سگهندي. جيسين اسان سنڌ جي آثار قديمه کان استفادي نه ڪنداسون.

(1) آثار قديمه جي کاتي جون رپورٽون: جي سلسلي ۾ اسان کي اهي سموريون ساليانه رپورٽون گڏ ڪرڻيون پونديون. جي انگريزن جي صاحبي ۾ مرتب ٿيون آهن.
(2) ڪتاب: ساليانه رپورٽن کان سواءِ انگريزيءَ ۾ سنڌ جي آثار قديمه تي خاص طرح سان گهڻا ڪتاب لکيا ويا آهن، تن کي به فهرست ۾ شامل ڪرڻو پوندو.
(3) رسالا: گذريل ڏيڍ سئو ورهين ۾ يورپ توڙي هندستان مان انگريزي رسالن ۾ سنڌ جي آثار قديمه تي گهڻا مضمون شايع ٿي چڪا آهن، ۽ اهي سڀئي ڪنهن نه ڪنهن طرح استفادي جي اعتبار سان گهڻي قدر ضروري ۽ اهم آهن. سنڌ جي تاريخ انهيءَ وقت تائين نا مڪمل رهندي، جيستائين انهن مضمونن کي نهايت اونهي نظر سان مطالع نه ڪيو ويو آهي. انهيءَ قسم جا مضمون سون جي تعداد ۾ آهن. انهن رسالن جو اڄڪلهه ملڻ بلڪل مشڪل آهي.

هيءُ هو تاريخ سنڌ جي ماخذن جو ذڪر، نئين زندگي جي آئنده اشاعت ۾ عربيءَ جي جاگرافي ۽ سفرنامن جي فهرست پيش ڪئي ويندي.

جغرافيه ۽ سفرناما

1. ابن خوردازبہ: هيءُ سڀ کان پهريون ( 250 هجري) عرب جغرافيه نويس آهي، جنهن پنهنجي ڪتاب
” المسالڪ والممالڪ“ ۾ هندستان ۽ سنڌ جو ذڪر ڪيو آهي. خليفه معتمد جي زماني ۾ ابن خوردازبه پوسٽ آفيسن ۽ خفيه اطلاعات کاتي جو آفيسر هو. جيتوڻيڪ هو پاڻ سنڌ ۽ هندوستان ۾ نه آيو هو، ليڪن سندس لکيل احوال سچو آهي. سندس ڪتاب 1889ع ۾ بريل ليڊن ۾ شايع ٿيو. ڊي جيوجي (De _Geoji) ڪتاب کي ايڊٽ ڪيو آهي.

2. سليمان تاجر: 237هجري ۾ هيءُ سڀ کان پهريون تاجر هندوستان جي ساحلن تي واپار جي سلسلي ۾ پهتو هو. 237 هجريءَ ۾ هن پنهنجو سفرنامو تيار ڪيو هو. اهو سفرنامو 1845ع ۾ پيرس ۾ ڇپجي ويو آهي. سنڌ ۽ هند جي متعلق انهيءَ ۾ نهايت بيش بها معلومات آهي.

3. ابو زيد سيرافي: (264هه) سيراف ايران کاريءَ جو هڪ مشهور بندرگاهه هو. ابو زيد انهيءَ شهر جو باشندو هو. 264 هجري سندس ڪتاب ۾ ڏنل آهي. عرب جو مشهور سياح مسعودي 300 هجري ۾ هن سان سيراف ۾ مليو هو. هن 25 يا 30 ورهين کانپوءِ ان ڪتاب جو تڪلمه لکيو. ابو زيد پاڻ ته ڪڏهن به هندستان ۾ نه آيو، ليڪن ابو زيد انهيءَ بندرگاهه جي باشندي هئڻ سبب سنڌ ۽ هند جي مسافرن سان ملندو رهندو هو ۽ سنڌ جي متعلق احوال معلوم ڪندو رهندو هو ۽ انهن کي لکندو ويندو هو. مسعودي جنهن انهيءَ سفرنامي کي پڙهي ان جو تڪلمه لکيو هو، ڪيترا دفعا هندوستان آيو هو. تنهنڪري سيرافيءَ جون جغرافيائي چڪون به مسعوديءَ جي نظرثاني سان درست ٿي ويون. هيءُ ڪتاب پيرس مان 1845ع ۾ ” سلسله التواريخ“ ۾ شايع ٿي چڪو آهي.

4. ابو دلف مسعر بن مهلهل ينبوعي: (331هه) انهيءَ عرب سياح جو زمانو 331هه کان 337هه تائين هو. هي سڀ کان وڏو سياح آهي. بغداد کان روانو ٿي، ترڪستان پهتو ۽ اتي شاهه بخارا، نصربن سامان (المتوفي 331هه) سان مليو. اتان وري چيني ايلچيءَ سان چين ڏانهن روانو ٿي ويو. وري چين کان ڪابل، تبت ۽ ڪشمير مان ٿيندو ملتان پهتو ۽ اتان سنڌ ۽ هند جي ڏاکڻي ساحل (ڪولم) تائين پهتو. انهيءَ ڪتاب جو هڪ حصو 1845ع ۾ برلن ۾ ڇپيو ۽ ان جا ڪي ٽڪرا ابن نديم پنهنجي ” الفهرست“ ۾ يا قوت ”معجم البلدان“ ۽ قزويني ” آثار البلاد“ ۾ ڏنا آهن. غالبا هيءُ پهريون عرب سياح آهي، جو خشڪيءَ جي رستي سنڌ پهتو.

5. بزرگ بن شهريار: (300هه) هيءُ هڪ جهازران هو، جو پنهنجي دريائي سفرن جي ذريعي عراقي بندرگاهن کان وٺي هندستان جي ساحلن تائين ان کانپوءِ چين ۽ جاپان تائين پهتو. هن ”عجائب الهند“ جي نالي سان هڪ ڪتاب عربي ۾ لکيو هو. جو 1986ع بريل پريس ليڊن کان شايع ٿيو آهي. انهيءَ ڪتاب جو فرينچ ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمو به اتان ئي شايع ٿي چڪو آهي. انهيءَ ڪتاب ۾ سنڌ ۽ هند جي سلسلي ۾ عجيب و غريب واقعا ملن ٿا.

6. مسعودي ابوالحسن علي: (303هه) هن مصنف جا ٻه ڪتاب دستياب ٿيا آهن ۽ شايع به ٿي ويا آهن. هڪ آهي ”مروج الذهب و معادن الجواهر“ ۽ ٻيو آهي ” التنبيہ والا شراف“ ٻئي ڪتاب ليڊن مان شايع ٿي چڪا آهن ۽ پڻ مصر کان به ان ڪتاب جي متعدد ايڊيشن ڇپجي پڌرا ٿيا آهن. التنبيه والا شراف – جي هڪ ڀاڱي جو اردو ترجمو دارالترجمه حيدرآباد دکن مان شايع ٿيل آهي.

مسعودي هڪ بلند پايه مورخ، جغرافيه نويس ۽ سياح هو. هن پنجويهه ورهيه مختلف ملڪن جي سياحت ۾ گذاريا. هيءُ سياح سنڌ ۽ هند ۾ به آيو هو. سندس ٻنهي ڪتابن ۾ سنڌ جي باري ۾ نهايت قيمتي معلومات درج آهي. مروج الذهب – مسعودي پنهنجي سيروسفر ختم ڪرڻ کانپوءِ 332هه ۾ لکيو هو. هيءُ ڪتاب فرينچ ترجمي سان نون جلدن ۾ پيرس کان به شايع ڪيو ويو.

7_ اصطخري: (340هه) ابو اسحاق ابراهيم بن محمد فارسي پورو نالو اٿس. هو اصطخرنالي شهر جو باشندو هو. تنهنڪري هو اصطخري مشهور ٿيو. هيءُ سياح 340هه ۾ سنڌ ۽ هند ۾ آيو ۽ پنهنجي معاصر سياح ابن حوقل سان اتي ئي مليو هو. علم جغرافيه تي سندس ٻه ڪتاب آهن. هڪ ڪتاب ”الاقاليم“ جو 1839ع ۾ گوٿا کان شايع ٿيو. عرب، ايران، ماوراءِ النهر، ڪابلستان، سنڌ ۽ هند جو هن سفر ڪيو ۽ پنهنجن ڪتابن ۾ ڪي حالات لکيا. سنڌ تي هن هڪ خاص باب لکيو، جنهن ۾ هن تفصيلي حالات لکيا آهن.

8_ ابن حوقل: ( 331هه / 943ع – 358هه / 979ع) ، ابوالقاسم ابن حوقل النصيبي بغداد جو واپاري هو. 331هه / 943ع ۾ هن بغداد ڇڏيو. يورپ، آفريڪا، ايشيا، اسپين، سسلي ۽ هندوستان جي سياحت ڪيائين. هيءُ سڀ کان پهريون جغرافيه نويس آهي. جنهن سنڌ جو نقشو پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنو آهي. هن هندوستان جي طول ۽ عرض ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سندس ڪتاب ۾ سنڌ تي هڪ جدا باب آهي. جو معلومات سان ڀريل آهي. هيءُ ڪتاب ليڊن کان ٻه دفعا سال 1938ع ۽ سال 1939ع ۾ شايع ٿيو آهي ۽ ڪتاب جو نالو ”صورت الهند“ آهي.

9_ بشاري مقدسي: (375هه) شمس الدين محمد بن احمد بشاري بيت المقدس جو باشندو هو. هن پنهنجو ڪتاب ”احسن التقاسيم في معرفته الاقاليم“ 375 ۾ لکي راس ڪيو. هن اسلامي ملڪن جو سفر ڪيو ۽ هند و سنڌ ۾ به آيو هو. بشاري پنهنجي ڪتاب ۾ هند ۽ سنڌ جا نقشا ڏنا آهن ۽ سنڌ جو هڪ جدا باب به ڏنو آهي. هي ڪتاب ٻه دفعا 1906ع ۾ ليڊن کان شايع ٿيو.

10_ البيروني: (400هه) البيروني پنهنجي مشهور تصنيف ”ڪتاب الهند“ سببان مشهور آهي، تنهن ڪري تفصيلي حالات لکڻ جي ضرورت ناهي، محمود غزنوي سان هندوستان ۾ آيو هو. ”ڪتاب الهند“ ۽ ” قانون مسعودي“ سندس ٻه عالمگير مشهوريءَ جون تصنيفون آهن. جن ۾ هند جا تفصيلي حالات ۽ سنڌ جا حالات مختلف ٽڪرن جي صورت ۾ ملن ٿا. ڪتاب الهند _ عربي، انگريزي ۽ اردو ۾ متعدد بار ڇپجي چڪو آهي. انگريزيءَ جو ترجمو مسٽر سخائو ڪيو آهي ۽ البيروني جا تفصيلي حالات لکيا آهن. سخائو جي شهرت البيروني جي ترجمي سببان ٿي. ” ڪتاب الهند“ جو اردو ترجمو تازو انجمن ترقي اردو پاڪستان طرفان شايع ٿيو آهي.

11_ ابن بطوطه: (779هه / 1377ع) مراڪش جو مشهور سياح هو. هن کي پنهنجي سفرنامي سببان غير فاني مشهوري حاصل ٿي. سندس سفرنامي جو نالو ”عجائب الاسفار“ آهي. هي ڪتاب عربيءَ ۾ آهي. هن ڪتاب جا يورپ جي مختلف ٻولين ۾ ترجما ٿي چڪا آهن. اردو ۾ به هن ڪتاب جو ترجمو محمد حسين ڪيو آهي. هي ڪتاب ڪيترا دفعا ڇپيو آهي. اردو ۾ هي ڪتاب ٻن جلدن ۾ آهي. ابن بطوطه محمد تغلق جي عهد حڪومت ۾ هندوستان آيو، جتان سنڌ ۾ پهتو. هن سياح سنڌ جو اکين ڏٺو احوال لکيو آهي. اهو احوال نهايت قيمتي ۽ دلچسپ آهي.

مطلب ته جغرافيه جا ڪتاب ۽ سفرناما، جن ۾ سنڌ جو احوال ملي ٿو، ڪثرت سان ملن ٿا، جن جو تفصيلي بيان طوالت جو سبب ٿيندو، تنهنڪري بعض ڪتابن جا اسان فقط نالا ڏيون ٿا.

12_ ابن رسته: (290هه). اعلاق النفسيہ ليڊن جو ڇپيل آهي.

13_ قدامه بن جعفر: (296هه)

14_ ادريسي: (560هه / 1165) نزهة المشتاق.

15_ ياقوت الحموي: (627هه / 1229ع) معجم البلدان.

16_ ذڪريا قزويني: (682 / 1282) آثار البلاد.

17_ صوفي دمشقي: ( 728هه / 1326) عجائب البر والبحر.

18_ ابو الفدا: ( 732هه / 1331ع) تقويم البلدان.

91_ نويري: ( 733هه / 1331ع) نهايت الارب في فنون الادب

20. شهاب الدين العمري: ( 748هه / 1346ع) مسالڪ الابصار وممالڪ الامصار. هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو لاهور مان شايع ٿيو آهي.

21. سيد علي رئيس: ( 1553 _ 1556ع)، ترڪي امير البحر هو. همايون جي عهد ۾ سنڌ ۽ هند آيو هو. هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو ويمبري 1789ع ۾ لنڊن مان شايع ڪيو.

هي سمورا جغرافيه جا ڪتاب ۽ سفرناما، تاريخ سنڌ جي سلسلي ۾ سنگ ميل جو درجو رکن ٿا. ترتيب مان معلوم ٿيندو ته 25 هجري کان وٺي اٽڪل ڏهين صدي هجري تائين انهيءَ پوري زماني تي پکڙيل آهن. ڪن سياحن ۽ جغرافيا نويسن سنڌ جي بيان ۾ جدا جدا باب پنهنجن ڪتابن ۾ ڏنا آهن. ڪيترن مختلف عنوانن هيٺ يا هندوستان جي حالت ۾ مختلف هنڌن تي سنڌ جي شهرن، دريائن، رستن ۽ ملڪي پيداوار، آب و هوا ۽ ٻين ضروري شين جي متعلق نهايت قيمتي معلومات ڏني آهي. جيڪڏهن جغرافيه جي انهن ڪتابن ۽ سفرنامن جو نهايت غور سان مطالعو ڪبو ته اٺن صدين جا حالات اسان کي نهايت سولائي سان ملي سگهندا.


___________
* ترجمو: شمشاد احمد جوڻيجو

(1) 22 شعبان 928هه جو انتقال ڪيائين. ”شهر شعبان“ مان سال وفات نڪري ٿو.