مرزا شاهه حسين ارغون
صدين جي ٺهيل ٺڪيل، مضبوط ۽ مستحڪم ڪامياب ۽ ڪامران، سمن جي سلطنت جو زوال ان وقت ٿيو. جڏهن 914هه ۾ انهيءَ گهراڻي جي آخري بلند اقبال سلطان ڄام نظام الدين هن جهان مان لاڏاڻو ڪيو.
زوال ۽ برباديءَ جي عام دستور مطابق، سندس پويرن ۾ تخت ۽ تاج لاءِ جهيڙا ۽ جهڳڙا شروع ٿيا. هڪ طرف ڄام نظام الدين جو مدينه ماڇياڻيءَ جي پيٽ مان ڄاول، نا عاقبت انديش پٽ فيروز هو، ۽ ٻئي طرف ساڳئي خاندان جو هڪ ٻيو شهزادو صلاح الدين هو. ٻنهي وچ ۾ نزاع پيدا ٿيو، جهيڙا ٿيا، جنگيون لڳيون ۽ سمورو ملڪ خانه جنگيءَ جي باهه ۾ ٻرڻ لڳو. ويڙهه جي ڄر ۽ ڇٻيءَ سڄي سلطنت جي بنياد کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو.
صلاح الدين گجرات جي سلطان کان مدد وٺي سنڌ تي لشڪر چاڙهي آيو ۽ فيروز قنڌار ۽ سيويءَ جي ارغون حاڪم ميراز شاهه بيگ جو ڪٽڪ ڪهرائي اچي پهتو. ٻئي لشڪر ڌاريا، ٻنهي کي ملڪ سان ڪا همدردي ڪانه، ٻنهي ڌرين جي مددگار لشڪر سنڌ جي سرزمين کي تهه و بالا ڪري ڇڏيو. ڄام صلاح الدين شڪست کاڌي، ليڪن فيروز به فتحمند ٿي نه سگهيو. ڇاڪاڻ ته شاهه بيگ ارغور لوور سنڌ جو ڪجهه حصو سندس حوالي ڪري. باقي سموريءَ سنڌ تي پنهنجو قبضو ڪيو. صلاح الدين ۽ فيروز جي خانه جنگي 914هه کان شروع ٿي ۽ 928هه ۾ مٿئين نتيجي تي اچي ختم ٿي. يعني صلاح الدين ختم، فيروز سنڌ جي ٿوري ٽڪري جو شاهه شطرنج، باقي سڄو ملڪ ارغونن جي حوالي.
شاهه بيگ ارغون، امير ذوالنون جو پٽ هو. انهيءَ خاندان جو تعلق تيموري خاندان جي عظيم المرتبت حڪمران سلطان شاهه حسين بايقرا جي درٻار سان هو. جنهن جي دور ۾ اهو گهراڻو ڪابل، قنڌار ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن جو حاڪم ٿيو. سلطان حسين بايقرا 912هه ۾ انتقال ڪيو، جنهن کانپوءِ انهيءَ گهراڻي جو به زوال شروع ٿيو. ان وقت ايران اندر ٽي نيون طاقتون ظهور ۾ آيون. شاهه اسماعيل صفوي، محمد خان شيباني ۽ امير تيمور گرگان جي دود مان جو بلند اقبال نوجوان بابر، ٽئي هڪ ئي وقت ايران جي سرزمين تي پنهنجي قيام ۽ بقا لاءِ جدوجهد ڪري رهيا هوا.
امير ذوالنون ارغون جو تعلق سلطان حسين بايقرا جي درٻار سان هيو. انهيءَ گهراڻي جي ختم ٿيڻ بعد هن به حق نمڪ ادا ڪندي، سندس شهزادن جي طرفان مقابلا ۽ معرڪا ڪندي، محمد خان شيبانيءَ هٿان پنهنجي جان، جان آفرين جي حوالي ڪئي. کائنس پوءِ سندس پٽ شاهه بيگ ارغون ڪابل ۽ قنڌار جو حاڪم ٿيو، جنهن هرات جي مرڪز ختم ٿيڻ بعد، پنهنجي گورنريءَ کي نيم، آزاد سلطنت جو رنگ ڏئي ڇڏيو.
شاهه بيگ اگرچه خودمختيار هيو، ليڪن پنهنجي خودمختياري قائم رکڻ جي منجهس طاقت ڪا نه هئي. ” شيباني“ ” صفوي“ ، ۽ ”بابر“ هڪ وقت سندس سامهون هئا. ڪجهه وقت ته هن پنهنجي حڪمت عمليءَ سان پاڻ کي محفوظ رکڻ جي ڪوشش ڪئي. ليڪن آخر بابر ڪامرانيون ۽ ڪاميابيون حاصل ڪندي، اچي سندس ويجهو پيو هيو.
شاهه بيگ اگرچه پاڻ کي قائم رکڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو هيو. ليڪن پنهنجو مستقبل کيس آخرڪار غير محفوظ ۽ تاريڪ ڏسڻ ۾ آيو، جنهن ڪري ڪنهن نئين ملڪ هٿ ڪرڻ ۽ ان ۾ رهي پاڻ کي مضبوط بنائڻ لاءِ سوچڻ لڳو. سيويءَ تائين هن جو قبضو هيو، ليڪن اهو معمولي خطو سندس گهراڻي جو بار ڪٿي کڻي ٿي سگهيو؟ سيوي سنڌ سان متصل هئي، تنهنڪري هن جون اکيون ان تي هيون.
سنڌ ان وقت پنهنجي گهرو لڙائيءَ ۾ مصروف هئي، بخت جو ڪنهن جو ڦاٽ کائي ته ان کي ڪير روڪي سگهي ٿو، ڄام فيروز عين ان وقت کيس سنڌ ۾ اچڻ جي دعوت ڏني، جڏهن هن کي پاڻ به اچڻ جي آرزو ۽ خواهش هئي. سيوي سندس مرڪز هو، دعوت ملڻ تي فورن هليو آيو.
صلاح الدين جو ته هن اچڻ سان خاتمو ڪيو. ليڪن عملي طرح فيروز کي به حڪومت نصيب ڪا نه ٿي. 927هه جي شروعات ۾ شاهه بيگ سنڌ ۾ داخل ٿيو ۽ ورندڙ سال جي آخر ۾ هن سنڌ ۾ انتقال ڪيو (1) . مرزا شاهه حسين کانئس پوءِ سندس وارث ٿيو. جنهن تخت نشين ٿيندي ئي پهريون ڪم اهو ڪيو جو، لوور سنڌ جو جيڪو حصو فيروز جي حوالي هو سو به کائنس کسي، کيس گجرات ڏانهن اماڻي سمي خاندان جي اڍائن صدين جي حڪومت جو ڏيو، هميشه هميشه لاءِ اجهائي ڇڏيو.
شاهه حسين ارغون 22 شعبان 928هه تي سنڌ جي تخت ۽ تاج جو وارث ٿيو ۽ ڪم و بيش 53 سال سنڌ تي حڪمراني ڪري 12 ربيع الاول 962 تي هي جهان ڇڏي ويو.
شاهه حسين جا اهي 35 ورهيه ئي سنڌ اندر جدوجهد ۾ گذريا هڪ پل به هو واندو ڪو نه ويٺو. ابتدائي چند سال ته هن کي سنڌ جي اندروني بغاوتن کي ختم ڪرڻ ۾ لڳا. ان کانپوءِ هن پنهنجي سلطنت کي نه فقط مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ طرف توجهه ڏنو، بلڪه هيءُ به ڪوشش ڪيائين ته سنڌ جي حڪومت جون حدون چوڌاري وڌائي ڇڏي. سيويءَ تائين جو علائقو، اڳ ئي سندس قبضي ۾ هيو. 933هه ۾ هن ملتان تي ڪاهه ڪئي، اچ کي فتح ڪري هن ملتان تي به وڃي قبضو ڪيو، ۽ اتي جي لانگاهه حڪومت کي ختم ڪري، ملتان جي دروازي تي هن پنهنجو جهنڊو کوڙيو. اتان جڏهن واپس وريو ته سڌو ڪڇ تي ڪاهه ڪري هليو ويو. اتي پڻ هن فتح ۽ نصرت حاصل ڪئي. ان کانپوءِ گجرات ڏانهن رخ رکيائين. جتي به هن ڏاڍا معرڪا ڪيا، ليڪن ڪن ضروري سببن ڪري کيس سنڌ ڏانهن واپس ٿيڻو پيو.
شاهه حسين جي دور جو وڏي ۾ وڏو واقعو آهي، شير شاهه کان شڪست کائي همايون بادشاهه جو سنڌ ۾ اچڻ. شاهه حسين جي دانشمندي، فهم ۽ فراست جو وڏي ۾ وڏو امتحان انهيءَ زماني ۾ ٿيو. همايون 28 رمضان 947هه کان 7 ربيع الاول 950هه تائين برابر اڍائي سال سنڌ ۾ ڦرندو رهيو. ليڪن نه شاهه حسين ساڻس مليو، ۽ نه کيس سنڌ اندر ڪٿي پير کوڙڻ جو موقعو ڏنائين. اگرچه ننڍا ننڍا معرڪا ٿيا، ليڪن همايون کي هڙ حاصل ٿي ڪا نه سگهي. نيٺ هو تنگ ٿي، پاڻ کي بيوس، لاچار ۽ مجبور سمجهي، سنڌ مان ڪوچ ڪري ايران طرف هليو ويو. همايون هتي رهڻ واري زماني ۾ حميده بانو بيگم سان پاٽ جي شهر ۾ نڪاح ڪيو، ۽ هتي ئي عمرڪوٽ ۾ 5 رجب 949هه جو سندس بلند اقبال پٽ ۽ هندوستان جي مغل گهراڻي جو عظيم ترين بادشاهه اڪبر اعظم پيدا ٿيو.
شاهه حسين ۾ حڪومت ۽ حڪمرانيءَ جا سڀئي گڻ موجود هوا، ۽ اهو ئي سبب هو جو هن سنڌ جي ڌارئي ملڪ تي ڪاميابيءَ ۽ ڪامرانيءَ سان حڪومت ڪئي. نه فقط ايترو پر هن جون حدون وڌائي ملتان، بلوچستان ۽ ڪڇ تائين پهچائي ڇڏيون. نه ڇڙو همايون جا اڍائي سالن جي جدوجهد بعد به هتي پير کپي نه سگهيا، بلڪه شير شاهه جيڪو لاهور تائين همايون جو پيڇو ڪندو آيو، سو به سنڌ کان پاسو ڪري ٽري هليو ويو.
شاهه حسين، سلطان بايقرا جي درٻار ۾ اکيون کوليون هيون ۽ انهيءَ ۾ ئي هن پرورش حاصل ڪئي هئي. جنهن درٻار جا مير علي شير نوائيءَ جهڙا فاضل اجل وزير، مولانا جاميءَ جهڙا لافاني شاعر ۽ بهزاد مصور جهڙا عظيم ترين فنڪار رڪن رڪين ۽ زيب زينت هئا. هارون ۽ مامون جي درٻار کانپوءِ اها هڪ اهڙي درٻار هئي، جنهن جي علمي اوج ۽ اقبال جو اڄ تائين علمي طبقي جي دلين تي سڪو ثبت آهي.
مرزا شاهه حسين جو ڏاڏو، امير ذوالنون ارغون بلند درجي جو عالم ۽ فاضل هو. سندس پيءُ شاهه بيگ نه فقط عالم ۽ اديب هو، بلڪه پنهنجي دور جو بي مثل شاعر به هو (1). اهڙيءَ طرح شاهه حسين به نه ڇڙو شمشير زن سپاهي ۽ باتدبير حڪمران هيو، بلڪه بي مثل عالم، اعليٰ درجي جو اديب، بهترين مصور ۽ فارسي ۽ ترڪيءَ جو شيرين بيان شاعر هو. ”سپاهي“ سندس تخلص هو. سندس شعر جو ڪو به مجموعو هن وقت تائين دستياب ٿي ڪو نه سگهيو آهي البته سندس منتشر اشعار ، تاريخن ۽ تذڪرن ۾ منقول آهن. سندس شعر جو رنگ ڍنگ هن طرح آهي:
چو سبزه ترت از برگ ياسمين برخاست،
هزار فتنه بقصد دل از ڪمين برخاست،
ز آتشين رخ او خط عنبرين برخاست
بجان زد آتش و دود از دل حزين برخاست
فشاند زلف معنبر بروي چون مصحف،
شعار ڪفر ازان رو، ز اهلِ دين برخاست.
* * * * * * *
عشقت ڪه بود مايہء ارباب سلامت،
از وي نه بود حاصل ما جز به ندامت،
آن ڪس ڪه بتيغ ستم عشق تو ميرد،
نبود هوس زندگيش روز قيامت،
عمريست ڪه اي سرو خرامندهه گذشتي،
غائب نشد از ديدههء من آن قد و قامت،
چہ تير بود ڪه آن چشم نميخواب انداخت،
ڪه مرغ جان و دلم را در اضطراب انداخت.
سنڌ ۾ اگرچه کيس گهڻي حد تائين درٻار آرائيءَ جو موقعو ملي نه سگهيو، ليڪن ان هوندي به هن علمي سرپرستيءَ ۾ ڪوتاهي ڪا نه ڪئي. ايران جا ڪيترا عالم ۽ شاعر وطن ڇڏي وٽس اچي رهيا ۽ ڪيترا سنڌي عالم ۽ اديب سندس صحبت ۽ علمي مجلس ۾ شريڪ رهيا. مولانا جاميءَ جو خاص دوست ۽ شاگرد، شاهه جهانگير هاشمي، پنهنجي اباڻي وطن کي خيرباد چئي، هت اچي پهتو، ايران جو بي مثل شاعر حيدر ڪلوچ سندس ئي قرب ڪري ڪهي هتي آيو. فخري هروي به هرات مان لڏي سنڌ اندر سندس ئي داد و دهش سبب اچي پهتو هيو. اهڙيءَ طرح ڪيترن ئي اهل علم بزرگن جي موجودگي، سندس درٻار ۾ تاريخ جي وسيلي اسان کي معلوم ٿئي ٿي. جهڙوڪ: شيخ عبدالوهاب پوراني، شاهه قطب الدين هروي، مخدوم محمود فخر پوٽو، مولانا عبدالعزيز ۽ اثير الدين ابهري، قاضي ڏتو سيوهاڻي، مخدوم رڪن الدين عرف مخدوم متو، مخدوم ميران، مولانا ضياءَ الدين راهوتي، قاضي عبدالله درٻيلائي، شيخ الاسلام قاضي محمد اوچي، مولانا مصلح الدين لاري، شاهه حسين تڪدري ۽ شاهه مسعود صدر وغيره.
شاهه حسين جي وقت ۾ فارسي زبان ۽ ادب سنڌ ۾ ڏاڍو عروج ۽ فروغ حاصل ڪيو. فارسيءَ جا ڪيترا ڪتاب انهيءَ دور ۾ سنڌ اندر تصنيف ٿيا. مثنوي مظهر الآثار، ديوان حيدر ڪلوچ، فتاوي پوراني، شرح اربعين، شرح ڪيداني، شرح شمائل نبوي، حاشيه تفسير بيضاوي، شرح منطق وغيره. انهيءَ دور جا يادگار ڪتاب آهن. اهڙيءَ طرح تذڪره روضته السلاطين به انهيءَ ئي زماني جو بي مثل تذڪرو آهي. سنڌي زبان جو ادب اگرچه قديم آهي. ليڪن شاهه حسين کان اڳ جو ڪو به شعر ۽ نوشتو اسان کي ملي ڪو نه ٿو سگهي. شاهه حسين جي دور جو ئي اهو ڪرشمو آهي ۽ برڪت جو قاضي قاضن جا سنڌي ڏوهيڙا رهجي ويا، جيڪي اڄ سنڌي ادبي تاريخ ۾ اسان کي رهبريءَ جو ڪم ڏين ٿا.
شاهه حسين کي نرينه اولاد ڪو نه ٿيو. فقط هڪ نياڻي چوچڪ بيگم نالي هيس. جيڪا بابر جي پٽ ۽ همايون جي ڀاءُ مرزا ڪامران کي پرڻائي ڏنائين. جيڪا پڻ مڙسس جي اکين نڪرڻ بعد، ان سان گڏ هتان هجرت ڪري مڪه معظم ڏانهن هلي وئي ۽ اتي وڃي فوت ٿي. تنهنڪري 962هه ۾ جڏهن مرزا انتقال ڪيو. تڏهن سندس حڪومت ٻن حصن ۾ سندس ٻن اميرن جي مابين وراهجي ويئي. اپر سنڌ سلطان محمود بکريءَ جي حصي ۾ آئي ۽ ان جو مرڪز بکر ٿيو. لوور سنڌ تي مرزا عيسيٰ ترخان قبضو ڪيو، جنهن ٺٽي جو دارالسلطنت قائم رکيو.
مرزا شاهه حسين اگرچه ڏورانهين ڏيهه کان آيو هو ۽ ڌاريو بادشاهه هيو ليڪن سنڌ ۾ پهچڻ بعد هن پنهنجي قديم وطن سان سمورا لاڳاپا ٽوڙي پاڻ کي هتان جو وطني بڻائي ڇڏيو. جيترو وقت هتي رهيو هتان جو ٿي رهيو. نه هن پاڻ کي ڌاريو سمجهيو، نه سنڌين سان هن ڌارين وارو سلوڪ رهيو قرب محبت ۽ پيار واري طور ۽ طريقي سان هن سنڌين جو انهيءَ حد تائين اعتماد حاصل ڪري ورتو، جو هڪ گهڙيءَ لاءِ به سنڌين کيس ڌاريو، پرائو ۽ پرڏيهي نه سمجهيو.
____________
(1) سندس تخلص ”نفسي“ هيو.