مهاڳ
..........
ڪنهن انقلاب مان جتي نقصان پهچي سگهن ٿا اتي فائدن جي اميد به رکڻ کپي. انقلاب فقط نااميدي، مايوسي ۽ تباهيءَ جو نالو نه آهي بلڪ بيداري، جدوجهد ۽ سجاڳيءَ جو سنيهو به ٿي سگهي ٿو، يا کڻي چئجي ته هڪ جوڻ بدلائي الهوٽ ننڊ مان اٿي کڙي ٿيڻ ۽ نواڻ اچڻ جو پيغام به ٿئي ٿو، ۽ سنڌي ادب جي سلسلي ۾ ٿيو به ائين. نا اميدي ۽ بيوسيءَ جي سمنڊ مان آسري ۽ سجاڳيءَ جي هڪ اهڙي لهر اُڀري جنهن سنڌ جي ادبي دنيا کي سيراب ڪري ڇڏيو. ادب، فنونِ لطيفه ۽ آرٽ جي سڀني صنفن ۾ سجاڳي ۽ نواڻ جو دور (Renaissance) اچي ويو.
.......
سنڌ ۾ شاهه عبداللطيف عليہ رحمة جي روايتن جو تسلسل توڙي جو ڪڏهن به ٽٽو نه هو ليڪن ٽالپورن جي صاحبيءَ ۾ شهرن اندر ”غزل“ جي شڪل ۾ هڪ ادبي شوشو شروع ٿيو جيڪو ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي ذهن، فڪر، زندگيءَ ۽ روايتن جو حاصل ۽ حامل نه هو. غزل جي سڄي جوڙجڪ، ان جون سموريون تشبيهون، استعارا ۽ مال مواد فرضي ۽ اهڙيون هيون جيڪي سنڌ جي اکين نه ڪڏهن ڏٺيون ۽ نه ڪنن ڪڏهن ٻڌيون هيون. شهري شاعرن غزل چئي نه ڇڙو پنهنجو وقت ضايع ڪيو بلڪ سنڌ جي نازڪ ۽ صاف زبان ۾ گندگيءَ ۽ عفونت جا انبار ڪٺا ڪري ڇڏيا. اصل ۾ شهر جا شاعر پنهنجي تهذيب، تمدن، روايتن ۽ فڪري نزاڪتن کان يڪسر بيگانا ۽ هڪ اهڙي دنيا ۾ هروڀرو جاکوڙ ڪندا رهيا جنهن جو حاصل ڪجهه به نه هو، يعني سندن ”فرموادات“ ۽ ”ارشادات عاليه“ سنڌ ۾ نه مقبول ٿي سگهيا ۽ نه اهي اسان جي ادب ۽ ادبي تاريخ جو جزو بڻجي سگهيا. اهو هڪ نامعقول دور هو جيڪو ٽالپورن جي حڪومت کان شروع ٿيو ۽ انگريزن جي زوال واري زماني کان ٿورو اڳ پنهنجو موت مري ويو. افسوس فقط اهو آهي جو ڪاغذ ڪارا ٿيا ۽ وقت زيان ويو. اڄ نه انهن شاعرن جو ذخيرو قابِل قدر آهي ۽ نه اهي شاعر ڪنهن کي ياد ئي آهن.
.......
سنڌ کي پنهنجي تهذيب، پنهنجو تمدن ۽ پنهنجو فڪر آهي جنهن جي اظهار جا ادبي ذريعا به وٽس پنهنجا ۽ مخصوص آهن جن کي ڪافي ۽ ڏوهيڙو چئجي ٿو. انهن جا استعارا، تشبيهون ۽ تلميحون پنهنجون ۽ نج ملڪي آهن. اهي، جيڪي هتان جو ماڻهو اکين سان ڏسي ٿو، جن سان صدين کان سندس سروڪار آهي ۽ پيڙهين کان سندس پيچ پيل آهي. مسلسل نظم جو به سنڌ کي پنهنجو نمونو آهي جنهن ۾ داستان ۽ پنهنجي تاريخ جا ڪارناما بيان ٿيل آهن. تنهن کان سواءِ سر ۽ ساز به پنهنجا ته تند ۽ تنوار به پنهنجي آهي. باوجود هن جي جو سنڌ تي صدين تائين ڌارين جي قبضي جي پيڙا رهي، غيرن جو تسلط ۽ تمدن قابض رهيو، ٻاهرين جون رسمون ۽ رواج حاڪماڻي ڏاڍَ ۽ ڏَڍَ تي نافذ رهيا، ليڪن سنڌ ۽ سنڌين جي پنهنجي فطرت ۽ فڪر تي نه اثر انداز ٿي سگهيا ۽ نه انهيءَ کي زائل ڪري سگهيا. سنڌ جي حُسن جي پرک پنهنجي، عشق جو معيار جدا، محبوب جو تصور مخصوص ۽ انهيءَ سلسلي ۾ جذبن ۽ احساسن جو اظهار انتهائي نازڪ ۽ بازاري خواهه اوباش طرز کان پاڪ ۽ صاف ٿئي ٿو. سنڌي شعر ۾ ڪڏهن به عاميانه ۽ اخلاق کان ڪريل نه خيال هوندو ۽ نه تصور. ڳالهه توڙي جو مجاز کان شروع ٿيندي ليڪن انت وڃي حقيقي عشق سان ٿيندس.
.......
شهرن جي غلبي ۽ پنهنجي ادبي ورثي کان بيگانگيءَ سنڌي ادب تي جيڪو سڪتو طاهري ڪيو هو، هندن ۽ مسلمانن جي ڪجهه روشن خيال نوجوانن جي اک پٽڻ ۽ ڪوشش سان پاڪستان کان چند سال اڳ ٽٽڻ شروع ٿيو هو. انهن اديبن پنهنجي وڃايل روايت کي، جنهن جا مهندار شاهه سائين، سچل سرمست ۽ ٻيا ڪيترا ڪلاسيڪل شاعر هئا، وري نه فقط زندهه ڪرڻ جي ابتدا ڪئي بلڪ نئين زماني ۽ ايندڙ حالتن جو جائزو وٺي سنڌي شعر ۾ نواڻ پيدا ڪري، ان ۾ زندگي خواهه ملڪي ۽ سماجي ضروتن سان مطابقت پيدا ڪئي ۽ ان کي جاندار ۽ هڪ حقيقت جو روپ وٺرايو. ليڪن اڃا انهيءَ سجاڳيءَ جي ابتدا ئي هئي ته 1947ع وارو انقلاب آيو جنهن ۾ لڏپلاڻ هڪ دفعو وري ملڪ جي سڄي صورتحال سان گڏ ادبي ماحول تي به اثر ڪيو. نااميدي ۽ مايوسيءَ جو دور ٻيهر شروع ٿيو جيڪو هليو ته چند سال پر انهيءَ کان پوءِ هڪ غير معمولي ذهني ۽ فڪري انقلاب پيدا ٿيو. حقيقت ۾ اهو هڪ معجزو هو. ڪنهن کي به اميد نه هئي ته سنڌي شعر ۽ ادب انهيءَ بي سرو سامانيءَ جي حالت ۾ اُسري سگهندو، ليڪن آفرين آهي اسان جي نئين نسل جي جوان سال شاعرن ۽ اديبن کي جن نه فقط ڇڳل تندون وري گندي ورتيون پر پنهنجي سڄي ادب ۽ ثقافت کي نئين سر جوڙي حيرت ناڪ انقلاب آندو ۽ انهيءَ ورثي کي آسمان تائين پڄائي دنيا جي آبرومند زبانن جي بهترين ادب جي صف ۾ آڻي بيهاريو.
......
اهو سمورو انقلاب 30-32 سالن جي قليل مدت ۾ آندو ويو. هڪ فرد جو ارادو ۽ عزم به پنهنجي جاءِ تي اٽل ٿئي ٿو، پر جڏهن پوري قوم ڪو فيصلو ڪري ٿي ته پهاڙن کي به پنهنجي جاءِ تان هٽڻو پوي ٿو. اسان جي نئين نسل جي اٽل فيصلي به نا اميديءَ واريون حالتون ختم ڪري هڪ اهڙي دنيا پيدا ڪري ڇڏي جنهن تي زوال نه اچي سگهندو. هميشہ هميشہ لاءِ، انشاالله.
.......
هن وقت سنڌي ادب جي ڪا به اهڙي صنف نه آهي جنهن ۾ ترقي نه ٿي هجي يا نواڻ نه آئي هجي. انهيءَ سلسلي ۾ نه فقط پنهنجي پراڻين روايتن کي جياريو ۽ سنواريو ويو آهي پر سنڌي ادب ۾ خارجي اثرات ۽ رجحان به اهڙي انداز ۾ آندا ويا آهن جو اهي پنهنجا ٿا لڳن، جنهن لاءِ نوجوان نسل اسان سڀني جي مبارڪن جو مستحق آهي. هنن ٻن محاذن تي لڙائي لڙي ڪاميابي ۽ ڪامراني حاصل ڪئي آهي: هڪ ته غزل لا يعني صنف جي پوئلڳن کي، جيڪي لڪير جا فقير بڻيا ”مهانڊا ۽ مهندار“ شاعر ٿيا ٿي وتيا، ادبي ميدان مان هڪالي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، ۽ ٻي يُڌ ادبي صنفن جي تاريخي روايت کي نئين سر زندهه ڪري ان کي اهڙي آبرومند مقام تي آندو جو اسان سڀني جو ڳاٽ اڄ اوچو ٿي ويو آهي. اها جدوجهد ۽ اها فتح، ڪامراني ۽ ڪاميابي هڪ لازوال تاريخي واقعو آهي جيڪو آئيندي جو مؤرخ نهايت فخر سان لکندو.
......
اڄ اسان جو ادب، اسان جو شعر، اسان جو افسانو، اسان جي تاريخ سڀ واقعاتي ۽ زندگيءَ جي روزاني روئداد سان وابستہ ۽ پيوست آهن. حادثن، نا اميدين، زندهه رهڻ جي ڪشمڪش ۽ مسئلن سان تصادم سڀني کي سجاڳ ڪري ڇڏيو ۽ اڄ نه فقط شهر پر ڳوٺ، وستيون ۽ واهڻ سڀ ادبي تحريڪ جا مرڪز ٿي ويا آهن. هر هنڌ هڪ ئي تند ۽ تار، هڪ ئي سر ۽ ساز آهي.
انهيءَ تحريڪ جي سلسلي ۾ جنهن کي اسان سنڌي ادب جو RENAISSANCE چئي سگهون ٿا، سوين ناميارا نالا اچن ٿا جن جو هتي ذڪر ڪرڻ هن ڪري ضروري نه آهي جو هر ادب دوست انهن کي سڃاڻي ۽ اهي هن وقت سج چنڊ وانگر سنڌ جي ادبي آسمان تي چمڪي رهيا آهن. مثلاً اسان جو نوجوان دوست ۽ نئين ٽهيءَ جو شاعر، عنايت بلوچ، جيڪو اڪتسابي نه بلڪ فطرتاً شاعر پيدا ٿيو آهي ۽ جنهن جي ڪلام جو مجموعو ”تند ڪٽارو ڪنڌ“ پڙهندڙن جي هٿن ۾ اچي رهيو آهي، انهيءَ سلسلي ۾ مثالي حيثيت جو حامل آهي. سندس ڪلام مان پڙهندڙ اندازو ڪري سگهندا ته سنڌ جي جوان سال شاعرن ڪيتري جاندار شاعري ڪري سنڌ ۽ سنڌي ادب جي اوجهل ٿيل آبروءَ کي اوج تي پهچائي ڇڏيو آهي.
......
عنايت بلوچ وڻندڙ ۽ سٻاجهي سڀاءُ جو نهايت مهذب نوجوان آهي. ادب سان دلچسپي ۽ شاعري کيس پنهنجي گهراڻي مان ورثي طور ملي آهي. هن انهيءَ خانداني روايت کي قائم رکندي جيڪا شاعري ڪئي آهي، اها دنيا جي ڪلاسيڪي توڙي جديد ادب سان هم دوش ڏسي سگهجي ٿي.
.........
سندس شاعريءَ ۾ الهام ۽ روح شاهه لطيف سائينءَ مان ورتل آهي ليڪن هن قديم ۽ جديد جو نهايت لطيف امتزاج پيدا ڪري پنهنجي ذهانت ۽ فطري شاعر هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي.
عنايت بلوچ جي مزاج ۾ جيڪا ملائمت ۽ فطرت اندر جيڪا سٻاجهائي آهي، انهيءَ جو عڪس سندس شعر ۾ ئي ڏسي سگهجي ٿو. عنايت کي پنهنجي ملڪ جي ماڻهن سان، ملڪ جي هر هڪ شيءِ سان بيپناهه محبت آهي. استعارا، تشبيهون ۽ تلميحون هن پنهنجي اوسي پاسي جون استعمال ڪري پنهنجي شعر کي مقامي ۽ ملڪي رنگ ۾ رچي ڇڏيو آهي، جيڪو هڪ ته فرضي ۽ غير فطري معلوم نه ٿو ٿئي، ٻيو ته انهيءَ سرمايي سندس شعر کي ملڪ جي لازوال ملڪيت بڻائي ڇڏيو آهي.
عنايت جو سمورو ڪلام ڪنهن نه ڪنهن تاثر جو نتيجو آهي. اهو ”شعر براءِ شعر“ نه پر ڪن حقيقتن، ڪن قلبي جذبن ۽ ڪن اکين ڏٺي ۽ فڪري محسوسات جو مظهر آهي. اهو ئي مکيه سبب آهي جو سندس شاعري لاءِ يعني لفظن جو انبار ۽ بي مقصد جملن جو ڍير نه بلڪ هڪ حقيقت ۽ زندگيءَ سان مطابقت رکندڙ ادبي گفت و شنيد آهي.
حسن ۽ عشق انسان جي فطرت جو هڪ اڻ ڇڄندڙ انگ آهي. جڏهن انهيءَ جو اظهار عنايت بلوچ ڪري ٿو ته ان ۾ به سنڌ جي تهذيب، معاشري جي قاعدن ۽ انهن خاص لفظن ۽ جملن کي آڻي ٿو جيڪي اسان جي پنهنجي ملڪيت آهن. سنڌ سندس وطن آهي جنهن سان محبت سندس ايمان جو جزو آهي. انهيءَ جذبي کي ”ويڙها وسن“ ۽ ”وطن ڏي سلام ۽ پيغام“ ۾ محسوس ڪري سگهجي ٿو. ساڳئي وقت سڄي دنيا جي انسانن سان جيڪو ابدي ناتو ۽ رشتو آهي. جيڪو اسان سنڌين جو نصب العين آهي. اهو به برابر سندس روح ۾ رچيل آهي جنهن جو اظهار هن ”مان انسان آهيان“ ۾ ڪيو آهي.
عنايت جي شاعري زندگي، واقعن ۽ سفر کان متاثر آهي. هي حساس شاعري جتي جتي ويو آهي ۽ جن واقعن سندس احساسن کي جهنجهوڙيو آهي انهن جو هن بي اختيار نظم ۾ اظهار ڪيو آهي. جيئن هڪ مصور ڪو منظر چٽي، اهڙيءَ طرح هن انهيءَ احساس کي نظم ۾ مجسم ڪيو آهي. ليڪن بنيادي طرح سندس شاعريءَ جو ماحصل مختلف صورتن ۾ مجموعي طرح اهو آهي جيڪو هن هيٺ نظم ۾ ٻڌايو آهي:
اَڄ آديسي اچڻا آهن
ڏيئا روشن رکڻا آهن
هوشو، هيمون، دُولَهه دودا
مانجهي مور نه مرڻا آهن
رات کُٽي ٿي، باکَ ڦُٽي ٿي
ڀاڳَ اسان جا ورڻا آهن
سانڊا هاڻي سوگهو آهين
توسان ليکا ڪرڻا آهن
ڪنهن جو ڏوهه نه آهي پيارا
پنهنجا ڪرڻا ڀرڻا آهن
ڇَپر نيٺ ته ڇيتيون ٿيندا
ٽَڪر آخر ٽرڻا آهن
شاهه جي ڌرتي، منهنجا توسان
لکيل مرڻا، پرڻا آهن
ڀايان ٿو ته اسان جي هن نوجوان شاعر جي ذهن ۾ انهيءَ وقت شاهه جو هي شعر تري آيو هو:
”جهونا ڳڙهه جُهرندو، پوندي جهانءِ جهروڪ ۾“
.........
آءُ هن شاعر لاءِ ٻيو ڇا چئي سگهان ٿو سواءِ هن دعا جي ته رب ڪريم سندس دل جون مرادون پوريون ڪري ۽ زندگيءَ جون ڪامرانيون کيس نصيب ٿين. سندس وجود سنڌ، سنڌي ادب ۽ سڄي انسان ذات لاءِ هڪ قيمتي وَٿَ آهي. سنڌ جي ادبي تاريخ کيس جيءَ ۾ جايون ڏيندي.
حسام الدين راشدي
60 علي رضا هائوس،
الحمرا سوسائٽي
ڪراچي
15 جولاءِ 1981