سنڌ شناسي

ڳالھيون منھنجي سنڌ جون

پاران نامياري ليکڪ ۽ تاريخدان سيد حسام الدين راشديءَ جي مقالن، تقريرن، خطن، انٽرويوز ۽ مختلف ڪتابن تي لکيل مُھاڳن تي جُڙيل ڪتاب ”ڳالھيون منھنجي سنڌ جون“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو مرتب ڪندڙ غلام محمد لاکو آھي. هن ڪتاب جا سمورا موضوع سنڌ جي تاريخ ۽ ادب جو هڪ ڀرپور جائزو پيش ڪن ٿا. ھن ڪتاب جو ڇپجڻ  اصل ۾ سنڌ جي هڪ تاريخدان، عالم ۽ ڏاهي جي اُملهه پورهئي جي پڌرائي آهي. 

Title Cover of book ڳالھيون منھنجي سنڌ جون

فقير عبدالغفور (سنڌي موسيقيءَ جو سينگار)

[30 جون 1978 تي، حيدرآباد ۾ پاڪستان نيشنل سينٽر، سنڌ سرڪار جي ثقافت کاتي ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي گڏيل سهڪار سان، سنڌ جي نامور فنڪار فقير عبدالغفور سان هڪ شام ملهائي وئي. ان محفل جو خاص مهمان وطن عزيز جو مايه ناز عالم ۽ دانشمند پير حسام الدين راشدي صاحب هو. ان موقعي تي پير صاحب جي ڪيل تقرير کي ڊيلي ”عبرت“ 10 جولاءِ 1978ع تي شايع ڪيو]

جناب حميد آخوند، جناب فقير عبدالغفور، جناب حسين بخش خادم ۽ معزز خواتين و حضرات.
مان خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي، دل جي گهراين سان اهو اظهار ٿو ڪريان، ته اوهان مون کي اڄ سنڌ جي هنن ٻن وڏن فنڪارن، جي وچ ۾ وهاري منهنجي وڏي عزت افزائي ڪئي آهي، مان پاڻ کي ان اعزاز جو مستحق نه ٿو سمجهان ڪيو ان هوندي به مان منتظمين جو نهايت ٿورائتو آهيان. حقيقت اها آهي ته اها مٿاهين جاءِ فقط هنن ٻن فنڪارن (عبدالغفور ۽ حسين بخش) کي سونهي ٿي، جي پنهنجي فن جي لحاظ کان سنڌ جي تاريخ ۾ اهم مقام وارين ٿا.
جيئن ممتاز مرزا پنهنجي تقرير ۾ هينئر اسان کي ٻڌايو ته فقير عبدالغفور پنهنجي جوانيءَ جي زماني ۾ حيدرآباد شهر جو ڏاڍو مڙس هو. شهر جي دادائن کان آنڪي ڇڏائيندو هو ۽ ٽڪري هلائي نال به وصول ڪندو هو، وغيره، ته دوستو! اهو فقير عبدالعفور جي مجاز جو زمانو هو. توهان کي خبر آهي ته مجاز کان پوءِ حقيت جو ڏاڪو اچي ٿو ۽ هاڻي اسان جو فقير حقيقت جي ڏاڪي تي آهي. فقير نال تڏهن به ڇڏائيندو هو ۽ هاڻي به ڇڏائي ٿو. اڳي پيسن جو نال ڇڏائيندو هو ۽ هاڻي ”دلين“ جو نال ڇڏائي ٿو. اڳ فقط حيدرآباد شهر تائين سندس نالو محدود هو، پر هاڻي ان جو دائرو سنڌ ۽ سموري فضا تائين وسيع آهي، جتي جتي سندس وڻندڙ آواز اڄ به هر ٻڌندڙ کان ”دل“ جو نال ڇڏائي رهيو آهي.
دوستو! فقير عبدالغفور سنڌي موسيقيءَ جي هڪ ”اسڪول“ سان تعلق رکي ٿو، جيڪو سچل سرمست جي درگاهه مان ۽ نج سنڌي تصوف سان وابستہ آهي. اهو سلسلو پنهنجيءَ حقيقت جي حيثيت سان نهايت جامع، وسيع ۽ همہ گير آهي. انهيءَ سلسلي سنڌ ۾ جيڪا روح پرور ڪيفيت پيدا ڪئي آهي، سا اسان جي سماجي زندگيءَ تي حاوي آهي. هن دور ۾ انهيءَ سلسلي جو واحد نمائندو فقير عبدالغفور ئي اسان وٽ باقي آهي.
دوستو! فقير عبدالغفور سان شام ملهائڻ جو اهتمام ڪري اسان پنهنجي فرض ادائي ڪئي آهي. دراصل اسان فقير جو تمام دير سان قدر ڪيو آهي، جنهن احترام ۽ قدر شناسيءَ جو هو مستحق آهي، تمام دير سان اسان محسوس ڪيو آهي، ڇو ته اسان سنڌي بدقمست آهيون!
حسين بخش خادم پنهنجيءَ تقرير ۾ شڪايت ڪئي آهي ته اسان فنڪار مالي لحاظ کان تنگدستيءَ جو وقت گهاري رهيا آهيون ۽ هن انهيءَ نقطي تي زور ڏنو آهي ته سنڌي فنڪارن جي مالي خوشحاليءَ طرف توجهه ڏنو وڃي، ان ڏس ۾ هن ريڊيو ۽ ٽيليويزن جو حوالو ڏنو آهي.
دوستو! اها شڪايت فقط فنڪارن تائين محدود ڪانهي. اسان، جيڪي قلم جا فنڪار آهيون، تحرير جا فنڪار آهيون اسان کي پڻ ساڳي شڪايت آهي. اسان اديبن ۽ شاعرن جي شڪايت، فنڪارن جي شڪايت کان مختلف ڪونهي. زماني جون حالتون اکين اڳيان آهن. اسان سنڌي، هڪ پيڙهيل ۽ نپوڙيل قوم جا بدقسمت فرد آهيون. ان ڪري اسان کي شڪايت کان پرهيز اختيار ڪرڻ گهرجي.
اسان کي بهرحال پنهنجي فرض جي ادائگي ڪرڻي آهي، اسان کي پنهنجو قلم وهائڻو آهي ۽ گلي مان سرن جي ورکا ڪرڻي آهي. اسان کي سنڌ جي خدمت ڪرڻي آهي. سنڌي ادب کي زندهه رکڻو آهي، سنڌي موسيقيءَ کي برقرار رکڻو آهي ۽ سنڌي ثقافت جي شان کي قائم ڪرڻو آهي. اها فرض ادائي اسان تي ان حد تائين لازمي آهي، جو توڙي بک هجي، ڏک هجي، سک هجي، اسان کي هر حال ۾ خدمت ڪرڻي آهي. اسان کي الله تعاليٰ جيڪا صلاحيت بخشي آهي، سا غير مشروط سنڌ جي خدمت جي خاطر بروءِ ڪار آڻڻي آهي. سنڌ جي مانائتي فنڪار فقير عبدالغفور جي خدمت ۾، مان سنڌ جي اديبن جي طرفان ”سلام“ ئي پيش ڪريان ٿو، ڇو ته اسان وٽ ٻي ڪابه شئي ڪانه آهي.
دوستو! مغليه شاهي فوجن جي مهندار مرزا عبدالرحيم خانخانان جڏهن سنڌ فتح ڪئي، تڏهن هتان جي مفتوح فرمان روا مرزا جاني بيگ ترخان کي پاڻ سان گڏ دهليءَ وٺي ويو ۽ اڪبري درٻار ۾ پيش ڪيائين. اڪبر، سنڌ جي معزول سلطان کي پستيءَ جي احساس ڏيارڻ خاطر اها سٽ سٽي جو عظيم فنڪار تانسين کي وٽس موڪليائين. تانسين جاني بيگ وٽ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. مفتوح ۽ معزول سلطان وٽ رکيو ئي ڇا هو، جو تانسين جي قدر داني لاءِ سندس خدمت ۾ هديو رکي! خالي هٿين جاني بيگ، راڳ ختم ٿيڻ کان پوءِ ست دفعا تانسين جي چوڌاري پاڻ کي گهوري چيو ته، ”اي عظيم فنڪار! غريب الوطني ۾ مون وٽ ڪجهه به نه آهي، لهذا مان پاڻ کي تو مٿان گهوري رهيو آهيان، منهنجو اهو هديو قبول ڪر!“
سو، دوستو! اڄ سنڌ سکڻي آهي، هٿين خالي آهي. هن وٽ ڪابه شئي ناهي عبدالغفور کي هديي ڏيڻ لاءِ. لهذا اڄ سنڌ پاڻ کي عبدالغفور جي مٿان گهوري رهي آهي. شال اهو جذبو اسان جي هٿان هن فنڪار کي قبول پوي.
حميد آخوند ۽ ممتاز پنهنجين تقريرن ۾ ٻڌايو ته اسان جي نج سنڌي موسيقيءَ جا املهه سر اسان جي نئين نسل کان وسرندا پيا وڃن ۽ باقي ڪي ٿورا سر اسان وٽ بچيا آهن. دوستو، ان جو سبب اها خلا آهي، جا ٻن نسلن کي منقطع ڪري رهي آهي. اسان پنهنجي ننڍپڻ ۾ جيڪي ڪافيون ٻڌيون، تن جا سر اڄ ناپيد آهن. ان وقت ۽ هاڻوڪي وقت جي درميان وڏو فرق اچي ويو آهي. تمام ٿورا سر اهڙا آهن، جي باقي آهن. اسان تي فرض آهي ته اسان انهن سرن کي پنهنجي عظيم ڪلاسيڪي ورثي کي بچايون، سنڀاليون ۽ محفوظ ڪريون. ائين ڪرڻ سان ئي اسان سنڌي موسيقي کي بچائي سگهنداسون ۽ اها سنڌ جي وڏي خدمت ٿيندي.
ڪجهه وقت ٿيو ته حميد آخوند ۽ ممتاز مرزا مون سان ملڻ آيا، مون کين ٻڌايو ته ”بابا! زندگيءَ تي ڪو ڀروسو ڪونهي ٻه سال بيماري ۾ گذاريا اٿم ۽ باقي عمر جو پتو ناهي. ڪم ڪندي عمر گذري چڪي آهي، صحت جو حال ڏسو پيا، هاڻي ته ڪجهه وندر ورونهن جو سامان پيدا ڪريو ۽ ڪجهه وقت روح ريجهائجي، دل گهري ٿي ته عبدالغفور کي ٻڌجي. هنن دوستن منهنجي خواهش جي پورائي ڪندي اڄ عبدالغفور کي ٻڌڻ جو اهتمام ڪيو آهي، ان لاءِ مان سندن ٿورائتو آهيان.
ان موقعي تي مان سنڌ جي نئين نسل کي هڪ عرض ڪندس ته عبدالغفور، خادم ۽ ٻيا ڪجهه فنڪار اسان جي نج سنڌي موسيقي جا ٿورا نمائندا وڃي بچيا آهن، اهي فنڪار روز روز ڪو نه پيدا ٿيندا آهن ان جو دم غنيمت آهي. اهي فنڪار سنڌ جو شان آهن، سنڌ جو سينگار آهن، سنڌ جي تاريخ آهن، سنڌ جي تهذيب ۽ ڪلچر آهن، اهي سنڌ جي ساک آهن ۽ وقار آهن، انهن جي قدرداني ۽ فن شناسي اسان تي لازم آهي.

----------------
* ترتيب: نفيس احمد شيخ.