سنڌ شناسي

ڳالھيون منھنجي سنڌ جون

پاران نامياري ليکڪ ۽ تاريخدان سيد حسام الدين راشديءَ جي مقالن، تقريرن، خطن، انٽرويوز ۽ مختلف ڪتابن تي لکيل مُھاڳن تي جُڙيل ڪتاب ”ڳالھيون منھنجي سنڌ جون“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو مرتب ڪندڙ غلام محمد لاکو آھي. هن ڪتاب جا سمورا موضوع سنڌ جي تاريخ ۽ ادب جو هڪ ڀرپور جائزو پيش ڪن ٿا. ھن ڪتاب جو ڇپجڻ  اصل ۾ سنڌ جي هڪ تاريخدان، عالم ۽ ڏاهي جي اُملهه پورهئي جي پڌرائي آهي. 

Title Cover of book ڳالھيون منھنجي سنڌ جون

پير حسام الدين راشديءَ کان انٽرويو

[ هي انٽرويو محترم خان محمد پنهور ” سنڌي پبليڪيشن“ ڄامشورو لاءِ ورتو ۽ ان کي اپريل 1973ع واري پرچي ۾ شايع ڪيو. هي پرچو ”پير حسام الدين راشدي نمبر“ ڪري ڪڍيو ويو هو. هي انٽرويو متعدد ڀيرا ڇپجي چڪو آهي ]

سنڌ هڪ مردم خيز سرزمين آهي. هن وڏا وڏا سياستدان، عالم، شاعر، اديب، دانشور ۽ تاريخ نويس پيدا ڪيا آهن. پير حسام الدين راشدي تاريخ ۾ جيڪا مهارت ۽ حيثيت رکي ٿو، پاڪستان ۾ ان جي مقابلي جو ڪو ورلي هوندو ۽ سنڌ کي اهڙن سپوتن تي فخر آهي.
سنڌي پبليڪيشن جو چوٿون ڪتاب ” پير حسام الدين راشدي نمبر“ ڪڍڻ جو سوچي اسان پير صاحب سان ان جو اظهار ڪيوسين ۽ 8 مارچ تي شام جو ساڍي پنجين بجي وقت وٺي مقرر وقت تي پير مظفر ۽ مان، پير خليل کي ڪئميرا سميت ساڻ ڪري ڪراچيءَ ۾ جمشيد روڊ تي پير صاحب جي بنگلي تي اچي سهڙياسون. راشدي صاحب ٻاهر دروازي تي اسان جو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ وٺي وڃي پنهنجي لائبريريءَ ۾ وهاريو، جنهن ۾ ڪئين الماڙيون ڪتابن سان سٿيل پيون هيون، جا سندس لکڻ پڙهڻ جي آفيس پڻ آهي. سندس سمهڻ وارو ڪمرو پڻ ڀرسان آهي، جيڪو پڻ ڪتابن سان ڀريو پيو هو، درين تي خواهه کٽن جي چوڌاري ۽ وهاڻي سان گڏ ڪتاب ئي ڪتاب پيا هئا. لائبريريءَ ۾ ڪتاب الماڙين ۾ ترتيب سان پيا هئا. ليڪن ڪيٽا لاگ نه هئڻ ڪري راشدي صاحب ٻڌايو ته ضرورت وقت ڪتاب موجود هوندي به نه لڀندو آهي ۽ پوءِ خريد ڪرڻو پوندو آهي. پير صاحب جي لائبريري ۾، گهر ۾، خواهه ڳوٺ ۾ اٽڪل 40000 کن ڪتاب آهن، جن ۾ ٻه سئو کن قلمي نسخا پڻ آهن. اسان انٽرويو جو باقاعده سلسلو شروع ڪندي، سندن ابتدائي تعليم بابت پڇيو ته پاڻ چوڻ لڳو ته : ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ خانگي نموني مولوي صاحب وٽ ئي فارسي، عربي ۽ سنڌي پڙهياسون جا به اڌوري رهجي وئي، دستاربندي نه ٿي سگهي. اسان جي ڏاڏي پير شاهه خاص اسان ٻن ڀائرن علي محمد شاهه ۽ مون لاءِ ڳوٺ جي مسجد ۾ اهو مڪتب کولايو هو. ڏاڏو اسان جو وڏو عالم هو ۽ پنهنجو نصاب شروع ڪرايائين. جنهن ۾ انگريزي الف، ب ۽ فارسي جو سڌو طريقو شامل هئا، ۽ ان وقت علم دانش ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ هو. نوڪريءَ جو خيال به نه هوندو هو ۽ نوڪريءَ کي عيب سمجهو ويندو هو. شهرن ۾ رهڻ جي بجاءِ ٻهراڙين ۾ رهڻ ۽ زمينداري ڪرڻ کي عزت وارو ، مهمان نواز ۽ معزز سمجهيو ويندو هو. تاريخ ۽ ادب جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ علم جو مقصد هو. علم روزگار جو ذريعو نه پر ذهن ۽ فڪر جي پرورش ۽ بلنديءَ لاءِ هو. ان کان علاوه اسان جو خاندان به علمي ۽ ادبي هو. اسان جو سلسلو پير پاڳاري صبغت الله شاهه سان آهي. جنهن کي ٻه پٽ علي محمد شاهه ۽ علي گوهر شاهه شاهه هئا. وڏو علي محمد شاهه هو، جنهن جوپٽ اسانجو ڏاڏو پير شاهه هو. علي محمد شاهه وڏي هئڻ جي باوجود پڳ نه ورتي ۽ ان جو توجهه علم، ادب، طب، علم حڪمت طرف هو ۽ ڏاڏو ۽ ٻيا سندس ڀائرن طرف توجهه رکندڙ هئا ۽ طب، علم، حڪمت تي ڪافي ڪتاب لکيا اٿن. علمي ادبي لکيل پڙهيل ماحول هئڻ ڪري انگريزي، اردو خواهه سنڌي سڀ اخبارون اينديون هيون. زميندار هئڻ ڪري عزت آبرو پڻ هئي ۽ والد صاحب وارا ڪجهه انگريز پرست هئا. ڀرسان نصرت اسٽيشن تي مان ۽ علي محمد شاهه اسٽيشن ماستر وٽ انگريزي پڙهڻ ويندا هئاسون. عربي فارسي اڳ ۾ ختم ڪئي هئيسون، ڇو ته مائٽ وڌيڪ ٻاهر نه موڪليندا هئا جو اڳتي پڙهي وڌ ۾ وڌ مختيارڪار ٿبو هو. ليڪن نوڪري ڪرڻ کي عيب سمجهو ويندو هو اسان جي ان وقت رهڻي ڪهڻي سٺي هوندي هئي ۽ نصرت اسٽيشن تان ٽن پئسن جو ڪارڊ لکي ولايت مان وي، پي ذريعي گهرو ضرورت جو سامان گهرائيندا هئاسون. ايمانداري هئي ذرو به ضايع نه ٿيندو هو.
صحافتي زندگيءَ جي شروعات ڪرڻ بابت پير صاحب چوڻ لڳو: پهرين علي محمد شاهه 23، 1922ع ڌاري ڪراچيءَ مان انگريزي اخبار سنڌ ٽائيمس ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ 1925ع ۾ مولانا آزاد جي اخبار جي نموني تي ” الراشد“ اخبار بهمڻ مان ڪڍندا هئاسون. مان ساڻس مدد ۾ هوندو هوس. منهنجي صحافتي زندگيءَ جو آغاز 1928ع کان ٿئي ٿو. هفتي وار سنڌ زميندار سکر مان نڪرندي هئي، جا خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي هئي. هن هڪ ڀيري سکر ويندي مون کي نصرت اسٽيشن تي ملڻ لاءِ چيو، جتي مان مليو مانس ته پوسٽ جي لفافي جي ڪاغذ جي ٽڪر تي مئنيجر ڏانهن لکي ڏنائين ته، حسام الدين کي 30 رپيا ماهوار پگهار سان سنڌ زميندار جو ايڊيٽر مقرر ڪيو وڃي. مون کانئس سوال ڪيو ته توهان خوشحال گهراڻي سان تعلق رکو ٿا پوءِ به توهان جي زندگي ڪسمپرسيءَ ۾ ڇو گذري آهي؟ پاڻ چوڻ لڳو ته، اسان جا مائٽ انگريز پرست هئا ۽ اسان انگريزن ۽ هنن جي پاليسيءَ خلاف لکندا هئاسون ۽ پوءِ اسان ٻئي ڀائر باغي ٿي گهران نڪتاسون ۽ گهران ڪا به مدد نه ملندي هئي. اسان جڏهن ڪراچيءَ مان ” صبح سنڌ“ اخبار ڪڍندا هئاسون. اخبار لاءِ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ سر حاجي عبدالله هارون جو تعاون ۽ مدد هوندي هئي ۽ اخبار تي ان وقت ڪو به خرچ نه هوندو هو. 14 آنه ڪاغذ جو ريم ملندو هو ۽ 400 رپين ۾ اسان سڄي پريس ” ستارهه سنڌ“ ٺاهي هئي. پوءِ ” الحزب“ اخبار ڪڍي هئيسين.
توهان جو سياست سان به ڪو تعلق رهيو؟ چوڻ لڳو ته منهنجو گهڻو لاڙو لکڻ پڙهڻ ڏانهن هو. ليڪن پس پرده سياست سان به علي محمد شاهه سان گڏ رهندو هوس. جناح صاحب هڪ دفعي مسلم ليگ ڪائونسل تي مون کي به ميمبر ڪري رکيو هو ۽ علي محمد شاهه جو منهنجو وڏو ڀاءُ آهي، ان سان باوجود نظرياتي اختلافن جي جو مان ترقي پسند ۽ قوم پرست آهيان ۽ هو رجعت پسند، ليڪن مان هن سان سياست ۾ ٻانهه ٻيلي ٿي رهيو آهيان. ون يونٽ ٺهڻ وقت به علي محمد راشدي صاحب سان توهان ساٿ ڏنو؟ حسام الدين شاهه چوڻ لڳو بلڪل نه، مون ان جي سخت مخالفت ڪئي ۽ ان لاءِ هن کي چيم به، بهرحال باوجود متضاد طبيعتن هئڻ جي به اسان گڏجي ڪم ڪيو آهي ۽ وڌيڪ پنهنجي ڏاڏي کان متاثر آهيان، جيڪو علم دوست هو، يورپي لباس پائيندو هو، انگريزي، عربي ۽ فارسي جو ڄاڻو هو. سائين راشدي صاحب سان اسان جي ڪچهري مچي چڪي هئي ۽ اسان سندس زندگيءِ جي فلم ڏسي رهيا هئاسون ۽ ائين پيا محسوس ڪيون ته اسان به ساڻس گڏ هئاسون. پير خليل فوٽا وٺي رهيو هو ته ڇوڪرو چانهه کڻي آيو. بهرحال چانهه به اسان جي رهاڻ ۾ رڪاوٽ نه وڌي ۽ پير صاحب سلسلوڪلام جاري رکندي چيو ته 1937ع ۾ اسان جو والد صاحب فوت ٿي ويو، جنهن ڪري مون وري زمينداري سنڀالي ۽ علي محمد شاهه سياست، ليڪن ادب سان دلچسپي ۽ مطالع ۾ فرق نه آيو پاڻ وڌيو. ان زماني ۾ اسان کي سر غلام حسين وزارت ڏاڍو تنگ ڪيو 10 ، 15 ڪيس هوندا ئي هوندا هئا. پوءِ هڪ دفعي جي ايم سيد ۽ پير الاهي بخش چڪائي چڪ ۾ هڪ ڪانفرنس مان ٿي اچي رهيا هئا. واٽ تي اسان جي اسٽيشن تي والد صاحب جي تعزيت لاءِ لٿا. رات جو ڪچهري بعد پير الاهي بخش سمهي پيو ۽ جي ايم سيد، علي محمد شاهه ۽ مون بخاريءَ هيٺان ويهي ان لاءِ سوچيو. فيصلو ٿيو ته مارچ سيشن ۾ ڪٽ موشن آڻجي، پوءِ علي محمد شاهه ڪراچي هليو آيو ۽ ان نموني وزارت ڊاٺي وئي ۽ الهه بخش وزارت اقتدار ۾ آئي جيڪا انقلابي هئي، پير الاهي بخش جي وزير ٿيڻ بعد علي محمد شاهه ان سان سنڌ جو گشت ڪيو ۽ پهريون ڀيرو ماڻهن عملدارن ۽ ڪامورن کي گاريون ڏيڻ شروع ڪيون.
بهرحال اسان سياسي موضوع ڇڏي وري ڪجهه سندس ادبي زندگي طرف وڌي آياسون، لکڻ طرف دلچسپي ڪيئن ٿي؟ مون اٽڪل 30 ، 35 ڪتاب لکيا آهن ۽ منهنجي لکڻ جي شروعات اخبار نويسيءَ سان ٿي، ۽ هن وقت به مان ڪتابن جو مسودو اخبار وانگر سلپن تي لکندو آهيان پير صاحب ميز تي رکيل لکيل سلپون ڏيکاريندي چيو . فارسي سان وڌيڪ دلچسپي اٿم ۽ ان ۾ وڌيڪ لکيو اٿم، جو بنيادي ادب فارسيءَ ۾ آهي. اسان جي سنڌ جي تاريخ جا Sources books فارسي ۾ آهن ۽ منهنجا اردو، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ هن وقت تائين اٽڪل 30 ، 35 ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. ان کان علاوه پنهنجي 50 ورهيه زندگيءَ جو مشاهدو پڻ لکيو اٿم، جنهن جو نالو ” جيئن ڏٺو آهي مون“ هو (1) پر جي ايم سيد جي ان نالي سان شايع ٿيل ڪتاب بعد انجو نالو بدلائي رکندس ۽ وقت اچڻ تي شايع ڪيو ويندو. جو ان ۾ ڪي تلخ حقيقتون پڻ بيان ڪيل آهن جي ڪن کي ناگوار به لڳن.

توهان ڪڏهن شعر به چيو؟ ها ڪنهن زماني ۾ شعر به چوندو هوس ۽ هڪ طويل نظم سهڻي ميهار تي لکي هئم، جا سنڌ زميندار ۾ ڇپي هئي، جنهن کي مرحوم ”مخلص“ پڻ داد ڏنو هو. پنهنجي استاد غلام سرور فقير (پروفيسر اياز قادريءَ جو پيءُ) جي فوت ٿيڻ تي پڻ هڪ مرثيو لکيو هئم، جو به تمام سٺو هو. هاڻي شعر پڙهندو آهيان ۽ ان سان دلچسپي آهي پر لکندو نه آهيان. سخن شناس آهيان. ان کان علاوه افسانه ۽ ناول لکڻ سان پڻ شوق هوندو هوم ۽ ڪجهه شايع به ٿيا هئا.

موجوده سنڌي ادب بابت توهان جو ڇا رايو آهي؟

موجوده سنڌي ادب بلڪل اميد افزا آهي، اڳي ادب ۾ ڪو مقصد نه هو، تقليدي ۽ روايتي هو. اڄڪلهه تفريحي، تعليمي ۽ مقصد سان آهي، بي مقصد نه آهي. اڳ بادشاهن جي رڳو ثنا خواني ٿيندي هئي، پر هاڻ ماڊرن نموني لکيو وڃي ٿو. افسانه، تاريخ خواهه شعر مقصديت سان ڀرپور آهي. سنڌي ادب سرڪاري سرپرستي نه هجڻ جي باوجود وڏي همت سان ترقي ڪئي آهي، ضرورت ان جي آهي ته سنڌي ادب ۽ اديبن جي همت افزائي ڪرڻ گهرجي. تاريخ لکڻ لاءِ انهن کي همٿائڻ گهرجي ۽ سڀ کان اول تاريخ Source books هئڻ گهرجن مغلن کان وٺي ميرن تائين خط شايع ٿيڻ گهرجن، جن جي ڪافي تاريخي اهميت آهي. ليڪن هتي قصو ئي الٽو آهي. سنڌي ادبي بورڊ لاءِ پير صاحب چوڻ لڳو ته، ان تي اڻ پڙهيلن وڏيرن جو راڄ آهي، جن کي ڄاڻ بلڪل نه آهي. ان جو مثال ڏيندي هن چيو ته مون 20 ورهين کان محنت سان ٺٽي تي تحقيقات ڪري مقالو لکيو آهي، جنهن تي حڪومت ماسٽر پلان ٺاهيو آهي، جنهن ۾ تاريخي حدون ڄاڻايل آهن، ۽ اهو مقالو ”مهراڻ“ ۾ شايع ٿيو آهي. جنهن لاءِ بورڊ جي صاحبن چيو ته اهو اجايو آهي. ان ڪري مان هاڻي ايران جي ادارن ۽ سينٽرل ايشيا لاءِ لکان ٿو. ان کان علاوه ”مشائخ سيوستان“ آثار قديمه وارن طرفان ڇپجي رهيو آهي ۽ لکڻ کانسواءِ بچيل وقت ۾ مطالعو ڪندو آهيان ۽ شام جو ڪراچي جي بڪ اسٽالن تي ڪتاب جاچيندو آهيان، جن جو گهڻو ڪري قرضي هوندو آهيان ۽ هاڻي ته ڪتاب سنڀالڻ مون لاءِ مشڪل ٿي پيو آهي. هڪ ته
20000 _25000 هزار ڪتابن لاءِ جڳهه نه آهي. ٻيو ته مون وٽ ڪو عملو نه آهي، انڪري هاڻ لائبريري وڪڻڻ جي تاڙ ۾ آهيان.

سنڌ يونيورسٽي کي نه ٿا ڏيو؟

چوڻ لڳو ته آءُ پئسن تي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، ڇو ته مون وڏي محنت ۽ جدوجهد سان ڪتاب گڏ ڪيا آهن ۽ هاڻ انهن جي وٺڻ لاءِ ڪو تيار ٿئي. يونيورسٽي جيڪڏهن وٺندي ته ان کي اوليت ڏني ويندي ۽ اهڙيءَ طرح جي ايم سيد ۽ سنڌ جي ٻين بزرگن جي ڪتابن جي حفاظت پڻ ڪئي وڃي ته بهتر. پنهنجي لائبريري لاءِ ٻڌايائين ته گذريل هنگامن ۾ ان تي پٿراءُ وغيره جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. ليڪن حفاظتي انتظام چڱي هئڻ ڪري بچاءُ ٿي ويو. پير صاحب ٻڌايو ته منهنجن ڪتابن جو هن وقت ڪيٽالاگ به نه آهي، ٻه ٽي ڏينهن هڪ ٻه همراهه رکيم ليڪن اهي ڀڄي ويا، پر ڪجهه ڪتاب به کڻي وڃي رديءَ وارن گاڏن تي وڪيائون. هڪ ڪتاب پنجاب جي وزير خزانه حنيف رامي مون کي سوکڙي ڏنو هو، سو هنکي هڪ دوست فوٽ پاٿ وارن اسٽالن تان وٺي موڪليو هو.

سنڌ جي نوجوان نسل لاءِ توهان جو ڇا رايو آهي.

راشدي صاحب جواب ڏنو ته مان اڄڪلهه جي سنڌي نوجوانن مان بلڪل مطمئن ۽ پر اميد آهيان. جي ايم سيد جي فڪر جيڪا جاڳرتا پيدا ڪئي آهي ۽ نوجوانن جي تحريڪ جنهن جو بنياد 4 مارچ کان پيو، ان نوجوانن ۾ انقلاب آندو آهي، ۽ اسان جا نوجوان دنيا جي ترقي يافته ملڪن کان ڪنهن به ڳالهه ۾ گهٽ نه آهن ۽ تمام ذهين آهن. پاڪستان ۾ ٻين صوبن جي مقابلي ۾ افسانه، ناول، مضمون خواهه شعر وڌيڪ فڪر انگيز صرف سنڌين جو ئي آهي ۽ مان پڙهندو آهيان ته منهنجو ايمان تازو ٿي ويندو آهي. مان يقين سان چوان ٿو ته پاڪستان ۾ با مقصد ادب صرف سنڌين جو آهي، بهرحال تڏهن به ترقي يافته ملڪن جي ادب جي لحاظ کان گهٽ آهي، اڃا محنت ۽ جدوجهد جي ضرورت آهي. ان لاءِ پاڻ ۾ ٻڌي هجي ڇو ته اسان مصيبت ۾ آهيون. ذهني طرح آزاد نه آهيون، اڳ هندوستان اسان جا حق کسيا هئا ۽ هاڻي انهن جي جاءِ نشين ماڻهن، وڏن خواهه ننڍن، سرڪاري نيم سرڪاري ادارن ۾ سنڌين کي نوڪرين کان محروم ڪيو ويو آهي ۽ اسان جا نوجوان دربدر، روزگار لاءِ پريشان آهن ۽ مجبورن مسعود نوراني ۽ لالا قادر جهڙا نوجوان حڪومت وٽ وڪامجن ٿا. پر جيڪڏهن آزاد شهرين وانگر باعزت روزگار ملي ته ائين نه ٿئي. سائين حسام الدين شاهه چوڻ لڳو ته ، اسان وٽ تمام وڏين صلاحيتن وارا ماڻهو هر ميدان تي موجود آهن ۽ هر فن ۾ سنڌي اڳتي آهن. اسان وٽ اي ڪي بروهي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب دنيا جو بهترين ذهن رکندڙن مان آهن. علامه آءِ آءِ قاضي عالمن ۾، اردو لکندڙن ۾ علي محمد شاهه ۽ تاريخ ۾ مون جيتري کوجنا ڪنهن نه ڪئي آهي. سياستدانن ۾ جي ايم سيد آهي، جو ڪڏهن به وڪامي نه ٿو سگهي ۽ هاڻي سجاڳيءَ جو دور آهي. سڀڪو پنهنجي لاءِ سوچي پيو. پنجاب ۾ هاڻي سرائڪي وارا به پنهنجي ٻوليءِ لاءِ جدوجهد ۾ آهن. ڇو ته بهاول پور – ملتان جو سرائڪي ڳالهائيندڙ حصو، سرحد صوبي کان وڏو آهي. ان ڪري سنڌ جي نوجوانن کي به پنهنجي جدوجهد وڌيڪ تيز ڪرڻ گهرجي، جو حڪومت تي آسرو رکڻو نه آهي، پر نوجوانن تي اهو بار آهي جيڪڏهن نوجوانن سستي ڪئي ته، سنڌ قيامت تائين ڪنڌ نه کڻندي، ۽ ڪڏهن به کين بخش نه ڪندي.

تاريخ سان توهان جي دلچسپي ڪيئن ٿي؟

ننڍي هوندي مذهبي تعليم هئڻ ڪري، اسلامي تاريخ پڙهڻ ڪري، تاريخ نويسيءَ سان دلچسپي ٿي ۽ 1930ع ۾ راجا ڏاهر خلاف مضمون لکيم.پاڻ چوڻ لڳو ته مسلمانن جي تاريخ خون سان ڀريل آهي عوام ته ڪا شيءِ نه رهيو آهي.صرف اسلام جي نالي کي استعمال ڪيو ويو آهي.احمد شاهه ابدالي، محمود غزنوي، بابر شاهجهان، جهانگير، عالمگير ، اسلام جي نالي ۾ ظلم ڪيا ۽ دهلي ملڪ جو تختگاهه رهي.پر اتي هاڻي به هندو گهڻا رهن ٿا. پير صاحب ان موقعي تي مڙئي ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ چوڻ لڳو ته اسلام جو ڪو به ٺيڪيدار نه آهي. اسان به خدا کي مڃون ٿا ۽ ان جي رسول ﷺ سان محبت آهي، پر هاڻي قصو ئي نرالو آهي. ۽ اهو ”منصور“ وارو آهي. راشدي صاحب موجوده تاريخ لکڻ بابت چوڻ لڳو ته، اڄڪلهه تاريخ بلڪل غلط لکي وڃي ٿي ۽ حقيقتن کي مسخ ڪيو وڃي ٿو. حاليه تاريخ ته آهي ئي ڪا نه ۽ هن وقت تاريخ اسلام جو نظريو رکي پوءِ لکن ٿا، حالانڪه تاريخ مسلمان نه ٿيندي آهي پر تاريخ تاريخ ٿيندي آهي ۽ تاريخ هن وقت سائنسي ۽ جديد طريقي موجب نه لکي وئي ته پوءِ سمجهه ۾ ئي نه ايندي.
پير صاحب جو اسان ڪافي وقت وٺي چڪا هئاسون. اٿڻ مهل پنهنجي سمهڻ واري ڪمري ۾ وٺي هليو، جتي لائبريري واري نموني ڪتاب درين تي سٿيا پيا هئا، وهاڻي جي ٻنهي پاسي ڪتاب پيا هئا. خصوصن شاهه جو رسالو ۽ مثنوي مولانا روم، جن کي پير صاحب دلچسپي سان پڙهندو آهي، اهي پيا هئا، ڪمري جا ڪجهه فوٽو وٺڻ بعد اسان سندس ٿورو مڃي ٻاهر نڪتاسين ۽ راشدي ”برادران“ جي پاڻ ۾ اتحاد ۽ هڪٻئي سان مددڪرڻ واري ڳالهه پير مظفر تي اهڙو اثر ڪيو جو چوڻ لڳو ته ” يار مان به اهڙي نموني وڏي ڀاءُ پير مظهر جي مدد ڪندس ۽ ٻانهن ٻيلي ٿي رهندس.“


_________
(1) هيءُ ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ جي نالي سان 1977ع ۾ ڇپيو آهي