سنڌ شناسي

ڳالھيون منھنجي سنڌ جون

پاران نامياري ليکڪ ۽ تاريخدان سيد حسام الدين راشديءَ جي مقالن، تقريرن، خطن، انٽرويوز ۽ مختلف ڪتابن تي لکيل مُھاڳن تي جُڙيل ڪتاب ”ڳالھيون منھنجي سنڌ جون“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو مرتب ڪندڙ غلام محمد لاکو آھي. هن ڪتاب جا سمورا موضوع سنڌ جي تاريخ ۽ ادب جو هڪ ڀرپور جائزو پيش ڪن ٿا. ھن ڪتاب جو ڇپجڻ  اصل ۾ سنڌ جي هڪ تاريخدان، عالم ۽ ڏاهي جي اُملهه پورهئي جي پڌرائي آهي. 

Title Cover of book ڳالھيون منھنجي سنڌ جون

مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي

[مير علي شير قانع جي سوانح ۽ تصنيف و تاليف_ راشدي صاحب مرحوم جي مستقل اڀياس هيٺ رهيا. پاڻ مير صاحب جي مفصل سوانح عمري کان علاوهه سندس چار ڪتاب پڻ ايڊٽ ڪيائون. هي مختصر مضمون پڻ ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، جو سَہ ماهي ”الرحيم“ حيدرآباد جي 3_4/1967ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو]

هن بزرگ مؤرخ جو پورو نالو غلام علي شير آهي ۽ سندس نسب جو سلسلو قاضي سيد شڪرالله تائين پهچي ٿو، جيڪو شاهه بيگ ارغون جي دور ۾ (927_928هه) شيراز کان سنڌ ۾ آيو ۽ سندس نسبي سلسلو هن طرح آهي:
غلام علي شير بن مير عزت الله (وفات 1161هه) بن مير محمد ڪاظم بن مير محمد مقيم بن مير ظهيرالدين دوم (وفات 1037هه) بن سيد شڪرالله دوم بن مير ظهيرالدين (اول) بن قاضي سيد شڪرالله (اول) نزيل سنڌ (وفات 966هه کان اڳ).
مير غلام علي شير ”قانع“ جي ولادت 1140هه ۾ ٿي ۽ ”خلق انسانا من السلالة“ مان سندس تاريخ ولادت نڪري ٿي.
مير علي شير ٺٽي ۾ پنهنجي وقت جي جيد عالمن کان تعليم پرائي. مقالات ۾ انهن بزرگ استادن مان هيٺيان نالا ٻڌايا اٿس: ميان نعمت الله، ميان محمد صادق، آخوند محمد شفيع ٺٽوي، آخوند ابوالحسن ”بي تڪلف“ ٺٽوي ۽ مرزا محمد جعفر شيرازي.
قانع کي شاگرديءَ جي دور کان ئي شعر و سخن سان چاهه هو، ٻارهن سالن جي ڄمار ۾ سال 1152هه ۾ شعر چوڻ شروع ڪيائين ۽ اٺن هزارن بيتن جي مجموعي جو هڪ ديوان مرتب ڪيائين، جو ڪن سببن ڪري ان کي درياءَ جو بک ڪري ڇڏيائين.
سال 1155هه ڌاري وري کيس شاعري لاءِ جوش جاڳيو. مير حيدرالدين ابو تراب ڪامل جي ڏيک ويک کيس جوش جاڳايو، ۽ شاعريءَ ۾ هن استاد جي شاگردي قبول ڪيائين. شروع ۾ ”مظهري“ تخلص سڏائيندو هو، پر پوءِ ”قانع“ کي پسند ڪيائين ۽ آخر عمر تائين انهيءَ تخلص سان مشهور رهيو.
هي خاندان مختلف دورن ۾ هميشہ عزت ۽ احترام سان رهيو آهي ۽ هتي جي هر حڪومت هن خاندان جي افراد کي مجموعي طور يا ڪن خاص فردن کي خاص وظيفن ۽ انعامن سان نوازيندي آئي. هن لاءِ ڪي سندون يا شاهي فرمان جيڪي مون وٽ موجود آهن، انهن مان مٿين ڳالهه تي پوري روشني پئي ٿي.
سنڌ جي والي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي دور (1170_1186هه) ۾ قانع کي هن خاندن جي تاريخ لکڻ تي رکيو ويو هو. هن بادشاهي فرمان پٽاندر ٻه تاريخون لکيون، جن مان هڪ نظم ۾ شاهنامه جي وزن تي ۽ ٻي نثر ۾ لکڻ شروع ڪئي، پر اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته هو ڪهڙن سببن ڪري انهن تاريخن جي تڪميل نه ڪري سگهيو. گهڻو ڪري هڪ ٻن سالن کان پوءِ نوڪريءَ کي ڇڏي واپس ٺٽي آيو. ڇو ته سن 1180هه ۾ اسين کيس ٺٽي ۾ ”تحفة الڪرام“ جي لکڻ ۾ سرگرم ٿا ڏسون.
سندس حالات مان (جن کي ان پاڻ لکيو آهي) پتو پوي ٿو ته ”قانع پنهنجي سڄي ڄمار ۾ سورت، ڪڇ، احمد آباد ۽ جهونا ڳڙهه جي سفر کان سواءِ ٻيو ڪيڏانهن به نه ويو آهي ۽ سڄي ڄمار ٺٽي ۾ گذاريائين ۽ تصنيف و تاليف ۾ مشغول رهيو. ٻارهن سالن جي عمر کان (1152هه) وفات جي سال 1203هه تائين، سندس قلم لکڻ کان نه بيٺو ۽ انهيءَ ڊگهي مدت ۾ سنڌ لاءِ علم ۽ ادب جو هڪ لافاني خزانو ورثي ۾ ڇڏي ويو، جي هاڻي اسان وٽ اهو املهه وٿ نه هجي ها ته هوند اسين ملڪي ۽ سياسي تاريخ جي هڪ وڏي ڀاڱي کان هٿ ڌوئي ويهون ها ۽ ڪيترن مشهور هستين ۽ فارسي جي نثر و نظم جي عالمن کي نه سڃاڻون ها.
مير قانع اڪيچار ڪتاب لکيا آهن، جن مان گهڻن جي ته اسان کي سڌ نه رهي آهي ۽ اهي شهه پارا گردش زماني ڪري اسان کان کسجي ويا آهن. پر مقالات الشعرا ۽ ڪتب خاني ٺٽي جي فهرست ۽ ٻين ذريعن مان يا جن ڪتابن کي اسان ڏٺو آهي، ان مان پتو پئي ٿو ته انهن تاليفن جو تعداد 43 تي پهچي ٿو. ان کان سواءِ سندس ڪي تاليفون نامڪمل ۽ اڻ پوريون رهجي ويون، هو پاڻ لکي ٿو:

”گهڻا مسوده جتي هئا، اتي ئي رهجي ويا.“

سن 1152هه ۾ اٺ هزار بيتن جي ديوان کي پنهنجي هٿن سان درياءَ ۾ لوڙهي ڇڏيائين. سن 1174هه ۾ جڏهن ”مقالات الشعرا“ لکي رهيو هو، ته پاڻ ئي چئي ٿو ته جي پنهنجي اشعارن کي گڏ ڪيان ها ته اهي ٽيهه هزار ٿي وڃن ها.
مطلب ته اهو پورو پتو نه پئجي سگهيو آهي ته ان جي مسودن مان ڪيترا تڪميل تي پهتا ۽ ڪيترا نه پهتا يا انهن مان ڪيترا ضايع ٿي ويا. هيستائين اسان کي سندس تاليفات مان هيٺيان ڪتاب معلوم ٿي سگهيا آهن:

1. ديوان علي شير، سال تاليف 1152هه. درياهه ۾ ٻوڙي ڇڏيائين.
2. مثنوي شمہ از قدرت حق (سال تاليف 1167هه). اهو ڪتاب به رڳو نالي وڃي رهيو آهي، هن جو نسخو ڪٿي به سڏڻ ۾ نه جو اچي. هن مان نموني طور ڪي بيت ”مقالات“ ۾ آيل آهن.
3. مثنوي قضا و قدر (سال تاليف 1167هه). هن ڪتاب کي آقا رضا نگهت شيرازيءَ جي چوڻ تي لکيو هئائين. هن جو هڪ خطي نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي لائبرري ۾ موجود آهي.
4. نو آئين خيالات (1169هه). اهو تاريخي نالو آهي ۽ ان مان سن تاليف نڪري اچي ٿو. هي ڪتاب نثر ۾ هو. هي ڪتاب به ناپيد آهي. هن جا ڪجهه جملا ”مقالات“ ۾ آيل آهن.
5. مثنوي قصه ڪامروپ (1169هه). هي ٽن هزارن بيتن تي مشتمل مثنوي هئي، هن جو نسخو به موجود نه آهي. نموني طور ڪجهه شعر ”مقالات“ ۾ آيل آهن.
6. ديوان قال غم. (1171هه). هن ۾ نو هزار بيت، غزل، قصيدهه، مخمس، ترجيع وغيره تي پهچن ٿا. هي ڪتاب به ناپيد آهي.
7. ساقي نامہ (1174هه). غير موجود. مقالات ۾ هن جا ڪجهه اقتباسات آيل آهن.
8. واقعات حضرت شاهه. هڪ هزار بيتن تي مشتمل. هي به ناپيد آهي.
9. چهار منزله (1174هه). هڪ هزار بيتن جو مجموعو. هن جو ڪو به نسخو نه ٿو ملي.
10. تزويج نامہ حسن و عشق (1174هه) نثر ۾. هي به اڻلڀ آهي.
11. اشعار متفرقہ در صنايع و تاريخ (1174هه). هن جو ڪو نسخو باقي نه رهيو آهي. هن ۾ هڪ هزار بيت هئا ۽ ”مقالات“ ۾ هن جو بيان آيو آهي.
12. بوستان بهار: معروف مڪلي نامہ (1174هه). نظم ۽ نثر ۾. هن جي تاليف جو سال ”بوستان بهار تازهه“ مان نڪري ٿو. هڪ ننڍڙو رسالو آهي، جو مڪليءَ جي قبرستان بابت آهي. هن جو قلمي نسخو ادبي بورڊ جي لائبرريءَ ۾ محفوط آهي، جنهن کي راقم الحروف حواشي سان، سنڌي رسالي ”مهراڻ“ 1956ع جي، 2_4 شماري ۾ شايع ڪيو آهي.
13. مقالات الشعراءُ. 1174هه.
14. تاريخ عباسيه. هي نامڪمل رهجي ويو.
15. تاريخ عباسيه. 1175هه، نثر، نظم ۾ (1175هه) نامڪمل.
16. تحفة الڪرام ٽن جلدن ۾، مشهور ڪتاب آهي، جنهن جو سنڌي ۽ اردو ۾ ترجمو پڻ شايع ٿي چڪو آهي.
17. مثنوي اعلان غم (1192هه). هي مثنوي نظر مان نه گذري آهي. معلوم ٿئي ٿو ته اهل بيت جي مصيبتن بابت لکي وئي آهي.
18. زبدة المناقب (1192هه).
19. مختار نامہ (1194هه)
20. نصاب البلغاءَ. هي ڪتاب ڏاڍو ڪارائتو آهي، جو انساني زندگي جي مصلاحات تي مشتمل آهي. هن کي قاموس سڏي سگهجي ٿو.
21. مثنوي ختم السلوڪ (1199هه). ختم السلوڪ مان هن جي تاليف جو سال نڪري ٿو. تصوف جي رمزن ۽ نڪتن تي مشتمل آهي، هن ۾ هڪ مقدمو، 21 مقالا ۽ هڪ خاتمو آهي.
22. طومار سلاسل گزيدهه (1202هه). سنڌ ۾ صوفين جي طريقت جي سلسلن جي تاريخ آهي. هن جو مصنف جي خط سان هڪ نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي لائبرريءَ ۾ موجود آهي.
23. شجرهه اطهر اهل بيت (1202هه). هن جي نالي مان سن تاليف نڪري ٿو.
24. معيار سالڪان طريقت (1202هه). مير قانع ”تحفة الڪرام“ ۾ مشاهيرن جي سال ولادت يا وفات جو ذڪر نه ڪيو آهي، ان ڪري ان مان انهن جي دور جو تعين ڏاڍو ڏکيو آهي. هن ڪتاب ۾ ان نقصان جي تلافي ڪئي وئي آهي. اٽڪل روءِ هڪ هزار مشاهيرن جو احوال وفات جي سن سميت هن ۾ آندو ويو آهي.
25. روضة الانبياء: منظوم.
26. زينت الاخلاق. منظوم.
27. غوثيه. منظوم سلوڪ ۽ معرفت ۾.
28. مثنوي قصاب نامہ.
29. ميزان الافڪار. منظوم
30. تهذيب طباع.
31. سرفراز نامہ.
32. حديقته غلبا. مجموعه اشعار فارسي.
33. مثنوي ڪان جواهر.
34. ميزان فارسي.
35. رساله معما مع شرح. نظم و نثر.
36. لب تاريخ ڪلهوڙهه.
37. بياض محڪه الشعراءَ.
38. ديوان اشعار.
39. قصائد و منقبت.
40. انشاءَ قانع.
41. مثنوي محبت نامہ.

مير علي شير، نقشبندي طريقت جو طالب ۽ شيخ عبدالاحد جو ريد هو. هن خاندان جا ٻيا افراد به نقشبندي سلسلي جا مريد هئا. هن 63 سالن جي عمر ۾ سن 1203هه ۾ وفات ڪئي ۽ پڇاڙي تائين تصنيف ۽ تاليف ۾ مشغول رهيو.