سنڌ شناسي

ڳالھيون منھنجي سنڌ جون

پاران نامياري ليکڪ ۽ تاريخدان سيد حسام الدين راشديءَ جي مقالن، تقريرن، خطن، انٽرويوز ۽ مختلف ڪتابن تي لکيل مُھاڳن تي جُڙيل ڪتاب ”ڳالھيون منھنجي سنڌ جون“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو مرتب ڪندڙ غلام محمد لاکو آھي. هن ڪتاب جا سمورا موضوع سنڌ جي تاريخ ۽ ادب جو هڪ ڀرپور جائزو پيش ڪن ٿا. ھن ڪتاب جو ڇپجڻ  اصل ۾ سنڌ جي هڪ تاريخدان، عالم ۽ ڏاهي جي اُملهه پورهئي جي پڌرائي آهي. 

Title Cover of book ڳالھيون منھنجي سنڌ جون

منهنجو علمي ۽ فڪري سفر

[6 مارچ 1974ع تي تهران يونيورسٽي، راشدي صاحب مرحوم کي ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏني. هن اعزاز ملڻ تي پاڪستان نيشنل سينٽر حيدرآباد طرفان؛ سندن مان ۾ 14، اپريل 1974ع تي هڪ پروقار ادبي تقريب جو بندوبست ڪيو ويو. ان موقعي تي همعصر اديبن ۽ عالمن کين ڀرپور خراب عقيدت پيش ڪيو. هت ان تقرير جو متن ڏجي ٿو جا پاڻ دوستن آڏو ڪيائون. هن تقرير ذريعي سندن علمي ۽ ادبي سفر تي خاص روشني پوي ٿي. جلسي جي روئداد رسالي ”مهراڻ“ 1/1974ع واري پرچي ۾ ڇپيل آهي]

وچ ايشيا ۾ عربي زبان کان پوءِ فارسي زبان اٺن سون ورهين تائين علم جو ذريعو رهندي آئي آهي. انهيءَ سڄي دور ۾ سنڌ جون جيڪي به تاريخون لکيون ويو آَهن، سي زياده تر فارسي زبان ۾ آهن. مون کي سنڌ جي تاريخ جي مطالعي ۽ تصنيف ۾ انهن تاريخن کي ڏسڻو پيو. چنانچه، مون فارسي زبان ۾ متعدد ڪتاب ايڊٽ ڪيا، جن ۾ اڪثر سنڌي، ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيا. انهن ڪتابن وسيلي سنڌ ٻاهرينءَ دنيا ۾ متعارف ٿي، ڇو ته اڳ ۾ جيڪي قلمي ڪتاب هوندا هئا، سي چند ماڻهن جا ڏٺل يا پڙهيل هوندا هئا. خود ايران جي محققن ۽ عالمن کي به پوري ڄاڻ نه هئي ته، سنڌ ۾ ڪيترو فارسي ادب ۽ علمي سرمايو موجود هو. حڪومت ايران فارسي زبان ۽ ادب جي خدمت جو قدر ڪندي مون کي دنيا جي انهن ڏهن چونڊ عالمن ۽ ماهرن ۾ شامل ڪيو، جن کي سندن سڄيءَ عمر جي علمي ڪم جي اعتراف طور تهران يونيورسٽيءَ طرفان ڊاڪٽريٽ جون افتخاري ڊگريون ڏنيون ويون. ان کان علاوه ايران سرڪار مون کي ٻيا به اعزاز ڏنا آهن. مثلاً: پهلوي لئبررري، جنهن جي سرپرست ايران جي راڻي آهي، تنهن جا جيڪي ڇهه امين مقرر ڪيا ويا آهن، انهن ۾ مون کي به شامل ڪيو ويو آهي. آءُ انهن مڙني مهربانين لاءِ سرڪار جو شڪر گذار آهيان. پر مون جيڪو به علمي ۽ ادبي ڪم ڪيو آهي، اهو بنيادي طرح علم سان حب ۽ پنهنجي وطن جي خاڪ پاڪ سان محبت جي جذبي هيٺ ڪيو آهي. هن وقت منهنجي عمر چوهٺ سال آهي. مون کي ان ڳالهه تي خوشي ۽ فخر آهي ته مون عمر عزيز جو وڏو عرصو علمي خدمت ۾ گذاريو آهي. مولانا قاسمي مون لاءِ چيو ته آءُ ننڍي لاءِ کان روايت کان بغاوت ڪندو رهيو آهيان، ۽ سنڌي اديبن جي ذهن ۾ قوميت جو ٻج پوکيو اٿم درحقيقت، سنڌي ادب ۾ قوم پرستيءَ جي تحريڪ جو معمار محمد ابراهيم جويو آهي. آءُ شروع کان تاريخ جو طالب علم رهيو آهيان. مون ڏٺو ته سنڌ جون جيڪي به قديمي تاريخون لکيون ويون آهن، سي سنڌ جي فاتحن جي ثنا ۽ ساراهه ۾ لکيون ويون آهن ۽ انهن ۾ سنڌ جي ماڻهن کي نيچ ۽ ڪم ذات ڪوٺيو ويو آهي. انهيءَ گناهه ۾ غير سنڌي ۽ سنڌي مؤرخ ٻئي شامل هئا. اهي تاريخون فارسيءَ ۾ لکيون ويون، ڇاڪاڻ ته فارسي، عربي کان پوءِ سنڌ جي ارغونن، ترخانن ۽ ٻين فاتحن جي زبان هئي. انگريزن جي صاحبيءَ ۾ جڏهن سنڌيءَ کي تسليمي ملي ۽ ان ۾ تاريخ جا ڪتاب لکيا ويا ته، سنڌي مؤرخن ساڳي پراڻي غلطي ڪري فارسي تاريخن جي نقالي ڪئي ۽ سنڌ جي فاتحن کي ”ظل الله“ جي خطاب سان سڏيو.
منهنجي خدمت اها آهي ته مون سنڌ جي تاريخ جي سمورن مجرمن، سياهه ڪارن، باغين ۽ خونين کي اگهاڙو ڪري ڇڏيو آهي ۽ هنن سنڌ ۽ اهل سنڌ جي مٿان جيڪو ظلم ۽ تشدد ڪيو، تنهن کي پنهنجين تصنيفن ۾ آشڪار ڪيو اٿم. ان لحاظ کان مون سنڌ ۾ تاريخ نويسيءَ کي نئون موڙ ڏنو آهي. جنهن تي مون کي بجا طور فخر ۽ خوشي آهي. اڄ جو نوجوان جيڪو وطن جي جذبي سان سرشار آهي، اهو منهنجي سالن جي تاريخ جي مطالعي ۽ سوچ موجب صحيح راهه تي هلي رهيو آهي. آءُ نوجوانن کي عرض ڪندس ته هو تعليم ۾ چاهه وٺن. مون کي افسوس آهي ته اڄ جي شاگردن ۾ علم سان انس گهٽ آهي ۽ استاد به ڪي قدر فرض ادائيءَ ۾ ڪوتاهي ڪري رهيا آهن. جنهن قوم وٽ علم ۽ عالم لاءِ مان نه آهي، اها اڳتي وڌي نه سگهندي. جرمنيءَ جڏهن روس تي حملو ڪيو ته روسي پنهنجي عالمن کي لڏائي، محفوظ هنڌن ڏانهن وٺي ويا. جڏهن ان تي عوام جي هڪ طبقي طرفان اعتراض ٿيو ته ان کي، حڪومت جواب ڏنو ته عام ماڻهو روزانه ڄمن ۽ مرن ٿا پر عالم روزانه پيدا ڪو نه ٿا ٿين. اهي پوريءَ قوم جي ميراث آهن ۽ انهن جو تحفظ ۽ سلامتي، علم ۽ هنر جو تحفظ ۽ سلامتي آهي، جنهن کان سواءِ اسان جي قوم اڳتي وڌي نه ٿي سگهي. عالمن وانگر علمي ادارن جو پڻ احترام هڪ لازمي امر آهي. ڪابه سجاڳ قوم پنهنجن علمي ادارن کي زوال پذير ڏسڻ نه گهرندي آهي. سنڌي ادبي بورڊ جيڪو علمي ڪم ڪيو آهي، انهيءَ سنڌ کي يورپ، وچ ايشيا، وچ اوڀر، روس ۽ آمريڪا ۾ شهرت بخشي آهي. اميد ته سنڌ جا اديب، شاعر ۽ دانشور مسلسل محنت ۽ مشقت ڪري سنڌ جي علم ۽ ادب کي اوج تي رسائيندا.

_______
* مُترجم: عبدالرسول قادري