سنڌ شناسي

ڳالھيون منھنجي سنڌ جون

پاران نامياري ليکڪ ۽ تاريخدان سيد حسام الدين راشديءَ جي مقالن، تقريرن، خطن، انٽرويوز ۽ مختلف ڪتابن تي لکيل مُھاڳن تي جُڙيل ڪتاب ”ڳالھيون منھنجي سنڌ جون“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو مرتب ڪندڙ غلام محمد لاکو آھي. هن ڪتاب جا سمورا موضوع سنڌ جي تاريخ ۽ ادب جو هڪ ڀرپور جائزو پيش ڪن ٿا. ھن ڪتاب جو ڇپجڻ  اصل ۾ سنڌ جي هڪ تاريخدان، عالم ۽ ڏاهي جي اُملهه پورهئي جي پڌرائي آهي. 

Title Cover of book ڳالھيون منھنجي سنڌ جون

شاهه جو پيغام

[حافظ محمد احسن چنا جي ڪتاب ”شاهه جو پيغام“ لاءِ لکيل ٻه اکر. هي ڪتاب سال 1958ع ۾ شايع ٿيو]

سنڌ جا اديب ۽ سخنور، پنهنجي پنهنجي وت ۽ وس آهر، ڀٽائي گهوٽ کي، مدتن کان عقيدت جا نذرانه پيش ڪندا رهيا آهن، پر شاهه هڪ اهڙو بحر بي پايان آهي، جنهن ۾ جيتري غواصي ڪجي اها ٿوري. جنهن مان جيترا ماڻڪ موتي ڪڍجن اهي ڪم آهن. حياتيون گهرجن جو انهيءَ بستان جي چمن بندي ڪجي. زندگيون کپن جو انهيءَ باغ جا گل ۽ ٻوٽا پيا سينگارجن ۽ سنوارجن. ڀٽ جي ڀوتار، پنهنجي لافاني بيتن، بي مثل ڪافين ۽ قيامت تائين زندهه رهندڙ واين کي سنڌ جي عوامي قصن ۽ ڪهاڻين، داستانن ۽ روايتن جي بنيادن تي نڀايو آهي. انهن داستانن ۽ انهن ڪهاڻين، انهن روايتن ۽ انهن قصن کي ڪيترن اديبن، پنهنجي پنهنجي زور قلم سان وقت بوقت پي ساراهيو ۽ بيان ڪيو آهي. ڪن انهن جي تشريح ڪئي آَهي، ته ڪن انهن جون معنوي خوبيون ۽ خصوصيتون ويهي شمار ڪيون آهن ۽ ڪن انهن جي رمزن ۽ نڪتن جي ويهي واکاڻ ۽ اپٽار ڪئي آهي.
اهڙيءَ طرح هر قلم ڪار ۽ هر اديب، پنهنجي سمجهه ۽ خيال آهر ڪسر ڪا نه ڇڏي آهي.
منهنجي محترم محسن، حافظ محمد احسن، جنهن جي ادبي صلاحيتن جو آءُ هڪ مدت کان معترف، ۽ جنهن جي نعت گوئيءَ ۽ سخن سنجيءَ تي آءُ هڪ زماني کان مفتون آهيان، هڪ نئين ڍنگ ۽ هڪ انوکي رنگ سان شاهه سڳوري جي قصن ۽ ڪهاڻين کي، پنهنجي هن ڪتاب ۾ پيش ڪيو آهي. هن صاحب، شاهه جي بيتن جون ڪڙيون ملائي، منتشر موتين کي هڪ لڙهيءَ ۾ پوئي، سنڌ جي انهن مقبول عام داستانن جا اهي پهلو پيش ڪيا آهن، جن ۾ پريت جون پچارون، عشق ۽ محبت جون پڪارون ۽ سوز ۽ سڪ جون نازڪ رمزون رکيل آهن.
بيان ۽ اسلوب جي ندرت، زبان ۽ لفظن جي کيڏ ۽ قدرت، شاهه جي بيتن جي روشنيءَ ۾، انهن گوشن کي ڪٿان جو کڻي وڃي ڪٿي پهچايو آهي!
مقتيٰ عبارت، حسين پيرايه بيان ۽ تجنيس حرفي سان سينگارجي سنوارجي، اهي داستان، سنڌي ادب جا اُهي شاهڪار بنجي پيا آهن، جن کي پڙهڻ سان ۽ اندر ۾ اورڻ سان دل کي راحت رسي ٿي ۽ روح، انهن جي اهڙين گهراين تي پهچڻ لاءِ وڌيڪ واجهائي ٿو ۽زيادهه واجهه وجهي ٿو. هن تي خود شاهه سائين، روح کي پهچائڻ ۽ رسائڻ گهري ٿو.
سنڌ جي مارئي، حب الوطنيءَ جو هڪ پاڪ مجمسو آهي. ساڻيهه جي سڪ، مارن سان بي پناهه محبت، وطن سان والهانه وابستگي، ملير، ملير جي مارن وٽ موٽي وڃڻ جي آرزو ۽ اميد، اهي مارئي جي امنگن جا سرچشما آهن.
حب الوطنيءَ جي انهن سڀني پاڪيزهه سرچشمن کي گڏي هڪ ئي هنڌ اهڙي انداز سان بيهارڻ، جو دل مان محب وطن مارئيءَ لاءِ محبت ۽ همدردي ۽ سنڌ جي هن عظيم ترين شاعر جي لاءِ اکٽ عقيدتمندي اٿلون کائڻ لڳي، هڪ اديب جو نه فقط قابل بلڪ انتهائي ڪمال آهي.
دريا جا ڊيڄاريندڙ ۽ من ڏاريندڙ دهڪا ۽ ڌڌڪا انهن سڀني کي هڪ ئي لڙهيءَ ۾ پوئي، محبت ۾ نينهن سان ڇلڪندڙ بيتن سان ڳنڍيندي احسن صاحب، سچ پچ نثر ۾ شاعري ڪئي آهي ۽ عبارت ۾ اهڙو آهنگ پيدا ڪيو آهي، جو سوين ساز ۽ سرود، ان تان قربان آهن.
سسئيءَ جي سورن جا حال، نوريءَ جي نماڻائي ۽ نياز جا حال، سورٺ ۽ سرمنگتي جا دل سوز مڪالما ۽ راءِ ڏياچ جي سر جو دان، اهي اهڙيون شيون آهن، جي هڪ ئي هار جا مختلف ماڻڪ ۽ هڪ ئي سلسلي جا جدا موتي آهن.
شاهه جا اهي مڙئي عنوان ۽ بيان، پنهنجي مخصوص طرز نگارش سان نثر ۾ جوڙي انهن جي رونق ۽ تابناڪيءَ کي سنڌ جي هن ڪهنه مشق اديب ۽ اهل دل صاحب قلم، پڙهندڙن جي اڳيان اهڙيءَ طرح روشن ڪيو آهي، جو بي اختيار زبان مان تحسين ۽ آفرين نڪريو وڃي ٿي.
جهڙا آهن شاهه جا شاهڪار تهڙائي آهن احسن صاحب جي لفظن جا درشاهوار! جهڙو آهي شاهه جو نظم، اهڙو آهي احسن صاحب جو نثر! گويا، جهڙا آهن گل گلاب جا، اهڙا ئي کين ويس ڏنا ويا آهن.
سنڌ جي نثري ادب ۾، انهيءَ قسم جي مقفيٰ عبارت آرائي جا مثال تمام گهٽ آهن.
جنهن ڪاميابيءَ ڪامرانيءَ سان احسن صاحب انهيءَ سخت ۽ مشڪل طرزِ نگارش کي نڀاهي پار پيو آهي، ان لاءِ هو صاحب يقيناً مبارڪن جو مستحق آهي.
احسن صاحب جي قلم مان ڪئين دلپسند چيزون نڪتيون هونديون. پر سندس هيءَ ڪوشش جتي سنڌ جي ٻين اديبن کي انهيءَ قسم جي نثر نويسي صلائي عام جو سبب ٿي آهي، اتي احسن صاحب لاءِ به سنڌي ادب ۾ هڪ خاص ۽ منفرد مقام پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ بڻي آهي.


سيد حسام الدين راشدي