سنڌ شناسي

ڳالھيون منھنجي سنڌ جون

پاران نامياري ليکڪ ۽ تاريخدان سيد حسام الدين راشديءَ جي مقالن، تقريرن، خطن، انٽرويوز ۽ مختلف ڪتابن تي لکيل مُھاڳن تي جُڙيل ڪتاب ”ڳالھيون منھنجي سنڌ جون“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو مرتب ڪندڙ غلام محمد لاکو آھي. هن ڪتاب جا سمورا موضوع سنڌ جي تاريخ ۽ ادب جو هڪ ڀرپور جائزو پيش ڪن ٿا. ھن ڪتاب جو ڇپجڻ  اصل ۾ سنڌ جي هڪ تاريخدان، عالم ۽ ڏاهي جي اُملهه پورهئي جي پڌرائي آهي. 

Title Cover of book ڳالھيون منھنجي سنڌ جون

گذارش

[سنڌي ادبي بورڊ ”تاريخ سنڌ – ڪلهوڙا دور“ اردو ۾ 1958ع ۾ شايع ڪئي. هي علمي ۽ تحقيقي ڪتاب مولانا غلام رسول مهر لکيو هو. هي ”گذارش“ ان ڪتاب لاءِ لکي وئي. بعد ۾ بورڊ ان ڪتاب جو سنڌي ترجمو 1963ع ۾ ڇاپيو]

سنڌ جي تاريخ گهڻو آڳاٽي زماني کان شروع ٿئي ٿي، جا حد کان وڌيڪ دلچسپ به آهي ۽ نهايت اهم به؛ مگر اها اڄ تائين ڇڙوڇڙ ۽ بنا ڪنهن ترتيب جي پيل آهي. سنڌيءَ يا ڪنهن ٻيءَ زبان ۾ ڪوبه اهڙو ڪتاب نه لکيو ويو آهي، جنهن کي سنڌ جي تاريخ جو شروعاتي خاڪو ڪوٺي سگهجي. يعني جنهن مان هن ملڪ جا تاريخي ۽ تمدني حالات، زماني وار، هڪ هنڌ معلوم ٿي سگهن. انقلابي طوفان غالباً هن خطي کان زيادهه، پاڪ ۽ هند جي ڪنهن به ٻئي خطي تي ڪين گذريا آهن.
قومن ۾ زندگيءَ جي جذبن ۽ ولولن، کي تازي رکڻ، ۽ منجهن عملي جوش لاءِ نئين خون پيدا ڪرڻ جو سڀ کان اهم ذريعو قومي تاريخ آهي. قومي تاريخ جي ئي صفحن تي پنهنجن بزرگن جا اعليٰ ڪارناما، آئيندهه نسلن لاءِ هميشہ واسطي زندگيءَ جو سبق بنجن ٿا. انهيءَ ئي آئيني ۾ هر قوم پنهنجي ماضيءَ کي بي نقاب ڏسي سگهي ٿي ۽ پنهنجي عروج ۽ زوال جي اسباب ۽ عوامل تي ٿڌي سيني سان غور ڪري، آئيندهه جا خدوخال درست ڪري سگهي ٿي. جنهن قوم وٽ پنهنجي ماضيءَ جي تاريخ اکين آڏو نه هجي، ان لاءِ سمجهڻ گهرجي ته اها زندگيءَ جي ميدان ۾ عملي محرڪات جي هڪ نهايت ئي اهم وسيلي کان محروم آهي.
اها ئي اهم ضرورت هئي، جنهن کي سامهون رکندي سنڌي ادبي بورڊ، پنهنجي شروعاتي دور ۾ هڪ مفصل ۽ مستند تاريخ لکرائڻ جي رٿا تيار ڪرائي، ۽ هيءُ فيصلو ڪيو ويو هو ته هن خطي جي سموري تاريخ اٺن جلدن ۾ مرتب ڪرائي وڃي، يعني –

جلد پهريون جاگرافيائي تاريخ
جلد ٻيو اسلام کان اڳ وارو دور
جلد ٽيون عربن جو دور
جلد چوٿون سومرن ۽ سمن جو دور
جلد پنجون ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جو دور
جلد ڇهون ڪلهوڙن جو دور
جلد ستون ٽالپرن جو دور ۽
جلد اٺون انگريزن جو دور

سنڌي ادبي بورڊ، چند اهل قلم حضرات منتخب ڪيا هئا، جي هن اهم ڪم کي بهتر کان بهتر طريقي سان سرانجام ڪري سگهيا ٿي، ۽ اهڙيءَ ريت مختلف دورن جي انهن ۾ ورهاست ڪئي وئي. جيئن ته هيءَ تاريخ ٽن زبانن ۾ شايع ڪرڻ جو فيصلو هو، يعني سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾، ته جيئن زيادهه کان زيادهه اصحاب تاريخ جي مطالعي مان مستفيد ٿي سگهن، انهنءَ لاءِ اهل قلم کي اختيار ڏنو ويو هو ته جنهن به زبان ۾ سندن مرضي هجي، ڪتاب مرتب ڪن ۽ باقي ٻن زبانن ۾ انهن جو ترجمو ڪرايو ويندو.
پهريون ۽ ٻيو جلد، مسيٽر ايڇ. ٽي. لئمبرڪ(1) کي ڏنا ويا هئا. هن صاحب، آڪسفورڊ ۾ رهندي، انهيءَ ڪم جو پورائو ڪيو. هي ٻئي جلد مستقبل قريب ۽ انگريزي زبان ۾ شايع ٿيڻ وارا آهن، ۽ جلد ئي انهن جو سنڌي ۽ اردو ۾ ترجمو به شايع ڪرايو ويندو.
عربن جو دور مولانا سيد سليمان ندوي مرحوم جي حوالي ڪيو ويو هو. اڃا ابتدائي مرحلا طئه نه ٿيا هئا ته سيد صاحب موصوف عالم بقا ڏانهن اُسهيو. اهڙيءَ ريت هيءُ حصو اڃا تائين ڪنهن ٻئي بزرگ کي نه ڏنو ويو آهي. سومرن ۽ سمن جي دور متعلق ضروري معلوماتي سرمايو ڪٺو ٿي نه سگهيو آهي، ان ڪري طئه ڪيو ويو آهي ته ان کي سڀني کان آخر ۾ يڪسوئيءَ سان مرتب ڪيو وڃي.
پنجين، ڇهين ۽ ستين جلدن مان پهريون منهنجي ۽ ٻيو ۽ ٽيون جلد مولانا غلام رسول مهر جي حوالي ڪيا ويا هئا. ارغونن ۽ ترخانن جو دور مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ جلد شايع ڪرڻ لاءِ ڏنو ويندو. مغلن جو دور به مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهي.
مولانا مهر سڀني کان اڳ ڪلهوڙن جي دور تي قلم کنيو. شروعات ۾ خيال هو ته هن دور جي باري ۾ به معلومات تمام گهٽ آهي، ان ڪري بورڊ هن دور متعلق چئن سون صفحن جو ڪتاب ڪافي سمجهيو هو. مگر جڏهن مولانا مختلف حالات جون ڪڙيون ملائي، وڌيڪ تحقيق ۽ ڇنڊ ڇاڻ شروع ڪئي، تڏهن ايترو مصالحو ڪٺو ٿي ويو جو ڪتاب هڪ هزار صفحن کان به وڌي ويو، ۽ انهيءَ ڪري ان کي ٻن جلدن ۾ ورهائڻو پيو.
هن وقت مولانا ٽالپورن جي دور تي لکي رهيو آهي، ۽ اندازو آهي ته هيءُ دور به ٻن جلدن تي ڦهلجي ويندو. انگريزي دور متعلق ڊاڪٽر ڊوآرٽ هڪ جلد تيار ڪيو آهي، جو انگريزن جي شروعاتي دور کان سنڌي جي فتح ٿيڻ تائين، سموري حالات تي مشتمل آهي. باقي حصي کي بعد ۾ ترتيب ڏيندو.
هن مجمل بيان مان سنڌي ادبي بورڊ جي هن رٿا جي ڪيفيت چڱيءَ ريت واضح ٿي سگهي ٿي. شروع ۾ اٺ جلد تجويز ڪيا ويا هئا، مگر هن وقت اندازو آهي ته سموري تاريخ غالباً تيرهن يا چوڏهن جلدن ۾ مڪمل ٿي ويندي.
جيڪي جلد ڇپجي رهيا آهن، انهن جو ترجمو به گڏوگڏ شروع ڪرايو ويو آهي. انهيءَ رٿا موجب ”تاريخ ڪلهوڙا“ جو هيءُ سنڌي ترجمو، ٻن جلدن جي صورت ۾ قارئين حضرات جي خدمت ۾ پيش ٿي رهيو آهي.
مولانا مهر وڏيءَ ڪوشش ۽ ڪاوش سان ڪلهوڙا دور جي سرگذشت مرتب ڪئي آهي، ۽ سراسر غير يقيني ذريعن مان ڇڙوڇڙ مواد کي ڪٺو ڪري، مختلف واقعات کي هڪ ڌاڳي ۾ پوئي، هڪ اهڙو سلسلي وارو داستان تيار ڪيو آهي، جو سڄي تصوير اکين اڳيان اچي وڃي ٿي. ڪلهوڙن جو دور، سنڌي قوم جي پُر عظمت جدوجهد، منتشرٿيل ملڪي اَجزا جي نئين سر ترتيب، ۽ همہ گير تعميري ڪارنامن جو اهڙو دستاويز آهي، جنهن جي اڪيلي هجڻ تي خراج تحسين ادا ڪرڻ ۾ ڪنهن کي به شڪ شبهو نه هوندو.
خدا جو شڪر آهي جو هن دور جي سموري سرگذشت پنهنجي سمورين خصوصيتن سان مڪمل ٿي وئي، جنهن لاءِ سنڌ جا رهواسي جيترو به فخر ڪن، بلڪل بجا ڄاتو ويندو. ڪالهه تائين اسين جن پنهنجن بزرگن جي فقط نالي کان واقف هائسون، انهن جي ڪيل ڪارنامن جي عظمت جو اسان کي ڪو به احساس ڪونه هو، اهي اڄ پهريون دفعو پنهنجي ملڪي ۽ قومي روشن خدمتن سان گڏ اسان جي سامهان جلوهه گر ٿي رهيا آهن.
هن سلسلي ۾ مولانا کي ضروري حالات جي فراهميءَ ۽ تاريخ جي مختلف ڪڙين کي هڪ ٻئي سان ملائڻ ۾ جيڪي تڪليفون سامهون آيون، تن جو مون کي ۽ بورڊ کي پورو پورو احساس آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪتاب ملاحظه ڪندڙ حضرات انهيءَ جو احساس نه ڪري سگهن ۽ اسين به اهڙو احساس ڏيارڻ نه ٿا گهرون. اسان جي خواهش فقط هيءُ آهي ته قوم پنهنجي هن عظيم الشان ماضيءَ جي تاريخ مان همت ۽ عملي جوش جا نوان ولولا حاصل ڪري، زندگيءَ جي نئين ڪروٽ حاصل ڪري ۽ عزت ۽ عظمت جي جنهن تاج سان ان جي بزرگن جون پيشانيون مزين هيون، ان کي پنهنجو نصب العين بنائي، جدوجهد ۾ مصروف ٿي وڃي. ائين ٿيو ته اسين سمجهنداسين ته اسان جي زندگيءَ جو مقصد پورو ٿي چڪو. بورڊ جنهن ڪم جو ٻوجهه پنهنجي سر تي کنيو هو، اهو خداي برتر جي فضل ۽ ڪرم سان پنهنجي انجام تي پهچي ويو. اسان جي هن ناچيز ڪوشش جو اهو ئي صلو آهي جنهن کي اسين پنهنجي زندگيءَ جو مقصد سمجهون ٿا.
اسان هن ڪتاب کي جنهن پيماني تي ڪامل ۽ مڪمل بنائڻ جا خواهشمند هئاسون، افسوس جو ان ۾ پنهنجي آرزوئن مطابق ڪامياب ٿي نه سگهياسون – مثلاً تاريخي نقشا مرتب ڪرائي نه سگهياسون. تاريخي مقامات تائين سفر ڪرڻ لاءِ مؤلف کي سهوليتون ڏئي نه سگهياسون، ۽ انهيءَ ڪري هن تاريخي عمارت جو باب هڪ حد تائين تشنه رهجي ويو. انهيءَ کان سواءِ تاريخي مقامات تي جيڪو سير حاصل تعميري ۽ جاگرافيائي بحث هجڻ گهربو هو، اهو ٿي ڪين سگهيو. اسان وڏين ڪوششن سان تصويرن جو چڱو خاصو مجموعو فراهم ڪيو آهي. انهن تصويرن ۾ بيش بها تصوير ميان نور محمد ۽ ميان مرادياب جي آهي، جا حسن اتفاق سان راقم کي اُچ جي نادر ”گيلاني“ ڪتبخاني مان ملي وئي ۽ راقم محڪمه آثار قديمه جي مدد سان هن تصوير جو عڪس حاصل ڪيو. هيءَ تصوير دراصل رنگين هئي، پر افسوس آهي جو ڪن فني مجبورين سبب اسان ان کي رنگن ۾ ڇاپي نه سگهيا آهيون. ڪن تاريخي جاين جا فوٽا ان ڪري نه ڇپجي سگهيا جو وقت اندر نه مليا.
مون تي پنهنجي احباب و ڪرام جو شڪريو ادا ڪرڻ واجب آهي، جن مواد جي فراهميءَ ۾، منهنجي ۽ مولانا مهر جي مدد ڪرڻ فرمائي. محڪه آثار قديمه پاڪستان جو پڻ احسان مند آهيان، جنهن منهنجي ذاتي گذارش تي تصويرون مهيا ڪري ڏنيون.
آخر ۾، مولانا مهر جو دل جي خلوص سان شڪريو ادا ڪريان ٿو. هو سنڌي نه هو، مگر هڪ محقق ۽ مؤرخ جي حيثيت سان هن ڪتابن جي انبار کي ڦلهوري، هزارين صفحا هيٺ مٿي ڪري، ڪٿان هڪ سٽ، ڪٿان ٻه سٽون، ڪٿان اڌ صفحو ۽ ڪٿان هڪ صفحو فراهم ڪيو. اهڙيءَ ريت هن ملڪ جي جنهن کي پوريءَ طرح ڏسڻ جو به هن کي موقعو ملي نه سگهيو، تنهن جي تاريخ جي هڪ لازوال عمارت کڙي ڪئي. هن جي تحرير دلي همدرديءَ سان ٽمٽار آهي، ۽ ساڳئي وقت هن ڪنهن به موقعي تي حق ۽ انصاف جي تقاضائن کي نظرانداز نه ڪيو آهي، جنهن جي بغير ڪا به تاريخ، حقيقت ۾ تاريخ چوائڻ جي حقدار نه ٿي هجي. جيڪڏهن هو سنڌ ۾ ويهي هن ڪتاب کي مرتب ڪري ها، ۽ سمورا تاريخي مقامات نظر مان ڪڍي ها ته يقيناً هن ڪتاب جي زيب ۽ زينت جو اندازو ڪنهن ٻئي نموني جوهجي ها.
بهرحال، هن جيڪا محنت ڪئي آهي ۽ جنهن محبت ۽ انتهائي ڪوششن سان اسان جي ملڪ جي تاريخ جو هيءُ حصو مرتب ڪيو آهي، ان لاءِ اسين سڀ ان جا شڪر گذار آهيون. آءُ ته خاص ڪري ان جو احسان مند آهيان، جو هن هي سڀ ڪجهه مون سان ذاتي محبت ۽ شفقت جي ڪري ڪيو، جا ويهن ٻاويهن سالن کان مون تي فرمائي رهيا آهن. منهنجي دعا آهي ته الله تعاليٰ کين صحت ۽ عافيت سان هميشہ سلامت رکي! آمين.

حسام الدين راشدي
ڪراچي
23 جولاءِ 1958ع