خصوصي ملاقات
ائڊريس معلوم هجڻ جي باوجود به اسان کي پير صاحب جي بنگلي ڳولڻ ۾ ڪافي دقت پيش آئي. آئون ته واقعي ڪراچي جو ايترو واقف نه هئس پر منهنجي ساٿي کي به بنگلو هٿ نه پيو اچي، جو پاڻ کي ڪراچي جو رهاڪو سڏائيندو آهي. جڏهن ڪافي ٿڪجي پياسين تڏهن منزل به اوچتو ئي اسان جي سامهون اچي ويئي، ائين پيو محسوس ٿئي ته قدرت رحم کائي اسان لاءِ فاصلو گهٽائي ڇڏيو آهي. نوڪر کي سڃاڻپ جو ڪارڊ ڏنم، هو اندر ويو ۽ ٿوري دير بعد واپس آيو، اسان کي پاڻ سان وٺي اچي هڪ ڪمري ۾ وهاريائين. ڪمرو ڇا هو، هڪ ڪتاب گهر هو، زمين کان ڇت تائين ڪتابن سان ڀريل هو. صرف دريون دروازا ئي رهيل هئا. سرسري طور تي معلوم ٿي ويو ته ڪافي کان زيادهه ناياب ڪتاب هت موجود آهن. وري پير صاحب جو خيال آيم ته اهي سڀ ڪتاب سندن ننڍڙي دماغ ۾ ڪيئن محفوظ هوندا. اڃا سوچي ئي رهيو هئس ته اوچتو پاسي وارو در کليو ۽ هڪ پورو پنو مگر بت ۾ ڀريل ماڻهو اسان جي سامهون اچي بيٺو. اڇن وارن ۽ مهانڊي جي خد و خال مان سندن عمر واقعي 50 سالن کان مٿي پي لڳي. مگر تندرست جان و جسم ڪري جوان پي لڳو.
رسمي عليڪ سليڪ ۽ تعارف بعد مقصد تي آيس. جڏهن پير صاحب منهنجي واتان انٽرويو جا لفظ ٻڌا تڏهن سفيد چشمي مان ٻه سنهڙيون ۽ ننڍڙيون مگر اونهيءَ نظر رکندڙ ۽ گهرو سوچيندڙ اکيون هاڻي منهنجو جائزو وٺڻ لاءِ جهات جهات ڪري رهيون هيون. راشدي صاحب ڇا اندازو لڳايو ان جي ته خبر خدا کي مگر ٻئي ڏينهن ڏهين بجي صبح جو ٽائيم ڏنائون ته پاڻ منهنجي هر آرزو پوري ڪندا. اٿندي هي شڪايت به ڪرڻ کان نه رهيس، جا سڄي واٽ منهنجو ذهن چٽي رهي هئي، ” آئون ضرور هي پڇندس ته اوهان کي مون هڪ سوال نامو موڪليو هو مگر اوهان ان جو مون کي ڪو به جواب نه ڏنو.“ جڏهن سبب معلوم ٿيم ته پنهنجي ئي پاڻي ۾ پنهنجو چهرو ڏسي رهيو هوس. جنهن تي ڪئين عيبن جا نشان عيان هيا – ”سوال اردو تان ڪاپي ڪيا هئم“.
ڪافي ڪوشش جي باوجود راشدي صاحب منهنجي گوڏي وٽ سلوار تي اهي رت جا نشان ڏسي ورتا جي سندن ئي ملاقات جي شوق ۾ ڪراچي جي ڊوڙندڙ زندگي جي بس تي چڙهندي گوڏو زخمي ٿيو هئم. هاڻي آئون ڪجهه شرم ۽ ڪجهه حجاب ۾ ڪنڌ نمائي ٻاهر نڪري آيس، جتي معلوم ٿيم ته سعيد يونس به منهنجي پويان هلندو منهنجي بيڪسي تي ڪجهه عجب ڪجهه رحم کائي پهچي ويو آهي.
ٻئي ڏينهن اڪيلو هن بحر مان ماڻڪ چونڊڻ لاءِ روانو ٿيس، مگر مليل ٽائيم کان اڌ ڪلاڪ کن ليٽ پهتس. راشدي صاحب جن به انهيءَ لاءِ باز پرس نه ڪئي، شايد انهيءَ ڪري جو کين ٽائيم جي پوري خبر نه پئجي سگهي يا جي ايم سيد جن جي موجودگيءَ ۾ کين اهو احساس ئي نه رهيو هو. مقصد ٻنهي لاءِ واضح هو. اجازت ملي ۽ مون اٿندي ئي هي سوال ڪيو ته_
”راشدي صاحب ! سنڌي ادب جي ترقي ۾ اها ڪهڙي شيءِ رڪاوٽ بنيل آهي جنهن ڪري ان جي رفتار نهايت ئي سست آهي؟“
”رڪاوٽ؟ رڪاوٽ ته ڪا به نه آهي، ادب پنهنجي پوري رفتار سان ترقي ڪري رهيو آهي. هڪ ڳالهه کي ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته ٻوليءَ جي اصليت، جاذبيت، رواني ۽ روح البت ختم ٿيندو پيو وڃي. ان جو سبب زياده تر اخباري زبان آهي، جا سڌو سنئون اردو تان ترجمو ڪئي وڃي ٿي. لفظ، محاورا ۽ چوڻيون ڌاريون، بي جوڙ ۽ اڻ ٺهندڙ ۽ ٺهڪندڙ استعمال ڪيون وڃن ٿيون. حالانڪه اسان وٽ انهن کان به افضل موجود آهن. اسان جا اديب ۽ شاعر پنهنجي مضمونن ۽ شعرن ۾ ٺيٺ سنڌي استعمال ڪن ٿا. مگر اخباري ٻوليءَ جو اثر وڌندو ٿو وڃي. ڇاڪاڻ ته اخبارون گهڻي انداز ۾ پڙهيون وڃن ٿيون. اها صورتحال ادب ۽ زبان لاءِ گهاتڪ آهي ۽ انهيءَ ڪري سخت نقصان پهچي رهيو آهي. زبان کي ايترو خراب ڪيو ٿو وڃي جو بعد ۾ ان جو درست ڪرڻ مشڪل ٿي پوندو. ڪاش اخبار نويس ڪاپي ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجي دماغي صلاحيتن کان ڪم وٺن. جيتري تائين خبرن جو تعلق آهي اهي انگريزيءَ ۾ مهيا ٿين ٿيون. پوءِ انهن کي سنڌي ۽ اردو اخبارن جي سانچي ۾ ڍالڻ سخت هاڃيڪار آهي“. راشدي صاحب جي چشمي اندر ٻن چشمن ۾ درو انديشي، پيشاني تي لهرن جو ٺهڻ ۽ ڊهڻ ائين پيو ٿئي ته پان هاڻي به ان منجهيل سُٽ کي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.
”اڪثر ائين چيو وڃي ٿو ته اوهان پهريائين اردو يا فارسي ۾ لکيو آهي، تنهن بعد ان کي سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ٿو وڃي. اهو ڪيتري قدر صحيح آهي؟“
” اهو بلڪل غلط آهي لغاري صاحب، مون جيڪي لکيو آهي سو سنڌيءَ ۾ ئي لکيو اٿم. ويهه ورهيه اخبار نويسي سنڌيءَ ۾ ڪئي اٿم. هزارين اخباري مضمون ۽ سوين مقالا سنڌي ۾ لکي چڪو آهيان. اگر ڪي چند ڪتاب اردو ۾ لکيا يا فارسي ۾ مرتب ڪيا اٿم ته انهيءَ ۾ به مقصديت شامل آهي. مقصد هو سنڌ ملڪ ۽ سنڌي ادب کي ٻين سان روشناس ڪرائڻ“.
” اوهان کي ڪهڙي شيءِ متاثر ڪيو جنهن ڪري اوهان ٻين طرفن کان منهن موڙي هن ادبي سلسلي کي اختيار ڪيو؟“
” ڪو به ڌنڌو ڪو نه هو. جنهن ڪري سواءِ ان جي ٻيو ڪجهه ڪري به نه ٿي سگهيس.“ هن جواب تي ڪمري ۾ ڪجهه ٽهڪن جو آواز اڀريو. سڀئي زور زور سان کلي رهيا هئاسين. آءُ سوچڻ لڳس ته نڪمي ماڻهو لاءِ اهو به بهتر. جڏهن مون کان به ڪو ڌنڌو نه پنو تڏهن ئي هن طرف رخ رکيو اٿم. ”ٻيو سڀ کان وڏو سبب علي محمد شاهه ( سندن وڏو ڀاءُ) جي صحبت ٿي جنهن انهيءَ طرف مائل ڪيو“.
جي ايم سيد، راشدي صاحب جن کي ٽوڪ جي انداز ۾ چيو _ ” ميرن لاءِ مشهور آهي ته جنهن به ماڻهو کي ڪو ڪم ڪندي ڏسندا هئا ته پاڻ به اهو ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا هئا. سو اوهان سان به ساڳيو ئي معاملو آهي.“
” اوهان جي تعليم تعليمي ادارن ۾ ڪيتري رهي؟“ مون وقت جو خيال ڪندي جلدي سوال ڪيو.
”بلڪل نه“ راشدي صاحب فخريه انداز ۾ چيو ۽ آءُ سوچڻ لڳس ته ڇا سندن اهو مقصد آهي ته اگر تعليم اسڪولن ۾ پرائين ها ته خوام خواهه زندگيءَ جو ٽيون حصو ضايع ٿي وڃي ها. وري چوڻ لڳا ” منهنجي تعليم صرف مدرسن ۾ رهي، سا به ابتدائي. تنهن زماني ۾ تعليم لاءِ ٻه دستور هئا، هڪ ته نوڪرين لاءِ تعليم ڏني ويندي هئي ۽ ٻي زميندار يا مٿيون طبقو فقط ديني. (ٻي دستوري) تعليم پنهنجي ڳوٺ جي ڪنهن ملان وٽ يا ڪنهن مدرسي ۾ ڏياريندا هئا. مون کي به اها ئي نصيب ٿي. باقي ڪجهه پنهنجي محنت ۽ مطالعي مان پرايو اٿم.“
مطالعي جو لفظ ٻڌي مون وري به هڪ دفعو ڪمري ۾ غور سان مطالعو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ اهو سوچڻ تي مجبور ٿيس ته اگر واقعي راشدي صاحب جن تعليمي ادارن تي ڀاڙي ويهن ها ته پوءِ شايد ئي ايترو ڪجهه پرائي سگهن ها. جيترو هن وقت سرمايو موجود اٿن. اوچتو هڪ عجيب سوال ذهن تي اڀريو ، پڇيم _ ”اوهان کي پنهنجن تصنيفن مان ڪهڙي پسند آهي ۽ ڇو؟“
” آءُ جڏهن به ڪا تاليف ختم ڪندو آهيان ته ختم ڪرن بعد مون کي ان کان هڪ قسم جي نفرت ٿي ويندي آهي. ٻيو ته اهي منهنجا ڪتاب عام مطالعي جا نه هوندا آهن. ضرورت پوندي اٿم ته لازماً کولي ڏسندو آهيان. ڪتاب سڀئي گهڻو ڪري جواني جا لکيل آهن.“
هت هي ڳالهه قابل ذڪر آهي ته هر سوال جي جواب بعد جي ايم سيد به پنهنجي خيال آرائي ڪئي ٿي ۽ ڪنهن نه ڪنهن هنڌ ته هڪ چڱو موچارو مباحثو شروع ٿي ٿي ويو ۽ مون به هڪ پياسي وانگر پورن ٻارنهن طاقن سان متوجه ٿي ماڻڪ هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي. مگر افسوس هي ننڍڙو ذهن ايترو برداشت ڪرڻ کان قاصر ٿي رهيو. ان جو احساس ان وقت ٿي ٿيم جڏهن ٻاهر روڊ تي ٽريفڪ جي زوزٽ سان منهنجو ذهن به گاڏين کي پوئتي ڇڏيندو. نامعلوم منزل ڏانهن ڊوڙندو ٿي ويو. وري جڏهن اهو محسوس ٿي ڪيم ته آءُ هڪ ڪمري ۾ ٻن مدبرن جي سامهون ويٺل آهيان، تڏهن ان نامعلوم منزل تان هڪ بريڪ ۾ ذهن کي واپس اصلي حالت ۾ آندم ٿي. هاڻي به جي ايم سيد صاحب چئي رهيو هو.
”مرزا قليچ بيگ ۽ اوهان ۾ وڏو فرق آهي هن زياده تر ترجمو بلڪه هر قسم جي ڪتابن جو ترجمو ڪيو آهي. مگر اوهان خاص طرح سنڌ تي لکيو آهي ۽ تاريخ جا بنيادي ڪتاب ڇپايا اٿو. بهرحال شروعات ۽ پايو قليچ بيگ ئي پيدا ڪيو...“ ترجمو ڪرڻ به ته ڪو آسان ڪم نه آهي. سيد صاحب _“ راشدي صاحب مون ڏانهن نهاريندي چيو. جي ايم سيد جن کي وري مخاطب ٿيندي چيائين:
” منهنجي لکيل تاريخن مان هڪ راهه ۽ هڪ نظريو ملي ٿو تنهن ڪري لکندڙن اڳيان رستو صاف ٿيو پوي ٿو ته سنڌ جي تاريخ تي ڪهڙي ريت ۽ ڪهڙي نقطه نگاهه سان لکڻ گهرجي سو سندن اڳيان واضح ڪيو ويو آهي. هن وقت تائين سنڌ اندر جيڪي تاريخون لکيون ويون آهن، تن ۾ ڪو نقطه نگاهه ڪو نه آهي. هر ڌارئي کي، جنهن به اچي قبضو ڪيو آهي ان کي اسان جي لکندڙن اکين تي رکيو آهي. در حقيقت تاريخ ۾ چور کي چور ۽ ساڌ کي ساڌ ڪرڻ گهرجي. تاريخ تڏهن سمجهه ۾ ايندي جڏهن هر هڪ جي عملن ۽ رويه جي تڪ تور ٿيل هوندي. مثلاً آءُ ارغونن ۽ ترخانن جو سنڌ تي قبضو غاصبانه سمجهان ٿو. اسان جي مورخن انهن کي به مسلمان سمجهي پنهنجي اکين تي رکيو آهي. حالانڪه اهي کانئن زياده سچا مسلمان هئا جن جي هٿان هنن سنڌ کسي.“
” راشدي صاحب _ ادب ڇا آهي؟ ادب ۽ سياست جو پاڻ ۾ ڪيترو تعلق آهي؟ ڇا هڪ اديب سياست کي اپنائي نه ٿو سگهي؟ هاڻي آءُ راشدي صاحب کان هڪ اهم سوال پڇي ويٺس. پاڻ ٿورو خاموش رهيا، ڪمري جو سرسري جائزو ورتائون. ڇت ڏانهن نهاريائون هاڻي آءُ اهو محسوس ڪرڻ لڳس ته لئبريري جا سڀ ڪتاب سندن ذهن تي ايندا ۽ ويندا رهن ٿا. هڪ هنڌ نظر ڄمائيندي چيائون، شايد اتي ئي ڪو پيل ڪتاب سندن رهنمائي ڪرڻ لڳو هو.
”هر اها شيءِ جا قلم مان نڪري ۽ دل و دماغ کي پسند اچي ان کي ادب چئجي ٿو.“
هن جواب تي علامه آءِ آءِ قاضي جي ادب متعلق وضاحت منهنجي ذهن تي تري آئي هن چيو هو: ” ادب معنيٰ آهي ريڙهيون پائڻ.“ ٻنهي جو پاڻ ۾ ڪيترو تعلق آهي في الحال ته راشدي صاحب جي سلسله ڪلام اهو سوچڻ جو موقعو ئي نه ڏنو.
” تقريرون به ادب جو قسم آهن. سياست خود ادب آهي. هڪ ماڻهو جو هڪ ئي وقت ٻنهي ٽنهي شين سان وابسته رهڻ ئي مڪمل ادبي هجڻ جو ثبوت آهي. جنهن لاءِ اسان وٽ مولانا ظفر الله (ظفر علي خان؟) ڪاڪو ڄيٺمل پرسرام، عطاءُ الله شاهه بخاري ۽ ڊاڪٽر چئوٿرام جن اديب ۽ ساڳئي وقت سياسي رهنما پڻ هئا. اديب جو ڪم ئي آهي سياست جي رهنمائي ڪرڻ ، ور نه اهو اديب نه آهي جو سياست کان ڪناره ڪش رهڻ جي ڪوشش ٿو ڪري.“ راشدي صاحب جي هن وضاحتي بيان ٻڌڻ شرط منهنجي ذهن تي اهو گذريل مهيني جو ڪراچي ۾ ٿيل مباحثي وارو نقشو تري آيو جنهن ۾ مباحثي جو اختتام صدر صاحب جن هيٺـين لفظن سان ڪيو هو: ” اديب سياست ۾ بهرو نه وٺي.“ مون کي وري سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.
” انقلاب فرانس روسي ۽ والٽير آندو“ جي ايم سيد، راشدي صاحب جي مدد ڪندي چيو ، منهنجي ذهن تي انقلاب فرانس جي پوري تاريخ ترڻ لڳي. پير صاحب جو بيان اڃا ختم نه ٿيو هو، چيائين:
” مولانا محمد علي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، علي محمد شاهه ( سندن وڏو ڀاءُ) جن پڻ اديب آهن. هن دور جو عظيم سياستدان چرچل پڻ وڏي ۾ وڏو اديب هو.“ ڪمري جي هڪ ڪنڊ ڏانهن نهاريندي شايد وري ڪو ٻيو ڪتاب ذهن تي اچي ويو هئس. چيائون:
” اقبال کي ڪنهن چيو ته سياست ۾ اوهين بيڪار رهيا آهيو. مگر اقبال جواب ڏنو _ اگر ائين نه هجي ها ته مان جيڪر پيغمبر هجان ها.“ سو اهو ڪڏهن به ٿي نه ٿو سگهي ته اديب سياست کي پاسي تي رکي ڪا ادب جي خدمت ڪري. اگر ائين ڪندو ته ادب ۾ هڪ وڏو خال رهجي ويندو.“ هن پوئين جواب مون کي خود راشدي صاحب تي سوچڻ جو موقعو ڏنو. ڇاڪاڻ ته پاڻ خود سياست کان ڪناره ڪش رهيا آهن. مگر عين موقعي تي منهنجي لاءِ گلاس ۾ ڪوڪا ڪولا کڄي آئي. هڪ هڪ سرڪ ڀرڻ سان منهنجي ذهن مان سوڍا جي باٽل کلڻ سان جي بوڙيا نڪرندا آهن تن وانگر خيالات به منتشر ٿيندا ويا. ذهن خالي ٿيندو محسوس ڪيم. شايد راشدي صاحب جن جو پڻ اهو مقصد هو ته جيئن زياده قيمتي وقت ضايع ڪرڻ کان پرهيز ڪري، پر آءُ ته هي پهريون دفعو هڪ انٽرويو وٺڻ لاءِ نڪتو هوس. تنهنڪري ايترا ته سوال جمع ڪري آيو هئس جو ڀانيان ته راشدي صاحب پنهنجي پوري عمر جي ڊائري منهنجي آڏو بيان ڪري ۽ نتيجا ٻڌائي جيئن نئين نسل لاءِ اهي مشعل بنجي سگهن. ڪوڪا ڪولا ختم ڪيم ۽ منتشر خيالن کي جمع ڪرڻ لاءِ هڪ ننڍڙو سوال پڇيم.
” اوهان ڪا تصنيف ڪري رهيا آهيو يا نه؟“
”سنڌي ادب جي تاريخ لکي رهيو آهيان. مڪلي نامو ڇپيو اٿم. حديقة الاوليا، پڻ هن سال جو آهي. پنهنجي زندگيءَ جي تجربات تي هڪ ڪتاب لکيو اٿم جو پڻ عنقريب پريس ۾ ڏيندس.“ خيالات موٽي پنهنجي ماڳ تي پهچي چڪا هئا. هاڻي هڪ اهم سوال ڏانهن راشدي صاحب جو توجهه ڇڪائيندي پڇيم.
” موجوده وقت ۾ سنڌي ادب ۾ جيڪو انتشار آهي ان جا اسباب ڪهڙا آهن ۽ اهي ڪيئن دور ڪري سگهجن ٿا؟“
” ادب جا ٻه قسم آهن، هڪ ساقط ۽ جامد جيڪو تفريحي آهي. ٻيو متحرڪ ۽ زندگي بخش جيڪو واقعات کي بيان ڪري ٿو ۽ ماحول جي چڱاين ۽ براين کي آشڪار ڪري ٿو. 1930ع تائين زياده تر ادب فقط تفريحي آهي. ان جو ماحول ۽ عمل سان ڪو به تعلق نه هو. هو ته فقط دماغي عياشي هو. پر 1931ع کانپوءِ جيڪو ادب پيش ٿيو آهي ان ۾ هڪ پيغام آهي، ان ۾ مقصد به آهي ته منزل ڏانهن ڪشش پڻ، ۽ زنده ادب اهو ئي رهندو آهي جو ماڻهن جي هر عمل و فعل ۽ مقصد سان واسطو رکندڙ هوندو ...“ اڃا پير صاحب جو ڪلام پورو نه ٿيو هو ته جي ايم سيد ۽ سندن وچ ۾ هڪ چڱو موچارو مباحثو شروع ٿي ويو ۽ آءُ فقط اهو سوچيندو رهجي ويس ته اگر هر سوال تي هي حال رهيو ته پوءِ عابد جو خدا حافظ، اڄ ئي حيدرآباد پنجين بجي شام جو پهچڻو اٿم... اڃا سوچي ئي رهيو هوس ته ٻئي فريق شايد دم پٽڻ لاءِ خاموش ٿيا ئي مس ته مون ان مان فائدو وٺندي چيو:
”اڄ جي دور ۾ لاديني ، فحش ۽ عريان ادب جا رجحان وڌندا وڃن ٿا، جيڪي (اوهان جي چوڻ موجب) تفريحي ادب جي دور ۾ نه هئا. اهي مقصد ۽ منزل ڏانهن ڪيترو وٺي وڃي رهيا آهن؟“
” راشدي صاحب ڪجهه وقت ته خاموش فقط جي ايم سيد کي تڪيندو رهيو، پوءِ مون ڏانهن حيرت مان نهاريندي چيائين.
”لغاري صاحب ! خبر نه آهي ته توهان فحش ۽ عريان ادب ڇا کي ٿا چئو! ڊاڪٽريءَ ۾ ٻئي جنسون مخالف جنسن جا آپريشن ڪن ٿيون. پريڪٽيڪل ڪن ٿيون، انهن تي ڪنهن به قسم جي پابندي عائد ڪانهي. ٻئي طرف اگر معاشري جي ڪمزورين ۽ اوڻاين کي بي نقاب ڪجي ٿو ته توهان ان کي عريان ۽ فحش سڏيو ٿا. ڇا اها حقيقت نه هوندي آهي؟ حقيقت کي حقيقت ڪري لکڻ عريانيت ڪٿي آهي؟“ ٿورو ترسي وري چيائون: ”صوفين مجاز ۽ محبت جو دم ڀريو آهي، ڇا ان کي فحاشت ۾ آندو ويندو؟ منهنجي خيال مطابق ادب ۾ ڪا به عريانت ۽ فحاشت نه ٿيندي آهي“.
” انگاري ۾ منٽو تي انهيءَ ڪري ئي ڪيس هلايا ويا هئا مگر اڄ تائين انهن جي تصنيفن کي معاشري مان خارج نه ڪيو ويو آهي.“ جي ايم سيد صاحب جن راشدي صاحب جي راءِ سان اتفاق ڪندي چيو:
” بلڪل _ اهڙيءَ طرح عربي ادب جا شهپارا ۽ فارسي ادب جا ڪلاسيڪل ڪتاب پڻ اهڙين شين کان خالي نه آهن ڪيترا اهڙا ڪتاب درس ۾ داخل رهيا آهن جيڪي موجوده اصطلاح موجب فحاشت ۾ داخل ٿي سگهن ٿا.“ راشدي صاحب چيو.
” آزاد نظم متعلق اوهان جو ڪهڙو خيال آهي؟“
” مون کي ته بلڪل ناپسند آهي، آزاد نظم نتيجو آهي ذهني افلاس ۽ دماغي سڃائيءَ جو، جڏهن به نثر يا نظم تي پورو پورو قبضو نه هوندو آهي تڏهن ئي آزاد نظم ۽ ادب لطيف تصنيف ٿيندو آهي.“
” آزاد نظم ۽ ادب لطيف اصل ۾ تصورات جي ڪنفيوزن جو نتيجو آهي. جهڙي طرح تجريدي آرٽ. جڏهن به خيالن ۾ انتشار هوندو آهي ۽ زبان ۽ لفظن جو فقدان هوندو آهي تڏهن ئي اهڙي شيءِ ايجاد ٿيندي آهي.“ جي ايم سيد جن لقمو ڏيندي چيو ”بلڪل ائين“، پير صاحب اتفاق ڪندي چيو.
” سنڌيءَ ۾ هن وقت تائين جيڪي تاريخون لکيون ويون آهن اهي ڪيتري قدر وقت جون ضرورتون پوريون ڪري سگهيون آهن؟ هاڻي مون تاريخ متعلق سوال ڪيو، ڇاڪاڻ ته تاريخ ئي راشدي صاحب جو پسنديده موضوع رهيو آهي. پاڻ ان تي ڪافي مطالعو ڪيو اٿن ۽ ڪافي لکيو به اٿن.
” سنڌ اندر هن وقت تائين جيڪي تاريخون لکيون ويون آهن سي در حقيقت پراڻي ڍنگ جون آهن. جن کي نه تاريخ چئي سگهجي ٿو ۽ نه اهي ضرورتن کي پورو منهن ڏئي سگهيون آهن“.
” سنڌي اردو گڏيل مشاعرن متعلق اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟“
” گڏيل مشاعري جي عياشي تڏهن ئي ڪار آمد ٿي سگهي ٿي جڏهن ٻئي ڌريون هڪ ٻئي جي زبان ۽ ڪلام جون خوبيون سمجهي سگهن.“
” راشدي صاحب ! اوهان مشاعري کي ادب لاءِ ڪيتري قدر فائديمند سمجهو ٿا؟“
” مشاعري جي مون وٽ اصل ۾ ڪا به اهميت ڪو نه آهي. ان مان ڪو به عملي فائدو ڪو نه ٿو پهچي. هندوستان اندر زوال واري دور ۾ مشاعرا پيدا ٿيا. هي ته وقت گذاري ۽ عياشي جو ذريعو آهن. مشاعرن سبب پاڻ شاعرن جي خود داريءَ، مقام ۽ حيثيت کي ڪاري ڌڪ لڳو آهي.“
وقت ڪافي گذري چڪو هو تنهن ڪري ٻين سوالن کي در گذر ڪري آخري سوال پڇيم.
” اردو زبان جي نزديڪ پوڻ ڪري سنڌي زبانکي ڪهڙو خطرو لاحق ٿي پيو آهي ۽ اهو ڪيئن دور ٿي سگهي ٿو؟“
” اردو زبان جي ويجهو اچڻ ڪري سنڌي ٻوليءَ جو مفهوم ئي بدلجي ويو آهي. اصليت ان مان ختم ٿيندي وڃي ۽ ان جو وڏو ڪارڻ وري اسان جون اخبارون آهن. جن لاءِ مٿي ٻڌائي چڪو آهيان، واحد علاج ڪو ٿي سگهي ٿو ته فقط ٻولي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي، ورنه ٿوري عرصي بعد سنڌي سنڌي نه رهندي بلڪه اردو سنڌي ڪا نئين ٻولي ٺهي پوندي.“
هاڻي جي ايم سيد ۽ راشدي صاحب جن فرش کي بوٽن سان رهڙڻ شروع هو، جيئن اسين ڪاليج ۾ ڪو پيرڊ اٽينڊ نه ڪرڻ چاهيندا هئاسين ته ليڪچرر جي ايندي ئي ائين ڪرڻ شروع ڪندا هئاسين ۽ هو اشراف ٿوري مان گهڻو سمجهي فقط حاضري وٺي هليو ويندو هو. تنهنڪري آءُ به جلد موڪلائي ٻاهر نڪري آيس ۽ پنهنجو رستو ورتم.