ٻه اکر
حضرت حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، سنڌي زبان ۽ ادب جو عظيم محسن هو. سندس قلم سنڌيءَ جي جهوليءَ کي ايترن ماڻڪن ۽ موتين سان، اهڙن جوهرن ۽ جواهرن سان ڀرپور ڪري ڇڏيو، جو سندس بخشيل اَملهه ماڻڪ اڄ به پنهنجي آب تاب، چمڪ ۽ چانڊوڪيءَ سان سنڌي زبان ۽ سنڌي ادب جي محفل ۾ جهرمر لايون ۽ رنگ رچايون بيٺا آهن. منهنجو محب دوست، حڪيم محمد احسن سنڌي ثقافت جي انهيءَ ئي مُرَبيءَ ۽ محسن جو فرزند رشيد آهي. فرزند رشيد هِنَ ڪري نه ته هُنَ پنهنجي والد جي طبي سجادي کي سينگاريو آهي، بلڪ رشيد ترين فرزند ارجمند هن ڪري ته هو سنڌي ادب جي خدمت گذاريءَ ۾ پڻ پنهنجي والد مرحوم ۽ مغفور جو صحيح جاءِ نشين ثابت ٿي رهيو آهي.
ايندڙ صفحن ۾ جيڪو ڪتاب پيش ڪيو وڃي ٿو سو بقول شاعر درحقيقت؛-
افسانه آن شبي کہ با يار گذشت
آهي، يعني مستعار زندگيءَ جي انهن چند راتين ۽ ڏينهن جي سرگذشت آهي، جيڪي حڪيم محمد احسن حج جي دوران ۾ مٺي مير مدنيءَ جي ملڪ ۾ گذاريا، جنهن پياري پيغمبر جي سيرت پاڪ تي حڪيم محمد احسن جي والد ”حيات النبي“ جهڙو دل وڻندڙ ڪتاب لکيو، جنهن جي سِٽ سٽ، جملي جملي، بلڪ حقيقت هيءَ آهي ته اکر اکر مان محبت سَندو وَاس پيو اچي ۽ غشق وارو چَسُ ۽ رَسُ پيو حاصل ٿئي.
پرين جي پار، جي هيءَ ڪهاڻي هونءَ ئي پنهنجي ليکي لَکُ لهي، ليڪن لکندڙ جي لکڻيءَ، جملن جي جوڙجڪ، زبان جي سادگيءَ ۽ سهڻائيءَ، لفظن جي چونڊ ۽ بيهڪ ويتر منجهس جوڙ ۽ جنسار رکي ڇڏيو آهي. سفر جي تصوير لکندڙ اهڙيءَ ريت چِٽي آهي جو پڙهندڙ ائين پيو سمجهي، ڄڻ هو پاڻ به انهيءَ سونهاري سفر ۾ ساڻس هم سفر هو. سچل چوي ٿو:-
هوءَ جا ڪيچ وڻن مؤن، ٿي هِير اچي هاڻي،
تنهن، آرياڻي آڻي، ڄڻ مون سان اڄ ملائيو.
اهو ئي حال هن ڪتاب جي پڙهڻ سان ٿئي ٿو، گويا پرهندڙ پاڻ پرين جو پار گهمي اچي ٿو. لکڻ جي قدرت ۽ لکڻ جو ڪمال اهو ئي آهي، جو لکندڙ پڙهندڙن کي به پاڻ سان گڏ کنيو هلي. اها وڏي ۾ وڏي ڪاميابي آهي، جيڪا حڪيم محمد احسن هن ڪتاب ۾ حاصل ڪئي آهي.
حسام الدين راشدي
ڪراچي
30 مارچ 1961ع