سنڌ شناسي

ڳالھيون منھنجي سنڌ جون

پاران نامياري ليکڪ ۽ تاريخدان سيد حسام الدين راشديءَ جي مقالن، تقريرن، خطن، انٽرويوز ۽ مختلف ڪتابن تي لکيل مُھاڳن تي جُڙيل ڪتاب ”ڳالھيون منھنجي سنڌ جون“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو مرتب ڪندڙ غلام محمد لاکو آھي. هن ڪتاب جا سمورا موضوع سنڌ جي تاريخ ۽ ادب جو هڪ ڀرپور جائزو پيش ڪن ٿا. ھن ڪتاب جو ڇپجڻ  اصل ۾ سنڌ جي هڪ تاريخدان، عالم ۽ ڏاهي جي اُملهه پورهئي جي پڌرائي آهي. 

Title Cover of book ڳالھيون منھنجي سنڌ جون

حقيقت حال

[محمد جمن هالي جي شعري مجموعي ”سوز عشق“ تي لکيل حقيقت حال. هي ڪتاب 1963ع ۾ ڇپيو]

بت جو ڀريل، قد جو نه منڌرو نه ڊگهو، وچ ٿرو ڏاڍو ٺاهوڪو. رنگ جو پڪو پر دل جو بيحد نرم، سُنهاري ندارد، شهپرن جي ڇڙي ريک، جيڪا چپن مٿان لئي لاتيون بيٺي آهي. عمر جوانيءَ مان پار پَئي، اچي انهيءَ منزل تي پهتي آهي جتي، وارن ۾ پَريا پري کان پيار نظر اچن.
ترڪي ٽوپي سڄي ملڪ منجهان تَرڪُ ٿي وئي، ليڪن سندس مٿي تي اڃا به موجود. احمد موسيٰ جي مٺي در واري دڪان تان خريد ٿيل يا خدا ڄاڻي بابا مير محمد بلوچ جي ڇاپ مان ورتل، پر ڊبل شير گولي واري قيمتي ۽ ڪاري ڦندڻ سان. رنگ جي رتائين اهڙي لال. ڄڻ عاشقن جي رتوڇاڻ مان ڪنهن ويهي ڏاڍيءَ دلجمعيءَ سان رڱيو اٿس. بت تي صاف استري ٿيل پوشاڪ. پاپلن يا ٽوئل جي سفيد ڪالردار قميص، جنهن مٿان هلڪي رنگ جو شارٽ ڪوٽ، شلوار جهوڙيدار چُڻن سان بنهه ٺاهوڪي ۽ پيرن ۾ انگريز گرگابي.
پري کان لمندو لڏندو ايئن پيو ايندو، ڄڻ هاڻي پيالا پيون، پُر ٿيو ميخاني منجهان پيو اچي. منهن تي مشڪ ۽ مرڪ اهڙي مزيدار جو ڏسندي ئي، هيانءُ ٺري پوندو ۽ دل شاهدي پئي ڏيندي ته دولهه مڙس سان منهن ميل پئي ٿئي.

شادين مرادين تي سهرن ڳائيندي مايون چونديون آهن؛-

ڏند ادل جا، ماڻڪ موتي
او! اکڙن جوڙ بنايو!

سو سندس ڏند به جي ماڻڪ موتي نه تڏهن به، سپ جهڙا سفيد ۽ اهڙا هڪ ڪرا، جو ڪنهن محبوب جا هجن ها ته هوند، انهن جي واکاڻ مان شاعر ڍاپن ئي ڪونه ها. جڏهن ٽهڪ ڏئي کلندو ته گويا بادلن منجهان کوڻ تجلو ڏئي ورتو. اکيون چيريون، جن مان نيڪيءَ ۽ شرافت جو آب ۽ حجاب، صاف پيو بکي.
اهو آهي سروپا ميان محمد جمن هالي جو! جيڪو رهي ته ڪراچيءَ جي ڪنهن جهوني پراڻي محلي ۾ ٿو، پر وسي رسي ٿو سڄيءَ سنڌ جي دل ۾. ڌنڌا ٻه ڪندو آهي هڪ پنهنجي قوت گذر لاءِ ۽ ٻيو اهل دل جي روحاني غذا لاءِ. يعني گچ ۽ گاري جون ماڙيون ۽ محلات اميرن کي اڏي ڏيندو آهي ۽ شعر و سخن جي ڪاڪ محل جوڙيندو آهي، انهن آوارهه گرد انساني روحن لاءِ، جيڪي تائي تتيءَ جي تاب ۽ تپش کان درماندا ٿي، امن ۽ راحت خاطر وتندا آهن دلن جا وٿاڻ ۽ ڇانوهرا ڳوليندا.
ڪراچيءَ جي سنڌي شعر و سخن جي سڀا – اڄ جهڙي سخت سمي ۾ - جن چند پاڪ روحن جي سببان آباد ۽ شاد آهي، انهن منجهان هڪ محمد جمن هالو به آهي. جيڪو شريفاڻي گذر بسر جيتري رقم اوٽ رکي، باقي سڄي ڪمائي، سنڌي ادب ۽ سنڌي زبان جي ڀلائيءَ ۽ بهبوديءَ خاطر وتندو آهي ”چانهه پاڻيءَ“ ۾ خرچ ڪندو.
تنهن ڏينهن پنهنجي خاص لکيڻيءَ لوڏ سان، مرڪندو ۽ مشڪندو اچي مون وٽ پهتو. پنهنجي ڪلام جو مجموعو ”سوزِ عشق“ هٿ ۾ ڏئي حڪم ڪيائين ته؛ ان لاءِ آءُ پنهنجي راءِ لکي ڏيان. حڪم نادري هو! جيتوڻيڪ مٿي کنهڻ جي واند ڪان هئي ليڪن جواب جي مجال ڪٿي؟ سندس مرڪ اڳيان نه فقط پاڻ هٿيار ٿيڪي ويٺس بلڪ، منهنجي مصروفيتن به ائين کڻي آڻ مڃي جهڙيءَ ريت محبوبن جي مهن مقابل عاشقن جا ڇهه ڇڄي پوندا آهن.
ڪتاب وٺي رکيم. اڄ صبح جو بينڀراڪي وير اٿڻ سان ئي من تي مونجهه ۽ دل تي اداسي محسوس ٿي. سامهون مولانا جاميءَ جو ديوان رکيو هو، چاهيم ته روح ٻيءَ وجهان، کڻي جو کوليان ته مرڳوئي جيءُ جهوريءَ پئجي ويو. شعر هو:-

رفتي و من، ملازمِ اين منزلم هنوز
ز آبِ مزه بکوي تو، پا در گلم هنوز

ٻيو شعر هو:-

اي گشته، دل ز تيغ جفائي تو ام دونيم!
بامن دو دل مباش، که من يک دلم هنوز

دلن جا معاملا ۽ مسئلا اور ٿين ٿا. اِها دنيا ئي الڳ آهي، جتان جي هلي چلي الڳ ته جتان جا رسم ۽ رواج جدا. سو دل کي جيڪا ٽيڪ ملي سا ته گهوري اُلٽو مٿان ڄڻ ٽڪر ٽٽي پيو. جامي ڇڏي جمن کنيم، خيال هو ته ان جو ديباچو لکي دوست جو انگل به پورو ڪريان ۽ پنهنجو روح به ٻيءَ وجهان. ليڪن واءِ ناڪامي.

بهر کجا که رسيديم، آسمان پيدا ست
ان ۾ به ساڳي ڳالهه سامهون پئي:-

اسين اُداسي آهيون جنهن جا
مُحبُ اُهو، ڪينءَ مٽيئون يار!

.... .... .... ....

ڪينَ وڃن سي دليون ٻي در
جانب جيڪي جهٽيون يار!

جلدي پنون اٿلايم. وري به ڳالهه اها ئي:-

محبت مون کي سيکاري يار!
محبت کان تو، منهن آهي موڙيو
دلبر دل کي ڌُتاري يار!

محبت کان تو، منهن آهي موڙيو

.... .... .... ....

دل کي دلاسا، يار ڏنا تو
غير کان ناتا، منهنجا ڇنا تو!
هر هنڌ آهي يار ثنا تو
ڀر ۾ مون کي بيهاري يار!

محبت کان تو، منهن آهي موڙيو

.... .... .... ....

اوکيون اکيون، يار اَڙائي
سوليءَ تي، منصور چڙهائي!
باب بِرههَ جا، پَلَ ۾ پڙهائي
ماڻن مان مُکي ماري يار!

محبت کان تو، منهن آهي موڙيو

اڄ ڪو صبح ئي اهڙو هو، نه ڄاڻ سندس پنهنجي فطرت جو به لڙيءَ رات کان وٺي ڪو احوال دگرگون هو. وڌيڪ ورقن اٿلائڻ جي پچر کڻي ڇڏيم. سچي ڳالهه هيءَ آهي ته اڳتي ست ساري ڪونه سگهيس. اها ”حقيقت حال“ ٻڌي اٿم ته منهنجو دوست، مون کي معذور سمجهي معافي ڏيندو.

آزردهه دل، آزردهه کند انجمني را!

حسام الدين راشدي
ڪراچي

21 مئي 1963ع