ارپنا ماسٽر مئرينر- ڪئپٽن رشيد ابڙي جي نالي
ڪئپٽن ابڙو- پاڪستان مرچنٽ نيويءَ جوهڪ وڏو ۽ اهم ماڻهو، جنهن فقط ۽ فقط محنت ذريعي پنهنجو نالو نه رڳو پنهنجي ملڪ ۾، پر دنيا جي جهازي دنيا ۾ پيدا ڪيو آهي. رشيد ابڙو منهنجو ڳوٺائي ۽ پاڙيسري هجڻ سان گڏ، ساڳي اسڪول (مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول هالا)، ساڳي ڪاليج (ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو)، ساڳي نيول اڪيڊمي (مئرين اڪيڊمي چٽاگانگ) مان پڙهيو ۽ مون واريءَ شپنگ ڪارپوريشن P.N.S.C جا جهاز هلايا اٿس، ان ڪري منهنجو هن سان ننڍپڻ کان وٺي ويجهو تعلق رهيو آهي. هو اسان جي بئچ جي چيف انجنيئرن ۽ ڪئپٽنن کان عمر ۾ چار پنج سال ننڍو آهي، پر جهازي ڄاڻ ۽ تجربي ڪري سندس مقام اسان سڀني کان مٿانهون آهي. هن خاص ڪري بزنس ۽ شپ مئنيجمينٽ جهڙي نئين فيلڊ ۾ ڪاميابي ماڻي پنهنجو نالو مٿانهون ڪيون آهن.
منهنجا دوست مون کان پڇندا آهن ته ڪئپٽن رشيد ابڙو جهاز رانيءَ ۽ جهازن سان واسطو رکندڙ بزنس، مارڪيٽنگ، چارٽرنگ وغيره جو ايڏو ڄاڻو ڪيئن ٿيو؟.
منهنجو کين اهو ئي جواب هوندو آهي ته هن پنهنجي پڙهائي ۽ نوڪريءَ کي عبادت وانگر سچائيءَ، ايمانداريءَ ۽ نيڪ نيتيءَ سان نڀايو. ڪيترائي سال جهاز هلائڻ بعد جڏهن هو جهازي آفيس ۾ جهازن جو انچارج ۽ مئنيجر ٿي آيو، ته به هن ڪڏهن به آفيسرن واري ٽان ڦان نه ڪئي. هو جهاز هلائيندڙن جو باس نه پر Facilitator ٿي رهيو هو. هُن پنهنجي تجربي ۽ ڄاڻ موجب پاڻ سان گڏ ڪم ڪندڙن جي مدد ۽ رهنمائي ڪرڻ کي ئي پنهنجي ڊيوٽي سمجهيو. آفيس ۾ اسان سڀني جو ٽائيم صبح جو نائين کان شام جو پنج هوندو هو، پر ڪئپٽن رشيد جي گهر وڃڻ جو وقت مقرر نه هوندو هو. آءٌ پنهنجي انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ مان پنجين بجي اُٿي، گهر وڃڻ کان اڳ، رشيد جي مارڪيٽ ڊپارٽمنٽ ۾ چانهه پيئڻ ايندو هوس ته، هن جو دڪان کليو پيو هوندو هو. يعني نه رڳو فائيل، ڪاغذ، ڪمپيوٽر کليا پيا هوندا هئا، پر سندس سڄو اسٽاف ويٺو هوندو هو.
”ڀلا هلبو يا نه؟“ آءٌ پڇندو هوسانس.
رشيد جو جواب هوندو هو، ”ڪيئن هلان، يورپ کلي ئي ٻارهين کان پوءِ ٿو، ان ڪري مون کي اڃا ويهڻو پوندو.“
اسان جي آفيس ۾ پاڻ يورپ واريءَ ريجن جو انچارج هو. جتي جو ٽائيم يعني سج اسان کان چار پنج ڪلاڪ پوءِ ٿو اُڀري لهي. ڪڏهن ڏس ته جرمني ۾ اتي جي جهاز آفيس انچارج سان ڪنهن ڳالهه تي بحث پيو ڪري ته، ٻي گهڙيءَ انگليند ۾ ڪنهن واپاري فرم جي سامان کڻڻ لاءِ جهاز جي ڀاڙي تي پيو ڳالهائي. پنهنجي ڪمپنيءَ جا سڀ جهاز مشغول هجڻ جي صورت ۾، يوناني ۽ فرينچ جهازي ڪمپنين جي خالي جهازن کي، پنهنجي ڪمپنيءَ لاءِ مسواڙ تي وٺڻ جي ڪوشش پيو ڪندو هو. پوءِ ڪنهن سان ڀاڙو ”ٽائيم پيرڊ“ (يعني في ڏينهن) جي حساب سان پيو طئي ڪندو ته ڪن سان هڪ بندرگاهه کان ٻئي بندرگاهه (يا سڄي سفر) جو حساب پيو طئي ڪندو. کيس انهن جهازي ڪمپنين جي جهازن ۽ واپاري ڪمزورين جي ڄاڻ هجڻ ڪري، هن انهن جهازن جي مالڪن سان بحث ۾ هميشه بازي کٽي، پنهنجي ڪمپنيءَ لاءِ فائدو ڪرايو ٿي ۽ بين الاقوامي قاعدن قانونن موجب ڏيتي ليتيءَ جا ٽرمس ۽ Conditions فيڪس ذريعي لکت ۾ طئي ڪيا ٿي.
يورپ جون آفيسون، جنهن وقت تي چئين يا پنجين وڳي بند ٿين ٿيون. ان وقت اسان وٽ رات جا اٺ يا نوَ ٿين ٿا ۽ اسان جو رشيد ان وقت بريف ڪيس کڻي آفيس مان نڪرندو هو. جهاز جو صحيح وقت تي بندرگاهن ۾ پهچڻ ۽ نڪرڻ ۽ سامان صحيح طرح ڍوئرائڻ جي پوئواري خاطر، کيس هر وقت باءِ ايئر مختلف بندرگاهن ۾ پهچڻو پيو ٿي. گهمڻ لاءِ بئنڪاڪ يا دبئي جو ٽن چئن ڪلاڪن جو سفر ڪنهن لاءِ ڀلي کڻي دلچسپ هجي، پر ڪراچيءَ کان نيويارڪ يا سائوٿ آمريڪا بندرگاهن تائين، ڊگها هوائي سفر سزا کان گهٽ نه آهي. خاص ڪري هوائي جهاز مان لهڻ بعد هوٽل ۾ وڃي آرام ڪرڻ بدران، پنهنجي جهاز جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ بندرگاهه ڏي ڀڄڻ. پر ڪئپٽن رشيد جي منهن تي هميشه مُرڪ ئي نظر آئي، چاهي هن کي هوائي سفرن ۾ مسافر جي صورت ۾ ٻه ٻه ٽي ٽي ڏينهن لڳاتار اوجاڳو ڪرڻو پيو هجي يا پاڻيءَ جي جهاز کي ائٽلانٽڪ جي ڇِتين ڇولين کان يا جاپاني سمنڊ ۾ لڳندڙ طوفانن کان اُڪارڻو پيو هجي، هو هر وقت مطمئن ۽ ڪمپزڊ نظر ايندو.
رشيد جي اها مُرڪ ۽ خوش اخلاقي هينئر ته نه پر ننڍپڻ کان سندس ٽريڊ مارڪ رهي آهي. ڪاليج جي ڏينهن ۾ سندس ڪلاس ميٽ هوندا هئا: لياقت جتوئي (هاڻوڪو منسٽر)، بلال حيدر، ممتاز (ٻئي P.I.A جا پائليٽ)، محسن پنهور (پوليس ۾ D.I.G هاڻ مرحوم)، ظفر شورو (پوليس ۾ صوبيدار)، پرويز شاهد (پاڪستاني آرمي جو ليفٽيننٽ جرنل)، عبدالجبار عباسي، عاشق شاهه (سيڪريٽري سنڌ سرڪار)، نصير قاضي (ريلوي) وغيره. آءٌ کانئن ٽي سال کن مٿين ڪلاسن ۾ هوس. ٻين ٻارن وانگر هي به وڙهندا رهيا ٿي (۽ ماشاءَالله اڃا تائين به ڪيترن جي کٽ پٽ هلندي رهي ٿي) پر بقول ڊاڪٽر هادي بخش جتوئيءَ ۽ انجنيئر مشتاق بلوچ جي هڪ رشيد ابڙو (۽ ٻيو قاسم لاشاري) نه ڪنهن سان رُٺا، نه ڪنهن جي شڪايت ڪيائون، سدائين ٻين کي پرچائڻ ۾ پورا هوندا هئا.
رشيد سان ڪم ڪندڙ سندس هڪ جونيئر آفسر چيو ته، ڪپٽن رشيد هونءَ ته ڏاڍو سٺو آهي، پر ڊيوٽيءَ جي معاملي ۾ تمام سخت آهي.
”هو بلڪل هوندو.“ مون کيس سمجهايو، ”ڇو ته هو پاڻ به ننڍي هوندي کان وٺي محنتي رهيو آهي ۽ ڊيوٽي هميشه ايمانداريءَ سان ڏني اٿس. ان ڪري هو پاڻ به اهو ئي چاهيندو ته ٻيا به ڊيوٽي صحيح ڪن.“
مون کيس ڪجهه ننڍپڻ جي ڏينهن جا مثال ٻڌايا: هڪ دفعي مون وارو جهاز جاپان جي بندرگاهه ”نگويا“ ۾ بيٺل هو. ٻن ڏينهن بعد اسان جي ڪمپنيءَ جو هڪ ننڍو ۽ پراڻو جهاز اسان جي ڀر ۾ اچي بيٺو، جنهن تي رشيد انهن ڏينهن ۾ ڪئڊٽ هو. ننڍي هجڻ جي ڪري اسان سمجهي سگهياسين ٿي ته، ڪراچيءَ کان جاپان تائين ان جهاز کي ڇا ته طوفانن ۽ سامونڊي لهرن سٽيو هوندو ۽ پراڻي جهاز ڪري ان تي ڪم ڏاڍو هو. نون آيل ڪئڊٽن کي سخت جان بنائڻ لاءِ چِپنگ ۽ Scraping جهڙا ڏکيا ڪم ڏنا ويندا آهن، وجهه ملڻ تي هو ڪڏهن ڪڏهن گسائيندا به رهندا آهن. آءٌ پنهنجي جهاز تان ڏسندو هوس ته، سخت سيءَ ۾ سڄو سڄو ڏينهن رشيد ڪم ۾ لڳو رهندو هو ۽ شام جو موڪل مهل جهازي نوڪريءَ کان بيزاريءَ جو اظهار يا ڪنجهڻ ڪُرڪڻ بدران هميشه مرڪندو ۽ چرچا ڪندو، پنهنجي ڪمري ڏانهن روانو ٿيندو هو. شايد ان ڪري ئي سندس ٻيا ساٿي ڪئڊٽ ته رشيد کي ڏاڍو پسند ڪندا هئا، پر آفيسر پڻ سندس چيف آفيسر (ڪئپٽن کان هڪ رئنڪ هيٺ وارو نيويگيٽر) جنهن کي اها خبر نه هئي ته رشيد منهنجو ڳوٺائي يا مائٽ آهي، تنهن جاپان ڇڏڻ وقت رشيد جي تعريف ڪندي، مون کي ٻڌايو ته: ”يار منهنجو هي ڪئڊٽ رشيد ڏاڍو ٽف آهي. ڪم ۽ ڊيوٽيءَ کان ڪڏهن نٿو ڀڄي. سخت طوفان جي لوڏن ۾ به ننڊ مان اُٿاري ڪم لاءِ چئجيس ٿو ته، بنا ڪنهن شڪايت جي ان ۾ جنبيو وڃي. سي مئن شپ (جهازي تعليم جو هڪ سبجيڪٽ) ۾ ته هوشيار آهي، پر هينئر کان نيويگيشن ۾ به پختو آهي ۽ آءٌ کيس ٻئي سفر کان جهاز هلائڻ لاءِ برج (جهاز جي ڪنٽرول روم) تي رکندس.“
رشيد ۽ مون کي ڪڏهن به هڪ جهاز تي ڪم ڪرڻ جو موقعو نه مليو، پر اسان جا جهاز دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي بندرگاهن ۾ هڪ ئي وقت ايندا رهيا. مختلف رئنڪن تي جهاز جو گهربل Sea Time پورو ڪندو ۽ ضروري امتحان پاس ڪندو، رشيد آخر ڪئپٽن ٿيو. پاڻ جيترو جهازي آفيس جي Management ۾ سٺو آفيسر/ مئنيجر آهي، اوترو ئي هو جهازن جو ڪئپٽن ٿي رهيو. هن ڪيترائي سال ملڪ جي جهازي ڪمپني ۽ ٻين ملڪن جي جهازن کي خاص ڪري بنگلاديش ۽ سريلنڪا جي جهازن کي، دنيا جي مختلف سمنڊن تي مختلف موسمن ۾ هلايو.
ڪئپٽن رشيد لاءِ مشهور آهي ته، هن ڪڏهن به ڏکئي وقت ۾ دل نه لاٿي. اهي لمحا ۽ گهڙيون جن ۾ ڪيترن جهونن ڪپتانن کي به پگهر اچيو وڃن، اسان جو رشيد سڪون ۽ شانتيءَ سان ويهه ويهه ڪلاڪ به برج تي بيهي، جهازن کي طوفانن ۽ ڪُنن مان سلامتيءَ سان اُڪرائيندو رهيو. بقول هڪ نوجوان ڪئپٽن جي جيڪو ڪنهن زماني ۾ ڪئپٽن رشيد جي جهاز تي، هڪ جونيئر نيويگيٽر هو: ”ڪئپٽن رشيد سان ڪم ڪرڻ ۾ اسين سڀ Enjoy ڪندا هئاسين، جو مشڪل وقت تي نه هو پاڻ پريشان ٿيندو هو ۽ نه اسان کي ٿيڻ ڏيندو هو. وڏيءَ همت وارو ڪئپٽن آهي. هن کي جاگرافي، تارن، سمنڊ ۽ سمنڊ جي لهرن، هوائن جي رُخن وغيره جي نه فقط ڄاڻ آهي، پر انهن مان فائدو وٺي، جهاز کي هميشه بهتر ۽ سلامتيءَ واري راهه تان اُڪارڻ جي ڏات به اٿس ته ڏانءُ به.“
ڪئپٽن رشيد ابڙي جو جنهن فئمليءَ سان تعلق آهي، اها تعليم ۽ ادب ۾ اعليٰ مقام رکي ٿي. سندن والد صاحب سائين نور محمد ابڙو (مرحوم) ۽ ڏاڏو احمد خان صاحب شاعر ٿي گذريا آهن. سنڌ جا ناليرا شاعر سليم هالائي ۽ انور هالائي سندس سڳا چاچا آهن.
ڪئپٽن رشيد ابڙي جهاز هلائڻ جو مٿانهون ۽ آخري امتحان 1980ع ۾ پاس ڪيو، جنهن بعد هو دنيا جي ڪنهن به ملڪ جو ۽ ڪنهن به قسم جو جهاز هلائي سگهي ٿو. ان امتحان پاس ڪرڻ واري کي ”ماسٽر مئرينر“ پڻ سڏجي ٿو. ڪيترائي سال جهازن جي ڪمانڊ سنڀالڻ (يعني ڪئپٽن ٿي هلائڻ) بعد، هو جهازي آفيس ۾ جهازن ۽ انهن جي ڪئپٽنن جو آفيسر ٿي رهيو. اسان وٽ رٽائرمينٽ جي عمر سَٺ سال آهي، پر رشيد پنجاهه سالن کان به اڳ سرڪاري نوڪري ڇڏي، پنهنجو پرائيويٽ بزنس ڪري رهيو آهي. جنهن جو واسطو پڻ جهازن ۽ جهازي ڪرت سان آهي. جهاز هلائڻ ۽ جهاز سان واسطو رکندڙ ڄاڻ کان علاوه، ڪئپٽن رشيد اقتصاديات جو پڻ شاگرد رهيو آهي ۽ Economics سبجيڪٽ ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪئي اٿس.
ڪئپٽن رشيد، پاڪستان شپ ايجنٽس ايسوسيئيشن جو وائيس چيئرمين پڻ آهي. ان کان علاوه هو هيٺين ادارن جو ميمبر آهي:
* ڊاڪ لئبر بورڊ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ
* فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس ائنڊ انڊسٽريز FPCCI
* FPCCI جي زونل ڪميٽي لاهور
* ناٽيڪل انسٽيٽيوٽ پاڪستان/ انگليند
* مئنيجمينٽ ڪميٽي پاڪستان شپ ايجنٽس ايسوسيئيشن
* مئنيجمينٽ ڪميٽي ماسٽر مرينرس سوسائٽي
ڪئپٽن رشيد ابڙو پنهنجي پراڻي ڪاليج- پيٽارو جي ڪمن ۾ پڻ دلچسپي وٺندو رهيو آهي ۽ اسان جي پيٽارين ايسوسيئيشن جو وائيس پريزيڊنٽ پڻ آهي.
ان کان علاوه ڪئپٽن رشيد ابڙو FPCCI پورٽس ۽ شپنگ ڪميٽيءَ جو چيئرمين، پاڪستان سعودي بزنس ڪائونسل جو وائيس چيئرمين ۽ پاڪستان نيشنل فيري سروسز جو ڊائريڪٽر پڻ آهي.
پاڻ پنهنجي پرائيويٽ جهازي بزنس کي منهن ڏيڻ کان علاوه ڪيترائي قومي ۽ بين الاقوامي قسم جا سيمينار۽ ڪانفرنسون پڻ اٽيند ڪندو رهي ٿو. تازو هينئر ويجهڙائي ۾ جنيوا، سئٽزرلينڊ ۾ جيڪا انٽرنيشنل لئبر آرگنائيزيشن جي ڪانفرنس ٿي هئي، ان ۾ نمائندي (Delegate) جي حيثيت سان ويو. اُن کان اڳ جن ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ هن نمائندي جي حيثيت سان شموليت اختيار ڪئي، انهن مان ڪجهه هي آهن:
* IMO طرفان جهازن تي خطرناڪ قسم جي سامان کڻڻ جو سيمينار جيڪو مدراس (انڊيا) ۾ ٿيو.
* SAARC وارن جو سيمينار جو UNESCAP وارن آرگنائيز ڪيو.
* IGTEX وارن جي نمائش ڪولمبو، سريلنڪا
* پاڪستان ۾ ترڪي جي گڏيل بزنس جي ڪانفرنس ۾ نمائندي جي حيثيت سان ترڪيءَ ويو.
اهڙيءَ طرح سعودي عرب به نمائندي جي حيثيت سان گڏيل بزنس ۽ شپنگ جا سيمينار اٽينڊ ڪيائين.
ڪئپٽن رشيد جي ٻين سٺين ڳالهين مان اها وڏي ڪاميابي ۽ ريڪارڊ قائم ڪرڻ واري ڳالهه آهي ته، هن PNSC ۾ چارٽرنگ مئنيجر جي حيثيت سان ننڍڙي عرصي ۾، پنجاهه لک ٽن ڪوئلو، ڪڻڪ، ولائتي ڀاڻ ۽ Iron Ore مختلف جهازن ذريعي مختلف ملڪن کان ٽرانسفر ڪرايا. 1992ع ۾ نارٿ اسٽار نالي هڪ جهازي ڪمپنيءَ جو بنياد رکيائين، جنهن ٻن سالن اندر هڪ سئو کان مٿي جهازن ۾ ڪڻڪ، چانور، ڀاڻ وغيره ڍوئرايو.
ڪئپٽن رشيد جي ڄم جي تاريخ 5 جون 1949ع آهي. پاڻ 25 ڊسمبر 1971ع تي پنهنجي مامي محمد اسحاق ابڙي جي گهران شادي ڪيائين. کيس ٽي ٻار: عاطف، سدرا ۽ انجم آهن.
الطاف شيخ