ليکڪ جا لفظ
سامونڊي سفر هڪ ماڻهوءَ جي ”زندگيءَ“ مثل آهي، جنهن ۾ جيئن ڏک، سک، سٺا ۽ خراب ڏينهن اچن ٿا، تيئن سامونڊي سفر ۾ پڻ جتي خوشيون، گهمڻ ڦرڻ ۽ رنگينيون آهن، اُتي موسمن جون گرميون سرديون، پاڻيءَ جا لاها چاڙها، هوائن جا طوفان ۽ خاموشيون، جهاز جا لوڏا ۽ انجڻ جا دوکا پڻ موجود آهن. ان کان علاوه رستي تان ڀٽڪي وڃڻ، عملي جا بلوا ۽ هنگاما، ائنڪريج تي هفتن جا هفتا اندر بندرگاهه ۾ گهڙڻ لاءِ انتطار، اَگهايون سَگهايون ۽ ٻيا ڪيترائي حادثا ۽ حالتون پيدا ٿين ٿيون.
منهنجي هميشه اها ڪوشش رهي آهي ته سمنڊ جي زندگيءَ جو بهترين ۽ دلچسپ رُخ ٻڌايو وڃي، ڇو جو اسان جي قوم ايڏي گهڻي Seafaring Nation ناهي ۽ کين ا ُٿندي ئي جي اهڙن حادثن ۽ خوفن جون ڳالهيون ٻڌائبيون ته، هر ڪو هن زندگيءَ کان وَئون ويندو. اهو ائين آهي جيئن ڪو سرجن رڳو انهن مريضن جو ويهي ذڪر ڪري، جيڪي آپريشن دوران هن هٿان مري ويا هجن، نتيجي ۾ ان اسپتال يا ڊاڪٽر وٽ ڪير ايندو؟ اهڙي طرح رڳو جهازن جي حادثن ۽ سامونڊي صعوبتن جون ڳالهيون ڪبيون ته، ڪهڙو مسافر يا ماڻهو جهاز تي چڙهندو؟ ۽ جي ايندو به ته سمورو وقت پاڻ به بي چين رهندو ۽ جهاز هلائڻ وارن جو به سُک ڦٽائيندو.
اسان جي مرچنٽ نيويءَ کي هلائڻ ۽ پنهنجا ماڻهو پيدا ڪرڻ لاءِ چٽگانگ (تڏهن جو اُڀر پاڪستان) ۾ مئرين اڪيڊمي کلي هئي. اڪيڊمي چٽگانگ شهر کان گهڻو پري خليج بنگال ۾ هڪ ٻيٽ جُلديا تي هئي. اسان ان اڪيڊمي جا شروعاتي ڪئڊٽ هئاسين. هڪ دفعي اڪيڊميءَ جي لانچ ۾ اسان جو سڄو ڪلاس چٽگانگ شهر ڏي گهمڻ لاءِ وڃي رهيو هو. رستي تي ڪرناڦلي نديءَ جي ڇوڙ وٽ اوچتو موسم خراب ٿي وئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هوا طوفان جو روپ ڌاري سخت Cyclone بڻجي وئي. مٿان آسمان مان به پاڻي وسڻ لڳو ته هيٺ سمنڊ جي پاڻيءَ جون ڇوليون به جبلن جيڏيون ٿي ويون. خليج بنگال ۽ ڪرناڦلي نديءَ واري حصي ۾ ڄڻ قيامت اچي وئي هئي. ننڍڙيون ننڍڙيون ٻيڙيون ته اسان جي اڳيان ڀڄي ڀور ٿي رهيون هيون ۽ انهن ۾ ويٺل ماڻهو ٻچن سميت اسان جي اکين اڳيان ٻڏي رهيا هئا. اسان جي همراهن لانچ کي گهڻو ئي ڪنٽرول ۾ رکيو، پر ان جا پوڙها بنگالي ملاح به دل هاري ويٺا.
انهن ڏينهن ۾ مون کي لڳاتار مٿي ۾ سور رهندو هو، جنهن جو چٽگانگ ۾ ڪوششن جي باوجود به Diagnosis (تشخيص) ئي نه پي ٿي سگهيو، ته ڇا کان آهي ۽ آءٌ ايڏو ته پريشان رهندو هوس جو جيئڻ کان موت کي ترجيح ٿي ڏنم. منهنجي ڀر ۾ منهنجو ڪلاس ميٽ اجتبيٰ زيدي ويٺل هو. تنهن چيو: يار بچڻ جي ڪا واهي ناهي. ڪو ڪرشمو ٿئي ته ڪا ٻي ڳالهه آهي. مون چيومانس: هڪ ڏينهن مرڻو ئي آهي ۽ پوءِ ڇو نه اڄ ئي. آءٌ ته زندگيءَ مان چاهه ڪڏهن کان وڃائي ويٺو آهيان.
ياد اٿم ته ان واويلا جي حالت ۾ اجتبيَ چيو: ”پر يار! پاڻ کي هيئن مرڻ نه کپي، جو ماڻهو سامونڊي زندگيءَ تي ان جو ڏوهه مڙهين ۽ پنهنجا پاڪستاني، جن اڃا هاڻ هن زندگيءَ طرف رخ رکيو آهي، دل هاري ويهن. اڪيڊميءَ جي هيترن ڪئڊٽن جي موت جي خبر باهه وانگر ملڪ ۾ پکڙجي ويندي ۽ اڪيڊمي ئي بند ٿي ويندي ۽ پوءِ اسان جا مال بردار جهاز گورن (انگريزن) جي ئي هٿن ۾ رهندا.“
اڄ ان کي ويهه سال ٿي ويا آهن، گورا سڀ هليا ويا. اسان جي بئج جا ته سڀ ڪڏهوڪو ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر ٿي ويا، پر ان کان پوءِ به ايترا ٿي چڪا آهن، جو پنهنجا جهاز ته پاڻ ٿا هلايون، پر اسان جا همراهه ڪن ملڪن ۽ ڪمپنين جا جهاز دنيا جي مختلف سمنڊن ۾ وڏي خير خوبيءَ سان هلائي رهيا آهن ۽ اسان کي جهازي ڪم ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ بهترين مڃيو وڃي ٿو. منهنجي خيال ۾ گذريل ويهن سالن ۾، درپيش آيل انيڪ حادثا هاڻ ٻڌائي سگهجن ٿا. انهن مان ڪجهه قلمبند ڪري رهيو آهيان. هونءَ به هيستائين پڙهندڙن سمنڊ بابت سٺيون سٺيون ڳالهيون ايتريون ته ٻڌيون آهن، جو هي چند حادثا اٽي ۾ لوڻ برابر ثابت ٿيندا ۽ ڪو گهرو اثر نه ڇڏيندا.
بهرحال! هن ڪتاب ۾ جهاز ۽ سمنڊ بابت پنهنجا نه، پر ٻين کي پيش آيل مختلف واقعا ڏيئي رهيو آهيان، جيڪي سمنڊ تي بلڪل عام آهن. هر واقعي جي اڳيان ڪوشش ڪري سمجهاڻيون ڏنيون اٿم، جيئن سامونڊي زندگيءَ کي غير واقف ان کي چڱيءَ طرح سمجهي سگهن.
ٻي ڳالهه ته لکڻ منهنجي وندر آهي، منهنجي زندگي آهي. لکڻ کي مون روزگار جو ذريعو نه بڻايو آهي ۽ نه ئي سمجهان ٿو ته ڪنهن سنڌي ليکڪ کي لکڻ مان ڪو مالي فائدو رسيو هجي. جيل، دڙڪا، ڌمڪيون ضرور نصيب ٿيون هوندس. منهنجي ڪتابن جي قيمت جي شڪايت پڙهندڙ اڪثر مون سان ڪن ٿا. سنڌي ڪتاب مهانگا هجڻ جي شڪايت مون کي به آهي. منهنجي هر وقت اها ڪوشش رهي ٿي ته منهنجي ڪتابن جي قيمت اڃا به گهٽ رهي. سنڌي ڇپائي خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ مهانگي هجڻ ڪري ۽ ايجنٽن طرفان جهجهي ڪميشن جي گهُر ڪري (جيڪا ذري گهٽ ڪتاب جي اڌ قيمت جيتري وڃو ٿئي) ڪيترائي دفعا پبلشرن کي به ماڳهين نقصان پيو هوندو. ساڳي وقت ايجنٽن سان به اهو مسئلو ٻڌجي ٿو ته هو اهي ڪتاب سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچائڻ لاءِ مختلف بڪ اسٽال وارن کي ڳاٽي ٽوڙ ڪميشن ڏين ٿا، ڪتابن موڪلڻ تي خرچ ڪن ٿا، پئسن جي وصوليءَ لاءِ ڪيترائي پنڌ به ڪن ٿا ۽ ٽائيم سان گڏ ڳاٽي ٽوڙ ڀاڙا ٿا ڀرن پر پوءِ به سندن ڪجهه پئسا ٻُڏي ٿا وڃن، وغيره وغيره.
بهرحال! ان هوندي به آءٌ هر وقت پبلشرس کي قيمت گهٽ ڪرڻ لاءِ چوندو رهان ٿو. ان هوندي ڪو ڀاءُ/ ڀيڻ سمجهي ٿو ته هو منهنجا ڪتاب نيوفيلڊس يا روشني پبليڪيشن جي معيار جهڙا ڇپائي اڃا به گهٽ قيمت ۾ پڙهندڙن تائين پهچائي سگهي ٿو ته مون کي خوشي ٿيندي ۽ هو مون سان لهه وچڙ ۾ اچي سگهي ٿو.
پڙهندڙن جي راءِ/ تنقيد ۽ صلاح مشوري جو اوسيئڙو رهندو.
خلوص منجهان
الطاف شيخ