لائيف بوٽ، جئڪيٽ، سمنڊ جو پاڻي ۽ شارڪ مڇي
بھرحال! ھي سامونڊي حادثون ان ڪري اھم سمجھان ٿو جو منجھس ڪابه اھڙي ٽيڪنيڪل غلطي نظر نٿي اچي، جيڪي اڪثر ڪوڙن شڪاري قصن ۾ يا فلم ۾ ڏيکاريل ڪورٽ يا اسپتال جي منظرن ۾ عام جام ھونديون آھن. ھھڙي قسم جي سامونڊي حادثن ۾ ڪڏھن ڪڏھن ماڻھو نظم ۽ ضبط کي ڇڏي ڏيندا آھن ۽ تڪليف وڌڻ تي ڇتڪتائيءَ جو عالم ٿي ويندو آھي. پر ھن حادثي ۾ جنھن ھمت، عزم، قربانيءَ جو صبر جو مظاھرو مسلمان ھندستاني سپاھين يا انگريز ۽ يورپي عملي جي ماڻھن ۽ مسافرن ڪيو، اھو تعريف جوڳو آھي - جنھن جا مثال تمام گھٽ ملندا.
ھن ڪھاڻيءَ ۾ ڪيتريون ئي اھڙيون ٽيڪنيڪل ڳالھيون آھن، جن بابت عام پڙھندڙن کي شايد ڄاڻ نه ھجي ۽ انھن بابت سندن ذھن ۾ ڪي سوال به پيدا ٿين. ھتي انھن جي سمجھاڻي ڏيڻ ضروري سمجھان ٿو ته جيئن پڙھندڙ ھن سامونڊي حادثي کي چڱي ريت سمجھي/پروڙي سگھن ۽ ساڳي وقت ھن سفر جي مسافرن جي ھمت ۽ بھادريءَ کي ساراھي سگھن.
ھر جھاز تي مسافرن ۽ جھاز جي عملي موجب ٻيڙيون ٿين - جن کي ”لائيف بوٽ“ سڏجي ٿو، جيڪي جھاز جي حادثي مھل زندگي بچائڻ لاءِ ڪم اچن ٿيون. انھن ۾ ھر وقت کائڻ پيئڻ لاءِ مقرر مقدار ۾ پاڻي، کاڌو (بسڪيٽ، کير يا کير جون ٽڪيون وغيره) ھوندو آھي، جيئن گھٽ تور جي کاڌي مان گھڻي کان گھڻي طاقت ملي سگھي. پاڻيءَ جو پھرين ڏينھن کان ئي راشن شروع ڪيو ويندو آھي، نه ته اھو ٿورو پاڻي ڏينھن ٻن ۾ ختم ٿي وڃي ۽ زنده رھڻ جي رھيل کھيل اميد جھٽ پٽ ختم ٿي وڃي.
لائيف بوٽ سڙهه يا چَپُن تي ھلي، پر اڄڪلھه جي لائيف بوٽ انجڻ تي به ھلي ٿي ته چپن تي به. پر انجڻ ڪري ڪو خاص فرق نٿو پوي، جو ھيءَ ٻيڙي سفر لاءِ استعمال نٿي ڪري سگھجي، جو انجڻ کي ھلائڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ سٺ کن ميل ھلڻ جو تيل ٻيڙيءَ جي ٽانڪيءَ ۾ ٿئي، جيڪو ائٽلانٽڪ، پئسفڪ جھڙن اٿاهه سمنڊن جي ھزارين ميلن جي سفر لاءِ ڪجهه به نه آھي. لائيف بوٽ جو خاص مقصد فقط اھو آھي ته حادثي پيش اچڻ جي صورت ۾ (جھاز جي ٻڏڻ، سڙڻ، ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ تي) ھن ٻيڙيءَ ۾ چڙھي جان بچائجي ۽ اڌ ميل کن چَپُن يا انجڻ ذريعي ٻيڙيءَ کي ھلائي جھاز کان پري ٿجي، متان سڙندڙ جھاز جي باھ جو سيڪ رسي يا جھاز جا کوھا وغيره لڳي وڃن.
اڄڪلهه ته سڀني جھازن تي اھڙو بندوبست رکيل آھي، جو ٻڏڻ سان ريڊيو روم جو ٽرانسميٽر لڳاتار ايس او ايس (Save Our Souls) جو سگنل ٽرانسميٽ ڪري ٿو ۽ ساڳي وقت 500 ميلن تائين جيڪي جھاز آھن، انھن جا رسيور اھو سگنل خود بخود وٺي، الارم وڄائين ٿا، جيئن مڙني جھازن جي عملي کي حادثي ھيٺ آيل جھاز جي خبر پئجي وڃي ته جھاز ٻڏي رھيو آھي. ساڳئي وقت ڪھڙي Latitude (ويڪرائي ڦاڪ) ۽ Longitude (ڊگھائي ڦاڪ) تي آھي؟ جيئن بچائڻ لاءِ ان ھنڌ ڏانھن ٻيا جھاز روانا ٿين. ھڪ اھو به سبب آھي ته لائيف بوٽ ۾ لٿل ھمراھن کي ٻڏندڙ جھازن جي چئوڦير ئي ترسڻ گھرجي، جو بچائيندڙ جھاز ٻڏندڙ جھاز جي سنوت ڏي ئي رخ رکندا آھن.
پر جيئن ته ھي حادثو جنگ وارن ڏينھن ۾ ٿيو آھي ۽ چوڌاري ڪنھن جھاز جي ھجڻ جي اميد نه ھجڻ ڪري، ٻيڙيءَ ۾ بچيل بدنصيب مسافر اتي سمنڊ تي ئي ترسي وقت وڃائڻ بدران، ويجھي ٻيٽ - سينٽ ھيلينا ڏي وڌڻ لاءِ ڪوچ ڪيو آھي.
ھر لائيف بوٽ ۾ کاڌي پيتي جي شين کان علاوه ڪھاڙي، قطب نما، ضروري دوائون (فرسٽ ايڊ باڪس)، مڇي ڦاسائڻ جي ڪنڊي، رسي، ماچس ۽ ڪجهه ٻيون اھڙيون شيون ھجڻ ضروري آھن، جيڪي سمنڊ تي ڪم اچي سگھن ٿيون. جيئن ٻيڙيءَ جي ڪا رسي نه کلي ته، اها ڪھاڙيءَ سان ڪپي سگھجي، ڪا مڇي ڦاسي ته ان کي وڍي سگھجي - جيئن ھنن کي ھڪ مڇي ھٿ اچي وئي. رات جي وقت ڪو ھوائي جھاز يا پاڻيءَ جو جھاز اچي لنگھي ته، ان جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ماچس سان ڪپڙي ٽڪر ٻاري سگنل ڏئي سگھجي ٿو، وغيره وغيره.
ڪي پڙھندڙ شايد اھو به سوال ڪن ته، اھڙي سخت اڃ ۾ سمنڊ جو ٿورو ئي پاڻي پي کڻي اڃ اجھائڻ کپي. پر سمنڊ جو پاڻي ايڏو ته کارو ٿئي ٿو، جو مرڻ مھل تائين انسان کان پيتو نٿو ٿئي. منجھس تمام گھڻي مقدار ۾ عام رواجي لوڻ (سوڊيم ڪلورائيڊ) کان علاوه ٻيا به ڪيترن ئي قسمن جا لوڻ ۽ ڪيميائي شيون مليل ٿين ٿيون، جيڪي سمنڊ جي پاڻيءَ کي زھر جھڙو کارو بڻائي ٿيون ڇڏين، جنھن سبب پيئڻ ناممڪن ٿيو پوي.
اھڙين حالتن ۾ اسان جھازي گھڻو ڪري ڪوشش اھا ڪندا آھيون ته، سامونڊي پکي (Sea Gull) يا مڇيون وغيره ڦاسائي کائجن، جيئن ٻيڙيءَ جو محدود راشن بچت ۾ ئي رھي. پر ھي ويچارا، جن سان ھي حادثو پيش آيو، سمنڊ جي اھڙي حصي ۾ ھئا، جيڪو ڪناري کان سوين ميل ڏور ھو، جتي پکي پکڻ ته ذات نه ھو پر ڪنھن مڇيءَ به سنوت نٿي ڏنن. بدقسمتيءَ سان ھڪ مڇي ”ڊاگ فش“ سندن ٻيڙيءَ ۾ اچي به وئي ته اھا ڪا کائڻ لائق ناھي، جو ھنن به ٿوڪاري ڇڏي ۽ سندس رت به نه پي سگھيا. ٻي ڳالھ ته اھا بھ کين ايترو ته دير سان ملي يعني ٽن ھفتن کان پوءِ، جڏھن ھنن ۾ ايتري به طاقت باقي نه بچي ھئي، جو ان کي ڪچو چٻاڙي سگھن. ھنن وٽ رڌڻ پچائڻ لاءِ نه ته باھ جو بندوبست ھو ۽ نه ئي پاڻي بچيل ھو. ھونءَ ڪيترا اھڙا واقعا به ٿين ٿا جو بک کي منھن ڏيڻ لاءِ، ماڻھن پنھنجا بوٽ سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ ٻه چار ڏينھن پسائي، نرم ڪري پڻ کاڌا آھن.
ھر مسافر ۽ جھاز جي عملي جي ماڻھوءَ کي لائيف جئڪيٽ ڏني ويندي آھي، جيئن جھاز ڇڏڻ وقت اھا پائي ٻيڙيءَ ۾ چڙھي. لائيف جئڪيٽ ڪري ماڻھو سمنڊ ۾ ٻڏي نٿو. منجھس ھلڪو ڪاٺ يا ٻوچ Cork جھڙي شيءِ ٿئي ٿي، جيڪا ايتري ته ھلڪي آھي جو ماڻھوءَ کي چوويھن ڪلاڪن تائين، سمنڊ جي مٿاڇري تي جھلي رکندي آھي. ان بعد آھستي آھستي ڳري ٿيڻ ڪري ماڻھو ٻڏيو وڃي.