زراف جو by sea فرانس پهچڻ
جانورن کي پاڻيءَ جي جهازن تي چاڙهڻ يا هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين وٺي وڃڻ جو رواج ڪڏهن کان شروع ٿيو، ڪجهه نٿو چئي سگهجي. بنا ڪنهن شڪ شبهي جي حضرت نوح جي ٻيڙي پهرين هوندي، جنهن تي چون ٿا ته هر قسم جي ساهواري جو جوڙو جوڙو چڙهيو هو. حضرت نوح کي الله تعاليٰ طرفان حڪم ٿيو ته ٻيڙي تيار ڪر. چون ٿا ته ان ٻيڙيءَ کي ٺاهڻ ۾ حضرت نوح کي ٻه سال لڳي ويا. اها 75 فوٽ ڊگهي ۽ 45 فوٽ ويڪري ٺاهي ويئي. ان ۾ ٽي طبقا هئا. هيٺيون طبقو جانورن لاءِ، وچون ماڻهن لاءِ ۽ مٿيون پکين لاءِ هو. چون ٿا ته جڏهن ٻوڏ آئي ته حضرت نوح ۽ الله جا نيڪ ٻانها، هن ٻيڙيءَ ۾ پنجن کان ڇهن مهينن تائين رهيا. ان بعد هيءَ ٻيڙيءَ جبل جودي وٽ اچي بيٺي. هي هنڌ اتر عراق جي موصل صوبي ۾، دجله نديءَ جي اوڀر واري ڪناري وٽ، جزيرة ابن عمر نالي شهر لڳ آهي.
ابن حسين مسعودي (وفات 956) تاريخ نويس جو چوڻ آهي ته اهو هنڌ هن جي ڏينهن ۾ موجود هو ۽ ماڻهو ڏسڻ لاءِ آيا ٿي. مسعوديءَ جو چوڻ آهي ته، ٻيڙيءَ جو سفر وچ عراق جي ڪوفي شهر کان شروع ٿيو هو. اهو مڪي طرف روانو ٿيو، جتي ڪعبي شريف کي ڦيرو ڪري جودي جبل ڏي آيو، جتي ڏهين محرم ته هن ٻيڙيءَ جا مسافر لٿا ۽ ثمنين نالي شهر ٻڌائون.
هڪ ٻيو محقق ياقوت الهماوي (1229- 1179) لکي ٿو ته، ان هنڌ تي حضرت نوح جي ان وقت جي ٺهيل مسجد اڄ به قائم آهي ۽ ابن بطوطا پنهنجي سفرنامي ۾ چوڏهين صديءَ جي سفر جو احوال ڏيندي، هن مسجد جو پڻ ذڪر ڪري ٿو.
حضرت نوح جي ان ٻيڙي واري واقعي کان علاوه ٻيو ڪو ان دور جي آس پاس اهڙو واقعو ڌيان ۾ نٿو اچي، جنهن ۾ پاڻيءَ جي جهاز تي جانورن کي ڍوئيو ويو هجي. مون پنهنجي هڪ جهازي دوست ڪئپٽن روح الابرار کان پُڇيو، جنهن جو مطالعو تمام وسيع آهي. هن منهنجو ڌيان ٻه صديون کن اڳ جي هڪ واقعي ڏانهن ڇڪايو، جنهن ۾ هڪ زراف کي، سڙهن تي هلندڙ جهاز ذريعي، مصر کان فرانس پهچايو ويو هو. زراف هڪ تمام وڏو جانور ٿئي ٿو، جنهن جو قدبت اٺ کان به وڏو ۽ ڊگهو ٿئي ٿو. ان کي تن ڏينهن جي ننڍڙي جهاز ۾، ڪيترن ئي ڏينهن جو سفر پورو ڪرائڻ هڪ حيرت انگيز ڳالهه آهي.
هيءَ 1825ع جي ڳالهه آهي، جڏهن مصر جي واليءَ محمد علي پاشا، ان وقت جي فرانس جي شهنشاهه چارلس ڏهين ڏي هڪ عدد زراف، قاهره (مصر) کان پئرس (فرانس) موڪليو هو. محمدعلي پاشا ماڊرن مصر جو سرپرست سمجهيو وڃي ٿو، جنهن پنهنجي گهراڻي جي حڪومت جو بنياد مصر ۽ سوڊان ۾ وڌو، جيڪو ويهين صديءَ جي وچ تائين قائم رهيو. محمدعلي پاشا 1769ع ۾ ڪاوالا شهر ۾ ڄائو، جيڪو اڄڪلهه يونان جو حصو آهي. پاڻ ابراهيم آغا نالي هڪ تماڪ جي واپاريءَ جو پٽ هو، جنهن جا اوسي پاسي ۾ سڙهن وارا جهاز به هليا ٿي. محمدعلي ڪجهه سال پنهنجي پيءُ جو تماڪ جو ڪاروبار هلائڻ بعد ترڪيءَ جي سلطنت عثمانيه (Ottoman Empire) جي فوج ۾ ڀرتي ٿيو.
1798ع ۾ فرانس جي فوجي جنرل نيپولين بونا پارٽ، سلطنت عثمانيه جي حڪومت هيٺ، مصري صوبي تي حملو ڪري، هن جي مملوڪ گهراڻي جي فوج کي شڪست ڏني. بهرحال نيپولين جي مصر تي ٽي سال حڪومت مس رهي. 1801ع ۾ سلنطت عثمانيه ۽ انگريزن گڏجي، فرينچن کي ڀڄائي ڪڍيو. ان بعد مصر جي مٿان ڪنهن جي سنئين سڌي حڪومت نه هجڻ ڪري وڳوڙ واري حالت رهي، مختلف لساني حالتون ۽ چوريون ڌاڙا. آخر خال ڀرڻ لاءِ سلطنت عثمانيه وارن پنهنجي فوجي محمدعلي پاشا کي مصر ۽ سوڊان جو والي (وائسراءِ) ڪري رکيو. هي اهو حاڪم آهي، جنهن مملوڪ حاڪمن جي ٻچي ٻچي کي مارائي ڇڏيو هو. اها 1811ع جي ڳالهه آهي، جڏهن محمدعلي پاشا پنهنجي پٽ جي اڳواڻيءَ ۾ عربستان ۾ وهابي بغاوت کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ، سپاهه موڪلڻ جي خوشيءَ ۾ مملوڪ گهراڻي جي سڀني اميرن کي پنهنجي محل ۾ مانيءَ تي گهرايو. جڏهن هو سڀ گڏ ٿيا ته، هنن کي ڊائننگ هال ڏي وٺي هلڻ لاءِ هڪ سوڙهي گهٽيءَ مان لنگهائي، دروازا بند ڪرائي ڇڏيا ۽ مٿان سپاهين کان گوليون هلرائي سڀ مارائي ڇڏيائين. پوءِ در کولي جيڪي اڃا جيئرا هئا انهن کي ڇرن ۽ ڪهاڙين سان ختم ڪيو ويو.
بهرحال محمدعلي پاشا، مصر ۽ سوڊان جو اڪيلو والي وارث ٿي ويهي رهيو. سندس طرفان سوڊان ۾ مقرر ڪيل مصري گورنر هڪ دفعي تحفي طور ٻه زراف خارطوم کان محمدعلي پاشا ڏي موڪليا. انهن ڏينهن ۾ TCS يا DHL جهڙيون ڪوريئر سروسون ته هيون ڪونه، جو پنهنجن پيارن سان محبت جو اظهار ڪرڻ لاءِ يا پنهنجي باس جي چمچاگيري ڪرڻ لاءِ، ڪيڪ يا گلن جو بوڪي موڪلجي. نه وري موٽر ڪارون ايجاد ٿيون هيون جو هڪ گورنر پنهنجي حاڪم کي نئين ماڊل جي ڪا مرسيڊيز يا وولو ڪار موڪلي. انهن ڏينهن ۾ پنهنجن حاڪمن کي خوش ڪرڻ ۽ پنهنجي نوڪري پڪي ڪرڻ لاءِ، ان قسم جا عجيب جانور تحفي طور موڪليا ويندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ته وري حاڪم پنهنجن ڪمدارن ۽ خدمتگارن مان خوش ٿي، انهن کي اهڙا گفٽ ڏيندا هئا، جيڪي غريب اهلڪارن لاءِ گفٽ گهٽ سزا وڌيڪ ثابت ٿيندا هئا، جيئن سيامي (ٿائلينڊ) جا راجا پنهنجي ڪنهن جنرل يا وزير مان خوش ٿي، هن کي سفيد هاٿي انعام طور ڏيندا هئا، جيڪا شهنشاهه جي نشاني سمجهي مٿس نه سواري ڪئي وئي ٿي ۽ نه ان کان بار کڻايو ويو ٿي. پاڻ بک مري به ان کي مال کارايا ويا ٿي- جيئن ڪو بادشاهه سلامت کي چغلي نه وڃي هڻي ته توهان جي پياري هاٿيءَ کي وزير صاحب بک پيو ماري.
بهرحال سوڊان جي گورنر طرفان، مصر جي والي (وائسراءِ) محمدعلي پاشا لاءِ ٻه زراف مصر جي گاديءَ واري شهر قاهري پهتا ته قاهري ۾ موجود فرانس جي قونصل جنرل محمدعلي پاشا کي صلاح ڏني ته انهن عجيب جانورن مان جيڪر هڪڙو فرانس جي بادشاهه ”چارلس ڏهين“ کي موڪليو وڃي ته اهو فرانس وارن لاءِ هڪ بي بها تحفو ٿيندو، جو فرانس جي ماڻهن ڪوبه زراف نه ڏٺو آهي. محمدعلي پاشا ان قسم جي مشوري جي رضامندي ڏيکارڻ لاءِ يڪدم هائوڪار ته ڪئي، پر هيڏي وڏي جانور کي فرانس تائين پهچائڻ وڏو مسئلو هو.
هتي ٻه چار سٽون فرانس جي هِن اُن وقت جي بادشاهه ”چارلس ڏهين(Charles X) بابت به لکندو هلان ته هي اهو فرانس جو بادشاهه آهي، جنهن جي حڪومت کان اڳ سندس ڀاءُ لوئيس سورهين جي بادشاهت ۾ فرانس جو مشهور انقلاب آيو هو، جنهن جا ڪيترائي سبب ڄاڻايا وڃن ٿا. جن مان اهم سبب بدتر معاشي حالت هئي. اجاين سجاين لڙائين ڪري ملڪ قرضي ٿي ويو هو. بي روزگاري وڌي وئي هئي. حڪومت ملڪ هلائڻ لاءِ وئي پئي ٽڪئس وڌائيندي. کائڻ پيئڻ جي کوٽ ڪري ماڻهو پريشان هئا، پر حاڪم ۽ انهن جا درٻاري انهن سڀني ڳالهين کان بي خبر، عياشيءَ جي زندگي بسر ڪري رهيا هئا. ايتريقدر جو جڏهن تمام گهڻو وڳوڙ مچي ويو، ماڻهن کي کائڻ لاءِ ٺلهو اٽو به ميسر نه هو ۽ عوام مرڻ مارڻ لاءِ تيار ٿي ويو ۽ اچي بادشاهه جي محلات اڳيان حاڪمن ۽ حڪومت خلاف نعرا هنيا، ته پوءِ محلاتن ۾ رهندڙن کي ٿوري پريشاني ٿي ته، هي ماڻهو رڙيون ڇو پيا ڪن. بادشاهه لوئيس 16 جي راڻي صاحبه مئريءَ پنهنجي وزير باتدبير کان پڇيو ته، عوام رڙيون ڇو پيو ڪري، ته هن ٻڌايس ته هنن وٽ کائڻ لاءِ ڊبل روٽي ناهي، ته راڻي صاحبه وڏيءَ معصوميت مان وراڻيس:
”هنن وٽ ڊبل روٽي ناهي ته پوءِ ڪيڪ ڇو نٿا کائين؟“
بهرحال وڏو گوڙ متو. ڪورٽ جي نوابن امير امرائن سميت 16000 کن ماڻهن جو ڦاهي (Guillotine) دار تي سر ڌڙ کان ڌار ڪيو ويو- ان سان گڏ فرانس جي بادشاهه ”لوئيس 16“ کي 17 جنوري 1793ع تي ۽ ان بعد سندس آسٽريا ۾ پيدا ٿيل راڻي صاحبه مئري جو سر اڏيءَ تي رکي ڌڙ کان ڌار ڪيو ويو. ان وقت سندس عمر فقط 37 سال هئي. چارلس ۽ سندس ٻئي ڀاءُ کي ملڪ بدر ڪيو ويو. نيپولين جي ملڪ ڇڏڻ بعد 1814ع ۾ فرانس جو تخت چارلس جي ڀاءُ حوالي ڪيو ويو، جيڪو ڏهه سال کن تخت تي ويٺو ۽ 1824ع ۾ وفات ڪيائين. جنهن بعد هي ”چارلس ڏهون“ جيڪو ان وقت 67 سالن جو ٿي چڪو هو فرانس جو بادشاهه ٿيو ۽ هي جيڪو پاڻيءَ جي رستي هن بادشاهه ڏانهن زراف وڃي رهيو هو، اها سال 1825ع جي ڳالهه آهي.
مصر جي والي محمدعلي پاشا کي سوڊان جي گورنر جيڪي ٻه زراف موڪليا، انهن مان هڪ کي فرانس موڪلڻ لاءِ قاهري (Cairo) کان مصر جي بندرگاهه سڪندريا (Alexandria) آندو ويو. انهن ڏينهن ۾ نه هيون ٽرڪون نه ريل گاڏيون ۽ هي ڪو جانور رڍ ٻڪري ته هئو ڪونه، جنهن کي ڪنهن گڏهه گاڏي يا ڍڳي گاڏيءَ ۾ ويهاري، ٻئي شهر کڻي وڃجي. زراف جنهن کي انگريزيءَ ۾ جراف (Giraffe) سڏجي ٿو، جيڪو عربي لفظ الزرافة مان نڪتو آهي، وزن ۾1400 کن ڪلوگرام (32 کن مڻ) ٿئي ٿو ۽ قد ۾ 16 کان 18 فٽ ٿئي ٿو. پورٽ سوڊان ۾ اسان جي جهازي ڪمپنيءَ جي مڪاني مئنيجر احمد حارث تغاليءَ وٽ، سندس فارم تي پاليل زراف هو، جنهن جي ڊيگهه 19 فٽ هئي ۽ هن ٻُڌايو ته ان جو وزن 4000 پائونڊ (40 مڻ کن) آهي. زراف جو سائنسي نالوGiraffa Camelopardali آهي، جو هن ۾ اٺ ۽ چيتي جون ڪجهه خاصيتون آهن. تغاليءَ ٻُڌايو ته زراف روزانو 60 کان 80 ڪلو ڪک پن کائي ٿو ۽ ڍڳي يا مينهن وانگر ساڳي کاڌي کي پيٽ مان ڪڍي، وات سان اوڳاريندو رهي ٿو. زراف جهڙي وڏي جانور جي دل ٻه فٽ ڊگهي ٿئي ۽ وزن 10 ڪلو ٿئي- ان حساب سان وهيل مڇي ته اڃا به وڏو جانور آهي، جنهن جي دل هاٿيءَ جيڏي ٿئي. بهرحال جيئن وهيل مڇي سمنڊ جي سڀني جانورن ۾ وڏي ۾ وڏو جانور آهي، تيئن زراف خشڪيءَ جو ڊگهي ۾ ڊگهو جانور آهي. اهو پڻ لکندو هلان ته جتي دريائي گهوڙي، زيبرا، ڍڳين مينهن کي ڪانگن ۽ ڪٻرن جهڙن پکين جي ضرورت پوي ٿي، جيڪي هنن جي مُنهن، ڪنن ۽ نڪن مان جيت ڪڍي کائين، اتي زراف اهو ڪم پنهنجي ڏيڍ فٽ ڊگهي ۽ مضبوط ڄڀ سان ڪري ٿو. سندس ڄڀ ۽ چپ اهڙي ته مٽيريل جا آهن جو وڻن جا زهريلا ڪنڊا به انهن کي نقصان نٿا رسائين.
هي زرافُ، جيڪا مادي هئي، ان کي جهاز رستي وٺي وڃڻ لاءِ ڪجهه ڳالهين جو خيال رکيو ويو. هڪ ته سندس قد 15 فٽ کن هو جنهن ۾ 7 فٽ ڊگهي ڳچي هئي ۽ انهن ڏينهن ۾ ڪپڙي جي سڙهن تي جيڪي جهاز هليا ٿي، سي ڊگها ۽ ويڪرا ضرور هئا، پر ايترا اونها نه هئا جو انهن ڏينهن ۾ اڃا رڊار جهڙا آلا ايجاد نه ٿيا هئا، جن ذريعي معلومات حاصل ڪري سگهجي ته سمنڊ جي تري ۾ ڇا آهي. ڪٿي به ڪا ننڍي ٽَڪري (Hill) يا ڪو چهنبائتو پٿر جهاز کي هيٺان چيري سگهيو ٿي. انهن جهازن ۾ طبقا ضرور هئا پر انهن جون ڇتيون ايتريون مٿاهيون نه هيون، جنهن هيٺ پنڌرهن سورهن فٽن جو زراف بيهي سگهي. جي بلڪل مٿئين ڊيڪ (عرشي) تي ٿا بيهارين ته، ڪنهن به وقت موسم يا سمنڊ خراب ٿيڻ تي جهاز جي پاسيري ٿيڻ تي زراف Unbalance ٿي هيٺ ڦهڪو ڪري سگهيو ٿي. ان ڪري زراف کي هيٺين ڊيڪ تي بيهاري، مٿين ڊيڪ ۾ وڏو سوراخ ڪري، زراف جي ڳچي ان مان ڪڍي ويئي. اهو به چڱو جو زراف اهو جانور آهي جيڪو رڍ ٻڪري يا اٺ وانگر ليٽي نٿو. بيٺو ئي رهي ٿو ۽ زراف اهو جانور آهي جيڪو سڀ کان گهٽ وقت سمهي ٿو. هن لاءِ 24 ڪلاڪن ۾ 15منٽن کان ٻه ڪلاڪ ننڊ ڪافي آهي. زراف جي ڳچي مٿي ڪرڻ لاءِ مٿين ڊيڪ (ڇت) ۾ جيڪو سوراخ ڪيو ويو، ان جي چوڌاري نرم ڪک ۽ ڪپهه ٻڌي وئي، جيئن سندس ڳچي سخت ڪاٺ سان لڳي رهڙجي نه. ۽ پوءِ ان مٿان تارپولين ڪپڙي جو تنبو هنيو ويو، جيئن زراف جو مينهن کان بچاءُ ٿي سگهي. ان بعد ٻيو مسئلو سندس کاڌي خوراڪ جو هو. زراف کي روزانو هڪ مڻ کير جو کتو ٿي، جنهن لاءِ ٽي ڍڳيون ۽ ٻه مادي Antelopes جهاز تي چاڙهيا ويا ۽ ان سان گڏ انهن مڙني جانور لاءِ گاهه پٺو ۽ داڻو کنيو ويو. ڍڳين ۽ ائنٽيلوپن کي ڏهڻ لاءِ هڪ ڌنار کنيو ويو ۽ زراف جي ٽهل ٽڪور ۽ صفائيءَ لاءِ ٽي حبشي غلام جهاز تي چاڙهيا ويا. زراف کي نظر ۽ جادوءَ جي اثر کان بچائڻ لاءِ، ڪئين ساٺ سوڻ ۽ ٽوڻا ڦيڻا ڪيا ويا. ان کان علاوه سندس ڳچيءَ ۾ هڪ تعويذ پڻ ٻڌو ويو.
آخر هن اٽليءَ جي جهاز، مصر جي بندرگاهه سڪندريا مان لنگر کنيو ۽ هفتي ڏيڍ جي سفر بعد، فرانس جي بندرگاهه Marseille ۾ 23 آڪٽوبر 1826ع تي اچي لنگر انداز ٿيو. ٻن ٽنگن ۽ چئن ٽنگن وارا سڀ مسافر خيريت سان لاٿا ويا ۽ کين ٿڪ ڀڃڻ ۽ آرام ڪرڻ لاءِ خاص جاءِ مقرر ڪئي وئي. هاڻ نومبر ٿڌ جو مهينو شروع ٿي چڪو هو ۽ آفريڪا جي گرم موسم جي جانور (زراف) کي يڪدم پئرس بادشاهه سلامت ڏي پهچائڻ بدران، مارسل ۾ ئي سيارو گذارڻ لاءِ ڇڏيو ويو. بادشاهه چارلس ڏهون هن عجيب تحفي کي ڏسڻ لاءِ ته تمام گهڻو بي چين هو. آخر مئي جي مهيني (1927ع) ۾ خاص بندوبستن سان زراف کي، پيرين پنڌ پئرس وٺي هلڻ جو سفر شروع ٿيو. اها هڪ الڳ ڪهاڻي آهي ته ڪيئن هي جانور مختلف منزلون ڪندو، 41 ڏينهن بعد 546 ميلن جو سفر پورو ڪري پئرس پهتو. رستي تي هن جو جتي ڪٿي آڌرڀاءُ ٿيندو رهيو. دعوتون ۽ نمائشون لڳنديون رهيون، جو فرانس جي ماڻهن لاءِ هيڏو وڏو جانور ڏسڻ هڪ نئين ۽ عجيب ڳالهه هئي. چون ٿا ته هي زراف پئرس ۾ خوش ۽ صحتمند زندگي گذاريندو رهيو ۽ زندگيءَ جا 21 سال پورا ڪرڻ بعد 1845ع ۾ هن جو موت ٿيو، يعني ملڪ جي بادشاهه چارلس ڏهين به هن جي اکين اڳيان (سن1836ع ۾) وفات ڪئي.